هن وقت تائين اهو تصور ڪيو ويندو هو ته سنڌو
سڀيتا، جنهن قديم انساني تهذيب جو بنياد وڌو، اها
ساچا چار هزار ورهيه قديم آهي. آثار قديمہ جي
ماهرن ان ڳالهه ۾ هن کان اڳ اهو اضافو ڪيو هو ته
موهن جي دڙي کان آمري جي تهذيب، ڇهه سؤ ورهيه وڌيڪ
قديم آهي، ليڪن اوهان کي معلوم آهي ته سبيءَ جي
ڀرسان تازو مهر ڳڙهه وٽ فرانسيسي ماهرن هڪ دڙو
کوٽيو آهي، جنهن جي تهذيب ست هزار ورهيه قديم آهي.
مهر ڳڙهه جي ڀرسان نوشهري جو ٻيو دڙو به کوٽيو ويو
آهي، جو به ايترو ئي پراڻو آهي. ڪاڪي ڀيرومل
پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ انهن دڙن کي دمدما ڪوٺيو
آهي. مان اُهي ٻيئي دڙا هڪ دفعو نه پر ڪيترا ڀيرا
ڏسي آيو آهيان ۽ اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته در
حقيقت مهر ڳڙهه جي تهذيب قديم سنڌي تهذيب جي هڪ
اڳوڻي ڪڙي آهي، ڇو ته سبيءَ تائين صاف سنڌي
ڳالهائي وڃي ٿي. سبيءَ تائين سمورو علائقو سنڌو
درياءَ جو ميداني علائقو آهي. بلوچستان جا جبل ان
کان بعد شروع ٿين ٿا. سبي صدين جون صديون سنڌ جي
تاريخ جو حصو رهي آهي. ڪلهوڙن جي دور تائين اها
سنڌ جي حڪومت جي تسلط هيٺ هئي. دولهه دريا خان سنڌ
جي سرحد تي سبيءَ وٽ ارغونن سان مقابلا ڪيا هئا ۽
کين شڪست فاش ڏني هئي.
هاڻي اوهان ذرا تصور ڪريو ته جيڪا تهذيب ست هزار
وريه قديم هوندي، جتي جنت مان درياءَ وهي ايندا
رهيا آهن، ان جا رهاڪو ڪيڏا نه مهذب ۽ متمدن
هوندا، ان جي زبان ڪيڏي نه شاهوڪار هوندي. هزارن
ورهين جي عرصي اندران ٻين ٻولين جا ڪيترا نه لفظ
جذب ڪيا هوندا. چناچه سنڌ جي سرزمين جي علمي ۽
ادبي روايت ڪيڏي نه پڪي ۽ پختي هوندي. سنڌ جي
ثقافت ۾ ته دوستو انڊلٺ جا سمورا رنگ سمايل
هوندا. – غلام رباني آگرو.
مقالا
ٻي صدي هجريءَ جي شروعات کان وٺي 1843ع تائين، سنڌ
۾ علم جي روشني محض علماء ڪرام جي مخلصا نه ڪوشش
سان هئي. عربي دور ۾ ”ديبل“ حديث جو مرڪز بڻيو ۽
”منصوره“ فقہ جو: انهن ٻنهي مرڪزن سنڌ مان اُهي ته
روشن خيال عالم پيدا ڪيا، جن عرب ملڪن ۾ به پنهنجو
نالو ڪڍيو. ابو جعفر ديبلي پهريون عالم هو، جنهن
نبي ﷺ جي لکيل خطن تي تحقيق ڪئي. تعليم ۽ تحقيق جي
اها روايت پوءِ مسلسل طور سنڌ ۾ هلندي آئي، تان جو
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ’سنڌ جو سيوطي‘ مخدوم
محمد هاشم، صوفي ۽ فلسفي مخدوم محمد معين، محدث ۽
شارح ابوالحسن، مفتي عبدالواحد سيوستاني ۽ ٻيا
نامور عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا.
1843ع کان پوءِ، انگريزن هن ملڪ جي ماڻهن کي ذهني
طور غلام بنائڻ خاطر نئين يوروپي تعليم جو بنياد
وڌو ۽ سندن پاليسي آهستي آهستي سنڌ جي ٻارهن سون
ورهين جي تعليم نظام کي ختم ڪري ڇڏيو، اُن جي
باوجود، بزرگن پيٽ کي پٿر ٻڌي به پنهنجا مڪتب ۽
مدرسا هلايا، جن مان ڪي اڄ ڏينهن تائين جاري آهن.
