طارق عزيز شيخ
ڪراچي
آزاد جتوئيءَ
جي 13 ورسي
سي ئي جوڀن ڏينھن، جڏهن سڄڻ سفر ھليا
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھه رب پاڪ اھڙي ڏات ڏيندو
آهي، جيڪو ھڪ ئي وقت ۾ مختلف صلاحيتن جو مالڪ بڻجي
ويندو آهي.
ائين
ئي، آزاد جتوئي به ھڪ ئي وقت ۾ ڪھاڻيڪار ، صحافي ۽
بينڪار ھو.
ادبي کيتر ۾ آزاد جتوئيء جي نالي سان سڃاتو ويندڙ حضور بخش
جتوئي 4 مارچ 1956ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي محرابپور ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. آزاد جتوئيءَ
پرائمري تعليم محرابپور ۾،
سيڪنڊري ڏوڪريءَ
۾،
بي.اي
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ۽ 1985ع
۾ ايم.اي
جرنلزم ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ
مان پاس ڪئي.
آزاد جتوئي تعليم مڪمل ڪرڻ کان سُتت ئي پوءِ بينڪنگ سيڪٽر سان سلهاڙجي ويو.
ھُو
مختلف مالياتي ادارن ۽ بينڪن ۾ ڪامياب آفيسر ھو،
جيڪو پنھنجين صلاحيتن سان سينئر وائيس پريزيڊنٽ
تائين ترقي ڪري پھتو.
آزاد جتوئيءَ
جو پاڪستان جي تاريخي تعليمي اداري، سنڌ مدرسة
الاسلام سان به واسطو رھيو. ھُو
اداري ۾ ڪلارڪ طور شامل ٿيو ۽ محنت ڪري سيڪريٽريءَ جي عھدي تائين پھتو. بعد ۾ ھُو
بورڊ جو ميمبر پڻ رھيو.
ننڍپڻ کان وٺي علمي ادبي شغف رکندڙ آزاد جتوئيءَ
لکڻ جي شروعات ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪھاڻين سان ڪئي.
ساڳئي زماني ۾ ئي آزاد جتوئي ٻاراڻي ادب جو وڻندڙ
رسالو
’ڏياٽيون‘
پڻ شايع ڪيو،
جيڪو دلچسپ ٻاراڻي مواد سان سينگاريل ھوندو ھو.
سنڌي ادب جي ھن ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻين جو تعداد وڌيڪ ناھي،
پر تنھن ھوندي به سندس لکيل ڪھاڻيون ان زماني ۾
وقت ۽ حالتن پٽاندر ھيون. ان ڳالهه جو پڻ افسوس
آھي ته سندس اڻ ڇپيل ڪھاڻيون گھر جي لڏپلاڻ سبب
ضايع ٿي ويون، باقي وڃي اھي ڪھاڻيون بچيون،
جيڪي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي محفوظ ٿي ويون ھيون.
سندس وفات کان پوءِ ڪھاڻين جو مجموعو،
’ڏکيو
ڏيھه سندر سپنا‘
سندس ونيءَ
حسينه جتوئيءَ
پاڻ ڪھاڻين کي سھيڙي
شايع ڪيو.
ڪاش اھو ڳٽڪو آزاد جي حياتيءَ ۾ ئي ھو ڏسي ھا....
1984ع
۾ آزاد جتوئي جي زندگيءَ کي سرھاڻ سان ڀريندڙ
حسينه ميمڻ جو ساٿ مليو، جيڪا بعد ۾ حسينه جتوئي
بڻجي وئي. ٻنھي جي زندگيءَ ۾ ڄڻ بھار اچي وئي.
آزاد پنھنجي ونيءَ کي چاھه مان
’مومل‘ ڪري ڪوٺيندو هو، جنھن نالي سان ھن 1998ع
ڌاري ماھوار ادبي رسالو
’مومل‘ به جاري ڪيو. ڪجھه عرصي کان پوءِ انھيءَ
رسالي کي روزاني
’مومل‘ اخبار بڻائي شروع ڪيائين. آزاد جي وڇوڙي کان پوءِ سندس شوق سان شايع ڪيل اخبار
کي حسينه جتوئي پاڻ سنڀاليو. اڪيلي عورت ٿي، مردن
جي معاشري ۾ ھن ھمت سان وک وڌائي ۽ مالي مسئلن جي باوجود به مڙس جي مِشن کي اڃا تائين جاري رکندي پئي اچي.
ھر ڪنھن سان کلندڙ ملندڙ طبيعت وارو آزاد جتوئي، سدائين مرڪندڙ
چھري سان نظر ايندو ھو. مزاج جو مٺو اھڙو ھوندو ھو
جو پھريون ڀيرو ملاقات ڪرڻ واري کي لڳندو هو ته ڪا
پراڻي شناسائي آهي.
ھُو علمي ادبي حوالي سان ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ
جي پروگرامن سان به جُڙيل
رھيو.
آزاد جتوئي مطالعي سان تمام گهڻو لڳاءُ
رکندو هو، انھيءَ ڪري ھن پنھنجي وس آھر ڳوٺ ۾ به
لائبريريءَ
قائم ڪئي ھئي، جتي ھڪڙو علمي ادبي ماحول پڻ بڻجي
ويو ھو. ھن جي وفات بعد لائبريريءَ جي ڇت برسات
سبب ڪِري
پئي ۽ ڪتابن جو گھڻو تعداد ضايع ٿي ويو....
ڏکوئيندڙ ڳالهه اھا آهي ته باقي جيڪي ڪتاب بچيا ھئا سي گھر جي
لڏپلاڻ وقت ڪٻاڙيءَ جي نظر ٿي ويا...
26
آگسٽ 2009ع آزاد جتوئيءَ جي
اوچتي
وڇوڙي
تي
سندس خاندان مٿان ڪا
ڄڻ
ڇِپ
ڪِري
پئي.
ھڪ خوشين ڀرئي ڪٽنب ۽ رونق واري گھر ۾ اداسين ۽ مايوسين ديرو
ڄمائي ڇڏيو. جنهن ٿي آزاد جو وڇوڙو ٻڌو، تنھن اک
آلي ڪئي.
مولا علي عليه
السلام
جو قول آھي:
”پاڻ کي ائين بڻايو جو، جيستائين جيئو تيستائين ماڻھو اوھان ڏانھن راغب رھن ۽
جڏهن دنيا
ڇڏيو ته اوهان کي ياد ڪري لڙڪ وھائين.“
آزاد جتوئيءَ
به پاڻ کي ائين ئي بڻايو. پُرڪشش
۽ ملنسار،
جڏهن جھان ڇڏيائين تڏهن به ڄڻ مرڪندي چيائين:
”فنا
جو سڏ ٿو گونجي،
اسان جي سڏ وراڻي آ،
چڱو بس موڪلاڻي آ.“
مهتاب اڪبر راشدي
ڪراچي
ڪهاڻيءَ جو جاري سفر!
محمد
علي
پٺاڻ جي ڪهاڻي ڪتاب
’طوفانَ
۾ ڪَکائون گَهرُ‘ جو اڀياس
چوڻ لاءِ ته هميشه اهو چئبو آهي ته
’زندگي هڪ ڪهاڻي آهي.‘ ڇو ته زندگي ڪڏهن به بيهي ڪو نه ٿي،
هلندي ٿي رهي. ڪڏهن تڪڙي ڪڏهن سست. ان ۾ ڪيترائي
موڙ ٿا اچن. ڏکيا پنڌ پيچرا به ان جو حصو آهن ته
مقصد جي حصول جي وچ ۾ الائي ڪيتريون ڏکيائيون به
ڏسڻيون ٿيون پون. انهن کي پار ڪرڻ جي جتن مان وري
ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون جُڙي ٿيو وڃن. ان ۾ انسان جو انسان سان واسطو، انساني رويا،
انساني جذبات و احساسات. ان جو اظهار........ ان
جو بيان. انهن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ جا سڀني جا جداگانه
طريقه ۽ نظريه. مطلب ته هڪ اڻ کٽندڙ سفر آهي، جيڪو
جاري آهي.
پر اسان ادب جي جنهن صنف
’ڪهاڻي‘ جو ذڪر ٿا ڪريون، تنهن جي ڪهاڻي به پراڻي آهي. ڪهاڻي
’ٻڌائڻ‘ جي فن کان وٺي ڪهاڻي
’لکڻ‘
جي هنر تائين به وڏا داستان ۽ دستاويز موجود آهن، جن ۾ گذريل دؤر کان وٺي موجوده زماني تائين به تبصرن ۽
تجزين جو سلسلو سڄي دنيا ۾ جاري ساري آهي. اڄوڪي
دؤر ۾ ٽيڪنالاجي جي نَوَنِ ۽ مُيسر ذريعن جي ڪري،
دنيا ڄڻ ته سڀني جي پهچ ۾ اچي وئي آهي. ڪتابن جون
ڀريون توهان جي سيل فون ۾ موجود آهن ۽ توهان جي هڪ
آڱر جي ڇُهاءَ جون منتظر آهن. پل کن ۾ جيڪو ڪجھ به
پڙهڻ چاهيو سو موجود هوندو.
