سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :13

بهرحال، جيستائين سنڌ جو تعلق آهي، ته اها ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ڊاڪٽر شمل، سنڌُ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب ۾ جيڪا به دلچسپي ورتي. سا پير صاحب جي دوستيءَ جي ڪري. هو کيس سنڌ گهمائڻ لاءِ سڀ کان اول ڳڙهي ياسين وٺي ويو، جتي سندس دوست، آغا بدرالدين، سندن ڏاڍيون خاطرداريون ڪيون، ۽ موڪلائڻ مهل ڊاڪٽر شمل کي سنڌي زنانن زيورن جو سڄو سونو سيٽ تحفي طور ڏنائين. ڏاهن چيو آهي:

کِلاوَڻُ پِلاَوَڻُ، عَجَبُ دلبري.

ڊاڪٽر شمل جي سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپي وڌي ته اُن ۾ خَطَ لکڻ لڳي. هڪ ٻه مون کي به لکيائين. هونئن نه ته انگريزيءَ ۾ لکندي هئي. مون سندس هڪ خط ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ ڇاپيو. ”گل ڦل“ لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ مضمون به موڪليائين جو پڻ منجهس ڇاپيم.

اڳتي هلي، منهنجي افساني ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ ۽ جمال ابڙي جي افساني ”ڪار مُنهون“ جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيائين. ڪروڙ پتيءَ جو به هڪڙو افسانو ترجمو ڪيائين. اسان ٽنهي کي جرمني ۾ ٺهيل ڪاري رنگ جون ٽي خوبصورت انڊپينون تحفي طور موڪليائين ۽ ٽئي افسانا جرمن زبان ۾ پنهنجي ڪتاب، پاڪستاني افسانن جو انتخاب“ ۾ شامل ڪيائين، جو جرمنيءَ ۾ ئي ڇپيو. مون کي ڪتاب جي ڪاپي ڏنائين، جا اڃا محفوظ اٿم.

اڳتي هلي، سنڌي ادب جو انگريزي ۾ تعارف لکيائين. غالباً جرمنيءَ ۽ هندستان جي ناشرن اِهو ڪتابُ گڏجي، متعدد جلدن ۾ انگريزيءَ ۾ ڇاپيو هو، جنهن ۾ سنڌي ادب جو تعارف وارو حصو ڊاڪٽر شمل لکيو هو. مون کي ڪتاب جي ڪاپي گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي ڊئريڪٽر مسز زمان ڏني. ڊاڪٽر شمل ڪتاب ۾ سنڌي ادب جي اؤسر جي شروع کان وٺي هاڻوڪي دور تائين جائزو ورتو آهي.

ڪي ڪتاب وري اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر شمل جي جرمن دوست مئڊم ڪئرن ڏنا هئا. وٽس ڊاڪٽر شمل جي آٽوبايوگرافي به ڏٺم. ڊاڪٽر شمل اسان جي شاهه سائينءَ ۽ اردو شاعر خواجه مير درد، ٻنهي تي گڏ، انگريزيءَ ۾ هڪ معياري ڪتاب لکيو آهي. پوين ڏينهن ۾ شاهه سائينءَ جي چونڊ ڪلام جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪري رهي هئي. هڪ حصو ڇپايو هئائين، جنهن جون ٻه ڪاپيون مون کي ڏنيون هئائين: هڪ ته اسلام آباد ۾ پنهنجي ڪنهن دوست کي ڏنم. ٻي مون وٽ آهي، اهو ڪتاب به جرمني ۾ ڇپيو هو. مون وٽ سندس ٻيا ڪتاب به آهن، جن مان ڪي ڊئريڪٽر اقبال ايڪيڊميءَ تحفي طور ڏنا هئا.

هڪڙي سال پاڪستان آئي، ته پير صاحب کيس مڪلي گهمائڻ وٺي ويو. اُتي ٻيا ڪي دوست به سڏيل هئا، جن مان مرڪزي فنانس سيڪريٽري، ممتاز حسن، سيد عبدالواحد ۽ آرڪيالاجيڪل کاتي جي عملدار ولي الله جا نالا مون کي ياد آهن. ريسٽ هائوس ۾ منجهند جي ماني کائي ڪچهري ڪرڻ ويٺا ته ڳالهيون ڪندي ڪنهن چيو ته اقبال وڏو شاعر هو ۽ ڪنهن چيو ته شاهه ڀٽائي. نيٺ، ڪافي بحث مباحثي کانپوءِ، ولي الله کان راءِ ورتائون، جنهن چيو ته:

”ٻنهي جي ڀيٽ اجائي آهي. هڪڙي وسندي ڇڏي، وڃي ڀٽ وسائي. کيس ڪوٺيندا ئي هئا: شاهه عبداللطيف ’تارڪ.‘ وڏو درويش ۽ اهل الله هو. سو، وقت جو بادشاهه نور محمد ڪلهوڙو به آخر اچي کيس پيش پيو. چوندا آهن ته مروج نموني ۾ پڙهيل لکيل ڪو نه هو. پر، شاعر ۽ مفڪر تمام وڏو هو.

