لوڪ ادب
معمور يوسفاڻي
عمرڪوٽ
سينگار، هنر ۽ ڳجهارت
’سينگار‘ سنڌي لوڪ ادب جي اهم صنف آهي، هن صنف جو
سنڌي ادب ۾ ٻهڳڻو شاعر ۽ سُگهڙ ميان جلال کٽي آهي،
جيڪو صحيح معنيٰ ۾ سينگار جي صنف جو اڳواڻ سُگهڙ
آهي. سنڌي سينگار شاعري تي محترم ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب اسان جي پڙهندڙ کي لوڪ ادب سلسلي جي
عاليشان تصنيف ’سنڌي سينگار شاعري‘ ڏني آهي، جنهن
۾ سينگار جي صنف جون مڪمل وصفون ۽ وضاحتون موجود
آهن ۽ ٻين سنڌ جي سُگهڙن جا سينگار پڻ ڏنل آهن.
’سينگار‘ دراصل ’مجاز‘ جو اهو سڌو رستو آهي جيڪو
حقيقي محبوب تائين وٺي وڃي ٿو ۽ سُگهڙ دنياوي
محبوب جي سينگار جي تعريف ڪندو وڃي ٿو، محبوبِ خدا
حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي حُسن ۽ جمال جي بيان
تائين پهچي. رسول پاڪ ﷺ جن جي سونهن ۽ سينگار جي
ذڪر ۾ سُگهڙن پنهنجي علم، عقل، فهم ۽ ادراڪ سان
دنياوي سينگار جي ذريعن کان وٺي ايمان ۽ عقيدي جي
سونهن جا واهڙ وهايا آهن.
سينگار:
مالڪ، خالق، مانع، قادر، جوڙيا ڪئين جنسار ڏسو
سمنڊ ۽ دريا اوڀڙ پوکون، ارض و سما اسرار ڏسو
جيو، پکي، حيوان، بشر ڪيا، پيدا پالڻهار ڏسو
سونهن ڏئي انسان کي احسن، ڪرم ڪيا ڪلتار ڏسو
محبوبن جو مان مٿي ٿيو، سونهن سان منجهه سنسار ڏسو
سونهن ۾ سڀ کان اول اکيون، عينن جا اسرار ڏسو
پاٺيون، پوڇڙياريون، پياريون، ريٽيون ۽ رنگدار ڏسو
جهپ جهپ سان ڪئين جيءَ جدا ڪن، بادامن جي بهار ڏسو
لال گلابي، ڪجليون، ڪاريون، ميٽيون مڻيادار ڏسو
نرگس کان وڌ نُور ڀريون
۽ نشيليون ننگدار ڏسو
ميڇ سان ڪيئي متارا مارن، موکيون ۽ منٺار ڏسو
شرميليون ۽ شوخ شڪاري، شان وڏي شهڪار ڏسو
چمڪن چهريون گهائن گهريون، گهونيون گوليمار ڏسو
ڀڻڇيون، ڀالا، بان سدائين، پنبڻين جا پيڪار ڏسو
گن مشين کان گَهَريون گهڻيون، جنگي ۽ جهونجهار ڏسو
توبن کان وڌ تاب رکن ۽ ائٽم کان وڌ آر ڏسو
بنان ارادي کڄيون، کپائن، خوني ۽ خوددار ڏسو
گهُورن سان ٿيون دليون گهائن، ڇيرن جي ڇٽڪار ڏسو
رت جي دريائن ۾ وهنجن، ارڏين جا اطوار ڏسو
دردمندن جي دلين تي آ، مرگهيلين جي مار ڏسو
نظرون نظرن ساڻ مليون، ٿيا تارن جا تڪرار ڏسو
جام بلوري جهرڪي بيٺا، وهه وٽين جا وار ڏسو
سامهان سٽڪن سيني تي ٿا، نيڻ ٻئي نروار ڏسو
سرمي ساڻ سنگينون بنيون، ارهه مان آرو پار ڏسو
ڪجل ڪٽورين کي پهتو، ٿيا قهري ڪاروبار ڏسو
پاڪيزيون پرهيز وڏي سان، حد رکيون هوشيار ڏسو
عشاقن کي
آڏو
بيٺيون، پنبڻيون پهريدار ڏسو.
فتح خان ڌيان ڌري هي سڄڻ جا سينگار ڏسو.
