صنم لطيف ڪرٽيو
ڪراچي
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪلام ۾ رومانويت
رومانويت
سان شاعريءَ کي هڪ نئين انداز ۽ فڪر سان پرکيو ويو
آهي، جنهن ۾ ڪجهه خاص ۽ اهم نڪتا سامهون آيا، جيڪي
هن ريت آهن:
1. تخيل
2. جذبات
3. انفراديت
4. ٻولي
5. فطرت/ قدرتي منظر.
(1) تخيل:
تخيل جي ڪري انسان نوان عڪس جوڙڻ جي صلاحيت رکي
ٿو. تخيل ئي تخليق کي جنم ڏئي ٿو. تنهنڪري انهن
ٻنهي جو پاڻ ۾ گهرو ۽ مضبوط ربط آهي. انهن ذريعي
ئي نيون شيون سامهون اچن ٿيون.
شاعر لفظن ذريعي جذبات جي عڪاسي ڪن ٿا، تخيل ۽
مشاهدو شاعريءَ جو ميلاپ آهن. اهي ٻئي ملي خوبصورت
لفظ جوڙي حسين خيالن ۽ منظرن کي جنم ڏين ٿا. چنڊ
حسن وجمال کي علامت آهي، ان جو ذڪر شروعاتي
شاعريءَ کان وٺي ملي ٿو. مخدوم طالب الموليٰ جن به
شاعريءَ جي اهم نڪتي تخيل ۽ مشاهدي جي ميلاپ سان
حسين پرڪشش تخليق کي جنم ڏنو آهي. جنهن ۾ جانب جو
جمال چنڊ کان به وڌيڪ اعليٰ ۽ اتم آهي.
چنڊ چوڏهين رات جو ڪري ٿو ڪمال
هميشه هڪ جهڙو، جانب جو جمال
هي رهي فقط رات جو، هو ڏينهن جو به ديال
طالب مولا هن جو، هر دم هڪڙو حال
هن ۾ آهه زوال، سڄڻ سدائين سوجهرو. (1)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن حسين منظرن مان
نه صرف لطف اندوز ٿين ٿا، بلڪ پنهنجي حسنِ نظر ۽
تخيل جي مدد سان منظرن کي وڌيڪ دلڪش ۽ حسين بڻايو
آهي، پاڻ هڪ مصور ۽ بت تراش آهن، جيڪي فقط بت نٿا
ٺاهن بلڪ انهن جي احساسن ۽ ڪيفيتن کي بيان پڻ ڪن
ٿا. عورت ڪائنات جو حسن آهي علامه اقبال فرمايو
آهي:
وجودِ زن سے
ہے
تصویر
کائنات میں
رنگ۔
تخيل جي حسن ڪاريءَ سان محبوب جي حسن جي منظرڪشي
ڪمال جي آهي. جنهن تان تلميح، تشبيهه، استعارا ۽
مثال قربان ڪجن ٿا.
مخدوم صاحب جن فرمائين ٿا:
هڪڙو سياه پوش، سَير رَج گذر ڏٺم،
سمجهيم قمر، مگر نه هو رشڪ قمر ڏٺم،
پنهنجي جمال و حسن کان، سوبي خبر ڏٺم،
حيران ان تي ٿيندو، اتي هر بشر ڏٺم،
تلميح و استعارا به، صدقي مٿس ٿين،
تشبيهه ۽ مثال انهي تان فدا ڪجن. (2)
انفراديت:
انفراديت جي معنيٰ آهي مختلف، ڪنهن جي پيروي نه
ڪرڻ يا ڪنهن جي نقشِ قدم تي نه هلڻ بلڪ نوان رستا
تلاش ڪرڻ، نئين شيءِ لاءِ جستجو ڪرڻ، نين راهن جي
ڳولا ڪرڻ. رومانوي تحريڪ کان اڳ منتخب موضوعن ۽
پابند گهاڙيٽن تي شاعري ڪئي ويندي هئي. انهن
پيچيده اصولن جي خلاف بغاوت ڪري سامهون آئي. ان
ڪري شاعرن نئين انداز سان لکڻ شروع ڪيو.
شاعرن نئين فن، فڪر ۽ موضوع سان لکڻ جي ابتدا ڪئي.
