قاضي مقصود
(قسط ٻين)
مٽياري
مخدوم ميئنڏنو نصرپوري رحه جي فرزندن
جو احوال
(1) مخدوم عبدالله نصرپوريرح:
مخدوم ميئنڏنيؒ جي وڏي فرزند، مخدوم عبدالله
نصرپوريؒ بابت تحفة الڪرام جو اهو بيان مخدوم
ميئنڏني جي بيان ۾ اچي چڪو آهي ته مخدوم عبدالله
علم ۽ سلوڪ جي حوالي سان پنهنجي والد جي نقشِ قدم
تي هو. قريشي حامد علي خانائي صاحب کان مليل روايت
آهي ته سندن ظاهري شڪل و صورت پڻ پنهنجي والد سان
ملندي هئي. خانائي صاحب، قاضي محمد بخش جي قلمي
ڪتاب ۽ مولوي عبدالحق رباني جي حوالي سان ڄاڻايو
آهي ته والد جي وفات بعد مخدوم عبدالله ئي نصرپور
جي قضا جو بار سنڀاليو، (جنهن جو مرڪز دارالقضاء
واري مسجد هو) ۽ مخدوم ميئنڏنيؒ جي قائم ڪيل مدرسي
جو انتظام به پنهنجي هٿ هيٺ رکيو.
مرحوم سائين پير غلام رسول سرهندي مٽيارويؒ جي
لکيل ڪتاب ’انساب نامون‘ جي ٽئين ڀاڱي ۾ لکيل آهي
ته ميان عبدالله نصرپوري، حضرت خواجه صفي الله
قيوم جهان ڪابلي (مجددي سرهندي) جي مشهور خليفن
مان هو. (1)
مولوي قاضي هدايت الله متعلوي پنهنجي ڪتاب ’ڪواڪب
السعادات في شرح مناقب السادات‘ ۾ مخدوم عبدالله
سان منسوب هڪ واقعو لکيو آهي ته ’معتبر حڪايت سچي
روايت معتمدن جي زبانن تي مذڪور ۽ عام مشهور آهي
ته ٻارهين صديءَ جي عالمن عارفن مان حقائق آگاهه
معارف دستگاهه مخدوم قاضي عبدالله عليه الرحمة
پنهنجي نياڻيءَ جي شادي ڪئي ٿي، جنهن جي لاءِ زيور
۽ وڳا وڏي قيمت وارا تيار ڪيا هئائين. اوچتو عقد
نڪاح واري رات خبر پهتيس ته فلاڻو سيد مسڪين به اڄ
پنهنجي نياڻي اٿاري ٿو، مگر مسڪينيءَ جي سببان وٽس
نه ڪو زيور آهي نه ڪو عمدو وڳو. اها ڳالهه ٻڌي
قاضي ممدوح (يعني ساراه لائق) پنهنجي دل ۾ چيو ته
هيءَ ڳالهه ڪيئن ٺهندي جو اڄ رات منهنجي نياڻيءَ
لاءِ ڪيڏي هيج سان ڏيج تيار ٿيو رکيو آهي ۽ سيد
صاحب جي نياڻيءَ لاءِ مسڪيني اهڙي تياري ڪرڻ ڪانه
ٿي ڏي. اها ڳڻتي ڳڻي پنهنجي نياڻيءَ وٽ آيو ۽ انکي
خبر ٻڌائي جواب جو منتظر ٿيو. تان نياڻيءَ محض سچي
نيت ۽ خالص محبت سان چيو ته: ”بابا منهنجو پرڻو
زيورن ۽ وڳي سواءِ به ٺهي ٿو ۽ سيد جي نياڻيءَ جو
نه.... پوءِ ٻنهين پاڻ ۾ اتفاق ڪري اهي سڀ زيور ۽
وڳا سيد صاحب موصوف جي حويليءَ ڏي لڪڇپ ۾ ڏياري
موڪليا ۽ پهچائيندڙ آدميءَ کي ڳالهه لڪائڻ بابت
سخت تاڪيد ڪيائون ۽ ٻنهين شادين جو وقت پورو ٿيو.
پوءِ انهيءَ رات نصرپور ۾ هڪ بيبي صاحبه عابده
زاهده صالحه خواب ڏٺو ته جناب عصمت مآب حضرت
پاڪدامن خاتون جنت خيرالنساءِ بيبي فاطمه زهره
مڪان عاليشان ۾ رونق افروز آهن ۽ قاضي عبدالله جي
نياڻي پنهنجي هنج مبارڪ ۾ وهاري اٿن ۽ سيد صاحب جي
نياڻي پنهنجي ڀرسان. تڏهن خواب ڏسندڙ بيبي صاحبه
ان جو سبب پڇيو. تان جواب ارشاد ٿيو ته هي (يعني
سيد صاحب جي نياڻي) اسانجي نسب جو اولاد آهي، تنهن
کي جوٽ ڀرسان وهاريوسون ۽ هي (قاضي عبدالله جي
نياڻي) اسانجي حب جو اولاد آهي، تنهن کي هنج ۾
جاءِ ڏنيسون. خواب ڏسندڙ بيبي صبح جو قاضي عبدالله
جي گهر هلي آئي ۽ نياڻيءَ کان پڇيائين ته رات يا
ان کان اڳي ڪهڙو چڱو عمل ڪيو اٿئي جو تنهنجي لاءِ
خواب ۾ بشارت ڏٺي اٿم. نياڻيءَ حال لڪايو ۽ چيو ته
والله اعلم. تڏهن بيبي صاحبه وري ساداتن جي
حويليءَ ۾ وئي ۽ ان کان پڇيائين ته قاضي عبدالله
جي نياڻيءَ ڪهڙو چڱو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي لاءِ هن
قسم جي بشارت خواب ۾ ڏٺي اٿم. تان سيد صاحب جي
نياڻيءَ سڄي ڳالهه کولي ٻڌايس. تڏهن بيبي صاحبه
چيو ته بيشڪ اهوئي سبب آهي جو معلوم ٿي رهيم. پوءِ
سارو قصو مشهور ٿي ويو جو اڄ تائين نقل ٿيندو
اچي.“ (2)
مخدوم عبدالله جون فتوائون به سنڌي عالمن جي
فتوائن جي بياض ۾ ملن ٿيون. بياض واحديءَ ۾ نڪاح ۾
ڪفو ۽ غير ڪفو، توڙي آزاد مڪلف عورت جي وارث کان
سواءِ نڪاح ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال تي عرب جي
آڳاٽن معتبر فقهي عالمن سان گڏ سنڌ جي وڏن عالمن
جو نقطهء نظر به پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مولانا
عبدالرئوف مورائيؒ جي حوالي سان مخدوم عبدالله جي
فتويٰ هن ريت ڏنل آهي: ”اهو اڳين عالمن جو مذهب
آهي، پويان عالم ان نڪاح کي هر حال ۾ ناجائز چون
ٿا، ڪفو ۾ هجي يا غير ڪفو ۾. شيخ المشائخ عالم
رباني مخدوم ميان عبدالله نصرپوري عليه الرحمة
فرمائي ٿو ته اسان جي زماني ۾ آزاد مڪلف جو نڪاح
وارث جي اجازت کان سواءِ بلڪل نه ٿيندو. جيتوڻيڪ
اڳين امامن جي مذهب مطابق ان کي جائز چئي چڪا
آهيون، پر هينئر وڏو فساد پئجي ويو آهي. ان ڪري
متاخرين جي قول تي فتويٰ ڏينداسون.“ (3) هن بياض ۾
نڪاح جي حوالي سان ڪجهه ٻين فتوائن تي به مخدوم
قاضي عبدالله جي دستخط ٿيل آهي. (ان لاءِ ڪتاب جا
صفحا 164 ۽ 172 ڏسڻ گهرجن.) هيءَ فتوا حالتن جي
بنياد تي ڏني وئي آهي. ياد رهي ته اڄ اسان جي دور
۾ تعليم عام ٿي چڪي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي مسئلا
آهن، جن جي بنياد تي ڪن حالتن ۾ مٿين روايتن کي
پاسي تي رکندي وارث جي رضا واري معاملي ۾ نرمي
اختيار ڪري سگهجي ٿي. اڄڪلهه جي دؤر ۾ ٿيندڙ ڪورٽ
ميرج ان جو مثال آهن. هن قسم جي فتويٰ ۾ اختلاف
رکندڙ عالم غلط نه چئبا.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويؒ جي هڪ تحرير ’استفتاءِ في
