سوچ – لوچ
ٽماهي ’مهراڻ‘ جي هن سال جو ٽيون پرچو ڇپجي اوهان
مهربان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. هن پرچي جي
مواد، موضوع ۽ معيار کي حسب روايت ڌيان ۾ رکيو ويو
آهي، جيئن ته هر پرچو اسان لاءِ چئلينج هوندو آهي
ڇو ته ’مهراڻ‘ جي ماضيءَ ۾ هڪ تاريخ آهي ۽ هن
رسالي جي پهرين ترجيح ۽ ڪوشش رهي آهي ۽ اهو تڏهن
ئي ممڪن آهي، جڏهن پڙهندڙن جو سهڪار ۽ مانائتي موٽ
ملڻ شامل هجي. انهيءَ لاءِ ’مهراڻ‘ جو سمورو سٿ
اوهان جو تهه دل سان شڪرگذار آهي.
چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي اخبارن جي
سينيئر صحافين سان گڏجاڻي:
تاريخ 19 آگسٽ 2022ع تي چيئرمين صاحب اخبارن جي
سينيئر صحافين محترم نياز پنهور، محترم مهيش ڪمار
۽ محترم فقير منٺار مڱريي، محترم اعجاز لغاري،
محترم وفا رضا چانڊيو ۽ محترم خالد چانڊيو سان
گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻيءَ جا تفصيل اخبارن ۾ اچي چڪا
آهن ان جو مڪمل احوال بورڊ جي ٽماهي رپورٽ ۾ پڻ
شامل آهي. جنهن ۾ بورڊ جي تازي صورتحال بابت ڳالهه
ٻولهه ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي اهم نُڪتن تي
چيئرمين صاحب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان
سنڌي ادبي بورڊ کي بين الاقوامي سطح جي ادارن واري
مقام تي بيهارڻ چاهيون ٿا، ۽ سنڌ جي ادب ۽ اديبن
کي عالمي سطح جو مقام ڏيارڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ
سخت محنت ڪري رهيا آهيون، محدود گرانٽ سبب اسان
پنهنجا مقصد ماڻي نٿا سگهون، انهيءَ سلسلي ۾ اسان
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ تعليم کاتي
جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کي ملندڙ گرانٽ
مهانگائيءَ جي حساب سان وڌائڻ جي گذارش ڪئي آهي.
ان تي عمل ڪرڻ سان ئي رهيل خاص اسڪيمن جي ڪم جي
پوئواري ممڪن ٿي سگهي ٿي.
سنڌ ۾ ٻوڏ:
سارنگ جي وسڪاري ۾ سنڌ تي تمام مشڪل وقت آيو آهي،
سنڌ جا جهانگيئڙا ۽ سانگيئڙا تمام مشڪلاتن ۾ آهن.
سندس الهه- تلهه ٻڏي ويو آهي. پنهنجا معصوم ٻچڙا
وٺي، چوپايو مال مڇرن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي، تنبن ۽
ٻن وقت جي مانيءَ جي آسري ۾ بندن ۽ روڊن تي وڃي
ويٺا آهن.
هيءَ سُڪار جي مُندَ ڏڪار ۾ ڪيئن بدلجي ويئي.
انهيءَ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. هي وقت
في الحال ٻوڏ ستايلن جي سهائتا ۽ سارسنڀال جو آهي.
هن عمل بعد پوءِ ويهي ويچارجي ته هيءُ ڪهڙن کاتن
جي غفلت، لالچ ۽ غيرذميوارانه رَويي جو نتيجو آهي.
ساڳي طرح صرف سرڪار تي نه ڀاڙجي. مُخير مالدار ۽
سَرنديءَ وارا ماڻهو ۽ تنظيمون جيڪي ڪم ۾ اڳ ۾
مصروف آهن انهن جي همت افزائي ڪجي. سنڌ جا ماڻهو
اڃان به ايترا ڪنگال ۽ بي حس نه آهن، جو مشڪل وقت
۾ پنهنجن ماڻهن جي سار نه لهي سگهجن. هيءَ ولين،
سخين ۽ ڏاتارن جي سرزمين آهي، الله پاڪ هن ڌرتيءَ
کي وڏو مانُ ۽ مرتبو عطا ڪيو آهي، الله پاڪ مهر
ڪندو ۽ هيءُ ڏکيا ڏينهن به گذري ويندا.
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:
سرمد چانڊيو:
ناميارو اديب، لطيف جو پارکو نقاد ۽ استاد سرمد
چانڊيو 17 جولاءِ 2022ع تي وفات ڪري ويو. 20
جولاءِ 1950ع تي ڳوٺ جمال چانڊيو ضلعي قمبر
شهدادڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ سرمد چانڊيي جو اصل نالو
سوهو خان ولد خميسو چانڊيو هو. تعليم فقط پرائمري
هئس، پر باصلاحيت هئڻ ڪري نه رڳو سنڌي پر اردو،
عربي،
سرائيڪي، بلوچي، فارسي ٻولين، موسيقيءَ ۽ راڳ ۾
تمام سٺو ڪم ڪيو، قمبر تعلقي ۾ قائم ٿيل سنڌي ادبي
سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهيو، سرمد چانڊيو ڇند وديا
جي فن جو ماهر هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳ
تي مشتمل ڪتاب عنوان نالي ’راڳ شاهه لطيف‘ شايع
ٿيل اٿس.