سنڌ جي عالمن، پنهنجي اوج ۽ عروج واري زماني ۾،
علمي ۽ ديني خدمت سان گڏوگڏ، سوسائٽي ۾ چڱائي
پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هر قسم جي نقصانڪار عمل جي
مخالفت ڪئي. جهانگير جي ڏينهن ۾ جڏهين پنجاب جي
عالمن تماڪ ڇڪڻ جي فائدي ۾ فتوائون ڏنيون، تڏهن
فقط سنڌ جي عالمن ئي تماڪ پيڻ کي هر پهلوءَ کان
نقصانڪار ڄاڻائي ان جي مخالفت ڪئي.
– ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڊاڪٽر محمد ادريس السندي
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون
ڇپيل تصنيفون
جيتوڻيڪ اِها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي عالمن ۾
ڪثير التصانيف (گهڻين تصنيفن وارو) عالم مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1174هه) ئي آهي ۽ قديم دور
جو سنڌ جو ٻيو ڪو به عالم، ايتريون تصنيفون جوڙي
نه سگهيو آهي، پر سوال اِهو آهي ته مخدوم صاحب
ڪيترا ڪتاب لکيا؟ اُن بابت مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ
جو پنهنجو بيان، سندس ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“ جي
پڇاڙيءَ ۾ هنريت آهي: ”وهي تزيد اليوم علي مائته
وخمسة عشر مؤلفا“ (اِهي منهنجون تصنيفون هن وقت هڪ
سؤ پندرنهن کان مٿي آهن) [1]. ”هن وقت“ جو مطلب ڇا
آهي؟ بظاهر اُن مان مراد سال 1136هه آهي، ڇو ته
اِها ڳالهه مخدوم صاحب ”اتحاف الاڪابر“ ۾ لکي آهي
۽ ”اتحاف الاڪابر“ 1136هه ۾ تاليف ٿيو. پر مخدوم
صاحب، اُنهن تصنيفن جو جيڪو تفصيل ڏنو آهي ۽ نالا
لکيا آهن (اتحاف الاڪابر ۾) اُنهن ۾ ته سندس اُهي
تصنيفون به شامل آهن، جيڪي 1136هه کانپوءِ هتي ڪہ
1172هه تائين جا تصنيف ٿيل ڪتاب به شامل آهن.
مثلاً:
1.
ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين، 1149 ۾
2.
التحفة المڪتوبته في افضليته الدعاء بعد
المڪتوبته، 1168هه ۾
3.
حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم، 1171هه ۾
4.
بذل القوة في حوادث سني النبوة [2]
5.
رفع الخفاء عن مسئلة الراء، 1172هه ۾ [3]
جنهن مان معلوم ٿيو ته اصل ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“
جيتوڻيڪ 1136هه ۾ جڙي راس ٿيو، پر اُنهيءَ ڪتاب جو
اختتام يا پڄاڻي، جنهن ۾ مصنف پنهنجون تصنيفون
ڄاڻايون آهن، بعد ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب
وقت بوقت اضافو ۽ واڌارو ڪندو رهيو آهي. يا ته
تصنيفن جي فهرست وارو اِهو حصو، عمر جي آخري سالن
۾ اصل ڪتاب سان شامل ڪيو اٿس (ياد رهي ته مخدوم
صاحب جي وفات 1174هه ۾ ٿي)، تنهنڪري ڪن سوانح
نگارن جو ”اتحاف الاڪابر“ جي تصنيف واري سال جي
آڌار تي اِهو چوڻ ته ”مخدوم صاحب 1136 هه تائين
115 تصنيفون جوڙي چڪو هو (ان کانپوءِ 1174هه تائين
38 سالن اندر ته الائي ڪيترا ڪتاب لکيا
هوندائين)“، حقيقت جي ابتڙ ۽ واقعي جي خلاف آهي.
وڏي ڳالهه هيءَ ته چڱا خاصا ليکڪ انهيءَ غلط فهمي
۾ رهيا آهن.
