سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2022ع

باب:

صفحو:17 

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون

راڄو ڳوٺ- سال

 

 

 

علامھ عبدالرشيد نعماني

هندستان کان آيل هڪ غير سنڌي عالم جون

سنڌي ادبي بورڊ لاءِ خدمتون

ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هن اداري جي سرپرستي به گهڻي حد تائين وڏن اهلِ علم فردن جي حصي ۾ رهي آهي، گڏوگڏ سنڌ، اسلام ۽ تاريخ جي حوالي سان مڪتوبات، مخطوطات جو تحفظ ۽ انهن کي ڇاپڻ جو سلسلو جيڪو هن اداري ڪيو آهي شايد اهو حصو سنڌ جي ڪنهن ٻي علمي اداري کي نصيب نه ٿي سگهيو، بعض اهڙا علمي ۽ تاريخي ڪتاب شايع ڪيائون جن کي نه صرف سنڌ پر پوري برصغير، ايران، افغانستان، سعودي عرب ۽ مصر ۾ وڏي پذيرائي ملي، جنهنجو تذڪرو آئون اڳيان ڪندس ان علمي ڪم ۾ جن بزرگن جو به هٿ رهيو آهي. انهن ۾ هندستان مان بي سرو ساماني ۾ هجرت ڪري سنڌ آيل اهڙن بزرگن جا نالا به اچن ٿا، جيڪي مالي اعتبار سان ته هُو بي سرو سامان هئا، مگر علمي اعتبار سان هو هڪ انمول خزانا هئا. سنڌ ۾ رهي ڪري پنهنجي وس آهر هنن سنڌ جي علمي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙن غير سنڌي عالمن جن سنڌ جي حوالي سان ڪم ڪيو انهن مان ڪجهه عالمن ته خود سنڌي ادبي بورڊ جي ڪوششن ۾ هٿ ونڊايو، منجهائن هتي هڪ بزرگ جي خدمتن جو ذڪرِ خير ڪريون ٿا، جنهن جو نالو آهي، حضرت مولانا عبدالرشيد نعماني جن ڏينهن ۾ آئون ٻارهين صديءَ هجريءَ جي سنڌي عالمن ۽ محدثن تي پي.ايڇ ڊي ڪري رهيو هئس ته سائين علامه غلام مصطفيٰ قاسميؒ خود مون کي ٻڌايو ته جي ڏکيائي محسوس ٿئي ته بنوري ٽائون ۾ مدرسي جي لڳ مجلس علمي جو دفتر آهي، جتي مولانا نعماني صاحب جن هوندا آهن اوهان انهن کان رهنمائي وٺجو. پوءِ آئون خود حاضر ٿي کانئس رهنمائي وٺندو هئس.

هتي آئون سنڌ جي ٽن عظيم عالمن محدثن جو ذڪر ڪندس، جن جا ٽي ڪتاب جيڪي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا، جن کي سنڌ ۽ برصغير کان علاوه عرب دنيا ۾ وڏي پذيرائي ملي.

آئون انهن ٽن ڪتابن جو تذڪرو ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جن ۾ سڀ کان اوليت ته قرآن پاڪ جي ان ترجمي کي جيڪو برصغير جو قرآن پاڪ جو پهريون ترجمو آهي يعني حضرت مخدوم سرور نوحؒ جو قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو. اهو اعزاز سنڌ ۽ سنڌ جي هڪ عظيم عالم روحاني پيشوا کي مليل آهي. هالا جي مخدوم خاندان ۽ موجوده گادي نشين جي جد امجد کي جيڪو اسان نه صرف سنڌ بلڪ پوري برصغير جي مسلمانن لاءِ باعث اعزاز آهي. ان جي ڇپجڻ کان اڳ حضرت شاهه ولي اللهؒ جي ترجمي کي پهريون ترجمو سمجهيو ويندو هو، ان ڪتاب کي ڇاپڻ جو اعزاز سنڌي ادبي بورڊ کي مليل آهي، ٻيو اهم ڪتاب مولانا جعفر بوبڪائي جيڪو خود مخدوم سرور نوحؒ جو همعصر هو ۽ سندس مشهور ڪتاب ’المتانـﺔ مرمـﺔ الخزانـﺔ‘ آهي. ٻئي ڪتاب علامه غلام مصطفيٰ قاسميؒ جي حاشيي فٽ نوٽن سان ايڊٽ ٿيا ۽ ڇپيا.

جڏهن ته ٽيون اهم ڪتاب مولانا عبدالرشيد نعماني صاحب جي محنت ڪوشش ۽ ڪاوش جو نتيجو آهي. مولانا عبدالرشيد نعماني 1914ع انڊيا ۾ جئپور شهر ۾ تولد ٿيا، پاڻ پنهنجي سموري تعليم ’ندرة العلماء‘ مان حاصل ڪيائون، جتي کين تابفه زمانه علامه حيدر حسن جي صحبت ۽ شرف تلميذ مليو جنهن کيس پنهنجي علم ۽ عرفان سان يڪتائي روزگار بنائي ڇڏيو، علامه حيدر حسين خليق هئا، مولانا حاجي امداد الله مهاجر مڪيءَ جي مختصر تعارف کان پوءِ آئون وري اچان ٿو ان غير سنڌي عالم جي علمي خدمت تي جيڪا هن سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪئي. علامه نعمانيؒ سنڌ جي مشهور عالم مخدوم محمد معين جو اُهو اهم ڪتاب جيڪو اڃان قلمي صورت ۾ هو شايد سنڌي ادبي بورڊ کانسواءِ هن جو هڪ نسخو مظهرالعلوم کڏي ۾ به موجود آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ڪوششن سان ان کي حاصل ڪري علامه عبدالرشيد نعماني کي ڏنو ويو، جنهن هن قلمي نسخي کي ايڊٽ ڪري ان تي فوٽ نوٽ حاشيا لکي وڏي محنت سان تيار ڪيو جيڪو ڪم بيش7 يا 8 سئو صفحن تي مشتمل آهي. اهلِ علم و دانش کي معلوم آهي ته ايڏي وڏي ضخيم عربي ڪتاب کي ايڊٽ ڪري تصحيح ڪري فٽ نوٽ لکڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ نه صرف ڇاپيو، پر پوري هند- پاڪ ۾ هن ڪتاب جي هاڪ هُلي ويئي. هتي صرف ايترو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ جو هڪ هيءُ واحد يگانو عالم آهي، جنهن جي ڪتاب کي ديوبندين، بريلوين، اهلِ تشيعه ۽ اهلِ حديث وارن ملتان مان ڇاپيو، ان جا وجوهات ڪڏهن ڪنهن ٻي مضمون ۾ ڏيندس، مخدوم محمد معين ؒ ان ڪتاب ۾ پاڻ کي شاهه ولي الله جو شاگرد سڏيو آهي. هن ڪتاب جا علمي بحث ۽ افاديت سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ شاهڪار ڪتاب جي شهرت جڏهن انڊيا پهتي ته هندستان جي هڪ مشهور محدث عالم ”التعقبات عليٰ الدراسات“ يعني سيد احمد بجنوريءَ ان ڪتاب جي اهم مسئلن جو رد لکيو جيڪو هندستان ۾ ڇپيو، بلاشبه هن شهره آفاق ڪتاب جو رد مخدوم محمد هاشمؒ جي فرزند مخدوم عبداللطيف ”ذب الذبابات“ جي نالي سان لکيو اهو ڪتاب به سنڌي ادبي بورڊ علامه عبدالرشيد نعمانيؒ جي حوالي ڪيو، هن ڪتاب کي به علامه مرحوم وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ سان ايڊٽ ڪري حاشين ۽ فٽ نوٽن سان سينگاري نروار ڪيو، جيڪو به هڪ ضخيم ڪتاب آهي، انهن ٻنهي اهم ڪتابن يعني 12 صديءَ هجريءَ جي عالمن جي هيءَ علمي ڪوشش ۽ ڪتاب المارين جي زينت بنجي رهجي وڃن ها جي سنڌي ادبي بورڊ ۽ علامه عبدالرشيد نعمانيؒ جي ڪاوش شامل حال نه هجي ها.

ٻيو سنڌ جي عالم جو ڪتاب جنهن کي نه صرف برصغير بلڪ پوري دنيا خاص طور تي عرب دنيا ۽ انڊو پاڪ ۾ وڏي شهرت ملي نه ڄاڻي ان جا ڪيترا ايڊيشن دنيا ۾ ڇپيا، اهو ”مقدمه ڪتاب التعليم“ علامه ابن شيبه سنڌيءَ جو هن کي به سنڌي ادبي بورڊ علامه عبدالرشيد نعمانيؒ کي ڏنو جنهن مٿس ساڳئي انداز ۾ ڪم ڪري سنڌ جي هنن عظيم فڪري عالمن ۽ محدثن کي پنهنجي تصنيفن سان دنيا جي عالمن جي مقابلي ۾ آڻي بيهاريو.