ٻيو جديد دؤر جو پڙهيل ڪڙهيل اعلى تعليم يافته شخص هو ۽ سياسي معاملن جو فهم ۽ ادراڪ رکندو هو. قائداعظم ۽ مسلم ليگ کي ويجهو هو.

اردوءَ سان گڏ فارسي جو به عظيم شاعر هو.

-       - هاڻي، اوهان پاڻ ٻڌايو ته ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪهڙي ڀيٽ؟“

اهو ٻڌي، پير صاحب پنهنجيءَ ڪرسي تان اُٿيو ۽ ولي الله کي وڃي نرڙ تي چمي ڏنائين. پير صاحب جي اِنهيءَ عمل جي ڪري ماحول ڳنڀير ٿي ويو.سيد عبدالواحد اِهو ڌَڪُ سَهِي ڪو نه سگهيو. سو ڊاڪٽر شمل کان سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ جو وير ورتائي. جنهن ڏينهن هوءَ جرمني وڃي رهي هئي، تنهن ڏينهن ايئرپورٽ تي وڃڻ مهل پنهنجي ڪمري ۾ پيتي کڻڻ وئي، ته ڏسي ته پٺيان چاقوءَ سان ڦاٽي پيئي آهي ۽ پاڻ زيورن جو جيڪو سونو سيٽ ڪراچي مان خريد ڪيو هئائين، سو غائب آهي!.

ڪڇيائين پڇيائين ڪو نه. ماٺڙي ڪري، اچي پير صاحب سان ڪار ۾ ويٺي. ايئرپورٽ ويندي رستي تي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. جڏهن کيس جهاز ۾ اماڻي، مان ۽ پير صاحب موٽياسين، ته پير صاحب مون سان به ڳالهه ڪئي، پر منع ڪيائين ته ’ٻئي ڪنهن سان نه ڪجانءِ‘.

سيد عبدالواحد پنهنجي انتقام ۾ اُن کان به بڇڙو ٻيو ڪم اِهو ڪيو، ته هڪڙي سال ون يونٽ جي گورنر نواب ڪالاباغ کي سفارش ڪرائي، سنڌ ۾ ڊاڪٽر شمل جي اچڻ تي سرڪاري طرح بندش وجهائي ڇڏيائين. ملڪ ۾ ون يونٽ جو ڏاڍو ڏهڪاءُ هو. ماڻهو سنڌ جو نالو کڻڻ کان ئي ڪيٻائيندا هئا. ٽپال کاتي سرڪيولر جاري ڪيو هو ته خطن جي ايڊريس ۾ ’سنڌ‘ لفظ لکڻ به ڏوهه آهي. اياز بي سبب ته ڪو نه چيو هو:

سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو،

ڪاريهر تي پير پيو.

پير صاحب لاهور ۾ هو. فون تي چيائين ته: ”ڊاڪٽر شمل جي خاطرداريءَ لاءِ اوهان ۽ حسين شاهه پاڻ ۾ صلاح ڪري، ٻه چار دوست گڏجي، ڪراچي ايئرپورٽ تي وڃي ساڻس ملو، جو هوءَ ته سرڪاري بندش جي ڪري، ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري ڪانه سگهندي.“

اسان ڪي سنڌي ڳائڻا ۽ وڄائڻا هٿ ڪيا ۽ گلاب جي گلن جا کارا ورتا. حسين شاهه، اياز راشدي مان، علي نواز وفائي، غلام قادر ڊکڻ ۽ ٻيا دوستَ ٻن ٽن موٽرن ۾ ايئرپورٽ روانا ٿياسين. ڊاڪٽر شمل جهاز مان لهي وي آءِ پي لائونج ۾ پهتي. بريف ڪيس رکي، اڃا ٻاهر مَسَ نڪتي، ته مٿس گلن جي ورکا ٿي وئي ۽ سندس ڪلهن تي پَٽَ جون لونگيون پئجي ويون. سازن جي سريليءَ وڄت ۽ طبلي جي ڌڌڪي سان سنڌي راڳُ شروع ٿي ويو. ڪلاڪ کن کانپوءِ سندس جهاز جي جرمنيءَ ڏانهن اُڏامڻ جو اعلان ٿيو، جڏهن موڪلايائين، ته سندس چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو.

ڊاڪٽر شمل اُن کانپوءِ مهل موقعي سان ڪراچيءَ ايندي رهي. خدا ڪيو، جو اڳتي هلي، مٿانئس بندش به لهي وئي. سو، آهستي آهستي سنڌ ۾ اندر به پير پائڻ لڳي. 1978ع ۾ ڪراچيءَ آئي ته مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو – وائيس چانسيلر هئس. کيس ڄامشوري وٺي آيس ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ واري آڊيٽوريم ۾ ليڪچر ڏياريم. استاد ۽ شاگرد وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيا. ليڪچر پورو ٿيو ته کيس گهر ويٺي ويس. منجهند جي ماني کارائي، شام جو واپس ڪراچي ڇڏي آيس.