حق الذمي‘ ۾ استفتا ۽ ان جي جواب سان گڏ شيخ
عبدالواحد بوبڪائي، علامه محمد حافظ محمد حسين
المفتي قلعت اڪهمان وغيره کان علاوه مخدوم عبدالله
بن مخدوم ميئنڏنو نصرپوريؒ جوپڻ تائيدي حاشيو لڳل
آهي. (4)
تصوف جي سلسلي ۾ مخدوم عبدالله جي هڪ عربي تحرير
موجود آهي، جيڪا هتي نقل ڪجي ٿي:
تحرير: مخدوم عبدالله بن مخدوم ميئنڏنه نصرپوري:
سلم الله تعاليٰ قلبکم و شرح صدرکم و زکي انفسکم
واَلان جلدکم بلجميع کمالات الروح والسر و الخفي
والاخفيٰ منوط بمتابعة سيد المرسلين عليه وعليٰ
آلـﮧ من الصلواة افضلها و من التسليمات اکملها
فعليکم بمتابعة و متابعة الخلفاءِ الراشدين
الهادين المهديين من بعده فانهم نجوم الهداية
وشموس الولاية فمن شرف بمتابعتهم فقد فاز فوزا
عظيما. و من جبل عليٰ مخالفتهم فقد ضل ضلالا
بعيدا. رعايت ادبي واجتناب از مکروهي اگرچه تنزيهي
باشد فکيف تحريمي بمراتب از ذکر وفکر و مراقبه و
توجه بهتر باشد آري اين امورباآن رعايت واجتناب
اگر جمع شواند فقد فاز فوزا عظيما و بدونه خرط
القتاد. شريعت را اجزاءِ است علم و عمل و اخلاق تا
اين هر اجزاءِ متحقق نشوند شريعت متحقق نشود چون
شريعت متحقق شد رضاءِ حق سبحانه حاصل گشت که فوق
جميع سعادات دنيويه و اخرويه است و رضوان من الله
اکبر پس شريعت متکفل جميع سعادات دنيويه واخرويه
آمد و مطلبي نماند که بما وراءِ شريعت دران مطلب
احتياج افتدهم طريقت و حقيقت که صوفيه باين ممتاز
کشته اند هر دو خادم شريعتند وهم تکميل جزءِ ثالث
که اخلاص است. پس مقصود از تحصيل آن هر دو تکميل
شريعت ست نه امري ديگر و رائي شريعت احوال و
مواجيد و علوم و معارف که صوفيه را در اثناءِ راه
دست ميدهند نه از مقاصد اند بل اوهام خيالات تو بي
بها اطقال اطريقت از جميع آنهاگذشته بمقام رضا
بايد رسيد که نهايت مقامات سلوڪ و جن ست چه مقصود
از طي منازل طريقت و حقيقت ما ورائي تحصيل اخلاص
نيست که مستلزم رضا ست. سلامتي قلب از التفات
بماسواءِ او تعاليٰ و اعمال صالحه که ببدن تعلق
دارند و شريعت باتيان آن امر فرموده هر دو درکار
ست. دعوي سلامت قلب بي اتيان اعمال صالح بدنيه
باطل است همچنان که در اين نشاء روح بي بدن غير
مقصود است، احوال قلبي بي اعمال صالح بدنيه محال
است. بسياري از ملحدان اين وقت بايب قسم دعوي
ادعاء مي نمايند نجانا الله سبحانه عن معتقدااتهم
السوءِ بصدقه حبيبه عليـﮧ الصلواة والسلام و
التحية طريقت و حقيقت خادم شريعتند در تکميل جزءِ
او که اخلاق است حقيقت کار اين است. اما فهم هر کس
اينجا نرسد اکثر عالم بخواب و خيال آر ميدند و
بجوز و مويف؟ اکتفاءِ نمود اند از کمالات شريعت چه
دانند و بحقيقت طريقت و حقيقت چه وارسند اينجا
شريعت را پوست خيال ميلنند و حقيقت را مغز ميدانند
نميدانند که حقيقت معامله چيست ببرهان صوفيه
مغوورند و باحوال و مقامات مفتون هداهم الله
سبحانه سواءِ الصراط. بعضي بالحاد وزندقه دست
بدامن اين توحيد وجودي زدند وهمه را از حق بلکه حق
ميدانند و گردنها خود راز ان ريقه تکليف شرعي باين
حيله ميکشانند و مداهنات در احکام شرعيه مينمايند
و باين معامله خوش وقت و خرسندند واتيان او امر
شرعيه را اگر اعتراف دارند طفيلي ميدانند. مقصود
اصلي ورائي شريعت خيال ميکنند. حاشا و کلا ثم حاشا
و کلا و نعوذبا لله سبحانه من هذا الاعتقاد
السوءِ. طريقت و شريعت عين يکديگراند سرموئي از
مخالفت درميان ايشان واقع نيست فرق اجمال و تفصيل
ست و استدلال و کشف هرچه مخالف شريعت ست مردوساست
کل حقيقة ردته الشريعة فهو زندقه شريعت برجاداشته
طلب حقيقت نمودن کارمردا نيست. رزقنالله سبحانه و
اياکم الاستقامة علي متابعة سيد البشر عليه و عليٰ
آله الصلواة و التسليمات و التحيات ظاهراً و
باطناً. آنچه لابدست و ناچار تصحيح عقائد است اولا
بموجب آراءِ صائبة اهل سنت و جماعت که فرقه ناجيند
و ثانيا اتيان اعمال است بموجب احکام فقهيه بعد از
دانستن آن احکام از فرائض و سنن و واجبات و
مستحبات و حلال و حرام و مکروه و مشتبه. چون اين
دو جناح اعتقادي وڳ عملي ميسر شد اگر توفيق
خداوندي جلشانه مساعدن نمايد ميتواند که بعالم
حقيقت طيران نمايد و بي حصول اين دو بازو طيران و
وصول بعالم حقيقت محال سعدي که راه صفا تو ان رفت
جز وراءِ مصطفيٰ. ثبتنا الله سبحانه واياکم عليٰ
متابعة عليه و عليٰ آلـﮧ الصلواة والسلام. علامت
وصول بحقيقت حق اليقين مطابقت علوم و معارف و آن
مقام است بعلوم و معارف شرعيه و تاسرموئي مخالفت
است دليل است بعدم وصول بحقيقت الحقائق و هر خلافي
که شريعت در علم و عمال از هر که واقع شده است از
مشائخ طريقت مبني برسکر وقت است و سکروقت نمي شود
الا در اثناءِ راه. منتهيان نهاية النهاية راهم
صحو است وقت مغلوب ايشان است حال و مقام تابع کمال
شان. پس متحقق شد که خلاف شريعت علامت عدم وصول
است بحقيقت کاراز مکتوب حضرت ايشان قدس سره و
بحيله وحدت وجود سر از ريقه بندگي ڪشيدن عجب انصاف
است رو از قاعده عقل دو راند پس دور. منشا آن عدم
انقياد و ناکرويدن است باحکام الاهي جل سلطانه و
عدم اعتقاد است بطور نبوت وانکار است از قيامت و
از عذاب و ثواب آن اعاذناالله سبحانه و اياکم عنه.