قائم الدين ’قائم‘ ماڇي:
تازو سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ اهم آواز محترم
قائم الدين ماڇي ولد سومار ماڇي به هميشه لاءِ
خاموش ٿي ويو. سندس ولادت پهرين جنوري 1951ع آهي ۽
وفات 19 آگسٽ 2022ع جمع جي ڏينهن تي ٿي، قائم
مرحوم ”کٿڙولي“ (لڳ پٿورو)
جو
مريد هو، سندس عشق ۽ عقيدت جو تعلق سنڌ جي سڀني
درگاهن ۽ صوفي شاعرن سان هو، سندس شاعري ٽماهي
’مهراڻ‘ ۾ تسلسل سان شايع ٿيندي رهي آهي.
محمد دائود تاج ٽکڙائي:
سنڌي ٻوليءَ جي بزرگ شاعر محمد دائود تاج ٽکڙائيءَ
10 سيپٽمبر 1938ع تي ٽنڊومحمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ
شاهه (ٽکڙ) ۾ جنم ورتو. حافظ حاجي حامد ٽکڙائيءَ
جو پڙپوٽو، قاضي محمد دائود ’مومن‘ ۽ محمد هاشم
’مخلص‘ جو پوٽو محمد خان غنيءَ جو فرزند هو. پاڻ
1956ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين، 1961ع ۾ اديب سنڌيءَ جو
امتحان پاس ڪيو، 1975ع ۾ بي.اي پاس ڪيائين، 1952ع
۾ ڏهن سالن جي عمر ۾ شعر لکڻ جي شروعات ڪيائين،
غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪيائين.
گڏوگڏ
نظم، ڪافي، نعت، مرثيي، رباعي، گيت ۽ ترائيل،
قطعي، دوهي، بيت، ٽيڙو، چوسٽي، سانيٽ، حمد ۽ مولود
سميت انيڪ مداحون سندن قلم جي نوڪ مان احساس جي
عڪاسيءَ طور گهڻي تعداد ۾ ظاهر ٿيون، پاڻ ستر سالن
جي شاعريءَ واري زندگيءَ ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا
ڪيا. سندس ٻه شعري مجموعا ’زندگي آهي سفر‘ ۽
’طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو‘ ڇپجي پڌرا ٿيا. 24 آگسٽ
2022ع تي هميشه هميشه لاءِ هن فاني دنيا مان
موڪلائي ويو.
ستار سومرو:
16 نومبر 1975ع تي نصيرآباد ۾ محمد سومري جي گهر ۾
جنم وٺندڙ ستار سومرو جنهن جو پورو نالو عبدالستار
سومرو آهي، سندن والد پرائمري استاد هو، سندس ڏاڏو
مذهبي عالم سان گڏ شاعر به هو، پاڻ پنج درجا ۽
هائير سيڪنڊري تعليم نصيرآباد ۾ پڙهيو. ادبي ذوق
سندس هاءِ اسڪول دوران وڌيو، جنهن ۾ شعر ۽ شاعريءَ
سان لڳاءُ ڪري سنڌ جي مختلف رسالن ۾ سندس شاعري
مضمون شايع ٿيا.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم.اي سنڌي شعبي
۾ حاصل ڪئي، 1964ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نصيرآباد
جو باضابطه طور ميمبر ٿيو.
امداد حُسيني:
ننڍي کنڊ جو جو جديد دور جو وڏو شاعر، وڏو ماڻهو،
ٻوليءَ جو ماهر، بهترين نثرنويس، ڊرامانويس، علم
ادب جو بي لوث خدمتگذار امداد حُسيني 82 ورهين جي
ڄمار ۾ 27 آگسٽ 2022ع تي صبح جو اٺين وڳي وفات ڪري
ويو. امداد حُسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي
شاهه هو، امداد حُسيني 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ڳوٺ ۾
سيد فضل محمد شاهه جي گهر ۾ اک کولي، پاڻ پرائمري
تعليم پنهنجي ئي ٽکڙ ڳوٺ جي کٿاب مان حاصل ڪئي.
مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊئيٽ
سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، بي.اي، ايم.اي سنڌ
يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، امداد حُسينيءَ جا وڏا
پنهنجي دور جا عالم ٿي گذريا آهن، سائين امداد
حُسينيءَ جون سنڌي ٻوليءَ ۾ لازوال خدمتون آهن.
