سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :20

منهنجي ان ڳالهه تي سڄي پبلڪ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. هڪ ڀيرو تاڙين جي زوردار برسات ٿي ويئي. سڀ ماڻهو هاڻي اهو سمجهي رهيا هئا ته مان اِهي سڀ ڀوڳ ڪري رهيو آهيان. مون حاجي غلام محمد سيٺ وقاص ۽ نرگس ڏانهن ڏٺو. هُنن کي منهن تي پريشانيءَ جا گهنج چڙهيل هئا.

اسٽيج سيڪريٽري مون کي ٻانهن کان ڇڪي چيو: ”هي ڇا بڪواس آهي!“ مائيڪ تي چيم: ”هيءُ بڪواس ناهي، پر مان چهرن تان ماسڪ لاهي رهيو آهيان. ڇا ڪجي. نرگس صاحبه جو به اِهوئي حڪم آهي ته مشڪرن جي چهرن تان نقاب لهڻ کپي ۽ هاڻي سيٺ وقاص جي چهري تان نقاب لاهڻ جو وارو آهي. هي سيٺ وقاص جيڪو عوام جي عشق ۾ هميشه بيمار رهي ٿو. اِهو ئي عوام جو سڀ کان وڏو دشمن آهي. هن پنهنجن مٺڙن ٻولن سان گل محمد جهڙن ڪيترن ئي نوجوانن کي استعمال ڪري اقتدار تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڪڻ طور ڪم ورتو. سياست جنهن جو ڪاروبار آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهو نه پر هڪ ووٽ سمجهندو آهي، جنهن سياست ڪئي آهي ته صرف پنهنجي فرم کي گهڻي ۾ گهڻا ٺيڪا ڏيارڻ لاءِ هي سيٺ وقاص جيڪو مڪاريءَ ۽ عيادي جو شهنشاهه آهي. توهان مسڪين ماڻهن کي ڪجهه به نه ڏيندو. سندس تڪ جا نوجوان ڊگرين جا ڍير کنيو سندس در تي جتيون گسائيندا وتن ٿا. پر کيس اُن جو ڪو به احساس ناهي، ڇو ته نوڪريون ۽ پلاٽ پئسن تي وڪڻڻ سندس محبوب مشغلو آهي، اڄ مون سندس چهري تان نقاب لاهي توهان جي سامهون سندس اصل چهرو وائکو ڪيو آهي. هاڻي اِهو توهان تي ڇڏيل آهي ته اُن عظيم مشڪري جي مشڪري کي ڪيستائين ٿا برداشت ڪريو.“

تاڙين جي زوردار برسات!

حاجي غلام محمد ۽ سيٺ وقاص ڪاوڙ مان اُٿي اچي مون وٽ بيٺا. هو ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهيا هئا. مٿان نرگس به اسٽيج تي پهتي، اچڻ سان مون کي زوردار چماٽ هڻي ڪڍيائين. چيومانس: ”ماسڪ لاهڻ جي صلاح تو ئي ته ڏني آهي، هاڻي جڏهن ماسڪ لاهڻ شروع ڪيم ته… مان جملو مڪمل نه ڪري سگهيس. هن جهڙپ ڏيئي منهنجو ماسڪ لاهي ورتو. ماسڪ لٿو ته مان ”گلو البيلي“ مان ٻيهر گل محمد بڻجي پيس. منهنجو ماسڪ نرگس جي هٿ ۾ هو. هن مون کي سڃاڻي ورتو ۽ حيرت مان مون کي ڏسندي رهجي ويئي. حاجي غلام محمد ۽ سيٺ وقاص به مون کي سڃاڻي حيرت مان هڪٻئي کي تڪيندا رهجي ويا.

۽ پوءِ سيٺ وقاص اچانڪ رڙ ڪري چيو: ”اڙي هي گلو البيلو ناهي!…… هي پاڳلن جي اسپتالن مان ڀڄي آيل پاڳل آهي!“

ٻئي لمحي ڪجهه ٿلهن متارن ماڻهن مون کي اچي سوگهو جهليو. هو مون کي قابو ڪري ٻاهر کڻي ويا ۽ منهنجون اکيون ٻڌي ڪنهن گاڏيءَ ۾ اچي ڦٽو ڪيائون. خبر ناهي ته گاڏي ڪيڏانهن هلڻ لڳي هئي. شايد پاڳل خاني ڏانهن وڃي رهي هئي.!

 

جيمس جوائس

سنڌيڪار: رفيق سومرو

آئلين

هوءَ کڙڪيءَ وٽ ويٺي شام جي اونداهي کي شهر جي گهٽين ۾ فاتح جي حيثيت سان داخل ٿيندي ڏسي رهي هئي. سندس مٿو دريءَ جي مٽيءَ هاڻي پردي سان ٽيڪيل هو ۽ سندس نڪ مٽيءَ سان ڀريل هوا جي ڳراڻ محسوس ڪري رهيو هو. هوءَ صفا ٿڪجي پيئي هئي.

گهٽيون سُنسان هيون، ڪجهه گهڙيون اڳ سامهون هڪ اوپرو ماڻهو لنگهيو هو، جڏهن هو سڙڪ تان ٿي لنگهيو ته سندس جوتن مان آواز ٿي آيو ۽ جڏهن هو ڪچي رستي تان ٿي هليو ته هڪدم ماحول تي ماٺ ڇائنجي ٿي وئي. جتي هاڻ سڙڪ ۽ گهر ٺهيل هئا، اُتي پهرين هڪ ميدان هو. شام جي وقت اُن ميدان ۾ پاڙي جا ٻار راند روند ڪرڻ ايندا هئا. سج لهڻ شرط سڄي پاڙي جا ٻار اُن جاءِ تي اچي گڏ ٿيندا هئا.