اهل وحدت وجود که مستقيم الاحوال اند قصص شرع و
تقلب شان در دين مشهور است محتاج نوشتن نيست غاية
الامر شخصي که مغلوب الحال است بايد که خود را
بتکلف بر متابعة نصوص دارد و عمل بنصوص هر چند
خلاف وجدان و کشف اوبود و همواره ملتجا و متضرع
باشد که حقيقت کار کما هو منکشف کرد دو چشم بصيرت
او مکتحل بتراب اقدام انبياءِ و صحابه بود عليهم
السلام و رضي الله عنهم اي کار درست است کنون
ناگوارشد.
حق سبحانه و تعاليٰ ظاهر و باطن و بمتابعت سنة
سنيه مصطفويه عليٰ صاحبها الصلواة والسلام والتحية
متحلي و متزين کرداند بحرمت النبي والـﮧ الامجاد
عليه و عليهم الصلواه والتسليمات. محمد رسول الله
صلي الله تعاليٰ عليـﮧ وآلـﮧ وسلم محبوب رب
العالمين است هر چيز که خوب و مرغوب است اخر براءِ
مطلوب و محبوب است. لهذا حق سبحانه تعاليٰ در کلام
مجيد مي فرمايد انڪ لعليٰ خلق عظيم. وباطن متمم
ظاهر است و مکمل. آن سرموئي بايکديگر مخالفت
ندارند. پس في الحقيقت باطن که طريقت و حقيقت است
متمم و مکمل ظاهر آمده که شريعت است. پس سالکان
سبيل طريقت و حقيقر را اگر در اثناءِ راه اموري که
بظاهر باشريعت درجنگند ظاهر شوند و ظاهر سازند
مبني برسکر وقت و غلبه حالت است. اگر ازان مقام
گذرانند وبصحو آرند آن منافات بالکليه مرتفع مي
شود و آن علوم متناده بتماد هباءِ منثورامي گردد.
2. مخدوم عبدالحق نصرپوريؒ:
مخدوم عبدالحق پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضل ٿي
گذريو آهي، جنهن جون فتوائون مشهور آهن. سندس لکيل
صحيح بخاريءَ جي شرح جو ذڪر ڪتابن ۾ ملي ٿو. قريشي
حامد علي خانائي صاحب، قاضي محمد بخش جي قلمي بياض
جي حوالي سان لکيو آهي ته ”مخدوم ميان عبدالحق،
مخدوم ميئنڏني جو ٻيون نمبر فرزند هو. پاڻ وڏو
بزرگ ۽ اعليٰ مقامات جو صاحب هو. شريعت ۽ حقيقت جو
جامع هو. الاهي محبت جي جذبي سان هميشه سرشار
رهندو هو. مخدوم صاحب زهد ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾ پڻ
اڳرو هو. پنهنجي وڏي ڀاءُ مخدوم عبدالله جي فوت
ٿيڻ کانپوءِ نصرپور شهر جو قاضي ٿيو. سندس وفات جي
تاريخ ۽ سن جي معلومات ڪانهي.“
مخدوم عبدالله نرئي واري جي سهيڙيل خطن جي مجموعي
مان خبر پئي ٿي ته جڏهن مخدوم شيخ عبدالحق وفات
ڪئي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽويؒ جو فرزند عبداللطيف
ٺٽي مان فاتح لاءِ نصرپور آيو. جنهن جو ذڪر مخدوم
محمد ابراهيم بن مخدوم عبداللطيف، مخدوم عبدالله
نرئي واري جي سهيڙيل پنهنجي هڪ خط ۾ ڪيو آهي. خط
جا لفظ هن طرح آهن ته بحرالعلوم الشيخ عبدالحق ابن
العالم الشهير والعارف الکبير المخدوم المرحوم
ميدنه نصرپوري رحمته الله تعالي عليه الذي توفي في
هذه الايام وسلم روحه الکريم الي الملک
السلام....“ (5)
مون نصرپور جي عالماڻين کان ٻڌو ته انهن جو وڏو
ڏاڏو عبدالحق دارالقضاءِ واري مسجد جي احاطي ۾
مدفون آهي. قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته: ”عام
طرح سان اهو چيو وڃي ٿو ته مخدوم عبدالحق (ثاني)
گراڻن جي ’دارالقضا واري مسجد‘ ۾ دفن ٿيل آهي.
ليڪن ميرزا قربان علي مغل ۽ حڪيم قاضي ميان محمد
بخش جي روايت مطابق انهيءَ مسجد ۾ مخدوم عبدالحق
(اول) مدفون آهي ۽ مخدوم (عبدالحق (ثاني) بن مخدوم
ميئنڏنو پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. وڌيڪ
الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو.“(6) ياد رهي ته مخدوم
عبدالحق اول جو نالو مخدوم عبدالحق ثاني تي رکيل
آهي.
هن بزرگ تي جن به محققن، علامه غلام مصطفيٰ
قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ تحقيق ڪئي آهي، انهن مخدوم
عبدالحق کي عالماڻي لکيو آهي. حالانڪ نصرپور جا
عالماڻي خود مخدوم عبدالله ۽ مخدوم عبدالحق جي
اولاد مان آهن، پر اهي عالماڻي ڪافي پوءِ سڏجڻ
لڳا. سندس اولاد مان هڪ شاخ انگريزن جي دور ۾
مٽياريءَ ۾ لڏي آهي، جنهن مان آخوند قاضي محمد
رحيم سڄي هندستان ۾ خلافت تحريڪ جو پهريون شهيد
ٿيو. جنهن تي لکيل منهنجو مقالو ٽماهي ’مهراڻ‘ جي
2021ع جي چوٿين شماري ۾ شايع ٿيل آهي. جڏهن ته ان
جو ذڪر پير آقا غلام مجدد سرهندي تي لکيل منهنجي
ڪتاب ’پير آقا غلام مجدد سرهندي‘ ۾ به ڏسي سگهجي
ٿو.
3. مخدوم نورمحمد نصرپوريرح:
عالم، فاضل، فقيهه، صوفي، مخدوم نورمحمد نصرپوري،
مشهورالمعروف سلطان العلماءُ مخدوم ميئنڏني
نصرپوريءَ جو ٽيون فرزند هو. مخدوم صاحب جي استادن
۾ ٻن تمام مشهور عالمن جا نالا اچن ٿا. هڪ مخدوم
محمد قائم ٺٽويؒ ۽ ٻيو مخدوم محمد هاشم ٺٽويؒ.