انهن پنهنجا الڳ موضوع منتخب ڪيا، اهڙي طرح
شاعريءَ ۾ جدت آئي.
غزل به شاعريءَ جي رومانوي صنف آهي، پر ان ۾ وقت
سان گڏوگڏ نواڻ ايندي رهي آهي. سنڌي ادب ۾ ڪيترائي
ديوان ملن ٿا، ان صنف تي تمام گهڻن شاعرن طبع
آزمائي ڪئي آهي، پر مخدوم طالب الموليٰ جن غزل جي
قافين ۽ الف- ب جي تختيءَ ۾ ادب جي دنيا جون نيون
شيون روشناس ڪرايون آهن.
جيئن: لهه، مهه، نهه، ن غنه، ڻهه وغيره. انهن اکرن
کان علاوه تنوين جي رديف تي پڻ غزل شامل آهن. اها
هڪ بهترين ۽ نئين شيءِ مخدوم صاحب جن جي ديوان ۾
ٻين کان منفرد آهي. مٿي ڏنل رديفن تي لکيل غزل جا
ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا. نون رديفن جا ڪجهه مثال پيش
ڪجن ٿا.
ڙهه: هن راههِ وفا ۾ يار مٺا ڪجهه مان ٿو رڙهان
ڪجهه تون به ته رڙهه
محبوب مٺا اي ماهِ لقا ڪجهه مان ٿو رڙهان ڪجهه تون
به ته رڙهه
ڇا مون تي اهو آ فرض فقط جو توسان ملڻ جي لاءِ
اچان
ڪجهه ڪجهه ته سندءِ مطلب آ ڪجهه مان ٿو رڙهان ڪجهه
تون به ته رڙهه. (3)
لهه: مان ڪريان ٿو پنهنجي ڏوهن ۽ خطا جي ڳالهه
ٻولهه
تون سڄڻ ڪرڪا عنايت ۽ عطا جي ڳالهه ٻولهه
خود فراموشي جي عالم ۾ پيارا گم ٿيون
مي محبت جي پي ڪبعي لطيف خدا جي ڳالهه ٻولهه.(4)
رديف تنوين:
گهرائي ٻڌو، جي ته احسان ٿيندا،
ڪندس پيش سهڻا حقيقت يقيناً،
وڃي دل جو پختو پيو پيچ جن سان،
ڪندا نيٺ سي ڪا عنايت يقيناً.(5)
مٿين نون اکرن ۽ رديفن کان علاوه طالب الموليٰ جن
روايت انداز کي ڇڏي نوان تجربا ڪيا. پاڻ نشيلا
نيڻ، ڪاريون، ڪجليون، ڪڪوريه خماريل اکين جو ذڪر
ته وڻندڙ انداز ۾ ڪيو اٿن. انهن پيرن کي اکين تي
ترجيح ڏني اٿائون، جيئن چون ٿا:
اکيون ته اونداهيءَ ۾، واٽ وڃائيو وهن،
حڪم هلين ڪونه ڪو، ۽ وسان ٿيون وڃن،
گونگيون ڪن گهمسان ڪيئن، پر ڪجهه ئي ڪين ڏسن،
لڙڪ گهڻئي لاڙين ٿيون، ڪارڻ قريبن،
ير پير ويندي پرين ڏي، بلڪل بس نه ڪن،
اوجهڙ ۾ عجيب لاءِ، ٿا لاکيڻا لوچن،
پهچن وڃو پر وٽ، مورهئون ڪين مڙن،
طالب مولا طلب ۾، ڪمال ڪيو قدمن،
انهن اڻ موٽن، اکن تي احسان ڪيا. (6)
شاعريءَ ۾ عشق هڪ اهم موضوع آهي. ان تي تقريباً
سڀني شاعرن شعر چيا آهن، مخدوم طالب الموليٰ جن جي
ڪلام ۾ عشق بابت هڪ منفرد انداز نظر ايندو،
فرمائين ٿا:
عشق نه بيت المال، جو ملي محتاجن کي،
عشق آهي ان سندو، جنهن ڪيو قرب ڪمال،
طالب مولا طلب ۾، جو رکي خاص خيال،
جانب جو جمال، اهو ماڻيندو عشق سان. (7)
مخدوم طالب الموليٰ جن جي ڪلام پڙهڻ سان ڪيتريون
ئي شيون منفرد ۽ نراليون ملن ٿيون ۽ ڪيترائي نوان
نڪتا سامهون اچن ٿا. سندس ڏسو انوکو انداز.
