سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :9

اُنهن خطبن جي ترتيب صاحبزاده مفتي محمد جان نعيمي صاحب مهتمم دارالعلوم مجدديہ نعيميه ٽرسٽ جن ڏني ۽ اهو مجموعو پهريون دفعو ڊيمي سائيز جي 48 صفحن تي سال 1999ع ۾ مفتي اعظم اڪيڊمي، دارالعلوم مجدديہ نعيميه ٽرسٽ (ڪراچي) طرفان شايع ٿيو.

(21) درهم الصرة في وضع اليدين علي سرة (عربي)

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو هيءُ ڪتاب احناف ۽ شوافع درميان هڪ مشهور اختلافي مسئلي بابت لکيل آهي ته نماز ۾ قيام دوران هٿ دُن هيٺان رکجن يا سيني تي ٻڌجن، مؤلف موصوف انهي مسئلي ۾ احناف جي تائيد ٿو ڪري ۽ ان سلسلي ۾ ”فتح القدير“ جي حاشيه تي اِن مسئلي بابت لکيل هڪ رسالي ۾ ابوالحسن ڪبير ٺٽوي (وفات 1138هه) طرفان ڪيل تحقيق (ته هٿ پنهنجا دُن هيٺان ٻڌڻ لاءِ ڪو به دليل نه آهي) کي رد ٿو ڪري. درهم الصرة 5 فصلن تي مشتمل آهي.

درهم الصرة جي رد ۾ مخدوم ابوالحسن ڪبير جي شاگرد شيخ محمد حيات سنڌيءَ پنهنجي استاد جي حمايت ۾ ٻه رسالا لکيا.

1-     مختصر رسالة (رد درهم الصرة – بنا نالي جي) جيڪو اُٿندي ئي لکيائين.

2-    دُرة في اظهار رغش نقد الصرة – جيڪو پنهنجي استاد ابوالحسن ڪبير ٺٽوي جي مشوري ۽ جي تعاون سان لکيائين.

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پهرئين رسالي جي رد ۾ ”ترصيح الدرة علي درهم الصرة“ ۽ ٻئي رسالي جي رد ۾ ”معيار النقاد في تمييز المغشوش من الجياد“ لکيو.

اِنهن پنجن ئي رسالن جو مجموعو (ٽي رسالا مخدوم محمد هاشم جا ۽ ٻه رسالا مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جا) ٻه ڀيرا ڇپيو آهي. اسان انهيءَ مجموعي کي ”مجموعہ خمس رسائل“ سان موسوم ڪريون ٿا.

1-     افغانستان وارو ڇاپو: جيڪو پهريون دفعو مولانا شير احمد منيب نالي هڪ عالم 1403هه ۾ افغانستان مان شايع ڪرايو. البته مٿئين ٽائيٽل تي نالو صرف هڪ رسالي ”درهم الصرة“ جو لکيل آهي، جنهن مان بظاهر ائين ٿو معلوم ٿئي ته هيءُ صرف هڪ رسالو آهي، جڏهن ته اندر پنج ئي رسالا موجود اٿس.

هن مجموعي جي خصوصيت هيءَ آهي ته اُنهي ۾ حاشين تي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پاران پنهنجن ٽنهي رسالن جا ”مِنهيات“ (مؤلف طرفان لکيل پنهنجا حاشيا ۽ تشريحون) ۽ شيخ محمد حيات سنڌي وارن ٻنهي رسالن تي ”ترديدات“ به درج آهن.

اهو مجموعو ڊبل ڊيمي سائيز جي 64 صفحن تي مشتمل آهي. اُن مجموعي ۾ درهم الصرة 22 صفحن کي والاري ٿو.

2-    ادارة القرآن ڪراچي وارو ڇاپو: پنجن ئي رسالن تي مشتمل اهو مجموعو ٻيو دفعو عربي ٽائيپ ۾ ڊبل ڊيمي سائيز جي 116 صفحن تي سال 1414هه ۾ ادارة القرآن و العلوم الاسلاميه چوڪ لسٻيله ڪراچي طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ناشرين طرفان مقدمي ۽ اُن کانپوءِ عرب دنيا جي مشهور محدث شيخ عبدالفتاح ابوغده [26] طرفان مفصل تبصرو به شامل آهي.

