روشن گهانگهرو
غزل
سونهن- سجدا ڪيون چاندني چؤڪ تي،
پيار- پوڄا ڪيون چاندني چؤڪ تي.
غرض ۽ گهُنڊ کي گهوٽ ڏئي گهُٽا،
چنڊ چهرا ڪيون چاندني چؤڪ تي،
ڪنهن کي لفظن سندا ڪين پٿر لڳن،
لفظ تارا ڪيون چاندني چؤڪ تي.
اُنس، احساس، وشواس جي موهه جا،
ڳيچ – لهرا ڪيون چاندني چؤڪ تي.
ناصحو! دوستو! سڀ اچو دل سندا،
صاف شيشا ڪيون چاندني چؤڪ تي.
سچ کي جن ڪيو سُرخرو ۽ امر،
ياد جوڌا ڪيون چاندني چؤڪ تي.
پيار جي مئي پيئون، خوش ٿيئون ۽ جيئون،
شاعري ٿا ڪيون چاندني چؤڪ تي.
دل کان دل جي رهي راهه روشن سدا،
هي دعا ٿا ڪيون چاندني چؤڪ تي.
ظهير زرداري
غزل
توسان منهنجون راتيون پياريون،
راتيون ۽ پرڀاتيون پياريون.
تنهنجي سر سان ڏک به پيارا،
وڇڙڻ واريون ڪاتيون پياريون،
تنهنجي محب ملڻ لئه دل ۾،
ڳالهيون هن مون تاتيون پياريون،
آئي باغ بهاري آهي،
پکي لنون ٿا لاتيون پياريون.
ڪنهن کي ڪيئن ظهير ڌڪاريان،
عشق جون سڀئي ذاتيون پياريون.
شاهه محمد پيرزادو
فليش بيڪ
نئين لِتل آلي اڱڻ جيان
منهنجي دل،
۽ تون اچين ٿي ڊوڙ پائي
ڪنهن اُٻهري ٻار وانگر –
تنهنجي پيرن جون تريون
منهنجي تصور ۾ ٺهيون
۽ رهيون مون ۾ هميشہ
ڄم جي ڪنهن چٽ وانگر –
تون حواسن تي آن ڇانئي
آلي اڱڻ جي مهڪ وانگر –
منهنجي سڃاڻپ جي نشاني
آ بڻي سا چُهنڊڙي
جا تو هئي پاتي اوچتو
مون کي ڀڄائيندي
طوهر جي رسم ڪنهن تي –
پيار تنهنجو تنهنجي اکڙين مان اُٺو
مون تي ڀريل ٽَبَ وانگر –
تنهنجو هڪ هڪ رنگ آهي
منهنجي دل تي نقش ٿي ويو
ڄَرَ مان نڪتل ٿانوَ وانگر –
۽ جڏهن کان شاعري
منهنجي دل جي وسعتن ۾ پيهجي
تنهنجي هڪ هڪ عڪس کي
ڳولهي لهي ٿي –
ائين لڳي ٿو
تو به پنهنجي روپ ۾
خوبصورت شاعريءَ جا ڪيئي صفحا
آهن سمايا –
جنهن جو هڪ هڪ ورق پڙهندي
توکي ڏسندي
دل وڃي ٿي ويڙهبي
تنهن جي ردم ۾
تون لڳين ٿي تنهن سمي
ڪنهن صبح جي راڳ وانگر –
ائين ڀڄندي سونهن جي درياهه ۾
وقت جون ويرون وري ويون،
دل نه هاڻي آ لِتل آلي اڱڻ جيان
پر انهيءَ تي تنهنجي پيرن جون تِريون
آهن چِٽيون –
روپ تنهنجو
تنهنجي ٻارن ۾ ويو آ
منتقل ٿي –
پر اُنهي ۾ شاعري
مون کي ملي ٿي –
تون ملين ٿي مون سان
رسمي ڄاڻ وانگر
پر تصور ۾ اڃا تائين
اچين تي ڊوڙ پائي
ڪنهن اُٻهري ٻار وانگر.