هر ٻولي، هر زبان جو ادب ترجمي جي سهولت
سان موجود آهي. ايڏي وڏي ادبي کيتر ۾ سنڌي ادب به
پنهنجي شانَ مانَ سان پنهنجي جاءِ والاريون پيو
اچي. سنڌ جي تحقيق نگارن جڏهن کان سنڌي ادب ۾ سرجڻ
واري سنڌي ڪهاڻيءَ
جا 1914ع کان وٺي پيرا کنيا آهن ۽ لالچند امرڏني
جي
’حُر
مکي جا‘،
کان اهو سفر شروع ٿيو آهي،
سو اڄ 2020ع تائين جاري آهي. ان عرصي ۾ ڪيترائي
ڪهاڻيءَ جا تخليقڪار پيدا ٿيا. هنن پنهنجي خوبصورت
تحريرن سان ادب جي ميدان ۾ ان وقت جي مروجه اسلوبن
تحت لکيو ۽ پاڻ مڃرايو ۽ سندن نالو ان سفر جي
راهگذارن ۾ شامل ٿيندو ويو. هر ٽهيءَ پنهنجي دؤر ۽
گذريل دؤر جي ڪهاڻيڪارن کي پڙهيو ۽ سندن پورهيي جو
قدر به ڪيو ۽ سندن لکڻين کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون.
جن تحريرن ۾ دَمُ هئو
سي اڄ به ڳاڻاپي ۾ اچن پيون ۽ انهن جا سرجڻهار
سنڌي ادب ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪا آهن ۽ سندن ذڪر
کان بغير سنڌي ڪهاڻيءَ تي تبصرو ۽ تجزيو مڪمل نه
ٿو سمجھيو وڃي.
اهڙي طرح موجوده دؤر ۾ به ڪهاڻيءَ جو سفر
جاري آهي. ڪهاڻي لکجي پئي،
ڇپجي پئي ۽ پڙهجي پئي. ادب جي افق تي روز ڪئين
ستارا اُڀرن ٿا ۽ پنهنجي تخليق جي جوت پکيڙن ٿا. اهڙي ئي ماحول ۾ ادب
سان دلچسپي رکندڙن مان ڪير اهڙو هوندو جيڪو محمد
علي پٺاڻ کان واقف نه هوندو.
1974ع کان ٻارن لاءِ ڪهاڻين لکڻ کان شروعات ڪرڻ
وارو محمد علي پٺاڻ جو قلم نه صرف بيٺو ناهي، بلڪه
سندس رفتار اڳي کان به اڳري آهي. ان وچ ۾، ادب جي
هر صنف ۾ هُو طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾
ڪهاڻي، شاعري، ناول، ڪَوِتا ناول، آتم ڪٿائون،
ٽيلي ويزن جا ڊراما، مضمون نگاري، تجزيا
نگاري......... مطلب ته ادب جي شايد ئي ڪا صنف
هجي، جيڪا پٺاڻ صاحب جي قلم کان بچي نڪتي هجي. اهو
سڀ ممڪن تڏهين ٿو ٿئي جڏهين، قلمڪار پنهنجي قلم ۽
تخليق سان جنون جي حد تائين واڳيل هجي. اهو جنون
ئي ته نظر اچي ٿو، انهن سڀني ڪتابن جي صورت ۾، جيڪي ستر جي ڏهاڪي کانپوءِ هن مهل تائين
پڙهندڙن جي هٿن ۾ لڳاتار پهچندا رهن ٿا.
هتي اسان خصوصن ذڪر، ڪهاڻيءَ جو ئي
ڪنداسين، جنهن تي محمد علي پٺاڻ، ڪهاڻيءَ جي
روايتي اسلوب سان شروعات ڪري مڃتا ماڻي ۽ پوءِ ادب
جي انهيءَ صنف جي مختلف گھاڙيٽن ۾ طبع آزمائي ڪري،
پنهنجي لاءِ هڪ ٻي شناخت به ٺاهي آهي.
مختصر ڪهاڻي ۽ پوءِ بنهه مختصر ڪهاڻي لکڻ
ڪو ايترو سولو ڪم ناهي. روايتي ڪهاڻي پنج ڏهه صفحا
ته ٿيندي ئي آهي، پر
’طوفان ۾ ڪَکائون گھَرُ‘ ۾ گڏ ڪيل ننڍڙيون ڪهاڻيون ڀلي ته سوا صفحي تي مشتمل هجن ،
پر ان سوا يا ڏيڍ صفحي جي اندر زندگيءَ جا الائي
ڪيترا معاملا ۽ مسئله ڪَرُ کنيو بيٺا آهن. ان ۾
اهڙا واقعا ۽ احساس پنهان آهن، جيڪي هڪ سوچيندڙ
دماغ، تيز مشاهدي ۽ حساس دل واري جي قلم مان ئي
نڪري سگھن ٿا.
’پهرين فرصت ۾‘ جي عنوان هيٺ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي
’ٿاڻي‘ جي ڪلچر کي ايتري سادگيءَ پر ڀرپور نموني واضح ڪيو آهي جو، جيڪڏهن
ڊي.ايس. پي صاحب اچڻ ۾ ٿوري دير ڪري ها ته، محرم عليءَ جي خاطر
توازه ۾ مٿس ٻه چار لٺيون ۽ ڪجھ موچڙن جو وسڪارو
به ٿي سگھيو پئي.
’ڪير پڇندن‘ ۾ وري رٽائرمينٽ کانپوءِ پينشن شروع ڪرائڻ واري عذاب مان
گذرڻ واري جي ڪٿا آهي. ”کائي چَڙههُ ڪندس‘ ته اڄوڪي سنڌ جي تصوير آهي، جنهن ۾ ڍَءُ ڪري
’ڪمائڻ‘
جو طريقو پنڻ کي بنايو ويو آهي.
’مان
اَڇي‘،
ان عذاب تان پردو ٿي کڻي، جنهن ۾ عياش پٽن کي
اجائي ڦوشر ۾ ڪيل قتل کان بچائڻ لاءِ پنهنجي کير
جهڙين ڀاڄاين
نياڻن کي
’ڪاري‘ ڪري ماريو ٿو وڃي.
’وڃي علاج ڪراءِ‘ ۾ اهو شڪي مڙس ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو اوڙي پاڙي جي هر مرد
تي زال کي شڪ ڪرڻ جي تهمت هڻڻ ۽ طنز ڪرڻ ۾ دير ئي
نه ٿو ڪري، پر سندس اصليت تڏهين ٿي واضح ٿئي، جڏهن
هُو
پنهنجي زال کي بازار محض ان ڪري نه ٿو وٺي وڃي ته،
’جي
ڪنهن دڪاندار سان ٺهي وڃي ته ڇا ڪندوسانس سائين‘......... وارو سوال سندس دماغ ۾ موجود آهي.
’پهڻ ۽ پيچرو‘ انهن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پنهنجو پيٽ ڪٽي ٻارن کي
اعليٰ تعليم ڏياري انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ تائين ته
پڄائين ٿا، پر سرڪار جي سفارشي ۽ رشوت واري
ڪاروبار سبب نوڪرين کان محروم ٿي، اوڙي پاڙي جي
گند ڪچري کڻڻ جو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿا ٿين.
اِهي ڪيترائي بيشمار سماجي مسئلا آهن،
جيڪي انهن مختصر ڪهاڻين جي صورت ۾ موجود آهن،
پر جتي ان کان علاوه جهڙي طرح عام طرح سان معاشري
۾ جهڙو ظلم روا آهي، تن کي ته تمام پُراثر نموني
بيان ڪيو
ويو آهي، تنهن سان گڏوگڏ انسان جي اندر ۾ موجود
چڱائي، سماج کي بهتر بنائڻ واري انفرادي ۽ اجتماعي
مثبت روين تي مشتمل ڪهاڻيون به موجود آهن، جيڪي
پڙهندڙن کي مايوسيءَ مان ڪڍي، چڱي عمل تي آماده ڪن
ٿيون. انهن ۾
’تيسين قرب ڪيو‘،
’سنئين
واٽ‘
جهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز
هوندي به ان کي مثبت نموني منهن ڏيڻ واري سوچ ۽
’سنئين واٽ‘ ۾ خاندان ۾ زوريءَ
شادي ڪرائڻ خلاف ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ
آهي چڱو ٿيو جو ڇوڪري شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ نه
ته سندن وڏن لاڏن ۾ پليل ڇوڪري سڄي عمر پئي ڀوڳي
ها.