ميرعلي شير قانع، مخدوم نورمحمد کي فقط مخدوم محمد
قائم ٺٽويءَ جي شاگرد ڄاڻايو آهي. لکي ٿو ته ”ميان
نورمحمد طالبعلم: مخدوم حاجي محمد قائم جو شاگرد،
فقيهي فضيلتن ۽ علمي ڪماليتن ۾ پنهنجي وقت جو وڏو
رهبر آهي. ڪجهه عرصو ميان غلام شاهه خان جي لشڪر ۾
قضا جي عهدي تي سرفراز هو.“ (7)
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب وري مخدوم محمد
عثمان مٽيارويءَ جي ذڪر ۾ مخدوم نورمحمد کي سڌو
سنئون مخدوم محمد هاشم جو شاگرد ڄاڻائيندي لکي ٿو
ته: ”مخدوم محمد عثمان (متعلوي) سنڌ جي قديم علمي
شهر نصرپور ۾ مخدوم نورمحمد نصرپوريءَ کان تعليم
حاصل ڪئي. مخدوم نورمحمد سنئون سڌو مخدوم محمد
هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو.“ (8)
حقيقت ۾ مخدوم نورمحمد نصرپوري انهن ٻنهي عالي
مرتبت بزرگن کان استفادو حاصل ڪيو هو، جنهن جو
ثبوت ميان قاضي لعل محمد مٽيارويءَ جي هٿ اکرن ۾
لکيل مخدوم محمد عثمان قراني ڀنڀري جي استادي
سَنَدَ جي صورت ۾ محفوظ آهي، جنهن ۾ ٻنهي عالمن کي
هن طرح مخدوم نورمحمد جو استاد ڄاڻايو ويو آهي:
(9)
بسم الله الرحمان الرحيم. الحمدلله رب العالمين
والعاقبة للمتقين والصلواة والسلام علي اشرف
المرسليم سيدنا ومولانا محمد وعليٰ آله واصحابه
واتباعه واحبابه اجمعين اما بعد فلما من الله
تعاليٰ علي الفاضل الڪامل العالم العامل جامع
الفضائل حاوي الفواضل المولوي محمد عثمان القراني
باکتساب العلوم منطوقها والمفهوم وفرغ عن التحصيل
وبلاغاته الڪامل والتکميل ارادت ان اذکرله سند
اساتيذي في العلوم الدينيته بحق قراتي لها علي
استاذنا العلامته البحر الفهامته البرکت مولانا
الحاج الحافظ عبدالولي ابن المرحوم العلامه الحافظ
عبدالغفور وهو اخذ عن الحاج عبدالغني وعن العلامه
الدراڪ آخوند هارون والاول اخذ عن العلامه البرکت
مولانا الحاج عبدالڪريم المخدوم المرحوم وهو و
آخوند هارون اخذا عن العلامه البرکت من القدوه
الزبده مولانا المخدوم المعظم المکرم المخدوم محمد
عثمان وهو اخذ عن اساتذته الفضلاءِ الکملاءِ منهم
العلامة الفهامه المحدث المسند الشيخ نورمحمد
النصرپوري وهواخذعن شيخيه مولانا الشيخ الحاج محمد
هاشم التتوي والشيخ محمد قائم التتوي...........
هن سَنَدَ جي بنياد تي ائين چئي سگهجي ٿو ته مخدوم
نورمحمدؒ ٻنهي بلندپايه بزرگن کان فيض پرايو هو.
اها ئي راءِ مولانا دين محمد وفائيءَ به قائم ڪئي
آهي. پاڻ لکي ٿو ته ”(مخدوم عثمان) شروع ۾ پنهنجي
شهر جي فاضلن کان علم حاصل ڪندو رهيو. تنهن
کانپوءِ نصرپور جي مشهور عالم ۽ محدث صوفي نورمحمد
نصرپوريءَ وٽ سمورن علمن جي تڪميل ڪرڻ فرمايائين.
اهو مخدوم نورمحمد، جو شاگرد آهي مولانا مخدوم
حاجي محمد هاشم ۽ مخدوم محمد قائم ٺٽويءَ جو، جن
جي شهرت بيان کانسواءِ عيان آهي.“ (10)
وفائي صاحب، مخدوم نورمحمد جي هيئتدانيءَ جي باري
۾ لکي ٿو ته ”ڏسجي ٿو ته ان زماني ۾ نماز جي اوقات
معلوم ڪرڻ لاءِ علم هيئت جو ڄاڻڻ ۽ موسمن جي تبديل
۽ سج جي جدا جدا برجن ۾ تحويل جو علم ضروري رهيو
آهي. مخدوم محمد قائم ٺٽويءَ جو، سج جي تحويل تي
هڪ عمدو نظم آهي، جنهن مان سندن نجوم ۽ هيئت جي
ڄاڻ جو پتو پوي ٿو، جنهن کان اهو علم مخدوم عثمان
جي استاد مخدوم نورمحمد نصرپوريءَ وٽ پهتو. جتان
هن بزرگ کي ورثي ۾ مليو.“ (11)
عمدة المقامات جي مؤلف، قيوم جهان شاهه صفي الله
مجددي سرهنديءَ جي خليفن جا نالا ڄاڻايا آهن، جن ۾
مخدوم نورمحمد نصرپوريءَ جو نالو پڻ شامل آهي.
(12)
مخدوم نورمحمد جي وفات به ٻارهين صديءَ جي آخر ۾
ٿيل ٿي ڏسجي. سندس پنج فرزند ٿيا. جن جا نالا هي
آهن. (1) مخدوم قاضي محمد باقر (2) مخدوم قاضي
متقي (3) مخدوم قاضي نصير محمد (4) مخدوم قاضي
محمد رفيع حڪيم (5) مخدوم قاضي عبدالڪريم.
انهن مان مخدوم قاضي محمد رفيع جو فرزند قاضي رحمت
الله عرف ميون ابوبڪر، مخدوم عبدالڪريم جي زور ڀرڻ
تي مٽياريءَ ۾ اچي رهيو. جيئن ته ٻيا قاضي خاندان
موجوده قاضي محلي ۾ آباد هئا، جيڪو پيرزاده محلي
جو حصو آهي. جڏهن ته پاڻ عزازت جي ڪري ميرحسن محلي
۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ الهڏني ساند ناڪي وٽ مسجد
ٺهرايائين، جتي مدرسو هلائيندو هو. اها مسجد قاضين
واري مسجد يا سندس فرزند جي نالي پويان قاضي حفيظ
واري مسجد سڏبي هئي، جنهن جي دور ۾ اها تڪميل کي
پهتي. هن وقت اها مسجد ’حاجي هاشم ميمڻ واري مسجد‘
جي نالي سان سڏجي ٿي.
مخدوم نورمحمد نصرپوريؒ جون فتوائون سنڌ جي ڪيترن
ئي علمي بياضن ۾ موجود آهن، جن مان ڪجهه هتي پيش
ڪجن ٿيون.
سوال: ڇا ٿا فرمائين علماءَ ڪرام هن مسئلي ۾ ته
خالد نالي هڪ شخص ڪا مقرر رقم زيد نالي هڪ ذميءَ
(ڪافر) کان قرض طور ورتي ۽ اهڙو اقرار نامو مذڪوره
قرض جي باري ۾ زنده ۽ حال حيات قاضي صاحب جي مهر
سان لکارائي لهڻيدار مذڪور کي حوالي ڪري ڇڏيو.
هاڻي انهيءَ لهڻيدار جي وفات کان پوءِ باوجود هن
جي ته اقرار نامو ان جي وارثن جي هٿن ۾ موجود آهي،
انهيءَ صورت ۾ جيڪڏهن خالد مقروض پنهنجي حال
حياتيءَ ۾ يا ان جي وفات کان پوءِ سندس وارث دعويٰ
ٿا ڪن ته اها رقم اسان حوالي ڪري چڪا آهيون ۽
انهيءَ رقم ڏيڻ واري دعويٰ تي هُو شاهد نه ٿا پيش
ڪري سگهن. هوڏانهن زيد ذميءَ جا وارث رقم جي
وصوليءَ کان انڪار ٿا ڪن. ۽ قسم به نه ٿا کڻن ته
شرعي طور تي رقم پهچائڻ جي دعويدارن (خالد يا ان
جا وارث) تي احتياطن قسم لازم ايندو يا نه؟
جواب: شرعي طور احتياطن رقم ڏيڻ جي دعويدارن تي
قسم لازم آهي، جيئن اها ڳالهه بحر رائق مان سمجهه
۾ اچي ٿي. وهو تعاليٰ اعلم. (13)
حلال جانورن جو پِس کائڻ حلال آهي، پر ڪي حالتون
اهڙيون به آهن، جن ۾ پس کائڻ حلال نه ٿو رهي. سنڌ
جي ڪن عالمن ”فتاوايٰ ابراهيم شاهي“ جي حوالي سان
فيصلو ڏنو ته ڪاڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن پس زردو ٿي
وڃي ته مڪروهه آهي ۽ جي ڪارو ٿي وڃي ته اهو حرام
آهي. ان سلسلي ۾ مخدوم نورمحمد نصرپوريءَ واضح ڪيو
ته ”فتاويٰ ابراهيم شاهي“ ۾ اهڙي ڪابه فتوا ڏنل
ڪانهي. مخدوم محمد عثمان مٽيارويءَ(14) پنهنجي
استاد مخدوم نورمحمد نصرپوريءَ جي ان فتويٰ کي
برقرار رکيو ته رڳو رنگ تبديل ٿيڻ سان پس حرام نه
ٿو ٿئي، جيستائين ان جو ٻيو ڪو سبب معلوم نه ٿئي.