جارج ۽ سندس ننڍڙيون ڀينرون ماسترياڻي جا ٻار لُوسي ۽ اُن جو معذور ڀاءُ، جنهن کي ٻيا ٻار پنهنجي سامان جي نگرانيءَ لاءِ ويهاريندا هئا، گلابي رنگ وارو سوئٽي، جنهن کي مذاق وچان سڀ ”مس سوئٽ“ چوندا هئا ۽ ٻاتڙي ڪيٿرائن، ڳالهائڻ وقت جنهن جي وات مان گجي ٺهندي هئي ۽ کيڏڻ ۾ کيس ڪنهن ڏينهن دير ٿي ويندي هئي ته سندس پيءُ کيس ڳولڻ لاءِ ميدان ۾ اچي نڪرندو هو ۽ اونداهه ٿيڻ باوجود گهر نه موٽڻ تي کين ڇيڀيندو هو. پڻس کي ايندو ڏسي هو ڪنڌ جهڪايو گهرن ڏانهن ڀڄڻ شروع ڪندا هئا. پر پوءِ اڳتي هلي اُن ميدان تي ڳاڙهين سِرُن ۽ کپريل سان چمڪندڙ ڇتين وارا گهر ٺهي ويا.

اُن زماني ۾ سڀ خوش هوندا هئا. پڻس تنهن وقت ايڏو سخت مزاج ڪو نه هو ۽ وري ماڻس به اڃا جيئري هئي. هاڻي اُنهن ڳالهين کي ڪي ورهيه ٿي ويا هئا. هو وڏي ٿي وئي هئي. سندس ڀائر به جوان ٿي ويا هئا. ماڻس کي فوت ٿئي ڪيئي ورهيه گذري چڪا هئا. ساڻس گڏ کيڏڻ وارا ٻار دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. وقت سان گڏ هر شئي بدلجي ويندي آهي. هاڻي هوءَ به وڃي رهي هئي گهر ڇڏي رهي هئي.

گهر!… هن گهر جي چئني پاسن ڏانهن هڪ خاص نگاهه سان نظر ڊوڙائي هوءَ ڪمري جي شين جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي جوان ٿي هئي، صفائي ڪندي هوءَ سوچيندي هئي ته آخر ايتري مِٽي روزانو ڪٿان ٿي اچي؟ شايد هاڻ هوءَ اُنهن کي وري ڪڏهن به ڏسي نه سگهندي. ميز، ڪرسيون، ٽپايون ۽ ڀڳل ساز، جنهن جي مٿان اُن مذهبي عالم جي تصوير ٽنگيل هئي، جنهن جي نالي جي خبر کيس اڄ تائين پهچي نه سگهي هئي.

”اڄڪلهه هو فارلينڊ ۾ رهيل آهي“، سندس پيءُ مهمانن کي اِها تصوير ڏيکاريندي هميشہ ساڳيا لفظ دهرائيندو هو.

هاڻي هن گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. هتان پري هليو وڃڻ سندس حق ۾بهتر هو.، جيتوڻيڪ کيس گهر ۾ هر قسم جو سهوليتون حاصل رهيون پر ان جي باوجود به هوءَ هاڻي هتان هلڻ واري هئي. وڃي به ڇو نه؟ ائين ئي ڪڙهندو رهڻ ۽ پچڻ پڄرڻ ڇا سندس قسمت ۾ لکيل آهي؟ ”ڪم ڪيو ۽ جيئرا رهو، جيئرا رهو ۽ ڪم ڪيو“، ڇو؟ سڄي خاندان کي سنڀالڻ رڳو گهر جي هڪ ڀاتيءَ جي ذميواري ته ناهي ٿيندي، ڪير ڇا به چوي، هوءَ هلي ويندي.

مسز وائيٽ چوندي: ”ڏٺوَ، هلي وئي نه، مون ڄاتو ٿي ته هوءَ هڪ جاءِ تي ٽِڪڻ واري ناهي“، پرمسز وائيٽ جي چوڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ ڪنهن جي چوڻ ۽ نه چوڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ هن جي نئين گهر ۾ حالتون ڏاڍيون مختلف هونديون. هي ملڪ پنهنجي روشن راتين ۽ رونق وارين سڙڪن ۽ شاهراهن جي ڪري ڏاڍو مشهور آهي. اُتي هوءَ پرڻيل عورت جي حيثيت ۾ زندگي گذاريندي… هوءَ آئلين“… هڪ معزز خاتون… ماڻهو سندس ڏاڍي عزت ڪندا. ڪو به پاڻ کي رڳو خاندان جي خدمت لاءِ ڪيئن وقف ڪندو؟ سندس ماءُ کي سڄي عمر جي قربانيءَ جو ڪهڙو صلو مليو هو؟ هاڻي هوءَ جڏهن پنجويهن سالن جي ٿي وئي هئي، تڏهن به سندس پيءُ جڏهن چاهي کيس دڙڪا ڏيندو هو. مهمانن جي سامهون وڙهندو هو ۽ کيس ڄٽ ۽ وائڙي چوندو هو ۽ هن ڄاتو ٿي ته سندس دل اوچتو زور زور سان ڇو ڌڙڪندي هئي ۽ سندس هٿ پير پگهر ۾ شَل ڇو ٿي ويندا هئا. اهڙي حال تائين کيس سندس پيءُ پهچايو هو. هن جي ماءُ به ڏاڍي ڏکي زندگي گذاري هئي ۽ هاڻ هوءَ به… هوءَ آئلين پنهنجي پيءُ کي ننڍپڻ کان ئي نه وڻندي هئي. هن جي ٻنهي ڀائرن سان سندس پيءُ کي ڪنهن حد تائين پيار هو، پر هن جي ته اصل شڪل ئي ڪانه وڻندي هئس. هاڻي به اڪثر چوندو هو ته جيڪڏهن کيس هن جي مرهيات ماءُ جو خيال نه هجي ها ته هوند هو ساڻس کاڌي جي ميز تي گڏ ويهڻ به پسند نه ڪري ها. هن جا ٻيئي ڀائر به گهر ڇڏي چڪا هئا. وڏو ڀاءُ ته دل جي پيدائشي خرابيءَ سبب هي جهان ئي ڇڏي ويو ۽ ننڍو پرڏيهه ۾ عمارتن جي اندروني سجاوٽ جو ڪم ڪري رهيو هو.

