سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2022ع

باب:

صفحو:15 

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

وارهه

 

 

 

لوڪ ادب

الله جي مان اسم سان ٿو، آغاز ڪيان اعلان ميان

اول ساراھ الله جي آ، جو رب رحيم رحمان ميان

قادر قدير رسول اسان ڏي، آ موڪليو مهربان ميان

لائق لال نبيءَ تي جنهن، آ نازل ڪيو قرآن ميان

چارئي يار سونهن سٿ ۾، جن جو شاهي شان ميان

حسن حسين حبيب جا آهن، جانب جان جوان ميان

لوڪ ادب جو ڌيان سان ٻڌ تون، بيحد آه بيان  ميان

لوڪ ادب جون جنسون اڻ کٽ، چئو ظاهرساڻ زبان ميان

لوڪ ادب جي جنسن ۾ آ، جذبو خوب جولان ميان

مولود مداحون معجزا مناقب، ڪن مناجاتون مستان ميان

سينگار ڏهس ۽ ڏور جو زياده سهڻو آ سامان ميان

ڏٺ پرولي هنر دوراهي تي هرڪو آ حيران  ميان

بيت ۽ ڪافيون ڳيچ ڳجهارت ڳائن ٿا ڳڻوان ميان

لوڪ ادب جي جنسن ۾ آهن ڪئين  عنوان  ميان

هن ۾ قصا ڪيئي ڪهاڻيون دلپسند دگران ميان

لوڪ ادب سان آهن بهاريون باغ وڏا بستان  ميان

لوڪ ادب جو آھ ڪشادو موضوع ۽ ميدان  ميان

نڙ جا بيت ۽ گيت گهڻيرا آهن ڪل  آسان  ميان

عشقيه قصا عشقيه ڪهاڻيون آهن نشانبر نيشان ميان

هفته ڏينهن ۽ راتيون مهينا ساراهيان سبحان ميان

ريتون رسمون سوڻ ۽ ساٺ ڀي، هن ادب جي جان ميان

بيت واقعاتي ۽ جنگناما  پڙهندي ڪن شادان ميان

صنفون سهڻيون لوڪ ادب جون آهي اهو اعلان ميان

هن ادب جو شيدائي هو سنديلو  سلطان ميان

نبي بخش بلوچ به زياده نام ڪمايو نيشان ميان

ٻيا به اديب ۽ عالم آهن، نام وڏي نِشان ميان

سگهڙن ڏنو آ لوڪ ادب جي، جنسن کي جيئندان ميان

لوڪ ادب کي گڏجي بچايو ٻيلي ٿي ٻلوان  ميان

متحد ٿي ڪو مچ مچايو پاڻ ۾ گڏ پهلوان ميان

ڏاها سپورنج سگهڙ سياڻا گڏجي ڪيو اعلان ميان

دل سان نصيحت ناصح جي مڃيو فدائي فرمان ميان

ڪامورا ڇو هن کان آهيو خائف ڪلئي  خان ميان

لوڪ ادب جي جنسن ۾ آ دردن جو درمان ميان

لوڪ ادب جي صنفن ۾ آ  ڇاجو شڪ  گمان ميان

لوڪ ادب کان ڇوٿا لنوايو آهي اهو  ارمان ميان

لوڪ ادب جا آڌر آهيو، اوهين ڪلئي انسان ميان

شڪي شوم شيطان ڀڄايو هڻو تن کي ڪان ميان

لوڪ ادب لئي رکو پنهنجو پختو پڪو ايمان ميان

وارث آهيو وارث رهندئو، خان ڪلئي خاقان ميان

لوڪ ادب جو پاڻ پتوڙي، جن عام ڪيو پيغام ميان

لوڪ ادب جي خدمت ڪيو سڀ، شاعر اديب وريام ميان

لوڪ ادب آ منڍ ادب جو، معما پروڙيو مام ميان

پنجتن پاڪ جو اصل کان آهيان، گولو خاص غلام ميان

 الله اسان تي آهن ڪيا، انعام، ڪرام اڪرام ميان

لوڪ ادب جي ڪر پيو هردم، تهدل تعريف تمام ميان

تن کي سلام آ منهنجو اڪبر صبح توڙي شام ميان

قبول قريشي اڪبر جو، ڪندا ڪامل ڪل ڪلام ميان

عورت هئڻ جي ناتي، ان ڳالهه ۾ پڪو ويساھه اٿم ته هر ماڻهوءَ جي شخصيت تي انهن عورتن جو ضرور ڪونه ڪو اثر پوي ٿو، جن سان هنن پنهنجو ٻاروتڻ گذاريو هجي. جوئي صاحب جي ساروڻين ۾ به، پنهنجي اُن ڏاڏيءَ جي ياد، ڏيئي جي روشنيءَ مثل جرڪي ٿي، جنهن ۾ پرڀات مهل مصلي تي نماز پڙهڻ کان پوءِ مداحون کيس مٺڙي ننڊ مان جاڳائينديون هيون، هُو سُتي سُتي، اهي مداحون ٻڌي، هن جي مٺڙي سُر ۾ گم ٿي ويندو هو. کانئس اُهو صبح به نه ٿو وسري، جڏهن سندس ڏاڏيءَ کيس پهرين ڏينهن اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪيو، هن کي ياد آهن سڀ کان پهرين بسم الله پڙهي، الحمد پڙهيو ۽ بُڪ کڻي دعا گهريائين. سندس ڏاڏو، هن لاءِ احمد موچيءَ کان خاص جُتي جوڙائي آيو هو، سندس امڙ، اسڪول وڃڻ لاءِ ڪپڙن جو نئون وڳو سبيو هو، ٽونئر سان ٽڪن واري ٽوپي به ٺاهي، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن کي ٽِڪون جڙي، سهڻي ڀرت سان سينگاري پوءِ ننڍڙو محمد ابراهيم، نئون جوڙو اوڍي، نئين جتي پائي، مٿي ۾ ٽونئرن واري ٽوپي ۽ ڪُلهي ۾ بُجڪي وجهي ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، پهرين ڏينهن اسڪول ويو.

مان سوچيان ٿي ته اها ڪيڏي نه خوشبختي هئي، ننڍڙي محمد ابراهيم جي، جنهن لاءِ علم جو دروازو، هڪ عورت کوليو. هڪ سڄاڻ، بااعتماد ۽ ٻاجهاري مائي، جيڪا جڏهن اسڪول جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته، اُستاد به اُٿي بيٺو ۽ ساڻس گڏ سندس ساڃاھه وند شاگرد به اُٿي بيٺا. اهو ڄڻ ته سنڌ جي انهن سهڻين روايتن جو مظهر هو، جنهن ۾ عورت جي عزت ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ، سڀ کان مٿانهون گُڻ ليکيو ويندو هو. اُها سيبتي ڏاڏي، پنهنجي پوٽي کي اسڪول داخل ڪرائڻ جي خوشيءَ ۾ پتاشن سان ڀريل ٽٻڻي به کڻي وئي جيڪي هن ٻارن ۾ ورهايا.

مهتاب اڪبر راشدي

’محمد ابراهيم جويو‘ خاص نمبر

رسالي ’مهراڻ‘ 3-4/2014ع تان کنيل

 

انور ابڙو

ڪراچي

پُرسڪون چهري جي آتم ڪٿا

 

پريل ۽ سانول جو مُهين جي دڙي جي ڀرسان اباڻو ڳوٺ آهي. هيءُ ٻئي ننڍپڻ جا دوست آهن. پريل گذريل ٽيهن سالن کان ڪراچي شهر ۾ رهي ٿو، جتي هيءُ ٽن خانگي ادارن ۾ نوڪريون ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري تعليمي کاتي جي ملازمت ۾ آيو.

سانول پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ رهندو آهي، جتي هُو پنهنجي تَر ۾، مالَ ۽ اَنَ جو وڏو واپاري آهي.

پريل جڏهن به پنهنجي ڳوٺ ويندو آهي ته، سانول وقت ڪڍي اچي هِن سان ضرور ملندو ۽ ساڻس ڪچهريون ڪندو آهي.

هِنن ٻنهي جي دوستيءَ کي ڳوٺاڻي ۽ برادريءَ جي تعلق سان گڏ وڌيڪ پختو ڪرڻ ۾ سنڌو درياهه، مُهين جي دڙي ۽ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو وڏو هٿ آهي. هي ٻئي انهن ٽنهي جي تهذيبي حيثيت جا عاشق آهن، تڏهن ئي ته هو اڪثر مُهين جي دڙي تي ملندا ۽ اُتي جي ويران گهٽين ۾ رُلندا، تاريخ جا ورق ڳوليندا، اهي پڙهندا ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي بحث ڪندا آهن.

هنن کي هاڻي ته مُهين جي دڙي جي تاريخ جي هڪ هڪ سِٽ سان گڏ ان جي قديم آثارن جي هڪ هڪ سِرَ به ياد ٿي ويئي آهي.

جيڪڏهن هي مُهين جي دڙي تان اُٿندا آهن ته سِڌو؛ سَڏ پنڌَ تي، اوڀر  پاسي کان وهندڙ سنڌو درياهه جي بند تي وڃي بيهندا آهن. سيارو هوندو آهي ته سنڌوءَ جي سُڪل پيٽ کي پيا ڏسندا آهن، جَي سانوڻيءَ ۾ اِهو تارئون تارِ وهندو آهي ته ان جي هڪ هڪ لڙاٽي لهر کي پيا ڏسندا ۽ اُن جي، هر ڀيري واري ٻوليءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن- ۽ جَي ڀٽائيءَ جي درگاهه تي ويندا آهن ته، اُتي ڀٽائي سائينءَ جي فقيرن جي آواز ۾ راڳ ٻڌي سندن ’تَن تنبورو ۽ مَنُ مڻيو‘ بڻجي پوندو آهي.

هن ڀيري جڏهن پريل پنهنجي ۽ پنهنجي بابا ۽ ڀائرن جي انتهائي پياري دوست جلال الدين جي لاڏاڻي تي، اُن جي تڏي تي آيو ته، سانول سان به سندس ملاقات ٿي.

پريل ڇهن مهينن کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ آيو هئو. آخري ڀيرو هُو پنهنجي بابا جي چاليهي تي آيو هئو. اُن وقت به سانول ساڻس گڏ هئو.

ٻئي ڏينهن تي هي شام جو، حسبِ روايت مُهين جي دڙي تي ويا. دڙي جي ڏاڪڻ تان آهستي آهستي چڙهندا، رسمي حال احوال ڪندا، دڙي جي آثارن تي اڇاتري نظر وجهندا، اچي اسٽوپا جي ڀرسان ويٺا.

شام جو ويلو هجي. آسمان ۾ پکي اڏامي رهيا هئا. پريل اولهه طرف نهاريو. سارين جو نِسريل فصلُ راحت بڻجي هنن جي اکين ۾ لهڻ لڳو. اُترڙو لڳي رهيو هو. هي صاف شفاف هوا ۾ ساهه کڻڻ لڳا.

وڏن شهرن جي ماحولياتي گدلاڻ اڃا هن جُوءِ تائين ناهي پهتي. هِن علائقي جي زمين ۽ آسمان اڃا حسين آهن. ههڙو صاف ۽ شفاف ماحول، هر ڀيري، هِنن جي رمتي روح جو گيڙو ويس بڻجي پوندو آهي.

سانول اڄ پريل سان خاص ڪچهري ڪرڻ چاهي پئي، ڇاڪاڻ جو هُو ڪجهه ڏينهن کان پنهنجن ڪجهه دوستن واتان ٻڌي رهيو هيو ته، پريل اڄڪلهه ڪافي ذاتي مسئلن جو شڪار آهي، تنهن ڪري سانول پنهنجي گفتگوءَ کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائڻ بدران پريل کان سڌو سوال ڪيو:

”پريل، تنهنجي ننڍپڻ کان عادت رهي آهي ته تون اسان دوستن توڙي گهروارن کان پنهنجا ذاتي ڏک لِڪائيندو آهين. تون سمجهندو آهين ته، ائين ڪرڻ سان اسان دوستن کي تنهنجي باري ۾ ڪابه خبر نه پوندي هوندي، پر ائين ناهي. اسان کي تنهنجي سموري خبر پوندي رهندي آهي. تنهنجا ڏک سک سڀ معلوم هوندا آهن. سو ٻيا حال احوال پوءِ ٿا ڪريون، پهريان ٻڌاءِ ته ڪهڙا نوان مسئلا پيدا ٿيا آهن تولاءِ؟“

پريل روايتي انداز ۾ وڏو ٽهڪ ڏنو ته، سانول چيس: ”پريل، اڄ تون پنهنجين تڪليفن جي حقيقت کي اِنهن کوکلن ٽهڪن ۾ لِڪائي نه سگهندين. ٻڌاءِ، ڇا ٿيو آ؟“

”سانول، ڪجهه به ناهي ٿيو. مان اڳ وانگر ئي پنهنجي زندگي گذاريان پيو. گهرَ ڏي به سڀ خير آهي.... ٻارڙا به سڀ ٺيڪ آهن......تنهنجي ڀاڄائي به مون کي گهر مان تڙي ڪونه پئي ڪڍي... هاڻي ته ڪو نئون عشق به ڪونه پيو ڪريان، جو ان ڇوڪريءَ جو پيءُ پنهنجي نئين ٺپايل ڪهاڙي يا بندوق کڻي، مون کي ڳوليندو وتندو هوندو....“

پريل ائين چئي ايترو ته زوردار ٽهڪ ڏنو جو سندس اکين مان پاڻي وهي پيو، پر ان تي سانول رڳو معمولي مسڪرايو، ڇو جو هُو سمجهي پيو ته پريل پنهنجي وڏي کان وڏي مسئلي کي به ائين ٽهڪن ۾ ويڙهي اُڏاري ڇڏيندو آهي.

”ڏس پريل، هاڻي اخبارون ۽ سوشل ميڊيا هر دوست جا عيب ثواب کڻي اچي اڳيان ٿيون رکن. ڪجهه به نٿو لِڪي ڪنهن کان. ٻه مهينا کن اڳ ۾ تنهنجي نوڪري ختم ٿيڻ بابت اخبارن ۾ خبرون پڙهيون هئم ۽ فيس بڪ تي به سوين پوسٽون پڙهيون هئم. تنهنجي دوستن تنهنجي گهرَ جو چُلهو وسائيندڙ آفيسر کي معاف نه ڪيو هو. تنهنجي دوستن لکيو هئو ته، ان آفيسر رڳو تنهنجي صلاحيت ۽ تنهنجي سڃاڻپ سان ساڙ جي ڪري تنهنجي نوڪري ختم ڪئي هئي، پوءِ به تو کيس معاف ڪري ڇڏيو هو.