پارس عباسي
غزل
جڏهن ڪنهن ڀي آهي رنجايو اسان کي،
اوهان ياد آيئه ڀلا ڇو اسان کي؟
گهرن ۽ گهٽين ۾ رلياسي گهڻوئي،
ڪٿي ڀي نظر ڪو نه آيئه اسان کي؟
رُٺاسي، زماني جي ڪنهن سانگ کان،
نه ماتم، نه محفل، ملايو اسان کي؟
اسان ماٺ جي ڪنهن جزيري تي بيٺل،
ڇتين ڇولين ۾ نه لاهيو اسان کي.
اوهان ٿي ستارو، ڇو اُڀ ڏي هليا ويا!
چئون ڪيئن ته هٿ ڏئي بچايو اسان کي.
حقيقت جي ڌرتيءَ جو گولو ڇڏي ڏيون،
جي خوابن ۾ پنهنجي گهرايو اسان کي.
بخشل باغي
سمنڊ – ڪهاڻي، چنڊ!
شام ٿئي ٿي سمنڊ جنوني،
پنهنجي اندر گهوڙي وانگر ڊوڙي ٿو،
جو به اچي ٿو اُن جي سامهون،
ٻيلاٽين جيئن ٻوڙي ٿو،
جيئن جيئن چانڊوڪيءَ جي مَڌ جا،
سمنڊ پيئي ٿو جام پراڻا،
تيئن پوءِ کيپ ڇڏن ٿا اُن جو،
جوش وڌائي،
تڏهن لڳي ٿو ائين، اجهو ڄڻ،
سمنڊ، چڪوريءَ وانگر اُڏري،
تارن سان جهنجهيل هُن نيري
اُڀ کي سيني لائيندو.
پيار منجهان پرچائيندو.
گيت گلابي ڳائيندو.
۽ ساحل تي خاموشيءَ جي،
ڌڙ ڌڙ دل ڌڙڪائيندو،
هر ماڻهوءَ جي من ۾ پنهنجي،
هيبت کي ڀڙڪائيندو،
پاڻي کي ڄرڪائيندو.
راز لِڪل آ لهر لهر ۾،
چانديءَ جهڙي جهاڳ آ جَر تي،
سج لهڻ جي ويل شفق جي،
ڪنوار نما ڄڻ آڳ آ جَر تي،
دوُر، پري، هوُ ڌُنڌ ۾ ويڙهيل،
ڌنڌليون ڌنڌليون ٻيڙيون آهن،
لهرن سان جي جهيڙيون آهن،
ڪير نه ڄاڻي ڪهڙيون آهن،
يا ڪي مٽيءَ جهڙيون آهن،
جن جو ڪو ڀي رنگ نه آهي،
پاڇي جو ڀي سنگ نه آهي،
ڇا سي پاڻيءَ منجهه ترن ٿين؟
يا ڪي مٽجي تري ٿو پاڻي،
چنڊ ڏسي پيو هيءَ ڪهاڻي،
جنهن جي ناهي ڪا سمجهاڻي!
حيرت جي نيراڻ کُلي ٿي،
جيڪا ڇولين منجهه ڇُلي ٿي،
تارا، تارا پاڻي سارو،
اک ٻُڏي ٿي ڪين ڪنارو،
اوندهه اوندهه آهه نظارو،
رات، خدا جو، خواب – اشارو،
چنڊ ڏسندي خاموشيءَ سان،
ڌرتيءَ ڏانهن نهاري ٿو،
جيڪا ننڍڙي ٻالڪ وانگر،
ٻُڌندي ٻُڌندي گهري ننڊ سمهي پئي آهي.
چانڊوڪي جي چادر اوڙهي،
چنڊ مسيحا وانگر مُرڪي،
هُن جي ڳل تي ٿڦڪي ڏيئي،
تارن کي به سمهڻ لئه چيئي،
پاڻ لهي ويو اولهه – پاسي،
ماٺ ڇڏي ڪا ساگر جيڏي،
نيري نيري امبر جيڏي!
جوهر بروهي
غزل
جيون صحرا، سايو ڪونهي،
لوڪ به نينهن نڀايو ڪونهي.
چانڊوڪي سان جهول ڀريا ٿئون،
پنهنجو ٻيو سرمايو ڪونهي.