بهرحال، مخدوم محمد هاشم ”اتحاف الاڪابر“ ۾ پنهنجي
تصنيفن جو تعداد 115 کان مٿي ڄاڻائي ٿو، پر اُن
کانپوءِ هُن پنهنجي تصنيفن جي جيڪا فهرست پيش ڪئي
آهي. اتحاف الاڪابر جي ڪن خطي نسخن [4] مطابق، اُن
۾ 107 ڪتاب (عربي ۾ 75، فارسي ۾ 22 ۽ سنڌي ۾ 10) ۽
بعض قلمي نسخن [5] مطابق اُن ۾ 109 ڪتاب (عربي ۾
79، فارسي ۾ 22 ۽ سنڌي ۾ 8) ۽ ٻين خطي نسخن [6]
مطابق اُن ۾ 111 ڪتاب (عربي ۾ 79، فارسي ۾ 22 ۽
سنڌي ۾ 10) شامل آهن. البت اُنهن ڪتابن جي فهرست
جي پڇاڙي ۾ فرمائي ٿو ته ”ومنها غير ذلک“ (اُنهن
کان سواءِ ٻيا به آهن)، جنهن مان معلوم ٿيو ته
مخدوم صاحب جو مقصد، پنهنجي تصنيفات جي مڪمل فهرست
پيش ڪرڻ نه آهي.
سنڌ جي مشهور محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين
راشدي مرحوم، مخدوم صاحب جي تصنيفات جي جيڪا
الفابيٽيڪل فهرست ”تڪلمة مقالات الشعراء“ جي حاشيه
۾ پيش ڪئي آهي [7] اُن ۾ 125 ڪتاب ڄاڻايا ويا آهن.
اُن کانپوءِ 1980ع ۾ پير صاحب ”ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽
تاليف جو جائزو“ جي عنوان سان لکيل هڪ تحقيقي
مقالي ۾ جيڪا الفابيٽيڪل فهرست، مخدوم صاحب جي
تصنيفن جي ترتيب ڏني آهي. اُن ۾ 139 ڪتاب ڄاڻايا
اٿس [8] (جيتوڻيڪ اُن ۾ 6- 7 نالا اهڙا آهن، جيڪي
دهرايل آهن).
هوڏانهن مخدوم محمد هاشم جي اولاد مان هڪ عالم،
مخدوم غلام محمد صاحب جو چوڻ آهي ته: ”مخدوم محمد
هاشم جون تصنيفون 150 آهن“[9].
مخدوم امير احمد عباسي لکي ٿو ته: ڪن ماڻهن جو چوڻ
آهي ته مخدوم صاحب جون تصنيفون 300 کن آهن [10]،
پر اڳتي هلي ”اتحاف الاڪابر“ جي حوالي سان ساڳين
111 ڪتابن جي فهرست ڏيئي ڪري، آخر ۾ 13 اهڙن ڪتابن
جو اضافو ڪيو اٿس، جيڪي اُنهن 111 ڪتابن ۾ شامل نه
آهن.
هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي، ڪن عربي ۽ فارسي ڪتابن تي پنهنجا حاشيا ۽
تعليقات به هنيا آهن. اهڙن حاشين جو ذڪر پاڻ
’اتحاف الاڪابر‘ ۾ ڪو نه ڪيو اٿس، سواءِ ’حاشيه
تفسير هاشمي‘ جي.
اسان کي تصنيفن جي تعداد بابت مخدوم غلام محمد
صاحب جي ڳالهه وڌيڪ ”وزنائتي“ معلوم ٿئي ٿي، ڇو ته
مخدوم صاحب جي خاندان جي فرد جي حيثيت ۾ سندس راءِ
کي وڌيڪ اهميت آهي. اهو ئي سبب آهي، جو چوندا آهن
ته ”صاحب البيت اَدرى بمافيه“ (گهر جي مالڪ کي
وڌيڪ خبر ته گهر ۾ ڇا آهي). ٻيو ته مخدوم صاحب جون
جيڪي تصنيفون اڄڪلهه ڇاپي يا قلمي صورت ۾ موجود
آهن يا جن جا صرف نالا ملن ٿا، سي 150 جي لڳ بيهن
ٿا.