هُو هڪ ئي وقت نثر نويس، ڊرامانويس، ٻوليءَ جي
ماهر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
1970ع
۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ آفيسر مقرر
ٿيو، 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ
اسپيشلسٽ مقرر ٿيڻ سان گڏ پرائمريءَ کان انٽر
تائينءَ جو نصاب ترتيب ڏيڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ، سبق ۽ نظم
لکڻ جي ڪم سوڌو لڳاتار 25 سالن تائين ڪم ڪيو،
امداد حُسينيءَ جو قلم ڪڏهن نه ٿڪيو، لڳاتار 70
سالن کان لکندو رهيو. پاڻ سانول جي نالي پڻ
ڪهاڻيون لکيون، مضمون ڪالم ۽ تحقيقي مضمون پڻ
لکيا. ريڊيو تي لاتعداد ڊراما، گيت ۽ ڪهاڻيون
لکيون. ٽي.وي تي ڪيترائي ڊراما لکيا، سنڌي فلمن
لاءِ پڻ گيت لکيا، امداد حُسيني سنڌي لينگئيج
اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا ’سنڌيانا‘ ۽ شاهه لطيف
ڀٽائيءَ جهڙن مضمونن ۾ ايڊيٽر طور پڻ رهيو. سندس
شاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾: امداد
آهي رول (مجموعو 1976ع)، اهوئي مجموعو سڌاري ۽
واڌاري سان 2020ع ۾ شايع ٿيل، شهر شهرِ آشوب (طويل
نظم) مارچ 2000ع، هوا جي سامهون (مجموعو) آگسٽ
2000ع روشني پبليڪيشن، ڪِرڻي جهڙو پل (مجموعو)
2012ع سنڌي ادبي بورڊ، هوءَ
(Love Poetry)
ڊسمبر 2016ع، دهوپ ڪرن (اردو مجموعه ڪلام) 2014ع،
چار ڪتاب ٻارن جا اردو اڪيڊمي پاران ڇپايل، مئل
ماڻهو جيئري پيڙا، مرتب: امداد حسيني ۽ سحرامداد
1988ع ٽکڙ پبليڪيشن، سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ
مرتب: امداد حسيني. سائين امداد حسينيءَ ايوارڊ پڻ
حاصل ڪيا جن ۾:
اکادمی
ادبیات
اسلام آباد بہترین
شاعری
(شاعری
ایوارڈ)
2015ع، 2016ع،
UBL Literary Excellence Award.
شيخ اياز ادب انعام، استاد فيروزگل ايوارڊ، مولوي
عبدالواحد سنڌي، جوش مليح آبادي ۽ ٻيا به ايوارڊ
شامل آهن.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ سائين امداد حُسينيءَ جون وڏيون
خدمتون آهن، جن ۾ شروعات ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾
لائبريرين طور ڪم ڪيائون ۽ 1977ع-1978ع ۾ ٽماهي
’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر هئڻ جو اعزاز، 1992ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيڻ ۽ 2004ع کان 2006ع
تائين ٽماهي ’مهراڻ‘، ماهوار ’سرتيون‘ ۽ ماهوار
’گل ڦل‘ جي چيف ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون، ۽
ڪجهه عرصو چيف پبليڪيشن آفيسر پڻ رهيو ۽ بورڊ آف
گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. سائين امداد حُسينيءَ
جهڙا ماڻهو ڌرتيءَ جو مانُ هوندا آهن، ۽ اهڙا
انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، بي لوث خدمتگذار
درويش صفت انسان سائين امداد حُسيني اسان کان
جسماني طرح وڇڙيو آهي پر هُن جي قلمي پورهيي کي
تاريخ جي ورقن ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو.
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ٽماهي
’مهراڻ‘ جو سمورو سٿ هنن اهلِ قلم صاحبن جي وڇوڙي
تي سندن خاندانن سان غم ۾ شريڪ آهي.
امداد حُسيني خاص نمبر:
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ جي هدايتن موجب سائين امداد حُسينيءَ جي
زندگيءَ ۽ علمي ادبي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ
ٽماهي ’مهراڻ‘ جو
امداد حُسيني خاص نمبر
شايع ڪيو پيو وڃي. مانوارن عالمن، اديبن، دانشورن
۽ شاعرن کي گذارش ڪجي ٿي ته امداد حُسينيءَ جي
زندگيءَ، ادبي خدمتن تي مقالا، مضمون، ساروڻيون،
تاثراتي ليک ۽ شاعري ڏياري موڪلين ته جيئن
امداد حُسينيءَ
جي خاص نمبر ۾ شامل ڪري سگهجن.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
نئون بورڊ آف گورنرس:
تازو 9 سيپٽمبر 2022ع تي گورنمينٽ آف سنڌ ڪاليج
ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان، جناب وزيرِاعليٰ سنڌ
جي منظوري سان سنڌي ادبي بورڊ جي نئين بورڊ آف
گورنرس جو اعلان ٿيو آهي. هن بورڊ آف گورنرس ۾ هيٺ
موجب صاحبان کي ميمبر طور نامزد ڪيا ويا آهن:
(1) جناب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب، (3) ڊاڪٽر ڪريم
احمد خواجه صاحب، (3) جناب ڊاڪٽر اسد جمال پلي
صاحب، (4) جناب سيد شبير شاهه ”هاتف“ صاحب، (5)
جناب ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب، (6) جناب سرفراز
راڄڙ صاحب، (7) جناب ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صاحب،
(8) محترمه نذير ناز صاحبه، (9) محترمه ڊاڪٽر
ممتاز ڀٽو صاحبه، (10) سيڪريٽري ڪاليج ايڊيوڪيشن
ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ آف سنڌ، (11) سيڪريٽري فنانس
ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ آف سنڌ.
محترم چيئرمين صاحب، جناب سيڪريٽري ۽ مهراڻ سٿ
طرفان هن نئين بورڊ آف گورنرس جي معزز ميمبر
صاحبان کي ڀليڪار چئون ٿا.
سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو
سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو گذريل بورڊ آف گورنرس جي
وقت ۾ تبديل ڪيو ويو هو. لوگو تبديل ڪرڻ جو مقصد
اهو هو ته بورڊ جي موجود ’مهين جي دڙي‘ جي مُهر
واري لوگو تي هڪ جاندار جي تصوير آهي جيڪا، ”قرآن
مجيد“ (ترجما ۽ تفسير) ۽ ٻئي اسلامي مواد جي بورڊ
مان شايع ٿيندڙ ڪتابن تي نٿي آڻي سگهجي. هاڻي
انهيءَ مواد لاءِ ٻيو
عليحده
لوگو ته نٿو تيار ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري اهو فيصلو
ڪيوويو ته ’لوگو‘ تبديل ڪري ٻيو لوگو آڻجي جيڪو
سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي جامعيت جي به نمائندگي ڪري
۽ ڪنهن شرعي مسئلي جي ڏکيائي نه ٿئي. ان بعد جيڪو
لوگو تبديل ڪيو ويو ان ۾ سنڌ جو نقشو ۽ سنڌو دريا
ڏيکاريوويو آهي. سنڌ ۽ سنڌو دريا تڏهن کان آهن
جڏهن کان اسان جي تاريخ ۽ ثقافت آهي. ڪنهن به طرح
سنڌ جي ڌرتي جو ٻيو ڪوبه نشان نه هنن کان قديم آهي
۽ نه اهم آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جا ’لوگا‘ ڪافي دفعا تبديل ٿيندا
رهيا آهن. اهو استحقاق صرف چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ
۽ بورڊ آف گورنرس جو آهي جيڪي آئيني دائري اندر
اهي فيصلا ڪن ٿا.
هن
لوگو متعلق ٻاهر جي ڪنهن به فرد جي مداخلت جي
گنجائش آهي ئي ڪونه. البته ڪنهن دانشور، اديب،
محقق ۽ شاعر جي راءِ کي ضرور اهميت ڏني وڃي ٿي.
مگر اها راءِ به مثبت انداز ۾ لکت جي شڪل ۾
چيئرمين صاحب کي موڪلجي ۽ ان جي حتمي هجڻ ضروري نه
آهي، بلڪه چيئرمين صاحب وقتاً فوقتاً سنڌ جي
ساڃاهه وندن کان سنڌي ادبي بورڊ جي ڀلائي لاءِ
رايا وٺندا رهيا آهن ۽ انهن تي غور به ٿيندو رهيو
آهي ۽ ڪيترن ئي اهم ڳالهين کي بورڊ جي بهتري واري
پلان ۾ شامل پڻ ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ جي ساڃاهه وندن
کي
بالغ نظري ۽ ڪشاده دلي سان هڪ سال کان به وڌيڪ
عرصو اڳ ۾ کنيل هنن اهم قدمن، خاص
طرح
بورڊ جو جهنڊو، سائين جي. ايم. سيد جي نالي سان
تعمير ٿيل گيٽ ۽ بورڊ جي تبديل ٿيل لوگو جي تعريف
ڪرڻ گهرجي ۽ اڃا به هن قومي اداري جي ترقي لاءِ
مفيد مشورا ڏنا وڃن.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان نئين نامزد ٿيل بورڊ آف
گورنرس
تازو 9 سيپٽمبر 2022ع تي گورنمينٽ آف سنڌ ڪاليج
ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان، جناب وزيرِاعليٰ سنڌ
جي منظوري سان سنڌي ادبي بورڊ جي نئين بورڊ آف
گورنرس جو اعلان ٿيو آهي. هن بورڊ آف گورنرس ۾ هيٺ
موجب صاحبان کي ميمبر طور نامزد ڪيا ويا آهن:
(1) جناب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب، (3) ڊاڪٽر ڪريم
احمد خواجه صاحب، (3) جناب ڊاڪٽر اسد جمال پلي
صاحب، (4) جناب سيد شبير شاهه ”هاتف“ صاحب، (5)
جناب ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب، (6) جناب سرفراز
راڄڙ صاحب، (7) جناب ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صاحب،
(8) محترمه نذير ناز صاحبه، (9) محترمه ڊاڪٽر
ممتاز ڀٽو صاحبه، (10) سيڪريٽري ڪاليج ايڊيوڪيشن
ڊپارٽمينٽ،
گورنمينٽ آف سنڌ، (11) سيڪريٽري فنانس ڊپارٽمينٽ،
گورنمينٽ آف سنڌ.
محترم چيئرمين صاحب، جناب سيڪريٽري ۽ مهراڻ سٿ
طرفان هن نئين بورڊ آف گورنرس جي معزز ميمبر
صاحبان کي ڀليڪار چئون ٿا.
سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو
سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو تبديل ڪرڻ جو مقصد صرف اهو
آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب جيڪي سنڌي توڙي
اردو ۽ انگريزي ۾ شايع ڪجن ٿا، انهن تي سنڌ جي
نقشي جو لوگو ڏيڻ سان بين الاقوامي سطح تي سنڌ ۽
سنڌ جي علم و ادب کي اُجاگر ڪرڻ آهي. سنڌ دنيا جي
نقشي تي پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، سنڌ جيڪا هزارن
سالن کان پنهنجا اهڃاڻ رکي ٿي ۽ سنڌ جي هن واحد
قومي اداري جي سڃاڻپ سنڌ جي نقشي کان ٻي ڪابه
نشاني بهتر ناهي ۽ ڪنهن به طرح سنڌ جي ڌرتي جو ٻيو
ڪوبه نشان اهم نه آهي. اميد آهي ته سنڌ سان محبت
ڪندڙ توڙي سنڌ اندر يا سنڌ کان ٻاهرئين دنيا ۾
رهندڙ سنڌي عالم، اديب، دانشور هن لوگو سان محبت
ڪندا ۽ راضي رهندا.
سنڌ جي ساڃاهه وندن
کي
بالغ نظري ۽ ڪشاده دلي سان هڪ سال کان به وڌيڪ
عرصو اڳ ۾ کنيل هنن اهم قدمن، خاص
طرح
بورڊ جو جهنڊو، سائين جي. ايم. سيد جي نالي سان
تعمير ٿيل گيٽ ۽ بورڊ جي تبديل ٿيل لوگو جي تعريف
ڪرڻ گهرجي ۽ اڃا به هن قومي اداري جي ترقي لاءِ
مفيد مشورا ڏنا وڃن.
مخدوم ابوالحسن ڏاهري ٺٽوي
(1661– 1711)
*
ڪارڻ طلب طالبين رسالو لکيو آ،
مقدمـة الصلوات سنڌي نالو تنهن رکيو آ.
*
عاصي تنهنجي آسري هي خدمت ڪئي،
ته مان عذابا اڀي، تنهن وسيلي ٿئي،
ابول عبدالعزيز پٽ پڇي ير هن کان،
هي مسئلا نماز جا ساري سنڌي واءِ.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
مخدوم ضياءُالدين
(1677– 1757)
*
جي غافل ٿئي نماز ۾ ڪڏهن اسارو،
ته هڻج هڪلج ان کي متان او ٿئي امارو.
*
فرض آهي ماءُ پيءُ تي سلي سوڌو ڀت،
ته موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏي ست،
ته طابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏي مت،
راتو ڏينهن ٻالڪ ڪري نماز پرت.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
ڀاڳو ڀان
(1300– 1360)
*
تون چنيسر لعنتي، تو ڪيڏا ڪم ڪيا،
پڳ وڃائي پنهنجي، پڇڻ هليو هئين ماءُ،
تو ۾ لڄ لهار جي، ساري عالم کي اوڳاءُ،
مون چاڙهي ڄٽ کي ڄام ڪيو، ڇل ڄائين مان منجهان.
*
سٿريون وجهن ٿا سومرا، جيئن لنب جو گاهه لڻن،
دودو ماريو ڊوهه سان، آيو ڏولائون ڏينهن.
*
اڀ سڀ ڪنهن اچو، اڀ نه اوچو ڪوءِ،
مئي به مٿي ٿيو، سورهيه سر سندوءِ.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
راءِ بهادر سيٺ وشنداس
(1843ع– 1929ع)
ڪلام
اٺئي پهر عجيب جي- ارواح سان من لڳو،
سنگ ساجن شاهه- ڀَوَ سڀ ڀولو ڀڳو.
نامئن هندو، نامئن ترڪا- نامئن پنڊت قاضي ري،
نا مئن سيّد، شيخ مسلا- نامئن ڀيا غازي ري،
سچ بات مي اوران اوري- بيک بني سڀ بازي ري،
”وشنداس“ جب آپ پڇانيا- سرور رنگ ۾ راضي ري.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
ڊاڪٽر عُمر بن محمّد دائوُدپوٽو
(1896ع –– 1958ع)
نعت
تو جِهو سنسار ۾ ناهي سڄڻ ڪوئي ٻيو.
تون ٿئين شمس نَيرّ، ٻيا سڀ ٿيا تارا قمر،
تنهنجي نور مان سڀ جلوه گر، تون آهين ڏيهن جو ڏيو.
آدم کان اڳ تو نور هو، تنهنجي ذات جو به ظهور هو،
ڪيڏو شان ۽ شعور هو، ايڏو نه رتبو ڪنهن مليو.
تنهنجو حسن ٿيو چوڏهن طبق، حيران ٿيا حورون مَلڪ،
سهسين ٿيا توتان صَدق، مليو يوسف کي تنهن مان هو
ذرو.
تنهنجي صفت ڪهڙي ڪيان، جا ٿي اصل کان بي بيان،
تنهنجي ذات جي نه آڻي عيان، تنهنجو نه پيو ڪنهن کي
پرو.
وڻ ٽڻ مڙوئي بحر و بر، حيوان ۽ جنّ و بشر،
ٿيا سڀ سلامي ڏيج گر، ڪونهي ڇٽل ڪوئي بندو.
عاصي ’عمر‘ کي انورا، پهرائيو پنهنجي درا،
ٻئي در وڃي ڪهڙي مڱا، ناهي تو بنا ڪو ٻيو اَجهو.
(ڪتاب: ’مضمون ۽ مقالا‘ تان ورتل)
حافظ درمحمد پلي
(1892ع – 1950ع)
ڪافي
سورٺ چيو نالي خدا، جهل تند تنهنجي تار کي.