ياد رهي ته ادارة القرآن وارن کي افغانستان واري مٿئين مجموعي جي خبر ڪانه هئي. مون جڏهن اُنهن کي اهڙي ڇاپي جي هڪ ڪاپي ڏني ته اُنهن تعجب جو ظهار ڪيو، ڇو ته اِهو مجموعو ادارة القرآن وارن پهريون دفعو سمجهي شايع ڪيو هو. درهم الصرة انهيءَ ڇاپي ۾ 38 صفحا والاري ٿو.

(22) ذريعة الوسول الي جناب الرسول ﷺ (عربي)

رسول الله ﷺ جن مٿان درود ۽ صلوة پڙهڻ جي مختلف ڪيفيتن بابت فارسي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو 1133هه ۾ جوڙيل هيءُ بهترين ڪتاب 5 فصلن تي مشتمل آهي. درود ته عربي ۾ ڏنل آهن، پر اُنهن بابت سمجهاڻي فارسي ۾ آهي.

ذريعة الوصول ڪيترائي دفعا شايع ٿيو آهي ۽ ان جا ڪيترائي ترجما (سنڌي، اردو ۽ انگريزي) به شايع ٿيا آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

1-     مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد وارو ڇاپو: ذريعة الوصول، سڀ کان پهريائين مهراڻ آرٽس ڪائونسل طرفان ڪرائون سائيز جي 62 صفحن تي علامہ غلام مصطفى قاسمي جي فارسي مقدمي سان شايع ٿيو، جيڪو (علامہ قاسمي صاحب جي تحقيق مطابق) مصنف جي هٿ اکري خطي نسخي جي عڪس تي مشتمل آهي [27]. اصل خطي نسخي مطابق درودن جو متن (عبارت) سرخ ۽ باقي تشريح سياه اکرن ۾ آهي. ذريعة الوصول سان آخر ۾ درود بابت ٽي رسالا ٻيا به شامل آهن، جيڪي خطي نسخي ۾ شامل هئا.

1-   اقتباسات از جذب القلوب شيخ عبدالحق محدث دهلوي.

2- رسالہ مخدوم عمر موئره در صلوة

3- رسالہ دربيان صلوة متنوعہ (مؤلف درج نه آهي).

اِهي ٽيئي رسالا پڻ فارسي ۾ آهن. مخدوم صاحب جو ذريعة الوصول ۽ ٻه رسالا ٻيا (اقتباسات از جذب القلوب ۽ رسالہ عمر موئره) ته مڪمل آهن، البته آخري رسالو ناقص آهي، ڇو ته اصل خطي نسخو پڇاڙي ۾ اڏوهي کاڌل هئڻ سان گڏوگڏ کٽل پڻ آهي.

2-    ذريعة الوسول جو ٻيو ڇاپو: مولانا محمد يوسف لڌيانوي رحمة الله عليہ طرفان ڏنل ترتيب سان ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۽ درودن جي نمبرنگ تي مشتمل ڪرائون سائيز جي 102 صفحن تي مڪتبہ لڌيانوي ڪراچي طرفان فيبروري 1995ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ”ذريعة الوصول“ ۽ ان سان ملحق ٽنهي رسالن جي درودن کي ”الحزب الاعظم“ [28] ۽ مناجات مقبول [29] جي طرز تي ستن منزلن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن هن ڪتاب کي ورد وظيفي طور دؤر ڪندي، هڪ هفتي ۾ پڙهي ختم ڪجي. هيءُ ڇاپو صرف عربي درودن تي مشتمل آهي.

3-    ذريعة الوصول جو ٽيون ڇاپو: عربي متن کان پوءِ هر هڪ درود جي اردو ترجمي تي مشتمل آهي. (ابتداء ۾ ذريعة الوصول ۽ بقايا ٽنهي رسالن جا دُرود عربي ۾ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۾ ۽ ان کانپوءِ اُنهن جو ترتيب وار اردو ترجمو آهي. مولانا محمد يوسف لڌيانوي جو). هيءُ ڇاپو ڪرائون سائيز جي 182 صفحن تي شعبان 1415هه ۾ مڪتبه لڌيانوي ڪراچي طرفان شايع ٿيو. هن ايڊيشن کي به ٻئي نمبر ڇاپي وانگر ستن منزلن ۾ ورهايو ويو آهي.

4-    ذريعة الوصول جو چوٿون ڇاپو: پهرئين ڇاپي (مهراڻ آرٽس ڪائونسل واري) جي عڪس سان گڏ، مولانا محمد يوسف لڌيانوي طرفان ڪيل اردو ترجمي سان جون 1995ع ۾ ڊيمي سائيز جي 256 صفحن (94 اردو + 62 عربي) تي خوبصورت ٽائيٽل سان مڪتبہ لڌيانوي ڪراچي طرفان شايع ٿيو.