”تنهنجي دوستن اهو به لکيو هئو ته، هاڻي تون بس گهر ۾ ئي ويٺو هوندو آهين. پنهنجي پراڻي سنگتي وزير تنهنجي صحت جي خراب رهڻ بابت به ٻڌايو هئو. ان کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا توکي فون ڪئي هئم، پر تو حسبِ عادت فون نه کنئي هئي. ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو آهي؟“

سانول ڪجهه تفصيل ۾ کانئس پڇيو ته، پريل مسڪرائيندي ۽ پُرسڪون انداز ۾ وراڻيو:”يار سانول، اهي معمولي معاملا آهن.... ڏِسُ، پاڻ شروع کان ئي ڀٽائي سائينءَ جي اِن سِٽ تي عمل ڪيو آهي ته: ’ٿوري قوتِ قراريا‘..... تنهن ڪري اسان پنهنجو لائيف اسٽائيل اهڙو ٺاهيو ئي ناهي، جو ڏکيا ڏينهن اچن ته سڪرات ۾ هليا وڃون، دانهون ڪُوڪون ڪريون – اصل سڄي جهان کي مٿي کڻي اهو تاثر ڏيون ته، رڳو اسان ئي عذاب ۾ آهيون، باقي سموري خلق خوش آهي........ ائين ناهي ادا. ها، باقي اهو کنگهه کُڻڪو ته هر ڪنهن کي اڄڪلهه آهي ئي آهي... وبا جي دور ۾ ٿا رهون جو.“

سانول ڪنڌ هيٺ ڪري، آهستي ڳالهايو: ”پريل، يار، انهن ئي ڏينهن ۾ تنهنجي پياري جيجان توکان جدا ٿي ويئي ۽ تنهنجو وڏو پيارو ڀاءُ جمال، جيڪو توتي ساهه ڏيندو هئو، اهو به توکان جدا ٿي ويو... پئسا نه هئڻ ڪري تون انهن جو صحيح طرح علاج به نه ڪرائي سگهئين- انهن جا ٽيجها به صحيح طرح نه ڪري سگهئين.... اهو سڀڪجهه رڳو انڪري ٿيو جو توکان روزگار کسيو ويو هئو.... مون کان به پئسا نه گُهريئي... ان جو به وڏو ڏک آهي مون کي.“

سانول جي اِن ڳالهه پريل کي ڪپي وڌو... سندس نيڻن جي ندين کي ٽُڪو اچي ويو.... هيءُ سانول کان اکيون چَورائي اوڀر طرف کان وهندڙ سنڌو ۽ اولهه ۾ لڙندڙ سج کي ڏسڻ لڳو.... هيءُ اُٿي آهستي آهستي هلڻ لڳو ته جيئن پورو درد پي سگهي.

سانول به اُٿي بيٺو ۽ سوچڻ لڳو ته، هن پريل کي اهو ڏک ياد ڏياري وڏي غلطي ڪئي.

ڪجهه گهڙين کان پوءِ پريل موضوع بدلائيندي چيو: ”سانول، ٻڌاءِ ته دڙي تي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ جيڪا بين الاقوامي ڪانفرنس ٿي هئي، ان کانپوءِ ان جي بچاءَ جو يا نئين کوٽائيءَ جو ڪو ڪم شروع ٿيو آهي؟ ايندڙ سالِ 2022ع ۾ ته اسان جي هن عظيم سنڌو تهذيب جي دريافت کي هڪ صدي به پوري ٿي رهي آهي.“

”ها، ڪجهه وقت اڳ ۾ دڙي تي ڪنزرويشن جو ڪم شروع ٿيو هئو. مِينهنَ ۾ ان جي ڪِريل ۽ سم ۽ ڪلر ۾ کاڄي ويل ڪجهه ڀتين جي جاءِ تي سنڌ جي آرڪيالوجي کاتي جيڪي نيون ڀِتيون کڻايون آهن، اُنهن جي اوساريءَ ۾ اڄوڪو ٺهندڙ گارو ۽ اڄوڪي ٿُلهي سِرَ استعمال ڪئي ويئي آهي.... هلين ته توکي اهي ڀِتيون ڏيکاريان.“

”هلو...،“ پريل چيس.

هي ڊي ڪي ايريا ۾ اچي نئين ٺهيل ڀتين وٽ بيٺا. پريل ڀتين کي ڏسندي چيو:”واقعي سانول، هيءُ ته ٿُلهيون سِرون استعمال ٿيل آهن. خبر ناهي اختياريءَ وارن ماهرن سان صلاح ڪئي هوندي الائي نه؟“

ان تي سانول اڻڄائي ظاهر ڪئي ته، هي واپس اچي گريٽ باٿ وٽ بيٺا، ۽ ان جي سِرن ۽ اڏاوتي هنر کي ڏسڻ لڳا ته سانول پريل کي چيو:”ادا، دڙي جي اسٽڊي ٻئي ڀيري ڪنداسين، اڄ مون کي توسان ذاتي ڪچهري ڪرڻي آهي، ۽ مان تنهنجي هن پرسڪون چهري جي آتم ڪٿا ٻڌڻ، اها سمجهڻ ۽ اها رڪارڊ ڪرڻ ٿو چاهيان. مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ ته، ماڻهو توکي ايتريون تڪليفون ۽ ذهني اذيتون ڏين ٿا، تنهنجي گهرَ جون گُهرجون ۽ ٻارن جون رانديڪا گُهرندڙ اکيون توکي الڳ درد جي تار وهندڙ درياهه ۾ اڇلائينديون هونديون ۽ بيوسيءَ جي پيڙا الڳ تنهنجي اندر کي کائيندي هوندي، ان جي باوجود تنهنجي چهري تي ههڙي سُڪون ۽ تازگيءَ وارو تاثر ڪيئن ٿو اچي؟ اِن جو ڪهڙو راز آهي؟“

گريٽ باٿ وٽ ويهندي پريل ڳالهايو:”ان جو ڪو خاص راز ناهي منهنجا مِٺا ڀاءُ. نه ئي ڪا اداڪاري آهي (مسڪرائيندي). بس مان ذاتي مسئلن کي پنهنجي ذات تائين ئي محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ته جيئن منهنجون تڪليفون ٻڌي ٻين دوستن کي ڪو ڏک نه پهچي... مان ڏکَ وٺندو آهيان، ڏيندو ناهيان.

”ڏِسُ سانول، اڳ ۾ منهنجو بابا، ۽ ويجهر ۾ منهنجي امڙ، ۽ ادا وڏو هميشه جي لاءِ هليا ويا، ته انهن جو صدمو مون کي اهو سمجهائي ويو ته، ذاتي درد کي، ڀٽائي سائينءَ وانگر اندر ۾ سانڍي رکڻ ۽ پاڻ سان گڏ جيئرو رکڻ سان ئي جيئرو رهي سگهبو، تنهن ڪري جڏهن مان اهي ايڏا وڏا ڏک کڻي هلان پيو ته، انهن جي ڀيٽ ۾ هي ٻيون تڪليفون، ماڻهن جا اڍنگا رويا ۽ نوڪريءَ جو وڃڻ، اهي سڀ مون کي ڪي وڏيون ڳالهيون نٿيون لڳن.“

 پريل ڳالهه پوري ڪري اوڀر پاسي اسٽوپا کي ڏٺو، ته ان تي به گاري جو ليپو ٿيل هئو.

”پوءِ به؟ اڄ هڪ دوست ٻئي دوست جي ڏکن ۽ روحاني سکن کي سمجهڻ ٿو چاهي.“ سانول جي آواز ۾ التجا هئي.

پريل سنجيده ٿيندي وراڻيو: ”سانول، سچ اهو آهي ته مون پنهنجي ڪاوڙ، شڪستن جي احساس ۽ مايوسيءَ کي ماري ڇڏيو آهي. ڪاوڙ، شڪستن جو احساس، مايوسي ۽ مان گڏ نه پئي هلي سگهياسين....“

ائين چئي پريل ڀر واري ’ڳوٺ ڍنڍ‘ تي هڪ نظر وڌي، جنهن مٿان پکي اڏامي رهيا هئا- اُن ئي ڳوٺ ۾ پريل جا مائٽ به رهندا آهن، جن ۾ سندس بابا جو دوست ۽ سندس امڙ جو پَري جو مائٽ سليمان سپاهي به رهندو هو، جيڪو وڏي گهيرَ واري شلوار پائيندو ۽ بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌي جڏهن هلندو هو ته نواب لڳندو هو. ننڍي هوندي ان جون ڪچهريون ٻڌندي پريل کي وڏو مزو ايندو هو.

”ته ڇا، توسان ڪو ماڻهو غلط هلي، توکي هروڀرو تڪليف ڏئي، پوءِ به تون اُن تي ڪاوڙ نه ڪندين؟“ سانول جي سوال ۾ ڪاوڙ لهي آئي.

”ڪاوڙ ته ايندي، پر مان پنهنجي ڪاوڙ کي ان مهل ئي ماري ڇڏيندو آهيان،“ پريل ڏکڻ ۾ مهين جي دڙي جي دوست انور پيرزادي جي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ تي نظر وجهندي، ٿڌائيءَ مان وراڻيو.

”سبب؟“

”سبب اهو آهي ته مان ائين ڪري پاڻ کي وڌيڪ الجهائڻ کان بچائڻ چاهيندو آهيان.“

”اهو ته عجيب فلسفو آهي،“ سانول هلڪي حيرانيءَ مان چيو.

”ها، توکي عجيب ضرور لڳندو سانول، پر جڏهن مان اُن شخص کي، جيڪو مون کي تڪليف ڏيندو آهي، ڪو جواب ناهيان ڏيندو ته هُو پاڻ کي پاڻ چَڪ پائڻ لڳندو آهي، تنهن ڪري اهو سٺو ناهي ته بجاءِ ان جي جو مان هُن کي چَڪَ پايان، هو پاڻ کي پاڻ چڪ پائي،“ پريل ائين چئي مسڪرايو ته ائين لڳو شام جي پهر ۾ مُهين جي دڙي تي ڇانيل خاموشيءَ ۾ ڪي جهيرَ پئجي ويا.

”اڳ ۾ ته تون اهڙي ڪابه زيادتي برداشت نه ڪندو هئين. پنهنجي ته ڇا، پر پراون سان ٿيل زيادتيءَ تي به اُٿي پوندو هئين؟“ سانول جي حيرت واري ڪيفيت برقرار رهي.

”زندگيءَ جا تجربا ۽ سفر سيکاري ٿو اهو سڀڪجهه،“ پريل پنهنجي چمڪندڙ اکين سان چيو.

”پر تنهنجي عمر به ايڏي ڪا وڏي ته ناهي، پوءِ توکي ايترا گهڻا تجربا ڪيئن ٿيا آهن؟“ سانول جي اوک ڊوک جاري هئي.

”تجربا ائين ٿيا آهن جو، توکي پاڻ خبر آهي ته، مون ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي پنهنجي ڳوٺ مان نڪري هڪ اوپري شهر جو سفر ڪيو ۽ اُن کي ئي پنهنجو ڳوٺ ٺاهي ويهي رهيس. ٻي ڳالهه ته مون اخلاقيات، رواداري، بردباري توڙي بهادري ۽ زندگي گذارڻ جو ڍنگ پنهنجي وڏڙن کان سکيو آهي. تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو ته، منهنجا وڏا پاڻيءَ جا ٿڌا گهڙا هوندا هئا، پر جڏهن پاڻي سندن سِر تان چڙهي ويندو هو ته پوءِ هو باهه بڻجي گهوڙن تي چڙهي نڪري پوندا هئا.... پر مون لاءِ اهڙي صورتحال اڃا ناهي آئي،“ پريل وراڻيو.

”مون کي تنهنجي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي پريل!“ سانول پريشانيءَ مان دڙي تي آيل ڪجهه ماڻهن ڏانهن نهاريندي چيو.

 ”سانول، ڀلا مان هينئن ٿو توکي پنهنجي ڳالهه سمجهايان،“ پريل کيس چيو:”مون توکي پنهنجي سکيي ستابي گهر ۽ ڳوٺ ڇڏڻ جا اڄ کان ٽيهه سال اڳ ۾ جيڪي به سبب ٻڌايا هئا، اڄ به اهي وري مان ورجايان ٿو ته، پنهنجي ڳوٺ ۾رڳو ڏک ئي ڏک هئا. جهيڙا هئا. جهڳڙا هئا. روز مِٽن مائٽن توڙي اوڙي پاڙي وارن جي کِٽ پِٽ پئي هلندي هئي. روز ڪانه ڪا خراب خبر پئي ٻڌبي هئي. ڪا نه ڪا ڏک واري خبر پئي ٻڌبي هئي. مٿان وري مون پنهنجي تعليم به پوري ڪري ورتي هئي، تنهن ڪري ڪراچيءَ هليو ويس. اُن اجگر شهر جي پيار ۽ اذيتن جو وري پنهنجو انداز هئو.

”سو مون اهو طئي ڪيو ته، جيڪڏهن مون کي ان اوپري شهر ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي، ڪا ترقي ڪرڻي آهي، پنهنجي خاندان لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي، پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي، ته پنهنجي ڏکن ۽ تڪليفن سان جهيڙو، صرف سهپ سان ڪبو، ڏينهن رات محنت ڪبي، ان دوران، ڪنهن کان ڪا تڪليف به پهتي، ڪو ڏک به پهتو، ڪنهن پٿر به هنيو، ڪنهن بدتميزيءَ واري لهجي ۾ ڳالهايو به، ڪنهن اجائي اُلر به ڪئي ته، انهن سڀني نامناسب روين کي زندگي ۽ هن بگڙيل سماج جو حصو سمجهي، رت جو ڍُڪ پي، وساربو ۽ اڳتي وڌبو.... جَي ائين نه ڪندس ته ٻين سان ۽ پاڻ سان ئي وڙهڻ ۾ پورو هوندس. ٻيو ڪوبه چڱو ڪم ڪري نه سگهندس – ائين زندگيءَ جو پنڌُ کُٽي پوندو- ۽ مان اڳتي هليو ويندس... يا ڪٿي واپس ڳوٺ نه موٽڻو پئجي وڃي، جتي هاڻي مون واپس وڃڻ ۽ رهڻ نٿي چاهيو.... ڇوته باوجود پنهنجي ڳوٺ سان تمام گهڻو پيار هوندي به، مان ان کان گهڻو پري هليو ويو آهيان.

”وڏي ڳالهه ته هاڻي ڪراچي منهنجي ٻارڙن جي جنم جي جاءِ به بڻجي چڪي آهي، ان شهر ۾ انهن جي اَئور پورجي چڪي آهي، انهن جي آئيندي جي ترقيءَ جا رستا به اِن شهر مان ئي نڪرڻا آهن...“

پريل آسمان کي چِتائي گهوريندي چيو:”۽ سانول، ڪراچي شهر ۾ منهنجي پيارَ جا پيرَا آهن، منهنجي زندگيءَ جا حسين پَل اُتي محفوظ ٿيل آهن، ان جي رستن سان منهنجي پيرن جي آشنائي آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته، اهو شهر منهنجيءَ سنڌ جو ڳاٽُ آهي، تنهن ڪري ان کي ڇڏڻ ته ممڪن ئي نه آهي.

”انهن سڀني سببن جي ڪري ئي، ڪراچي شهر ۾ رهندي مان هينئر تائين پنهنجي ۽ پنهنجي معاشري لاءِ به ڪي چار چڱا ڪم ڪري سگهيو آهيان، پنهنجي ٻچڙن لاءِ ٽن ويلن جي ماني ۽ سٺي تعليم جو بندوبست ڪري سگهيو آهيان، گهر ۾ ضرورت جون شيون وٺي رکي سگهيو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ٻارن کي ڪنهن تفريحي ماڳ يا ڪنهن سٺي هوٽل تي ماني کارائڻ لاءِ وٺي وڃڻ جيترا پئسا به بچائي سگهندو آهيان.“

 پريل جي مسڪرائي ڏنل ان سنجيده ۽ تفصيلي جواب تي سانول پنهنجي گفتگوءَ کي هاڻي ٿورو نرم ڪندي چيو: ”ٺيڪ آهي. جيڪڏهن تنهنجي ڳالهين مان اها ڳالهه قبول به ڪجي ته، تو اهو سڀڪجهه پنهنجي ٻارڙن جي بهتري ۽ معاشري لاءِ به ڪيو آهي، پر تون هڪ باشعور انسان آهين. جڏهن ڪِن ماڻهن توکي ذهني اذيت پهچائي هوندي ته تون ان وقت ڪو ردعمل ظاهر نه ڪندي به ڪنهن مايوسيءَ جو شڪار نه ٿيو هوندين؟“

”نه... ڪڏهن به نه..... ڏس سانول، سچ اهو آهي ته تو جهڙن منهنجي بيشمار پيارن دوستن جو پيار ۽ مدد، منهنجي ٻارڙن جي چهرن تي پکڙيل خوشيءَ جو تاثر، انهن جي مسڪراهٽ، منهنجي گهرواريءَ جو ساٿ، امڙ جون دعائون ۽ منهنجو ٿورو گهڻو سماجي علمن جو شعور، منهنجي، همٿ سان جيئڻ جا سبب پيدا ڪندا رهيا آهن، تنهن ڪري منهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به مايوسي يا ويندي خودڪشيءَ جو خيال ئي ناهي آيو، جيڪو اهڙين حالتن مان گذرڻ دوران اڪثر ماڻهن جي ذهن ۾ ايندو آهي.“

”جڏهن خودڪشيءَ جي ڳالهه ڪئي اٿئي ته ٻڌاءِ، موت کي ڇا ٿو سمجهين؟“ سانول مهين جي دڙي جي ميوزيم طرف ڏسندي کانئس پڇيو.