’فيصلو‘ ۾ اهو ٻڌايل آهي ته عشق ۾ اَنڌي گھوڙي تي سوار نه ٿِجي، پر ڪو وڏو ڪا چڱي صلاح ڏئي ته
غور ڪرڻ ۽ ان متعلق اصل حقيقت معلوم ڪري فيصلي
بدلائڻ ۾ هرج ڪونهي، جو ائين ڪرڻ سان پوري زندگيءَ
جي پڇتاءَ کان ڇوڪرين جو بچڻ بهتر آهي.
’طوفان ۾ ڪَکائون گھَرُ‘ پڙهڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو ته، محمد علي پٺاڻ
جي پنهنجي سماج جي سوچ جي بدلجندڙ هر پهلو تي نظر
آهي. هُو روايتن جو امين ضرور آهي، پر سندس سوچ ترقي پسند ۽ اُتساهيندڙ آهي. هُو عورتن جي انسان هئڻ جي ناتي، سندن حقن جي تحفظ جو حامي آهي
۽ هر ان عمل جي نندا ٿو ڪري،
جيڪي عورتن کي تڪليف پهچائينديون هجن. هُو
هر قسم جي منفي ۽ انتها پسند سوچ جي مخالفت،
’رسو‘،
’اڪيلڙو
ڏيئو‘،
’انڌو
عشق‘،
’ٻه نمبر دوائون‘ ۽
’ڪاپي‘ جهڙين مؤثر ڪهاڻين جي صورت ۾ ڪري ٿو.
اڄوڪي دؤر ۾ جتي ماڻهن مان پڙهڻ جو شوق
ختم ٿيندو ٿو وڃي، اتي محمد علي پٺاڻ جي، ادب ۾
ننڍي / مختصر ڪهاڻي جي وصف کي هٿي وٺرائي ان ۾
تسلسل سان لکڻ واري عمل جتي سندس ان خوبيءَ کي
واضح ڪيو آهي ته وڏي کان وڏي ۽ ڏکي کان ڏکئي موضوع
کي به سادن سلوڻن لفظن ۽ اظهار سان انتهائي مـؤثر نموني پيش ڪري سگھجي ٿو. ڪهاڻيون
پنهنجي اندر ايتري دلچسپي رکن ٿيون،
جو هڪ کان پوءِ ٻي پڙهندي پڙهندي هڪ ئي ويهڪ ۾ سڄو
ڪتاب پورو ٿي وڃي ٿو. يعني هن زماني ۾، ماڻهو ڪتاب
نه پڙهڻ لاءِ
’وقت‘ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائيندا آهن، تن لاءِ
هيءُ ڪتاب هڪ بهترين لکڻيءَ
جي صورت ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ انساني احساس ۽ سماجي
مسئلا، مثبت ۽ منفي صورتن ۽ لاڙن ۾ انتهائي
خوبصورت اظهار جي شڪل ۾ موجود آهن.
انور ڪليم
شهدادڪوٽ
عبدالرافع شيخ جي ناول ’ڪهڪشائن کان اڳتي‘ هڪ
جائزو
عبدالرافع شيخ جو هيءُ
ناول زندگيءَ جي روحاني توڙي معاشرتي حقيقتن کي
معلوم ڪرڻ جي جستجو آهي، مرڪزي ڪردار عاجز جو سڀ
کان پهريون زندگيءَ جو مقصد وڏو دولتمند ٿي پنهنجي
بزنس ايمپائر اڏڻ هوندو آهي، هو ان مقصد کي حاصل
ڪرڻ ۾ زال جي وجود يعني شاديءَ
کي به رڪاوٽ سمجهندو آهي، جنهن جي ڪري شادي ڪونه
ڪندو آهي، پر جڏهن سندس ڊاڪٽر دوست هن جي سوچ سان
اختلاف ڪندي کيس اها صلاح ڏيندو اٿس ته هو هڪ اهڙي
عورت سان شادي ڪري جيڪا اهڙي بيماري ۾ ورتل آهي جو
کيس زندگي سال يا ڏيڍ سال کان وڌيڪ مهلت ڪونه
ڏيندي جڏهن ته ان سان شادي ڪندڙ جي صحت کي به ڪو
خطرو ڪونهي، ائين هُو
ٿوري وقت لاءِ شادي ڪري ان جو تجربو حاصل ڪري سگهي
ٿو بعد ۾ جيڪڏهن هُو
چاهي ته ٻيهر شادي ڪري ۽ جي اڃا زال کي ڪاروبار ۾
رڪاوٽ سمجهي ته پوءِ ڀلي باقي ڄمار اڪيلو گذاري،
عاجز پنهنجي دوست جي ڳالهه مڃيندي ان عورت دعا سان
شادي ڪري ٿو، شروع ۾ هُو
دعا مان تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو، پر پوءِ جڏهن ڪاروباري نقصان ۽ پريشانيون وڪوڙينس ٿيون ته هو
ان جو ذميوار پنهنجي زال کي سمجهڻ لڳي ٿو، دعا کي
جڏهن اها خبر پئي ٿي ته هن جو وجود ئي عاجز جي
پريشانين جو سبب آهي ته هوءَ بد دل تي عاجز کان
موڪلائي پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر هلي وڃي ٿي.
دعا جي وڃڻ کان پوءِ عاجز سمورو وقت پنهنجي ڪاروبار کي ڏئي آخر
پنهنجي بزنس ايمپائر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪري ٿو، پر
پوءِ کيس دعا جي ڪمي شدت سان محسوس ٿئي ٿي، هو دعا
سان ٻيهر ملڻ چاهي ٿو پر خبر پويس ٿي ته دعا
زندگيءَ جون آخري گهڙيون اسپتال ۾ گذاري رهي آهي،
هُو
اسپتال پهچي پنهنجين دعائن ۽ دولت سان دعا جي
زندگي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو،
پر ڪامياب ڪونه ٿو ٿئي.
دعا جي موت کانپوءِ هُو
جڏهن واپس پنهنجي بزنس ايمپائر ڏانهن اچي ٿو ته
کيس هر شئي بيڪار لڳي ٿي، کيس احساس ٿئي ٿو ته
انسان اڪثر گهٽ قيمت وارين شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ
قيمتي شين جي قرباني ڏئي ڇڏيندو آهي، کيس اهو ڊپ
لڳندو آهي ته باقي زندگي به ائين غلط راهن تي
هلندي خواهشن جي رڃ ۾ نه گذري وڃي، تڏهن کيس دعا
جو چيل هڪ جملو ياد اچيس ٿو.
”جتي به زندگي ۾ رستو سمجهه ۾ ڪونه اچي، اتي ڌڻيءَ
جي لائيف لائين استعمال ڪندي سڀ ڪجهه ان تي ڇڏي،
زندگي جي جهاز کي آٽو پائليٽ تي رکي ڇڏجي ۽ پوءِ
جيڏانهن قسمت وٺي وڃي تيڏانهن سڪون سان هلندو
رهجي، جيئن پائليٽ هلندڙ جهاز کي آٽو پائليٽ تي
رکي پاڻ مزي سان ڪافي پيئندو آهي.“
ان کان پوءِ عاجز جي جستجو جي سفر ۽ هن ناول جي اصل شروعات ٿئي
ٿي، جنهن ۾ عاجز ڪيترا ڌڪا ٿاٻا کائيندي، محنت
مزدوري ڪندي، بک ڏک سهندي آخر شين جي اصليت ۽
اوقات کي سمجهڻ جي سگهه حاصل ڪري وٺي ٿو.
هن ناول ۾ انسان کي نراس ٿيڻ بدران آس ۽ اميد سان زندگي گذارڻ
جو سبق ته ملي ٿو پر ان سان گڏ پئسي وارن ماڻهن
جو ڪارخانن ۽ ڪاليجن تي پئسا لڳائڻ بدران آباد
زمينن کي غير آباد ڪري هائوسنگ سوسائٽيز جي پلاٽن
تي پئسا لڳائي ان اميد سان سمهي پوڻ ته هُو
جڏهن اٿندا ته انهن جا پئسا ڊبل ٿي ويندا، تي به
تنقيد ڪئي وئي آهي. ناول ۾ روحاني قدرن جي بقا ۽
زندگيءَ
جي جديد گهُرجن
کي سمجهڻ ۽ انهن ۾ توازن رکڻ لاء جملن وسيلي
خوبصورت تجويزون ڏنيون ويون آھن.