’مصلح المفتاح‘ ۾ اها فتويٰ هنن لفظن ۾ بيان ڪيل
آهي ته:
پس پڻ حلال آهي سڀ ڪنهن حلال حيوان جو بيشڪا
سو کاڌپ پڻ پيغمبر ڪريمؐ جو سڳورو سڀنئا
جيتوڻيڪ ڳاڙهو ڪِ زردو نڪري ته پڻ آهي درستا
پر ايءُ تڏهن، جڏهن ٻيو مرض معلوم نه ٿئي حيوان ۾
ڪو اصلا
”جي ڳاڙهو ڪِ زردو ڪنهن ٻئي مرض جي سبباب ٿئي ته
ناهي حلالا
ايءُ مذڪور پڻ آندو مخدوم محمد هاشم ”فاڪهة
البستانا“
پر جي ”نهايا“ “ آهي ته جي پس ۾ چيڙهه گهڻو هوندو
ته نه آهي درستا
تنهن کي پڻ والد استاد (36) جي رد ڪيو منجهه تحرير
تحقيقا
انهيءَ طرح آهي جو نقل ڪن ڪنان ”فتاويٰ ابراهيم
شاهيا“
تنهن کي والد استاد جي ڀڳو چئي نه آهي ان پر منجهه
”ابراهيم شاهيا“
نقل ڪيائون مخدوم نورمحمد کان هن پر هويدا
ته نسخي ۾ ”ابراهيم شاهي“ جي نهاريائونس ته نه هو
ان طرحا
تڏهن سو مطلق حلال آهي جي ڪارو ٿئي ڪِ پڻ زردا.
(15)
حوالا:
(1)
انساب نامه ذڪر آل مجدد الف ثاني، مئي لف حضرت
مولانا پير غلام رسول سرهندي صاحب مٽيارويؒ، صفحو
165، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ، ڇاپو 2009ع. عمدة
المقامات ۾ حضرت قيوم جهان خواجه صفي الله جي
سمورن خليفن جو ذڪر ڪيل آهي، پير صاحب اها سموري
عبارت پنهنجي ڪتاب ۾ ترجمو ڪري شامل ڪئي آهي. جنهن
۾ مخدوم نورمحمد نصرپوري ۽ مخدوم عبدالله
نصرپوريءَ جو ذڪر صفحي 391 تي ڪيل آهي.
(2)
مولوي هدايت الله ’مشتاق‘، ’ڪواڪب السعادات في شرح
مناقب السادات‘، ڀاڱو ڇهون، صفحو 192، 193.
(3)
مخدوم عبدالواحد سيوستاني، ’بياض واحدي‘، ڀاڱو
ٻيو، صفحو 139، 141 سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال
2006ع.
(4)
حرمين شريفين جي قديمي ڪتبخانن ۾ سنڌي عالمن جا
قلمي ڪتاب، مصنف عبدالقيوم السنڌي، ماهوار ’السنڌ‘
اسلام آباد شمارو 93، نومبر 2002ع صفحو 22.
(5)
هيءُ حوالو 1994ع ۾ قاسمي صاحب وٽ قلمي حالت ۾
اتاريل نسخي تان ورتل آهي. خطن جو اهو مسودو سال
2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران ’جامع
الکلام في منافع الانعام‘ جي نالي سان شايع ڪرايو
ويو آهي. ڇاپي نسخي ۾ ڄاڻايل تحرير هن ريت ڏنل آهي
”....نااجل فاتحة المخدوم المرحوم الغائص للعلوم
الشيخ عبدالحق ابن العالم الشهير العارف الڪبير
المخدوم المرحوم ميدنه النصرپوري رحمة الله تعاليٰ
توفي في هذه الايام وسلم روحه الکريم المکل
السلام....“
(6)
قريشي حامد علي خانائي، ’تاريخ نصرپور‘، صفحو 316،
ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ،
حيدرآباد، 2014ع.
(7)
ميرعلي شير قانع، ’تحفةالڪرام‘، صفحو 401، سنڌي
ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيو، سال 1989ع.
(8)
الرحيم مشاهير سنڌ نمبر 3-4، 1969ع، صفحو 30،
ڇپائيندڙ شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد.
(9)
اها سند مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس ولد محمد قاسم
السندي ڪنڊياروي کان ملي.
(10)
مولانا دين محمد وفائي، ’تذڪره مشاهير سنڌ‘، صفحو
200- 201، ڀاڱو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،
سال 1985ع.
(11)
مولانا دين محمد وفائي، ’تذڪره مشاهير سنڌ‘، ڀاڱو
پهريون، صفحو 203، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال
1985ع.
(12)
اهو مواد ’انساب نامه ذڪر آل مجدد الف ثاني‘، مولف
جناب پير غلام رسول سرهندي صاحب مٽياروي رحه، صفحو
391، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ. ڇاپو 2009ع، ۾ جيئن جو
تيئن ترجمو ڪيل آهي.
(13)
بياض قلمي بعنوان ’دفينة المطالب‘، مخدوم محمد
مواد سيوهاڻي، موجود در مڪتبة الملڪ عبدالعزيز،
نزد مسجد نبوي مدينة المنوره.
(14)
سيد علي محمد شاهه دائرائيءَ جي استاد مخدوم
عبدالڪريم مٽياري ثم مڪي هو، جنهن جو والد مشهور
معروف عالم مخدوم محمد عثمان مٽياروي هو. جنهن جو
هتي ذڪر ڪيل آهي.
(15)
علي محمد شاهه دائرائي، ’مصلح المفتاح‘، صفحو 197،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 2004ع.
ثناءُالله مجاهد/محمد عثمان عباسي
چنيهاڻي
سنڌ ۾
اسلامي ثقافت جا مرڪز
ڪنهن ملڪ جا تعليمي ادارا ان ملڪ جي تهذيب ۽ ثقافت
جي لاءِ سرچشمي جي حيثيت رکندا آهن. انهن تعليمي
ادارن جي تعليم ۽ تربيت سان تيار ٿيل ماڻهو نڪرندا
آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي مزاج طبيعت جي مطابق فڪر
۽ عمل جي مختلف ميدانن جي چونڊ ڪندا آهن، هي تعليم
۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف، سهيڙ، مرتب ڪرڻ علمن ۽
فنن، معاشرتي اصلاح ۽ ترقيء جا مختلف ميدان هوندا
آهن، جيڪڏهن هڪ شخص کي عملي زندگيءَ جي ضرورتن ۽
حالتن جي ترقي ۽ تنزل، تعليمي ادارن کان گهڻو پري
ڪري ڇڏيندو آهي. اهو شخص پنهنجي عمل ۽ ڪوشش،
پنهنجي فڪر، تجربي، پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي سان
زندگيءَ ۾ پنهنجي چونڊ ۽ پسند واري پاسي کي
مالامال ڪري ڇڏيندو آهي. ڪنهن وقت هڪ شخص سڄي ملڪ
۽ قوم جي ذهني ۽ فڪري حالتون ۽ ملڪ جي قسمت مٽائي
ڇڏيندو آهي ۽ ان جي شخصيت هن جي فڪر ۽ خدمتن مان
سڃاتي ويندي آهي، پر فڪر ۽ عمل جي ڪنهن دائري ۽
زندگيءَ جي ڪنهن پستي ۾ يا ڪنهن بلنديءَ ۾ ان جو
رشتو، ان پهرين تعليمي اداري سان نه ٽٽندو، جنهن
مان هن زندگيءَ جو پهريون سبق حاصل ڪيو هو.