”مان موت کي مٺي ننڊ ٿو سمجهان.“

”تون صوفي ته ناهين رهيو، پر اها ڳالهه ته صوفين واري ٿو ڪرين؟“ سانول جا سوال اڄ کٽڻ جا نه هئا.

”سانول، مان اڃا تائين اهو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته،’ڇا رڳو صوفي ئي سچا ۽ صابرين ٿيندا آهن؟‘“

پريل جي سوال ۾ فڪري گهرائي لهي آئي، جنهن تي سانول چيو:”تنهنجو سوال ته ڏاڍو اهم آهي پريل، پر اهو تنهنجي ذهن ۾ آيو ڪيئن؟“

”اهو سوال منهنجي ذهن ۾ اڪثر ايندو رهندو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان ڪي ته ’لبرل صوفي‘ ڏٺا آهن، پر ڪي ’انتها پسند صوفي‘ به ڏٺا آهن، تنهن ڪري انتهاپسندي جڏهن ٻنهي پاسن ڏانهن اچي وڃي ته وچ تي بيٺل اسان جهڙا ماڻهو پريشان نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟.... تنهن ڪري مان تنهنجي اڳ وارن سوالن جي جواب ۾ اهو به چوندس ته، مان ڪنهن به لحاظ کان، ڪهڙي به قسم جي انتهاپسنديءَ جي حق ۾ ناهيان، پوءِ چاهي اها مون کي ملندڙ تڪليفن جي موٽ ۾ منهنجي اندر ۾ ڇونه پيدا ٿيندي هجي.“

”پر ڪنهن ٻڌايو هئو ته هڪ ڀيري تو خودڪشيءَ لاءِ به سوچيو هئو، ڇا اها ڳالهه صحيح آهي؟“ اهو سوال ڪندي سانول ڏڪي ويو.

”نه....نه...ڪڏهن به نه.... خودڪشي ڪرڻ سان ماڻهو رڳو پاڻ کي نه، پر پنهنجن پيارن کي به ماري وجهندو آهي. ڏس، مون کي پنهنجي والدين، ڀائرن، ڀينرن، مِٽن مائٽن ۽ دوستن کان ايترو ته گهڻو پيار ۽ عزت ملي آهي، جو مان اڪثر سوچيندو آهيان ته مان ڪيڏو نه خوشنصيب آهيان، جو هيترن سارن ماڻهن مون کي پيار ڏنو آهي.... ۽ سندن اهو پيار ئي مون کي هر ڀيري نئين حياتي ڏيئي ويندو آهي... تنهن ڪري اهڙي ڪنهن به خيال کي منهنجي ذهن جي چائنٺ ٽپڻ جي اجازت ئي ناهي هوندي.“

”ڀلي ڳالهه ڪيئي... ڀلا تون ڪيترو جيئرو رهڻ ٿو چاهين؟“ سانول کانئس هڪ نرالو سوال پڇي ويٺو.

”سوين هزارين سال...“ پريل کِلندي، چوندي، صدين تي پکڙيل مُهين جي دڙي جي عظيم تهذيب تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر وڌي، جيڪا کيس سانجهيءَ جي پهَر ۾ هڪ عجيب طلسم جيان نظر اچڻ لڳي هئي.

”سائنس ان کي اڃا ممڪن ناهي بڻايو جو ڪير سوين هزارين سال جيئي؟“ سانول دليل ڏنو.

        ”ممڪن آهي سانول،“ پريل اعتماد مان وراڻيو.

”ڪيئن؟“

”منهنجي هر ڪتاب جو هر نئون ورق منهنجي نئين زندگي بڻجندو،“ ڪيئي ڪتابن جي ليکڪ پريل جي جواب سانول جي چهري تي روشني پکيڙي ڇڏي.

”پريل، جَي اها ڳالهه آهي ته پوءِ واقعي تون جيئندين سوين هزارين سال... ۽ تنهنجي چهري جي هن اطمينان ۽ خوشيءَ مون کي وڏي آٿت ڏني آهي، پر مان وري به پنهنجي اڳ واري ان ڳالهه تي ٿو اچان ۽ تنهنجي پُرسڪون چهري جي آتم ڪهاڻي سمجهڻ ٿو چاهيان ته، آخر ڇو تو، پاڻ سان ٿيل زيادتين تي ڪڏهن ڪو ردعمل ناهي ڏيکاريو؟“

سانول جي پراڻي سوال ۾ نئون تجسس ڀرجي ويو.

”نه سانول.... ائين به ناهي. مان ردعمل ضرور ڏيکاريندو آهيان، پر منهنجو ردعمل ان انداز وارو ناهي هوندو، جيڪو رواجي هوندو آهي. مان ڪهاڙي ناهيان کڻندو (کِلندي)... پر سانول، متان تون سمجهين ته، مان وڙهيو ناهيان.... مون ويڙهه به ڪئي آهي، پر هڪ حد تائين... ان حد جي لڪير، جيڪا مان پاڻ ڪڍندو آهيان، ان کان مان اڳتي ناهيان وڌندو. ٻي ڳالهه سمجهه ته، مون ڪڏهن به پنهنجي عزت ۽ وقار تي سودو ناهي ڪيو..... مون هينئر تائين عزت ۽ وقار سان پنهنجي زندگي گذاري آهي..... باقي مان ڪو وڏي سطح جو ردعمل ڏيکارڻ کان، ڪوشش ڪري پاسو ڪندو آهيان.“

”ڇو؟ وڏي سطح واري ردعمل جي نتيجن کان ڊڄي ويندو آهين؟“ سانول سندس اندر کي وڌيڪ کولڻ جي ڪوشش ڪئي.

” هڪ ته مون وٽ ايترو وقت ناهي، جو جهيڙا ويٺو ڳايان. ٻيو ته، مان پنهنجي ردعمل کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان.“

”ڪيئن؟“

”ائين، ته جيڪڏهن مون ڪو وڏو ردعمل ڏيکاريو ته، پوءِ اهو ڏاڍو خطرناڪ هوندو.... آرِ يا پارِ... تنهن ڪري مان پاڻ سان وڙهي، پاڻ کي روڪي وٺندو آهيان،“ پريل مسڪرائيندي چيو.

”پوءِ ته پاڻ کي روڪڻ دوران توکي ڏاڍي تڪليف پهچندي هوندي؟“

”ظاهر آهي... پاڻ سان وڙهڻ ڄڻ ته پاڻ کي مارڻ برابر هوندو آهي، تنهن ڪري پاڻ کي مارڻ ۽ وري پاڻ کي جيئارڻ ۽ پرچائڻ ۾ وڏو وقت لڳندو آهي.“

”مطلب ته ههڙين حالتن ۾ رهندي به تون پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهين؟“

”بلڪل سانول.... ڏِسُ... اسان کي ڀلي شڪستون ملن، ڀلي وقتي طور اسان موت حيات جي مسئلن جو شڪار ٿي وڃون، ڀلي اسان جا ٻچا ڪا گهڻي سُکي زندگي گذاري نه سگهن، ڀلي اسان جي گهر جو چُلهو ڪنهن وقت وِساميل رهندو هجي، ڀلي اسان جون خواهشون پوريون نه ٿي سگهنديون هجن، ڀل ڪنهن محل جي پاسي ۾ مان جهوپڙيءَ ۾ رهندو هجان ۽ پنڌِ گهمندو هجان، پر اهو سمجهي ڇڏ ته زندگيءَ جي هن سفر جي رستي تي، ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي، پنهنجي حصي جو، سُک جي نم جو هڪڙو گهاٽو وڻ ضرور بيٺل هوندو آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي گهاٽي ڇانوَ آڇڻ جي انتظار ۾ هوندو آهي. سو، پاڻ مايوس ٿيون ڪونه. زندگي هر حال ۾ پياري آهي.... زندگي هر طرح سان حسين آهي، زندگي هر طرح سان اهم آهي.

”۽ وڏي ڳالهه ته منهنجي زندگيءَ سان جڏهن منهنجي پيارن، ابي امڙ، ڀائرن ڀينرن، ٻچڙن، يارن دوستن، گهرواريءَ ۽ پرينءَ هڪ وارِ به پيار ڪيو آهي ته، مان اُن کان ڪيئن ٿو نفرت ڪري سگهان. ڪيئن ٿو ان جي خلاف وڃي سگهان.“

ائين چئي پريل مسڪرايو ته، سانول سندس پُرسڪون چهري جي آتم ڪٿا کي چڱي طرح سمجهي ويو. تنهن هوندي به سانول، مُهين جي دڙي، لهندڙ سج ۽ آس پاس جي وڌيڪ سانتيڪي ٿيندڙ ماحول تي نظر وجهي اهو سوچڻ لڳو ته، هيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن جي ذهن ۽ دل ۾ ماڻهو سُيون ٽُنبين ٿا، کيس پريشان ڪن ٿا، سندس ۽ سندس ٻچن جي پيٽ تي لَت ڏين ٿا، کانئس خوشيون کسين ٿا... ۽ کيس ٻارڙن جي ارمانن اڳيان بيوس بڻائي بيهارن ٿا، کيس پنهنجن پيارن جا وڇوڙا ملن ٿا، هر پل کيس مارن ٿا، پوءِ به هي شخص کِلندو رهي ٿو... ڀرپور زندگي گذارڻ جي عزم سان اڳتي وڌي ٿو، هر رڪاوٽ کي پارِ ڪري ٿو.... ۽ هر انسان سان پيار ڪندي، محبت جا ٻج ڇٽي ٿو... !!؟؟

پريل، سانول کي سوچن ۾ ٻڏل ڏسي، کيس چيو:”سانول، هاڻي هل ته هلي سنڌوءَ کي ڏسئون.  ڏس، سج ڪي ٻه چار ڪانا مس وڃي مٿي بچيو آهي .... مان ٻڏل اوندهه ۾ وهندڙ سنڌوءَ کي ڏسڻ نٿو چاهيان.“

پوءِ هيءُ ٻئي دوست مُهين جي دڙي جي اسٽوپا تان اُٿيا ۽ سنڌوءَ طرف وڌڻ لڳا، جيڪو هيلوڪي سانوڻيءَ ۾ وڏي چاڙهه سان وَهي آيو آهي.

 

محمد علي پٺاڻ

ڪراچي

 

 

 

ٻه ننڍيون ڪهاڻيون

 

(1) پکين جي اُڏام

خوف... انتھائي خوف... لڱن ۾ ڏڪڻي... ٻئي پاسي عشق جو مست ۽ وڏو آواز... اُٿي... کُھِجَڻَ کانپوء به وک کَڻُ... کَڻُ... منزل اُھائي ويجهي ڪندئي... سوريءَ کي وِهانوَ جي  سيجَ سمجهه، چَري... سيخن تي پنهنجو ماسُ پچائڻ سِکُ، جو نِينھَن جو نالو ڳِيَڙو ٿَئيِ... ھي ڪا راند ناھي... سِسيِ نيزي پاند اُڇلڻي آ، ته ڀلي ٻه اَڌَ ٿي وڃي...

ڪيئن ڪيان، ھَئِه... پاڻَ ۾ ايڏي ھمٿ ڪٿان آڻيان... جيڪر ته سھيليءَ جي شاديءَ جي ڪاڄ ۾ پھريان ئي پاڻُ سنڀاليان ھا... ھُو ڀَلِ ڏسندو رھي ھا... مان اکيون ھيٺ ڪري ڇڏيان ھا... نيڻَ نه ملايانسِ ھا... اُھي مليا، ته ڦاٿسِ....“

ائين ڪوڙڪيءَ ۾ قابو ٿي وَئي... پوءِ جيئن ھَٿُ نِرڙ تي رکي، ماڻهن کان اک بچائي ان سلام ڪيس، ته ويتر وٺجي وئي... موٽ ۾ حجاب جا سڀ پردا ٽوڙي ھن کان به الائي ڪھڙي طاقت ائين ڪرايو...

ھيڏي ھوڏي ڏسي، ٻين کي پنهنجي ڌُنِ ۾ مگن محسوس ڪري، اشاري سان موبائل نمبر گهريائينس... بنا پين کڻڻ ۽ پني تي لکڻ جي چپن کي گول مول بڻائيندي ۽ آواز بنا لفظ ٺاھيندي اوڏي مھل ئي ڏئي ڇڏيائينس...

ان ئي راتِ دير سان موبائل اسڪرين تي اوپرو نمبر ڏسندي دل جو دھڪو وڌي ويس... ڪشمش... اَٽينڊ ڪيان، نه ڪيان...

نيٺ ڏڪندڙ آڱر ۾ ارادي جي اٽلتا اچي ويس... اَٽينڊ ڪيائين، ته ھُو ئي ھو... جاني! چئي مخاطب ٿيس، ته گل وانگر ٽِڙيِ پَئيِ...

موٽ ۾ لفظ زبان ۾ نه آيس... کن جي خاموشي... جيڪا ان ئي ٽوڙي... منهنجي اکين ۾ تنهنجيون اکيون اڃا ٽِڪَ ٻڌي بيٺيون آھن... ننڊ کسي ويون آھن...

ھُون... صرف ايترو اُڪليس...

پوءِ ھن ڪيتريون ڳالهيون ڪيون... ھن جي سونهن جي تعريف ڪئي... ھن جا لفظ سچ...! سچ... تائين محدود رھيا...

ٻي رات زبان جا زنجيرَ ٽُٽا... ۽ ائين ٽٽندا ئي ويا... نيٺ لفظ شادي... وچ ۾ آيو... مجبور ٿي ٻاهر ٻاڦ ڪڍڻي پيس... ماءُ گوڏي تي ھَٿُ ھَڻي چيو،ڇوري، قَھَرُ ڪري ڇڏيُئيِ...

امان، بيوس آھيان... توکان سواءِ ڪو چارو ڪونھيم... جيجِڙي امان...

رحم ۽ جهُٻي جي جذبي سان آنڊا مُنھَن ۾ آيا... مھل تاڙي انتھائي ٿڌي لھجي ۾ ڳالهه اصل ڪَنَ تائين ان ذريعي پھتي... پِيئيتيِ زبري ذات جي اَنا باھِ تي پئٽرول جيان ڀڙڪي اُٿي... نَنھَن کي لوھَ جا نَوَ ڪوٽَ پئجي ويا... ھڪدم موبائيل فون کسجي وئي... جنهن سان معصوم دل جو ڦَٿِڪو چوٽ چڙھي ويو... خودڪشي ڪنديس...

اُڪو ئي ڪَرِ... جواب ۾ ٽانڊا...

چارئي واھون بند... آٿَتَ ڏيڻ واري اَمڙ به زاري ڪري اھو چئي مُنھُن ڦيري وئي ته، توکي سِرُ تَتو آ، ته ڀلي ٽُڪَرَ ٿيءُ...مون کي ساھُ پيارو آ...

گهر ۾ ھڪ ڏينهن پاڙيسرياڻي پوڙھي مائي آئي... ماءُ ان لاءِ چانھ ٺاھڻ وئي، ته ان وجهه وٺي محبوب جو نياپو پڄايو...