امر اقبال
خيرپورميرس
نسيم
کرل جي 83هين جنم ڏينهن تقريب
نسيم کرل جون ڪهاڻيون سنڌي ادب جو شاهڪار آھن. هُو سنڌ جو ڪهاڻيڪار هوندي به
دُنيا جو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين کي وڌ کان وڌ
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري پوري دنيا تائين پهچائڻ
گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار مختلف قلمڪارن ۽ گهڻَ
گُهرن سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي
83 هين جنم ڏينهن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نسيم
کرل يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران، پوپٽ پبلشنگ
ھائوس ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جي سھڪار سان
سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور ۾ ملهايل تقريب کي
صدارتي خطاب ڪندي نسيم کرل جي ننڍي ڀاءُ ميمبر
صوبائي اسيمبلي سنڌ نعيم کرل چيو ته نسيم منھنجي
لاءِ وڏي ڀاءُ نه پر پيءُ جي حيثيت رکندو هو.
ڪراچيءَ جي سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پڙهندو
هو ۽ تڏهن ڪاليج مان شايع ٿيندڙ مئگزين
جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ھو ۽ ان وقت ئي ڪھاڻيون
لکندو ھو. ھن وڌيڪ چيو ته نسيم کرل جي حوالي سان
ڪوئي به ڪتاب لکيو ويندو ته، اھو مان پنھنجي کيسي
مان ڇپرائيندس. نامياري ليکڪ قربان منگيءَ چيو ته
نسيم کرل 39 سالن جي مختصر عُمر ماڻي، ٿورو لکيو
پر معياري لکيو. سندس ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ نيوڪلاسڪ
جو درجو رکن ٿيون. نسيم کرل جي ڪھاڻين تي پي ايڇ
ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر ابراهيم کرل چيو ته نسيم وٽ موضوعن
جي رنگارنگي آهي، سندس قلم زرعي ۽ صنعتي سماجَ جي
موضوعن تي هڪ ئي وقت وڏي گرفت رکي ٿو. نامياري
صحافي خان محمد خان چيو ته نسيم کرل جي ڪهاڻين جا
ڪردار اسان جيئرا جاڳندا ڏِٺا. هُنَ خيرپور ۾ علمي
ادبي سرگرمين جي به سرواڻي ڪئي. نامياري شاعر مير
صوبدار سعيد چيو ته نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين جي
ڪردارن ۾ پيهي وڃي ٿو ان ڪري ئي سندس ڪردار امرتا
حاصل ڪن ٿا. سندس ڪيئي ڪھاڻيون ڊراماٽائيز به ٿيون
آھن. نامياري ليکڪ ضمير لاشاريءَ چيو ته نسيم کرل
جي ڪهاڻين ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿيل آهي اُها نظم
جو مزو ڏئي ٿي. ھُو ٻوليءَ جي حسن جو محافظ ڪھاڻيڪار آھي. نامياري شاعر منظور
خاموش چيو ته نسيم کرل ڪردارن جي نفسيات جو اونهو
مشاهدو رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. نامياري اداڪار اختر
کوکر
چيو ته خيرپور ۾ نسيم کرل جي حوالي سان ڪو يادگار
ادارو قائم ٿيڻ گهرجي. پروفيسر گل ڪٽوهر چيو ته
نسيم هِڪَ ئي وقت ايليٽ ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس جي
ڪردارن، ماحولَ، ٻوليءَ ۽ ثقافت جو ڳوڙهو مشاهدو
رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. تقريب جي ڪاروائي نامياري
شاعر امراقبال ھلائي. ھن موقعي تي نسيم کرل جي جنم
ڏينهن جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.
تقريب جي شروعات ۾ نامياري ليکڪ ۽ خيرپور جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر عبدالقادر
منگيءَ جي وڇوڙي تي ڪجهه منٽن جي خاموشي اختيار
ڪئي وئي. تقريب ۾ سگا اڳواڻ پروفيسر غلام قادر
ڦلپوٽو، ياسين جوڻيجو، حزب الله آءِ سومرو، روشن
شيخ، آزاد انصاري، فھيم منگي، انورچنا، يوسف ڪڙيو،
ظھير سومرو، احمد علي مسافر، خادم جوڻيجو، آصف
نظاماڻي، راحيل بڙدي، نصير چاچڙ، گلاب سومرو شعيب
چنا، عابد سومرو، سميت علم، ادب، صحافت، فن ۽
ثقافت جي شعبن سان لاڳاپيل مھمانن جي وڏي انگ شرڪت
ڪئي.
ارشد بلوچ
ڄام شورو
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ
ڄام شورو پاران منعقد ڪرايل ستون قومي سيمينار
ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ
ڄامشورو، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي حڪومتِ سنڌ
پاران ستين قومي سيمينار جي تقريب جون
19، 2022ع تي حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد
ڪئي وئي. هن تقريب ۾ ملڪ جي ناليوارن علمي ادبي
شخصيتن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سيمينار جي پهرين نشست کي موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ
کي سؤ سال پورا ٿيڻ ڏانهن منسوب ڪيو ويو، جنهن ۾
آرڪيالاجيءَ جي ماهرن، موئن جي دڙي بابت پنهنجا
تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
نشست جي شروعات الله تبارڪ و تعاليٰ جي بابرڪت
ڪلام سان محترم رضوان عزيز ڪئي، جڏهن ته نوادرات
کاتي، حڪومتِ سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪليم
الله لاشاري، سيمينار جي پهرين سيشن جي ميزبانيءَ
جون خدمتون سرانجام ڏنيون.
تقريب جي پهرين نشست ۾ انسٽيٽيوٽ جي ايڊوائيزري
ڪاميٽيءَ جي ميمبر، جناب عنايت بلوچ سيمينار ۾
موجود، اديبن، استادن، شاگردن سان گڏوگڏ صحافين
توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن کي تقريب ۾ اچڻ
تي خوش آمديد چيو. ان کانپوءِ انسٽيٽيوٽ جو مختصر
تعارف پيش ڪندي، هن ٻڌايو ته
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ سيپٽمبر 26،
2009ع تي قائم ٿيو. هيءُ ادارو سنڌ جي مايه ناز
عالم، اديب، تاريخدان، تعليمدان، لغت نويس ۽ لوڪ
ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي سان
منسوب آهي. هن اداري جي افتتاحي تقريب جي صدارت
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ ڪرڻ فرمائي. هن وڌيڪ چيو ته
اداري جا اهم مقصد سنڌ جي تاريخ، اورينٽل اسٽيڊيز،
سِڪا شناسي، پراڻي رڪارڊ بابت تحقيق ڪرڻ ۽ انهيءَ
تحقيق کي شايع ڪرڻ آهي. انهن مقصدن تحت ڪم ڪندڙ
ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي ڪندڙ استادن توڻي شاگردن سان،
هيءُ ادارو سهڪار پڻ ڪندو رهيو آهي. هن اداري جي
مقصدن جي حاصلات لاءِ سنڌ حڪومت پاران يارهن
عالمن/اديبن تي مشتمل هڪ صلاحڪاري ڪاميٽي
(ايڊوائيزري ڪاميٽي) پڻ نوٽيفاءِ ٿيل آهي. اداري
جو انتظام ۽ ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ڊائريڪٽر پڻ
مقرر ٿيل آهي. اداري طرفان 27 تحقيقي ڪتاب شايع ٿي
چڪا آهن، جيڪي مڃيل اديبن ۽ محققن جي تحقيق جو
نتيجو آهن،
ڪجهه
ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
*
مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ سندس فلسفو
- ليکڪ: ڊاڪٽر محمد انس راڄپر *انشا
عطارد - ازمنشي شيوڪ رام تصحيح و تدوين:
ڊاڪٽر خضر نوشاهي *حاصل النهج - تصنيف:
مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، تصحيح و تقدمه: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ *تاريخ نصرپور - مصنف:
ڊاڪٽرقريشي حامد علي خانائي *سنڌ جي مشاهير
علماءِ جا خط - مخدوم عبد الله نريائي تحقيق ۽
تنقيح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مترجم: ڊاڪٽر محمد
انس راڄپر *سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جون علمي ۽
ادبي خدمتون - تحقيق ۽ ترتيب: ڊاڪٽرقريشي حامد
علي خانائي *رسائل مخدوم محمد معين ٺٽوي (وجود
۽ شهود) - تحقيق ۽ ترجمو: ڊاڪٽر محمد انس
راڄپر *تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار
- محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري *تحرير
گيڙو بابت - تصنيف: فقيرنواب ولي محمد لغاري،
تحقيق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو *هدايت المريدين
-تصنيف: مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، تحقيق ۽
مقدمو: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو *ڇا
ڪائنات
قديم آهي؟ -مصنف:
مخدوم محمد معين ٺٽوي، سنڌيڪار:
ڊاڪٽر محمد انس راڄپر *معارف خواجه قاضي احمد -
تصحيح، تحقيق، مقدمو ۽ تعليقات: ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو *سنڌي ٻولي ۾ ڇپيل ڪتابن جو تاريخي جائزو
- تحقيق: ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ - مرتب: نفيس احمد
ناشاد *ديوانِ گل
۽ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو -
تصنيف: آخوند گُل محمد - تحقيق: ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو *The
Nineteenth-Century Book Trade in Sindh
Written by: Dr. Allah Rakhio Butt.