مالي مسئلا اُنهن سڀني پريشانين کان وڌيڪ هئا. سندس ڀاءُ هر مهيني کيس مناسب رقم موڪليندو هو، پر مني آرڊر سندس پيءُ وصول ڪندو هو ۽ کانئس جيڪڏهن ڪو پئسا گهرندو هو ته اُبتو سُبتو ڳالهائڻ لڳندو هو. خاص طور تي کيس گهر جي خرچ ڏيڻ کان هو صفا انڪار ڪري ڇڏيندو هو.

”تنهنجي مٿي ۾ ته صفا ڀُوسو ڀريل آهي،“ هو چوندوهو، ”ذهين ماڻهو پئسو ڪمائيندا آهن ۽ ذهين ماڻهو ئي اُن کي خرچ ڪرڻ به ڄاڻندا آهن. ڇسن ماڻهن کي خون پسيني جي ڪمائڻي کان پري رکڻ گهر.

ٿورو گهڻو هوءَ پاڻ به ڪمائيندي هئي، امير گهراڻي جا ٻه ٻار پاليندي هئي. کيڏائڻ پرچائڻ کان وٺي سمهارڻ تائين ۽ کين اسڪول موڪلڻ تائين سڄو ڪم سندس ذمي هو، پر اُن ڪم مان جيڪا کيس آمدني ٿيندي هئي اُها ته گهر جي خرچ ۾ ئي پوري ٿي ويندي هئي. کاڌي ۾ جيڪڏهن گوشت يا ڪنهن ڀاڄي جي گهٽتائي رهجي ويندي هئي ته پڻس آسمان مٿي تي کڻي ڏيندو هو، هوءَ گهر کي قائم رکندي آئي ۽ گهر قائم رکڻ ڪو سولو ڪم ڪو نه هو. هاڻي جيئن ته هوءَ گهر ڇڏڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي هئي، ته هُن کي گهر سان پنهنجائپ محسوس ٿي رهي هئي، پر هوءَ هر حال ۾ فيصلو ڪري چڪي هئي.

هن کي فرئنڪ سان نئين زندگي شروع ڪرڻي آهي. فرئنڪ هڪ فراخدل ۽ کلندڙ نوجوان. هن کي ڏسڻ سان زندگيءَ جي مثبت ۽ هاڪاري پهلوئن ڏانهن ڌيان ويو ٿي. اُميد افزا سوجهرو، محبت ڀريا ٽهڪڙا ۽ روح رهاڻيون. فرئنڪ پاڻي واري جهاز تي نوڪري ڪندو هو ۽ ڏورانهن ڏيهن جي شهرن جا قصا سدائين سندس واتان ٻُڌبا هئا. هو دنيا جي سڀني مشهور ملڪن ۽ اُنهن جي اهم شهرن جو سير ڪري چڪو هو. هاڻي سندس سمنڊ پار گهر وسائڻ جو ارادو هو. گذريل ڪجهه سالن کان جڏهن به فرئنڪ جو جهاز بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيندو هو ته ساڻس ملاقات لاءِ ضرور شهر ايندو هو. هن فرئنڪ کي پهريون ڀيرو ان گهر ۾ ڏٺو هو، جتي هوءَ ٻار سنڀاليندي هئي. فرئنڪ سڀني گهر ڀاتين کي اُن ملڪ جا قصا ٻڌائي رهيو هو، جيڪو آدم خورن جوڳڙهه هو. سندس ڳالهين تي اعتبار نه ڪرڻ جي باوجود سڀيئي حيرت جو اظهار ڪري رهيا هئا ۽ کلي رهيا هئا. اُن ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻئي سان ٻاهر ملڻ لڳا هئا. پر هڪ ڏينهن پڻس کين تفريح گاهه ۾ گهمندي ڏسي ورتو.

”مان انهن جهازين جي عادتن ۽ پرڪارن کان گهڻو واقف آهيان“ پڻس صاف صاف چيو، ا”ڳتي توکي ان شخص سان گڏ ڪڏهن به نه ڏسان!“

 

پوءِ ٻنهي ڄڻن ان بدليل صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ڏاڍي ڏاهپ سان اهو پوئتي پيل شهر ۽ اُن جي گهٽيل ماحول کي هميشہ لاءِ ڇڏڻ جو يفصلوڪيو.

شام جو اونده پنهنجا پر پکيڙيا هئا ۽ سندس جهول ۾ رکيل ٻيئي لفافا اونداها نظر اچي رهيا هئا.

هڪ خط هن ڀاءُ ڏانهن لکيو هو ۽ ٻئي خط ۾ پڻس کي سڀ ڪجهه صاف صاف اکرن ۾ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. پڻس ڪجهه ڏينهن کان وٺي نهايت تيزيءَ سان پوڙهو ٿي رهيو هو، جنهن سبب سندس ڪنڌ جهڪڻ لڳو هو. هن جي لهجي جي سختي ۽ڪڙاڻ ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي رهي هئي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان هوءَ جيئن بيمار ٿي هئي ته پنهنجي عادت جي ابتڙ سندس پيءُ سندس پرگهور لڌي هئي. کيس ساڻس همدردي جو اظهار ڪندي ڏسي، کيس ننڍپڻ جو اُهو ڏينهن ياد اچي ويو هو، جڏهن هو سڀ موڪل جو ڏينهن گذارڻ لاءِ درياهه جي سير تي ويا هئا. اُن ڏينهن پڻس ٻارن کي وندرائڻ لاءِ آواز بدلائي کين خوب ٽوٽڪا ٻُڌايا هئا ۽ کل خوشيءَ وچان جهمر به هنئي هئائين.