علامه عبدالرشيد نعماني هندستان کان هجرت ڪري ٽنڊي الهيار جي مدرسه اشرف المدارس ۾ اچي حديث جو استاد بنيو ۽ ڪيترن سنڌي غير سنڌي شاگردن کي هن عظيم عالم جي شاگرديءَ جو شرف مليو ۽ کانئن فيض پرايو. علامه عبدالرشيد نعمانيؒ جن ڏينهن ۾ ندوة العلماء لکنو ۾ استاد هئا ته هڪ ڪانفرنس ۾ علامه شبير احمد عثمانيؒ مدرسه ۾ آيا علامه نعماني جڏهن هن عظيم مفسر قرآن و حديث علامه عثمانيؒ سان مليا ۽ پنهنجو نالو ورتائون، ته علامه عثماني سندن هٿ جهلي بيهي رهيو ۽ چيائين: ”المدخل في اصولِ الحديث“ حاڪم نيشاپوري جي ڪتاب کي اوهان ايڊٽ ڪري ترجمو ڪيو آهي، ڪيترو وقت صرف کيس ڏسندا رهيا.

مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن جو تعارف ته نه ڏي سگهيو آهيان، پر انهن جي علمي اهميت افاديت اهلِ علم کان مخفي نه آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ علامه محمد يوسف بنوريؒ جي چوڻ تي پاڻ ٽنڊي الهيار کي خيرباد ڪري ڪراچي هليا ويا جتي مدرسه جامعه اسلاميه بنوري ٽائون جي مجلس علميءَ ۾ پاڻ درجه تخصص جي نگراني ڪندا هئا، نه ڄاڻي دنيا جي ڪيترن عالمن سندن نگراني ۾ تخصص ڪيو آهي. سندن شاگردن ۾ خود مولانا محمد تقي عثماني جو نالو پڻ آهي، پوءِ پاڻ پورو عرصو علمي ۽ تخصص سان وابسته رهيا، انهيءَ وچ ۾ پاڻ بهاولپور يونيورسٽيءَ لاءِ به اسلاميات جي ڊين جي پوسٽ تي مقرر ٿيا ۽ ڪجهه عرصو رهيا، پر جلدي واپس اچي جامعه اسلاميه بنوري ٽائون ۾ پنهنجا منصبي فرائض سرانجام ڏنائون. ياد رکڻ گهرجي ته مجلس علمي ڪراچي هڪ جدا ادارو هو، جتي فارغ التحصل ٿيڻ کان پوءِ تخصص في الفقهه و الحديث ٿيندو هو جتي پاڻ ڪيترن سنڌي عالمن کي حديث ۽ فقهه تي تخصص ڪرايائون، جن جو ريڪارڊ مجلس علمي جي دفتر ۾ موجود آهي، هتي هي ٻه اکر منهنجي لاءِ لکڻ ضروري هئا ته جيئن اسان جي سنڌي عالمن، دانشورن جون سنڌي ادبي بورڊ لاءِ خدمتون آهن اهڙي طرح بعض غير سنڌي عالمن به هن اداري ۾ بحيثيت محقق جي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي ديني قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا غير سنڌي عالمن يعني نون سنڌين لاءِ مشعلِ راهه آهي ۽ اسان جي لاءِ قابل فخر آهي ته هُو اسان کي هڪ وڏو علمي ذخيرو ترتيب ڏيئي حوالي ڪري ويا، جيڪا نه صرف قابل تعريف بلڪ قابلِ تحسين آهي جن ۾ مرحوم مولانا عبدالرشيد نعمانيؒ سرِفهرست آهن جنهن سنڌ جي عظيم ٽن عالمن جا ضخيم ڪتاب اداري کي ڏنا. اهڙيءَ طرح ٻيا ڪجهه غير سنڌي عالم آهن، جن سنڌ تي ڪم ڪيو انشاءالله وقت مليو ته ضرور انهن جو تذڪرو ڪبو، ايترو افسوس ضرور آهي ته ايڏا وڏا اهم عديم المثال ڪتاب قلمي پورهئي کان ايڊٽ ٿي منظرِعام تي ته آيا پر افسوس جو اڄ تائين انهن جو سنڌي ترجمو نه ٿي سگهيو.

جيئن  ڪراچيءَ ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ مرحوم علامه عبدالرشيد نعمانيءَ سان نه صرف ملاقاتون رهيون پر کانئس علمي فيض حاصل ڪرڻ جو به موقعو مليو. اهڙي طرح ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جي دوران سندن صاحبزادي سان به تمام گهڻيون ملاقاتون هيون، جتي هو سندن والد صاحب جا تذڪرا ڪندو هو. جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ عربي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هو تا حال حيات آهن.

آخر ۾ منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم عبدالرشيد نعمانيؒ کي جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين.

 

نورمحمد ’نورل‘ ڪنڀار

ڇور

 

 

 

مولانا حافظ شهاب الدين سميجورح

 

سرزمينِ سنڌ ڪيترن ئي عالمن، اوليائن، درويشن ۽ فقيرن کي جنم ڏنو آهي ۽ انهن جي توجهه جو مرڪز رهي آهي. اِهوئي سبب آهي جو هن سرزمين جي وک وک تي عالمِ اسلام جي برگزيده شخصيتن جون نشانيون کروتين، مسجدن، ۽ مزارن جي شڪل ۾ مالڪ حقيقي جو وجود تسليم ڪرائڻ، ايمان تازي ڪرڻ، ۽ عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ نظر اچن ٿيون.

اهڙين نشانين مان ’کيجڙياريءَ‘ جي قديم شهر جا کنڊر پڻ آهن، جن ۾ هڪ قديم مسجد موجود آهي، جيڪا ’حافظ شهاب الدين‘ سميجي جي مشوري سان سيد ’مهرعلي شاهه‘ جوڙائي هئي، سا اڄ به ايمان وارن کي پنهنجن اڳين بزرگن جي نقشِ قدم تي هلڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي. انهي شهر جي کنڊرات جي ٻي نشاني کيجڙياري جو قبرستان (جيڪو سيد محمد علي شاهه شهيد جي نالي سان سڏجي ٿو) آهي. جيئن ته سنڌ جو هر قبرستان عشقِ اِلٰهي ۾ پچي لال ٿيڻ وارن جي مزارن کان خالي ڪونهي. ساڳي ريت هِن قبرستان ۾ به اهڙن عاشقن جي مزارن جي ڪمي ڪونهي، پر بنده راقم جي قلم جو انتخاب ’مرحوم مولانا حافظ شهاب الدين سميجوؒ‘ آهي، جنهن جو آخري آرامگاهه پڻ مذڪوره قبرستان ۾ آهي.

مولانا حافظ شهاب الدين سميجو ولد ’ڪانڀو فقير‘ سميجو پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. مولانا صاحب جا وڏا ڳوٺ ’راڄڙال‘ (جوڌپور راجستان) جا رهاڪو هئا ۽ اتائين سنڌ ڏانهن آيا.

ولادت ۽ ولادت جو هنڌ: مولانا حافظ شهاب الدين جي ولادت تقريباً سنه 1256هه ڌاري ڳوٺ ’راڄڙال‘ ۾ ٿي، پاڻ اڃان ٽن سالن جي ڄمار کي مس پهتو هو ته پدري شفقت کان محروم ٿي ويو. انهي ڪري حافظ صاحب ۽ سندس هڪ ڀاءُ حافظ عارف ۽ ٻه همشيرائون سندس والده ماجده جي سرپرستيءَ ۾ ناناڻن يعني ڳوٺ ’ڳهڙ- جي تڙ‘ ۾ اچي رهيا.