عنايت بلوچ اداري جي ڪارڪردگي بابت وڌيڪ
چيو ته هن اداري طرفان ڇهه قومي / بين الاقوامي
سيمينار منعقد ٿي چڪا آهن. انهن سيمينارن ۾ جرمنيءَ
مان ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، اٽليءَ
مان ڊاڪٽر وليريا ۽ نيوزيلينڊ مان پروفيسر محمد
عمر چنڊ شرڪت ڪري، هن اداري کي اعزاز بخشيو آهي،
جڏهن ته پاڪستان جي مختلف شهرن مان نالي وارا
دانشور پڻ شرڪت ڪري چڪا آهن، جن مان ڪِن جا نالا
هيٺ ڏجن ٿا.
ڊاڪٽر خضر نوشاهي، ڊاڪٽر محمد سليم اختر
(لاهور)، پروفيسر اقبال مجددي (لاهور)، ڊاڪٽر انجم
رحماني (لاهور)، ڊاڪٽر شهزاد قيصر (لاهور)، ڊاڪٽر
محمد پناه بلوچ (ڪوئيٽا)، زبير احمد گلزاري
(اسلام آباد)، پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد (اسلام
آباد)، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو (اسلام آباد)، ڊاڪٽر
حميره عارف دستي (بهاولپور)، ڊاڪٽر عصمت دراني
(ملتان)، ڊاڪٽر عارف نوشاهي (اسلام آباد)، پروفيسر
مظهر الحق صديقي، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، شمس
الحق ميمڻ، محترمه مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر نواز
علي شوق، پروفيسر محمد يوسف شيخ، محترم گل محمد
عمراڻي، محترم شوڪت حسين شورو، ڊاڪٽر فائزه زهره
مرزا،
ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙو، ڊاڪٽر محمد ادريس
سومرو، محترم مدد علي سنڌي، محترم محمد راشد شيخ،
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ٻيا.
ان کان علاوه هيءُ ادارو مختلف موقعن تي ليڪچر پروگرام ۽ ورڪشاپ پڻ ڪرائيندو
رهي ٿو. موجوده سال دوران اداري طرفان لوڪ ادب جي
مشهور صنفن ’سينگار شاعري‘ تي سگهڙن جي مچ ڪچهري،
سنڌي ’پرولي جي فن جو
جائزو‘ تي ليڪچر ۽ ’ڳجهارت جو لساني اڀياس‘ جهڙي
موضوع تي هڪ ورڪشاپ، کان علاوه ’لوڪ موسيقيءَ
جي ارتقا ۽ اوسر‘ تي ليڪچر پروگرام پڻ منعقد ڪرائي
چڪو آهي.
تقريب جي پهرين نشست کي آن لائين خطاب ڪندي، اسٽيٽ
بينڪ ميوزم پاڪستان جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آسمه
ابراهيم پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ ’موئن جي دڙي‘ ۽
’هڙپا‘مان هٿ آيل نادر شين جا نمونا اسڪرين تي
ڏيکاريا ۽ انهن بابت سائنسي انداز ۾ ٿيل تحقيق تي
روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته موئن جي دڙي ۽ هڙپا مان
هٿ آيل انساني ڍانچن تي ٿيل تحقيق مان خبر پوي ٿي
ته اُهي ماڻهو، هتان جا ئي اصل رهاڪو هئا.
تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف
آرڪيالاجي، پنجاب يونيورسٽي لاهور مان آيل ڊاڪٽر
محمد حميد چيو ته دنيا ۾ چار قديم قومن جا اهڃاڻ
ملن ٿا، جنهن ۾ موئن جي دڙي کانسواءِ ٻي ڪنهن به
سِولائيزيشن/ تهذيب ۾ ٽائون پلاننگ نٿي ملي. موئن
جي دڙي جي ٽائون پلاننگ کي ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته
دنيا ۾ سڀ کان پهرين موئن جي دڙي جي تهذيب مان
پلاننگ سان شهر اڏڻ جا مثال ملن ٿا. هن وڌيڪ چيو
ته عالمي سطح تي موئن جي دڙي بابت ٿيندڙ تحقيق کي
اسان اڳتي نه وڌائي سگهيا آهيون. اسان لاءِ ضروري
آهي ته اسان موئن جي دڙي جي تهذيب کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪريون، جنهن جي مدد سان اسان پنهنجي پاڻ کي
سمجهي سگهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته سئو سالن جو
عرصو گذري چڪو آهي، پر اسان هن شاهوڪار تهذيب جا
ٻيا ماڳ ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهيون. هن چيو
ته اسان فقط 20 رپين جي نوٽ تي موئن جي دڙي جي
تصوير ڏيئي، پنهنجو فرض پورو ڪرڻ واري خوش فهمي ۾
مبتلا آهيون، جڏهن ته انڊيا ۾ موئن جي دڙي تي فلم
به ٺاهي وئي آهي.
آرڪيالاجي جي ماهر ۽ نوادرات کاتي جي اڳوڻي
سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري چيو ته موئن جو
دڙو 5 هزار سال اڳ ۾ دنيا جي سپر طاقت رکندڙ تهذيب
هئي. ڊاڪٽر صاحب هڙپا جي تهذيب جو ذڪر ڪندي چيو
آهي ته هڙپا ۽ موئن جو دڙو ٻئي سيهوڳي تهذيبون
هيون. موئن جي دڙي جي پکيڙ معلوم ڪرڻ لاءِ 55
هنڌن تي ڊرائي ڪور ڊرلنگ ڪري ڄاڻ ورتي وئي آهي ته
موئن جو دڙو 325 هيڪٽرز ۾ پکڙيل آهي. ان دوران اها
پڻ معلومات ملي ته هي ڪانسيءَ جي دور جو، دنيا جو
سڀ کان وڏو شهر آهي. لاشاري صاحب وڌيڪ چيو ته موئن
جي دڙي جي قديم آثارن کي ماحولياتي طور سخت نقصان
پهچي رهيو آهي، ان ڪري يونيسڪو ان جي وڌيڪ
کوٽائيءَ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
سيمينار جي ٻين نشست سنڌ ۾ قلمي نسخن تي ڪيل تحقيق
تي مشتمل هئي، جنهن جي ميزبانيءَ جون خدمتون جناب
عنايت بلوچ سرانجام ڏنيون. هن نشست ۾
اسلام آباد مان آيل محقق، ناول نگار، افسانه نگار
۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج محمد حفيظ خان پنهنجي
تحقيقي مقالي ۾ ملتان جي سومرا دور تي روشني
وجهندي چيو ته ملتان تي ڏهه سومرا حڪمران ٿي رهيا
آهن، جن ۾ ٻه عورتون پڻ حڪمران رهيون. شهاب الدين
غوريءَ جي حملي وقت ملتان سميت اُچ ۽ ٿر (سنڌ) ۾
عمر سومري جي حڪومت هئي ته ان وقت اهڙا ڪهڙا سبب
هئا، جو ڪجهه مقامي ماڻهن، ٻاهرين حملي آورن کي
ملتان تي حملي ڪرڻ جون دعوتون ڏيئي، پنهنجي مقامي
حڪمرانن خلاف بغاوتون شروع ڪرايون. ان جا سبب اسان
کي تاريخ ۾ نٿا ملن، جن کي معلوم ڪرڻ جي سخت ضرورت
آهي. جڏهن ته عمر سومري جي حڪومت کي امن امان،
ڀائيچاري، صنعت، واپار ۽ معاشي خوشحاليءَ وارو دور
سڏيو وڃي ٿو. پوءِ اهڙيون ڪهڙيون مجبوريون هيون،
جو ڪن مقامي شخصيتن ملتان مان سومرن جي حڪومت جي
خاتمي لاءِ شهاب الدين غوريءَ کي ملتان تي حملي
ڪرڻ جي ترغيب ڏيئي، هن خطي تي 150 سالن تائين امن
۽ امان سان حڪمراني ڪندڙ، سومرا حڪمرانن خلاف جنگ
جوٽي. هن خطي کي قتل و غارت ۽ تباهيءَ جي منهن ۾
ڌڪي ڇڏيو، جنهن سبب سومرن جي حڪومت ختم ٿي.
سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر محمد ادريس سومري
پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ مخدوم جعفر بوبڪاڻي سنڌي ۽
ان جي ڪتاب ’نهج التعلم‘ جو مختصر جائزو پيش ڪيو.
هن چيو ته برصغير ۾ استاد ۽ شاگرد جي آداب ۽ فرضن
جهڙي موضوع تي لکڻ وارو پهريون عالم مخدوم جعفر
بوبڪاڻي هو، جنهن ’نهج التعلم‘ نالي ڪتاب لکيو،
جنهن جو پورو نالو ’نهج التعلم کما يجب العالم
والمتعلم‘ آهي، پوءِ ان جو خلاصو فارسي زبان ۾
’حاصل النهج‘ جي نالي سان لکيو ويو، جيڪو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق سان گڏ شايع ٿي چڪو
آهي.
ڊاڪٽر محمد ادريس سومري وڌيڪ چيو ته ’نهج التعلم‘
جيڪو عربي زبان ۾ لکيو ويو هو، اهو سنڌ جي ڪنهن به
لائبريريءَ مان نه ملي سگهيو؛ جيڪو پوءِ نيشنل
آرڪائيوز ڪابل (افغانستان) مان پنجويهه سال اڳ
1997ع ۾ حاصل ٿيو. ’نهج التعلم‘ويهن بابن تي مشتمل
آهي. هن ڪتاب مان اسان کي مخدوم صاحب جي مرشدن ۽
استادن جا نالا ملن ٿا ۽ انهن جي ڪجهه اهڙين
تصنيفن جو ذڪر پڻ مليو. مخدوم صاحب جي ڄمڻ جي
تاريخ به اسان کي ’نهج التعلم‘ مان ملي. سنڌ جي
ڪجهه مورخن ان جي ولادت جو سال اٽڪل 930هه ٻڌايو
آهي، ڪن مورخن مخدوم جعفر بوبڪاڻي کي مخدوم نوح
سرور هالائي (911 کان 998هه) جو همعصر لکيو آهي.
ڊاڪٽر ادريس سومري چيو ته مخدوم جعفر بوبڪاڻي جو
والد مخدوم عبدالڪريم عرف ’ميران بوبڪاڻي سنڌي‘
سنڌ جا وڏا عالم ۽ مفتي هئا، جن جي تصنيفن جو ذڪر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو سنڌ آرڪائيوز ڪراچي کي
ڏنل قلمي ذخيري ۾موجود آهي. مخدوم جعفر بوبڪاڻيءَ
جي اٽڪل 48 تصنيفن جا نالا ملن ٿا، جن مان اٽڪل
30 خطي يا ڇاپيل نسخا آهن، باقين جا صرف نالا
موجود آهن.
لاهور مان آيل فارسي زبان جي ماهر پروفيسر
ڊاڪٽر محمد سليم اختر ڪلهوڙا دؤر جي ليکڪ منشي
عبدالرئوف جي قلمي نسخي ’گلدسته نورس بهار‘ تي
پهنجو تحقيقي مقالو پيش ڪندي چيو ته ان ڪتاب ۾ سنڌ
جي تاريخ، سماجيات ۽ واپار بابت وڏي ڄاڻ ملي ٿي.
بکر جي منشي عبدالرئوف جي شڪل ۾ 12 کان 18 صدي جي
اوائل ۾ سنڌ ۾ انشا جي فن ۾ هڪ اهم شخصيت پيدا ٿي،
جنهن پنهنجي لفظن جي بي مثال معيشت ۽ انداز جي بي
مثال سادگيءَ سان هن دور ۽ علائقي ۾ ادب جي هن صنف
۾ هڪ نئون رخ جوڙيو. اهڙيءَ طرح هن جنهن متفرقات
کي گڏ ڪيو، اهو ’گلدسته نورس بهار‘ جي نالي سان
ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ٽن حصن تي مشتمل آهي، جن مان
هر هڪ کي لطيفه طور سڃاتو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر محمد سليم اختر وڌيڪ چيو ته هن ڪتاب
جو پهريون ڀاڱو ڪلهوڙن جي درخواستن تي مشتمل آهي،
جيڪو مغل شهزادي معيذ الدين جي ملتاني دور بابت
آهي، جڏهن ته ٻيو حصو جيڪو سڀني کان وڏو آهي، سو
مختلف خِطن ۽ رياستن جي جوڙجڪ کي ظاهر ڪري ٿو، ۽
ٽيون حصو مغلن جي درٻار ۾ ڪلهوڙن جي سردارن طرفان
موڪليل پيغامن تي مشتمل آهي.
تقريب جي صدارت ڪندي مايه ناز محقق، تاريخدان،
فارسيءَ جي ڄاڻو ۽ ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ انسٽيٽيوٽ
آف هيريٽيج ريسرچ جي ايڊوائزري ڪاميٽي جي چيئرمين
ڊاڪٽر عبدالغفار سومري تاريخي ڪتاب ’نامه نغز‘ تي
پنهنجو تحقيقي مقالو پيش ڪندي چيو ته سنڌ جي تاريخ
۾ ٻارهينءَ کان ارڙهين صدي، سياسي ۽ سماجي لحاظ
کان غير معمولي اهميت رکي ٿي. جڏهن مولانا غلام
رسول مهر سنڌي ادبي بورڊ جي فرمائش تي ’تاريخ سنڌ:
ڪلهوڙن جو دور‘ لکي رهيا هئا ته هن سنڌ ۾ موجود هر
قسم جي ماخذن کان علاوه سنڌ کان ٻاهر لکيل مواد تي
به نظرثاني ڪرڻ ضروري سمجهيو، جنهن مان هن سنڌ ۾
موجود ٻن اهم ماخذن هڪ ’گلدسته نورس بهار‘ ۽ ٻيو
’نامه نغز‘ مان پوري طرح فائدو ورتو، پر اهي ٻئي
ڪتاب اڄ تائين مسودن جي صورت ۾ سنڌ جي لائبريرين
جي زينت بڻيل آهن ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪابه اڳڀرائي
نه ٿي سگهي آهي.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته
ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ
ڄامشوري پاران مٿين ٻنهي ڪتابن جي ڇپائي کي سرِ
فهرست رکيو ويو آهي ۽ ’گلدسته نورس بهار‘ جي
ايڊيٽنگ جو ڪم محقق ڊاڪٽر محمد سليم اختر صاحب جي
حوالي ڪيو ويو آهي ۽ ’نامه نغز‘ تي منهنجو ٻن سالن
کان ڪم جاري آهي.
’نامه نغز‘ فارسي نظم ۾ مثنوي آهي، جيڪا 16263
بيتن تي مشتمل آهي. ان جو مصنف باغ علي
’خائف‘ آهي. هيءَ مثنوي خدايار خان عباسي جي
مردانگي، شجاعت ۽ سخاوت جهڙين صفتن مان متاثر ٿي
لکي وئي آهي. ان مثنوي جي خصوصي اهميت هيءَ آهي ته
ان تحرير جي لکائي جو شروعاتي سال 1152هه آهي. ان
سلسلي ۾ باغ علي چوي ٿو:
بدين داستان شغل را ساختم
يکي ’نامه نغز‘ پرداختم
بعهد خدا يار خان شير نر
سپهدار عباسي نامور
هزار و صد و سال و پنجاه پنج
کشيدم سه سال اندرين نامه رنج
ترجمو: مون هن داستان کي لکڻ جو مشغلو اختيار ڪيو
۽ اهڙيءَ طرح ’نامه نغز‘ کي مڪمل ڪيو. هيءُ خدايار
خان جو زمانو آهي، جيڪو بهادري ۾ شينهن وانگر آهي.
اهو ئي عباسين جو ناليوارو سپه سالار آهي. 1155هه
تائين، مون ان تي ٽي سال سخت محنت ۽ مشقت ڪئي آهي.
1152 هه اهو سال آهي، جڏهن نادر شاهه دهلي فتح ڪرڻ
کانپوءِ سنڌ جو رخ ڪيو. باغ علي ان مثنويءَ جو وڏو
حصو، ٽن سالن يعني 1155هه تائين مڪمل ڪيو هو، جيئن
مٿئين شعر ۾ ٻڌايل آهي، پر ان کان پوءِ سڀ کان وڏو
واقعو، يعني نادر شاهه جو قتل 1160هه ۾ ٿيو، ان جو
ذڪر ڪري ٿو. ان کانپوءِ آخري حصي ۾ هو احمد شاهه
ابداليءَ جي لاهور ۽ سرِهند
۾ ٻيهر
واپسي ۽ شاهي لشڪر سان مقابلي کي بيان ڪندي ايئن
چوي ٿو:
دو شد بر هزار و صد و سال و شصت
کہ آن شاه افغان ز کابل گذشت
برآمد بہ لاهور بنهاد سر
دلاور جوان جنگ جو پرهنر
ترجمو: هڪ هزار، هڪ سؤ سٺ مٿان جڏهن ٻن جو اضافو
ٿيو، يعني 1162هه تڏهن افغان شاهه ڪابل کان روانو
ٿي، لاهور جو رخ ڪيو. هو دلير ۽ بهادر جنگجو هو.