5-     ذريعة الوصول جو پنجون ڇاپو: ذريعة الوصول جي ٽئين ڇاپي ۾ تبديلي آندي وئي. عربي متن کي ڪمپيوٽر ڪمپوز بجاءِ هٿ جي ڪتابت ڪرائي ويئي، جيڪو ڪرائون سائيز جي 182 صفحن تي مڪتبہ لڌيانوي ڪراچي طرفان شايع ٿيو. طباعت جو سال لکيل نه آهي. اردو ترجمو ساڳيو ئي رکيو ويو.

6-    ذريعة الوصول جو ڇهون ڇاپو، مناجات مقبول سان گڏ: جنهن ۾ مناجات مقبول از مولانا اشرف علي ٿانويءَ کي ذريعة الوصول سان گڏائي ڇپرايو ويو، جنهن جو عنوان هن ريت رکيو يوو: ”مناجات مقبول مع ذريعة الوصول ابي جناب الرسول ﷺ.

اهو ڇاپو مولانا محمد يوسف لڌيانوي جي اهتمام هيٺ شايع ٿيو، جنهن ۾ ذريعة الوصول جو عربي متن ۽ اردو ترجمو پنجين ڇاپي وارو برقرار رکيو ويو. ڪرائون سائيز جي 326 صفحن تي مشتمل هن مجموعي ۾ 144 صفحا مناجات مقبول جا ۽ 182 صفحا ذريعة الوصول ۽ ان سان ملحق ٽنهي رسالن جي درودن تي مشتمل آهن. اشاعت جو سال لکيل نه آهي.

جيڪڏهن هيئن چئجي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ذريعة الوصول کي درود و صلوة جي ميدان ۾ شهرت جي بلندين تائين پهچائڻ ۾ مولانا محمد يوسف لڌيانوي رحمة الله عليہ جو وڏو ڪردار آهي ته ان ۾ ڪو به واڌارو نه ٿيندو، جنهن نه صرف پاڻ پر پنهنجي مريدن جي حلقي ۾ ذريعة الوصول کي ورد وظيفي طور پڙهڻ شروع ڪرايو ۽ مختلف نمونن تي مشتمل ڇاپن سان هن ڪتاب کي منظر عام تي آندو. پوءِ ته اُن جي ريس تي ذريعة الوصول مان اخذ ڪيل درودن جا ڳچ مجموعا ڇپيا، جن جو مختصر ذڪر اڳتي ايندو، انشاء الله تعالى.

اردو ترجما

هيلتائين ذريعة الوصول  جو هڪ اردو ترجمو، مولانا محمد يوسف لڌيانوي جو تيار ڪيل [30]، ئي منظر عام آيو آهي، جنهن جي مختلف ڇاپن جو ذڪر تفصيلوار ٿي چڪو، جنهن مطابق ان جا 4 ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.

سنڌي ترجما

منهنجي ڄاڻ مطابق ذريعة الوصول جا ٻه سنڌي ترجما ڇپيا آهن:

1-     ذريعة الوصول الي جناب الرسول مترجم: مولوي رفيع الدين چنو. ذريعة الوصول ۽ ان سان ملحق ٽنهي رسالن جي اردو ترجمي (از مولانا لڌيانوي) کي سامهون رکي تيار ڪيل هيءُ سنڌي ترجمو 3 دفعا (ڊيمي سائيز جي 184 صفحن تي) مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور سنڌ طرفان ڇپجي چڪو آهي.

1-   پهريون دفعو 1997ع ۾ خوبصورت جلد سان

2-   ٻيو دفعو 1998ع ۾ ڪارڊ پيپر جي بائينڊنگ سان

3- ٽيون دفعو 2002ع ۾ خوبصورت جلد سان (”درود شريف ۽ اُنهن جون برڪتون“ جي نالي سان)

2-    ذريعة الوصول الي جناب الرسول (رسول تائين رسائي): از ابوالسراج محمد طفيل احمد ٺٽوي. هيءُ صرف ” ذريعة الوصول“ جو ئي سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي پهريون دفعو 1992ع ۾ مڪتبه صاحبزاده سراج احمد دربار سيد عبدالله شاهه اصحابي مڪلي ٺٽو طرفان شايع ٿيو [31].