ها ته ضمير کپائي ويهون،
اهڙو وقت به آيو ڪونهي.
دانشور درٻاري ٿي پيو،
ڏاهي پاڻ بچايو ڪونهي.
اڄ به يزيد سُلامت آهي،
ڪيڏارو ڪنهن ڳايو ڪونهي.
تاريخن جا باب لکن ٿا،
سچن سچ لڪايو ڪونهي.
نيٺ ته ٿي پيا سر جا سودا،
هن تي مون پڇتايو ڪونهي
نينهن جي درد بنا اي جوهر،
ٻيو ڪو درد پِرايو ڪونهي.
ساحر راهوُ
غزل
سونهن ٿي جهلڪا ڏنا ۽ مَن به ڄڻ مندر هيو،
چنڊ جهڙو روپ منهنجو رات ٿيو پيڪر هيو.
ڇوڪرين سپنن جا پوپٽ ٿي اُڏايا ننڊ ۾،
مُند مهڪي، واءُ گهُليو، سوجهرو گهر گهر هُيو.
تير ساري شهر جا ريشم هُيا، ململ هُيا،
عشق ۾ ڄڻ ڦُل يارو! تير يا پٿر هُيو.
تو مڻيا سڀ آسرن جا ها ڇني ٽيڙي ڇڏيا،
منهنجي نيڻن کان به اوجهل پار جو منظر هُيو.
ڇير ڇڻڪي ڳهر مان، ڇرڪي اُٿيا پل سانت جا،
چنڊ ساگر جهول ۾ ۽ ڀاڪرين دلبر هُيو.
هر ڏِسا خوشبو جهروڪا، هر نظر پُرجامِ جان،
منهنجي راهن تي وڇايل سونهن جو منتر هُيو.
موج تي هر درد دريا، نيڻ سارنگ ٿي وُٺا،
چؤڏسا لڙڪن جون لهرون، دل جو دامن ڇَر هُيو.
زندگي گهايل پکي، يا جَر کان ٻاهر ڪا مڇي،
رات ’ساحر‘ درد ئي هادي هُيو، رهبر هُيو.
مهر خادم
غزل
ڳالهه هڪڙي ته مون به ڄاڻي آهي،
درد سان دوستي پراڻي آ.
آءُ ڄاڻان ٿو تنهنجي عظمت کي،
سنڌ! تنهنجي وڏي ڪهاڻي آ.
ٻُڏندي سڀ ڪجهه ڏسندي آهي هيءَ،
خلق ڪاٿي اسان جي سياڻي آ.
منهنجي درياءَ جو پيٽ خالي آ،
تنهنجي اُڀ ۾ به ڪو نه پاڻي آ.
ساٿ ساٿي ڪڏهن ڇڏيندا هِن،
ايندي رُڃ مان ڪڏهن وراڻي آ.
روبينه ابڙو
غزل
تنهنجا وعدا تنهنجا گفتا،
اڪثر انسانن جان کوٽا!
سارن جي ڏس سيج سجائي،
ڪنوار بڻي آ منهنجي ڪوتا!
هير پکيڙيو هُٻڪارن کي،
ڇوريءَ ڇوڙيا شايد چوٽا!
تات اوهان جي تارؤن تار،
خيالن کاڌا هر هر غوطا!
سيني ۾ ڪنهن سُور ڀَريو ٿي؟
نيڻ ڪٽوار ڪنهن ٿي ڌوتا؟
تنهنجي ايندي وکري ويندا،
لڙڪ لڙهين ۾ جيڪي پوتا.
ماڻهن کي ڇو چيڀاٽين ٿو؟
ناهن سگريٽن جا ٽوٽا!
ڌڪ لڳڻ تي دانهن ڪندا سي،
ناهيون پٿر جا ڪي بوتا!
انجم قاضي
غزل
اوهان کان جڏهن جو جُدا ٿي وياسين،
فنا کان اڳي ئي فنا ٿي وياسين.
اميدون اڌواڌُ، اکين ۾ نراسي،
اسان ڇا هئاسين ۽ ڇا ٿي وياسين.