(فتح خان جي ڪچهريءَ ۾ ريڊيو حيدآباد تي پڙهيل)
وار:
سر سڄڻ جي سونهن سهڻا، ڪارا ڪارا وار ڏسو
جهڙ ٿئي يا ڌنڌ وڌي، ائين اونده انڌوڪار ڏسو
ڀنڀا ڀوئنرا، بادل ڪارا، سنبل جا سردار ڏسو
وصف سندن وَليل وراڪا، وينس جا ونهوار ڏسو
سمنڊ کان گهرا، نانگ کان قاتل، قاف ڪنان وڌ ڪار
ڏسو
لنب کان سنهڙا، پٽ کان نازڪ، سنگ مڪائيءَ ڌار ڏسو
زلفون زهري، ڪاڪل قهري، وه ڀريل ونگدار ڏسو
وانگوڙا ڪئين ور وجهن ٿا، گيسو گهنڊيدار ڏسو
مشڪ صفت ۽ موت جا ساٿي، ور ور ڏيو ڪن وار ڏسو
مڃٺ، سرهاڻ جي تيل ۾ تر ٿيا، خالص خوشبودار ڏسو
سر تي چوٽو ڏي ڄڻ، ڦڻ ڪڍي ڪنهن مار ڏسو
سينڌ ۾ سينڌر، سونهن وڏائي، ليس ڪيا لڳدار ڏسو
مانگ ڳهن جي، رم جهم، ڇم ڇم، نرڙ مٿي نروار ڏسو
ٽيڪو ٽڪڙو، ٻورالي ۽ ٽڪو پٽيدار ڏسو
لوڻن تان اڌ گول ٿي بيٺا، ڳوپ چڱي چڳدار ڏسو
مينڍا ڦل ٿا مينڍن مهڪن، چوڏهن چلڪيدار ڏسو
سونهن، سڳنڌ سرهاڻ سڳي جي، چوکي چلڪيدار ڏسو
چنڊ بدن سان چهٽل سڳڙي، ڪهڪشان جي ڪار ڏسو
چوٽيءَ سونهن چوٽيءَ ڦل ٿا، جاڙا جوهر دار ڏسو
مينڍي سان گڏ مهڪي اٿيون، ڌوڙِن جي ڌڌڪار ڏسو
سڳي سرندي واه وڄن ٿا، گهنگهرا منجهه گُرتار ڏسو
رس ڀري موسيقي وهوا، ڄڻ ٿيا ميگهه ملهار ڏسو.
ڏند:
ڏاڙهونءَ داڻا، بيهه برابر، جرڪيا جوهردار ڏسو
محبوبن ماڳ ملير، بس موتين ڪئڙا مار ڏسو
چورڻ اهڙا چڪايا ڄڻ وڄڙين ڪئڙا وار ڏسو
مرڪي نظرون مٿي کنيائون، پرهه ڦٽيءَ پار ڏسو.
ڀِرون:
بسم الله ٻئي رخ تي، پنبڻين پهريدار ڏسو
چرپر آهي اشارن اندر، خاموشي آڌار ڏسو
اکڙيون ان جي اوٽ ۾ پيٺيون، ڪن ڪهڻ جا ڪاروبار ڏسو
پنبڻيون تير ته ابرو کنا، حسن سندا هٿيار ڏسو
قوس و قزح جون ريتيون رسمون، نيشامبر نروار ڏسو
سونهن سڄڻ جي ڀونئر ڀرون ٻئي، ڀنڀا ڀنڀڪيدار ڏسو
جُوءِ هلالي، خُوءِ ڪماني، تلوارن جا ڌار ڏسو
جاڙا، جوها، جنگي جوڌا، جابر جوهر دار ڏسو
رستم، دودا، جڳ جا جوڌا، عاجز اسفنديار ڏسو
اسڪندر، چنگيز، هلاڪو، هنن اڳيان منجهه هار ڏسو
فاتح سڀڪنهن فاتح جا ٻئي، ڀونرا ڀڀڪيدار ڏسو.
پيشاني:
پيشاني ڄڻ پير جڳڌ، پير جهڪن پڳدار ڏسو
رشي مني ٿا مجروڪن، ۽ عاجز سڀ اوتار ڏسو
ڪيئي ولي، بزرگ بيٺا، هٿ ٻڌي هروار ڏسو
نبين، رسولن مڙني مڃيو، محب سندم مهندار ڏسو
پاڪ پيشاني جي سجدي ۾، اعليٰ ڪئين اسرار ڏسو
نرڙ نوراني ساڻ ڦِري ٿيو، قبله رخ نروار ڏسو
شمس نرڙ جي نور مان ٽُڪري، حاصل ڪئي هيڪار ڏسو
چنڊ چٽائي چٽ ٿي ويئي، ڍڪجي ويو ديدار ڏسو
تارن اُڀ ۾ واٽ بنائي، اڇائي آڌار ڏسو
ريس ۾ ريزا ريزا ٿي ويا، نور پسي نروار ڏسو
آنگوڙو آکاڙ ۾ نڪتو، نقل ڪري نِروار ڏسو
حُسن جي شاه کي اڳ ۾، سونهن سندا سينگار ڏسو
سونهن سندي سالار هٿان، تلوارن جا وار ڏسو.
هُنر:
هتي اسين هنر جي ٽن قسمن دوراهو، چيرون ۽ آزاد
هنرن جا مثال ڏيون ٿا:
(الف) دوراهو: (هنر)
دوراهو ٻن راهن يا گسن وارو، لوڪ ادب موجب هُنر جو
اُهو قسم جنهن جون بندن ۾ ٻه معنائون نڪرن،
دُوراهن جي صنف ۾ اضافو ڪندي ڪن سُگهڙن ٽه-راها ۽
چوراها به چيا آهن. جيڪي لفظي ڀڃ-گهڙ سان ڪافي
معنائون رکن ٿا.