انگريزي ترجمو

ذريعة الوصول جو انگريزي ترجمو مولانا محمد يوسف لڌيانوي پاران ترتيب ڏنل ذريعة الوصول کي سامهون رکي، رفيق عبدالرحمان صاحب تيار ڪيو، جيڪو خوبصورت ٽائيٽل سان اوچي ڪاغذ تي ڊيمي سائيز جي 192 صفحن تي زمزم پبليڪيشن ڪراچي طرفان شايع ٿيو. اشاعت جو سال لکيل نه آهي.

درودن جا مجموعا، ذريعة الوصول تان ورتل

ڪن ليکڪن رسول الله ﷺ جن جي شيدائين، ” ذريعة الوصول الي

جناب الرسول ﷺ“ تان اخذ ڪيل درودن تي مشتمل ننڍا ننڍا مجموعا پاڪيٽ سائيز ۾ خوبصورت ٽائيٽل سان ڇپرايا آهن، انهن جو تفصيل هن ريت آهي:

1-     درود و سلام ڪا حسين مجموعه – مع اردو ترجمه. اهو مجموعو مولانا عبدالرؤف سکروي، 1417هه ۾ ڪعبة الله جي سامهون ويهي ترتيب ڏنو ۽ ايڇ ايم سعيد ڪراچي طرفان ڇپيو. 25 درودن ۽ 80 صفحن تي پاڪيٽ سائيز ۾ ڇپيو. اهوئي مجموعو اڃان به ننڍي سائيز ۾ علمي ڪتاب گهر ڪراچي طرفان به ڇپيو ۽ ڇپجندو رهي ٿو.

2-    آپ کي پريشانيان اور درود شريف مين ان کا حل: از مفتي منير احمد اخون – پاڪيٽ سائيز جي 92 صفحن ۽ 25 درودن تي مشتمل ڪراچي مان بار بار ڇپيو آهي ۽ ڇپجندو رهي ٿو.

3-    اسماء النبي الکريم مع درود شريف از محمد زاهد الراشدي - ذريعة الوصول مان اخذ ڪيل درودن ۽ پاڻ ڪريمن ﷺ جن جي مبارڪ نالن تي مشتمل آهي. پاڪيٽ سائيز جي 113 صفحن تي دارالمطالعہ حاصل پور بهالپور طرفان شايع ٿيو.

ياد رهي ته اِهي ٽيئي مجموعا هر صفحي تي مدينة المنورة جي خوبصورت منظرن تي مشتمل آهن. هوڏانهن مولانا محمد طفيل احمد ٺٽوي، هيٺيان 4 مجموعا ذريعة الوصول تان اخذ ڪري ڇپرايا آهن.

1-     افضل الصلوات علي سيد السادات اردو، سنڌي، ناشر: پاڻ، صفحا 24، سال 1421هه.

2-    دارالامان درود شريف درود خمسہ (حصن حسين) اردو، سنڌي، ناشر: پاڻ، صفحا 16، سال 1420هه.

3-          برڪات الصلوة بمعہ فضائل – سنڌي، ناشر: پاڻ صفحا 16، سال 1423هه.

4-    برڪات الصلوة بمعہ فضائل – اردو، ناشر: پاڻ، صفحا  16، سال 1423هه.

(23) راحة المؤمنين (ذبح و شڪار) (سنڌي)

ذبح ۽ شڪار، حلال ۽ حرام جانورن بابت تفصيل سان 1130هه ۾ سنڌي بيتن سان مخدوم صاحب جو جوڙيل هيءُ ڪتاب مخدوم صاحب جي ئي هڪ ٻئي ڪتاب ”زاد الفقير“ سنڌي ۽ مخدوم عبدالخالق ٺٽويءَ جي ڪتاب ”مطلوب المؤمنين“ سان گڏ (منڍ ۾ زاد الفقير وچ ۾ راحة المؤمنين ۽ آخر ۾ مطلوب المؤمنين) ڪافي دفعا ڇپجي چڪو آهي، جن جو تفصيل هن ريت آهي:

1-     ڇاپخاني محمدي وارو ڇاپو 1287هه: جيڪو رائل سائيز جي 184 صفحن تي ٻن ڪالمن ۾ محمد صديق بن مرحوم عبدالرحمان جي ڪتابت سان قاضي محمد ابراهيم بن قاضي نور محمد، پوربندر واري جي اهتمام هيٺ سال 1287هه ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ راحة المؤمنين 53 صفحي کان 109 صفحي تائين 57 صفحا والاري ٿو.