وٺي جئين جنگ ۾ دشمن کي دشمن تيئن وجهي ڀاڪر،
مٺي محبوب سان ملبو جو هو دل جو عدو آهي. (8)
نازڪ خيالن کي خوبصورت ۽ هڪ نئين انداز سان پيش
ڪرڻ شاعر جي اهم خوبي آهي، پر مخدوم صاحب جن
پنهنجي ڪلام ۾ نازڪ ۽ حسين خيالن کي منفرد انداز
سان سهڻن لفظن جو روپ ڏئي اسان اڳيان پيش ڪيو آهي،
جنهن مان پڙهندڙ حِظ حاصل ڪن ٿا. سندس اهڙو انداز
قابلِ تحسين آهي.
منهنجا لب ميرا ڏسي محبوب حيران ڪين ٿي،
تنهنجي در پهچي قدم پنهنجا چمي آيو آهيان. (9)
جذبات:
محبت اهڙو لازوال جذبو آهي، جنهن ۾ انسان جهُڪڻ
سکندو آهي. نوڙت سان ئي ماڻهو ٻئي جي دل تي اثر
ڪري سگهي ٿو. ڀٽائي سر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جي نياز ۽
نوڙت جي تعريف ڪئي آهي. فرمائي ٿو:
مهاڻيءَ جي من ۾ نه گِيربُ نه گاءُ
نوڙت واري گُڻ سان ئي انسان بازي کٽي سگهي ٿو، پر
عشق ۾ کٽ هار اهائي آهي ته محبوب کٽيو ته ڄڻ عاشق
کٽيو. مخدوم صاحب جن فرمائين ٿا:
عشق ۾ منهنجا مٺا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو،
ناز وارا دلربا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو،
طالب الموليٰ مڃي تنهنجي اڳيان پنهنجي شڪست،
سچ چيم اي مهلقا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو. (10)
اکيون عشق جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن. اکيون ئي
آهن، جيڪي ڪِن کي گهائل ڪن ٿيون ڪِن کي مائل ڪن
ٿيون. ڪڏهن تڙپ ۽ بيقراري وڌائن ٿيون ۽ ڪڏهن انهن
۾ ماٺار آڻن ٿيون ته ڪڏهن سڄڻ لاءِ اوهيرا ڪري وسن
ٿيون. مخدوم صاحب جن اکين بابت خوب لکيو آهي،
مينهن جهڙي رومانوي موسم سان پنهنجي حالت کي
ڀيٽيندي چون ٿا:
ڇو ٿو ڪرين مينهنَ، مون سان ريس روئڻ جي،
طالب مولا سان ڪيا، ناحق وڏا نينهن،
تنهنجا ٻه ٽي ڏينهن، منهنجي موسم سڀ ڪا (11)
مخدوم صاحب جن پنهنجي جذبن ۽ خوبصورت خيالن جو
اظهار سهڻن لفظن سان ڪيو آهي. سندس مناظرا ڪبوتر ۽
ڪانگ، اکيون ۽ پير، عشق ۾ وڏي اهميت رکن ٿا.
ڪبوترن ۽ ڪانگن وسيلي پيغام موڪلڻ جو تصور تمام
پراڻو آهي، پر مخدوم صاحب جن ان ۾ جدت آڻيندي ٻنهي
(ڪبوتر ۽ ڪانگ) جي خوبين کي تمام سهڻي، انداز ۾
پيش ڪيو آهي، ڪانگ هڪ ڪارو ڪوجهو پيار جو پکي آهي،
پر خصلتون نهايت وڻندڙ آهن.