مثال طور: ’سسئي جي هيٺين دوراهي تي غور ڪريو:
(1) سسئي:
اوڊڪو اوٺيئڙن جو، موڳي رکيئي نه من،
اوٺي- رن
وٺين منڌ مهار ها، تون پنهنجي منجهه هٿن،
م+ هار
ور وٺي ڏيرن، پاڻ روه رلائيو.
ڏئي رن
(2) ليلان:
هيءُ دوراهو وري لفظ جي پڙهڻي ۾ ٿوري ڀڃ-گهڙ بعد
ليلان چنيسر جي ڪهاڻي ۾ هينئن پڙهبو ته:
اڊُڪو اوٺي-رَنَ جو، موڳي رکيئي نه من،
اوٺيئڙن
وٺين منڌ مَ- هار ها، تون پنهنجي منجهه
هٿن،
مهار
ور وٺي ڏئي- رن، پاڻ روهه رلائيو.
ڏيرن
(يعني ليلان ڪونئرو جو کٽڪو نه رکيو ۽ توهار هٿيم
نه وٺين ها، تنهنجو ور وٺي ڪونئرو وٺي توکي روهه ۾
رلائي وئي).
(ب) 1. سهڻي:
چري ڪئي ميهار، پاڻان پيئي پاتار ۾،
مُئي- هار
سير نه
ٻوڙي سونهه ڀري، ٻوڙي مَٽ سَٽ مـــــيهار،
سيل
مئي- هار
تري ڪهڙي تار، گهڙي ويس هٿ مان.
رستي مهل- وقت
2. ليلان:
هاڻي سهڻي جي هِن دوراهي کي ليلان جي گس سان پڙهبو
ته هينئن ٿيندو ته:
چري ڪئي مُئي هار، پاڻان پيئي پاتار ۾،
ميهار
سيل
نه ٻوڙي سونهه ڀري، ٻوڙي مٽ سٽ مَئي هار،
سير
تري ڪهڙي تار، گهڙي ويس هٿ مان.
رستي مهل-وقت
يعني ليلان کي مُئي هار چريو ڪيو، ۽ کيس سيل (ست
سيل) نه ٻوڙيو پر، هار تي، مڙس جي سودي (مٽ سٽ)
ٻوڙيو، هاڻي ڪهڙي رستي يا طريقي سان تري يعني سودو
واپس ڪري جو وقت هٿ مان نڪري ويو.
هن دوراهي جي آخري سٽ ۾ لفظن جي ڀڃ-گهڙ بجاءِ
معنوي تبديلي وارو رستو ورتو ويو آهي.
(3) ڏيرن ڏڪايو ڏاڍو ڙي، هئو ازلئون اهوئي
ڙي=
ڏئي رن ڏڪايو ڏاڍو.
(4) مهار جي ماونرالمعنيٰ، سورن سنگ اهوئي ڙي=
مُئي هار جي ماونرالمعني.
(ب) چيرون هنر:
سهڻي:
سهڻيءَ کي هو سير ڏي، تپايو تارن،
1
لڙهندي وڃي لهر ۾، پئي تڪي منجهه تارن،
2
محبت جي مذڪور ۾ ٿي تري منجهه تارن،
3
ساٿ ڏنو پئي سير ۾، تنهن کي تارن،
تاب اندر تارن، ٻڏندي پئي ٻيڻو ٿيو.
5
(معنيٰ)
(1) تار، طلب، تانگهه (2) تارا، آسمان ڏانهن تڪڻ،
(3) تارُن سان گڏ، ترندڙن سان گڏ (4) جيتن (5)
اکين ۾.
مومل:
دانهون ڪري درد مان، ٿي چيو هيئن مومل،
جڏهن جاڳيس ڪين ڪي، تڏهن ويو مومل،
ستي سور پرائيا، مٿي هئا مومل،
پاڻان آهه وڃائيو، راڻو ڙي مومل،
موٽي اچ مومل، ته ساه وري سولو ٿئي.
5
(معنيٰ)
(1) سهڻي عورت (2) مون کان مهل وئي (3) مون- مئل
(4) موهيل (5) مون مِل- مون سان مِل، ملاقات ڪر.
سسئي:
کلي کڻي خوشيءَ مان سسئي سالڪڙي،
ڏسندي وچ ڏونگهه ۾، سسئي سالڪڙي،
جبل اٿي جهاڳ تون سسئي سالڪڙي،
لنگهي وڃ لُوهه ڪري، سسئي سالڪڙي،
سسئي سالڪڙي، تو بيشڪ عشق اجاريو.
(معنيٰ) (1) لَڪڻ (ساڪاٺي) (2) لڪي جبل (لڪيارو)
(3) شال کڙي (همت سان) (4) عقلمند (5) سوا لکڻي.
چيرون هنر (سازن تي):
تنبورا
کڻي هلي، سي گونرائي ٿيا،
سُرندا
هلي سنگتي، سڀ دڦيرا ٿيا.
سِرندا
تنبوراءِ کڻي هلي، سي گئو راءِ ٿيا،
سِرندا هلي سنگتي، سڀ دفع راءِ ٿيا.