نالا خدا جا ٿي ڀريان، ٻيا پلئه وجهان ٿي پير جا،
من ڪهل ڪا ڪنهن پر پوي، منگتي مڱڻهار کي.
ڇڏي روپ، رڙيون، راڳ، راڙهو، منڱتا مولا جي نام،
ٻانهون ٻڌان ٿي توکي ٻيجل، ڇڏ انهي آزار کي.
ڪو ترس ڪر مسڪين تي، ڪر ڪهل هيڻي حال تي،
جانا اٿئي جل شانه جا، دڙڪا نه ڏي دلدار کي.
اي ’درمحمد‘ درد جون، دانهون نه ٻيجل ٿي ٻڌيون،
ثابت هڻي سر جي صدا، ڪاٽي ڇڏئين ڪپار کي.
(ڪتاب: ’ڪافيون‘ (جلد 1) تان ورتل)
مير خان محمد صائم ٽالپر
(1921ع –– 1976ع)
*
رس ڀري تيڏي جواني، چوس پيوڻ هي ثواب،
رقص تيڏي هر قدم وچ، ڄڻ تجلّي وچ تراب.
ٿيا مطالع هي نوان قرآن تيڏي قرب دا،
پڙهه نه پورا مين ڪيتا، جو نينهن تيڏي دا نصاب.
ٿيون خدائي قلم دي تحرير تون ڪا پرڪشش،
ٿي تلاوت فرض مين تي، جو مقدّس تون ڪتاب.
وڌ حضوري دا قلم، يا وڌ محمّد دا ڪلام،
شيخ ڪر تون فيصله، ڪوڙا نه ڏي مين تي عتاب.
پار ٿيا پارا جواني دا، نه روڪيا ڪنهن حفيظ،
ٽوڙ ڳيا ٽوئي ڪئي مذهب دي سڀ موٽي نقاب.
ٿي نه بي قدرا، جواني ڪون نه ڏي، ڪنهن پرشڪست،
دل نه آوسي ٻي دفعي، مهمان هي تيڏا شباب.
موهه مايا نال رک تون، ڪونه ٿي ڪانئر گناهه،
هي دنيا تحفا ملي تيڪون انهي دل وچ حساب.
(ڪتاب: ’وفا پَٽ پراڻ جا‘ تان ورتل)
حاجي گل محمد رند
(وفات: 1892ع)
ڪافي
گهنڊ کوليو گهورون ڏيو
ماڻا ڪريو ماريو ڇڏن.
ڪن کي ڪنڌيءَ تان منجهه ڪُنن،
ڪيرائيو ڪنڌ ڀر هڻن.
ڪن جا ٻڏل ٻيڻا سڄڻ،
طوفان مان تاريو ڇڏن.
ڪي مي پي مستان ٿيا،
ميخان ۾ جي خاص هئا.
ڪن کي پيالا پُر ڏيو،
هٿ کان کسيو هاريو ڇڏن.
ڪي ’رند‘ ريڌا راهه تي،
ڪي مجلسي ميخواهه تي.
ڪي در ڪنان سهڻا سڄڻ،
وانجيو وَريو واريو ڇڏن.
ٽماهي مهراڻ، ’سوانح نمبر‘ سنڌي ادبي بورڊ 1951ع،
ڪافيون، جلد 1)
خليفو گل محمد
(1775– 1856)
ويڻ تنهنجو مونکي دلبر ٿيو مٺو ماکي جي ميٺ،
ٻئن جي شاباس کان تنهنجي وڻي مون هيٺ ڦيٺ.
تو ڦٽي آ عاشقن جي دل هڻي چشمن جا تير،
پور کي پنيون انهيءَ تي تون اچي دلدار چيٺ.
ٿيون وسن برسات جئن دائم اکيون آگم ڪيو،
تهڙيون منجهه آکاڙ سانوڻ تهڙيون ڪتي، تهڙيون ڄيٺ.
جي ڏئين توڻي نه ڏئين تون وجهه پنهنجي ديد جو،
تنهنجي نينهن جو نوڪر آهيان نروار نيٺ.
ٿيون اکيون رت هاري ڳاڙهيون، تن سڄو ٿيو لعل رنگ،
توسان اي ’گل‘ جنهن ڏهاڙي کان هي منهنجي آهه ڏيٺ.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
صوفي غلام محمد ’پياسي‘ سومرو
(1930ع– 1978ع)
ڪافي
دلبر اوهان جي در تان، مان اڄ سور پرايو،
جدائي اوهانجيءَ ۾ سهڻا جيرا جوش جلايو.
نه خبر هئي اڳ اهائي، مون سان ڪندين تون جدائي،
تنهنجي جدائيءَ ۾ سهڻا هيءَ جان سورن اندر آئي،
پنهنجي پينار، کي ٿي ناحق سڄڻ ڀلايو.
دل ڏنم توکي مان ساري، روسان مان رکي آ ياري،
مون ته ڪئي تولاءِ وفائي، ڏيکاءِ پنهنجي وفاداري،
وڇڙيل هو يار مون سان دلڙي اچي ملايو.
نيڻ کڻي نهاري مون کي ڇڏيو آ تو ماري،
محبت توسان آ سهڻا، مون کي نه ڇڏ وساري،
ويران دل ’پياسي‘ جي، دلبر اچي وسايو.