باغ علي سنڌ ۾ محمد مراد جي پهچڻ جو سال نه لکيو
آهي، پر ’تحفة الڪرام‘ مان خبر پوي ٿي ته اهو سال
1162هه هو. ان جو مطلب آهي ته پوري مثنوي 1152هه
کان 1164هه تائين وقفي وقفي سان تحرير ٿيندي رهي.
’نامه نغز‘ جو ذڪر پهريون ڀيرو پير حسام الدين
راشدي پنهنجي هڪ مقالي ’سنڌ جي تاريخ جا ماخذ‘ ۾
ڪيو، جيڪو 1955ع ۾ مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو هو. پير
حسام الدين 1964ع ۾ ميان نور محمد جي تحرير ڪيل
مختصر رسالي ’منشور الوصيت و دستور الحڪومت‘ کي
فارسيءَ ۾ حاشين ۽ تعليقاتن سان ايڊٽ ڪيو. انهيءَ
وقت پير صاحب ’نامه نغز‘ جو چڱيءَ ريت مطالعو ڪيو
۽ اهو به ٻڌايو ته ان جو هڪ قلمي نسخو ڪهڙيءَ طرح
سنڌي ادبي بورڊ لاءِ حاصل ڪيو ويو آهي!
اسان جي مطالعي ۾ به اهوئي سنڌي ادبي بورڊ وارو
نسخو آهي، جيڪو عڪسن جي صورت ۾ آهي، ڇو ته اصل جي
ڪا خبر نه آهي. اسان جي اندازي مطابق ’نامه نغز‘
جو اهو واحد نسخو آهي، جيڪو 1166هه ۾ ڪتابي شڪل ۾
پڌرو ٿيو هو. اسان جي تحقيق مطابق ’نامه نغز‘ جو
سڀ کان گهرو مطالعو غلام رسول مهر ’تاريخ سنڌ: عهد
ڪلهوڙا‘ لکڻ وقت ڪيو، جنهن ۾ هُو گهٽ ۾ گهٽ 50
دفعا ان جو حوالو ڏئي ٿو.
باغ علي 1164هه تائين زنده هو، جيڪو سنڌ ۾ ميان
نور محمد جي پٽ محمد مراد جي پهچڻ جو ذڪر ڪري ٿو.
ان کانپوءِ اسان جي خيال ۾
’نامه نغز‘ جو اختتام ٿيڻ کپندو هو، (جهڙي طرح وڏا
شاعر پنهنجي ڪلام جو باقاعده اختتام لکندا آهن)
اهو نظر نٿو اچي، پر ايئن لڳي ٿو ته شاعر کي اڃان
ڪجهه لکڻو هو.
اسان ڏٺو ته باغ علي ان مثنوي ۾ ٻن جاين تي ڪتاب
جي اختتام جو سال 1155هه ٻڌايو آهي. هڪ جاءِ تي ان
جو نالو ’نامه نغز‘ ته وري ٻيءَ جاءِ تي ’نادر
نامه‘ لکيو آهي. ’نامه نغز‘ ان ڪري مشهور ٿي ويو،
جو پهرين ان جو اهو ئي نالو رکيو ويو هو. اسان جي
خيال ۾ باغ علي جو ’نامه نغز‘ ۽ ’نادر نامو‘ هڪ ئي
شيءِ آهي، جيڪو هينئر اسان جي سامهون آهي. باغ علي
ان جو انڪشاف هن ريت ڪري ٿو:
چون اين قصہ کار کردم تمام
ورا ’نادر نامہ‘ کرديم نام
ترجمو: جڏهن مون هي قصو پورو ڪيو ته ان جو نالو
’نادر نامه‘ رکيو ويو.
هن سيمينار ۾ چئن نوَن ڪتابن جي رونمائي
پڻ ڪئي وئي، جن جو مختصر تفصيل هن ريت آهي:
1.
معارف خواجه قاضي احمد
(تصحيح، تحقيق، مقدمو ۽ تعليقات: ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو(.
هيءُ ڪتاب شيخ قاضي احمد دمائيءَ جي
مڪتوبات، سندس فرزند، خليفن ۽ مريدن جي ڪم بابت،
تحريرن تي مشتمل آهي.
جنھن کي پھريون دفعو سنڌي ترجمي ۽ جديد
تحقيق سان ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پيش ڪيو آهي.
2.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل
ڪتابن جو تاريخي جائزو (تحقيق: ڊاڪٽر الهرکيو
ٻُٽ، مرتب: نفيس احمد ’ناشاد‘)
هن ڪتاب ۾ 1819 کان 1930 تائين، سنڌي ٻوليءَ ۾ ليٿو ۽ ٽائيپ
۾ ڇپيل ڪتابن جو تاريخي جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
3.
ديوان گل ۽ سنڌي
صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو (تصنيف: آخوند گل
محمد، تحقيق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو)
هيءُ خليفي گل محمد جو جوڙيل، سنڌي ٻوليءَ جو پھريون ديوان
آهي، جيڪو سنڌي 54 اکرن تي مبني آهي. آخوند گل
هيءُ ديوان، بمبئيءَ مان 1858ع ۾ ليٿو تي ڇپرايو.
تقريباً پوڻا ٻه سؤ سالن جي پراڻي ڊاڪيومينٽ تي
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لائق شاگرد ۽ هن اداري
جي ايڊوائيزري ڪاميٽيءَ جي چئرمين ڊاڪٽر عبدالغفار
سومري هڪ تحقيقي ۽ تنقيدي مقدمو لکي، نون رخن کي
ظاهر ڪيو آهي ۽ نوان انڪشاف پڻ ڪيا آهن.
4.
The Nineteenth Century Book Trade
in Sindh
هيءَ ڊاڪٽر الهرکيي ٻُٽ جي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز آهي،
جيڪا هن 1988ع ۾ ويلش يونيورسٽي انگلنڊ مان حاصل
ڪئي هئي.
ان کان پوءِ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف
جوکيي آيل مهمانن، عالمن، اديبن، استادن، شاگردن ۽
صحافين جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته هن سيمينار جي
ڪاميابيءَ جو سهرو انسٽيٽيوٽ جي ڪارڪنن محمد ارشد
بلوچ، افتخار اسحاق ميمڻ، قربان وگهيي ۽ ٻين
ملازمن جي گڏيل سهڪار جو نتيجو آهي.
آخر ۾ مقالي نگارن کي اجرڪون اوڍايون ويون ۽
شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون. ان موقعي تي اداري طرفان
سيمينار ۾ آيل سمورن مهمانن لاءِ مانجهاندي ۽
چانهه جو پڻ بندوبست ڪيو ويو.
رسول بخش گچيرائي طرفان جوابي خط
محترمه ڀيڻ، اسلام عليڪم و رحمت
الله بعد دعائن جي مؤدبانه گذارش آهي ته مهراڻ
رسالي 2/ 2022ع ۾ پنهنجي تحقيقي مضمون ’مخدوم قاضي
غلام
محمد گچيرائي بن
مخدوم محمد پريل قريشي ملتاني رحمت الله عليه‘ تي
هڪ خط پروفيسر جوڻيجو سائين بخش قبولائيءَ ڏوڪري
ضلعي لاڙڪاڻي جو ڇپيو آهي، هن لاءِ عرض آهي ته
رحميداد مولائي شيدائي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’جنت
السنڌ‘ ڇپيل سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1985ع جي
صفحي 100 ۽ 101 تي لکي ٿو ته ”تحفة الڪرام ۾ ڪجهه
بيان محض قياسي آهن جن کي تحقيقات ڪرڻ کان سواءِ
پوءِ جي مؤرخن پنهنجي تاريخن ۾ نقل ڪيا آهن ۽ ان
قسم جو سلسلو اڃا سوڌو جاري آهي ان ڪري ضرورت آهي
ته اهڙن بيانن جو سدبابِ ڪيو وڃي.“
مولائي شيدائيءَ اهڙا مثال ميرعلي شير قانع جي
غلطين جا 101 صفحي تي ڏنا آهن ۽ انهن کي پنهنجي
تحقيق ڪري رد ڪيا آهن. اهڙي طرح مخدوم غلام محمد
جن کي بگائي لکي غلطي ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته مخدوم غلام
محمد بگن جي ڳوٺ ۾ جنم ڪونه ورتو هو بلڪ گچيري جي
ڏکڻ ۾ ميل ڏيڍ تي سندن والد صاحب جي قائم ڪيل ڳوٺ
خانقاهه محمد پريل ۾ جنم ورتو هو ان ڪري ان کي
گچيرائي ئي لکبو خود توهان ان جي اولاد مخدوم فيض
محمد کي گچيرائي ڪري لکيو آهي.