آزاد هنر:
نهن ٻوڙي
ته ٺهي، هرڪوه ڪيائين،
جڏهن پوءِ ڳهه ٿي کنيائين، تڏهن چِڙي ڪيئون.
هُنر جي کول:
نوح ٻيڙي ته ٺهي، هوڪو ڪيائين،
جڏهن پڳهه ٿي کنيائين، تڏهن چڙهڻ جي نه ڪيئون.
(ج) ٻاهريان يا آزاد هنر:
اهڙا هنر جيڪي وڏن شاعرن جي ڪلام وارن مقرر ڪيل
مضموني سُرن کان ٻاهر هجن ۽ منجهن ڪنهن واقعي،
حادثي يا قصي ڏانهن اشارو هجي، يا مرڳو ڪنهن ڏٺ يا
خيال تي ٻڌل هجن، تن کي ٻاهريان يا آزاد هنر چئبو
آهي.
وڻي جن کي هردم صفائي جي ريت،
رهي تن جي پاڪيءَ سان پختي پريت،
پاڪائي
هوَسَ ۾ هينئين کي نهرڻ کپي،
نه
هيرڻ
قناعت جي گهيري ۾، گهيرڻ کپي،
ڏکن جو مليو ڏاج روئي چيوم،
روئي
سڄڻ جو مٿم ڪيڏو ٿورو ٿيوم.
رهي آرسي جنهن جي، عادت اُهو،
آرس
نه مقصود منزل کي پهچي سگهيو.
سفر ۾ سمر پيو سجايو کڻيج،
نه بيسود بوجهو اجايو کڻج.
بوجهڪو
رکيو خوب سوگهو جني نڪچڻو،
نچڪڻو
سندن چنڊ چهرو ۽ منهن مرڪڻو.
کنيو هٿ ۾ هو جن ڪنگو قرب جو،
وڻيو مون کي انداز سو محب جو.
جو سوريءَ ڌري سر، سو صابڻ کپي،
سو بڻ
ڳهيلن کي ڳڻوان جو ڳڻ کپي.
سڄڻ سوز وارو نه سُرمون ڇڏيو،
سر
مون
سدائين رهان گوندرن ۾ گڏيو،
ڪِريم
آ، سنڀالي رکي هوش سان،
ڪَريم
ٿئي مان ’معمور‘ هو مهربان.
معنيٰ: (1) پاڪائي=
پاڪائي (2) نهرڻ=
نه هيرڻ (3) روئي=
روئي (4) آرسي=
آرس (5) بوجهو=
بوجهڪو (6) سو صابڻ=
سوبڻ (بڻياد) (7) سرمون=
سُرُ مون (8) ڪريم
ڳجهارت:
اسين ڳجهارت متعلق اڳئين ڪچهري ۾ ڪي ڳالهيون چئي
آيا آهيون، هتي ڳجهارت جون ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون
ڪريون ٿا، اسان وٽ لوڪ ادب ۾ سکيا ۽ ڳجهارت جا ٻيا
به ذريعا آهن، جن مان هڪ ذريعو ڳجهارت آهي، جنهن
جي ذريعي نه رڳو اسان کي پنهنجي تاريخ، جاگرافي،
ثقافت، اخلاقيات، سياسيات، معاشيات وغيره جي سٺي
ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، پر لسانيات، لغت ۽ ٻوليءَ جي ٻين
لوازمات ۽ لهجن جي پروڙ پوي ٿي.
اسان جي لوڪ ادب ۾ ڳجهارت اهڙو اعليٰ ترين فن آهي،
جنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن به مُلڪ جي ادب ۾ ملڻ
ناممڪن نه سهي، پر مشڪل ضرور آهي، جهڙي طرح ڳجهارت
جي ڏيڻي لفظي ٿنڀن تي ٻڌل آهي، اهڙي طرح ان جي
ڀڃڻي وري معنوي ۽ مقصد وارين لڙهين تي مدار رکي
ٿي، جنهن جي ذريعي ڳجهارت جو ڳجهه پڌرو ٿي پوندو
آهي، يعني لفظن جي ڳجهه کي لفظن جي معنيٰ ۽ فوج
سان ظاهر ڪبو آهي.
هن ڏس ۾ جتي ڏيڻ واري لفظي رٿا کي ’ڳجهارت‘ چئبو
آهي، اتي ڀڃڻ واري معنوي سٽاءَ کي ’ٻجهارت‘ چئبو
آهي. جيڪي ٻئي لفظ اسان جي شاعرن وٽ به ملن ٿا.
اي ڳجهارت ڳولي، ڪنهن ڪنهن ڏاهي ڏيهه ۾.
يا
ٻوليءَ ”ٻجُهارت“ جوڳيان، سنديان ذات جي.
جيئن اڏي ننڍن ٻارن لاءِ ۽ پرولي وڏن ٻارن لاءِ
وندر تفريح، سکيا ۽ ڄاڻ جو ذريعو آهي، اهڙي طرح
ڳجهارت وري وڏن لاءِ سکيا ڄاڻ ۽ ذهني واڌاري جو
ڪارڻ آهي.