پر هتي اسان کي مخدوم صاحب جي تصنيفن جي تعداد
بابت بحث ڪرڻو نه آهي ۽ نه ڪا جامع فهرست پيش ڪرڻي
آهي. اِهو انشاءَ الله ڪنهن ٻئي مجلس ۾، ڇو ته
اِهو به هڪ تحقيق جوڳو ڪم آهي، اسان کي هِن رٿيل
مقالي ۾ صرف هي ڄاڻائڻو آهي ته مخدوم محمد هاشم جي
ايترين تصنيفن مان ڪيتريون ۽ ڪهڙيون تصنيفون ڇاپي
هيٺ آيون آهن، ڪيترا ڇاپا ۽ ڪٿي ڇپيا آهن. ڪهڙن
ادارن ڇاپيا آهن ۽ ڪڏهن ڇاپيا آهن. ڪيترن ۽ ڪهڙن
ڪتابن جا صرف اصلي متان (بنا ترجمي جي گڏ هئڻ جي)،
ڪيترن ۽ ڪهڙن ڪتابن جا اصلي متن ترجمي (اردو يا
سنڌي) سميت ترجمن سان گڏ ڇپيا آهن، ۽ ڪيترا ۽ ڪهڙا
ڪتاب آهن، جن جا صرف ترجما الڳ صورت ۾ ڇپيا آهن، ۽
ڪهڙن ڪتابن جا صرف اختصار ڇپيا آهن.
ڪتابن جو اِهو بيان الفا بيٽيڪل رکيو ويو آهي. آخر
۾ مقالي جو خلاصو به شامل آهي.
مخدوم صاحب جا جيڪي به ڇاپي ڪتا بهت ڄاڻايا اٿم،
سي راقم الحروف وٽ موجود آهن، سواءِ چند
ڪتابن/ڇاپن جي، جنهن جي نشاندهي ڪئي اٿم. [چند
ڪتابن جا عڪس پڻ پيش ڪجن ٿا.]
(الف)
(1) اتحاف الاڪابر بمرويات الشيخ عبدالقادر (عربي)
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ هيءُ ڪتاب حرمين شريفين جي
سفر دوران سال 1136هه ۾ لکيو. عربي ۾ اسانيد بابت
جامع انسائيڪلو پيڊيا جي حيثيت رکندڙ هيءُ ڪتاب
[11] مڪمل طور تي اڃا تائين ڇپائي هيٺ نه اچي
سگهيو آهي، البته اُن جو هڪ اختصار مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جي شاگرد ابوالفيض محمد ياسين
الفاداني المڪيءَ، ”المقتطف من اتحاف الاڪابر“ جي
نالي سان تيار ڪيو [12]، جيڪو ٻيو دفعو 1407هه ۾
دارالبشائر الاسلامية بيروت طرفان شايع ٿيو [13].
(2) اصلاح مقدمة الصلوة (سنڌي)
مخدوم صاحب سنڌ جي عوام جو لاڙو، مخدوم ابوالحسن
جي سنڌيءَ يعني ”مقدمة الصلوة“ ڏانهن ڏسي، اُن جو
تنقيدي مطالعو ڪيو ۽ ضروري جاين تي اصلاح خاطر
پنهنجو فارسي ڪتاب ”اصلاح مقدمة الصلوة“ لکيو.
(جيڪو اڃا تائين ڇپيو نه آهي) بعد ۾ وري پنهنجي
اُنهيءَ ”اصلاح“ کي ساڳئي ابوالحسن جي نظم وانگر
سنڌي ۾ منظوم ڪيو ۽ پنهنجا اُهي بيت ابوالحسن جي
”مقدمة الصلوة“ جي اصل متن ۾ اُنهن مناسب جڳهين تي
رکيا. مقدمة الصلوة جي ڪيترن ئي خطي نسخن ۾ اِهي
اصلاحي بيت هامش تي لکيل ملن ٿا [14]، پر بعد ۾
ڇپائي هيٺ آيل مقدمة الصلوة ۾، متن اندر شامل ڪيا
ويا ۽ پوءِ مقدمة الصلوة، اُنهن شامل ڪيل اصلاحي
بيتن سميت ڇپجندو رهيو آهي. اهڙن بيتن جو تعداد 90
کن آهي. بهرحال اِهو سنڌي ”اصلاح مقدمة الصلوة“
مستقل طور تي ڪڏهن به شايع نه ٿي سگهيو آهي.
مقدمة الصلوة جي اِنهن قديم ڇاپي نسخن ۾ اهي نکيڙ
نه ڪئي وئي هئي، جنهن سان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
طرفان اصلاح طور ڏنل بيت، الڳ حيثيت سان معلوم ٿي
سگهن. سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي طرفان پروفيسر خديجہ
بلوچ صاحبه جي مقدمہ ۽ تحقيق سان جيڪو مقدمة
الصلوة ڇپيو آهي، اُن ۾ اُنهن اصلاحي بيتن کي [ ]
وارن نشانن اندر رکي اُنهن جي مستقل حيثيت متعين
ڪئي وئي آهي.