هڪ دفعي پير صاحب سان گڏ سيوهڻ گهمڻ وئي. موٽ تي ڄامشوري ۾ مون وٽ لٿا. چاءِ پيتائون. ڊاڪٽر شمل چوڻ لڳي ته ”رباني، رستي تي اهڙي ته اُڃ لڳيم، جو نڙيءَ ۾ اصل ڪنڊا پئي چُڀيم.“

اِهو ٻڌي، پير صاحب کلي ڏنو. چيائين ته ”اُڃ ته مون کي به ڏاڍي لڳي هئي، پر، سن ۾ موٽر ڪانه روڪيم ۽ رستي تي تڏهن اهڙي ڪا هوٽل هئي ڪانه، جتي لمليٽ پي سگهون.“

اڳتي هلي، سندس شڪايت دور ڪرڻ جو موقعو مليو. سو، هيئن ته پير صاحب جي هِنَ جهان ڇڏي وڃڻ کانپوءِ هڪ دفعي وري پاڻ سيوهڻ هلڻ جو ارادو ڏيکاريائين. مرحوم عبدالله ميمڻ، تڏهوڪي ڪمشنر حيدرآباد کي چئي، قلعي وارو ريسٽ هائوس رزرو ڪرايم ۽ اديءَ مهتاب راشديءَ کي ساڻس ڪمپني ڪرڻ لاءِ عرض ڪيم. ڊاڪٽر شمل حسين شاهه وٽ ٽڪيل هئي.

ادي مهتاب ۽ مان منجهند جو حسين شاهه جي گهر پهتاسين، جنهن جي بيگم، ادي شميم، ’پامفريٽ‘ مڇي تري ۽ مائيءَ ڀانَ نرم نرم اوڦراٽا پچايا. مان ڀايان ٿو ته هوءَ سنڌ جا روايتي ’سَتَ – پڙا اوڦراٽا‘ به پچائي ڄاڻي. ’لنچ باڪس‘ کڻي اسان ڪراچيءَ جي ڪئنٽ اسٽيشن تان بولان ميل ۾ اچي چڙهياسين. ماني کاڌيسين. ڏاڍو ساءُ هئس. ڊاڪٽر شمل ڪانٽو کڻي هر گهڙيءَ انگريزي ۾ چوي ته: ”هيڏي اچ منهنجي مڇڙي، ته توکي کانوان.“

سج لهي ٻڏي رهيو هو ته اسان به وڃي سيوهڻ لٿاسين. پوليس جو هڪ اعلى عملدار پنهنجي اٽالي سان گڏ، استقبال لاءِ اڳيئي اسٽيشن تي موجود هو. سڪندر بادشاهه سان منصوب قلعي ۾ پي ڊبليو ڊي وارن جي ريسٽ هائوس ۾ وٺي هليو. هٿ منهن ڌوئي، پهريائين روضي تي حاضري ڏينسون ۽ رب پاڪ کان دعا گهريسون. ريسٽ هائوس تي واپس آياسين. سيوهڻ جو تڏهوڪو ايس ڊي ايم، مسٽر عبدالجبار عباسي، اسان جو اڳيئي منتظر هو. جهڙي شاندار ڊنر کارايائين، تهڙي يادگار ڪچهري ڪيائين.

جاگيردانه جبرواري ماحول ۾ سنڌ جا اڳيان اخلاقي قدرَ جيئن پوءِ تيئن پائمال ٿي رهيا آهن. شهرن ۾ ته انگريزي ۽ اردو ڪلچر جو غلبو آهي. پاپ ميوزڪ عام آهي. پر، ڳوٺن جون حالتون به زبون ٿي ويون آهن. اُتي به سنڌ جو روايتي ڪلچر نالي ماتر وڃي بچيو آهي.

انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ اسڪولن ۾ ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ جو شوق هيڪاري وڌيو آهي. پر، پوءِ به ڪٿي ڪٿي، نئين نسل ۾ عبدالجبار عباسيءَ ۽ بزرگن ۾ جهنڊي واري پير سائين وهب الله شاهه راشديءَ وانگر مکڻ ماکيءَ جهڙا مٺا ماڻهو ملي ويندا آهن، جن جي روح مان بهار جي بوءِ ايندي آهي.

صبح جو سوير، اسان ٽئي ڄڻا وري وڃي روضي وٽ پهتاسين، جو اُن مهل اُٺن تي نغارا رکي وڄائيندا روضي تي ايندا آهن. ڊاڪٽر شمل کي اِهو منظر ڏسڻ جو خاص شوق هو. اُن جون تصويرون ورتائين. سيوهڻ جو پروگرام ڏاڍو سٺو بيٺو. وري بولان ميل رستي ئي واپس ڪراچيءَ پهتاسين.