ڪانگ برابر ڪارڙا، ڪنا جي ڪوجها،
ته به ڏين پيغام پرک سمجهي سڀوجها،
آهن اٻوجها طالب مولا ڪين ڪي.(12)
ڪانگ پنهنجي ديس جو پيارو پکي آهي ۽ پنهنجن شين
سان پيار فطري عمل آهي، تڏهن ئي مخدوم صاحب جن کي
ڪانگ وڌيڪ عزيز آهي. تڏهن ئي ڪبوتر تي ڪانگ کي
ترجيح ڏين ٿا. ڪانگ جي مٺڙي ٻولي ۽ خوبصورت خصلتن
کي نهايت محبت سان ڀرپور نموني بيان ڪيو آهي.
ڪبوتر ۽ ڪانگ ۾، آهي وڏو ڦير،
هن جي گونگن وانگيان، غون غون سمجهي ڪير،
هن جي ڪانَ ڪانَ سمجهجي، جو پائي اڱڻ تي پير،
هو ديس پرائي جو پکي هي وطن جو دانهير،
ڪارو ڪوجهو ئي سهي، من ۾ رکي نه مير،
اير نه ڪوئي ڀير، طالب مولا تن ۾. (13)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن ڪافي ۽ بيت جا
باڪمال شاعر آهن. پاڻ شاعريءَ جي انهن ٻنهي صنفن ۾
جدت ۽ نواڻ آندائون. ڪافي ۽ بيت ۾ حسن ۽ عشق جي
جذبن کي ڀرپور نموني بيان ڪيو اٿن، پر سندس بيتن ۾
ڪٿي ڪٿي نرالو ڍنگ نظر اچي ٿو، اها ڪيڏي نه ڇڪ ۽
سڪ آهي. جو پرينءَ جو بولو، هيرو ايرينگ ٿيڻ جي
خواهش جو انداز بيان نهايت ئي حسين به آهي ته
حسناڪيت سان ڀريل نازڪ خيال پڻ آهي.
لٽڪي لٽڪي حسن وڌايان،
چمڪي چمڪي چمڪي ڪئين مست بنايان،
لڏندي لڏندي لڏندي دليون ڌڙڪايان،
پاپڙين کي پيار سان لڏيو لڏايان،
طالب مولا پاڻ کي لالڻ سان لايان،
لعلون لڄايان جي ايرينگ هجان عجيب جا. (14)
مخدوم صاحب جن سنڌ جي نِج صنف ڪافيءَ جا بلندپايه
۽ افضل ۽ اعليٰ شاعر آهن. ڪافيءَ جي موضوع ۽
لوازمات کي نظر ۾ رکندي حسين، جذبن جي جمال جي
عڪاسي ڪئي اٿن. حسن کي پسند ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي.
حسن ۾ چقمق جهڙي ڪشش ٿئي ٿي. انسان ازخود ان طرف
مائل ٿئي ٿو ته پوءِ شاعر جي محبوب جي حُسن جو ڀلا
ڪيئن ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ محبوب جو حسن
وجمال ئي ڪل ڪائنات هجي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ
ئي انسان (محبوب) سموري ڪائنات هجي ٿو. ان ڪيفيت
جو اظهار ڪندي مخدوم صاحب جن اهو چوڻ تي مجبور ٿي
پيا ته سڄڻ جي سونهن حسابن، سوالن ۽ جوابن کان
اڃان به مٿانهين آهي، پنهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ فرمائين
ٿا:
تنهنجو حسن اچي نه حسابن ۾،
تون پاڻ ئي پنهنجي جوابن ۾،
سوَ سودائي تنهنجي لاءِ ڪئين جاني جنوني منجهه
ڌَڪڻ،
چنڊُ کارن هيٺان ڪيئن لِڪن، تون اجايو نوري نقابن
۾.(15)
ساڻيهه سان سڪ هڪ فطري ۽ املهه جذبو آهي. مارئيءَ
جو ڪردار ساڻيهه سان سڪ جي علامت بڻيل آهي. جڏهن
هوءَ عمرڪوٽ ۾ قيد هئي سندس ساهه وطن لاءِ سڪي ٿو،
جنهن جي هوءَ خدا تعاليٰ جي درٻار ۾ پنهنجي ماڳ
موٽڻ جي خواهش ڪري ٿي. پکڙن ۽ پنهوارن کي پَل پَل