پوءِ ان ئي راتِ جي وڏي اَسُرَ جو لَٽَنِ جي ننڍي ھَڙَ ھٿن ۾ ڪري ٻليءَ پير گهر مان نڪتي... ٻاھران محبوب بيٺل... ڀاڄِ... لِڪَ... ھِڪَ کان پوءِ ٻئي ھنڌ.. آخرسڀ بيزارُ... ھِڪُ ئي عُذِرُ، اسان ڪچي پنڊي... وڌيڪ توهان کي ترسائي پاڻ تي ڪا مصيبت نٿا وجهي سگهون....“

نيٺ ھڪ ھنڌ وارن جي مدد سان ڪورٽ مئريج ٿي وئي... باھِ پوءِ به جهَڪي نه ٿي... انهن جي گهر جو مھل ڪُمھل ڪو در کڙکائي، ته ساھُ مُٺ ۾... لِڱَ ٿَڌا، جھڙي برف... ننڊَ ۾ به ڇرڪ...

بيزاري ۽ ڪاوڙ ۾ پاڻ ۾ گفتگو "ھي سڀ ڇاھي... پيارَ پرڻو ڪيو آ... ڪو اھڙو سنگين ڏوهه ته نه ڪيو آ... جنهن جي ايڏي وڏي سزا... اڙي، ان جي اجازت ته اسان جو مذهب به ڏئي ٿو، ته مُلڪي قانون به...

اوچتو خبر چار ھوندي به وچ ۾ اغوا جي فرياد اچي وئي... ڪينگر کان اُٻَنگُ ڳئورو ٿي ويو... مڙس جا ماءُ پيءُ گرفتار ٿي ويا... ٻيا گهر ڀاتي روپوش... دنيا جھانَ چُپِ...

"پيشِ پَئُون... "

ڇو....؟!“

مجبوري آ... ماءُ پيءُ جهليل آھن... زمانو چڱو نه چوندو....“

ٻاھر نڪتا... ٿاڻي تي پھچڻ کان اڳ خونخوار، گِگَ ڳاڙيندڙ جانورن مان رَسا نڪتا... انھن جي پويان وَرَ کُنجيلَ ماڻهو... ڊوڙ... سھڪو... ساڻائي... بيوسي... چَڪَ... اَئيليِ... اَئيليِ... جا آواز... ڪَڍَ انڌاڌنڌ فائر... چيخون... پکين جو ڀڙڪو ڏئي اُڏام... رت لڪيرون ٺاھي، پھريان ويچارا ڪڍندڙ واھُڙ ٿي وھندو، پوءِ ڏک ۽ افسوس جي ڍنڍَ ۾ تبديل ٿي ويو...!!

(2) پَڪي گهڙي

ھيءُ تو ڇا ڪيو آ رفيق...!؟“ ماءُ ڏوراپي ۽ ميارِ واري انداز ۾ ننڊ پوڻ کان ٿورو اڳ رڌڻي مان ٻاھر ايندي ڏکاري لھجي ۾ رفيق کان پڇيو.

ڇا ڪيو ٿئين...!؟“ پڻس کٽ تي پاسو ورائي رفيق ڏانهن ڏسندي ماڻس سان مخاطب ٿي پڇيو.

چوري ڪئي ٿئين...“

چوري!

ھا....“

ڇا چورايو ٿئين...؟“ پڻس ٻيو سوال ڪيو.

مان.... چوري.... نه ڪئي آ...“ رفيق ھيسجي ماءُ بدران پيءُ کي وراڻيو.

ٻڌاءِ کنڊ گهڻي وٺي آئين...؟“ ماڻس ٻيو سوال ڪيس..

پنج ڪلو....“

ڪوڙ ٿو ڳالهائين. کنڊ پئوڻا چار ڪلو آ. مان تارازيءَ ۾ ٻه دفعا توري آ.

نه امان، قسم آ..

ان کان اڳتي جو وڌيڪ ڪجهه چوي ماءُ چيس، مان توري آ. ڪوڙ تي قسم نه کڻ. گناھُ آ ۽ اھا عادت سٺن ٻارن لاءِ تمام گهڻي خراب آ. سچ سچ ٻڌاءِ، شاباس....“

ھا، پئوڻا چار ڪلو ئي ورتي... ھيءُ دفعو معاف ڪر... اڳنان ائين نه ڪندس....“

ڪڍي ڏي کيسي مان پئسا، سموري جا سمورا....“

رفيق ڏڪندي سڀ ڏوڪڙ ھڪدم قميص جي پاسي واري کيسي مان ڪڍي ماءُ جي تِريءَ تي رکي ڇڏيا....

ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، وڃ ھاڻي اندرئين ڪوٺيءَ ۾ وڃي سمھ. اڄ کان مان توکي ڪوڙو سمجهنديس. مون کي تنھنجي ماءُ سڏائيندي شرم ايندو....“

رفيق خاموشيءَ سان تڪڙو تڪڙو اندر وڃڻ لڳو ته پٺيان چيائينس، منهنجو توسان ڳالهائڻ ٻولھائڻ ھينئر کان ختم آ. مون کي امان ڪري نه سڏيندو ڪر. نه ئي مان ڪنهن چور جي ماءُ ٿينديس....“

پوءِ پڻس جي ڀرسان رکيل پنهنجي کٽ تي ويٺي مس ته ان چيس، تنهنجي اھا ڳالھه مونکي وڻي. مارَ بجاءِ اھڙي نفسياتي طريقي سان ڪچي ۾ ئي ٻارَ کي پلڻ ۽ گندين عادتن کان بچائڻ  گهرجي. نه ته پَڪي گهڙي ڪي ڪَنا پوندا ڇا....“

آسڪروائلڊ                                             ]پرڏيهي ڪهاڻي[

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪراچي

 

 

 

 

 

بُلبل ۽ ڳاڙهو گلاب

 

”هُن چيو آهي ته مان توسان رڳو ان صورت ۾ ناچ ڪنديس، جڏهن تون منهنجي لاءِ ڳاڙهو گلاب آڻيندين؟“ نوجوان شاگرد وڏي آواز ۾ چيو، ”پر سڄي باغ ۾ هڪ به ڳاڙهو گلاب ڪونهي.“

بيد مشڪ جي وڻ تي پنهنجي آکيري ۾ ويٺل بُلبل نوجوان جي ڳالهه ٻڌي ۽ حيران ٿيندي پنن کان ٻاهر ليئو پاتائين.

”منهنجي سڄي باغ ۾ ڳاڙهي گلاب جو هڪ به گل ڪونهي.“ اهو چوندي نوجوان جي اکين ۾ ڳوڙها تَري آيا، ”آهه...! خوشيءَ جو دارومدار ڪيترين ته ننڍين ننڍين شين تي هوندو آهي. مان وڏن وڏن عالمن ۽ ڏاهن جي لکڻين کي پڙهيو آهي، فلسفي جي رازن رمزن ۽ گهرائيءَ کي به چڱي حد تائين سمجهيو آهي، پر رڳو هڪ معمولي ڳاڙهي گلاب جي ڪري منهنجي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.“

”هن کي چئبو اٿوَ سچو عاشق!“ بُلبل چيو، ”هن جي مٿي جا وار رات وانگر ڪارا آهن ۽ چَپ، کيس گهربل گلاب وانگر ڳاڙها، پر جذباتي آنڌ مانڌ جي ڪري سندس چهرو هيڊو پيلو ٿي ويو آهي ۽ نرڙ تي اداسيءَ ۽ مايوسي جا پاڇا لَڙي آيا آهن.“

”سڀاڻي رات شهزادي ناچ جي محفل جو بندوبست ڪيو آهي.“ نوجوان شاگرد ڀُڻ ڀُڻ ڪئي، ”۽ منهنجي محبوبا به اتي هوندي. جيڪڏهن مان ڳاڙهي گلاب جو گل کيس آڻي ڏنو ته پوءِ صبح تائين هوءَ مون سان گڏ ناچ ڪندي ۽ مان کيس پنهنجي ٻانهُنِ ۾ سمائي سگهندس. سندس مٿو منهنجي ڪلهي تي رکيل هوندو ۽ سندس هٿ منهنجي هٿن ۾ هوندا، پر باغ ۾ ته ڳاڙهي گلاب جو ڪو نانءُ نشان ئي ڪونهي. افسوس جو ناچ جي ان محفل ۾ مان اڪيلو هوندس ۽ هوءَ وڏي لاپرواهيءَ ۽ ناز نخرن سان منهنجي پاسي کان لنگهي ويندي. هوءَ غيرن سان گڏ ناچ ڪندي ته منهنجي دل ڏکي پوندي.“

”مان الائي جي ڪيتريون راتيون محبت جا گيت ڳائڻ ۾ گذاريون آهن.“ بلبل سوچيو، ”۽ جنهن جذبي جي باري ۾ مان ڳائيندي آهيان، تنهن جي باهه ۾ هي نوجوان ويچارو سڙي رهيو آهي. جيڪا شيءِ منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي، سائي هن لاءِ مصيبت آهي. محبت سچ ته هڪ حيران ڪندڙ شيءِ آهي. اها ته ياقوت ۽ زمرد کان به وڌيڪ قيمتي آهي. اها ڪا اهڙي شيءِ به ناهي، جيڪا بازار ۾ وڪامندي هجي. ان کي ڌن دولت جي بدلي ۾ به حاصل نه ٿو ڪري سگهجي.“

”موسيقار ساز ڇيڙيندا.“ نوجوان شاگرد ڏکاري لهجي ۾ چيو، ”۽ منهنجي محبوبا وائلن ۽ سارنگيءَ جي لَئه تي ناچ ڪندي. هوءَ اهڙي ته موهيندڙ ۽ سيبتي انداز ۾ نچندي جو سندس پير فرش کي به ڪو نه ڇُهي سگهندا. چمڪيلا لباس پايو درٻاري سندس آسپاس پيا ڦرندا وتندا، پر افسوس جو هوءَ مون سان گڏ ڪونه نچندي، ڇو جو کيس ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڳاڙهو گلاب ڪونهي.“

اهو چئي نوجوان شاگرد ڇٻراٽي تي اونڌو ٿي ڪِري پيو ۽ پنهنجو چهرو هٿن ۾ لڪائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو.

”هيءُ ڇو پيو روئي؟“ هڪ سانڊي پنهنجو پُڇ هَوا ۾ لهرائي سندس ويجهو لنگهندي پڇيو.

”خبر ناهي ته ڇو پيو روئي؟“ هڪ پوپٽ، جنهن روشنيءَ جي ڪرڻي سامهون پنهنجا پَر پئي کنڊيريا، چيو.

”اهو نوجوان ڳاڙهي گلاب لاءِ روئي رهيو آهي.“ بلبل جواب ڏنو. کيس ان نوجوان شاگرد جي اداسيءَ جو ڪارڻ معلوم هو. ان بيدمشڪ جي وڻ تي ويٺي ان نوجوان بابت پئي سوچيو.

اوچتو هن پنهنجا پَرکوليا ۽ هَوا ۾ لامارا ڏيڻ لڳي. ڪنهن اڏامندڙ پاڇي وانگر وڻ وٽان لنگهي باغ ٽَپي وئي. ڇٻراٽي جي وچ ۾ گلاب جو هڪ سهڻو ٻوٽو جُهولي رهيو هو. جڏهن بلبل جي نظر مٿس پئي ته اها اڏامندي وٽس پهچي وئي.

”مون کي هڪ ڳاڙهو گلاب ته ڏي!“ هن رڙ ڪئي، ”ان جي بدلي ۾ مان توکي پنهنجو هڪ موهيندڙ گيت ٻڌائينديس.“

پر گلاب جي ٻوٽي نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي جواب ڏنو، ”منهنجا گل ته اڇا آهن، سمنڊ جي گجيءَ وانگر ۽ جبلن جي برف کان به اڇا- تون هيئن ڪر جو منهنجي ڀاءُ وٽ وڃ، جيڪو شاگرد جي دريءَ وٽ ڦُٽو بيٺو آهي. متان به هُو توکي ڳاڙهو گلاب ڏئي سگهي.“

بلبل اڏامي ان ٻوٽي وٽ آئي.

“مون کي هڪ ڳاڙهو گلاب ڏي- بدلي ۾ مان توکي هڪ سُريلو گيت ٻڌائينديس.“ بلبل رڙ ڪري چيو.

پر ٻوٽي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، ”منهنجا گل آهن ته ڳاڙها- ڳيري جي پيرن جي سنهڙين آڱرين کان به ڳاڙها ۽ کيکڙي جي انهن ڄنگهن کان به ڳاڙها، جيڪي سمنڊ جي غارن ۾ رهندا آهن، پر افسوس جو سياري منهنجو رت ڄمائي ڇڏيو آهي ۽ پاري منهنجي مکڙين کي ساڙي ڇڏيو آهي. طوفان منهنجون شاخون ڀڃي ڇڏيون آهن. تنهنڪري هن سال مان گلن کان محروم ٿي ويو آهيان.“

”مون کي ته رڳو هڪ ئي گُل کپي.“ بلبل تيزيءَ سان ڳالهايو، ”رڳو هڪ ڳاڙهو گلاب- ڇا ڪا اهڙي اٽڪل ناهي جو مون کي هڪ گل ملي وڃي؟“

”ها! هڪ طريقو آهي.“ ٻوٽي وراڻيو، ”پر اهو ايڏو ته خطرناڪ طريقو آهي جو توکي ٻڌائڻ جي همت ئي ڪونه پئي ٿي.“

”نه نه! مون کي ضرور ٻڌاءِ. مان صفا ڪونه ٿي ڊڄان.“ بلبل وڏي اعتماد سان چيو.

”جيڪڏهن توکي ڳاڙهي گلاب جي ضرورت آهي.“ ٻوٽي چيو، ”ته پوءِ توکي ان کي چانڊوڪيءَ رات ۾ پنهنجي سريلي گيت سان پيدا ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي دل جي رَت سان ڳاڙهو بڻائڻو پوندو. تون پنهنجو سينو هڪ ڪنڊي تي رکي سڄي رات مون کي پنهنجو گيت ٻڌاءِ- ڪنڊي چڀڻ سان تنهنجو رت نڪري منهنجي رڳن ۾ منهنجو حصو ٿي ويندو.“

”هڪ ڳاڙهي گُلاب جي ايڏي وڏي قيمت؟“ بلبل دانهن ڪئي، ”زندگي ته سڀني کي پياري ٿيندي آهي پر محبت ته زندگيءَ کان به وڌيڪ پياري هوندي آهي ۽ وري انساني دل جي ڀيٽ ۾ هڪ پکيءَ جي دل جي حيثيت به ڪهڙي آ؟“

بلبل اهو چئي اڏامڻ لاءِ پنهنجا کنڀ کنڊيريا ڀڙڪو ڏئي هَوا ۾ مٿي اڏاڻي. هڪ پاڇي وانگر لامارو ڏئي بيدمشڪ جي وڻ تي ويهي رهي.

ڇٻراٽي تي نوجوان شاگرد اڃان تائين اُن ئي هنڌ تي ليٽيو پيو هو. سندس خوبصورت پنبڻين تان ڳوڙها خشڪ ڪونه ٿيا هئا.

”خوش ٿيءُ ڇوڪرا!“ بلبل رڙ ڪئي، خوش ٿيءُ! توکي پنهنجو ڳاڙهو گلاب ضرور ملي ويندو. مان ان کي چانڊوڪي رات ۾ پنهنجي گيت سان تيار ڪنديس ۽ پنهنجي دل جي رَت سان ان کي ڳاڙهو ڪري ڇڏينديس. ان جي بدلي ۾ مان رڳو ايترو چاهينديس ته تون هڪ وفادار عاشق ٿيڻ جي ڪوشش ڪجان ۽، ڇو ته محبت فلسفي کان وڌيڪ ڏاهپ ڀريل هوندي آهي. محبت جو رنگ ٽانڊي وانگر ڳاڙهو ۽ سندس جسم باهه جي ڀڀڙ وانگر ٿيندو آهي. ان جا چپ ماکيءَ وانگر مٺا ۽ ان جو ساهه لوبان وانگر خوشبودار ٿيندو آهي.“

نوجوان شاگرد پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ وڏي ڌيان سان ٻڌڻ لڳو، پر هُو بلبل جي ڳالهه ڪونه سمجهي سگهيو، ڇو جو هُو رڳو انهن ڳالهين کان سونهون هو، جيڪي ڪتابن ۾ لکيل هونديون آهن.