تعليمي ادارن جو فيض- فائدو:
جڏهن شروعاتي تعليمي ادارن جا فارغ ٿيل سڳورا
زندگيءَ جي مختلف گوشن ڪنڊن ۾ پنهنجي فڪر ۽ عمل
سان انقلاب پيدا ڪري ڇڏيندا آهن ته ان سان ان ملڪ
جي هڪ نئين تاريخ جنم وٺندي آهي. هڪ تهذيب ۽ ثقافت
پيدا ٿيندي آهي، علمن ۽ فنن جي ترقيءَ جون نيون
راهون کلنديون آهن. ان ملڪ جي هيءُ تاريخ، تهذيب،
ثقافت، تعليم، علم ۽ فن جيئن ته هڪ خاص ماحول ۾ ان
قوم جي مخصوص ذهني، فڪري ۽ سماجي روايتن جي مطابق
ترقيء جون منزلون طئه ڪندي اڳتي وڌندا آهن. انڪري
انهن تي هن قوم جي ذهن، فڪر ۽ روايت جي اهڙي مهر
لڳي ويندي آهي، جو اهي هن قوم جي لاءِ چونڊيل ٿي
ويندا آهن ۽ آهستي آهستي قوم جي سڃاڻپ ٿي پوندا
آهن. انجي علم فڪر، تهذيب ۽ ثقافت جي هيءَ روايت
پنهنجي محدود ملڪي ۽ علاقائي دائري مان نڪرندي آهي
۽ ان قوم جي ذهني ۽ فڪري خاصيتن جي مطابق دنيا جي
مختلف گوشن ۾ پکڙجندي آهي.
اسلامي ثقافت جو پهريون ادارو:
اسلام ۾ تعليم ۽ تدريس جو پهريون مرڪز مسجد نبوي
هئو. اسلام جي ان پهرين جهولي تهذيب ۾ حضور اڪرم ﷺ
جن جي تعليم ۽ تربيت سان ذهن ۽ فڪر جي اعليٰ خصلتن
۽ سهڻاين سان جيڪي ماڻهو تيار ٿيا. انهن ۽ پوءِ
انهن جي پيروڪارن پنهنجي ارادن ۽ خيالن سان نه فقط
پنهنجي چوڌاري جي ملڪن کي متاثر ڪيو انکانسواءِ
وڏو کنڊ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن کانسواءِ يورپ ۽
ايشيا جي وڏن کنڊن ۾ رهڻ وارين قومن ۾ به تعليم و
تهذيب، علمن ۽ فنن جي گڏ ڪرڻ، تصنيف ۽ تاليف، فڪر
معلومات ۽ ثقافت جي واڌاري ۽ ترقيءَ جي هڪ مستقل
تحريڪ هلچل پيدا ڪري ڇڏي، جيڪا صدين کان موجود ۽
جيتوڻيڪ مسلمانن جي پنهنجن خيالن ۽ ارادن ۾ اها
بلندي ۽ ذهن و دماغ جي بهتري ۽ عظمت باقي نه رهي،
پر انهن جيڪا شمع روشن ڪئي هئي اها روشن آهي ۽ اڄ
به دنيا کي روشن ڪري رهي آهي. هيءَ به حقيقت آهي
ته هاڻي هن تحريڪ مختلف ملڪن ۽ مختلف قومن ۾ انهن
جي اثرن کي هن درجي قبول ڪري ورتو آهي ۽ قومن جي
مزاج، خيالن ۽ روايتن جي ان تي ايتري گهري ڇاپ لڳي
چڪي آهي، جو هاڻي ان جي صورت به سڃاڻي نٿي سگهجي ۽
فقط مشاهدي مان ان جي اصل جي سڃاڻپ ۽ ان جي سرچشمي
جي نشاندهي ممڪن نه رهي آهي، پر حقيقت اها ئي آهي
جو موجوده دؤر جي علم تهذيب، تحقيق ۽ سائنس ۽ وڌيڪ
قسم جي ترقين جو بنياد مسلمانن جي ارادن ۽ خيالن
پهچائي هئي.
سنڌ ۾ اسلامي ثقافتي تحريڪ جي شروعات (پهريون دور)
سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي تعمير ۽ انجي واڌاري ۾ به
هن جي تعليمي ادارن جو نهايت وڏو حصو آهي. انجي
ترقيءَ کي سمجهڻ جي لاءِ سنڌ جي تاريخ جي مختلف
دؤرن تي نظر وجهڻي پوندي. سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جو
پهريون دؤر اهو هئو، جڏهن سنڌ جي مرڪزي مقام ٺٽو
قرطبه ۽ بغداد ٿيل هو. سنڌ جي وڏن شهرن کان وٺي ان
جي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن تائين ۽ تدريس جون مسندون
سينگاريل هيون. هيءُ دؤر سنڌ ۾ مسلمانن جي اقتدار
کان شروع ٿئي ٿو.
پهرين صدي هجري:
سنڌ ۾ پهرين صدي هجريءَ جي آخر ۾ محمد بن قاسم جي
اچڻ سان ئي تعليمي مرڪزن جو قائم ٿيڻ شروع ٿي ويو
هو، پر ان وقت جي مدرسن جي هيءَ صورت نه هئي، جيڪا
اڄ اسانکي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. علمي، ديني شخصيتن جي
رهائش جي جاءِ يا انجي ويجهوئي ڪا مسجد يا ڪنهن
بزرگ جي خانقاهه تعليم ۽ تدريس جو مرڪز هوندي هئي.
انهن شخصيتن جو علمي وجود اڄڪلهه جي يونيورسٽين
جون سڀئي ضرورتون پوريون ڪندو هو. هيءُ شخصيتون ڪن
وقتن تي مقامي طور تي ۽ ڪن وقتن تي پري پري وارن
علائقن تائين مرڪزيت ۽ ٺڪاڻي جو مقام حاصل ڪري
وٺندا هئا.
سنڌ ۾ اسان کي پهرين علمي شخصيت عبدالرحمان سنڌيءَ
جي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جيڪو حضرت انس رضه جو شاگرد هو ۽
تابعين ۾ انجو شمار ڪيو وڃي ٿو، پر ان جي حالات تي
پردو پيل آهي. ان کان هڪ حديث به روايت ٿيل آهي ۽
”بلغواعني ولو آيـﺔ“ يقين ڪرڻ گهرجي ته ان اهل
حديث جي نقل وروايت ۽ پهچائڻ، تبليغ ۾ ڪوتاهي نه
ڪئي هوندي. انڪري هي قياس نٿو چئي سگهجي ته ان کان
ڪيترن ئي ماڻهن حديث کي سکيو هوندو، ديني تعليم
حاصل ڪئي هوندي، تعليم جي واڌاري ۽ دين جي اشاعت
جو سبب ٿيا هوندا.
ليڪن تابعين جي مقدس جماعت سان تعلق رکڻ واري هڪ
شخصيت اهڙي به هئي جنهن جو شمار ٻي صدي جي فقهاء
اڪابر هند ۾ ڪيو ويو آهي. انجو نالو يزيد بن
عبدالله قريشي بپسري سنڌي هو، ان جي باري ۾ تفصيل
سان هيءُ ذڪر آهي ته محدثن جي هڪ جماعت ان کان
حديث روايت ڪئي آهي. اهڙي طرح هي ڳالهه ثابتيءَ کي
پهچي وڃي ٿي ته انجو وجود گرامي پنهنجي وقت ۾ علمي
۽ ديني رجوع ڪندا هئا. جيئن ته اڄڪلهه اصطلاح ۾
انکي ڪنهن مدرسي جو مسند تي ويٺل نه چئي سگهجي.