ڊاڪٽر شمل هڪڙي سال ڪراچيءَ آئي، ته مون کيس چيو ته ”مون کي هٽلر جو ڪتاب ”مين ڪيمف“ (منهنجي جدوجهد) گهرجي. الائي ڪٿان ملندو؟“

پڇيائين ته ”ڇو؟“

مون چيو ته ”ادبي بورڊ طرفان ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيل آهي. پروفيسر سائين غلام مصطفى شاهه کي ترجمي لاءِ مليل هو. پر، سندس دلچسپي ڪانهي. مون کي چيو اٿس ته ’تون وڃي ترجمو ڪر‘. منهنجي ان جي ترجمي ۾ دلچسپي انڪري آهي، جو ٻي مهاڀاري لڙائي انساني تاريخ جو تمام وڏو واقعو آهي. هٽلر جي ڪتاب مان معلوم ٿيندو، ته هن منجهس ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.“

ڊاڪٽر شمل چيو ته ”It is a bad book.“

مون هٽلر جي ڪتاب جي ڳالهه ڇڏي، چيو ته ”ڊاڪٽر صاحبه، ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائي جي اوهان کي چٽي سانڀر هوندي. اُن وقت اوهان جي ملڪ جرمنيءَ ۾ اندروني حالتون ڪيئن هيون؟“

هن ڪو جواب ئي ڪو نه ڏنو.

مان ٻيهر کانئس سوال ڪرڻ وارو هئس، جو ڏٺم ته منهنجي ڳالهه ٻڌي، چهري تي ڏک جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا اٿس. اکيون ڀرجي آيون اٿس ۽ ڪنڌ پوئتي ڪري، آرام ڪرسيءَ تي آهلي پئي آهي. ٿڌا ٿڌا ساهه کڻي رهي آهي. – ڪا دير ته ماضيءَ ۾ موٽي هلي وئي. مون کي ٻيهر سوال ڪرڻ جي همت ئي ڪانه ٿي. دل ۾ پڇتايم، ته مون ساڻس اِها ڳالهه ڇو ڪئي!

ستت، اسلام آباد ۾ سندس جرمن دوست ڪئرن سان ملاقات ٿي، جنهن ٻڌايو ته ”جنگ جي زماني ۾ جرمنيءَ جون اندروني حالتون ڏاڍيون خراب هيون. ويلن جا ويلا بک ۾ گذرندا هئا.“ چيائين ته ”اسان اُن زماني ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا، جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. خدا شل دشمن کي به اهڙا ڏينهن نه ڏيکاري!“

ڊاڪٽر شمل جي پير صاحب سان دعا سلام ٿي، ته اُها رڳو تاريخ، تصوف، تذڪري ۽ ادب تائين محدود ڪانه رهي. پر، انساني مزاج جي فطري تقاضائن موجب، هنن هڪ ٻئي جي خانگي زندگيءَ ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.

آمريڪا ۾ ڊاڪٽر شمل جا ٻه ٽي پيارا شاگرد هئا: اُنهن ۾ علي آساڻي ڏاڍو لائق نوجوان هو. مون سان ڪراچي ۾ مليو هو: منجهن هڪ شاگردياڻي به هئي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر شمل جو خيال هو ته، ”پير صاحب جي خاندان ۾ فلاڻي نوجوان سان سندس شادي ٿئي، ته سٺو.“

پير صاحب سان ڳالهه ڪيم. پر، هو پنهنجي خاندان جي جنهن نوجوان سان انهي ڇوڪري جي شادي جو خواهشمند هو، تنهن سان وري اُها ڇوڪري شادي ڪرڻ تي راضي ڪانه هئي. سو، ڳالهه اُتي ئي رهجي وئي. ڇوڪري ڏاڍي سٺي هئي: نهايت ذهين ۽ نهايت نيڪ.

هيءَ ڳالهه مون هِت رڳو پير صاحب ۽ ڊاڪٽر شمل جي وڌندڙ تعلقات جي مثال ڏيڻ لاءِ ڪئي آهي. ٻيو مثال: مان سائين حسام الدين شاهه کي ”پير صاحب“ ڪوٺيندو هئس، ته ڊاڪٽر شمل وري مون کي پنهنجن خطن ۾ نالي لکڻ بدران لکندي هئي: تنهنجي ”پيرياڻي.“ هڪ خط هِتِ ڏيان ٿو:


 

هڪ ڏينهن پير صاحب حيدرآباد آيو. نواب نور احمد خان لغاريءَ وٽ ٽڪيل هو، جنهن کي ڄامشوري ۾ مرحوم ڊاڪٽر منير صديقي صاحب سان ملڻو هو. پير صاحب چيس ته ”نواب صاحب، گڏجي ٿا هلون.“