ياد ڪري ٿي. انهن کان بغير رهڻ زهر لڳيس ٿو. سندس
ان معصوم محبت کي مخدوم صاحب جن محسوس ڪندي ان کي
خوبصورت لفظن جو روپ ڏنو آهي. فرمائين ٿا:
سنگهارن جي سڪ ۾، سڪي ساهه سوير،
والي وطن کي ورائي، مون کي شل ملير،
منهنجو خاص خمير، مَن هجي واريءَ وچ ۾. (16)
ڏک سک زندگيءَ جو حصو آهن. زندگيءَ جي لاهن، چاڙهن
۽ تجربن ذريعي انسان سکي ۽ مشاهدو ماڻي ٿو. مطلب
ته زندگيءَ کي ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. جيئن
سسئيءَ جو ڪردار آهي، سندس ڪردار جدوجهد جي علامت
بڻيل آهي. جڏهن هن جو پنهونءَ سان پريت جو پيچُ هو
ته سندس ساهيڙيون، سرتيون کيس سمجهائنس ٿيون،
سسئيءَ جي محبت جي سگهاري جذبي کي طالب الموليٰ جن
هن سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
سسئيءَ کي سمجهائيو، سرتين ساهيڙن،
ڏاڍي اٿئي ڏيهه ۾، ڏنگي ذات جتن،
سهي سگهندينءَ ڪين ڪي، لوڏا منجهه لڪن،
وسنءَ ويجهي ڪانه ڪا، ٻيو پاڻي ناهه پٽن،
هيءِ هيءِ هوتاڻن، وهه جا وفا توسان ڪئي. (17)
سک پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ زندگيءَ لاءِ ضروري آهن،
پر زندگيءَ ۾ ڏکن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ڇاڪاڻ
ته انهن ذريعي ماڻهو گهڻو ڪجهه پروڙي ۽ لوچي ٿو.
ڀٽائيءَ صاحب ڏکن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي
فرمائن ٿا.
جي ماڻهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان.
”شاهه“
حقيقت اها آهي ته زندگيءَ ۾ تبديلي به ڏکن ۽ دردن
جي ڪري اچي ٿي.
ڏکن ڪين ڏکوئيو، پر سکن ڏنا سور،
ڏکن واري ڏيهه ۾، محبت جا مذڪور،
سکن جي سڌ، اندر وهن انبور،
ڏک ۾ ڏاهپ نه اچي، آهن محو ۽ مخمور،
سکيا سورن کان سدا، وڃن ٿا وهلور،
محبوبن جي ملڪن کان، ڏکيا ناهن ڏور،
”ان مع العسريسرا“ سدائين سرور،
طالب مولا مرد ٿي محبت ڪر منظور،
آڌي ۽ اسور، ڏکن سان پيو ڏور تون. (18)
آسان/ عوامي ٻولي:
ٻولي اظهار جو ذريعو آهي. ٻوليءَ ذريعي انسان
پنهنجي جذبن، احساسن ۽ خوبصورت خيالن کي ٻين تائين
پهچائي ۽ سمجهائي سگهي ٿو. يورپ ۾ رومانوي، فڪر جي
بنيادي سڃاڻپ ٻولي آهي. ٻولي اظهار جو واحد وسيلو
آهي. جنهن ڪري ان کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڏٺو وڃي
ته جيستائين ٻڌندڙ نه سمجهي سگهندا يا مائل نه ٿي
سگهندا ته اها ٻولي فائديمند ثابت نه ٿيندي.
تنهنڪري رومانوي تحريڪ جي اديبن سادي ۽ آسان
ٻوليءَ تي وڏو زور ڏنو ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ ذريعي
جذبن، احساسن ۽ خيالن کي سمجهي سگهجي ٿو.
مخدوم طالب الموليٰ جن عوام جا ترجمان آهن ۽
پنهنجي ماحول کان ڀلي ڀت واقف آهن تنهنڪري ان جي
عڪاسي بهترين نموني ڪن ٿا. پنهنجي ڪلام ۾ ساده پر
سهڻا لفظ ڪتب آڻن ٿا.