هن جي روانگي جو وقت اچي سهڙيو هو پر هوءَ ساڳئي ريت مٽيءَ هاڻي پردي کي ٽيڪ لڳائي ويٺي هئي. اونداهيءَ جي ڦهلاءُ سبب هاڻي کيس دز جا ذرا نظر ڪو نه ٿي آيا. پري ڪو ماڻهو بانسري تي لوڪ ڌن وڄائي رهيو هو، جنهن ڏينهن سندس ماءُ وفات ڪئي هئي، اُن ڏينهن به ڪو شخص بانسري تي ڪا اُداس لوڪ ڌن وڄائيندي سندن دروازي تي آيو هو. آس پاس جي ڳوٺن مان اهڙا لوڪ فنڪار اڪثر ايندا هئا، جيڪي عوامي سازن جي سنگت ۾ پنندا هئا. اُن ڏينهن هو سڀ ماءُ جي بينماري سبب بانسري جا سُر ٻڌي پريشان ٿي ويا هئا. پڻس دروازو کولي منگتي کي ڏاڍو ڇينڀيو هو.

”ڳنوار ڳوٺاڻو!… ڀڄي وڃو، نه ته توهان جا ساز ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيندس.“

پر اڄ کيس بانسريءَ جو پڙلاءُ ڏاڍو اُداس ڪري رهيو هو. کيس ماءُ سان ڪيل وچن ياد آيو ته هوءَ هر حال ۾ گهر کي ڊانوان ڊول ٿيڻ کان بچائيندي… هوءَ آئلين… کيس ماءُ جي بي لوث محبت ۽ اُن جي انجام جو خيال آيو. سندس ماءُ جي تصوير هن جي اکين اڳيان ڦِري وئي. گهر وارن لاءِ هن جو پاڻ وڃائڻ ۽ پنهنجيون ذاتي خوشيون قربان ڪرڻ جو سوچي آخرڪار هو چري ٿي وئي. مرڻ وقت ماڻس اهڙا جملا ڳالهائي رهي هئي، جيڪي کيس سمجهه ۾ ته نٿي آيا پر هڪ ڊگهي مدي تائين کيس ياد ايندا رهيا ۽ کيس ڏاڍو اداس ڪندا رهيا.

”آئلين“ گهٻراهٽ وچان اُٿي کڙي ٿي. نجات…! کيس هر حال ۾ اُن ٻوساٽيل ماحول کان نجات حاصل ڪرڻي آهي. فرئنڪ کيس بچائي وٺندو. هن جيئرو رهڻ چاهيو ٿي. اِهو سندس حق هو. سڀ خوش ٿا رهن ته پوءِ هوءَ به خوش ڇو نه رهي؟ فرئنڪ کيس خوشيون ڏيندو.

ماڻهن جي ميڙ جي وچ ۾ هن جو وجود بنهه لڪل هو. فرئنڪ سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾وٺي کيس بحري سفر ۾ پيش ايندڙ واقعن بابت لاڳيتو ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. بندرگاهه تي خاڪي رنگ جي ٽرڪن ۽ بسترن سان فوجي سپاهين جو هڪ وڏو ميڙ هو. رکي رکي کيس ماڻهن جي انبوه مان پهاڙ جهڙي جهاز جي جهلڪ نظر ٿي آئي. هوءَ فرئنڪ جي ڪنهن به ڳالهه جو جواب ڪانه ڏئي رهي هئي. هن کي پنهنجي وجود اندر ڪا قديم ۽ مضبوط شئي ڀڄي ڀور ڀور ٿيندي محسوس ٿي رهي هئي. هن رب کان دُعا گهري ته هو کيس همت ڏئي ۽ سنئين واٽ ڏيکاري. دعا گهرڻ کانپوءِ سندس چَپ ڪافي دير تائين لرزندا رهيا ۽ اچانڪ فضا جهاز جي سيٽيءَ سان گونجي پيئي ۽ سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي.

”اچ“، فرنئڪ هٿ کان ڇڪيندي چيس.

هن جا هٿ پير سرد پگهر سان پُسي ويا. سامهون سمنڊ هو، فرئنڪ هن کي اٿاهه پاڻيءَ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. هو کيس ٻوڙي ڇڏيندو.

”هلي آءُ“، فرئنڪ کان رڙ نڪري وئي. ”نه“، هن لوهي جهنگلي کي قابو جهلي. ”اِهو نٿو ٿي سگهي.“

”آئلين!“… ”آئلين!“…

”نه!“ سيخن تي گرفت جي سختيءَ وچان سندس آڱرين جا جوڙ هيڊا ٿيڻ لڳا. فرئنڪ هن جو هٿ ڇڏي جهاز ڏانهن ڀڳو، پر آخري ڪوشش ڪندي ٻيهر هن جي ويجهو آيو، جهاز تان ڪنهن شخص فرئنڪ کي ڇينڀيو پر هو ٻارن وانگر کيس ايلاز ڪندو رهيو. آئلين ماٺار سان کيس ڏسندي رهي.

فرئنڪ هڪدم ڊڄي ويو. آئلين جو چهرو ڪنهن به قسم جي جذبات کان وانجهيل هو. هن جي اکين ۾ نه ڪا موڪلاڻيءَ واري ڪيفيت هئي ۽ نه ڪا ويجهڙائپ ۽ وابستگي هئي ۽ نه وري ڪا ڄاڻ سڄاڻ!