(ب)
(3) الباقيات الصالحات في ذڪر الازواج الطاهرات
(فارسي)
رسول الله ﷺ جن جي 11 گهروارين بابت تحقيقي انداز
سان فارسي ۾ مخدوم صاحب جو سال 1147هه ۾ ترتيب ڏنل
هيءُ ڪتاب پنهنجي اصلوڪي زبان فارسي ۾ ته مستقل
طور شايع نه ٿي سگهيو آهي، البته اُن جو سنڌي
ترجمو ”البقايات الصالحات“ جي مختصر عنوان سان،
سنڌ جي مشهور مبلغ حضرت مولانا محمد ادريس ڏاهري
صاحب تيار ڪيو، جيڪو ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي
1419هه (1999ع) ۾ اداره خدمة القرآن و السنة
شاهپور جهانيان ضلع نوابشاهه طرفان شايع ٿيو. ڪتاب
جي آخر ۾ ضميمي طور مخدوم صاحب جي هڪ مختصر فارسي
رسالي ”تحفة المسلمين تقدير مهور امهات المؤمنين“
جو سنڌي ترجمو (مترجم: مولانا ڊاڪٽر عبدالرسول
قادري صاحب) به ڏنل آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي اچي رهي
آهي.
(4) بذل القوة في حوادث سني النبوة (عربي)
رسول الله ﷺ جي سيرت تي سن وار لکيل هيءُ ڪتاب صرف
نبوت وارن 23 سالن جي احوال ۽ سيرت جي بيان تي
مشتمل آهي. ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي.
پهريون حصو: هجرت کان اڳ نبوت وارن 13 سالن جا
واقعات.
ٻيو حصو: هجرت کان بعد وفات تائين جي احوال جو
بيان. اِهو ٻيو حصو وري ٽن بابن ۾ ورهايل آهي.
باب پهريون: غزوات (يعني اُهي جنگيون، جن ۾ پاڻ
سڳورا ﷺ بنفس نفيس شريڪ هئا).
باب ٻيو: سرايا ۽ بعوث (يعني اُهي فوجي ڪاهون، جن
۾ پاڻ ﷺ جن نه ويا، بلڪه صحابين کي موڪليائون).
باب ٽيون: غزوات ۽ سرايا کان سواءِ ٻيا احوال.
هيءُ ڪتاب پنهنجي موضوع ۽ ترتيب ۾ لاجواب شاهڪار
آهي. سال 1166هه ۾ جوڙيل هيءُ عربي ڪتاب مخدوم
امير احمد عباسي جي ضخيم مقدمي ۽ تحقيق سان پهريون
دفعو سال 1386هه/ 1966ع ۾ ڊيمي سائيز جي 532 صفحن
تي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو.
بذل القوة جا سنڌي ترجما:
منهنجي ڄاڻ مطابق بذل القوة جا هيلتائين ٽي سنڌي
ترجما منظر عام تي آيا آهن/ اچي رهيا آهن.
1-
نبوت جي ورهين جو وچور – از مولانا غلام مصطفى
قاسمي صاحب، اِهو ترجمو قسطوار پهريائين ٽماهي
”الرحيم“ ۾ ۽ پوءِ ماهوار ”الرحيم“ (1976 کان
1990ع تائين) شايع ٿيندو رهيو ۽ پوءِ اهو سلسلو
بند ٿي ويو. (مڪمل نه ٿي سگهيو).
2-
بذل القوة جو سنڌي ترجمو- مترجم: پروفيسر اسرار
احمد علوي شڪارپوري. جيڪو نهايت سليس ترجمه، تخريج
۽ تحقيق سان، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان شايع ٿي
رهيو آهي [15].
3-
بذل القوة جو سنڌي ترجمو – مترجم: مولانا
ابوالسراج طفيل احمد ٺٽوي. اڃا پڌرو نه ٿيو آهي،
عنقريب ڇپجڻ وارو آهي [16].