مخدوم صاحب جن جي ٻولي سادي ۽ رومانويت سان ڀرپور
آهي. مثال خاطر سندس هيءَ خوبصورت ڪافي ڏسو لڳي ٿو
ته موسيقي ۽ ترنم سان ٽمٽار ترانو آهي. جنهن ۾
محبوب جي گفتگو کان ويندي سندس سونهن جي ثناگري به
ڪيل آهي ته ادائن جو ذڪر به ٿيل آهي فرمائين ٿا؛
تو دلڙي يار! ڌتاري، پوير! ڪانه ڪيئي پوئواري
تنهنجا ڪيس پيارل! ڪارا، آهن پيچ انهن جا پيارا
ڪَن ونگ وجهڻ لئي وارا، پائن ڳٽ ڳچي ۾ ڳارا
ڪن قيد سياڻا سارا، مهميرن تي سي مارا
ٿين وير به ات ويچارا، ٿا شاهه ڀرن شوڪارا
منهنجي نرمل! آهه نيزاري
تنهنجي پاڪ پرين! پيشاني آهي نرمل! نور نشاني
سِجَ چنڊ لڳي حيراني! ناهي تنهنجي ثريا ثاني
ٿيا تنهنجا مَٽ نه شاني، ڪر اچڻ سندي احساني
وٺ محب مٺا! مهماني، اچ اڱڻ مٿي دل جاني. (19)
محبت جو مان ۽ مقام مٿانهون آهي. ڇاڪاڻ ته محبت
کان سواءِ سنسار سُڃو ۽ ٻُسو آهي. ان ۾ ڪو مزو نه
آهي. طالب الموليٰ جن غزل جا شهنشاهه آهن. غزل ۾
نوان نوان خيال ۽ نوان رديف آهن. ان سان گڏ سندن
ڪلام ۾ جدت به آهي ته فصاحت ۽ بلاغت به آهي. سندس
غزلن کي ڪيترن ئي فنڪارن پنهنجي خوبصورت انداز ۾
ڳائي امر بڻائي ڇڏيو آهي. هيءُ غزل هونئن ته ڪيترن
ئي ڳائڻن ڳايو آهي، پر مصري فقير نهايت سهڻي ۽
نرالي انداز ۾ ڳايو آهي، جنهن کي ٻڌڻ سان دل کي
سُرور ۽ سُڪون ملي ٿو. جنهن ڪا لفظ تمام سادا ۽
نهايت دلڪش آهن.
عشق ۾ منهنجا مٺا، جي تو کٽيو ته به مون کٽيو
ناز وارا دلربا، جي تو کٽيو ته به مون کٽيو
تنهنجو بي پروا رهڻ، منهنجو نيازن سان نمڻ
اهڙي حالت ۾ ڀلا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو. (20)
ٻوليءَ ۾ تشبيهون ۽ استعارا ان جي سونهن ۾ اضافو
ڪن ٿا. مخدوم صاحب جن پنهنجي ڪلام ۾ سهڻن تشبيهن
جو استعمال ڪري ڪلام کي وڌيڪ پُراثر بڻايو آهي،
فرمائين ٿا.
ڪارا ڪيس قريب جا، واسينگ ڄڻ وار
پيشاني پرينءَ جي، چنڊ جئن ڪري چمڪار
اکيون هن عجيب جون، نرگس جئن نروار
جهڙا گل گلاب جا، تن کان وڌ رخسار
لعل لب لبيب جا، مٺڙا ٻئي من ٺار
وجهي ڪونج ڳچيءَ جي، چهرا چندن هار
ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان، سڄڻ جا سينگار
جانِ ۽ جِندُ نثار، طالب مولا تن تان. (21)
تجنيس حرفي واري خوبي ڪلام کي وڌيڪ پُرڪشش
بڻائيندي آهي، مخدوم صاحب جن ان صنف جو استعمال
تمام اثرائتي انداز ۾ ڪيو آهي. جنهن کي پڙهڻ سان
پڙهندڙ لطف اندوز ٿئي ٿو.
