ڪهاڻيون
”غصي ۾ ڳالهايل هڪ لفظ به سڀ کان تکي تلوار آهي؛
لالچ سڀ کان خوفناڪ زهر آهي؛ هرص و هوَس سڀ کان
تيز باهه آهي؛ جهالت سڀ کان وڌيڪ اوندهه آهي؛ سڀ
کان خوفناڪ چور آهن، خراب خيال؛ سڀ کان دردناڪ
بيماري آهي، دل جي پليتي؛ سڀ کان تيز بخار آهي
نفرت؛ سڀ کان وڌيڪ نقصان سهندڙ اُهو شخص آهي، جو
ٻين کي فائدي پهچائڻ بنا رڳو پاڻ کي فائدو رسائي
ٿو؛ سڀ کان سُٺو حڪيم آهي پروڙ؛ سڀ کان وڌيڪ فائدي
۾ اُهو رهي ٿو، جو ٻين کي ڏئي ٿو؛ سڀ کان قيمتي
خزانو آهي نيڪي.“ – گوتم ٻُڌ
حميد سنڌي
سو مون سڀ ڄمار…!
لڙي سانجهيءَ جا پاڇا به عجب هوندا آهن. نٻل ۽
هيڻا، جهٽ پل ۾ غائب. لهندڙ سج به ويل وَهيءَ جيان
ويندو آهي آهستي آهستي پنهنجو جوش ۽ جوڀن
وڃائيندو. اُنهيءَ ويل لڙي ويندڙ سانجهي ۽ وڃايل
سج جي انڌي روشني ۾ به مون اُن گهڙيءَ ٻن پتڪڙن جي
پدم پدم پيرن وارا ٻه پاڇا ويندي ويندي وڃايا هئا.
مان ايڏو ته جهُريل هيس ۽ ڪم طاقت ۽ هيڻو هُيس جو
اُنهن کي روڪڻ جي سَڌ رکندي به روڪي نه سگهيس ۽
مون اُنهن کي الائجي ڪيئن وڃڻ ڏنو. پريان سندي پار
۽ اُتي جي هوائن جي سڪ ۽ ڇڪ کي شايد ڪير روڪي نٿو
سگهي، ڇو ته هوا پڙهڻ نه ڄاڻندي آهي، سنيها نياپا
پيئي موڪليندي آهي، پيئي سَٽون ۽ جيءَ جهوٻا ڏيندي
آهي. ويندڙن کي ڪنهن نياپي ۽ سنيهي جي هوا پئي
ڇڪيو يا ڪنهن ٻي طاقت. رهي ويندڙن مان هِت رڳو مان
هيس، جيڪو اهڙي هنڌ بيٺو هيس جت نه هوا هئي، نه ڪو
سنيهو، نڪو نياپو – مون لاءِ ڄڻ ته ڪجهه به نه هو.
ائين نه هو ته مون کين روڪيو نه هوندو، رڙيون نه
ڪيون هونديون. پري کان بيهي هٿ لوڏي موڪلائڻ وارو
انداز ڪيڏو اثرائتو ئي سهي، پر آهي ته جُدائي نه –
سا به جيئرن جي جدائي. گهڻو ڀڳس، رڙيس، ڳوليم، پر
سڀ رستا هِت موٽي آيا ٿي. هِن ئي وڻراهه تي.
پر مون کي لڳو پئي ته مان هتي رهڻ ۽ بيهڻ لاءِ
مجبور هيس، جو منهنجي اُنهن هوائن ۽ اُنهيءَ هنڌ
سان ڪابه سڃاڻپ ڪانه هئي. باقي اِها ڪار ضرور هئي
ته ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، مان سوچيندي سوچيندي پاڻ
سان پاڻ ڀُڻ جهڻ ڪندي ڄڻ ته ٿڪجي پيو هُيس. اِتي
ئي ويهڻ جي ڪئي اٿم. ٽنگون ئي نستيون پيو ڀانيان.