بذل القوة جا اردو ترجما
منهنجي علم مطابق بذل القوة جا هيلتائين 2 اردو
ترجما شايع ٿيا آهن:
1-
عهذ نبوت کي ماهه وسال – از مولانا محمد يوسف
لڌيانوي، جيڪو ڪيترن ئي ادارن شايع ڪيو. هن احقر
اُن جا ٻه ڇاپا ڏٺا آهن.
(الف) ناشر: حسين چوڌري ٽرسٽ – 2- سي، گلبرگ
لاهور، پهريون دفعو 1976/ 1396هه ۾ ڊيمي سائيز جي
376 صفحن تي ڇپيو.
(ب) ناشر: دارالاشاعت اردو بازار، ڪراچي، پهريون
دفعو 1990ع ۾ ڊيمي سائيز جي 342 صفحن تي ڇپيو.
2-
سيرت سيد النبياء ﷺ - اردو ترجمو بذل القوة از
مولانا مفتي محمد عليم الدين مجددي نقشبندي. بذل
القوة جو هيءُ بهترين اردو ترجمو، علامه محمد جلال
الدين قادري جي مقدمہ سان، نهايت اعلى ڪاغذ جي ڊبل
ڊيمي سائيز جي 610 صفحن تي سال 1461هه مطابق 2000ع
۾ اداره مظهر علم، ڪالا خطائي روڊ، شاهدره، لاهور
طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ مترجم موصوف وڏي جاکوڙ ۽
محنت کان ڪم ورتو آهي. منڍ ۾ جامع فهرست (جيڪا 43
صفحن تي مشتمل آهي) سان گڏ، بذل القوة جون 24
خصوصيتون به بيان ڪيو اٿس.
هن اردو ترجمي جون ڪجهه خاصيتون هن ريت آهن:
1-
عنوان:
يعني سيرت جي واقعن لاءِ سهوليت خاطر عنوان رکيا
ويا آهن.
2-
تصحيح:
مخدوم صاحب کان جيڪڏهن واقعن جي بيان ۾ ڪا لغزش ٿي
آهي ته مترجم موصوف اُن جي تصحيح ڪئي آهي.
3-
تطبيق:
ڪنهن واقعي بابت بظاهر ٽڪرائجندڙ روايتن ۾ سهڻي
نموني تطبيق ڏني اٿس.
4-
تمييز:
سيرت اندر ڪن شهرن ۽ جڳهين جي نالن جي پڙهڻي،
اعراب (زير، زبر ۽ پيش) ڏيئي واضح ڪئي اٿس.
5-
تاريخ:
مخدوم صاحب جن جڳهين تي اُن واقعي جي تاريخ نه
ٻڌائي آهي، ته مترجم موصوف اُها ڪمي پوري ڪئي آهي.
6-
تائيد:
مترجم، ڪٿي ڪٿي، مؤلف (ٺٽوي صاحب) جي تائيد ۾
حاشيہ اندر روايتون آنديون آهن.
7-
تفسير:
سيرت اندر آيل قرآني آيتن جا حديثن جي ڏکين مقامن
جو تفسير ۽ وضاحت به ڪئي اٿس.
8-
تڪميل:
جيڪڏهن مخدوم صاحب ڪنهن واقعي جي ڪن جزئيات جو ذڪر
نه ڪيو آهي ته مترجم موصوف اُنهن جزئيات کي بيان
ڪري واقعي جي تڪميل ڪئي آهي.
9-
تفهيم:
ڪٿي ڪٿي مبهم لفظن جي سمجهاڻي به ڏني اٿس.
”عهد نبوت کي ماه و سال“ جو سنڌي ترجمو
پهرئين اردو ترجمي (عهد نبوت کي ماه و سال) جو
سنڌي ترجمو، محمد مصري خان ميمڻ تيار ڪيو آهي،
جيڪو مڪتبہ اصلاح و تبليغ، حيدرآباد طرفان شايع ٿي
رهيو آهي [17].
(5) بناء الاسلام (سنڌي)
اسلامي عقيدن جي بيان لاءِ 1143هه ۾ مخدوم صاحب جو
سنڌي بيتن سان جوڙيل هيءُ ڪتاب ٻن بابن ۽ هڪ خاتمي
تي مشتمل آهي.
باب پهريون: ايمان مفصل ۾ وارد ٿيل 7 صفتن جي بيان
۾.
باب ٻيو: اُنهن مسئلن جي بيان ۾، جيڪي مٿئين 7
صفتن کان علاوه آهن.
خاتمون: ايمان مجمل جي بيان ۾.