شريفن کي شامت، ذليلن کي راحت،
انڌا ڏيهه توکان خفا ٿي وياسين.
زماني کي پيئي هي ڌرتي ڏسيندي،
اسان سچ جي اهڙي ڪٿا ٿي وياسين.
ڀري ڪو نه سگهنديءَ ڪڏهن ڀاڪرن ۾،
اسان هاڻ گهلندڙ هوا ٿي وياسين.
نه همدرد ڪوئي، نه ڪو دوست ساٿي،
حياتيءَ ۾ ڇورا ڇِنا ٿي وياسين.
عارف ڀنڊ
نظم
تون ڪاش مسيحا بڻجين ها،
هن منهنجي زخمن جي سرتي!
هڪ ڀيرو مرهم بڻجين ها،
تون ڪاش مسيحا بڻجين ها،
من منهنجي پياس اُجهائڻ لئه،
تون ڪاش سمندر بڻجين ها،
تون ڪاش اڪيلو ائين ڇڏي،
منهنجي نه حياتي رولين ها.
تون ڪاش نه مون کي لڙڪ سکي!
وک وک تي تحفا ارپين ها،
تون ڪاش اسان جي خوابن کي،
ڪا سُندر ساڀيا آڇين ها.
تون ڪاش انڌيري جيون ۾،
ڪي روشن ديپ جلائين ها،
تون ڪاش اسان جي دلڙي کي،
ڪن خوشين سان مهڪائين ها.
تون ڪاش هوا جو جهوٽو ٿي،
هي جيءُ بهار بڻائين ها،
تون ڪاش تتل هِن واريءَ تي،
ڪي مون لئه پاڇا بڻجين ها،
تون ڪاش مسيحا بڻجين ها،
تون ڪاش مسيحا بڻجين ها.
ستار سُندر
غزل
هڪ ڏينهن ٿيءُ وڃبو مهمان مٽيءَ جو،
رکڻو آ ڇو ته مون کي ڀي مان مٽيءَ جو،
ٽڪرا ٿي توکي تنهنجا آئينا اِهي چُڀندا،
مون وٽ ته سارو آهي سامان مٽيءَ جو.
سڀ کي اکين ۾ پنهنجي هي جاءَ ڏئي ٿي مُرڪي،
ڪيڏو نه آهي پُختو ايمان مٽيءَ جو.
سُندر ملي مٽيءَ سان هرڪوئي مِٽي ٿيندو،
ماڻهو به ڇو ته آهي ڪو گيان مٽيءَ جو.
فياض لطيف
غزل
جفائن جو تکو خنجر، وفائن جو بدن زخمي،
کڻون جي نيڻ کڻئون ڪيئن، نگاهن جو بدن زخمي.
اسان جي خواب نيڻن ۾ روهيڙي جا رَتا گُلڙا،
خزائن جي مگر موسم، اِڇائن جو بدن زخمي.
ڊگهو آ درد جو رستو، پٿون هِن پير پانڌيئڙا،
ڪيئن ڪو سڏ وراڪو ٿئي، پناهن جو بدن زخمي.
چپن تي چين جون ڳالهيون، اَچن جي ڪيئن اَچن آخر؟
اندر ۾ ٿيون چُڀن سارون، صدائن جو بدن زخمي.
چون ٿا آ لٿي موسم، هڳائن جون چڳيون ڇوڙي،
پٿر جي شهر ۾ ليڪن، هوائن جو بدن زخمي.
خيال سنڌي
غزل
تنهنجي قاتل نظر تي مَري پيو،
زندگي جي ڪو در تي مري پيو.
سمنڊ رکندو هو خوشين جا جيڪو،
درد جي هڪ لهر تي مَري پيو.
ڪوئي گولين مان ويو آ بچي ۽،
ڪوئي هڪڙي اکر تي مَري پيو.
پيو سِناٽو ڪري يارو! ماتم،
ديپ ڪوئي قبر تي مَري پيو.
دشمنن جي نه خنجرن تي مُئو هو،
دوست جي هڪ اُلر تي مري پيو.
تو وساري ڇڏيو خيال کي آ،
خيال اُنهي خبر تي مري پيو. |