2-    قاضي ابراهيم وارو ڇاپو 1873ع: جيڪو رائل سائيز جي 184 صفحن تي 1873ع ۾ هربيه لنگو پريس بمبئيءَ ۾ قاضي محمد ابراهيم بن قاضي نور محمد جي اهتمام هيٺ ڇپيو [32].

3-    مجتبائي، لاهور وارو ڇاپو 1312هه: جيڪو رائل سائيز جي 182 صفحن تي، ٻن ڪالمن ۾، مولوي محمد عثمان جي اهتمام هيٺ 1312هه ۾ ڇاپخاني مجتبائي لاهور مان ڇپجي نروار ٿيو، جنهن ۾ راحة المؤمنين 53 صفحي کان 109 صفحي تائين 57 صفحا والاري ٿو.

4-    مطبع فيض رحماني، ڪراچي وارو ڇاپو: جيڪو رائل سائيز جي 176 صفحن تي جناب سيد مٺن شاهه خلف المرحوم سيد حيدرشاهه، ساڪن حيدرآباد ۽ جناب شيخ عبدالرحمان مالڪ مطبع فيض رحماني ۽ مالڪ دڪان ڪتب اسلامي ڪراچي جي اهتمام هيٺ مطبع فيض رحماني لارنس روڊ ڪراچي مان ڇپجي پڌرو ٿيو. سال لکيل نه آهي، ان ۾ راحة المؤمنين 53 صفحي کان 109 صفحي تائين 57 صفحا والاري ٿو.

راحة المؤمنين جي تلخيص

راحة المؤمنين جي منظوم هجڻ ۽ ان سان گڏ لاڙي ٻوليءَ ۾ هئڻ ڪري هرڪو ماڻهو اُن مان استفادو نه پيو ڪري سگهي. ان ڪري عبدالڪريم انصاري نالي هڪ عالم (ساڪن واري تڙ، سکر) راحة المؤمنين کي نثر ۾ آندو ۽ مناسب اختصار به ڪيو ۽ ڪٿي اطاعت (ڊيگهه) به ڪئي (ڪجهه مسئلا وڌايا) ۽ اُن جو نالو ”ڪتاب الصيد والذبائح عرف ذبح و شڪار“ رکيو.

اهو نثري ڪتاب به ڪيترائي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي، جن جو تفصيل هن طرح آهي:

1-     ڪتاب الصيد و الذبائح عرف ذبح شڪار سنڌي، غريب آباد سکر وارو ڇاپو: تيار ڪيل ۽ ڇپايل جناب عبدالڪريم اينڊ برادرس تاجران ڪتب غريب آباد سکر، جيڪو مولوي محمد ابراهيم خليل بخشاپوري جي ڪتابت سان ڪرائون سائيز جي 128 صفحن تي پرڪاش اسٽيم پريس (شهر لکيل نه آهي) ۾ ديوان سنگهه پرنٽر جي اهتمام هيٺ ڇپيو (سال لکيل نه آهي). البته ٽائيٽل محموديہ پريس سکر ۾ ڇپيو. ڪتاب ملڻ جي هنڌ لاءِ لکي ٿو:

”واقع سکر سنڌ، نزديڪ ٻڪر ڪوس، بروهين جو ڳوٺ، ملان عبدالڪريم.“ هن ڇاپي تي هيٺين عالمن جو تقريظون لڳل آهن.

1-     ابوالفيض مولانا غلام عمر، مدرسہ دارالفيض، سونو جتوئي، لاڙڪاڻو

2-    مولانا محمد قاسم مشوري، ڳوٺ صاحب خان مشوري، لاڙڪاڻو

3-          مولانا غلام رسول حنفي جتوئي محرابپوري

4-    مولانا عبدالڪريم، سکر

5-     مولانا محمد ابراهيم خليل.

6-    مولانا حبيب الله ٺيڙهي وارا.

2- حافظ عبدالحميد ڀٽي سند يافته دارالهدى ٺيڙهي [33] وارو نسخو: حافظ عبدالحميد ڀٽي، ٺيڙهي واري، عبدالڪريم انصاري جي ڪتاب الصيد والذبائح ۾ ٿوري لفظي ڦير ڦار ڪري، اصلاح ڪئي. پوءِ اهو ترميم شده ڪتاب الصيد اوالذبائح عرف ذبح ۽ شڪار حافظ شمس الدين اينڊ برادرس تاجران ڪتب سکر طرفان ٽي دفعا شايع ٿيو، جن جو تفصيل هن ريت آهي.