ٽن نالن (عقائد الاسلام، بناء الاسلام ۽ عقائد
هاشمي) سان شهرت ماڻيندڙ هيءُ ڪتاب ڪيترائي دفعا
ڇپجي چڪو آهي، جنهن جو وچور هن ريت آهي:
1- بناء الاسلام، مرغوب هرديار بمبئيء وارو ڇاپو:
هيءُ ڇاپو ڪرائون سائيز جي 424 صفحن تي، حاجي محمد
ڪاتب سمي جي ڪتابت سان، سال 1294هه ۾، حاجي قاضي
ابراهيم بن حاجي الحرمين قاضي نور محمد متوطن
پلندر جي سعي سان ڇاپخانہ مرغوب هر ديار بمبئي ۾
ڇپجي پڌرو ٿيو.
2- بناء الاسلام، گلستان ڪشمير وارو ڇاپو:
هيءُ ڇاپو ڪرائون سائيز جي 424 صفحن تي، قاضي
ابراهيم بن قاضي نور محمد جي سعي سان ڇاپخاني
”گلستان ڪشمير“ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. (شهر جو نالو
لکيل نه آهي ۽ نه سال ئي لکيل آهي).
(نوٽ): قاضي ابراهيم لاءِ ٽائيٽل تي لکيل آهي ته:
”جو منجهان اولاد قاضي مدني وڏي نصرپوري جي آهي،
سلمہ الله“
اُن بابت قارئين کي معلوم هئڻ گهرجي ته قاضي مدني
يا ميان مدني، مخدوم محمد اڪرم نصرپوري رحمة الله
عليہ جو فرزند هو، جنهن جو اصل نالو ”محمد“ هو
[18]. پر مدينه منوره ۾ ڄمڻ جي ڪري ”ميان مدني“ جي
لقب سان مشهور هو [19].
هن ڇاپي جي ٽائيٽل مان معلوم ٿيو ته سنڌي ڪتابن جا
مشهور ناشر قاضي ابراهيم يا قاضي نور محمد بمبئي
وارا ميان مدني جي اولاد مان آهن.
3- بناء الاسلام ڇاپخاني صفدري بمبئي وارو:
عبدالرحمان شيخ جي ڪتابت سان، هيءُ ڇاپو ڊيمي
سائيز جي 312 صفحن تي شيخ نورالدين بن جيوا خان جي
اهتمام هيٺ، يوسف علي آدمجيءَ (مالڪ مطبع صفدري)
1315هه ۾ ڇاپخاني صفدري بمبئي ۾ ڇاپيو.
4- بناء الاسلام، قاضي عبدالڪريم بمبئي وارو ڇاپو:
هي ڇاپو ٻن ڪالمن تي مشتمل، رائل سائيز جي 160
صفحن تي، عبدالرحمان شيخ جي ڪتابت سان، قاضي
عبدالڪريم بن قاضي نور محمد جي اهتمام هيٺ 1320هه
۾ شايع ٿيو.
5- بناء الاسلام مطبع گلزار حسيني وارو ڇاپو:
هي ڇاپو به ٻن ڪالمن تي مشتمل آهي، جيڪو رائل
سائيز جي 160 صفحن تي سال 1343هه ۾ قاضي عبدالڪريم
صاحب مطبع گلزار حسيني مان ڇپرائي پڌرو ڪيو [20].
6. 7 ۽ 8 موجوده صورتخطي ۾ آندل نصرپور وارو نسخو:
نصرپور جي رهواسي، اُستاد محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙي
مرحوم [21] بناء الاسلام کي موجوده صورتخطي ۾
منتقل ڪيو. اُن جو پهريون ڇاپو سال 1958ع ۾ ڪرائون
سائيز جي 262 صفحن تي، حاجي احمد خان ابڙو ڪلاٿ
مرچنٽ، ابڙا محله نصرپور پاران، ٻيو ڇاپو 1963ع ۾
ڪرائون سائيز جي 264 صفحن تي ساڳئي ناشر طرفان ۽
ٽيون ڇاپو (مهاڳ، سوانح ۽ فهرست مضامين تي مشتمل)
ڪرائون سائيز جي 280 صفحن تي ساڳئي ناشر طرفان
شايع ٿيو.