نواب صاحب، ڊاڪٽر صاحب سان صلاح مشورو ڪري ڪرسيءَ تان اُٿيو، ته پير صاحب ڊاڪٽر منير کي چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب، مون کي گلي وٽ هيءَ ڳوڙهي آهي. جاچي ڏسو ته ڇاهي؟“

ڊاڪٽر منير چيس ته، ”پير صاحب، مون کي ڪجهه انديشو آهي، جي چئو، ته هينئر جو هينئر هِتِ ئي ڪڍي ڇڏيان.“ اِهو ٻڌي، پير صاحب فڪرمند ٿيو ۽ چيائينس ته ”پوءِ ڏسنداسين.“

اُتان اُٿي، ٻئي ڄڻا مون وٽ ڄامشوري ۾ آيا بورڊ جي آفيس ۾. پير صاحب چيو ته، ”ويهه ڪار ۾.“ - - ٽاڪ منجهند جي مهل هئي. لُڪَ پئي لڳي، ڪا گرمي هئي! ڪار شهر ڏي رڙهي، ته پير صاحب نواب صاحب کي چيو ته، ”ربانيءَ سان ڳالهه ڪريو.“

نواب صاحب ڳالهه ٻڌائي ته مون کي پير صاحب جي پريشاني سمجهه ۾  آئي. کيس چيم ته، ”سائين، ڊاڪٽر منير صاحب جي ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي. پر، ڪراچيءَ ۾ به وڏا وڏا ڊاڪٽر ويٺا آهن. هروڀرو پريشان ٿيڻ جو ضرور؟ اوهان اُتي سڀاڻي پرينهنءَ ڪنهن ماهر سان وڃي مشورو ڪريو. اُهو ڇا ٿو چوي؟“

نواب صاحب مون سان هائو ۾ هائو ملائي. شام جو اسان ٽئي ڄڻا ڄام ڪرم علي خان جي ڳوٺ دعوت تي هليا وياسين، جنهن جو بندوبست نواب نور احمد خان لغاري ڪيو هو. ڄام ڪرم علي خان اهڙي ته شاندار ڊنر کارائي، جو ننڍپڻ ۾ مرحوم ڄام ڪانڀو خان جي درياءَ دليءَ جون ٻڌل ڳالهيون ياد اچي ويون. مجلس ۾ کل، ڀوڳ ۽ چرچا ٻڌي، حالي ته پير صاحب جو غم به غلط ٿي ويو. دل جي سڪون سان ڪراچيءَ روانو ٿيو.

هفتي کن کانپوءِ مون کي اطلاع آيو ته، ”ڪراچيءَ اچ، سڀاڻي پير صاحب جو آپريشن آهي.“

ڪراچيءَ پهتس ته پير صاحب جو اسپتال ۾ آپريشن ٿي چڪو هو. خبر پيم ته ڊاڪٽر شمل به پهچي وئي آهي.پيار علي الانا وٽ ٽڪيل آهي. مان سڌو وڃي ساڻس مليس. پريشان هئي. چيائين ته، ”خدا ڪري جو Malignant نه هجي!“ - - پر، جڏهن رپورٽ آئي ته ڊاڪٽر شمل جو انديشو صحيح ثابت ٿيو.

پير صاحب ڪئنسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو هو. کيس Thyroid جو ڪئنسر هو، جنهن جا ڪراچيءَ ۾ ڪيئي آپريشن ٿيا. هڪڙي ڀيري، هو تازو تازو آپريشن ڪرائي اسپتال مان آيو هو، جو مان حيدرآباد مان سڌو وٽس پهتس. ادب سان رڳو ايترو چيومانس ته ”سائين، طبيعت ڪيئن آهي؟“

چيائين ته، ”ڀاءُ، ڊاڪٽر جو ڇُرو آهي ۽ منهنجو گلو آهي.“- - اکين مان ٻه ڳوڙها وهي آيس!

مان ڏک ۾ ٻڏي ويس.

جڏهن پير صاحب ڪئنسر ۾ بلڪل وٺجي ويو، تڏهن ڪراچيءَ ۾ روس جي سفارتخاني جو ”Friendship House“ نالي هڪ ادبي ۽ ثقافتي مرڪز هوندو هو، جنهن جو صدر فيض احمد فيض هو، ۽ نائب صدر پير صاحب هو. ’فرينڊ شپ هائوس‘ وارن پير صاحب کي علاج لاءِ ماسڪوموڪليو، پاڻ مون سان ڳالهه ڪيائين ته ڪئنسر Thyroid ۾ هئي. روسي ڊاڪٽرن سڄي جي سڄي مشينن وسيلي ڪڍي ڇڏي.