وِهڻ جي ڪيان ٿو ته ويهي نٿو سگهان. نيٺ گوڏن ڀر
هڪ وڻ جي اونداهي واري پاسي جُهُڪي ويهي رهيو
آهيان. ڪي چوندا آهن ته سانت ۾ سڪون هوندو آهي، پر
ڪي مون وانگر درد ۽ وڇوڙي جا ماريل چوندا آهن ته
سانت پاڻ هورا کورا جو نالو آهي. سانت ۾ ئي ته
طوفان ڊوڙندا ايندا آهن. سڪون ته سانت جي خوفناڪ
خاموشي کان ڊڄي ڀڄي ٻئي پاسي هليو ويندو آهي. مون
سان به اُهائي ڪار هئي. اندر جي پيڙا اُهوئي ڄاڻي
جيڪو اُنهيءَ پيڙا سان گڏ رهي ٿو. مون سان ته
ورهين کان راند پئي ٿي. پيڙا، ڏک، جهوريون جي گڏ
هيون، ته ’پيار‘ ۽ ’اميد‘ جون سانتيڪيون گهڙيون به
ته گهاريون هيم. اڄ جڏهن سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ٻيڙو ڄڻ
هوائن جي حوالي ڪري آيو هيس ۽ ڀانيو هيم ته شايد
ائين ئي مالڪ کي منظور آهي، ته هورا کورا وڌي ويئي
هئي. ائين مون سڀ ڪجهه وسارڻ پئي چاهيو، پر هيڏو
اَجگر جيڏو بارُ ڪير کڻي! توهان جي بار کڻو ته کڻي
هيءَ ڀري لاهي توهان جي ڪُلهي تي چاڙهي ڇڏيان. پر
بار کڻندو باري. جي گهڻو بار سمجهو ته پل لاءِ ئي
کڻو، پوءِ ڀلي لاهي ڦٽو ڪجو ۽ يقين رکو ته مان وري
کڻي وٺندس. جي گهڙي پل لاءِ بار کڻندو ته هنياءَ
تان تورُ ته جهڪو ٿيندم. يارو! اهڙي سولائي ڪريو
ته جوُد ڪريو.
هاڻي ٻُڌو، مان هن وڏڙي ڳوٺ جو پراڻو رهواسي ته نه
آهيان، پر هن ڳوٺ جي چپي چپي کان واقف آهيان جو
مان ڀرپاسي جي ننڍڙي ڳوٺ جو رهواسي آهيان. پنڌ
گهڻو؟ بس، ڊوڙي ايندو هوس. هوُ جو اوندهه ۾ به
جرڪي پيو. اُهو ماڙي وارو حاويلي وانگي ڪچو پڪو
وڏو گهر، رئيس ڪريم بخش جو گهر اٿو. هو تر جو چڱڙو
زميندار هيو. اسان سان ڪا مائٽاڻي لِڇ هيس. ماڻهو
ڀلو ۽ راڄائتو. اَبي سان قرب جو رستو هيس. امان کي
ڀيڻ ڪيو هئائين. ڪو ويڇو سَنڌو نه هو. اِنهيءَ گهر
سان منهنجو ته عشق هو. ننڍي هوندي کان اڄ تائين جو
اِنهيءَ گهر ۾ منهنجي ”سنجها“ رهندي هئي. سنجها
ويل جهڙي اَڇي اُجري، مُک روشن روشن. پدمڙن پيرن
سان اچڻ واري هيءَ ’سنجها‘ منهنجو سڀ ڪجهه هئي.
ٻالجتيءَ کان وٺي سندس نِسرڻ مون ڏٺو. توڙي جو مون
کان عمر ۾ وڏڙي به هئي. وڏي ۽ ڊگهي پڌر ۾ اسان
ڊوڙون گڏ پاتيون. ڳوٺان هتي جي اسڪول ۾ پڙهڻ اچان
ته به مامي ڪريم بخش جي گهر ضرور وڃان. سندس ڊوڙون
پَسان ۽ گدگد ٿيان. اوڙي پاڙي جا ٻارڙا گڏ ڪري کيس
ڌويڙي ۽ ڦر ڦر سونٽي واري راند ڪُڏايان. پر سندس
ڪي شغل پنهنجا هُيا. گُڏين راند سندس چاهه وٽان
هئي. مامِي شادان کيس پُراڻن ڪپڙن جي بچيل اڳڙين
مان گُڏيون ۽ گُڏا ٺاهي ڏنا هيا. مان وڏڙو ٿيس ته
اٽي ڏڪر ۽ چدن راند ڏي رخ رکيم، هوءَ ساهيڙيون
سرتيون ساڻ ڪري پيئي گڏين راند ڪندي هئي. آهستي
اهستي پاڻ گڏيون ۽ گڏا ٺاهڻ لڳي، انيڪ اڪيچار
گڏيون ۽ گڏا. ماڙيءَ تي کڻي هُنَ اُنهن جي دنيا
ٺاهي ۽ ڪئين ئي سانگ رَچايا ۽ لايا سجايا ڪيا.