موپاسان

سنڌيڪار: ڄام وقار حسين قادري

گهنڊ

غربت ۽ هيڻائيءَ هوندي به زماني جي روش هن سان سُٺي هوندي هئي. پندرهن سالن جي عمر ۾ هڪ گاڏيءَ جي هيٺان اچي پنهنجيون ٻيئي ٽنگون ڪپائي ويٺو هو، تنهن کانپوءِ هُو پاڻ کي گهوڙين تي کنيون وتندو هو، جيئن پِن جي ڪجهه ٽڪرن سان پنهنجو پيٽ ڀريندو رهي. اُن لاءِ هن کي ڪڏهن ٻنين ۾ وڃڻو پوندو هو، ڪڏهن باغن ۾ وڃڻو پوندو هو ۽ ڪڏهن وري ڳوٺ ۾ در در تي سئن هڻندو هو. گهوڙين کي بغلن ۾ ڏيڻ سان هِن جا ڪلها ڪَنن ڏانهن اُڀا ٿي سُڪي ويا هئا ۽ هن جو چهرو اُنهن جي وچ ۾ ڦاٿل لڳندوهو.

بلات جي پادريءَ کي هڪ کڏ ۾ هڪ نئون ڄاول ٻار ڪنهن تهوار جي شام جو مليو هو. هن اُن جو نالو ”نڪولا ٽونسٽ“ رکيو هو، هن جي پرورش خيرات جي ٽڪرن تي ٿيڻ لڳي. اُتي ئي هن کي رهڻ لاءِ جاءِ به ڏني وئي. هن کي ڪنهن قسم جي تعليم نه ڏني وئي. هڪ دفعي مذاق مذاق ۾ هن کي گيلن برانڊي پياري ويئي. نشي ۾ هن جا حواس گم ٿي ويا. ٻاهر نڪتو ته هڪ حادثي ۾ ٽنگن جو نقصان ڪري ويٺو. هاڻي سندس سڄي زندگي نشي جو حاصل ڌڪا ٿاٻا هئي. وقت هن کي هڪ فن سيکاريو هو، ”ڪهڙي نموني پنجي؟“

هڪ ڀيري ايوري جي هڪ امير عورت هِن کي پنهنجي واڙي ۾ سمهڻ جي موڪل ڏني. اُن جي ڀرسان ئي هن جي ڪڪڙن جو فارم هو. باقي رهيل جاءِ تي هن پنهنجو گهر ٺاهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ هن کي صوف جي شراب جو هڪ پيالو ۽ مانيءَ جا ڪجهه سُڪا ٽڪر ڏيندي هئي. ياد ڪڏهن موج ۾ هوندي هئي ته ڪجهه پنس هن جي تريءَ تي رکندي هئي پر اِهو اُن وقت تائين هو، جيستائين هوءَ جيئري هئي.

ڳوٺ جي عام ماڻهن هن کي ورلي ڪجهه ڏنو هو. پر اُهي ماڻهو ته هن کي ڏسڻ به نه گهرندا هئا. اُنهن جي نظر ۾ ڦاٽل ڪپڙا پاتل هُو هڪ حقير شخص هو، جنهن کي ڏينهن رات ڏسي ڏسي هنن جي دلين ۾ نفرت گهر ڪري ويئي هئي پر اُن سڄي نفرت ۽ ڌڪار هوندي به هن لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ ممڪن نه هو. بس، هن جي سڄي ڪائنات ويجهڙائي جا چار پنج ڳوٺ هئا.

هن کي اِها خبر نه هئي ته اکين جي سامهون وڻن جي اڳيان به ڪا دنيا آهي. هن ڪڏهن ڪنهن کان نه پڇيو هو. ڪڙمي هن کي ٻنين ۽ واهن تي لاڳيتو ڏسي ڪَڪ ٿي رڙ ڪري چوندا هئا: ”تون ڪنهن ٻئي ڳوٺ ڇو نه ٿو وڃين؟ سڄو ڏينهن هِتي رُلندو ٿو رهين.“ هو ورندي نه ڏيندو هو، پر ڪو اڻ ڏٺل خوف هن تي طاري ٿي ويندو هو. پوليس کي ڏسي هو ڊڄي ويندو هو. رستي تي ڪنهن پوليس واري کي ڏسندو هو ته ڊپ کان ڏڪندي ڪنهن کاهيءَ ۾ يا ڪنهن وڻ جي پويان لڪي ويندو هو. اُن وقت هن جي عضون ۾ اهڙي ته طاقت اُڀرندي هئي جيڪا اهڙي ماڻهوءَ ۾ توقع نٿي ڪري سگهجي. هُو اُن وقت جهنگلي جانور وانگر ڊڪندو هو، جنهن کي پنهنجي پناهه گاهه ۾ لِڪڻ جي جلدي هجي. هُو پنهنجيون گهوڙيون اُڇلائي ڇڏيندو هو ۽ مٽيءَ ۾ ريڙهيون پائڻ لڳندو هو. پوليس هن کي ڪڏهن به تنگ نه ڪيو هو، پر اِهو ڊپ هن کي پنهنجي والدين کان ورثي ۾ مليو هو، جن کي هن ڪڏهن به نه ڏٺو هو.

هن کي گهر گهاٽ ڪو نه هو. گرميءَ جي موسم ۾ هو جتي چاهيندو هو، سُمهي پوندو هو. پر سياري جي ڏينهن ۾ڪنن گدام يا ڪنهن طبيلي ۾ لڪي پوندو هو ۽مالڪ جي خبر پوڻ کان اڳ اُتان نڪري ويندو هو. هن کي اُنهن سڀني سوراخن جي خبر هئي، جن جي رستي هو باغن ۽ ٻنين ۾ گهڙي سگهيو ٿي. ڀت ٽپڻ لاءِ هن کي اُنهن سڀني سوراخن جي خبر هئي، جن رستي هو باغن ۽ ٻنين ۾ گهڙي سگهيو ٿي. ڀت ٽپڻ لاءِ هن کي صرف هڪ قلابازي ڏيڻي پوندي هي. ڇاڪاڻ جو گهوڙين جي لڳاتار ڇڪ کان هن جي ٻانهن ۾ غير معمولي ڦڙتي اچي ويئي هئي. اُنهن جاين تان هو چئن پنجن ڏينهن جي خوراڪ گڏ ڪري لِڪي ويندو هو. هو تقيرباً جهنگل جي جانورن وانگر زندگي گذاريندو هو.