ان ئي زماني ۾ اسان کي سنڌ جي هڪ نئين مسلم عالم
جي خبر پوي ٿي، جيڪو تاريخ ۾ ”مالائي اسلام ديبلي“
جي لقب سان مشهور آهن. ديبل جو رهڻ وارو هئو. انجي
علمي ۽ ديني شوق جو ذڪر تاريخ ۽ تذڪرن ۾ ملي ٿو،
انجو وجود گرامي به پنهنجي زماني ۾ علمي مرڪزيت جي
ذميواري قبول ڪندڙ هو. ان کان ڪيترن ئي ماڻهن دين
جو علم سکيو ۽ انجي ڪري سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ ۽
اشاعت ۾ گهڻي مدد ملي. پهرين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي
علمي، ديني ۽ ثقافتي تحريڪ جي باري ۾ مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي صاحب لکن ٿا:
”سنڌ ۾ اسلام جون برڪتون پهرين صدي هجريءَ ۾ ئي
پهچي چڪيون هيون ۽ هتي جي ماڻهن اسلامي علمن جي
خزانن سان پنهنجي دل ۽ نظر جي جهوليءَ کي ڀري ورتو
هو نه فقط برصغير ۾، پر ڀر پاسي جي ٻين ملڪن ۾ به
پنهنجي هڪ سڃاڻپ پيدا ڪري ورتي هئي. علمن ۽ نامور
ماڻهن اسلامي درس وتدريس ۽ تبليغ اشاعت ۾ نهايت
سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪري ڏنو هو.“
ٻي صدي هجري:
ان کانپوءِ ٻي صدي هجريءَ ۾ اسان کي ڪيتريون ئي
ديني شخصيتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهن مان ٻه شخصيتون
اهڙيون آهن، جن جي علم فقه جو ذڪر ملي ٿو، انهن
مان هڪ عبدالله بن محمد علوي آهن جنهن کي نهايت
وڏو فقيهه ۽ محدث چيو ويو آهي ۽ ٻي شخصيت مڪحول بن
عبدالله سنڌي هو، جنهن کي حديث ۽ فقه ۾ امام السند
والشام جو لقب ڏنو ويو هو. انهن جي ڪري سنڌ ۾
اسلامي علمن جو واڌارو، اشاعت ۽ اسلام جي تبليغ ۾
وڏي مدد ملي. انهن کانسواءِ عبدالرحيم بن حماد
ثقفي ديبلي، فتح بن عبدالله سنڌي، نجيح بن
عبدالرحمان سنڌي مدين جو ٺڪاڻو هئا.
ان کانپوءِ جي دؤر تي سرسري نظر:
اهڙيءَ طرح سنڌ جي تاريخ تي جيتري ڊگهي نظر ڪندا
ويندو ۽ قدم اڳتي وڌائيندا وڃو، علمي مجموعن ۽
تعليم درس تدريس جو سلسلو وڌي رهيو آهي. مسجدن ۾
ميڙن کانسواء اسلامي علمن جي شوقينن جي رش هئي.
وڏيون مسندون به درس تدريس سان سينگاريل هيون،
قرآن حديث جي بلند پائي جي استادن جي قال الله ۽
قال الرسول جي جهونگارن سان فضا گونججي رهي هئي.
فقه، علم الڪلام ۽ منطق جا نقطا بيان ڪيا ويندا
هئا. علم جي شوقينن جو سمنڊ هئو، جيڪو سنڌ جي وڏن
وڏن شهرن ڏانهن جٿن جا جٿا اچي رهيا هئا، اسلامي
رسمن جي طالب علمن جون جماعتون هيون. جيڪي تعليم
فرمان ۽ تعليم تبليغ جي لاءِ مختلف علائقن ۽ شهرن
جو رخ ڪري رهيون هيون. سنڌ جا شهر بغداد ۽ قرطبه
جو مثال ٿيل هئا. سنڌ صاحب علم حديث، فقيهه حضرات،
مفسر قرآن حڪيم جي علمي تنبيهن سان سڄي دنيا ئي
اسلام گونججي رهي هئي.
جيڪڏهن اڪابر فقهاء ۽ محدثن جو شمار ڪيو وڃي ته
انهن جو تعداد سون کان وڌي هزارن تائين پهچي ٿو.
ٻين علم وارن، اديبن، شاعرن، صوفين ۽ ٻين ديني
بزرگن جي خدمتن جو تعارف ته جدا رهيو، انهن جي
نالن جو ڳاڻيٽو به مشڪل آهي.
سنڌي ثقافت جو ٻيو دور:
هن دؤر ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تهذيب ۽ ثقافت جا
بنياد مضبوط ٿيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي انهن تي عاليشان
محل عمارتون تعمير ٿيا ۽ سنڌ جي تهذيب ثقافت
پنهنجو جدا رنگ اختيار ڪري ورتو. ان برصغير جي
ثقافتن ۾ سڃاڻپ فرق پيدا ڪري ورتو. هيءُ دؤر اهو
هو جنهن ۾ سنڌ ۾ هڪ ثقافت پيدا ٿي ۽ پنهنجي حسن ۽
خاصيتن سان سنڌي ثقافت چورائڻ لڳي. اهوئي دؤر هئو
جڏهن قديم سنڌ جي جاءِ تي هڪ نئين سنڌ پيدا ٿي
جنهن ۾ رهڻ وارا مسلمان ئي هئا، مذهب ۽ اعتقاد جي
هڪ عالمگير رشتي سان لاڳاپيل هئا، پر پنهنجي علمي
تهذيبي، تعليمي روايت ۽ تاريخ ۾ پنهنجي سڃاڻپ جدا
رکندا هئا. هاڻي انهن تي ايترو وقت گذري چڪو هئو
جو انهن جي تعليم تهذيب ۽ ثقافت جي روايت انهن جو
هڪ مزاج به پيدا ڪري ڇڏيو هو. انهن جي فڪر ۽ ارادن
هڪ خاص رنگ اختيار ڪري ورتو هو انهن جي مزاج ۽
طبيعت ۽ انهن جي زندگي تهذيب ۽ ثقافت نَوَن سانچن
۾ وڌي وئي هئي، معاشرتي ۽ سماجي رسمن ۽ روايتن هڪ
نئين شڪل اختيار ڪري ورتي هئي هاڻي انهن جي زندگي
هڪ اهڙي شڪل اختيار ڪري چڪي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي
رسم رواج، زبان، ثقافت، تاريخ، اخلاق تهذيب جون
خصلتون به شامل هيون پر مقاميت ۽ اسلاميت جا هي
ڏينهن سهڻي سنڌ جي مسلمانن ۾ اهڙي طرح جداجدا نه
هئا جو انهن جي نشاندهي ڪري سگهجي، پر سنڌ وارن جي
ذهني فڪري ڪمال انهن ٻنهي قسم جي محسنن جي خمير
مان هڪ حسين فڪري، عملي ۽ علمي روحاني زندگيءَ جي
تخليق ڪئي هئي، جنهن کي سنڌي ثقافت جو نالو ڏنو
ويو هو. ان دؤر کي اسان سنڌي ثقافت جي قائم ٿيڻ جو
دؤر چئي سگهون ٿا. هيءُ سنڌي تهذيب، ثقافت جو ٻيو
دؤر هو جيڪو اسلامي سنڌ جي عروج کان وٺي زوال جي
دؤر تائين باقي رهيو. ان ۾ علمن ۽ فنن جي ترقي ٿي،
تصنيف ۽ تاليف جي تحريڪ پيدا ٿي، نوان تعليمي
ادارا قائم ٿيا ۽ زندگيء جي ذهني فڪري، عملي ۽
علمي گوشن ۾ هڪ خيالي پيدا ٿي. سنڌي ثقافت ۾
سينگار پيدا ٿيو. ثقافت جو ”پاڪ وڻ“ جيڪو ان زمين
تي لڳايو ويو هو اهو مراد کي پهتو، سائو ستابو
ٿيو، ميوو ۽ پن آندا. حتاڪ سنڌي ثقافت جي حسين
خزانن مان هڪ عالم جي اکين ۾ حيرت پيدا ٿي ويئي ۽
انجي ڪرشمي سازين علم جي شوقينن کي پاڻ ڏانهن توجه
ڇڪايو، هن دؤر ۾ سنڌ جا اڪابر علمن ۽ فنن جي مختلف
ميدانن مثال جي طور تي فن حديث، فن تفسير، فقه،
شعر ۽ ادب، تاريخ ۾ نهايت مٿانهون، معزز ۽ رجوع
ڪرائيندڙ نظر اچن ٿا.