سپرين! توکي سڪ مان، سڏيان ۽ ساريان
ويٺو تنهنجون واٽڙيون، نرمل نهاريان
پرين تنهنجي پرت کي، پلپل پڪاريان
هاريو ٿو هاريان، هنجون تولاءِ هجر ۾.(22)
محبوب جي اکڙين جي تعريف ته هر شاعر ڪئي آهي، پر
مخدوم طالب الموليٰ جن سهڻي ٻولي ۽ لفظن جي تڪرار
سان ان کي وڌيڪ سهڻو ۽ پرڪشش بڻايو آهي. فرمائن
ٿا:
هميشه ڏسون ٿا گلابي گلابي
ڪڪوريل، ڪڪوريل، شرابي، شرابي
الاجي ڪٿان ٿيون پين پُر پيالون (23)
مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي پياري پرينءَ جي تعريف
ڪندي تمام خوبصورت انداز ۾ خوبصورت خيال پيش ڪندي
فرمائين ٿا:
سِجَ چنڊ کان سهڻو جانب جو جمال
قادر قدرت سان ڪئو، قائم هي ڪمال
طالب مولا، مرد سو، لالن جوئي لال
ماڻهو گهرن مال، مون سيباڻو سپرين. (24)
فطرت خدا تعاليٰ جو مظهر آهي. سندس صفتن کي بيان
ڪري ٿي. فطرتي ۽ قدرتي خوبصورت ۽ سهڻا منظر انسان
کي سرور ۽ خوشي بخشن ٿا ۽ انهن نظارن مان انسان
لطف اندوز ٿئي ٿو. ڪجهه فطرتي عڪس اهڙا هجن ٿا، جن
۾ ڪجهه پل ئي سهي انسان حسين منظرن جي واديءَ ۾ گم
ٿي وڃي ٿو. جيئن: ڪارا ڪڪر، خوبصورت جبل، حسين
پهاڙ ۽ مينهن جي ڪڻ ڪڻ جهڙن قدرتي ۽ وڻندڙ نظارن
کي مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي تخيل سان وڌيڪ پرڪشش
بڻائن ٿا. پاڻ ڪوه مري جهڙي سهڻي شهر ۾ ترسيل آهن
۽ ڪڪر ڪارونڀار ڪري اچن ٿا ته اهو سهڻو منظر هن
ريت پيش ڪن ٿا. فرمائين ٿا:
ڪري اٿيا اتر کان، ڪڪر ڪارونڀار
وسڻ سندا ويس ها، پيا منجهن سوَ سينگار
مٿان ”ڪوه مري“ جي، ڪيئون وارو وار
ڪٿي ڇَوها ڇُوٽ مان، ڪٿي بُوند بهار
پهاڙن تي پرت مان ڪيئون وسڻ جا وهنوار
پسايائون پيار مان ڪنوارن ڪاپار. (25)
مخدوم صاحب جن ’ڪوه مري‘ جي سهڻن نظارن کي پنهنجي
ڪلام ۾ قلمبند ڪري ڄڻ منظوم سفرنامو لکيو آهي.
تشبيهون ۽ استعارا فطرتي منظرن کي ڳالهائڻ جي
صلاحيت بخشن ٿا، جو پڙهندڙ خوابن ۽ خيالن جي جزيري
۾ پهچي وڃي ٿو، جتي صرف حسن ئي حسن آهي.
ڪهڙا ’ڪوه مري‘ ۾، ها جهلڪا ۽ جنسار
جبل پنهنجي جاءِ تي، سڀئي سبزه زار
مٽي نه ڏسجي مورهئون، رڳي ساوڪ جا سينگار
گل ڦل تن جي گود ۾، وڌا قدرت سان ڪلتار
وَهن تن جي وجود مان، چشما ڪئين چوڌار
درخت تن ۾ دل گهريا، سدا سايي دار، (26)
مخدوم صاحب جن جي تخليق ’سنڌ جي سانوڻ‘ ۾ مينهن
وسڻ، ماروئڙن جي خوشيءَ جو ذڪر ۽ ساوڪ
وڻن ٽڻن جي ڳالهه ڪئي آهي. خوبصورت نظارن کي سهڻن
۽ دلڪش لفظن سان ڀيٽا ڏني آهي. پر اهڙي حَسين موسم
محبوب کان سواءِ سُڃَ سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ساوڻ جو
مزو سهڻل سان گڏ آهي جيئن ڀٽائي صاحب چيو آهي ته:
اڱڻ تازي پهر ڪنديون، پکا پٽ سنهن،
سرهي سيج پاسي پرين، مرُ پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين، هُوِن برابر ڏينهڙا.