قبولائي صاحب اڳين ليکڪن جو حوالو ڏئي لکيو آهي ته
بگن جو ڳوٺ گچيري جي ڏکڻ ۾ ٽن ميلن تي آهي ۽
شاهپور جهانيان کان اتر اولهه تي پڻ ٽن ميلن تي
آهي، اهو فرضي ڄاڻايل ڳوٺ گچيري کان ڏکڻ ۾ ٽن ميلن
تي يا شاهپور جهانيان کان اتر اولهه تي ٽن ميلن تي
آهي ئي ڪونه، يعني بگن جو ڳوٺ آهي ئي ڪونه.
دليل نمبر ٻيون: لک رحمتون هجن حضرت قاضي احمد
رحمت الله عليه جن تي جن مخدوم قاضي غلام محمد
گچيرائيءَ جي خاندان جي هڪ بزرگ مخدوم فيض محمد
گچيرائيءَ کي، گچيرائي لکي هڪ مسئلو ته حل ڪري ويا
آهن. گچيري جي مخدوم صاحب جن جي خاندان جي هڪ
پهلوان جي باري ۾ لکن ٿا ته ”قاضي محب گچيرائي
جيڪو مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائي جي خاندان مان
هو.
قبولائي صاحب
لکيو آهي ته مخدوم قاضي غلام محمد بگائي ۽ سندس
اولاد کي حضرت قاضي احمد وٺي وڃي خواجه محمد زمان
جو مريد ڪيو. جڏهن ته حضرت قاضي احمد جو جنم 1117
هجري آهي ۽ ٻئي طرف مخدوم قاضي غلام محمد جو جنم
1078 هجري آهي. مخدوم غلام محمد گچيرائي مخدوم
ابوالحسن وٽ پڙهيو ۽ مخدوم ابوالحسن جي مدرسي جو
پهريون دستاربندي عالم بنيو ۽ ان ئي مدرسي ۾ مخدوم
غلام محمد پڙهايو ۽ پوءِ اچي پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو
قائم ڪيو ته ڇا هيڏو سنڌ جو وڏو عالم 72 سالن جي
عمر تائين ڪنهن جو به مريد نه ٿيو ڇو ته خواجه
محمد زمان لنواري واري جي درگاهه ان وقت نه هئي،
اها ڳالهه منهنجي درست آهي ته مخدوم قاضي غلام
محمد پهريان مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جو مريد ٿيو
هو ۽ ان جي وصال کان پوءِ خواجه محمد ابوالمساڪين
جو مريد ٿيو هو. ۽ ان کانسواءِ ڪنهن به تاريخ ۾
مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائيءَ کي مخدوم محمد
زمان جو مريد نه لکيو آهي. خليفي محمود نظاماڻي
لکيو آهي ته بقول پير محمد راشد جي مخدوم غلام
محمد بگائي گچيرائي مخدوم محمد زمان جو مريد نه
بلڪ پنهنجي پٽ مخدوم محمد يوسف بگائي (گچيرائي) جو
مريد هو.
قبولائي صاحب لکيو آهي ته مخدوم غلام محمد بگائي
کهڙن جي مخدومن جي شهادت تي سنڌي بيتن ۾ منظوم
مرثيو نور محمد ڪلهوڙي جي سامهون تخت گاهه محمد
آباد ۾ پڙهيو هو، جڏهن ته اها ڳالهه سراسر غلط
آهي، جيڪو مون لکيو آهي ته خدا آباد واري مسجد ۾
اهو منظوم ترجمو نور محمد جي سامهون پڙهيو سو ئي
درست آهي ان لاءِ دليل عرض رکجي ٿو ته تذڪره
مخاديم کهڙا جي صفحي نمبر 86 تي لکيل آهي ته
”مخدوم قاضي غلام محمد جيڪو حضرت مخدوم عبدالرحمٰن
شهيد جو همعصر هو تنهن کهڙائي مخدومن جي شهادت جو
قصو سنڌي بيتن ۾ منظوم ڪري خدآباد ۾ وڃي جمع جي
ڏينهن جامع مسجد خدآباد جي ميمبر تي بيهي خود ميان
نور محمد ڪلهوڙي جي سامهون بطور ’خطبه جمعه‘ (خطبي
جي اڳين حصي طور) پڙهيو ۽ نور محمد ڪلهوڙي کي
بددعا ڪئي هئائون ۽ پيشنگويون ۽ اڳڪٿيون پڻ ڪيون
هئائون سي وقت گذرڻ سان سڀ جو سڀ جيئن جو تيئن سچ
ثابت ٿيون.
قبولائي صاحب لکيو آهي ته بگا لفظ ٻگهيي جي بگڙيل
صورت آهي سا به بلڪل غلط آهي ۽ بگا پنهنجي وڏي جي
نالي جي پٺيان بگو سڏائين ٿا.
قبولائي صاحب قصيده برده جو ترجمو 1182 هجري لکيو
آهي جڏهن خانداني روايت مطابق 1142 هجري آهي ۽
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جيئن ”مسجد خدآباد“ جي بجاءِ
”مسجد محمد آباد“ لکي ويو آهي اهڙي طريقي سان 1142
هجري کي 1182 هجري لکي ويو آهي.
ان کانسواءِ قبولائي صاحب لکيو آهي ته مخدوم فيض
محمد گچيرائي مخدوم محمد صادق گچيرائيءَ جا وڏا
ڀائر آهن جيڪڏهن اهڙي روايت وٽن وٽ موجود آهي ته
ظاهر ڪن ته سندن مهرباني ٿيندي باقي اسان وٽ مخدوم
محمد صادق گچيرائي جنهن جا نصرپور، ٺٽي ۽ مٽياريءَ
جي علمائن سان مختلف مسئلن تي مناظرا هلندا هئا ان
کي اسان مخدوم هڱوري جي اولاد مان ئي سمجهون ٿا ۽
سندن مزار پڻ مخدوم هڱوري جي مقبري ۾ ئي سمجهون
ٿا. ۽ اهڙي طرح مخدوم محمد صادق گچيرائي ذات جو
ٻگهيو ئي سمجهون ٿا.
اهو به لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو
تذڪره بزرگانِ کهڙا جي بياض مان مخدوم صاحب جو
لکيل قطعه تاريخ سن 1188هه لکيو آهي ۽ حوالو لکيو
اَٿَو: ”شاهه عبداللطيف ٻارهين ۽ تيرهين صدي هجري
جا ڪي ٻيا شاعر صفحو نمبر 21 جڏهن ته مٿئين ڪتاب
جي صفحي نمبر 21 تي لکيل آهي ته مخادمه مشعل دين
جو 1188هه ان مان 1188 هجري نڪري ٿو جنهن مان
ڀانئجي ٿو ته مخدوم غلام محمد سن 1188 هجريءَ ۾
زنده هو بهرحال پوري تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي
ضرورت آهي.“ پهرين ڳالهه ته ڊاڪٽر صاحب جي هن مان
مراد مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائيءَ جي وفات جو
سن نٿو نڪري بلڪ کهڙائي مخدومن جي شهادت جي تاريخ
تي هڪ شعر چيل آهي وري ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو
اهو چوڻ ته ”هن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.“ جيڪا
حقيقت ۾ مون مخدوم صاحب جي خانداني روايتن ۽
تاريخي روايتن مان منظرعامه تي آندي آهي ڀلا هڪ
عقل جي ڳالهه آهي ته مخدوم غلام محمد سنڌ جو وڏي ۾
وڏو دلير عالم هو جنهن وقت جي حاڪم جي روبرو
خدآباد واري مسجد ۾ 1145 هجري ۾ پنهنجو مرثيو
پڙهيو ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ان واقعي تي مخدوم
صاحب جو چيل فارسي ۾ قطعو شهادت واري واقعي کان
پوءِ 43 سال بعد ٺاهيو هجي، جڏهن ته 1167 هجري ۾
نور محمد ڪلهوڙو وفات ڪري ويو ۽ هتان جي مقامي
روايتن مطابق نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي
مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائيءَ کي شهيد ڪرائي
ڇڏيو هو. ۽ مون اها به ترديد ڪئي آهي ته خانداني
لکت مطابق قصيده برده جو منظوم ترجمو 1182هه نه
آهي بلڪ 1142هه آهي.
|