سنڌ طرف اچڻ: قحط سالي ۽ ڪجهه عزيزن جي اڻبڻت سبب حافظ صاحب ڳوٺ ’ڳهڙ جي تڙ‘ کي به ڇڏي ننڍڙو ڪٽنب ساڻ ڪري اچي ’کيجڙياري‘ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. جتي يوسف ڪنڀار هن ننڍڙي ڪٽنب جي اوکي ويل سار سنڀال پيو لهندو هو. جتان حافظ بلال ولد طيب پلي، حافظ شهاب الدين رحه کي گود جو پٽ ڪري سندس ڳوٺ ’ڇَتو پلي‘ وٺي ويو ۽ سار سنڀال لهڻ لڳو. حافظ بلال جي معرفت ئي حافظ صاحب، ميان عبدالله عُرف ميان اڪبري ولهاري وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ’کنڀرو‘ (هاڻي ڳوٺ پيرمحمد ولهاري جيڪو تعلقي ساماري جي ايراضي ۾ ڍوري ناري (تعلقه عمرڪوٽ) کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي اتر طرف آهي) ۾ اچي رهيو. جيئن ته حافظ صاحب اڃان ٻاراڻي اوسطا ۾ هو، انهي ڪري ميان ولهاري صاحب کي نه صرف استاديءَ جا فرائض انجام ڏيڻا پيا پر حافظ صاحب جي پرورش پڻ ڪرڻي پئي. تعليم پرائڻ دوران حافظ صاحب تي استاد محترم جناب فقير عبدالله عرف ميان اڪبري ولهاري جي هڪ ٻڪريءَ جي سنڀال جو ڪم رکيل هو. انهيءَ ڪم ڪرڻ سبب حافظ صاحب پڙهڻ ۾ هم سبق رفيقن کان پٺتي رهجي ويو ته استاد کي چيائين ته استاد صاحب ٻڪري چارڻ سبب آئون دوستن کان پٺتي رهجي ٿو وڃان تنهن تي استاد وراڻيو ته ”خدمت کرد اُومخدوم شد“ شهاب الدين تون اهڙو عالم ٿيندين جو هر عالم تو وٽ مسئلا سمجهڻ لاءِ ايندو، تون ڪنهن وٽ ڪونه ويندين، نيڪ بخت شاگرد انهيءَ تي آمين چيو، چون ٿا ته استاد صاحب اڪثر ڪري سندس پيئڻ جي پاڻيءَ مان ڍُڪ بچائي سعادتمند شاگرد کي ڏيندو هو، جيڪو هُو پي ڇڏيندو هو. انهيءَ پاڻيء جي ڪرامت ۽ دُعا، شاگرد کي انهيءَ منزل تي پهچايو جو جيئن استاد فرمايو هو تيئن ٿيو. حافظ صاحب ميان ولهاري صاحب کان، سنڌي عربي ۽ فارسي جي تعليم پرايائون.

مسلڪ ۽ مذهب:

حافظ صاحب امام ابو حنيفه جو پوئلڳ پڪو سني ۽ روزي ۽ نماز جو سخت پائبند هو، تصوف ۽ سلوڪ جي سلسلي ۾ نقشبندي طريقي ۾ داخل هو. پير حاجي آغا عبدالرحيم جان سرهندي، مٽياروي جو خاص مريد ۽ خليفو هو.

سچ چوڻ ۽ فيض ملڻ:

جيئن ته حافظ صاحب هڪ بيباڪ شخص هو انهي ڪري پاڻئون ڏاڍن کي به حق جي ڳالهه چوڻ کان نه ڪيٻائيندو هو. انهيءَ وقت ۾ پير علي اڪبر شاهه لوڻي شريف وارو مراقبي ۾ ويهندو هو ۽ مراقبي دوران ڪي مخصوص لفظ پير صاحب جي واتان نڪرندا هئا، حافظ صاحب جڏهن اِها خبر ٻڌي ته پير صاحب کي چوائي موڪليائون ته ائين نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن پير صاحب کي اِهو پيغام مليو ته پير صاحب جواب ۾ حافظ صاحب کي جمع ڏينهن ’والهوٽي‘ ۾ روبرو بحث ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليو، اتي پهچي ٻنهي بزرگن جي روحاني رهاڻ ٿي انهيء ئي رهاڻ ۾ حافظ صاحب کي سيد پيرعلي اڪبر شاهه جي فيض ڀري نظر سان فيض مليو. ۽ پوءِ کيس پير صاحب خلافت جي پڳ ٻڌرائي.

خدمتون: حافظ شهاب الدين ڳوٺ کيجڙياري ۾ پيش امامي جي فرائض سان گڏ انهيءَ مڪتب ۾ سڄي عمر درس تدريس جو ڪم ڪندو رهيو. قرآن شريف، سنڌي، فقه، فارسي ۽ عربي پڙهائيندو هو. حافظ شهاب الدين کانپوءِ سندس فرزند حافظ محمد رحيم انهيءَ مڪتب کي سڄي عمر هلايو ۽ آخر اِهو مڪتب حافظ محمد رحيم جي وفات بعد جلد ئي بند ٿي ويو. حافظ محمد رحيم سيد محمد علي شاهه شهيد جي ورسي ملهائڻ جو بنياد رکيو، جيڪو هر سال جشن ٿيندو هو. مگر عوام جي تقاضا تي اُن کي ماهوار جشن جي حيثيت ڏني ويئي، جيڪو هر مهيني جي 14 تاريخ تي ٿيندو هو. جنهن ۾ مولود خواني، قرآن خواني ۽ واعظ ٿيندو هو. اِهو شغل به حافظ محمد رحيم جي وفات بعد جلد ئي بند ٿي ويو.

حليو، لباس ۽ عادتون:

حافظ صاحب جو قد ڊگهو، چهرو گول، رنگ ڳورو ۽ سونهاري مبارڪ شرعي اصولن مطابق هوندي هئي، حافظ صاحب تمام رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. سفيد شلوار ۽ پهراڻ پائيندو هو. مٿي تي سفيد پٽڪو ٻڌندو هو ۽ ڪلهي تي سفيد چادر کڻندو هو. هر نشه آور ۽ خراب شئي کان پاسو ڪندو هو، بي نمازيءَ (مرد هجي يا عورت) جي رڌل يا پڪل ڪابه شئي استعمال نه ڪندو هو. گهڻو ڪري روزانو ۽ خاص ڪري رمضان شريف ۾ وچينءَ (عصر) جي نماز کان وٺي سانجهيءَ جي اذان تائين مسجد جي ٻاهرين پاسي ٺهيل ٿلهي تي شاگردن سميت قرآن شريف جي تلاوت ڪندو هو.

لکيل ڪم ۽ ڪتاب: ديني مسئلا ۽ ٻيا نسخه جيڪي حافظ صاحب جي هٿن سان لکيل چيا وڃن ٿا سي سندس پوئين فقير محمد اسماعيل پلي ٻيرڇن واري جي هٿان، ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن مشهور درسگاهن ’ولهيٽ‘ ۽ ’ڪلواڙيءَ‘ جي مدرسن کي عطيه طور ڏيئي ڇڏيائون.

همعصر: حافظ صاحب جي دوستن ۾ خاص دوست سندس چؤياري جا چيا وڃن ٿا، جنهن ۾ (1) سيد مهرشاهه ڳوٺ کيڄڙاري (2) درس ڄامن پلي (3) درس الهيار پلي ڳوٺ خانصاحب عطامحمد پلي ۽ حافظ دودي راهومي صاحب جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

وفات: حافظ صاحب پنهنجن ساهُرن ۽ سيد قاسم شاهه (ڳهڙ جي تڙ وارو جيڪو سندس ماسات پڻ ٿيندو هو) سان ملڻ لاءِ کيجڙياريءَ مان پنهنجن چند عزيزن ۽ سيد جمال شاهه سان گڏجي تاريخ 5 ذوالحج بروزڇنڇر 1326هه تي روانو ٿيو. پاڻ اِهو سفر وهٽن ذريعي ڪري رهيا هئا، سو جڏهن ’موڙاسيولڪ‘ مٽي اڳتي روانا ٿيا ته الله لوڪ ۽ علم دوست ماڻهن جي هن ننڍڙي قافلي جي امير يعني حافظ صاحب ساٿين سان مخاطب ٿي هيٺئين ريت هڪ مسئلي تي روشني وجهڻ لڳو، فرمايائون ته ”بابا ڏسو جيڪڏهن سفر دوران خدانخواسته ڪنهن جا ڏينهن پڄي اچن ته انهيءَ جي ڪفن دفن ۽ ٻين گهربل شين کي استعمال ڪرڻ کان اڳ اُتي جي رهواسين کان اجازت وٺڻ ضروري آهي. انهيءَ تي جمال شاهه ۽ سندس عزيزن چيو ته الله پيو رحم ڪري هونئن اسان کي انهن ڳالهين جي خبر آهي. تنهن تي حافظ صاحب وراڻيو ته تڏهن به آئون اِهي ڳالهيون وري ياد ڏيارڻ لازمي ٿو سمجهان متان ڪڏهن لاپرواهي کان ڪم وٺو. انهيءَ تي سڀ همسفر ڪجهه پريشان ٿي ويا، ته خبر نه آهي ته حافظ صاحب اڄ هن ڳالهه کي ڇو ايتري اهميت ڏيئي رهيو آهي. حافظ صاحب دوستن ۽ عزيزن جي پريشاني دور ڪرڻ لاءِ کلي چيو ته ”خدا جي ڳُجهه کي ڪير ٿو سمجهي سگهي، مون ته اِها ڳالهه ائين ئي ڪئي آهي. انهيءَ ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڀلا جيڪڏهن الله تعاليٰ جي رضا اِها هوندي ته پاڻ کي رب پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي.“ وهٽ هلندا رهيا ۽ سفر طئه ٿيندو رهيو. آخر اچي ڳوٺ ’حدي جي تڙ‘ (جيڪو ابراهيم جي تڙ ۽ فقير جي تڙ جي آسپاس ڏَسجي ٿو) جي پاسي سان منزل ڪيائون. باقي قافلي جي منزل ته خير اڃان اڳڀرو هئي، مگر مولانا حافظ شهاب الدين سميجوؒ پنهنجو سفر پورو ڪري چڪو هو، اهڙي ريت هي دين جو چراغ ۽ عالمِ دين تاريخ 6 ذوالحج بروز آچر سنه 1326هه تي رحلت ڪري ويو، اِنالله وَاِنا اِلَيهِ راجِعون.