1-   پهريون ڇاپو 1949ع، رائل سائيز جي 88 صفحن تي اردو ۾ سنڌ پريس سکر مان ڇپيو.

2- ٻيو ڇاپو سنڌي ٽائيپ ۾ ڊيمي سائيز جي 64 صفحن تي المنار پريس سکر ۾ ڇپيو. سال لکيل نه آهي.

3- ٽيون ڇاپو 1970ع ۾ ڊيمي سائيز جي 52 صفحن تي محموديه پريس سکر ۾ ڇپيو.

3- فقير محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي وارو ڇاپو: ڪتاب الصيد والذبائح عبدالڪريم واري ۾ فقير محمد اسماعيل ٺٽوي، ٻوليءَ جي ٿوري ڦير ڦار ڪئي، جنهن کي حاجي عبدالحسين وينجهر ٺٽوي ڪرائون سائيز جي 116 صفحن تي ڇپرائي،مفت تقسيم ڪيو.

4- مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور وارا ڇاپا: فقير محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي واري ترميم شده ڇاپي کي عڪس ڪري، مولوي محمد عظيم اينڊ سنز (شڪارپور جي جڳ مشهور ڪتبخاني) شايع ڪيو، جيڪو ان اداري جي طرفان ڪيترائي دفعا ڇپجي چڪو آهي. [34] ۽ ڇپبو رهي ٿو.

راحة المؤمنين، جديد صورتخطي ۾

ماهوار ”شريعت“ سکر جي ايڊيٽر مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب، اصل منظوم ڪتاب ” راحة المؤمنين“ جي اهميت کي محسوس ڪندي، ان کي جديد سنڌي صورتخطيءَ ۾ آندو ۽ پنهنجي ماهوار رسالي ”شريعت“ ۾ قسطوار شايع ڪيو. ڪُل 9 قسطون ڇپيون. پهرئين قسط ماهوار شريعت شماره – 9، جلد 12 ۾ شايع ٿي ۽ نائين قسط ”شريعت“ جي شماره – 9 جلد 13 مئي 1986ع ۾ ڇپي. ان کانپوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو.

(24) رسالة مختصرة في رد الحجة الجليہ (عربي)

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليہ، هيءُ رسالو، مخدوم محمد معين ٺٽوي (وفات 1161هه) جي ڪتاب ”الحجة الجليہ في رد من قطع بالافضيلة في تفضيل علي علي الثلاثہ“ جي ترديد ۾ لکيو آهي. هيءُ مختصر رسالو، الحجة القويہ في الرد علي من قدح في الحافظ ابن تيمية“ طبع مڪة المڪرمة 1423هه (جنهن جو ذڪر ٿي چڪو) جي ص 37 تي حاشيہ ۾ ڇپجي چڪو آهي.

(25) رشف الزلال في تحقيق فيء الزوال (فارسي)

فقہ حنفي جي مفتي بہ قول مطابق ٻپهري نماز جي وقت جي شروعات ٽاڪ منجهند کانپوءِ ٿئي ٿي.

ٽاڪ منجهند کانپوءِ اصلي پاڇي کي ڇڏي ڪري هر شئي جو پاڇو جڏهن اُن شئي کان قد ۾ ٻيڻو ٿي وڃي ته ٻپهري نماز جو وقت ختم ۽ ٽپهري نماز جو وقت شروع ٿئي ٿو.

ٽاڪ منجهند وقت هر شئي جو جيڪو پاڇو ٿيندو آهي، اُن کي ”اصلي پاڇو“ چئبو آهي. (فارسي ۾ اُن کي ”سايہء اصلي“ ۽ عربي ۾ ”فيء الزوال“ چئجي ٿو). اصلي پاڇو هر ملڪ ۽ علائقي ۾ مختلف ماپ/قد جو ٿيندو آهي. جيڪي ملڪ خط سرطان جي قريب هوندا آهن، اِتي اصلي پاڇو ”ننڍو“ ٿئي ٿو.

وري موسم جي اعتبار سان به اصلي پاڇو ننڍو وڏو ٿيندو رهي ٿو. هن وقت ته گهڙيالن ۽ گهڙين جو دور آهي، ان ڪري اصلي پاڇي جي ڄاڻ ايتري اهميت نٿي رکي. وقت جي معلومات لاءِ جنتريون ٺهيل ملن ٿيون. پر گذريل دور ۾ اصلي پاڇي جي ڄاڻ جي وڏي اهميت هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com