ايڏي وڏي عرصي ۾ ڪو به هن جو واقف ڪار نه هو. ڪنهن جي به هن سان محبت نه هئي. هن جي ۽ عام ماڻهوءَ جي وچ ۾ بس ايترو تعلق هو جو ماڻهن هن کي ڏسي، ڪاوڙ ۽ نفرت مان ٽوڪ ڪندي هن جو نالو ”گهنڊ“ رکيو هو، جو چرچ جي گهنڊ وانگر هو ۽پنهنجين گهوڙين جي وچ ۾ لڙڪندو رهندو هو.

ٻن ڏينهن کان وٺي هن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه مليو هو. ڪنهن به هن کي ڪجهه نه ڏنو هو. عورتون هن کي ايندي ڏسي دروازي تي بيهي رهنديون هيون ۽ رڙ ڪنديون هيون ”هل، هل، چنڊا!… ٽي ڏينهن اڳ جو توکي پنس ڏنو هو.“ هُو وري پنهنجين گهوڙين جي ٽيڪ سان دروازي تي ايندو هو، جتي به کيس ساڳيو ڳالهاءُ ملندو هو. عورتون هڪٻئي کي چونديون هيون. ”اسان هن رولوءَ کي سالن تائين نٿا پالي سگهون پر هي آهي جو روز ڀڳو بيٺو آهي.“

آخر تنگ ٿي هڪ ڏينهن هن ٽوئرل ڳوٺ جو رخ ڪيو، جيڪو پنج ميل پري هو. هن کي اُهو مفاصلو اِنهن ڪاٺ جي گهوڙين سان طي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو. بک هن کي ساڻو ڪري ڇڏيو هو. هن جو پيٽ ۽ کيسو ٻيئي خالي هئا. ان هوندي به هو پنهنجيءَ منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.

ڊسمبر جو مهينو هو. ٿڌي هوا ٻنين مان اچي رهي هئي. هوا وڻن جي اگهاڙين ٽارين سان ٽڪرائجي، سيٽيون وڄائي رهي هئي. آسمان تي ڪارا ڪڪر تڪڙا تڪڙا وڃي رهيا هئا. هو پاڻ کي ريڙهيندو اڳتي وڌي رهيو هو. رکي رکي ڪجهه گهڙيون ساهي پٽڻ لاءِ رستي تي ويهي رهيو ٿي. بک هن جي وجود کي وڏي مصيبت ۾ وائڙو ڪري ڇڏيو هو. هن جي ذهن ۾ بس هڪ خيال هو ته بک ڪيئن مارجي ۽ اُن کي مارڻ لاءِ ماني ڪٿان اچي!.

ٽي ڪلاڪ هو پاڻ کي گهليندو رهيو، تنهن کانپوءِ هن کي ٽوئرل ڳوٺ جا وڻ ڏسڻ آيا، تڏهن هن جي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ هن تڪڙي وک وڌائي. اُتي پهچي هن هڪ ماڻهوءَ جي سامهون خيرات لاءِ هٿ وڌايو. اُن تنگ ٿي جواب ڏنس. ”تون اُهو ساڳيو پينو آهين، تو مان ڪڏهن جند ڇٽندي؟“ گهنڊ اڳتي وڌيو. هر دروازي تي هن جي جهول ۾ گاريون پيون. پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ ڪجهه به نه مليس. ڳوٺ مان نڪري ويجهن فارمن ۾ به ويو پر مينهن جي ڪري گپ واري زمين تي گهمندي هن جون گهوڙيون ڳوريون ٿي ويون ۽ هاڻي هن جي ٻانهن ۾ ايتري به سگهه نه رهي هئي جو اُنهن کي کڻي سگهي، جنهن پاسي به هو ويو ٿي، هن کي رکو جواب مليو. اُهو هڪ اهڙو سخت، ٿڌو ۽ اداس ڏينهن هو، جڏهن سندس دل گهُٽجي رهي هئي. روح غمگين ۽ هٿ ٿڌ جي ڪري کُلي نه رهيا هئا.

جڏهن سڀني پاسن کان نااُميد ٿيو ته چَڪيُو جي فارم وٽان گذرندڙ کاهي وٽ مرڻ جهڙو ٿي ڪري پيو. گهوڙين کي رکي سمهي پيو. پنهنجي قسمت جي بدلجڻ جو ڪو منصوبو هن جي ذهن ۾ نه آيو.

هن جي ويجهو ڪڪڙن جو ولر چڳي رهيو هو. گهنڊ پهرين ته اُنهن کي بيوسي مان تڪيندو رهيو، پوءِ اوچتو هن جي دماغ ۾ هڪ خيال آيو. هن پٿر هڻي هڪ ڪڪڙ مارڻ چاهيو، جيئن هِتان هُتان ڪجهه سڪل ڪاٺيون کڻي اُن کي پچائي سگهي. هن کي اِها خبر نه هئي ته اُن جو اِهو عمل چوري هوندو. هن هڪ پٿر کينو ۽ ويجهي ڪڪڙ کي ماري وڌائين. هو پنهنجي واندڪائي ۾ ٻارن وانگر پٿر اُڇليندو رهندو هو، سو ان مشق هن جو نشانو سٺو ڪري ڇڏيو هو. ٻيا ڪڪڙ ڊپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا ۽ ڪن ٻانگون ڏنيون.