سندس آخري آرامگاهه کيجڙياري جي قبرستان ’سيد محمد علي شاهه شهيد‘ ۾ آهي.

شاديءَ جو احوال: حافظ صاحب تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ کيجڙياريءَ موٽي آيو، جتي سيد حاجي ابراهيم شاهه، ڳهڙ جي تڙ وارن سميجن کان حافظ صاحب واسطي سڱ گهرڻ لاءِ سندس والده کان اجازت گهري. جنهن کيس اجازت ڏني، تنهن تي سيد حاجي ابراهيم شاهه ڳهڙ جي تڙ وڃي سڱ لاءِ زور ڀريو جن آخر آڻ مڃي ۽ حافظ صاحب کي سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا. حافظ صاحب شادي ڪري کيجڙياريءَ موٽي آيو، جنهن مان کيس چار پٽ: 1- حافظ محمد رحيم 2- حافظ علي محمد 3- حافظ منٺار ۽ 4- ولي محمد ۽ هڪ نياڻي ڄائي. چوٿون نمبر پُٽ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو ۽ باقي ٽن مان هن وقت ڪوبه موجود نه آهي ۽ نه سندن اولاد حيات آهي اهڙي نموني سان حافظ صاحب جي پيڙهي اتي پهچي تمام ٿي ويئي.

شاگرد: هونئن ته حافظ صاحب جهڙي جي وهندڙ درياءَ مان ڪئين سيراب ٿيا آهن مگر جيترو احوال معلوم ڪري سگهيو آهي انهيء ۾ 1. حافظ احمد ساجناڻي ڪنڀار 2. حافظ فقير محمد صالح ڪن 3. حافظ ٻڍو سمون ۽ 4. حافظ پريو سمو نالا قابل ذڪر آهن.

”ويا سي وينجهار، هيرا لعل ونڌين جي“ (شاهه)

حوالا

(1)  ٽماهي سنڌ ۾ آيل معمور يوسفاڻي صاحب جو مضمون (3 قسطون)، ٿرپارڪر جا ديني درسگاهه.

(2) ٿرپارڪر جو مطالعو، مصنف: معمور يوسفاڻي، سنڌ ثقافت کاتو.

وضاحتون:

(الف) سيد محمد علي شاهه شهيد کي راڻي رتن سنگهه ٺڪر، انگريزن جي دور ۾ سرڪاري مقاطعي تان شهيد ڪيو. بعد ۾ رتن سنگهه کي ڪرنل تروٽ، ڦاسي جي سزا عمرڪوٽ جي قلعي ۾ ڏني.

(ب) ميان عبدالله ولهاري عرف ميون اڪبري، ۽ سندس خاندان تي ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ عاليشان مضمون محمد اشرف سمون جو شايع ٿيو آهي.

 

دليپ ڪوٺاري

مِٺي

 

 

 

ڊاڪٽر ڪي.پِي ’اُداسِي‘

 

سنڌ پرڳڻي جي ٿر واري خطي جي ڳوٺ اسلام ڪوٽ ڄائي اسُتاد شاعر پمون مل عرف پرمانند ’پياسي‘ لوهاڻي جو وڏو پٽ ڊاڪٽر کينپار پرمانند آسناڻي المعروف ڊاڪٽر ڪي. پي آسناڻي پڻ پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سنڌيءَ ۾ ڪوتائون سرجڻ وارو هڪ ڪوي رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڳوڙهي ناقداڻه ساهتڪ اوک ڊوک يا ادبي پرک ڪرڻ وارا ڪي نقاد؛ هن جي شاعريءَ ۾ تخيل، فن ۽ فڪر جي اڏار سندس پتاشري سائين پمون مل عرف پرمانند ’پياسي‘ واري ساڳئي بُلند ۽ بي پرواهه نوع جي هجڻ کان نابري وارين؛ پر پوءِ به هڪ مصروف ترين ۽ ڪامياب پيشيور ڪردار جي شاعريءَ جهڙي نفيس فن تي اسڪولي ۽ ڪاليجي دورن کان وٺي عمر جي آخري ايامن تائين رُوح پرور طبع آزمائي ڪرڻ کي؛ پريوارڪ ماحول ۽ تربيتي سفر جو هڪ خوشگوار تجربو ضرور سڏي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر کينپار پرمانند آسناڻي جو جنم سنڌ پرڳڻي جي ضلعي ٿرپارڪر جي موجوده تعلقي هيڊڪواٽر ۽ ان وقت جي ڳوٺڙي اسلام ڪوٽ ۾ 30 آگسٽ 1925ع تي ٿيو. هن جي پرائمري تعليم سندس هيڊ ماستر پيءُ سائين پمول مل (پرمانند) جي سرپرستيءَ ۾ اسلام ڪوٽ ۾ ئي حاصل ٿي. ثانوي تعليم لاءِ هن کي مٺيءَ جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان هن 1943ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ جي انعقاد هيٺ مئٽرڪيوليشن جو امتحان سنڌ ۾ ٽيون نمبر کڻڻ واري ڪاميابي سميت پاس ڪيو. 1945ع ۾ هن ڦليلي واهه جي وڻراهه سان واسيل حيدرآباد جي مقبول ترين درسگاهه ’ڏيارام گِدُومل نئشنل ڪاليج‘ (جنهن کي گورنمينٽ ڪاري موري ڪاليج ۽ هاڻ يونيورسٽي پڻ سڏجي ٿو) ۾ پري ميڊيڪل (بائلاجي) شاگرد جي حيثيت سان انٽرميڊئيٽ جو امتحان ڏنو. ان بعد هن جي ڊو(ڊائو) ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪورس ۾ قابليت جي آڌار چونڊ ٿي ۽ اتي پهرين ٻن سالن وارو امتحان پوزيشن سان پاس ڪيائين. 1947ع ۾ ورهاڱي ٿيڻ سببان سندس ڪٽنب لڏي ويو. هن ٽئين، چوٿين ۽ آخري پنجين سال جي ميڊيڪل واري پڙهائي مدراس جي ’اسٽينلي ميڊيڪل ڪاليج‘ ۾ وڃي پوري ڪئي ۽ فائنل ييئرايم. بي. بي. ايس ۾ پهرين نمبر ماڻڻ سان گڏ، جملي مارڪن جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ جو نانءُ جوتوان ڪيائين.

ڊاڪٽر کينپار آسناڻي پيشيوراڻي ڪيريئر جي لحاظ کان انتهائي اعليٰ درجي جو طبي ماهر ۽ منتظم رهيو آهي. بي. جي ميڊيڪل ڪاليج احمد آباد جي ميڊيڪل سپرٽينڊينٽ، ايم. جي. ايم ميڊيڪل ڪاليج انڊور ۾ ليڪچررشپ سميت؛ بامبي ۽ گجرات ميڊيڪل سروسز ۾ ميڊيڪل ٽيچر، سپرٽينڊينٽ، سول سرجن ۽ ڊائريڪٽر ميڊيڪل سرروسز هئڻ دوران رٽائرمينٽ ورتي. ڊاڪٽر ڪي. پي آسناڻي 11- ورهين جي ڄمار ۾ پهريون انگريزي پڙهڻ دوران ئي شاعريءَ جي شوق جا آرڪاڻ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. 1936ع ۾ ٿر جي شهر ڏيپلي ۾ استاد ايم.بي بلوچ وٽ انگريزي ڪلاس پڙهڻ دوران؛ هن اتي منعقد ٿيل هڪ طرحي مشاعري ۾ بهرو ورتو هو؛ جنهن لاءِ طرح هئي: ”اچي ويو سيارو سندو يار سُورنَ.“ جيڪو هن جو پهريون شعر هو:

اچي ويو سيارو سندو يار سُورنَ،

مچي ويو هي مارو بچائج تون پُورن.

اَما! تنهنجي لوئي ڏي اوڍي وڃان،

لڳل ليس آهي ظاهر ظهورنَ.