ٻارهن مهينن کانپوءِ ايران ۾ ڪا بين الاقوامي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي هڪ اجلاس جو پاڻ صدر هو. موٽي آيو ته خوشيءَ مان چيائين ته ”رباني، گذريل سال جنهن تاريخ تي ماسڪو جي اسپتال ۾ غم ۽گوندر ۾ ليٽيو پيو هئس. هن سال، ساڳئي ئي تاريخ تي تهران ۾ بين الاقوامي ڪانگريس ۾ وڏي ٺَٺَ سان صدارتي ڪرسيءَ تي ويٺو هئس.“

ارمان ۽ا فسوس اهو آهي ته هِن دنيا ۾ خوشيءَ جون گهڙيون ننڍڙيون ۽ ڏک جا ڏينهن ڏاڍا ڊگها آهن. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: ”For men like us there is no season but the season of Sorrow.“ سال ٻن کانپوءِ ڊاڪٽرن پير صاحب کي چيو ته ”ڪئنسر وري مُنهن ڪڍيو آهي، جو اها جسم جي ٻين حصن ۾ به پکڙجي چڪي آهي. اسان سمجهيو هو ته رڳو Thyroid ۾ آهي.“

اِهو ٻڌي مان به پريشان ٿيس. ڪراچيءَ ويس ۽ کيس عرض ڪيم ته ”علاج لاءِ لنڊن وڃو.“

چيائين ته، ”پئسا ڪٿان آڻيان؟“

مون چيو ته، ”ٻنيءَ جو ٻارو وڪڻو.“

چيائين ته، ”ڪير وٺندو؟“

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ خبر پيم ته ڊاڪٽر شمل کيس لکيو آهي ته، ”جرمنيءَ هليا اچو، ته مان اوهان جو علاج ڪرايان.“

اِهو ٻڌي، وري سڌو ڪراچيءَ پهتس ۽ پير صاحب تي زور ڀريم ته ”فوراً جرمنيءَ وڃو.“

پير صاحب دلنواز دوست هو، سچو ۽ سخي انسانُ هو. ڏاڍو ڏاهو هو. پر، سڀ کان وڏي ڳالهه نهايت بااخلاق شخص هو. منهنجي ڳالهه ٻڌي، ڪا گهڙي خاموش ٿي ويو. پوءِ ڏک سان چيائين ته ”رباني، عقل ڪر. مان اهڙو بداخلاق آهيان، جو هاڻي رن – زال وٽ وڃان، ته منهنجو علاج ڪراءِ!“

قدرت کي ائين منظور هو، جو هڪ ڏينهن پير صاحب هي جهان ڇڏي ويو. آسمان تي ڄڻ ته غم جا ڪارا ڪڪر چڙهي ويا. نواب نوراحمد خان لغاري اڳئي هي جهان ڇڏي ويو هو. علامہ صاحب جو عقيدتمندُ، امداد جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر مجتبى جوڻيجو به موڪلائي ويا هئا. علامه قاضي صاحب جي رحلت جو داغُ ته دل تان لهڻ جو ئي ڪو نه هو. ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾، پنهنجيءَ دل جو حال اِهوئي هو ته، ”ولين جيئن وريام، گوندر غمَ پرين جا.“

عين اُنهيءَ وقت، قسمت منهنجو داڻو پاڻي ڪي سال اسلام آباد ۾ لکيو هو. سو اوڏانهن اچڻ لاءِ سرڪاري سَڏ ٿيو. اُتي به ادبي بورڊ جهڙو ڪم ڪار هو. هڪ ڏينهن اسلام آباد جي آفيس ۾ صدر پاڪستان جو فرمان آيو ته:

”حڪومت پاڪستان جرمنيءَ جي مستشرقہ ڊاڪٽر ائنيمري شمل کي ”سرڪاري مهمان“ قرار ڏنو آهي. هوءَ يورپ ۾ پاڪستان جي ڄڻ ته هڪ سفير آهي. سو، جڏهن به پاڻ پاڪستان اچي، تڏهن سندس خاص خيال رکجي ۽ کيس پاڪستان جا مختلف علائقا گهمڻ لاءِ سڀ سهولتون مهيا ڪجن.“

صدر جو اهو فرمان، وزارت تعليم، ايڪيڊمي آف ليٽرس کي موڪلي ڏنو، جنهن جو ڊئريڪٽر جنرل ته مان هئس، پر چيئرمين هو ملڪ جو مشهور اردو مزاحيه نويس ۽ پاڪستان جي نيوي جو ريئر سرجن، ايڊمرل شفيق الرحمان. هڪدم مون کي پنهنجيءَ آفيس ۾ سڏيائين ۽ فرمان اڳيان رکي، پريشانيءَ مان چيائين ته ”يار، هن آفت مان ڪيئن ڦاٿاسين؟“

مون کيس تسلي ڏني ته ”توهان ڳڻتي نه ڪريو، مان پاڻهي کيس منهن ڏيندس.“

اِهو ٻڌي اهڙو خوش ٿيو جو کِلي چوڻ لڳو ته، ”ماڻهو سرڪاري نوڪري تڏهن ڪري، جڏهن آفيس ۾ آگري جهڙا ساٿي هجن.“

سرڪاري فرمان ”خفيه“ هو، جنهن ۾ تمام اهم ۽ نازڪ ڳالهيون لکيل هيون. پر، مڙني جو مقصد ڊاڪٽر شمل کي پاڪستان ڏانهن وڌيڪ مائل ڪرڻ هو. سو، ان ڪري جو اسان جو پاڙيسري ملڪ به اهڙي ڪوشش ڪري رهيو هو.