بيدمشڪ جو وڻ اهو سڀڪجهه سمجهي رهيو هيو. هو ڏاڍو اٻاڻڪو ٿي ويو، ڇو جو هُو ننڍڙي بلبل کي، جنهن سندس شاخن تي پنهنجو آکيرو ٺاهيو هو، ڏاڍو چاهيندو هو.

”مون کي پنهنجو آخري گيت ٻڌاءِ“ وڻ، بلبل کي ڏکارو ٿيندي چيو، ”توکان پوءِ اڪيلائي مون کي کائڻ ايندي.“

وڻ جي چوڻ تي بلبل کيس هڪ سريلو گيت ٻڌايو. سندس آواز ڪيڏو ته ڏکوئيندڙ هو. جڏهن هوءَ گيت ختم ڪري چڪي ته نوجوان شاگرد اُٿيو ۽ پنهنجي کيسي مان ڪاپي ۽ پينسل ڪڍيائين. ”بلبل کي جسم ته آهي.“ ڇٻراٽي تي هلندي هن پاڻ سان ڳالهايو، ”پر ڇا هوءَ جذبا ۽ احساس به رکندي آهي. مان ڀانيان ٿو ته ائين ڪونه هوندو. پَڪ سان هوءَ هڪ سٺي ڳائڻي آهي. ان جو انداز ڏاڍو وڻندڙ آهي، پر ان ۾ خلوص ۽ سچائيءَ جي ذري به ڪانهي.

هوءَ ٻين لاءِ ڪڏهن به پاڻ کي قربان ڪري نه ٿي سگهي. هن جو سڀ ڪجهه موسيقي آهي. سچ ته سندس آواز ڏاڍو خوبصورت ۽ سُريلو آهي. ڪيتري نه ڏک جي ڳالهه آهي جو هن جا گيت پنهنجي اندر ڪابه معنيٰ نه ٿا رکن، تنهنڪري اهي ڪنهن به ڪم جا ڪونهن.

هُو پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي ننڍڙي کٽ تي ليٽي پيو ۽ محبوبا جي تصور ۾ گم ٿي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ کيس ننڊ اچي وئي

۽ جڏهن چنڊ آسمان تي پنهنجا ٿڌڙا ڪرڻا وکيرڻ لڳو ته بلبل پنهنجي آکيري کان موڪلائي اڏامي گلاب جي ٻوٽي وٽ هلي آئي ۽ پنهنجي نرم ۽ نازڪ سيني کي هڪ ڊگهي ڪنڊي تي اچي رکيائين. پوءِ هن هڪ رنگين گيت ڇيڙيو. ڪنڊو هوريان هوريان سندس سيني ۾ ٽنبجندو رهيو ۽ رت هڪ ننڍڙي ڦوهاري وانگر ٻاهر نڪرڻ لڳو.

پهريائين هن محبت جي ان شروعاتي جذبي جي باري ۾ گيت ڳايو، جيڪو نوجوانن جي دلين ۾ پيدا ٿيندو آهي. پوءِ اوچتو گلاب جي ٻوٽي جي سڀ کان مٿانهين شاخ تي هڪ تازو ۽ وڻندڙ گل اُڀري آيو. جيئن جيئن سندس گيت جي لئه بُلند ٿيندي وئي، تيئن تيئن نوان گونچ ۽ مکڙيون ظاهر ٿيڻ لڳيون. اهو گل درياءَ تي پکڙيل ڪوهيڙي جهڙو هيڊو پيلو هو. ٻوٽي بلبل کي چيو، ”پنهنجي سيني کي زور زور سان ڪنڊي سان لڳاءِ. اي ننڍڙي ننڍڙي بلبل! ائين نه ٿئي جو گلاب جي گل جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ سج اُڀري پوي.“

اهو ٻڌي بلبل زور سان پنهنجو سينو ڪنڊي ۾ ٽُنبيو. سندس گيت جي لئه تيز ٿيندي وئي، ڇو جو هاڻي هوءَ محبت جي انهن جذبن جي شان ۾ ڳائي رهي هئي، جيڪي عاشقن جي روح ۾ حشر برپا ڪري ڇڏيندا آهن. گلاب جي ننڍڙين ننڍڙين پتين تي گلابي رنگ جي هلڪڙي لهر ائين ڊوڙي وئي جيئن شاديءَ رات ڪنوار جي چپن کي چمندي گهوٽ جي ڳٽن تي ڊوڙي ويندي آهي. ڪنڊو اڃان تائين بلبل جي دل تائين ڪونه پهتو هو، تنهنڪري گلاب جي دل به اڃان تائين اڇي ئي هئي، ڇو جو بلبل جي نازڪ دل جي رت ئي گلاب جي دل کي ڳاڙهو ڪري سگهي ٿي.

ٻوٽي هڪ ڀيرو ٻيهر رڙ ڪئي ته هوءَ اڃان به زور سان سيني ۾ ڪنڊو ٽنبي. زور سان ۽ زور سان اي ننڍڙي بلبل! اڃان به زور سان..... ڪٿي ائين نه ٿئي جو گلاب جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ سج اُڀري پوي.“

بلبل ائين ئي ڪيو ۽ ڪنڊو سندس دل ۾ لهي ويو. سندس جسم ۾ درد جي هڪ تيز لهر ڊوڙي وئي. اها لهر ڏاڍي ايذائيندڙ هئي...... ڏاڍي دردناڪ...... سندس گيت جي لئه به تيز ٿي وئي، ڇو ته هاڻي هوءَ محبت جي شان ۾ ڳائي رهي هئي. محبت، جيڪو هڪ ابدي ۽ سرمدي جذبو آهي. کيس ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ڪونه هئي ته هوءَ جلد ئي موت جي واديءَ ۾ پهچڻ واري آهي.

۽ پوءِ اهو حيران ڪندڙ گلاب ڳاڙهو ٿي ويو. اهڙو ڳاڙهو جهڙو سج اڀرڻ وقت آسمان جو شفق هوندو آهي. بلبل جو آواز جهيڻو ٿي ويو. هوءَ پنهنجا ننڍڙا پَرڙا ڦڙڪائڻ لڳي. سندس اکين جي روشني جَهڪي ٿي وئي. سندس گيت جي لئه به گهٽ ٿي وئي. کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪنهن سندس نِڙيءَ کي مَهٽي ڇڏيو آهي. پوءِ هن پنهنجي سموري سگهه گڏ ڪري هڪ آخري لئه بلند ڪئي. ڳاڙهو گلاب اها لئه ٻڌي مستيءَ مان جهومڻ لڳو ۽ پوءِ هن صبح جي ٿڌڙي هِير اڳيان پنهنجون نازڪ پَتيون کولي ڇڏيون.

”ڏس! ڏس!“ ٻوٽي رڙ ڪئي،“ گلاب مڪمل ٿي چڪو آهي.“ پر بلبل ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، ڇو ته هوءَ هيٺ ڇٻر تي ڪِري پئي هئي. زندگيءَ سان سندس ناتو ڇڄي چڪو هو.

ٻيپهريءَ وقت نوجوان شاگرد پنهنجي ڪمري جي دري کولي ٻاهر ڏٺو ۽ ڇرڪ ڀري چيائين، ”خدايا! مان ڪيڏو ته خوش نصيب آهيان! هتي ته ڳاڙهو گلاب ٽڙيو بيٺو آهي. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو ڳاڙهو گلاب ڪڏهن به ناهي ڏٺو. واهه! هيءُ ڪيڏو ته سهڻو آهي.“

اهو چئي هُو ٻاهر جُهڪيو ۽ سهڻو ڳاڙهو گل پَٽي ورتائين ۽ پوءِ وري پنهنجي محبوبا جي گهر ڏانهن ڊوڙ پاتائين. من موهڻي پدمڻي ورانڊي ۾ ويٺي هڪ ڦِرڻيءَ تي نيرو سُٽُ ويڙهي رهي هئي. سُٽ جو هڪ ننڍڙو ويڙهُوٽو سندس پيرن ۾ پيو هو.

”تو چيو هو نه ته جيڪڏهن مان تنهنجي لاءِ هن موسم ۾ ڪٿان کان به ڳاڙهي گلاب جو گل آڻيان ته تون مون سان گڏ ناچ ڪندينءَ.“ نوجوان شاگرد خوشيءَ وچان ٻڌايو،“ ڏس! هيءُ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڳاڙهو گلاب آهي. اڄ هيءُ گل تون پنهنجي ريشمي لباس ۾ دل واري هنڌ تي سجائجانءِ. ۽ پوءِ جڏهن اسان ٻئي گڏجي نچنداسين ته اهو ڳاڙهو ۽ مهڪندڙ گل توکي ٻڌائيندو ته مان توکي ڪيڏو ته چاهيان ٿو.“

پر ڇوڪريءَ جي نرڙ تي گُهنج اُڀري آيا، ”مون کي افسوس آهي جو مان ان گل کي پنهنجي لباس تي سجائي نه ٿي سگهان.“ هن وڌيڪ ٻڌايو، وزير جي ڀائٽي منهنجي لاءِ ڪجهه اصلي هيرا جواهر موڪليا آهن. سڀني کي خبر آهي ته هيرا جواهر گلن کان گهڻو وڌيڪ قيمتي هوندا آهن.“

”خدا جو قسم! تون وڏي ناشڪري ڇوڪري آهين.“ نوجوان شاگرد ڪاوڙ وچان رڙ ڪئي. پوءِ هن اهو گلاب جو گل ٻاهر گهٽيءَ ۾ اڇلايو ۽ اهو هڪ گندي ناليءَ ۾ وڃي ڪريو.

”اڇا!؟... ته مان ناشڪري آهيان.“ ڇوڪريءَ ڌڪار مان ڳالهايو، ”۽ تون وري....؟؟ ۽ تون وري هڪ بدتميز، بيهودو ڇوڪرو آهين. مون کي ٿورو اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي ڪهڙي حيثيت آهي؟

تون هڪ شاگرد آهين..... هڪ معمولي شاگرد....! تون ته چاندي ڏٺي به ڪونه هوندي، پر وزير جي ڀائٽئي جي بُوٽن جا بَڪلَ به چانديءَ جا آهن.“ اهو چئي هوءَ ڪرسيءَ تان اُٿي ۽ اندر هلي وئي.

”محبت به ڪيڏي نه واهيات شيءِ آهي.“ گهر موٽندي نوجوان شاگرد ڀُڻڪيو. محبت کان ته منطق ئي بهتر آهي. محبت ته ڪنهن ڳالهه کي ثابت به نه ٿي ڪري سگهي. محبت اسان کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندي رهندي آهي، جيڪي ڪڏهن ٿيون ئي ڪونه هونديون آهن ۽ سدائين اهڙين ڳالهين تي ويساهه آڻڻ لاءِ ڀڙڪائيندي رهندي آهي، جن جو ڪو وجود ئي ناهي هوندو. محبت عمل جوڳي شيءِ ئي ڪونهي. اڄ کان مان وري فلسفي جي هنج ۾ پناهه وٺندس ۽ مابعد الطبيعات جي مطالعي ۾ غرق ٿي ويندس.“

ڪمري ۾ داخل ٿي هن اِلماري کولي هڪ ٿلهو ڪتاب ڪڍيو ۽ ان جي دَزَ ڇنڊي ان جا ورق اُٿلائڻ پٿلائڻ لڳو.

بهادر ٽالپر

بدين

 

 

 

(1) ٻڪرار

ٻڪرار کي فقط هڪ ڪنڊو لڳو هو ته ويهه واٽون صاف ڪري ڇڏيون هئائين.... جيڪي سڀ جبل جي ڪياڙي کان ٿي مٿي وڃي رهيون هيون.... ڄڻ وينگس جي وارن جون نڪتل سينڌون هجن....!! ٻڪريون اڳيان ۽ هُو پويان هوندو هو ته ڪٿي ڪا ٻڪري پويان رهجي نه وڃي....!! ٻڪرار جو پيءُ جڏهن وهي ۾ پوئتي رهجي ويو هو.... ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هُو گڏگڏ جبل جون واٽون چڙهندا هئا.... ۽ جبل تي موجود جڙي ٻوٽيون سندن ائين آڌر ڀاءُ ڪنديون هيون.... ڄڻ ويهه ئي واٽون گلن ڦلن سان ڇانئجي ويون هجن....!! هڪ ڏينهن ٻڪرار جو پيءُ ڪنهن ڪم سانگي پويان گهر ۾ رهجي ويو هو ته کيس اڻ تڻ ٿي هئي.... ۽ هُو جبل جي واٽ مٿي چڙهندي ٻڪرين جو ڳاڻيٽو ڀلجي ويو هو....!! مٿي آڪاس ۾ ڏٺو هئائين ته ڪڪر هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي رهيا هئا.... ان ويل هن کي پنهنجي وني ياد آئي هئي....!! هڪ ”لوڪ ڏاهي“ واتان ٻڌو هئائين ته ”وني ته ٻني آهي.... جنهن ۾ مرد پنهنجي جوڀن جوانيءَ جو ٻج ڇٽيندا آهن....!!“

ٻڪريون جڙي ٻوٽين کي کائي ڄڻ خوش ٿي رهيون هيون.... ۽ وري ٻڪرار جي اکين ۾ لڙڪ هئا.... هڪ ٻڪريءَ مان هن کي ٽي ٻڪريون ڏسجي رهيون هيون.... پهاڙ جي اوچائي تي اُڀري آيل ننڍڙيون ننڍڙيون چوٽيون ٻڪرار کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيون هيون.... اوچتو آڪاس ۾ چوڏهين جو چنڊ نمودار ٿيو.... ۽ پر اسراريت ايتري وڌي وئي جو هُو محسوس نه ڪري سگهيو ته هيءُ سڀڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي....؟ آڪاس مان بهشت هيٺ اچي سندس ڀاڪرن ۾ اچي ويو هو.... هن تي مدهوشي ايتري غالب اچي وئي.... جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو هو....! ٻڪريون جڙي ٻوٽيون کائي ننڊ جي سحر ۾ جڪڙجي ويو هيون.... ۽ جبل پري کان ڪنهن پروهت جو ڏيک ڏئي رهيو هو....!!

(1) گهنڊڻيون- جن ۾ ڪوبه وقفو نه هو....!

ان ڏينهن اسان جي گهر جا در ۽ ديوارون ڄڻ سوڳ ۾ هئا....! آخر انهن کي ڇا ٿي ويو هو....! انهن تي ڪجهه ئي مهينا اڳ ڪرايل رنگ جون رونقون اداس هيون....! انهن رونقن کي پاڻ ۾ سمائيندڙ بصارتون به ڄڻ بي رونق هيون. بصارتن جا دلين ڏانهن ويندڙ پيغام به اداس اداس هئا...!! ان ڏانهن ڪو زلزلو اچڻو هو.... يا ڪڪرن مان ڪا اهڙي ڪار وسڻي هئي، جهڙي ڪار هڪ ڪمري جي ڪنڊ ۾ ڪنهن سنگتراش پاران تراشيل مورت جي اکين ۾ هئي.... سچ ته اهي اکيون به ڪڏهن رنيون هيون، جن جي شاهدي سنگتراش جي اوزارن ۽ ڇيڻين هٿوڻين به ڪڏهن ڏني هئي...!! پر سنگتراش مجبور هو.... هُو شڪاري نه هو، پر هڪ فنڪار ۽ آرٽسٽ هو.... جنهن موناليزا جي اکين ۾ پاڻ وڃائي اهو فن حاصل ڪيو هو...!! موناليزا کي ڏسڻ کان پوءِ هن جا خواب بدلجي ويا هئا.... ۽ سندس اکين ۾ عجيب موسم لٿي هئي....! اهي اکيون. جن کي سهاڳ- رات سندس ماءُ ائين چميو هو.... ڄڻ هُو ڪو نئون نويلو ڄائو هو.... حقيقت ۾ هو به ائين...!