9 ۽ 10 – محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽويءَ وارو ڇاپو:
”بناء الاسلام المعروف بنياد الايمان“ فقير محمد
اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي، اصل ڪتاب کي جديد صورتخطي ۾
بلڪه جديد لباس ۾ پنهنجي طرفان ڳچ بيتن جي واڌاري
سان تيار ڪيو، جيڪو پهريون دفعو سائي رنگ جي
ٽائيٽل سان 1974ع ۾ ۽ ٻيو دفعو 1975ع ۾ شاهجهاني
مسجد ٺٽوي جي تصوير تي مشتمل بلئڪ ائنڊ وائيٽ
ٽائيٽل سان ڊبل ڊيمي سائيز جي 132 صفحن تي، ميان
عبدالحسين ولد حاجي علي محمد وينجهر ٺٽويءَ،
پنهنجي خرچ سان ڇپرائي مفت تقسيم ڪيو.
11- 1906ع وارو بناء الاسلام:
هي ڇاپو راقم الحروف جي نظر مان نه گذريو آهي،
البته فقير محمد اسماعيل ٺٽوي پاڻ واري ”بنياد
الايمان“ جي مقدمہ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”1906ع وارو
ڇاپو سندس وٽ موجود آهي“[22].
(ت)
(6) تحفة الاخوان في منع شرب الدخان (فارسي)
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ حقي ۽ ٻيڙي /سگريٽ پيئڻ جي
شرعي حڪم کي بيان ڪيو آهي ۽ شرعي دليلن جي روشني ۾
ثابت ڪيو آهي ته تماڪ واپرائڻ حرام/ مڪروهه تحريمي
آهي. هيءُ رسالو هڪ مقدمہ، چئن فصلن ۽ هڪ خاتمي تي
مشتمل آهي. 1134هه ۾ تاليف ٿيل هيءُ ڪتاب، اصل
فارسي ۾ ته اڃان تائين شايع ڪو نه ٿيو آهي. البته
اُن جو تخليص ڪيل سنڌي ترجمو، مولانا مفتي محمد
قاسم مشوري صاحب جو تيار ڪيل ”11 رسائل قاسميہ“ جي
ضمن ۾ شايع ٿيو ۽ هيءُ رسالو، اُنهن يارنهن رسالن
۾ آخري رسالو آهي. (اِهي يارنهن ئي رسالا مشوري
صاحب جا آهن). اُهو مجموعو شعبہ نشرو اشاعت درگاهه
شريف مشوري، لاڙڪاڻي طرفان ڊيمي سائيز جي 126 صفحن
تي شايع ٿيو. سال لکيل نه آهي.
ياد رهي ته تحفة الاخوان جي رد ۾ پنجاب جي هڪ عالم
عنايت الله لاهوري، فارسي ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو، جيڪو
فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ راقم الحروف وٽ موجود آهي.
(7) تحفة القاري بجمع المقاري (عربي)
قرآن شريف ۾ مروج رڪوع بخاري، جي علماء طرفان
ترتيب ڏنل آهن، جن کي ”بخاري رڪوع“ چيو ويندو آهي،
جيئن ته اِهي رڪوع هڪ- ڪرا نه آهن. ڪو رڪوع وڏو
آهي ته ڪو وري ننڍو آهي. هوڏانهن فقہ حنفي ۾ هر
نماز جي پوئين رڪعت جي قرات، پهرئين رڪعت جي ڀيٽ ۾
وڏي نه هئڻ گهرجي ۽ نه پهرئين رڪعت کي پوئينءَ کان
گهڻو ڊگهو ڪرڻ صحيح آهي، جڏهن ته تراويح نماز ۾
حافظ سڳورا جيڪڏهن پنهنجي قرات، بخاري رڪوعن مطابق
جاري رکندا ته ڪڏهن ڪڏهن پهرئين رڪعت، ٻي رڪعت کان
ٻيڻي نه ته به وڏي ٿي پوندي، جنهن سان ڪراهت لازم
ايندي يا مستحب جو ترڪ لازم ايندو. ان ڳالهه کي
سامهون رکندي، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، 1150هه ۾
تحفة القاري بجمع المقاري نالي هيءُ ڪتاب عربي
زبان ۾ جوڙيو، جنهن ۾ هُن قرآن مجيد جي آيتن ۽
ڪلمن جو پورو لحاظ رکندي، هر پاري جا هڪجيترا 16 –
16 رڪوع ٺاهيا، جيئن ڪراهت کان بچي سگهجي. |