(ڪتاب: ’ڪو درد دکيو هوندو‘ تان ورتل)
شيرل ’بيوس‘ باڊاهي
(1921ع– 1956ع)
غزل
دهشت کان يار سان ڳالهائي نه ٿو سگهان،
کولي احوال دل جو ٻڌائي نه ٿو سگهان.
پرپٺ پيو پهه پڄايان ته هيئن يار کي چوان،
سامهون ويهي زبان کي هلائي نه ٿو سگهان.
اهڙو ته منڊ پيارل مون تي پڙهي ڇڏيو،
جنهن جو اثر دل تان هٽائي نه ٿو سگهان.
بچپن کان دل لڳي هئي اڄ جواني اچي وئي،
دل جي رهي سا دل ۾ سڻائي نه ٿو سگهان.
’شيرل‘ به ٿي پيو ’بيوس‘ هيلا سڀئي ڪري،
ٻئي جي هٿان مان حال چوائي نه ٿو سگهان.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
نواب گدا علي خان لغاري
(1896ع– 1925ع)
ڪلام
محبوب جي شبيهه جو مٽ ماهتاب ناهي،
جلوي جمال جو مٽ هي آفتاب ناهي.
رخسار رمز واڌو نرمل نجيب جي،
ڪاتب لکي ڇا سگهندو، تنهنجو حساب ناهي.
ابرن جي سونهن ڏسي ٿيا هڪدم حريف حيران،
ڏسن جن محمّديؐ رخ تن تي عتاب ناهي.
سڪ ختم النبيؐ جي رک اي ”گدا علي“ تون
مسِند نشين جنهن جو شهِ بو تراب ناهي؟
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
سيّد حافظ شاهه ’ناطق‘
(1928ع– 1974ع)
ڪلام
اچ اڱڻ منهنجي عجيبا پرت مان پيرا ڀري،
تو سوا سهڻا سڪايل جي نٿي ساعت سري.
درد دل ۾ ڪئين دکيا ٻيا سور سامهون ٿيا سوين،
هجر ۾ هاري هنجون هت هاڻ هيڻين تي ڳري.
اڄ نهوڙي نيهن نيو ناسور نوڪن نيٺ ڪيا،
دل مٿي دائم برهه جي باهه ٻهڳڻ ٿي ٻري.
رات جو تارا تڪيندي ڏينهن ڏسڪڻ ۾ وڃي،
آهه! آهيان عشق جي اوکي اچي ويو منجهه اري.
حال ”حافظ“ جو پسي وائي وڃڻ جي ڪيم ڪر،
دم لبن تي آهه هاڻي پل نه ٿي هڪڙو پري.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
’راز‘ بلڙائي
(1923ع– 1973ع)
ڪلام
هڪ ڏک جو ڏڌل، مڪسين مئل آرام پرائڻ ڇا ڄاڻي؟
ڪنڊن ۾ گذارڻ وارو ڀلا، دامن کي بچائڻ ڇا ڄاڻي؟
جو عمر سموري آهه رهيو آغوشِ بحرِ آفت ۾،
طوفان مان پنهنجي ٻيڙيءَ کي سو پار لڳائڻ ڇا ڄاڻي؟
تقدير جو دم هڻندي هڻندي موت جي منهن ۾ ويندڙ ڪو،
تدبير سان پنهنجي مشڪل کي آسان بنائڻ ڇا ڄاڻي؟
بس جوش تڪلّم لب تي ۽ سيلابِ تمّنا اکين ۾،
سرشارِ محبّت ديوانو احوال ٻڌائڻ ڇا ڄاڻي؟
هو ۽ ڪي تسّليءَ جون ڳالهيون، اي’راز‘ ڪو ايندو
ڪنهن کي يقين،
کلندڙ کي رئاڙڻ وارو ڀلا رئندڙ کي کلائڻ ڇا ڄاڻي؟
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي
(1907ع– 1973ع)
ڪلام
قرار لاءِ ڇڏيسي سندءِ ديار نه آءُ،
عدم ڏي ويندي خدا لڳ خيالِ يار نه آءُ.
ڏسي ڪرم نه ٿئي خاڪ قبر جي گستاخ،
شهيدِ ناز جي تربت تي بار بار نه آءُ.
ستم ڪرم سان، وفا سان جفا نٿي سونهين،
پڇڻ جي لاءِ وٺي گڏ رقيبِ زار نه آءُ،
ڪنهين کي ٻانهن ڪلهي تي ڪنهين سان محو ڪلام،
انهيءَ ته اچڻ کان نه اچ پر هزار بار نه آءُ.
خرامِ ناز جو صدقو نه اچ، متان ترڪين،
رهي ٿي چشم سدا منهنجي اشڪبار نه آءُ.
اچي ٿو موت ڇڏائڻ غمن کان هاڻ نه اچ،
گهڻو ئي ترسي ڪيم تنهنجو انتظار نه آءُ.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
عبدالرزاق شيخ ’راز‘
(1919ع– 1983ع)
ڪلام
رهبر به گهڻا راه جا رهزن به هزارين،
ڏسجي ته وري ڪير ٿو منزل تي پڄائي،.
اغيار به خاموش ۽ احباب به خاموش،
محفل جو ذرا رنگ ڪوئي مون کي ٻڌائي.