هن فطرت مان آهستي آهستي گم ٿيندڙ ڪيترن ئي جانورن جا مجسما تراشيا..... ۽ هر جانور جي مجسمي تراشڻ پڄاڻان هن کي لڳو ته هُو ڏينهون- ڏينهن نئون بڻجي رهيو آهي...! هر کي نئين بڻجڻ واري سڌ اول اول نه هئي، پر هو مجسمي جي تيار ٿيڻ وقت ان ئي مجسمي کيس ”نئين“ واري نويد پئي ٻڌائي.....!!

اوچتو ڪمري جي ديوار تي لٽڪيل ڪئلينڊر پنکي جي هوا تي لڏندي لمندي اچي مُورتي مٿان ڪريو..... ته ڇرڪ سان گڏ مون کان هڪ دانهن نڪري وئي..... الا.... منهنجي هرڻي منهنجي جماليات جي تسڪين..... تيستائين منهنجي ٻاهرئين دروازي تي گهنٽي وڳي..... ٺيڪ ان ئي ويل منهنجي ننڍڙي ٽي- وي آن ڪئي.... ته ان تي خبرون هلي رهيون هيون....! دروازي تي ٻئين ڀيري گهنٽي وڳي....! ته آءٌ اوڏانهن ڀڳس.... دروازي تي پهتس ته گهنٽي جو آواز ٻئين پاسان اچڻ لڳو.... ته آءٌ ان طرف وڃڻ لڳس..... ۽ سوچڻ لڳس:“ ممڪن آهي اهو سنگتراش ئي هجي..... تيستائين منهنجي ننڍڙي منهنجي ٻانهن مان پڪڙي ٻڌايو ته ”بابا هينئر هينئر ٽي وي تي خبر هلي پئي ته ٿر ۾ ڪيترن ئي هرڻن جو خون ڪيو ويو آهي.....!“ اهو ٻڌندي ئي منهنجي اکين ۾ موت جهڙي رات اچي وئي...... ۽ هر طرف کان گهنڊڻيون ئي گهنڊڻيون وڄي رهيون هيون..... جن ۾ ڪوبه وقفو نه هو......!!!

ارشادِ سومرو

حيدرآباد

 

 

 

سڀاڳي

 

”ڌاڙيل ماءُ! جلدي ڪر چانهه ٺاهي ڏي، هڪ وڏي آسامي هٿ لڳي آهي، ان کي هٿيڪو ڪرڻو آهي، هن آساميءَ مان وڏو ڌڪ لڳندو، ڪئي وانگر ڪنن مان سونا سڪا ڇڻ ڇڻ ڪري ڇڻندا.“

هن نئين شڪار جي ڦاسائڻ جي ڳالهه زال سان ڪئي ۽ جلدي چانهه ٺاهڻ لاءِ به چيو. پريان چلهه تي مائي سڀاڳي چانهه جو ٻاٽو چاڙهيو ويٺي هئي، ۽ ڪاٺين کي سوري ڦوڪون ڏئي باهه ٻارڻ جي ڪوشش به ڪري رهي هئي، ۽ ميرو ڌاڙيل سليپر جي تري تان ڪاٺيءَ سان مٽيءَ کي لاهڻ ۾ لڳي ويو. ”ها، بس سگهو ٿي آڻيان، ڪاٺيون آليون آهن، باهه ٻري ئي ڪونه ٿي.“ مائي سڀاڳيءَ آلين ڪاٺين کي ڦوڪ ڏيندي چيو.

”ابا! تون امڙ کي ڌاڙيل ماءُ ڇو چوندو آهين؟ منهنجو نالو ته نويد آهي، نويد معصوميت ۽ ڪاوڙ مان چيس.

”اڙي ڇورا! ڌاڙيل جو پٽ ڌاڙيل نه ٿيندو ته باقي ايس.پي ٿيندو؟“ ميروءَ ڌاڙيل کلندي چيس، جيڪو سليپر صاف ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪليشن کي صاف ڪري لوڊ ڪرڻ لڳو ۽ ٿيلهو گولين سان ڀري ڪليءَ ۾ ٽنگي رکيو.

”ابا! مان ته پڙهي پوليس وارو ٿيندس ۽ ڌاڙيل پڪڙيندس.“ نويد اکين کي مهٽيندي چيو، جيڪو ننڊ مان اُٿي کٽ تي پير لٽڪائي ويٺو هو.

”بلي! شڪل ته ڏسو مڙس جي، پوليس وارو ٿيندو ۽ وري ڌاڙيل پڪڙيندو، هتي وڏا وڏا
آڙي ڪاپ، پوليس وارا ڪياڙي کنهي موٽي ويا، هيءُ پٽ ڌاڙيل پڪڙي ماريندو، پنهنجو خير گهُر. ميروءَ ڌاڙيل وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو، ۽ شهپرن کي سرنهن جو تيل هڻي مُڇن کي وٽڻ لڳو.

”ابا، مان کي ته ڌاڙيلن جي سڀني ٿاڪن جو پتو آهي. مان سڀني کي پڪڙيندس. نويد اُميد مان چيو ۽ چلهه جي ڀرسان رکيل ٻاراڻي ڪتاب کي حسرت سان ڏسڻ لڳو، جيڪو ماڻس باهه نه ٻرڻ ڪري ڦاڙي چلهه ۾ وجهي باهه ٻاري رهي هئي.

”توکي ڌاڙيلن جي ٿاڪن جي خبر آهي، باقي پوليس وارا اڻڄاڻ آهن، انهن کي ڪا خبر ناهي، اهي ڀوتارن جي پاٿارين تي اچي اسان سان گڏ ڦاڙهن ۽ تترن جا شڪار ڪري سجيون ۽ شيخ ڪباب ڪري کائيندا آهن، صبح جو ميڊيا تي ڌاڙيلن سان مقابلي جي خبر هلرائيندا آهن، اهي ميڊيا وارا ٻيڙين ۾ چڙهي اچي اسان جا انٽرويو ڪندا آهن.“ ميرو ڌاڙيل اندر جي ڪهاڻي ٻڌايس.

”ابا! اوهان ائين ڇو ٿا ڪيو؟ اوهان کي رحم نٿو اچي.“ نويد وري به معصوميت مان چيس.

”رحم اچي ته پوءِ ڌاڙيل ڪيئن سڏجون، اهي ڀوتار ۽ پوليس اسان سان ٻڌل نه هجي ته اسان ڌاڙيلن جا ڄڻ ٻچا ٿاڻن ۾ بند هجن، انهن جو مٿي تي هٿ آهي، تڏهن ته جهنگلن ۾ منگل آهن نه ته ڌڻيون ئي دف ٿي وڃن، ميرو ڀوتارن ۽ پوليس جي مهربانين جا ڳُڻ ڳايا ۽ چانهه پي هليو ويو، پر نويد کي هڪ اونهي سوچ جي کوهه ۾ اڇلائي ويو، هُو سوچڻ لڳو ۽ پاڻ کان ئي سوال ڪيو. جڏهن پوليس کي خبر آهي ته ڌاڙيلن کي ڀوتار پنهنجي ٻيلن ۾ پناهه ڏئي ويٺا آهن، ته پوءِ ڀوتارن ۽ ڌاڙيلن کي پڪڙي ڇو نٿي؟ جي هنن کي ڌاڙيلن ۽ ڀوتارن پڪڙڻ جي طاقت ناهي ته پوءِ وردي پائي رعب ڪري ڇو ٿا هلن؟“ هن اهڙن منجهيل سوالن جا جواب سلجهائڻ لاءِ ماءُ کان سوال ڪيو.

”امڙ! پوليس ڌاڙيلن ۽ ڀوتارن کي پڪڙي ڇو ڪونه ٿي؟“

”ابا! ڌاڙيل ۽ ڀوتار پڪڙي ته پوءِ هي ٺٺ ڪٿان ڪندا؟“

”امڙ! ابو وڏو ظالم آهي، تو ڌاڙيل سان شادي ڇو ڪئي؟“ نويد حقارت مان ماءُ کان سوال ڪيو.

”ابا! ڪهڙا ٿو سُتل سُور جاڳائين! ڪهڙا ٿو چاڪ چڪائين؟ ڪهڙا ٿو ڇٽل ڦٽ اُکيلين، مان ڪو پڻهين سان سڪ مان پرڻي آهيان؟ ابي امڙ ڄمندي نالي ڪيو، جوان به مس ٿيس ته کڻي وهانءُ ڪري پرڻائي ڇڏيو.“ مائي سڀاڳيءَ اندر جا ڦٽ کولي ٻڌايس.

”امڙ! نانيءَ نالو ته سڀاڳي رکيو اٿئي، جي سڀاڳي هجين ها ته هت ٻيلي ۾ اڪيلي ڪونه هجين هان.“ نويد معصوميت مان چيس.

”پڻهين ڀاڳيلو ٿيو ته هتي رڌپچاءُ لاءِ اچي رهايو، هن ٻيلي ۾ نه ڪير اچي نه ڪير وڃي، رات جو مِرن جون اونايون ته ڏينهن جو ڪتن جي ڀوڪڻ جا آواز، شڪر آهي جو تون به آهين، ڀاڳيلن ۽ ڀوتارن جون مانيون پچائي پچائي هڏ به سور ٿا ڪن، رات جو سمهندي آهيان ته ڄڻ ڪُتو مري ويو، جي پڻهين کي ڪاوڙ اچي ته وري موچڙا هڻي سُڄائي ڇڏي. سڀاڳيءَ افسوس مان وراڻيو.

”امڙ! هن کي رحم نٿو اچي؟ هيءُ ايڏا ظالم ۽ بيرحم ڇو آهن؟ نويد معصوميت مان ماءُ کان سوال ڪيو.

”ابا! رحم ۽ ڌاڙيلن ۾؟ رحم هجين ته اهڙا ڪم ڇو ڪن؟ شڪليون ته ڏسين ڏٺي ڊپ ٿو لڳي، ڌاڙيلن کان رحم؟ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ، هاءِ ڙي قسمت ڪٿي اچي قيد ڪيو اٿئي!“ سڀاڳيءَ حسرت مان چيو.

”امڙ تون اُلڪو نه ڪر مان پڙهي پوليس جو آفيسر ٿيندس، ته هنن سڀني کي پڪڙي جيل ۾ وجهندس، توکي به نانا بابا وٽ ڇڏي ايندس، پوءِ تون هنن ڌاڙيلن جو رڌو پڪو نه ڪجانءِ نه وري هتي اچجانءِ، تون صرف مون کي پوليس وارو ٿيڻ ڏي.“ نويد معصوميت مان چيو.

”ابا! الله تنهنجي من جون مرادون پوريون ڪندو ۽ هن ٿم جي مِرن کان پنهنجي امان ۽ پناهه ۾ رکندئي. ماڻس اُڪير مان ڳيراٽڙي پائي مٿي تي چُمي ڏئي چيس.

رات ٿي ته ميرو ڌاڙيل ڪلهي تي هڪ ٻالڪ کڻي ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ اچي کٽ تي سمهاريو، کٽ تي اڳواٽ ئي رلي وڇايل هئي، وهاڻو ۽ ڪمبل به رکيل هو، ڪوٺيءَ ۾ ٻالڪ کي کٽ تي سمهاري مٿان ڪمبل وڌو ۽ زال کي چيو ته،”هيءُ ٻالڪ پوري ڪروڙ جي اَسامي آهي، پنهنجي حصي ۾ به ويهه، پنجويهه لک اچي ويندا، هن ٿيلي ۾ هن جون دوائون ۽ کير آهي، تون هن کي وقت تي کير ٺاهي ڏجانءِ.“ ميرو ڌاڙيل سڀاڳيءَ کي ٻالڪ جون دوائون ۽ کير جو مقدار سمجهائيندي چيو.

”ملڪ مان وڏا مري کپي ويا آهن ڇا؟ جو هاڻي اچي معصومن تي مار پئي آ!“

سڀاڳيءَ ميروءَ کان سوال ڪيو.

مون کي خبر ڪون هئي ته اَسامي ڪو ٻار آهي،  مان به هاڻي ڏٺو جڏهن امانت طور مليو، ميروءَ اڻڄاڻائي مان چيو، ۽ ڪوٺيءَ ۾ ڦرڻ لڳو، ته موبائل جي رِنگ وڳي ميروءَ فون اٽينڊ ڪئي.

”هلو! امانت ملي وئي؟“

”ها، امانت ملي وئي، توکي شرم ڪونه آيو، ته حيدرآباد مان هيءُ معصوم موڪليو اٿئي؟“

”مون وٽ بحث ڪرڻ جو وقت ناهي، هيءُ نمبر موڪليانءِ ٿو، ان تي رات جو 11 بجي ڪال ايندئي ڳالهائجانءِ، ۽ سختيءَ سان چئجان ته ”هڪ ڏينهن اندر پئسا ڏيو نه ته فندي ايلما ٿي ويندو ٻار.“ فون ڪندڙ جلديءَ ۾ نياپو ڏئي فون بند ڪئي ۽ نمبر موڪليو.

”امڙ! ڏس ته ادڙو ڪيڏو نه سدورڙو آهي، ڪيئن ته ننڊ پيو آهي.“ نويد ٻالڪ جي ڳلن تي هٿ ڦيريندي چيو.

”ادڙو ننڊ نه غشيءَ ۾ آهي، ۽ بخار ۾ به ٻري ٿو.“ سڀاڳيءَ ٻالڪ جي مٿي تي هٿ رکي چپ ٿي وئي، ميروءَ کي تڪڻ لڳي، ڄڻ چوندي هجيس ته ”هيءُ ايڏو ظلم ڇو ڪيو اٿئي؟“

وري فون جي گهنٽي وڳي، ميروءَ فون رسيوُ ڪري ڳالهائڻ شروع ڪيو.

”اوهان جو ٻار محفوظ آهي، اوهان پئسن جو بندوبست ڪيو ۽ ٻار کڻي وڃو، نه ته پوءِ فندي ايلما ٿي ويندو.“

ميروءَ فون تي ڏسيل پيغام کي ورجايو ۽ فون بند ڪري ڇڏي، ته وري فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي، ته ميروءَ فون اٽينڊ ڪئي.

”خدا جي واسطي مون کي ٻچڙي جي صورت ڏيکاريو.“ آواز ۾ ماءُ جي روئڻ سان گڏ التجا هئي.“

”ميڊم! توهان کي ٻار ايترو پيارو آهي ته پئسا موڪليو، ٻار وٺي وڃو، روئڻ مان ڪو فائدو ناهي.“

ميروءَ فون بند ڪري ڇڏي، ماءُ جي التجا جو ڪو اثر نه ٿيس.

ٻالڪ جي ماءُ کي سندس ڀاءُ دلاسو ڏيندي چيو، ”ادي! روئڻ بند ڪيو، مان وري منٿ ٿو ڪيانس ته جگنوءَ کي وڊيوڪال تي اوهان کي ڏيکاري.“

”ايترا پئسا ڪٿان ايندا؟ مون شاديءَ وارو سون به کپائي ڇڏيو، جگنوءَ جي پيءَ وٽ جيڪا به جمع پونجي هئي اها به ملائي آهي، گهر به ايجنسيءَ وارن کي سيل ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، هاڻي به اوڏانهن ويو آهي، پوءِ به هڪ ڪروڙ نه ٿو ٿئي، پئسا نه ٿيا ته هُو ظالم جگنوءَ کي ماري ڇڏيندا.“

ماءُ بي حال ٿي وري روئڻ ۾ ڇٽڪي وئي ته ڀاڻس ميروءَ کي وڊيو ڪال ڪئي.