جيئن ۾ اڏي ۽ پرولي جو بنياد ڀيٽ ۽ اشاري تي آهي،
تيئن ڳجهارت جو دارومدار واقعن ۽ لفظي چيرڦاڙ تي
آهي. جنهن علم بديع جون ڪئين تجنيسون ۽ صنعتون اچي
وڃن ٿيون. جيئن تجنيس تام، تجنيس زائد، تجنيس
مرتب، تجنيس مضارع، تجنيس ناقص، تجنيس مطرّبه،
تجنيس لاحق ۽ صنعت تلميح وغيره.
ڳجهارت جي ڳجهه وارن لفظن کي ڳجهارت جا بند، سنڌ،
پاوا يا ٺپ چئبو آهي. جيڪي ڪيترن ئي قسمن ۽ جسمن
مان ٺاهيا ويندا آهن. جنين جا نالا، ذاتيون، گهر،
هنر، شهر، ذاتيون، ولاتيون، ماڻهو، جانور، مرون،
پکي، جيت، سرجڻا، مڇيون، وڻ، ٻوٽا، وليون، ميوا،
پوکون، گاهه، ڏٿ، جهنگ، جبل، دريا، سمنڊ، جر،
باهه، مٽي، واءُ، ٻولي، اکر، گرامر، آواز، سُر،
ساز، ساڄ، وٿون، وکر، ڪپهه، ڪپڙو، ڳهه، اوزار،
هٿيار، رڇ، ماڪ، مينهن، اٻون، ڪڪر، طوفان، هوائون،
لُڪَ، جهڪ، ڪاٺ، لوهه، چم، ڪک، ڪاٺي، جنگ، شادي،
موت، پاراتو، پِٽَ، دعا، وقت، مند، رنگ، روپ،
راند، راهه، حاڪماڻو، حاڪم، رعيت، ڪاسبي، مرض،
مقام، اُڀ، ڌرتي، خلا، نکٽ، نظام شمسي، علم، علم
جون شاخون وغيره.
مضمون جي لحاظ کان ڳجهارت پروليءَ جي لڙهه ۾ اچي
ٿي، پر بيهڪ ۽ سٽاء ۾ هي اهڙو ڳوڙهو فن آهي جيڪو
فني توڙي فڪري لحاظ کان تمام گهري ۽ اونهي فڪر سان
وابسته آهي، جنهن کي سمجهڻ پروڙڻ ۽ وينجهائڻ تمام
ڏکيو ڪم آهي، ڳجهارت جو شروعاتي ڏاڪو سلام آهي
جيڪو قديم دؤر کان هلندو پيو اچي، اسان وٽ سلام
موڪلڻ توڙي پيغام موڪلڻ هڪ فن آهي، جنهن جا ڄاڻو
ٻهراڙين ۾ اڄ به رهن ٿا. قديم دؤر ۾ سلام موڪلڻ جو
ذريعو اسان وٽ جنسي شيون رهيون آهن، جن شين جي
ذريعي سلام ۽ سنيها موڪليا ويندا هئا، انهن جا
ڏاڍا عجيب غريب ۽ دلچسپ طريقا هوندا هئا، جيئن هڪ
دوست پنهنجي ٻئي دوست کي پاڻي جي ڀريل شيشي ۾
ڪاٺيءَ جي چپراٺ وجهي، تنهن سان هڪ مرداني ڦڻي
جنهن کي هڪ پاسي مٿان ڪارو ڪپڙو ويڙهي کيس موڪليو.
جنهن جو مطلب هو ته ”چنڊ جي ستين تاريخ، رات جي
وقت ٻيڙي ۾ چڙهي درياهه جي رستي پهچي وڃ.“
پيغام ۽ سلام جي انهيءَ طريقي جڏهن ترقي ڪئي ته
جنسي شين جي جاءِ تي لفظ اچي ويا ۽ شين جي ڳنڍ
(هڙ) جي جاءِ تي لفظن جي ڳنڍ ٺهي وئي، جنهن جو
نالو مشهور ٿيو ڳجهارت جيڪو اصل ۾ ”ڳجهي رٿ“ آهي
ٿر ۾ هن وقت به ڪيترا ماڻهو ڳجهارت کي ڳجهيرت
چوندا آهن. هن فن جي ذريعي ڪيتريون ئي رازداريءَ
جون ڳالهيون ڪري سگهبيون آهن. غير ماڻهن ۽ ٻاهرن
حمله آورن کان ڪيتريون ڳالهيون لڪائي سگهبيون آهن.