مطلب ته تاريخ اسلام جي ڪا به اهڙي صدي ناهي، جنهن
۾ سنڌ جا درجنين عالم، فقيهه، محدث، مفسر، اديب،
شاعر ۽ هنرن جا ماهر تاريخ ثقافت اسلاميءَ ۾
پنهنجا اڻمٽ نشان نه ڇڏيا هجن. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾
علمي ثقافتي روايت کي انجي اڪابر علم وارن چوڏهين
صدي هجريءَ جي آخر تائين پهچائي ڇڏيو.
جيتوڻيڪ سنڌ جي ثقافتي تحريڪ مختلف لاهن چاڙهن مان
گذري پر سنڌ وارن علمي ۽ ثقافتي علم کي ڪڏهن هيٺ
ٿيڻ نه ڏنو. هيءَ سونهري زنجير هئي ۽ علم، فن،
شعر، ادب، تمدن، معاشرت، رسم ۽ رواج وغيره ان
زنجير جون مختلف ڪڙيون هيون ۽ هرهڪ ڪڙي ٻئي کان
رنگين ۽ وڻندڙ هئي، ايستائين جو جڏهن تيرهين صديءَ
جو سج سنڌ جي ثقافت تي ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي علمن
۽ ثقافت جي ڪرڻن جي روشنيءَ سان دنيا جون اکيون
کيريون ٿي وڃن ٿيون. شاهه ولي الله اڪيڊمي
حيدرآباد سنڌ جو علمي رسالو ماهوار ’الرحيم‘ جو
خصوصي نمبر تيرهين صدي هجري جا مشاهير سنڌ جي نالي
سان نڪتو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ جو
علمي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو سنڌ جي مشاهير تي جيڪو جامع
نمبر شايع ٿيو آهي انجي مطالعي مان ئي سنڌ جي
ثقافتي عظمت جو خوبصورت لکيل دل تي نقش ٿي وڃي ٿو.
صوفين، بزرگن، شاعرن وغيره جو بيشمار ذڪر انهن
کانسواءِ آهي. جنهن مان سنڌ جي ثقافت ۽ انجي
خاصيتن، سونهن ۽ سڃاڻپ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
سنڌي ثقافت جو ٽيون دور:
سنڌي ثقافت جو ٽيون دؤر سنڌ ۾ مسلمانن جي سياسي
زوال سان شروع ٿئي ٿو، سياسي زوال جو اثر جيئن ته
انسان جي فڪر ۽ طبيعتن تي پوندو آهي. ان جي
مٿانهين سوچ جي لاءِ فضا محدود ٿي ويندي آهي،
زندگي سوڙهي ٿي ويندي آهي، ارادا پست ٿي ويندا
آهن، علمن ۽ فنن جي ترقي رڪجي ويندي آهي، تهذيب ۽
ثقافت جو رنگ ۽ سونهن سوڀيا گهٽجي ويندي آهي، هي
دؤر قوم جي لاءِ وڏي آزمائش جو هوندو آهي. مصيبت ۽
آزمائش جي اهڙي دؤر ۾ ڪمزور تهذيبون ۽ معمولي
ثقافتون آهستي آهستي ختم ٿي وينديون آهن. سنڌي
ثقافت جو هيءُ دؤر سنڌ ۾ انگريزن جي استقلال
مضبوطيءَ سان ئي شروع ٿي ويو هو. سنڌ جنگ هارڻ جي
ان عمل کي تيز ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي بمبئي پريسڊنسي ۾
شامل ٿيڻ سان سنڌي ثقافت جي پاڪ وڻ جي پاڙ ڪپي
ڇڏي. سنڌي ثقافت جي آزمائش جو هيءُ دؤر پاڪستان جي
قائم ٿيڻ تائين بچيل رهي ٿو، پر ان ۾ هيءُ ضرور
چئي سگهجي ٿو ته سنڌ بمبئي پريسيڊنسي ۾ شامل ٿيڻ
سان سنڌي ثقافت جي زوال جي رفتار ۾ جيڪا تيزي پيدا
ٿي هئي، جنگ آزاديءَ دوران جڏهن سنڌ جي مستقل
صوبائي حيثيت ٻيهر بحال ڪئي ويئي ته اها بيهي وئي
هئي، سنڌ جي مسلمانن پنهنجي تعليم، تهذيب ۽ ثقافت
جي تصوير کي ڳولي ڳولي ان کي روشن ڪري ڇڏيو هو ۽
سنڌ جي مٿانهين همت ۽ فڪرمند مسلمانن پنهنجي وڃايل
عظمت کي بحال ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي، پر
ان دوران جي تاريخي ورهاست جي لحاظ کان سنڌ جي
بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي آزادي يا
پاڪستان جي ٺهڻ تائين جو دؤر ٽئين دؤر سان تعلق
رکي ٿو.
سنڌي ثقافت جو جديد دور:
پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ وارو دؤر سنڌ جي تهذيب ۽
ثقافت جو جديد دؤر آهي پر جيڪڏهن اسان ٿورو گهري
نظر سان ڏسون ۽ سوچ ويچار کان ڪم وٺون ته ان دؤر ۾
به جيڪو 1947ع کان شروع ٿئي ٿو، اسانکي ٻه مرحلا
چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
پهريون مرحلو:
پاڪستان جيئن ته مسلم قوميت جي نظرئي تي وجود ۾
آيو هو ۽ ان ۾ اردو زبان زبردست حصو ورتو هو.
انڪري مسلم قوميت جوش ۽ جذبي قومي زبان جي رواج ۽
نفاذ (حڪم جاري ٿيڻ واري حالت) جي شوق ۽ هڪ
پاڪستاني ثقافت جي واڌاري جا جذبا ٻين علاقائي
زبانن سان گڏ سنڌي زبان ۽ ثقافت جي ترقي ۽ واڌاري
جي ضرورتن کي به ڪنهن حد تائين نظر انداز ڪيو ويو.
هي ان دؤر جو پهريون مرحلو هو.
ٻيو مرحلو:
ليڪن علم وارن ۽ فڪري ساٿين بصارت وارن کي جلد ئي
هن ڳالهه جو احساس ٿي ويو ۽ انهن فڪر واري انداز ۾
تبديلي پيدا ڪري عملي طرح رويو به مٽائي ڇڏيو ۽
پاڪستان جي علاقائي ۽ صوبائي ثقافت، زبان، ادب،
فنون لطيفه جي تحفظ ۽ واڌاري جي تحريڪ شروع ٿي
ويئي، هِنَ وقت اسان پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوء
شروع ٿيڻ واري دؤر جي ٻئي مرحلي مان گذري رهيا
آهيون. |