”ادا! مهرباني ڪري، جگنوءَ جي ماءُ کي وڊيوڪال تي جگنوءَ کي ڏيکاريو، هوءَ ڏاڍو ٿي روئي.“

ميروءَ چپ چاپ موبائل جگنوءَ تي آندي، جيڪو اگهور ننڊ ۾ پيو هو، ماءُ جگنوءَ کي ڏسي وڌيڪ تڙپڻ لڳي ته ڀاڻس وڊيوڪال بند ڪري ڇڏي، هوءَ ويتر تڙپڻ ۽ روئڻ لڳي.

”ادي! اسان پوري پوري ڪوشش ڪيون پيا، تڏهن ئي ته جگنوءَ تائين پهتا آهيون تو ته روئي روئي حال وڃائي ڇڏيا آهن.“ ڀاڻس تسلي ڏيندي سمجهائيندي چيس.

”منهنجو کير پياڪ ٻچڙو مون کان ڌار آهي، مان صبر ڪيان؟“ جگنوءَ جي ماءُ وڌيڪ تڙپڻ لڳي ته ڀاڻس ننڊ جي گوري کارائي سمهاري ڇڏيس.

ميروءَ فون بند ڪئي ته نويد سوال ڪيس.

”ابا! جيڪڏهن ڪوئي مون کي اغوا ڪري کڻي وڃي، پوءِ توکان هڪ ڪروڙ گهُري ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟“ نويد جي چُڀندڙ سوال تي ميرو اندر کان ڄڻ ته ڇڄي پيو.

”هيءُ ٻار مون اغوا نه ڪيو آهي هيءُ ٻار مون وٽ امانت آهي، صبح جو اڳتي وڏي سردار وٽ ويندو.“ ميروءَ اصل ڳالهه ٻڌايس.

”نويد جا پيءُ! خدا جي واسطي ٻار کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃ، ٻار کي ڏاڍو بخار آهي، صبح تائين مري ويندو، پوءِ لاش جا ڪروڙ وٺندؤ.“

مِيروءَ وڌي اچي، ٻار جي مٿي تي هٿ رکيو جيڪو باهه جيان ٿي ٻريو، ٻار جون اکيون اڇيون ٿي ويون هيون، هن کي سڀاڳيءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي، هن هڪدم ڊاڪٽر کي فون ڪئي ۽ سڄو قصو ٻڌايو، ڊاڪٽر هنن جو خاص ماڻهو هو، هنن جي زخمن جو علاج ڪرڻ لاءِ ٻيلي ۾ ايندو هو.

”اوهان بنا دير جي ٻار کي هيڏانهن کڻي اچو ۽ مٿي تي ٿڌي پاڻيءَ جون پٽيون رکوس، مان ايڏانهن ايندس ته دير ٿي ويندي، ٻار کي جلدي پهچايو، منهنجي ڪلينڪ چويهه ڪلاڪ کليل هوندي آهي.“ ڊاڪٽر ميروءَ کي مشورو ڏنو.

”پر مان ڪيئن اچي سگهندس؟ روڊن تي پوليس چوڪي آهي؟“

”پوءِ تون ڀاڄائيءَ ۽ نويد کي موڪل، پوليس عورتن کي ڪجهه ناهي چوندي.“ ميروءَ فون بند ڪري سڀاڳيءَ کي چيو ته، ”جلدي ڪر ٻار جي نرڙ تي ٿڌي پاڻيءَ جون پٽيون رک، ۽ چادر پاءِ ته ڊرائيور کي چوان ٿو ته اوهان کي ڪلينڪ تي کڻي وڃي، گاڏي اڃان واپس ڪونه وئي آهي.“

سڀاڳيءَ مَٽ مان ٿڌي پاڻيءَ جو وٽو ڀري آئي ۽ پنهنجو پراڻو رئو ڦاڙي پٽيون ٺاهي، ٻار جي مٿي تي رکيون ۽ هٿن پيرن کي مهٽڻ لڳي ته ميروءَ به گاڏي اچي بيهاري. سڀاڳيءَ جگنوءَ کي ڪمبل ۾ ويڙهي ٻانهن تي رکيو ۽ نويد به پاڻيءَ جو وٽو ۽ پراڻي رئي مان ڦاٽل پٽيون هٿ ۾ کڻي اچي ڪار جي پٺئين سيٽ تي ويٺا، ميروءَ ڊرائيور کي جلدي پهچڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڏهه هزار کيسي مان ڪڍي ڊرائيور کي ڏنا ته ٽانڪي فل ڪرائي جلدي ڪلينڪ تي پڄي. رات جو روڊ رستا خالي هئا، ڊرائيور واءُ مينهن ڪري اچي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي پهتو. ڊاڪٽر هنن جي ئي انتظار ۾ هو، ٻار کي سڌو ايمرجنسيءَ وارڊ ۾ آندو ويو، ڊاڪٽر ٻار کي ڏسي حيران ٿي ويو، ٻار کي مسلسل ننڊ جا ڊراپس پياريل هئا، ڊاڪٽر ٻار جي ٽريٽمينٽ کي لڳي ويو.

سڀاڳي ٻاهر خدا جي در ٻاڏائڻ لڳي. ”اي منهنجا رب! هيءُ ٻار منهنجي جهول ۾ ڪنهن ماءُ جي امانت آهي، اها امانت ان ماءُ تائين سلامت پڄاءِ، هوءَ جگر جي ٽڪري لاءِ تڙپي رهي آهي، هڪ ماءُ جي تڙپ ماءُ ئي سمجهي سگهي ٿي، اي منهنجا رب! پنهنجي محبوب جي صدقي، پنهنجي رحمتن جي صدقي، هن معصوم کي شفا ۽ زندگي بخش. سڀاڳيءَ روئي رب جي در التجائون ڪيون ته ڀر ۾ بيٺل نويد به روئڻهارڪو ٿي پيو. ڊاڪٽر ٻاهر آيو ۽ سڀاڳيءَ سان ڳالهائيندي ٿي چيو ته، ”ادي! الله جو شڪر آهي، هاڻي ٻار خطري کان ٻاهر آهي، اوهان صبح جو حيدرآباد لاءِ روانا ٿي وڃجو.“ ڊاڪٽر کي سڄي قصي جي سڌ هئي، سڀاڳيءَ خدا جا شڪر ادا ڪيا ۽ ڊاڪٽر سان گڏ ٻار کي ڏسڻ ايمرجنسيءَ وارڊ ۾ وئي.

صبح جو هُو حيدرآباد لاءِ روانا ٿيا. حيدرآباد پهچي سڌو ڊي.ايس.پي جي آفيس پهتا ۽ سڄي ماجرا ٻڌائي.

حيدرآباد جو هاءِ پروفائيل ڪيس هو، ٻار ملڻ جون خبرون بريڪنگ نيوز ۾ هلڻ لڳيون. ڊي.ايس. پيءَ ٻي ڏينهن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي. ڊي.ايس.پيءَ سڀاڳي ۽ جگنوءَ کي ماءُ سميت پيش ڪيو. سڀاڳيءَ جي اهڙي عمل جي اعتراف ۾ سڀاڳيءَ کي انعام سان نوازيو، پر سڀاڳيءَ نويد کي بهترين تعليم ڏيارڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

ڊي.ايس.پي اغوا ڪندڙن کي به ميڊيا جي آڏو پيش ڪيو، جگنوءَ جي ماءُ اغوا ڪندڙن کي ڏسي بيهوش ٿي وئي، ڇو جو جگنوءَ کي اغوا ڪندڙ سندس سڳو ڀاءُ هو.

 

عبدالرافع شيخ

لاهور

جُهڳاڙي

 

اڄ 16 سالن کان پوءِ پنهنجي يونيورسٽيءَ جي بُکن ڏکن ۾ گڏ رهندڙ دوست سان ملي رهيو هئس، سندس هڪ ايڪڙ تي ٺهيل محل جهڙي عاليشان گهر کي ڏسي ان جي ٻڌايل موڪلن ۾ هاسٽل تي رهڻ جو سبب ياد اچڻ لڳو، چيو هئائين.

”موڪلن ۾ گهر ويندس ته هڪ ڪمري جي گهر ۾ ٻين ڀاتين کي سوڙهه ٿيندي ان ڪري هت هيڏي وڏي هاسٽل ۾ اڪيلو مزي سان رهيو پيو آهيان.“

ننڍپڻ کان مليل ڏکن ۽ تڪليفن هن کي ايڏو تجربو ڏنو هئو جو يونيورسٽيءَ تائين پهچندي هر ايندڙ مسئلي يا پريشانيءَ جو ڪونه ڪو جهڳاڙ تڪڙو ڪڍي وٺندو هئو، هن جي گهر ۾ بيٺل وڏيون مهانگيون ست اٺ گاڏيون ڏسي آءُ هن جي ڪاميابيءَ مان ڏاڍو متاثر ٿيس، پر پوءِ جڏهن هُو قرب مان ملندي ڀاڪر هڻي ڪيتري دير چپ ڪيو پنهنجو منهن منهنجي ڪلهي تي رکي بيٺو رهيو ته اڳي کان به وڌيڪ غريب ۽ اڪيلو محسوس ٿيو. جڏهن ميز تي چار نوڪر ماني لڳائڻ لڳا ته مون پراڻو وقت ياد ڪندي پڇيومانس.

”هاڻي ته روز گوشت کائيندو هوندين، ياد اٿئي تنهنجي ٻڌايل جهڳاڙ سان هر ٻئين چوٿين مهيني يونيورسٽيءَ ۾ گوشت ڪڙاهي کائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ٻئي ڄڻا ڪيئن سڄو ڏينهن بک تي رهي، نيرن منجهند ۽ چانهه جا پئسا بچائي رات جو پاءُ گوشت ڪڙاهي مزي سان کائيندا هئاسين؟“

منهنجي ڳالهه تي مرڪي، ڏک ۾ چيائين:

”جڏهن گوشت خريد ڪرڻ جا پئسا آيا ته ڊاڪٽرن بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ يورڪ ايسڊ وڌيل هئڻ جو اعلان ڪندي گوشت کائڻ کان منع ڪري ڇڏي، هيءُ ڏس اڄڪلهه ڪڻڪ جي ڇڊي ڀت تي گذارو آهي.“ هن پنهنجي ڀرسان رکيل پيالي ڏانهن اشارو ڪيو.  هن جا لفظ ٻڌي لڳو قدرت ڏاڍي ڪٺور آهي، اونڌائي رات کان نجات جي دعا قبول ڪري هڪ هٿ سان صبح جو سج اڀاري ٿي ۽ ٻئي هٿ سان اکين جو نور کسي وٺي ٿي.

مون وري هن کان پڇيو

”توکي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هئو، هاڻي ته تون مهانگي کان مهانگو ڪتاب به خريد ڪري سگهين ٿو؟“

”ها اڳي شوق هوندو هئو ته ڪتاب خريد ڪونه ڪري سگهندو هئس هاڻي ڪتاب خريد ڪري سگهان ٿو، پر پڙهي ڪونه ٿو سگهان، اکين جو آپريشن ٿيل آهي، ڪتاب پڙهڻ سان اکين ۾ سور ٿئي ٿو، پاڻي به وهڻ شروع ٿي ويندو آهي.“

هن جي ڳالهه ٻڌي آءُ ايڏو غمگين ٿي ويس جو ماني به ڪونه پئي وڻي، هن منهنجي حالت ڏسي وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو.

”تون پريشان نه ٿي، آءُ خوش آهيان، قدرت ۽ مان هڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻي ويا آهيون، هيءُ جيڪو ڪڻڪ جو ڀت ڏسين ٿو اهو گوشت جي يخني ۾ ٺهيل آهي ۽ ڪتاب پڙهي ٻڌائڻ لاءِ هڪ ماڻهو رکيو آهي، پهريون پاڻ ڪتاب پڙهندو آهي جي سٺو هوندو آهي ته واندڪائيءَ ۾ ان کان آرام ڪرسيءَ تي ليٽي سڄو ٻڌندو آهيان، نه ته رڳو خلاصو ٻڌندو آهيان.“

پوءِ پنهنجي هٿ سان چانديءَ جي پني ۾ ويڙهيل هڪ پڪل تتر مون ڏانهن وڌائيندي اک هڻي مرڪندي چوڻ لڳو:

”پئسا رڳو مرڻ تائين ٽجوڙيءَ ۾ رکڻ لاءِ ٿورئي ڪمايا آهن، ڪونه ڪو جهڳاڙ ڪڍي سڀ شوق پورا ڪندو آهيان.“

 

مير سجاد اختر ٽالپر

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

ماڪ ڀنل رستا

 

سنڌ يونيورسٽيءَ جو اهوئي ڪشادو روڊ، اُهي يوڪلپس جا وڻ، اهي خاموش عمارتون..... محب لاءِ اهي جڳهيون ڪي اوپريون نه هيون، انهي روڊ تي هلندي، هن فرح سان زندگيءَ جا مسئلا ڊسڪس ڪيا هئا، زندگي جون پلاننگون جوڙيون هيون، ڪُڌين ريتن رسمن سان بغاوت جو بحث ڪيو هو، جنهن ۾ فرح هن کي حوصلو ڏيندي هئي. محب ترقي پسند لڏي سان سلهاڙيل هو ۽ فرح جو تعلق هڪ قبائلي ۽ جرڳائي سردارن سان هو. ٻئي هڪٻئي جي متضاد هئا پوءِ به هُو ڄڻ هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم هئا، اڄ صرف محب هو ۽ محب جي آڱرين ۾ ڦاٽل گگدام سگريٽ.... بس....! محب کي جيل ڏکيا ڪونه لڳا، هن کي هٿ ڪڙيون ۽ پير ڪڙيون ڏکيون ڪونه لڳيون هُو انتهائي ڏکين حالتن ۾ به مردن جيان پنهنجي جستجو ۽ جدوجهدن ۾ هلندو رهيو هو، پر فرح جي وڇوڙي هن کي ڀڃي ڀوري ڇڏيو هو. هُو چاهيندي به فرح جي يادن کان پنهنجو پاند آجو نه پئي ڪري سگهيو، هن کي اهو وقت به ياد هو جڏهن زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ٻاهرين ملڪن جو هڪ وفد آيو هو ۽ باٽني ڊپارٽمينٽ جا سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ آيون هيون، جنهن ۾ فرح به شامل هئي، جتي هن پنهنجو مقالو ’انساني ارتقا جو سائنسي نظريو‘ پڙهيو هو جنهن جي ٻاهرين ملڪ جي وفد ڏاڍي تعريف ڪئي هئي ۽ فرح پنهنجو مقالو ’وڻن جو ڪائنات تي ماحولياتي اثر‘ پڙهيو هو جنهن کي به تمام گهڻي پذيرائي سان نوازيو ويو. اسان ٻنهي کي تعريفي سَنَدَون مليون هيون ۽ اتان کان اسان ٻنهي ۾ ويجهڙائي ٿيڻ شروع ٿي هئي.......، محب هلندي هلندي، ان چاٽ واري گاڏي وٽ پهتو، جتي فرح ۽ هيءُ هميشه چاٽ کائيندا هئا.

”سر، اڄ اوهان جي سِر جو سائين نه آيو آهي ڇا........؟ گاڏي واري سوال اڇلايو.

محب ڪهڙو جواب ڏي ته هاڻي هوءَ ڳوٺان يونيورسٽيءَ ڪڏهن نه ايندي، محب گاڏي واري جي ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي پنهنجو پاڻ کي ائين اڇلايو ڄڻ ڪوهين ميلن جو سفر طيءِ ڪري آيو هجي ۽ هاڻ سگهه ئي نه هُجيس. ”سر طبيعت ته ٺيڪ آهي نه........!!!“

گاڏي واري پنهنجي ڳلي ۾ لٽڪيل ايپرن سان هٿ اُگهيندي چيو: ”ها پنهل...... مونکي ڇا ٿيندو.......؟“ محب بي دليءَ سان وراڻيو.