پنهنجي نسلن جي ذهني ترتيب کانسواءِ نينهن جا
نياپا، پيار و محبت جا راز صرف پنهنجي مطلوب سان
اوري سگهبا آهن. اڳئين دور ۾ ڪي شهزاديون پنهنجي
وَرَ جي انتخاب لاءِ به ڳجهارت جو استعمال ڪنديون
هيون ۽ امتحان وٺنديون هيون ته سندن ٿيندڙ وَرُ
ڪيترو ذهين، فهيم ۽ عقلمند آهي. ساڳي بادشاهه
پنهنجي وزيرن ۽ اميرن جا امتحان وٺندا هئا. هن قسم
جي ڳجهارت کي ڳوڙهو سڏيو، جيڪو هن وقت به موجود
آهي، چون ٿا جڏهن لاکي جو والد ’ڦل‘ وفات ڪري ويو
ته ڪنهن ۾ به اها جرئت نه هئي ته لاکي کي اهو
اطلاع ڏئي. ان وقت سمنگ چارڻ عقلمندي کان ڪم وٺي
’ڳوڙهي‘ جو سهارو ورتو ته:
هڪ ’ڦل‘ سڄن واڙ ۾، ٻيا جي ٻنين ڌاڻ،
لاکا آءُ مهراڻ، توريءَ سڃو ڪاڇڙو.
يا وري ڳجهارت آئي ته:
نالا
ڙي نرنام، نالن نانُ
ڦٽا ڪيا،
مطلب يا ڀڃڻي:
سما،
ڙي! سلطان باغن ڦل
ڦٽا ڪيا.
اهڙي طرح هڪ عورت کي ٻي عورت سان ڪا صلاح ڪرڻي هئي
۽ راءِ وٺڻي هئي ۽ اها عورت ٻين عورتن جي ميڙ ۾
ويٺل هئي ته ان کي ڳوڙهو ڏنائين ته:
اي ٻَڙي! واهلو ڪارائي ڏي.
هن جو مطلب هو ته اي ٻڙي وان هلي ڪا راءِ ڏي.
مطلب ته سنڌ جي درٻارن ۽ محفلن ۾ ڳجهارت جي ذريعي
اهو مقصد ادا ٿيندو رهندو هو، جنهن کي هِن دور ۾
’ٽيلي ڪميونيڪيشن‘ چئجي ٿو.
اڳئين دؤر جي لوڪ ميڙاڪن جو ننڍي ۾ ننڍو جز
’اوطاق‘ هو. اوطاق ڪنهن ڳوٺ يا بستي جو اهو تربيت
گاهه هو جتي عقل، علم، فهم، ادب ۽ تعظيم سان گڏ
حالات حاضره تائين جي احوالن جي تربيت ٿيندي هئي.
ڪو ماڻهو ٻاهران سفر کان ايندو هو ته ان کان
تفصيلي حال احوال وٺبو هو ۽ انهيءَ اوطاق واري
ڪچهريءَ مان ڪو هڪ ماڻهو ٻئي ڳوٺ ويندو هو ته
تفصيلي احوال ڪندو هو. اهڙي طرح ٽئي ڏينهن ٽيون
ڳوٺ ۽ ستين ڏينهن ستون ڳوٺ وانگيان، ننگرپارڪر ۾
پهتل گجرات جا سماچار حيدرآباد پهچي سگهندا هئا.
ٿر ۾ هن قسم جي خبر رساني کي ’لڪڙتار‘ ڪوٺيو ويندو
هو، ڪنهن کان پڇبو ته هيءَ خبر توکي ڪيئن پئي ته
چوندا هيءَ ڳالهه ’لڪڙتار‘ ذريعي پهتي. غالباً هيءُ
اصطلاح انگريزن جي دور ۾ مروج ٿيو ۽ روينيو کاتي
طرفان لوهه جي پائيپن ۾ تارون لڳائي تار ۽ ٽيليفون
جو نظام رائج ٿيو.
اوطاقون لوڪ ادب جا تربيت گاهه هئا ۽ اڃان به جتي
جتي اوطاقون آباد آهن اُتي سُگهڙن جي سُگهڙائپ جو
فن موجود آهي. اسان کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ
گهرجي ته لوڪ ادب اوطاقن جي سونهن آهي، نه ڪِ
ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سان ان جي ترقي ٿيندي. ان ڪري
لوڪ کي ادب بچائڻ لاءِ ڪچهرين ڏانهن ورڻو پوندو.
ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ترقي کان پاسو ڏيڻو پوندو
ڇو ته هن قسم جي ترقي کي ترقي ڪيئن چئون جنهن جي
نه منزل طئه آهي نه مقصود جو ڪو پتو آهي.
ڳجهارت جي لغوي
پهلوئن ۽ ان جي قسمن ۽ ڪارج جي هيٺين طرح وضاحت
ڪري سگهجي ٿي:
ڳجهارت=
لفظن جو واڌارو- تاريخي جهلڪيون
دوراهو=
لفظن جي چيرڦاڙ- تهذيب جي اُپٽار
هنر=
لفظن جو واڌارو- سماج جي اُپٽار
ڏهس=
لفظن جو واڌارو- ادبي جهلڪون
اڏي=
لفظ سيکارڻ- ماحول جي ڄاڻ
پرولي=
لفظ سيکارڻ- ماحول جي ڄاڻ
ڏور=
(اسم آهي حالت وارو) ڏورڻ مان نڪتل آهي، هيءَ هڪ
تمثيلي شاعري آهي، هن ۾ تاريخ جون واقعاتي جهلڪون
آهن. ڏور جا موضوع خاص طرح ذات، سوا لک نبي،
پنجتن، اصحاب هجن ٿا، مگر ان ۾ وسعت به جام آهي.