”گهنڊ“ گهوڙيون کنيون ۽ ڪڪڙ ڏانهن وڌيو. هو هٿ وڌائي ڪڪڙ کڻڻ وارو ئي هو ته هڪ زوردار مُڪ هن کي ڪنڌ ۾ لڳي. گهوڙيون هڪ پاسي ڪِري پيس ۽ پاڻ ٿاٻڙجندو منهن ڀَر ڪري پيو. چَڪيو هن چور کي ڏاڍو مارڻ لڳو. گوڙ ٻڌي سندس نوڪر به پهچي ويا ۽ هن پينوءَ کي خوب مارڻ لڳا. پوءِ هن کي کڻي ڪاٺين واري ڪمري ۾ اُڇلائي بند ڪري ڇڏيائون ۽ پاڻ پوليس کي وٺڻ ويا. گهنڊ اڌمئو ۽ بک ۾ بي حال فرش تي پيو هو. رات آئي ۽ گذري وئي ۽ هن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڏنو ويو.

ٻئي ڏينهن منجهند جو پوليس جا ٻه سپاهي آيا. هن جي ڪمري کي کوليائون. سپاهيءَ رڙ ڪئي، ”اُٿ، ٻاهر نڪر.“

پر گهنڊ چُري به نه سگهيو. هن پاڻ کي گهوڙين تي ٽيڪ ڏيئي اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ڪري پيو. پوليس وارن هن جي ڪمزوري کي بهانو سمجهيو. هن کي ٻاهر گهلي آڻي گهوڙين تي بيهاريو. پوليس وارن کان هو پهرين کان ئي ڊڄندو هو، هاڻي جو ٻن سپاهين کي پنهنجي ويجهو ايندي ڏٺائين ته هن تي دهشت طاري ٿي وئي.

”هل“، سپاهي چيو.

هو هوريان هوريان هلڻ لڳو. فارم جي سڀني ماڻهن هن کي گارين ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان رخصت ڪيو.

هو اُنهن ٻنهي سپاهين سان گڏ هلندو رهيو. هن تي سخت مايوسي ڇانيل هئي. هلندي هلندي شام ٿي وئي.

عام ماڻهو هن کي سپاهين سان گڏ ويندي ڏسي ڀُڻڪڻ لڳا. ”چور آهي…“ شام جو هو ٿاڻي تي پهتا. انهيءَ جاءِ تي هو اڳ ڪڏهن به نه آيو هو. هن کي خبر نه هئي ته هاڻي ڇا ٿيندو. اوپري جاءِ ۽ اوپرا ماڻهو ڏسي هن تي حيرت ۽ هيبت ڇائنجي وئي. ٿاڻي ۾ هن هڪ لفظ به نه ڪڇيو. هو چئي به ڇا؟ هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. ان کانسواءِ جو هو زبان بند رکي، هن جي ذهن مان لفظ ڄڻ ميسارجي ويا هئا.

رات جو هن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو. پوليس اهو ته نه سوچيندي آهي ته هي ڪو اُڃايل يا بُکيو آهي. صبح تائين هن کي بند ڪيو ويو.

ٻئي ڏينهن صبح جو هن کي ڪڍڻ لاءِ تالو کوليو ويو. دروازي جي اندر قدم رکندي ئي سپاهيءَ کي خبر پئجي وئي ته هو مري ويو آهي. اُهي حيرت ۾ هن کي ڏسڻ لڳا.

حنيف باوا

سنڌيڪار: ننگر چنا

رُمال

گرمين جي مُند هئي. رات جو گهٽ وڌنون ساڍن نون جو ويلو هو، چئني پاسي چپ چپات هئي. پر جنهن گهڙيءَ هوا جو جهوٽو ٿي آيو ته بڙ جي پَنن کي کڙڪائي هليو ٿي ويو. نوران سمجهيو ٿي ته عاشق اچي رهيو آهي، پر کيس ترت ئي پتو پئجي ٿي ويو ته عاشق ناهي اچي رهيو، پر اُهي پَن آهن، جيڪي ڏانهس ڏسي کِلي رهيا آهن. جڏهن هن اُنهن پَنن ڏانهن ڏٺو ته کيس اُتي لڪل هڪ چٻرو نظر آيو. جيڪو کيس ڏاڍين خراب نظرن سان تڪي رهيو هو. نوران هن جي دوڏن کي ڏسي ڪجهه دير تائين ڊڄي ويئي، پر وري عاشق جي خيال ۾ ٻڏي ۽ سوچڻ لڳي، ”شايد هوُ اڄ نه اچي.“ پر وري پاڻ ئي اُن سوچ کي رد ڪيائين، ”ڇو نه ايندو. هن ئي ته مون سان بڙ واري کوهه تي ملڻ جو واعدو ڪيو هو.“

نوران کي اِنهن خيالن ۾ لڙهندي ڪو اڌ منو ڪلاڪ ٿي ويو هو پر عاشق اڃا تائين نه آيو هو. چٻرو کيس ائين ئي وڏا وڏا دوڏا ڪڍيون ڊيڄاريندو رهيو. هن کي اوسيئڙو ڪندي ڏهه منٽ کن ٻيا به ٿيا هئا جو ڪنهن جي پيرن جو کڙڪو ٻُڌائين. هُوءَ ڊڄي ويئي. کڙڪو ويجهو ٿيندو ويو، جڏهن صفا ويجهو ٿيو ته هن عاشق کي سڃاڻي ورتو. هوءَ ڪاوڙجي منهن ٻئي پاسي ڪري ويهي رهي.

”نوران! رُسي ويئي آهين،“ عاشق چيس.