هي ناز به انداز تنهنجي جادوگري آ،
هر روز ڪوئي باه ٿو سيني ۾ دکائي.
سختين جي ڪري ڪونه ڪيون ڪنهن جي شڪايت،
دل اهڙي عجب آهي جو هر سوُر کي کائي.
گل کان جي ڇڏائي ته ڪنڊن ۾ آ گرفتار،
گلشن ۾ رهي ڪيترو دامن کي بچائي.
اڄ گيت وري ”راز“ گهڻا ياد ڪياسي،
ڪنهن تار کي ڇيڙي ڪوئي هي شعر ته ڳائي.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
لپيءَ جو سوال:
لپيءَ تي بحث بند هو؛ مگر تڏهن به، ديوناگري لپيءَ
جي حمايتين لپيءَ جي سوال اٿارڻ جي ناڪامياب ڪوشش
ڪئي. کين خبر به هئي ته هو ٿورائيءَ ۾ آهن، ۽ عام
سنڌين کي خبر آهي ته هو ئي آهن جن
fear complex
جو شڪار ٿي اسان کي هتي جي مڪاني ماڻهن جي وچ ۾
جذب ٿي وڃڻ جو اُپديش ڏنو هو. هو جيئن سميلن کان
ٻاهر پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه پئي ٿيا آهن، تيئن
سميلن ۾ به ٿي نه سگهيا. اهو سوال اٿاريندي،
ديوناگري لپيءَ جي فائدي ۾ هنن اهو دليل ڏنو ته
سنڌي ٻولي جيڪڏهن ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي، ته
ڀارت جي ٻين ٻولين جي باشندن کي سنڌي سکڻ تي دل
ٿيندي، ۽ پڻ اسان جا ٻار ٻين ٻولين سکڻ ۾ چاهه
وٺندا. اهو ڄاڻڻ جو هنن ڪڏهن به فڪر نه ڪيو آهي ته
ڪنهن به ٻوليءَ جي لپي سکڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي.
رومن لپي انگريزيءَ جي پهرئين درجي ۾ سکي سگهجي
ٿي، مگر انگريزي ٻولي ڳالهائڻ ميٽرڪ وارن لاءِ به
سولي نه آهي- ان لاءِ اوسي پاسي جي فضا ۾ ان
ٻوليءَ جو هلڻ، ان ٻوليءَ جو ساهت پڙهڻ، ۽ ان
ٻوليءَ ۾ سوچڻ جي دماغي مشق پچائڻ بيحد لازمي آهي.
هو اهو نٿا سوچين ته ديوناگري لپيءَ اَپنائڻ سان
اسين سنڌ جي اٽڪل اڌ ڪروڙ سنڌين جي ادب تان هٿ
کڻون ٿا؛ نه وري اهو ٿا سوچين ته اسان جو اٿاهه
ساهت، جو سنڌي ٻوليءَ مگر عربي لپيءَ ۾ موجود آهي،
اهو سموروئي ديوناگري لپيءَ ۾ ڪٿان ايندو؟ ان لاءِ
لکين روپيا به ڪافي نه ٿيندا. هو اهو به نٿا سوچين
ته هند ۽ پاڪ جي وچ ۾ رهندڙ اڄ جا مسئلا ڪو هميشه
قائم نه رهيا آهن، جو اسين انهن کان تهذيبي ۽ ادبي
طور الڳ ٿيڻ جو سوچيون.
عربيءَ لپيءَ وارن ان تي خوب سوچي، پنهنجي ٻوليءَ
جي حفاظت ۽ بهتريءَ جو فيصلو عربي لپيءَ سان ڳنڍي
ڇڏيو آهي. ديوناگري لپيءَ وارن جي پرچار کان
گمراهه ٿي، جن ماڻهن پنهنجن ٻارن کي سنڌي ديوناگري
لپيءَ ۾ سيکاري هئي، انهن مان گهڻا اڄ پڇتائي رهيا
آهن. ٻئي طرف اسان، عربي لپيءَ وارن، ٻارن کي عربي
لپي سيکارڻ لاءِ جدا جدا شهرن ۾ خاص ڪلاس کولڻ
شروع ڪيا آهن. اسين شڪرگذار آهيون شري بولچند
راجپال جا، جنهن سميلن ۾ اهو مزيدار ٺهراءُ موڪليو
ته ”بهتر ٿيندو جيڪڏهن سنڌي ٻولي ’رومن لپيءَ‘ ۾
لکي وڃي، ڇو ته پوءِ دنيا جا عالم سنڌي ٻولي سکڻ ۾
چاهه وٺندا ۽ سنڌي ٻار به دنيا جون مکيه ٻوليون
سکي سگهندا!“ اها طنز ديوناگري لپيءَ وارن جي ڦٽن
تي لوڻ برابر هئي. نيٺ، ديوناگري لپيءَ وارن
پنهنجو ٺهراءُ واپس ورتو، تڏهن شري بولچند راجپال
به پنهنجي مطالبي تان هٿ کنيو!
موهن ڪلپنا
رپورٽ: اَکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن
]24/28
ڊسمبر 1958ع: يونيورسٽي ڪمپائونڊ، بمبئي[
رسالو مهراڻ 1/1959ع تان کنيل |