ڳوڙهو=
(مجاز مرسل) لفظن جو اونهون اڀياس
ڳاهه=
مام، ڳنڍ، درج
ڳيچ=
ڇوڪريءَ جي وڌندڙ ڄمار ۽ شاديءَ بعد پنهنجي
ساهوراڻي راڄ ۾ پاڻ وڻائڻ لاءِ تربيت ڪرڻ، گُڏين
راند ۾ مختلف مرحلن جا ڳيچ تيار ڪرڻ
ڳالهه=
نصيحت، واقفيت ۽ تاريخ
ڳجهارت جي چئن قسمن سُرائتيون، لوڪ سُريون، جڳ
سُريون ۽ متفرقه جا ڪجهه مثال ڏيون ٿا. اسان وٽ
عام طرح سرائتيون ڳجهارتون انهن کي چئبو آهي، جيڪي
ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالي جي جهڙوڪر، رپ، مارل، موکي،
مارئي، سسئي، سهڻي، سورٺ، ليلان، مومل راڻو،
رامڪلي، ڪاپائتي، سامونڊي، ڪاموڏ، گهاتو، سارنگ،
بروو، بلال، ڏهر وغيره وارن مضمونن مان هونديون
آهن.
جيئن: (1) سر مارئي مان.
ڪاٺ
جون ساريم سومرا، ڪاٺ جون اباڻن،
ڪڙهيون ڪِڙيون
ڀڃڻي: ڪڙهيون (لانڍيون) ساريم سومرا جيڪي ڪِڙيون
(ٺاهيون) اباڻن ۾.
(2) موکي:
پوک
جا، پنهنجا، مال جا، ذات ويا،
موڪيءَ مهمان متارا مري
ڀڃڻي: موکيءَ جا مهمان، متارا مري ويا.
(3) سسئي:
نالو
نالي ناهه، نالي ماري سسئي،
يارو بيگ محبت
يارو بيگناهه، محبت ماري سسئي.
ڀڃڻي: يارو! بيگناه، محبت ماري
سسئي.
(4) سهڻي:
نالي
کنئي، تڏهن ڌرم جو درياه ۾،
سڪندر ساڌو
ڀڃڻي: سڪ اندر جي کنئي، تڏهن سا ڌو درياهه ۾.
(5) سورٺ:
پاهڻ،
پاڻي نه مال، تنهنجو پاهڻ نه
وڻيو،
ٿوٻي جل گانءِ سرمون
ڀڃڻي: تون ٻيجل نه گانءِ (ڳاءِ) تنهنجو سُر مون نه
وڻيو.
(6) ليلان:
(الف)
اي ميان نرنام، کاڄ جي سان مال
جو ڪر،
چنيسر ريوڙي وڙڪر
ڀڃڻي: اي ميان چنيسر ري وڙيءَ سان وڙ ڪر.
(ب)
مال
جيءَ نالو هو رَڇ آندو
ملڪ ۾،
چوريءَ چنيسر ڪونرو ڪڇ.
ڀڃڻي: چوريءَ چنيسر هو، ڪونرو آندو ڪڇ ۾.
(7) نوري ڄام تماچي:
نـــــالــــــــي
جرجي هو، جيئڏ نانءِ ڪپڙ
جي تي،
ڪينجهر ڪناري ڄارو جام ڪله
ڀڃڻي: ڪينجهر ڪناري هو، ڄارو ڄام ڪلهي تي.
(8) رامڪلي:
هڻ هٿ جي، کڻ وڻ جي، پاڻ ذات
ٿينداسين
تاڙي مرلي
ڀڃڻي: هڻ تاڙي کڻ مُرلي، پاڻ جوڳي ٿينداسون.
اهڙي طرح لوڪ سريون ڳجهارتون جن ۾ رسالي کان ٻاهر
جا داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون شامل آهن، انهن ۾ سيف
الملوڪ ۽ بديع الجمال، دولهه دريا خان، مري ۽ مُڱ
ٿر، ۽ ٻيا شامل آهن.
(1) ڦل وڌو ۽ ڀوري:
ذات
جهل، ته ڪنهن ڪوڙ جي، نرنا
ڏسان
دائي دانا بهاني
ڀوري
جڳ سرين ڳجهارتن ۾ اُهي سُر ۽ داستان شامل آهن،
جيڪي آهن ته سنڌ کان ٻاهر جا، پر سنڌ لوڪ ادب ۾
ڳايا ۽ سڻايا ويا آهن ۽ ائين لڳندو ته سنڌ جا
پنهنجا داستان آهن، پر اهي اصل ۾ ٻاهريان داستان
آهن، جيئن ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، انساءِ بنسا،
بانڪو بهرام، ممتاز دساز، هيررانجهو ۽ چاندو ۽
گنگراج وغيره.