(شاهه)
مخدوم طالب الموليٰ جن فرمائين ٿا:
محبوب گڏ نه آهه، ته ساوڻ سڄو ئي سُڃَ
ڪوڇَن، ڪَڙِين، تلاءَ تراين جا ريج رڃُ. (27)
اسم تصغير شاعراڻي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ميٺاج، رس چس ۽
چاشني پيدا ٿئي ٿي. ان کان علاوه ڪلام کي پڙهندي
ماڻهو وڌيڪ لطف اندوز ٿئي ٿو. جيئن مخدوم طالب
الموليٰ جن فرمائين ٿا:
ڪئن وساريا ويهي تو ”قالو بليٰ“ اقرارڙا!
ڇا ڪري سگهندين سڄڻ سان عشق ۾ انڪارڙا!
”فاذ کروني“ فڪر ڪر هن وار ويڇو ناهه ڪو
”نحن اقرب“ ۾ ٿين ٿا دل اندر ديدارڙا! (28)
ٻوليءَ جي حُسن ۾ لفظن جو ورجاءُ به اضافو ڪري ٿو.
مخدوم صاحب جن ماهرِ لسانيات پڻ هئا، تنهنڪري سندس
ڪلام ۾ بناوتي يا پيچيده لفظن جو استعمال نه ڪيو
اٿائون بلڪ سنڌي ٻوليءَ کي اصلي مزاج ۾ استعمال
ڪري پڙهندڙ لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي، مطلب ته
ماهرِ لسانيات جي ذميداري بخوبي نباهي اٿائون.
حقيقت اها آهي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن
جي شاعري هڪ وڏو ادبي خزانو آهي، جنهن ۾ بيشمار
هيرا موتي موجود آهن يا ائين چئون ته سندن شاعري
هڪ اهڙو سدا بهار باغ آهي جنهن ۾ قسم قسم جا گل
ٽڙيل آهن، انهن گلن جي سڳنڌ ۽ سُرهاڻ سڄي سنڌ کي
نه صرف سونهن ۽ سندرتا ڏني آهي، پر هر شهر، وستي ۽
واهڻ کي واسي ڇڏيو آهي، مطلب ته مخدوم صاحب جن جي
ڪلام ۾ بيشمار خوبيون آهن. اهو ڄڻ موتين ڀريل
مهراڻ آهي. مون پنهنجي هن مقالي ۾ اوهان کي رڳو هڪ
موتيءَ جو جلوو ۽ جمال ڏيکاريو آهي.
حوالا:
1)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ 2011ع ص: 79.
2)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صبح ۽ شام مرڪزي بزم
طالب الموليٰ سنڌ هالا 1982ع ص: 10.
3)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’ديوانِ طالب
الموليٰ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ 2011ع ص:
130.
4)
ساڳيو ص: 177.
5)
ساڳيو ص: 244.
6)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ 2011ع ص: 146.
7)
ساڳيو ص: 88.
8)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’ديوانِ طالب
الموليٰ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ 2011ع ص:
378
9)
ساڳيو ص: 231.
10)
ساڳيو.
11)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ 2011ع ص: 130.
12)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’سدا وسين سنڌڙي‘،
طالب الموليٰ اڪيڊمي 1990ع ص: 74.
13)
ساڳيو ص: 72.
14)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ 2011ع ص: 218.
15)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’بي پير اکيون‘
سروري پرنٽنگ ايجنسي درگاه روڊ هالا نئون 1987ع ص:
26.
16)
مخدوم زمان طالب الموليٰ ’ڪچڪول بزمِ سروي طالب
الموليٰ‘ 1955ع، ص: 67.
17)
ساڳيو ص: 50.
18)
ساڳيو ص: 70.
19)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘،
سنڌي ادبي ٻورڊ، ڄام شورو سنڌ 2011ع- ص: 364.
20)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’ديوانِ طالب
الموليٰ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ 2011ع ص:
268.
21)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ 2011ع ص: 301.
22)
ساڳيو ص: 110.
23)
ساڳيو ص: 426.
24)
ساڳيو ص: 79.
25)
ساڳيو ص: 189.
26)
ساڳيو ص: 190.
27)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’سنڌ جو ساوڻ
مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ 12 1995 ص:
2.
28)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ 2011ع، ص: 330. |