ٻيون درجو انگريزي پڙهڻ دوران ئي 03- مارچ 1937ع تي وقت جي افاديت کي واضح ڪندڙ پُرزي ’واچ‘ يا ’گهڙيءَ‘ تي هڪ شاندار شعر سرجيو هو. ان جا بند هئا:

واچ بڻي هي مزيدار- قيمت رپيا ڏهه ڪلدار!

 

وقت ڏسڻ لئه آهن ڪانٽا- چڪر لڳائڻ چوڏس جانٺا،

ٽِڪ ٽِڪ جِي ٿِي ڪري ٽونڪا- واچ بڻي هي مزيدار!

 

صورت واهه جي سهڻي آهي- منٽ منٽ جو ٿي وقت ٻڌائي،

هڪ ئي نموني جي رفتار- واچ بڻي هي مزيدار......!

ڊاڪٽر کينپار آسناڻي 15 جنوري 1940ع تي سيڪنڊري شاگرد هئڻ دوران تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ وارو جيڪو ڇهن بندن جو نظم لکيو آهي، تنهن ۾ پاڻ هن طرح اظهاريو آهي:

تعليم کانسواءِ ته آدم جو دم اَجايو،

حاصل ڪرڻ سان هُنجو آهي جيئڻ سجايو،

ماڻهو مصيبتن جي وچ ۾ جو آهي آيو،

تنهن کي ڪري علم ٿو آزاد ۽ سوايو،

گهرجي ڪرڻ نه ڪنهن کي هن کان ڌڪار نفرت.

 

آهه علم بيوَسيلن، اوکن، اَڙين سهارو،

هيڻن ڏڏن ڏکين جي آهه ڀاڳ جو ستارو،

سالم دماغ وارن لئه بيشڪ آهه ڀلارو،

شاعر ۽ شانوارن جي اکين جو اوتارو،

حاصل ٿئي هميشه هن مان مڙين کي مسرت.

هن جي اسڪولي تعليم واري شعر گوئيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ اتساهيندڙ محرڪ سندس پيءُ پرمانند جو هڪ سگهارو سنڌي شاعر هئڻ ئي سجهي ٿو. ڪاليجي دور جي آزمودن هن جي شعر گوئيءَ واري شوق کي ويتر وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا. ان وقت ميان جي ڳوٺ (ضلعي شڪارپور) مان بولچند وسومل راجپال جي اِدارت هيٺ اجراءِ ڪندڙ سنڌ جي مقبول رسالي ’سِنڌوءَ‘ ۾ سندس ڪي شعري اسم (ٻال ڪوتائون) اشاعت پذير به ٿيا. ڊاڪٽر کينپار آسناڻي شاعريءَ ۾ ’اُداسيءَ‘ جو تخلص ڪم آندو اٿس. هن سنڌي سان گڏ اردو، هندي ۽ انگريزي ٻولين ۾ پڻ مختلف موضوعن تي ڪوتائون سرجيون آهن. سنڌي ٻوليءَ جا مانوارا محقق، ڪوي ۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڀڳوان نردوش ۽ هري درياڻي ’دلگير‘ وغيره ڊاڪٽر کينپار آسناڻيءَ جا سٺا صحبتي ۽ ساهت سٻنڌي متر ۽ مهربان صلاحڪار رهيا آهن.

ڊاڪٽر آسناڻيءَ جي ڇپيل سنڌي ڪتابن ۾ ’سهڻا شعر ۽ گيتا امرت‘ (2013)، ’اندر جي آراڌنا ۽ ڪويتا جي ڪرامت‘ (2061) ۽ ’ڀڄ گووندم‘ (2016) شامل آهن. سندس مُکيه انگريزي ڪتاب ۾ `Gate way for Healthy- Happy Life` ۽ گجراتي جي هڪ لوڪ پريه (عام مقبول) ڪتاب ’ساڌنا نا سُوترو‘ جو انگريزي ويس `The Road to Ultimate Reality` اچي وڃن ٿا. هن جا ڪتابڙا ڪنهن سامي ٻاوي جي بکشيا واري جهولي جيان يا ڦيري پائيندڙ فقير جي زنبيل (بُجڪي يا ڳوٿري) مثل هن، جن ۾ سڄي ثابت مانيءَ جهڙا هن جا سرجيل مڪمل طبعزاد شعر، نظم ۽ گيت به آهن ته اٽي لپ، ٽڪرڀور، ريوڙين، پتاشن، کارڪن، ڳڙجي ڳنڍڙين ۽ نباتن توڙي مختلف قسمن جي ميون ڦلن جهڙا مٺڙا مٺڙا ۽ پيارڙا پيارڙا صحت سجاڳي وارا سنيهڙا، چونڊيل ڪوريل مختلف زبانن جا شعر ۽ سٽون، تجزيا، ترجما، گڻوانن جا گفتا، ڪائنات جي مالڪ جِي مدع سرائيءَ ۾ جوريل روحاني ڀڄن ۽ واڻيون، پرارٿنائون يا دعائيه ڪلمات، زندگي سنواريندڙ سنديش ۽ نئين دور جا تقاضائي طرحي تجربا ۽ جيون آزمودا بيان ڪندڙ ’ٿوڪ‘ ۽ ’سوائِيا‘ ته ڪوي گنگ ڀاٽ جا ڪوريل ڇند به نظر اچن ٿا.

سنڌ جي ’ڏيارام گِدُومل نئشنل ڪاليج حيدرآباد‘ جي ڪاليج مئگزين (اخبار) ’ڦليلي‘ کي پنهنجي الماميٽر جو اهم اشاعتي ڪارنامو ڪوٺيندي؛ ڊاڪٽر کينپار پرمانند آسناڻي پنهنجي ڪاليج شاگردي واري دور ۾ هڪ غزل لکيو هو، جيڪو هن ڪاليج جي شايانِ شان علمي ادبي تاريخ، من لڀائيندڙ پسگردائيءَ واري ماحو ۽ نصابي ۽ غير نصابي سر گرمين جي توازن کي ڀلي ڀت پڌرو ڪري ٿو. ڦليلي مخزن جي ايڊيٽر رام ڪرشن هيرانند آڏواڻيءَ جي دور ۾؛ پرنسيپال لڇمڻ داس ڀارواڻيءَ جي ايامڪاريءَ دوران ڊاڪٽر کينپار ’اُداسي‘ آسناڻيءَ جو اهو شعر به ڪاليج جي اخبار نما رسالي ۾ ڇپيو هو؛

جيئن جل سان ڀريل جال وَهي تار ڦليلي،

اوچي تيئن اوج تي رهي اخبار ڦليلي.

 

ڪناري ڦليلي جي تي ڪاليج جو قومي،

تنهن باغ جو هِي ڦول مزيدار ڦليلي.

 

چوڌر آهي وڻراهه، بغيچا ۽ کيت پڻ،

ڪُڙمين جي لئه روزي سندو آڌار ڦليلي.

 

ايء مات ڦليلي ذرا مون تي به مهر ڪر،

امتحان ۾ ٿيان پاس، اي دلدار ڦليلي.

1945ع ۾ انٽرسائنس/ بائلاجي جي هڪ پريڪٽيڪل ايڪسپيريمينٽ (عملي مشق) دوران تجربيگاهه ۾ ڏيڏر جي موت واري منظر کان شديد متاثر ٿي؛ ڊاڪٽر کينپار آسناڻي ”ڏيڏر جي دانهن“ جي عنوان سان هيٺيون شعر پڻ لکيو هو:

بائلاجي بيرحم شل ناس تنهنجو نام ٿئي،

تنهنجي خاطر هي سندم هت عام ٿو قتلام ٿئي.

ڪاليج جي پرنسيپال ڀارواڻي صاحب نه صرف ”ڏيڏر جِي فرياد“ واري شعر کي ڪاليج جي ’ٽئگور سرڪل‘ واري نوٽيس بورڊ تي آويزان ڪرايو اِهو ڪاليج جي سالياني مئگزين ’ڦليلي‘ ۾ پڻ ڇپيو. الائي ان واقعي جو گهرو اثر هيويا ڪي ٻيا سگهارا جيون اطميناني ڪارڻ، جو ڊاڪٽر کينپار پاران پوئين وهيءَ جي بعضي بعضي لکجندڙ گهڻي شعر ۾ ’موت جي آجيان‘ وارو فلسفو جيئن جو تيئن جهلڪڻ لڳو. انتهائي مطمئن حياتي گذارڻ وارو انسان ئي انت جي سچائيءَ لاءِ ايڏو نرڀئه (بي خوف) ٿي سوچي سگهي ٿو ۽ اجل سان باقاعدي اکيون ملائڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿو. پاڻ خوشيءَ سان مرتيو کي نينڊ ڏئي گهرائيندو نظر اچي ٿو ته:

ڇو ڪرين ٿو دير؟ هاڻي نا سِڪاءِ،

مون کي ساجن پنهنجي سيني ۾ سماءِ.