(2) مجنون:
ڪتو
لڳو ڪاٺ کي ته نالي راڳ جي
ڪئي
ڪهاڙو بنڊ مجنون هئه هئه
ڀڃڻي: ڪهاڙو لڳو بنڊ کي ته مجنون هئه هئه ڪئي.
سرائتن، لوڪ سرين ۽ جڳ سرين کان پوءِ باقي سڀني
ڳجهارتن کي لوڪ ادب جي ڄاڻن متفرقه ڳجهارتن جي
سَري هيٺ رکيو آهي.
(1) ڪپڙي کي ذات لڳي، ته هڻجي
گهوڙي جي
ڪوٽ ڪلر
پُستي
ڀڃڻي: ڪوٽ کي ڪلر لڳي، ته هڻجي پُستي.
(2) جر مٽيءَ جون جن سان لڳيون
نيوم دليون
ڪاٺ
مال جا سي ڪنديون
هر هر ڀيرا
ڀڃڻي: نيون دليون جن سان لڳيون.
هر هر ڀيرا سي ڪنديون
(3) رات رکيم ڪپڙو، سوڳهه پيو هو
رومال ڪتريو
شابس تنهن نرنام کي، جنهن ذات
جو ڏنو
ملوڪ کي تنيو هو
ڀڃڻي:
رات رکيم رومال، سو ڪتريو پيو هئو
(4) ندي جيئڏ تو ڏيان، جي ٻولي مٽيءَ جو
ڪرين
نيل پدم ران ران
بند
ڀڃڻي: نيل، پدم توڏيان، جي ران ران بند ڪرين.
(5) جڏهن نالو انسان ٿيو، گهَرَ
جي، مينهن، کاڄ جا
پرين پيدا ڀت ڀِڄڻ
ڀورا
ڀڃڻي: جڏهن پرين پيدا ٿيو، ته بُتَ ڀَڄي ڀورا ٿيا.
واقعاتي ڳجهارتون ۽ متفرقه ڳجهارتن جو هڪ قسم جنهن
۾ ڪنهن خاص واقعي جو ذڪر هجي، هِتي 1973ع ۾ آيل
سنڌ ۾ درياهي ٻوڏ تي ڪجهه ڳجهارتون ڏيون ٿا، جيڪي
ريڊيو حيدرآباد جي پروگرام ساڻيهه جا سينگار ۾
چيون ويون.
(1) نر نام نالو نانءُ سان،
پرت جو اندر جو ناه ڪو
الله خيرو حافظ پنڌ اوک
جي نار آ، نرنام کان، نالن
کي پنهنجو ناه ڪو
مهر مهراڻ مارن جوکو
ڀڃڻي: فاالله خيراً حافظا چئو، پنڌ اوکو ناهه ڪو.
جي مهر آ، مهراڻ کان، مارن کي جوکو ناهه ڪو.
(2) طويل ڳجهارت:
سڱ،
نار، ڦاٽ پراڻو، چم جي سان جرجن،
آئي هوٿل اوچتو چڙهي
چڪرن
جبل،
مٽيءَ جا نار ناجو، جر جيئن
نرنائن،
ڀڳو بند بچاءَ جو ڌوڪيو
دريائن
پکي
تڙ جو وهڪرو گل جون منجهه
لوهه جن
وهيو پاڻي تڪڙو پنکڙيون
پَٽن
نالا
اٿيا دل جن سان، نالا ڏانهن
نالن،
جوان جذبن اسهيا
دڙن
نالن
نرنامن جي، پيا نالا سڌ لهن،
اڀرن عاجزن سورهيه
پيا وڻ، وِيرين جون ڪن، تڙجي
۾ ذات چئي.
مڙد مڙسيون پاڻيءَ
پلي
ڀڃڻي:
آئي اٿل اوچتو، چڙهي سان چڪرن،
ڀڳو بند بچاء جو، ڌوڪيو دريائن،
وهيو پاڻي تڪڙو، پکڙيو منجهه پٽن
جوان اٿيا جذبن سان، اُسهيا ڏانهن دڙن
اڀرن عاجزن جي، پيا سورهيه سُڌ لهن
پيا مڙد مڙسيون ڪن، پاڻيءَ ۾ ’پلي‘ چئي.
(5) نرنا جهل نرنام کي، ته نرنا
نانءَ کڻن
موليٰ مهراڻ سانگي
ساه
تڙ جو
ريت راند جي سان، نرنا نار
وڃن
پاڻي پوئتي هٽڻ سان، موٽئو ماڳ
ڀڃڻي:
موليٰ جهل مهراڻ کي، ته سانگي ساهه کڻن،
پاڻي پوئتي هٽڻ سان، موٽئو ماڳ وڃن.
(7) نار ڪر نرنامڙا، نرنام
هر جيئن ٿي پوي
مهر مالڪ مٺا مهراڻ ماٺو
پنهنجا
نالا مال جا، سو لوه جو
برجيئن ٿي پوي
ماڳ لهرين لوڙها پٽ ڪاٺو
ڀڃڻي:
مهر ڪر مالڪ مٺا، مهراڻ ماٺو ٿي پوي،
ماڳ لهرين لوڙهيا، سو پٽ ڪاٺو ٿي پوي. |