”اُنهن جو رسڻ به ڪهڙو جيڪي توکي پرچائڻ لاءِ ٻه ٻه ڪلاڪ منٿون ڪندا رهندا آهن. پر ارمان اِن ڳالهه جو آهي ته ايڏي دير ڇو…؟“

”دير بس ائين ئي ٿي ويئي. اصل ۾ مونکي اڄ هڪ ضروري ڪم ٿي پيو هو.“

”ته چئبو، مون سان ملڻ ضروري ڪونه هو.“

”نه پياري، تون ته منهنجي جند آهين.“

”توهان مرد اِهي ٻه ٻول چئي ته الهڙ ڇوڪرين کي ڦاسائي وٺندا آهيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ اُنهن جي پوتي راه رُلائي، منهن ڦيري ڇڏيندا آهيو.“

”اڄ تون ڪهڙيون ڳالهيون پيئي ڪرين، نوران؟“

”ڪٿي تون منهن ته نه ڦيري ويندين، عاشق؟“

”ڪڏهن مهڪ به گل کان ڌار ٿي آهي؟“

”ته مان يقين ڪريان نه؟“

”ها تون يقين ڪر، مان تنهنجو آهيان ۽ جي شادي ڪندس ته توسان ئي ڪندس.“

”…اِها ڳالهه آ عاشق!… ته پوءِ منهنجو وهانءُ به تو سان ئي ٿيندو، نه ته زهر کائي مرنديس.“

ائين هنن ٻنهي هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ جو واعدو ڪيو. اوچتو جڏهن نوران مٿي ڏٺو ته کيس ائين لڳو، ڄڻ چٻرو مٿس کلي رهيو هجي.

”نوران! ڪجهه ڏينهن جي لاءِ مون کي توکان پري ٿيڻو پئجي رهيو آهي.“

”ڇو؟“

”هتان ويهه پنجويهه ميل پري هڪ ڳوٺ آهي. اِها ته توکي به خبر آهي ته اُتي اسان جي زمين آهي. مون کي ابي حڪم ڏنو آهي ته مان اُتي اٺ ڏهه ڏينهن رهي اچان، جو هاڙهه جو لابارو ٿيڻ واروآهي.“

”اهو ته سٺو نه ٿيو عاشق! مان توکان سواءِ اِهي ڏينهن ڪيئن ڪٽينديس؟ تون پيءُ سان ڪو بهانو ڪرين ها.“

”بهانا ته ڏاڍا ڪيم پر ابو نٿو مڃي. مان پاڻ به ايترا ڏينهن توکان پري رهي نٿو سگهان، پر ڇا ڪجي مجبوري جو ٿي.“

”سچ پڇين عاشق! ته تون منهنجي انگ انگ ۾ رچي چڪو آهين. تون نه ئي وڃ ته سُٺو آهي.“

”وڃڻو ته پوندو ئي.“

”چڱو، جيڪا تنهنجي مرضي.“

”نوران اِها مُنڊي لاهي مون کي ڏي، ان ڪري جو جڏهن تنهنجي ياد ستائيندي ته اُن کي ڏسي تنهنجي مکڙي جي زيارت ڪري وٺندس.“

”تون ته منهنجي مُکڙي جي زيارت ڪري وٺندين، پر مان ڪيڏانهن وينديس؟“ نوران منڊي لاهيندي چيس.

”تون هي رُمال رکي ڇڏ.“

نوران رُمال ورتو ۽ پاٻوهه وچان چمي کيسي ۾ رکندي اُٿي کڙي ٿي. پر عاشق سندس ٻانهن پڪڙيندي چيس، ”ويهه نوران! اڃا ته اسان ڍءُ ڪري ڳالهيون به نه ڪيون آهن.“

”دل ته منهنجي به وڃڻ لاءِ نٿي چوي، پر ڊڄان ٿي ته ڪٿي بابو امان ڳوليندا نه هجن.“ نوران ويهي رهي.

”نوران هڪڙي ڳالهه پُڇانءِ، ڏسندينءَ؟“

”ڪهڙي ڳالهه؟“

”جي گل جي خوشبو سنگهبي آ ته اُها گهٽبي ته ناهي نه؟“

”نه… پر مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي.“ نوران حيران ٿيندي چيس.

”مطلب هي ته اڄ اسان کي چنڊ به ڪو نه پيو ڏسي.“ نوران ڏي سُرندي چيائين.

”اڄ تون ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو آهين عاشق؟“

”ڳالهه سڌي سنئين آهي، اُن ڏينهن جڏهن مون توکي هڪ ڳالهه چئي هئي ته تو وراڻيو هو، ”چنڊ ڏسي پيو.“

نوران سوچي وراڻيس، ”ها چيو هئم، پر توکي ٽارڻ لئه مون کي خبر آهي ته ڀنؤر پهرين ڏاڍي گهري پيار وچان گل کي ڦيرا پائيندو آهي، پر جڏهن ان منجهان سڄي رس چُوسي وٺندو آهي ته اُن ڏي وري تڪيندو به ناهي.“

”مان اهڙو ڀنؤر ناهيان نوران! جيڪو تنهنجي گل کي سِنگهي وري ڇڏي ڏئي. ٿورو آزمائي ته ڏس.“

ائين چئي عاشق نوران کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ته نوران کي ائين لڳو، ڄڻ هُن جي بدن مان ڄَرُ جون لهرون اُٿڻ لڳيون هجن. جيئن جيئن هن جو ڀاڪر سوڙهو ٿيندو ٿي ويو، تيئن تيئن اُها ڄرَ وڌندي ٿي ويئي. نيٺ نوران پنهنجو بدن ڍرو ڇڏي ڏنو ۽ عاشق هن جي ايترو ويجهو ٿي ويو، جو هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪابه وٿي نه رهي. ٽاريءَ تي ويٺل چٻرو ڦڙڪي هڻي چيڪاٽ ڪرڻ لڳو، پر هن جي رڙ فضا ۾ گم ٿي ويئي.

ٻئي ڏينهن جڏهن نوران کيسي مان رُمال ڪڍي ڏسڻ لڳي ته سندس هوش اُڏامي ويا،ڇو جو اُهو رُمال سندس وڏي ڀيڻ غفوران جو هو.

[”پنجابي ادبي بورڊ“ طرفان ڇپايل حنيف باوا جي ڪهاڻي ڪتاب ”چرخي دي موت“ مان ترجمو ڪيل]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com