ٽوڙ هي پِڃرو ’اُداسي‘ خاڪ جو،

آتما کي مُڪت اَمبر ۾ اُڏاءِ.

ڊاڪٽر کينپار آسناڻي جي ڪلام جو هڪڙو ننڍو حصو’ٻال ساهت‘ (ٻاراڻي ادب) جي زمري ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جڏهن ته هن جي ٻئي شعري ڀاڱي ۾ ناصحانه نوعيت جو اڪثر ڪلام اچي وڃي ٿو. هن جي شعر گوئيءَ ۾ زندگيءَ جي پل پل کي سجايو ڪرڻ، خالق ڪائنات کان قدم قدم تي ٻاجهه منڱڻ ۽ وقت توڙي وجود (ڏيهيءَ) کي وئرٿ نه وڃائڻ جي تلقين ۽ حيات کي مختصر ڪري ڀانئڻ وارين سوچن جو جابجا نظر اچڻ ٽئين وڏي موضوع کي واضح ڪري ٿو. ’دنيا مطلب جي آهي.‘، ’داتا جو دُوار‘، ’اي مالڪ رحم ڪر‘، ’موت کي نينڊ‘، ’جيون جي شام‘، ’سائين منهنجو انت سُڌار‘، ’موت کي للڪار‘، ’آخري آس‘ ۽ ’آخري آلاپ‘ وغيره جهڙن شعرن ۾ اهڙين علامتن کي بخوبي ڏسي سگهجي ٿو. ڪامياب زندگيءَ جي تاڪيد ڪندي پاڻ پنهنجي هڪ غزل ۾ رقم طراز آهن:

زندگيءَ جي زهر کي پيارا پچاءِ،

اُن مان جو امرت مِلي سڀ کي چکاءِ.

 

اي ’اُداسي!‘ وقت ٿيو تنهنجو ختم،

تيار ٿي يمراج کي ڀاڪر ته پاءِ.

(يمراج- ملڪ الموت يا موت جو فرشتو)

ڊاڪٽر کينپار جي شعر جو چوٿون اختصاري حصو نِج ادبي شاعري تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڏيهه ماڳ ۽ ڄاپ ڀوميءَ ’اسلام ڪوٽ‘ کي ”مِٺڙي مِٽيءَ وطن جي...!“ جي سِري سان شاندار ڀيٽا به ڏني آهي:

مٺڙِي مِٽيءَ وطن جي، ڪيئن مان سگهان وساري؟

منهنجي جسم جي رڳ رڳ توکي پئي سنڀاري.

هيري جي کاڻ ٻِٽڙي، وڏِي، ننڍِي ترئِي،

نم جي ٻُڪڙ رڙياسر، سهڻي دڙن جي رائِي،

سنت نيڻورام جي، ڪيڏي ڪريان وڏائي؟

مٺڙي مِٽيءَ وطن جي، ڪيئن مان سگهان وِساري؟

اهڙي ئي من ڀاوڪ جهلڪ ڊاڪٽر کينپار آسناڻيءَ جي گيت ”آءُ رهجي ويس اڪيلي رڻ ۾.....!“ جي پنجن ئي بندن مان پڌري ٿيندڙ پيڙا مان پڻ پسي سگهجي ٿي:

منهنجا سيڻ سُکا دِلدار،

سڀ اُڏري ويا هُن پار،

هيءَ ٿي نڌر نِماڻي نار،

آءُ رهجي ويس اڪيلي رِڻ ۾.....!

ٿي خوب ڪريان سڏ واڪا،

ڪوئي ٻُڌي نٿو اي آقا،

سڀ بند ٿيا آهن ناڪا،

آءُ رهجي ويس اڪيلي رِڻ ۾....!

چُنگِي ناڪي تي روڪڻ، پُڇڻ واري تمثيل پنجابي ۽ سرائيڪي شاعريءَ ۾ مستعمل هوندي پر سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر کينپار ’اُداسي‘ اُن جو ڏاڍو تُز استعمال ڪيو آهي.

ماءُ جي محبت تي انيڪ شاعرن لفظن ۽ لُڙڪن جا گُل نڇاور ڪيا آهن، ڊاڪٽر کينپار به ’ماتا جي محبت‘ واري شعر ۾ ”اَمڙِيءَ سندي اُتم اُلفت“ کي هماليه جي پهاڙ، ڌُرو تاري ۽ قطب مينار کان اوچو مقام ارپيو آهي.

ڀلي ساگر جي هڪ ڇولي ڀري موتين سان ڏي جهولي،

مگر جيجل سندي لولي، ڀريل سِڪُ سوز سان ٻولي،

تهان وڌ ٿي لهي قيمت،

عجب ماتا سندي محبت!

تن طبيب ۽ دارُون درد جي هئڻ ناتي ڊاڪٽر کينپار جي نصيحت ڀري ڪلام ۾ ’يڪ تندرستي- هزار نعمت‘ جهڙن شعرن جا مثال به ملن ٿا؛ جن ۾ هُو؛ مرضن کان آجي جسم کي زندگيءَ جو پهريون سُک، گهر ۾ پئسي پنجڙ جي موجُودگيءَ کي ٻيو سُک، سُگهڙ سياڻي عورت جي گهر ۾ موجُودگيءَ کي ٽيون سُک ۽ اَناج وارِي ڪوٺيءَ ۾ ڌان جي داڻن هئڻ کي هُو چوٿون حقيقي جيون سُک قرار ڏيندي، مڙني چئن جي دستيابيءَ کي جيون سورڳ‘ سان مُشابهت ڏيندي هيٺئين لوڪ ڏاهپاڻي تُڪ بندي ڪري ٿو:

پهريون سُک، نروڳي ڪايا،

ٻيو سُک، گهر ۾ مايا،

ٽيون سُک، سُلڇڻي نار،

چوٿون سُک، ڪوٺيءَ ۾ جُوار،

هيءَ سڀ حاضر هجن يار

ته پوءِ سُرڳ جي ڇڏ پَچار!

ڊاڪٽر کينپار پرمانند ’اُداسي‘ آسناڻيءَ جي رواداراڻه روحانيت واري سنيهي سان سرشار هڪ گيت ”هاءِ! مُون ڪين ساجن سُڃاتو!“ کي آئون سچ پچ هن جي تخيل ۽ فنڪارانه سادگيءَ جو انوکو مثال سمجهان ٿو، 07 مارچ 1945ع جو رچيل هيءُ گيت اڄ به اوتري ئي سمائتي اهميت جو حامل آهي. ڪاش ڪو گلوڪار هن سڄي گيت کي ڪنهن لافاني ڌن ۾ گنگنائي سدائين لاءِ محفوظ ڪري وجهي.

هماليه جي اُوچن پهاڙن منجهان،

مندر، مسجدن، گُردوارن منجهان،

اجنتا، ايلورا جي غارن منجهان،

لِيئا پائي، ٿو چاهي، رکڻ نينهن ناتو،

مگر هاءِ! مون ڪين ساجن سُڃاتو!

ٻُڌائي ٿي ڪويل مڌُر لات منهنجي،

سج چنڊ تارا اَٿي بارات منهنجي

آهه بادل ۾ موجود برسات منهنجي

دُکين جي دلين ۾ رهان ڏينهن راتو،

مگر هاءِ! مون ڪين ساجن سُڃاتو!

لاريب ٿر جي لوهاڻه جاتيءَ جو ڄايو ڊاڪٽر کينپار پرمانند آسناڻي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جو هڪ اهڙو اڻ پڌرو ٿيل شاعر آهي، جنهن پنهنجي مادري سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿورا ڪي گهڻا پر پرڪشش ۽ پڙهڻ وٽان گيت سرجيا. ڊاڪٽر ڪي. پي آسناڻي جتي پنهنجي جاتيءَ جي روحاني رهبر شخصيتن جهڙوڪ: ’سوامي ليلا شاهه‘ ۽ ’شرومڻي سنت نيڻورام‘ کي شر ڌانجليءَ جا ڦُول ارپيا آهن ته اُتي نندلال ’نندن‘ ڪَلها جهڙن ٿر جي تاريخ جي ڪامياب اُستادن کي به عظيم شعري ڀيٽا پڻ پيش ڪئي آهي. ڊاڪٽر کينپار آسناڻي 2021ع جي شروعات ۾؛ لڳ ڀڳ صديءَ جو صحتمنداڻو ۽ اطمينان ڀريو ڪامياب جيون- سفر ڪاٽي؛ هن فاني دنيا مان الوداع ڪري ويا آهن.