مون ڊاڪٽر شمل کي لکي موڪليو ته ”فارسيءَ ۾ چوندا آهن ته ’اوهان جو ٻيو حڪم ڪهڙو آهي؟‘“

خط پڙهي خوش ٿي. لکيائين ته ”سيف الملوڪ واري ڍنڍ ڏسڻ جو سالن کان شوق اٿم، جيڪا چون ٿا ته ايڏي ته خوبصورت آهي، جو چوڏهين رات پريون اُتي ناچ ڪرڻ اينديون آهن.“

مون ڪوشش ڪئي ۽ خدا ڪامياب ڪيو. آرميءَ کان هيلي ڪاپٽر مليو. منجهس سوار ٿي، سڌو وڃي ڍنڍ جي ڪناري تي لٿاسين. سيارو هو. ڍنڍ اڌ برف هئي ۽ اڌ پاڻي. ليڪن اهڙو شفاف جو ليئو پاءِ ته منجهس آسمان جا ڪڪر پيا ترن!

’سيف الملوڪ ڍنڍ‘ ڇا هي؟- - بيضوي شڪل جو هڪ وڏو پيالو آهي، جيڪو قدرت، ٽَڪرن مان ٽاڪي، سندن وچ ۾ رکيو آهي. سندس سونهن ڏسي، سچ پچ اعتبار آيو ، ته برابر چوڏهينءَ جي رات، پريون ڪوه قاف مان اُڏامي، اِتي رقص ڪرڻ اينديون هونديون!

ڊاڪٽر شمل دوربينيءَ سان، آسمان ۾ هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳي.

مون کلي چيس ته ”ڊاڪٽر صاحبه پريون رڳو چوڏهينءَ جي رات اينديون آهن.“

پاڻ کلي چيائين ته ”مون واري دوربين رڳو ڏينهن جو ڪم ڪندي آهي.“

ڍنڍ ڏسي، فوٽا ڪڍي وڃي جيپن ۾ ويٺاسين. ڀرسان سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ وڃي لٿاسين، جو درياءَ جي ڪناري تي ڄڻ ته هڪ ننڍڙو بهشت آهي. - -چون ٿا ته ست بهشت آهن. پر، ٻيا الائي ڪاٿي آهن؟

ڪمشنر لنچ جو وڏو اهتمام ڪيو هو. منجهس اُترين علائقن جي مشهور مڇي ’ٽرائوٽ‘ به رکائي هئائين، جيڪا مهانگي آهي ۽ فقط اميرن لاءِ آهي. صحيح معنى ۾ Delicacy آهي. کائڻ کانسواءِ ان جي ذائقي جو صحيح انداوز ڪو نه ٿيندو. پر درياءَ جي ڪناري تي ريسٽ هائوس جو ماحول اهڙو ته وڻندڙ هو، جو مون کان ماني ئي وسري وئي!

ٻئي سال سڪردوءَ وياسين. ڪئرن به گڏ هئي. ’شنگريلا‘ ۾ ٽڪياسين. تمام سٺي پر تمام مهانگي هوٽل آهي. در حقيقت، شادي ڪيل نون جوڙن جي لاءِ ٺهيل آهي، جن جي هر رات چوڏهينءَ جي رات هوندي آهي. هوٽل جي اڳيان هڪ خوبصورت تلاءُ ٺهيل هو، جنهن ۾ ڪنول جا سفيد گل بيٺا هئا. منظر اهڙو ته سهڻو هو، جو مان ڪلاڪ ٻه اُتي ڪرسي رکي ويهي رهيس ۽ ڪنول جي گلن کي ڏسندو رهيس. شام جي مهل هئي، ستت رات ٿي وئي. جڏهن بستري ۾ ليٽيس، ته دل جي آسمان تي ڪيئي سهڻا ستارا اُڀري آيا ۽ ڀٽائي ياد آيو:

اڱڻ تازي، ٻاهر ڪُنڍيون، پَکا پَٽِ سُونَهنِ،

سُرهي سيج، پاسي پيرن، مَرُپيا مينهن پَوَن،

اسان ۽ پِرُينِ، شل هئن برابر ڏينهڙا.