گاڏي واري پاڻيءَ جو گلاس ڀري محب کي ڏيندي چيو: ”سر لڳي ٿو اوهين ٿڪجي پيا آهيو.....؟..... بُک لڳي هوندئو، چاٽ جي پليٽ ٺاهي وٺان.....“ محب ڪنڌ سان نهڪر ڪئي ۽ هٿن سان خالي گلاس کي ڦيرائيندو رهيو، ڄڻ ڪنهن گهَري سوچ ۾ هُجي، گاڏي واري محب کي هڪ اَڇاتري نظر سان ڏٺو ڪلها اُچڪائي پنهنجي ڪم کي لڳي ويو.

محب کي اهو ڏينهن به ياد هو جڏهن نورل سان گڏ فرح جي جنم ڏينهن جي تحفي وٺڻ لاءِ، تلڪ چاڙهيءَ کان وٺي ريشم گهٽيءَ تائين هڪ هڪ دڪان تي رُليو هو ۽ ڪابه شيءَ پسند نه پئي آيس، سٺي مان سٺي شيءِ به هن کي فرح جي جنم ڏينهن لاءِ گهٽ ٿي لڳي، انهي رل رلان ۾ نورل سان به جهيڙو ٿي پيو هئس.

”پيارا ڪهڙا حال اٿئي.......؟“

نورل، محب جي پٺيءَ تي ڌڪ هڻندي چيو. محب ڪاوڙ ۽ بخيلائيءَ جي انداز سان نورل ڏانهن نهاريو، نورل، محب جي اهڙي نهار ڏسي وراڻيو:

”وڙهندين ڇا.......؟“

محب ڪڇيو ڪونه.

نورل ٻي ڪرسي گهليندي چيو: ”ڇا ٿيو آهي جو پُسيل ٻلي جهڙو منهن ڪيو ويٺو آهين.....؟

”ڪجهه ڪونهي.......“

”واهه.....! اسان جهڙوڪر رڍون چاريون آهن، سچ ٻڌاءِ ڇا ٿيو آهي.....، ڪنهن سان جهيڙو ٿيو آهي ڇا........؟“

”نه.....!!“

”پوءِ.......!“

”چيم نه ڪجهه ڪونهي، مڙئي طبيعت خراب اٿم.....“

نورل، محب جي ٻانهن ڇڪي ۽ نبض جانچيائين، نرڙ تي هٿ رکي ڏٺائين ”بخار ته نه اٿئي.......“

”بخار کانسواءِ ٻي ڪا بيماري نه ٿي سگهي ڇا.....“ محب چِڙي وراڻيو.

”کائين ٿو اصل....... ڀلا چاٽ کائون............، نورل گاڏي واري کي چيو ”ٻه پليٽون چاٽ جون بمبار قسم جون ٺاهه.“

”نه نه...... آئون نه کائيندس..“

”ڇو روزو رکيو اٿئي ڇا.......؟“

”دل نٿي چوي......“

”دل اٿئي يا جر ڦوٽو......، ڪنهن وقت تي ٺهي ٿي ته ڪنهن وقت ڦاٽي ٿي.....!“ محب ڪرسيءَ تان اٿي وڃڻ لڳو ته نورل به چاٽ جو آرڊر ڪئنسل ڪري، ساڻ هلڻ لڳو.

”آخر ڳالهه ڇا ٿي آهي... فرح ڪاوڙ جي ويئي آهي ڇا.....؟؟“

هُو نورل ڏانهن ڏک ڀرين نگاهن سان نهاري، وري ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ لڳو ”ڪهڙي ڳالهه تان ڪاوڙي آهي...؟“

”يار، هوءَ به سماج جي ڪُڌين رسمن ۽ ڪوڙين انائن جي ور چڙهي ويئي....“

”نه نه نه....... ائين ممڪن ئي ڪونهي، هوءَ ڏاڍي بهادر ۽ بردبار ڇوڪري آهي.....“

”نورل، هوءَ اڳئي چوندي هئي ته اسان جهڙين نينگرين جي نصيب ۾ رڃ جي اُڃ لکيل آهي، يار آئون ان کي نه بچائي سگهيس...“

”چوين ڇا پيو.....، هوش ۾ ته آهين....!“

نورل، محب جي وات جي ويجهو وڃي شراب جي سنگهڻ جي ڪوشش ڪئي ”نورل، هوءَ پرڻجي ويئي.....!!!“

”هان...! ڪيئن.... ڪٿي.... ڪنهن سان.....؟“

”بس، سماج جي انائن جي ور چڙهي ويئي هڪ اڻپڙهيل جاگيردار جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويئي ڪجهه ڪونه ڪيائين.“

هيءُ تنهنجا هيڏا ليڪچر، تن جو ذرو به اثر ڪونه پيس بس گگدامن جيان ڪسجي ويئي“

”ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڪٿي هئي، مرداڻي ۽ جاگيرداري سماج ۾ هن جي حيثيت ئي ڇا هئي؟“

”پوءِ هاڻ تون ڇا ڪندين؟“

”نورل، دل ٽُٽي پئي اٿم، من اُداس آهي، دنيا سڄي ٻُسي ٻُسي پئي لڳي، ڄڻ مونکان ڪنهن منهنجي پياري مان پياري شيءِ کسي ڇڏي هجي، ڄڻ هڪدم منهنجي جهولي خالي ٿي ويئي هجي، هڪ اهڙي پيڙا آهي جيڪا سهڻ جوڳي ئي نه آهي.....“

علي رضا، بائيڪ اچي، هن جي سامهون بيهاري ۽ چيو:

”نورل، ڪيڏي مهل هاسٽل مان نڪتين، آئون ته ڳولي ڳولي آخر ٿڪجي هتان چڪر هڻي واپس ٿي ويس ته اوهان تي نظر پئجي ويم، پنهنجي ڪم جي يادگيري اٿئي ڪي نه..!!“

نورل به وڏي رڙ ڪندي چيو:

”اڙي يار....... هل هل......“

نورل عليءَ سان گڏ بائيڪ تي چڙهي روانو ٿي ويو، محب وري به روڊ تي اڪيلو ئي بيٺو هو، هُو مايوس ٿي چڪو هو، هاڻي هن کي ائين ٿي لڳو ته دنيا ۾ ڪجهه به نه آهي رهيو، فرح ڇا ويئي پاڻ سان گڏ سڀ رونقون، خوشيون کڻي هلي ويئي، هلندي هلندي هيءُ ماروي هاسٽل واري رستي تي پهچي ويو هو. سامهون هن کي ماروي هاسٽل جي عمارت صاف نظر اچي رهي هئي. ماروي هاسٽل جي عمارت کي ڏسي، اکين ۾ لڙڪ تري آيس، منهن مٽائي، ماروي هاسٽل وارو روڊ ڇڏي، مخالف سمت ۾ نڪري ويو، هُو ٻي رستي کان اچي سپر هاءِ.وي تي پهچي ويو. سپر هاءِ.وي تي ائين ئي روز جيان ٽرئفڪ روان دوان هئي. هن سوزڪيءَ واري کي هٿ جو اشارو ڪري بيهڻ جو چيو ۽ سوزوڪيءَ تي چڙهي اچي المنظر هوٽل وٽ لٿو. هوٽل وڃڻ بجائي هن ڄام شوري پل جو رستو اختيار ڪيو. هلندي هلندي وڃي وچ پل وٽ بيٺو، سج اُلهي چڪو هو. رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪري چڪي هئي، پُل جو لائيٽون ٻري چڪيون هيون، درياءَ جا ٻيڙياتا پنهنجون ٻيڙيون درياءَ جي ڪناري تي ٻڌي گهر پنهنجن ٻچن ڏانهن وڃڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا. دريا به سانوڻيءَ جي موسم ڪري پنهنجي عروج تي گجگوڙ ڪندو وهي رهيو هو، هونئن پل جا ٻه ڪي ٽي دروازا کليل هوندا آهن، پر هن وقت تقريبن سڀئي دروازا کليل هئا جنهن مان پاڻي پنهنجي پوري جوڀن سان وهي رهيو هو. پل تي ٽرئفڪ جو هڪ عجيب گوڙ هو، هن پاڪيٽ ۾ پيل آخري سگريٽ دکايو، محب هڪ ڀيرو وري درياءَ بادشاهه ڏانهن نهاريو، هن به ڄام شورو پل جي ريلنگ تي چڙهي قدم وڌايا ته هن کي فرح جا اهي لفظ ياد اچڻ لڳا، جيڪي هن ئي پل تي هلندي هلندي هن کي چيا هئا ته ”محب خبر اٿئي تون مون کي ٻين کان الڳ ڇو لڳندو آهين.....؟“ مون مختصرن چيو هو:

”نه“

”تنهنجي سچائي ۽ بهادري جي ڪري......!“

مون لفظ بهادريءَ کي وري ورجائي ڄڻ وضاحت تي پڇيم ”بهادري.......!!!“

”ها، تون هن ناسور کاڌل سماج سان ٽڪر کائين پيو، تون هلندڙن گولين ۾ به ميدان نه ڇڏيندو آهين، تون.... تون پنهنجي مقصد ڪاڻ پنهنجيون سڀ خوشيون قربان ڪري ڇڏيندو آهين، تون اسان جهڙين ڇوڪرين جو ڄڻ سهارو آهين، جيڪي هن سماج جي انڌين رسمن جي ور چڙهيو وڃن ٿيون، جن لاءِ ڪو آواز اٿارڻ لاءِ تيار ڪونهي، محب تون اسان جهڙين مظلوم نياڻين لاءِ ائين وڙهندو رهندين نه...... اسان جي اميدن کي ائين وچ رستي ۾ رولي ته ڪونه ويندين نه، مَنَ پهريان قدم تون کڻين ۽ تنهنجي پُٺيان قافلو ٺهي پئي.....“ محب جا قدم جتي هئا اتي بيهي رهيا، هيٺ روڊ تي لهي واپس قدم کڻڻ لڳو، ۽ دل ۾ عهد ڪيو ته ”مون کي زندگيءَ سان وڙهڻو آهي فرح جهڙين ڪومل ڇوڪرين لاءِ.....“ محب جي چهري تي سڪون جون ريکائون رقص ڪرڻ لڳيون، ڄڻ هُو جيڪا منزل وڃائي چڪو هو سا منزل هُن جي سامهون هئي.

 

جاويد اختر پاشا

ترجمو: نياز مسرور بدوي

شڪارپور

 

 

 

 

 

زندگي

 

منهنجي ڀرسان ويٺل شخص پنهنجي سيٽ جي هيٺان، بريف ڪيس کي هنج ۾ رکيو ۽ کولي ان مان ڪاغذ جو هڪ ننڍڙو ٽڪر ڪڍيو. لکڻ لاءِ شايد پين يا پينسل ڳولي رهيو هو. مون کان پڇڻ لڳو :

”اوهان وٽ پين هوندي؟“

مون کيسي مان پين ڪڍي ۽ خاموشيءَ سان ڏانهنس وڌائي. هن بريف ڪيس بند ڪري ڪاغذ جو ٽڪرو ان جي مٿان رکيو ۽ ڪجھه لکڻ لڳو.

لاهور ڏانهن ويندڙ بس ان وقت گجرانوالا پهچڻ واري هئي. مان ٿورو حيران ٿيس ته هلندڙ بس ۾ اهڙي ڪهڙي ضروري ڳالهه آهي، جنهن کي لکڻ تمام ضروري هو. اهو سوچيندي ارادي طور تي منهنجي نظر تيزيءَ سان هلندڙ پين تي پيئي. روڊ جي ناهمواري جي ڪري کيس لکڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي. پين لڳاتار جھاڪا کائي رهي هئي. تحرير ۾ هڪ جهڙائي نه اچي رهي هئي، پر مون کي به اها تحرير پڙهڻ جي لاءِ چڱي خاصي ڪوشش ڪرڻي پيئي هئي.

ادا سائين! مون وٽ وقت نه آهي، شايد چند ساهه ئي باقي آهن. اوهان کي عرض آهي ته ڊولي ۽ بيبيءَ جو ڌيان رکجو. پنهنجين نياڻين وانگر کين پيار ڏجو. اوهان جو ڀاءُ عمران.

منهنجو دماغ ڄڻ گم ٿي ويو آهي. ڇا مطلب هيءُ نوجوان شخص جيڪو بظاهر منهنجي ويجھو ٺيڪ ٺاڪ ويٺو هو ۽ ڏيڍ ڪلاڪ کان منهنجو هم سفر آهي، مرڻ وارو آهي؟ نه نه هيءَ ڪا مذاق هوندي. هيءَ شخص بلڪل نارمل ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو. ڪنهن به قسم جي اهڙي ڪائي علامت به ڏسڻ نه اچي رهي آهي ته هيءُ مرڻ وارو هجي يا هيئن چوڻ گھرجي ته شايد بيمار هجي يا ان جي طبيعت خراب هجي، پر هن اهو ڇو لکيو آهي ۽ ڇو؟

منهنجي سوچ منهنجو ساٿ نه ڏيئي رهي هئي. مون کي ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ ان شخص کي نه پر مون کي ڪجھه ٿيڻ وارو آهي. منهنجي دل جي ڌڙڪڻ هڪدم تيز ٿي ويئي. رت جي گردش آسمان جي بلندين کي ڇهڻ لڳي.

بس هڪ جھٽڪي سان بيٺي. ان کان اڳ جو مان ان نوجوان سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪريان، هُو بجليءَ جھڙي تيزيءَ سان پنهنجي سيٽ تان اٿيو. ”معاف ڪجو“ چئي بس مان لهي ويو. بريف ڪيس پنهنجي سيٽ تي ئي ڇڏي ويو.

منهنجيون نظرون سندس پيڇو ڪري رهيون هيون. سندس گھمڻ ۾ ڪا غير معمولي ڳالهه نظر نه اچي رهي هئي. نوجوان جنهن خط ۾ پنهنجو نالو عمران لکيو هو. تيز تيز قدم کڻندو بس اڏي کان ٻاهر هڪ ميڊيڪل اسٽور تي پهتو. مان ڏسي رهيو هئس ته هن ڪائي پرچي ڪيميسٽ اڳيان رکي، جنهن ان تي نظر وجھي سامهون واري دڪان ڏانهن اشارو ڪيو. هاڻي اهو شخص وڌيڪ تيزيءَ سان اتان نڪتو ۽ ٻئي دڪان ڏانهن وڌيو. منهنجيون نگاهون ان تي ڄميل هيون. هُو مون کان گھڻو پري نه هو. مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ هن جي منهن تي تشويش جا آثار اڀري آيا آهن. هن نوجوان اڃا چار پنج وکون مس کنيون هيون ته ٿاٻڙيو ۽ ڪري پيو. مان تڪڙ ۾ پنهنجي سيٽ تان اٿيس ۽ ڊوڙندو ڏانهنس وڌيس. منهنجي پهچندي پهچندي ڇهه ست ماڻهو مدد جي لاءِ مٿس جھڪيا هئا، سڀني جي منهن تي فڪرمنديءَ جا آثار هئا.

مون کي سندس چهري تي زندگيءَ جا نشان ڏسڻ ۾ نه آيا. پنهنجي دل ويهندي محسوس ٿي. ڄڻ ڪنهن گھري ڍنڍ ۾ تيزيءَ سان ٻڏي رهي هجي. ان وچ ۾ ماڻهن عمران کي جلدي ۾ کڻي ويجھي رکيل کٽ تي ليٽايو. مون اڳتي وڌي هٿ پڪڙيو، نبض ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿي هٿ ڇڏي ڏنو.

اڄ ان واقعي کي فقط ڏهه مهينا ٿيا آهن. مان لنڊن وڃي رهيو آهيان. دل جي باءِ پاس لاءِ..

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org