 

دانش نبي بخش شر

ٺري ميرواهه

 

 

 

ٺٽي ننگر جو هڪ نامور نواب

نواب سيف الله خان عليھ الرحمھ

 

سنڌ جو ناليوارو شهر ’ٺٽو‘ ماضيءَ ۾ نه رڳو عالمن، عارفن، حڪيمن ۽ ڏاهن جو مرڪز هو، بلڪه انتظام سنڀاليندڙن ۽ منتظمين جي اعتبار کان به پنهنجو مٽ پاڻ رهيو آهي. منجهس ڪيترائي اعليٰ سيرت ۽ سنجيدگيءَ سان قانون نافذ ڪندڙ ناظم ٿي رهيا آهن، جن جي اورچائي، اخلاص، پڻ سندن ديني ۽ فطري شرافت جي ڪري ئي ٺٽو شهر سنڌ جي مڙني شهرن جي ڀيٽ ۾ ناميارو بڻيو رهيو آهي. ان سان گڏ فقير ۽ درويش صفت عالم به پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جي هوند ۽ هستي هميشه ٺٽي شهر جي ماحول کي محبت ڀريو بڻائي پئي رکيو آهي. اهڙن الھ لوڪ انسانن جي فهرست ۾ هونءَ ته الائي ڪيترن بزرگن جا نانءَ ٿا اچي وڃن، پر پوءِ به نواب سيف الله خان عليه رحه جو نالو انهن ۾ سرفهرست ۽ سونهري آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ڌرتيءَ جو يگانه تاريخگار مير سيد علي شير قانع نهايت ئي انمول لفظن سان ان بي بدل نواب جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ان جي دور حڪومت جي گذري وڃڻ تي حسرت جو اظهار ڪندي لکي ٿو: ”سندس ايامڪاريءَ ۾ ٺٽي جيڪا رونق ورتي سا وري خدا نصيب ڪريس!“ ڪمال جي ڳالھ اها آهي ته قانع عليه اهڙا احساساتي ۽ تحسر آميز لفظ فقط عديم المثال نواب سيف الله خان متعلق ئي لکيا آهن!      

    سنڌ جي ان نيڪنام گورنر جو تعارف سنڌ جي تاريخ ۾ هن طرح ٿو ملي:

”نواب سيف الله خان اصل ۾ نواب ابراهيم خان ولد علي مردان خان جو محافظ (باڊي گارڊ) هو ۽ مهيني ذوالحج 1137ھ ٺٽي آيو. هُو هڪ عاليشان ۽ بلند مڪان امير هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ ٺٽي جيڪا رونق ورتي سا وري خدا نصيب ڪريس!ساڻس گڏ وڏا وڏا بزرگ هئا. بزرگن سان لائق هلت هلندو هو. شيعه مذهب کي ڏاڍو رواج ڏنائين. هو امر ۽ نهي جي سلسلي ۾ تمام گهڻي ڪوشش وٺندو هو. سڀني نشيدار شين کي بند ڪري ڇڏيو هئائين. . . مطلب ته ڏاڍو خوش اخلاق ۽ پاڪباز حاڪم هو،جهڙس ڪي ٿورا لڀندا“(1). نواب صاحب نه فقط هڪ اعليٰ پائي جو ناظم ۽ صوبيدار هو بلڪه چوٽيءَ جو ادب پرور ۽ شاعر به هو. ان بابت قانع مقالات الشعراء ۾ لکي ٿو:

”سيف الله بخدمت ــ شهيد ــ مولوي محمد جعفر رسيده بود،و با محمد محسن اخلاص پيدا کرده از خدا آباد يک رباعي تصنيف خود بطرف مومى اليه فرستاد و داد تحسين خواسته ـــ درين وقت آن رباعي موجود نشد ـــ در جوابش محمد محسن اين قطعه نگاشت“:       

                               اي نــکته پـــروري که ديـــار ســخــنوري

                                                                         سيــف الله زبان تو تسخير کرده است

                               نيســـان فـــکرت تـــو بهـر بحر شاعري

                                                                         اصداف گوش پـــرور تقـرير کرده است

                               شاهـــين تـــــيز بال خــــيال تــو از هــوا

                                                                         مرغان معــنوي همه درگير کـــرده است

                               از شاعــــــران تهته طلب کـــــرده امتياز

                                                                        کلکت که گل بدامن تحرير کرده است                  

                               دانشــــــــورا،موءيـــد روح القـــــدس دلا

                                                                        بناي عشق بيت تــو تعمير کردو است

                               چــــــــو آيه نظــــــــم پاک ترا از ره تميز

                                                                        هرکس بقدر حوصله تقدير کردو است

                               ليکن بکنه معني آن کـــــي رسد کسي

                                                                        گيرم غزال قدس بزنجيـر کردو است

                               بيــــگانه معني تو که با لفظ آشــــناست

                                                                        دل را قرين شاهـــــد تاثير کـــــرده است

                               اين خوشه چين خرمن فصل سخنوران

                                                                      ’محسن‘ که ترک شيوه تزويرکرده است

                               هــر که در کلام گـــــــــرامي نموده گوش

                                                                       گردن فرو چو حلقه از توقير کرده است

                               از بسکه برده لذت خــــــاصي ازان کلام

                                                                       محويتش خموش چو تصوير کرده است

                               يا رب غزل سرائيت آفــــــاق گــــــــير باد

                                                                       تا مطرب زمــانه بـــم و زير کــــرده است(2).

وقتيکه اين قطعه اش رسيد در شکريه اين رباعي قلمي ساخت، منه:

مدحم کرده است محسن خـلق الله     آن مظـــــــهر و جـــــــامع کــمالات الٰه

من لايق هجو باشم و او مدح کند     لاحـــــــــول ولا قـــــــــوت الا بـــــــــالله.

    (سيف الله، شهيد مولوي جعفر* جي خدمت ۾ شرفياب ٿيو، اتي هن جي محسن سان سنگت جو اخلاص ڀريو رشتو جڙي پيس. ان اخلاص جي بنياد تي نواب سيف الله محسن ڏانهن هڪ رباعي لکي موڪلي ۽ ان بابت کانئس داد تحسين چاهيو ـــ هن وقت اها رباعي مون کي هٿ ناهي اچي سگهي ـــ ان جي جواب ۾ محسن هي قطعه لکي موڪليس:

    جڏهن محسن وارو قطعو نواب صاحب کي مليو ته ڏانهنس هيءَ رباعي لکي موڪليائين:

مدحم کرده است ”محسنِ“ خلق الله   آن   مظهر و    جامع    کمالات   الٰه

من  لايق  هجو  باشم او  مدح  کند     لا   حول   و  لا   قوة   الا       بالله

     (ترجمو) خدا جي مخلوق تي احسان ڪندڙ انسان منهنجي ساراھ ڪئي آ! جيڪو در حقيقت پاڻ، خدا طرفان عنايت ڪيل ڪمالن جو مظهر ۽ مرڪز آهي. مان ته نندا جي قابل آهيان، پر پوءِ به توهان مهنجي ساراھ ڪئي آهي؟!. . . (3))

     نواب صاحب جي ان رباعي جي مطالعي مان سندس بزرگمنشي ۽اعليٰ اقدار جي مالڪ هجڻ جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. محسن طرفان ايڏي ساراھ، بجاءِ ان جو منجهس ڪنهن قسم جو تڪبر ايجاد ڪري، پنهنجي ستائشگر کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو: ”اي محسن! تون پاڻ ان ساراھ جي لائق آهين، مان ته ڪجھ به ناهيان! مان ته خدا جو هڪ سرزنش جي قابل بندو آهيان!“ هن جو انهن لفظن سان اهڙو شڪسته نفسيءَ جو اظهار بزرگن جو رويو آهي.  هُو پاڻ کي ٻين کان گهٽ ۽ ٻين کي پاڻ کان مٿاهون سمجهندا آهن. انڪري جو انهن کي حضرت رسولِ خدا ﷺ جن جي فرمان تي يقين هوندو آهي جنهن ۾ پاڻ ﷺ جن  فرمايو اٿن: من تواضع رفعہ الله(4). (جيڪو نوڙت ڪندو، الله ان کي مٿاهون ڪندو.) تڪبر ۽ پاڻ پڏائڻ ته انسان جي دشمن شيطان جي خصلت آهي. ان ئي ته شيطان کي بارگاھ الٰهي مان تڙائي ڇڏيو جنهن ڪري هميشه لاءِ لوڌجي ويو:

تکبر عزازيل را خوار کرد     بــزندان لعنت گـــرفــتار کرد!

 اها نواب صاحب جي ڪيڏي نه فقرائي خصلت آهي؟! حقيقت ۾ اهو عظيم انسان ظاهر ۾ به نواب هو ته روحاني اعتبار کان به نواب هو. اهڙا ئي امير ته حقيقت ۾ ’خلق الله‘ جي سرن تي ’ظل الله‘ هوندا آهن.  