سڪردوءَ وٽان سنڌو درياءُ پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. سيارو هو، سو درياءُ سُڪو پيو هو. آرميءَ جون جيپون، جيڪي اسان کي ايئرپورٽ تي وٺڻ آيون هيون، سي ميل ٻه ميل منجهائس ئي هليون، اسان جي ميزبانيءَ جو گهڻي ڀاڱي انتظام آرميءَ وارن جي بلي هو. شام جو اسان جي دعوت استقباليه ڪيائون.

سڪردوءَ ۾ ’ست پارا‘ ڍنڍ تي وٺي ويا، جتي منجهس ٻيڙيءَ ۾ سير ڪيوسين.

ڀُلجان نٿو ته اسان جا ميزبان سڪردوءَ ۾ ئي اسان کي ’پولو- راند‘ ۾ به مکيه مهمانَ ڪري وٺي ويا. پولو دلچسپ راند آهي. تاهم، منهنجو خيال آهي ته راند هرڪا راند آهي. پر، منهنجي دوست حسين شاهه راشديءَ جهڙا ذهين ماڻهو به ڪرڪيٽ جي ڪمينٽري ايڏي ته توجهه سان ٻڌندا آهن، جو ڄڻ ته قيامت جي ڏينهن کانئس سڀ کان اول اِها پڇا ٿيندي ته ”تو ڪرڪيٽ جي ڪمينٽري توجهه سان ٻڌي هئي؟ چڱو ڀلا ٻڌاءِ ته فلاڻي شهر واريءَ راند ۾ فلاڻي رانديگر گهڻيون ڊڪون پاتيون هيون؟“

هڪڙي سال ڪاغان وياسين ۽ ٻئي سال سوات، ٻئي علائقا هڪٻئي کان وڌيڪ سرسبز آهن. ڊاڪٽر شمل جي چوڻ موجب ’پاڪستان جا اُتريان علائقا سئزرلينڊ جون سڪون لاهن ٿا.‘ ايڏي ساوڪ ۽ ايڏي سونهن، جو پنهنجين اکين تي به اعتبار نه اچي. ميزبانن ڏاڍيون خدمتون ڪيون. ڪاغان ۽ سوات جا اِهي سفر ڪڏهن ڪو نه وسرندا- - خاص طرح واليء سوات جي محل ۾ چاءِ – پارٽي. ڊاڪٽر شمل پارٽيءَ مان نڪتي ته پنهنجو تاثر بيان ڪندي چيائين ته، ”هر هنڌ، مقامي ثقافتي روايتن ۾ اسلامي اثرات جي آميزش آهي.“

اسان اُترين علائقن ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو منظر ڏسڻ لاءِ هڪ رات تنبن ۾ گذاري. صبح جو سوير مان مسجد ڏي نماز پڙهڻ هليو ويس. ته ڊاڪٽر شمل ۽ ڪئرن پنڌ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتيون ۽ ڳوٺ جي غريب دڪاندار کان وڃي پڇيائون ته، ”اوهان وٽ صبح جي بانگ ڪهڙي وقت ايندي آهي؟“

هن معصوم شخص کين جواب ڏنو ته، ”ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندي آهي

ته ڪڏهن ڪانه ڇو ته بانگ ڏيڻ واري کي ئي ننڊ وٺي ويندي آهي.“

ڪاغان  سوات گهمڻ کانپوءِ، ڊاڪٽر شمل چيو ته، ”رباني، ڪو بندوبست ڪر، ته ايندڙ سال چترال هلون.“

چترال جو مکيه مسئلو اِهو آهي ته اُتي رهڻ لاءِ سٺي هوٽل ڪانهي، سو مون آرميءَ جي ريسٽ هائوس ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو. افغانستان ۾ روس سان جنگ جاري هئي، جنهن جو اسلح چترال مان ويندو هو. اسان مجاهدن کي خچرن تي اسلح کڻي روسين سان وڙهڻ لاءِ ويندي ڏٺو. مون کين چتائي ڏٺو. ماڻهن جهڙا ماڻهو هئا. عام ماڻهوءَ ۽ مجاهد ۾ مون کي ته ڪو به فرق نظر ڪو نه آيو. شايد مجاهد جو بارود بندوق ۾ ڪونهي: سندس مٿي ۾ ڀريل آهي.

چترال ۾ ’ڪافر قلاش‘ ۽ سندن ’سياهه پوش عورتن‘ جو رقص به ڏٺوسين. غريبن تي عياش ڪامورن جو ڏاڍو ظلم هو. نه ته کين عزت ڀريو روزگار ڪمائڻ جو موقعو هو ۽ نه وري سندن خواتين جي عزت ۽ عصمت سلامت هئي. هڪڙي غريب ته ڊاڪٽر شمل سان پنهنجا ڏک بيان ڪندي روئي ڏنو ۽ چيو ته ”هڪ مذهبي جماعت تي اسان جو جيئڻ هيڪاري حرام ڪري ڇڏيو آهي.“ اهو ٻڌي هوءَ ڏاڍي اداس ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com