قبر ڊهي چڪي آهي. انهيءَ جي ڀر ۾ آس پاس، احاطي اندر ٻيون قبرون به آهن جن تي ڪتبو ڪونه آهي. اهي سڀ قبرون نواب مذڪور جي پٽن ۽ خاندان جون آهن.“(5)

    نواب صاحب جي اولاد ۾ فقط ٻن پٽن نالي صادق علي ۽ تقي محمد خان ’عاشق‘ جو ذڪر ملي ٿو جيڪي پنهنجي والد بعد ڀلوڙ نواب، ادب پرور ۽ سخي انسان ٿي رهيا جن جي ساراھ سان سنڌ جي تاريخ جا ورق لبريز آهن.

ٺٽي ۾ ساڻس سندس ٻئي پٽ صادق علي خان ۽ تقي خان ’عاشق‘ به گڏ هئا. صادق علي خان مغلن طرفان ٺٽي جو آخري صوبيدار هو. (1150ھ ـــ 1149ھ) انهي زماني ۾ ميان نور محمد (خان ڪلهوڙي) ٺٽي جو علائقو مغل حڪومت کان اجاري تي وٺي سنڌ کي مرڪز کان آزاد ڪرائي ورتو. ٺٽي جي مشهور فارسي گو شاعر محسن ٺٽوي مثنوي ’طراز دانش‘ ان گهراڻي جي ممدوح محمد صادق خان جي چوڻ تي 1149ھ ۾ تصنيف ڪئي هئي. ان کان علاوه نواب سيف الله خان وارن ـــ مٿي ڄاڻايل ـــ ٻنهي پٽن جي بابت ڪيترا ئي قطعا ۽ قصيدا پڻ چيا اٿس، جيڪي سندس مطبوعه ديوان(6) ۾ موجود آهن.

نواب صادق علي خان، همت دلير خان جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ 1149ھ 19 جلوسي ۾ امير خان کان ملڪ اجاري تي وٺي ٺٽي پهتو. پهريون سال جيئن تيئن ڪري پورو ڪيائين، پر ٻئي سال ۾ نقصان ڀرڻو پيس. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ خدايار خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وڪيل، حضور وٽ انتظام ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري صادق علي خان اجاري ۾ کوٽ ڏسي، ملڪ خدايار خان جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيزالله جي حوالي ڪيو(7).

    تقي خان ٺٽي ۾ فوت ٿيو ۽ پيءُ جي پهلوءَ ۾ دفن ٿيو(8).

    محسن ٺٽوي صادق علي خان جي مدح ۾ چيو اٿس:

                               اي جــــوهــــرآبروي سيف اللٰهي

                                                                وي زيب ده مسند والاجاهي

                              رخسارهء شوم خصم جاهت بادا

                                                               از جذبهء کهرباي تيــــــغت کاهي(9).

تقي خان جي مدح ۾ چيو اٿس:

                                         تا پرتو مـــهر عــــالم افروز بود

                                                                           آغــــاز بـــــهار عـــيد نـــــوروز بود

                                        گلزار نشاط از ”تقي محمد خان“

                                                                           ســــرسبز تـــر از طالع فيروز بود(10)

        محسن جي درج ذيل تبريڪنامي مان بخوبي سمجهي ٿو سگهجي ته نواب صادق علي خان هڪ ڀيرو معزول ٿيڻ کان پوءِ ـــ يا شايد پيءَ جي وفات بعد ـــ ٻيهر بحال ٿيو هيو آ؟ جو ان مناسبت سان محسن کيس مبارڪباد ڏيندي چيو آهي:

اي نام نامدار تو چون صبح صادق است

زان هر سيه گليم گريزد ز صولتت

بهـــر بحـــــاليت خـــرد اين تهنيت بگفت

اقــــبال باد زيب گل صبح دولـــــــتت(11).

هن جي اها بحالي ڪڏهن ٿي ۽ ڪيترو عرصر دائم رهي ان بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي.

ولوي ميرزا جعفر:

مولوي ميرزا محمد جعفر نالي هڪ عالم شيراز کان سنڌ جي سير سانگي هتي آيو. ڪجھ وقت ’ڌاراجا‘ جي والي ’راڻا اجمال‘ وٽ رهيو. جڏهن مخدوم محمد معين عليه الرحمه کي ان جي علمي ڪمالات جي کڙڪ پئي ته پاڻ وٽ گھرائي ورتائينس. ٺٽي جي ناظم شيخ شڪر الله، ميرزا جي ٺٽي اچڻ جي ڳالھ ميان خداداد خان سان ڪئي، جيڪو انوقت محمد مرادياب خان جي ايران وڃڻ ڪري ’ولي عهد‘ هو. جڏهن ميان صاحب کي ان جي علمي منزلت جو پتو پيو ته ان جو رتبو ايترو ته وڌايائين جو مير قانع جي بقول: ولي عهد وٽ سندس رتبي ۾ ان کان مٿي وڌائڻ جي گنجائش ئي نه هئي. ميان خداداد خان هندستان جو رخ ڪيو ته ميان نورمحمد خان ميرزا صاحب جي رتبي ۾ اڃا به اضافو آندو. هو علم جفر ۽ تڪسير جو ماهر هو. ميان نور محمد خان لاءِ هن ’جفر جامع‘ لکي رهيو هو. اڃا ان کي لکي پورو ئي نه ڪيو هئائين ته ميان صاحب جو انتقال ٿي ويو.

ميان مرادياب خان جي دور ۾ مٿس سختي ٿيڻ لڳي، انڪري وطن واپس وڃڻ چاهيائين، موڪل ملڻ تي ’ڪڪراله‘ طرف نڪري ويو پر ڪڪراله جي ڄام وڃڻ نه ڏنس انڪري ڪراچي رستي ٺٽي هليو آيو. (مهر غلام رسول’تاريخ سندھ، عهد کلهوڑا‘ ناشر سنڌي ادبي بورڊ 1958 ع، ج 6، ص1047ــ1046) جتي سن 1167ھ شايد زهر وسيلي شهيد ڪيو ويو. مير علي شير قانع سندس وفات جي سن بابت هي قطعو چيو:

زروي تعميه تاريخش افتاد‘ غريب از دار دنيا گشته آزاد (1167ھ) (قانع مير علي شير، مقالات الشعراء، ص 151).

حوالا ۽ حاشيه

1) قانع مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ (سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد) ناشر: سنڌي ادبي بورڊ 1976ع  ص 252).

2) ماخوذ از: ’ديوان محسن تتوي‘ مرتب: حبيب الله رشدي، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع، ص343)

3) قانع مير علي شير ’مقالات الشعراء‘ ص 313، بنقل از ديوان محسن تتوي، حاشيه از حبيب الله رشدي، ناشر سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع، ص 343).

4) مجلسي علامه محمد باقر ’بحارالانوار‘ ناشر: دارالاحياءِالتراث العربية، بيروت، لبنان، 1404ھ، ج 75، ص 120).

5) راشدي حسام الدين ’مڪلي نامه‘ ص 662

6) ’ديوان محسن تتوي‘، مرتب: حبيب الله رشدي، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع)

7) تحفة الڪرام، ص 252.

8) راشدي حسام الدين ”مڪلي نامه“،  ص 662

9) ديوان محسن تتوي، مرتب: حبيب الله رشدي، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع، ص 495

10) ديوان محسن تتوي، مرتب: حبيب الله رشدي، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع،  ص 493.

11) ديوان محسن تتوي، مرتب: حبيب الله رشدي، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع،  ص 487.


* هن پنج سال ٺٽي جي نظامت جا فرائض انجام ڏنا. آخرڪار ٺٽي جو اهو بهترين ناظم ڇن(Hernia) جي عارضي سبب 1142ھ ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مڙھ کي مڪلي واري قبرستان ۾ ’جلوه گاھ امامين‘ جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. ان بابت ’مڪلي نامه‘ وارو لکي ٿو:

”ٺٽي جي صوبيدار نواب سيف الله(1142ــ1137ھ) جي ’جلوه گاھ امامين‘ جي ايراضي سان شيعه هجڻ سبب خاص عقيدت هئي. چنانچه وفات بعد وصيت مطابق کيس ‘جلوه گاھ امامين‘ جي جوار ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر جلوه گاھ جي اوڀارين ديوار سان لڳ هڪ چوديواري اندر آهي. قبر ٿلهي تي آهي ۽ پٿر جي آهي. سندس وفات جي تاريخ مولوي اسدالله ولد ملڪ برخوردارخان چئي جيڪا خود مولوي مذڪور جي خط ۾ اُڪريل آهي:

دست وي با دامن آل عباست(1142ھ).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org