ڪڏهن گُڏن گُڏين جي شادي ته ڪڏهن ڳيچ پيا ڳائجن.
ڪڏهن تاهريءَ جو ڀت پيو رڌجي ۽ کائجي. مان اُنهيءَ
دنيا ۾ تڏهن ويندو هيس، جڏهن ماڙيءَ ۾ هوءَ اڪيلي
هوندي هئي ۽ سندس پنهنجون سرتيون گهرن ڏي هليون
وينديون هيون. ويٺي پنهنجي ليکي اُنهن سان ڳالهيون
ڪندي هئي. مان چڱيءَ سانڀر سان هيس، ۽ ويٺو سندس
وڻندڙ مُک کي تڪيندو رهندو هيس. نيٺ هڪ ڏينهن چئي
ڏنو مانس: ”سنجها!… تون ڪيڏي نه سُهڻي آهين. هِنن
چٻن مُنهن وارين گُڏين ۾ تو ڇا ڏٺو آهي؟ تون آئيني
۾ پاڻ کي به ڏس ۽ هي اڳڙين جي ڍير مان ٺهيل ڪاري
سُٽ سان اُڻيل بدشڪل بوتا به ڏس!“
پوءِ هوءَ خار مان مون ڏي نهاريندي هئي. خار ۾ ڪنڌ
ڌوڻيندي هئي. وارن جون ڪي چڳون لڙي مُنهن تي مڙي
اينديون هيس. ”منهنجن هنن شهزادين ۽ شهزادن لاءِ
ائين نه ڳالهايئندو ڪر. هيءُ سڀ منهنجا ساٿي آهن.
هيءُ مون سان ڳالهائيندا آهن. مان کلان خوش ٿيان
ته هيءُ به کلن ۽ خوش ٿين، جي رُئان ته هيءُ مون
کي پرچائين. توکي ڪهڙي خبر، تون وڃي پَٽ تي چِڌا
چُٽِ ۽ اِٽي ڏڪر کيڏ.“
پوءِ مون کيس چوڻ ڇڏي ڏنو. وقت کي پَرَ آهن. جبل
جيڏي جواني پنهنجي سونهن ۽ رعنائي کڻي آئي، مان ته
ٿيس هڪ پورهيت جو پُٽ، پر هڪ سُکيي رئيس جي گهر جي
هيءَ نينگر ڄڻ اَپسرا ٿي پيئي.
هڪ ڀُوري، مٿان وري چوٽا واسينگن جيان ڪَرُ کنيو
کيس بدنظر کان بچائڻ لاءِ پيا جتن ڪندا هئا. هيءَ
جواني کيس ته راس آئي، پر مون لاءِ وڇوڙو کڻي آئي.
ڪا اهڙي چؤپچو ۽ ٻولاچاري ٿي جو امان جو حڪم ٿيو
ته ”هاڻ هُنَ گهر ۾ جوان نياڻي آهي. تنهنجو سنجها
سان گهڻو ملڻ به ٺيڪ نه آهي. لامارا ۽ ڦيرا گهٽ ڪر
۽ ڪڏهن قضاني ويندو ڪر.“
منهنجي ماءُ برجستي ۽ زمان ۽ مڪان جا سڀ ڦير ڦند
سمجهندي هئي. پر مان کيس ڪيئن ٻُڌايان ته مان ته
لامارا ۽ ڦيرا ڪو نه ڏيندو آهيان. مان نه عقاب
آهيان جو هوائن ۾ لامارا ڏيان ۽ اُڏامي جهڙپ ڏيئي
کيس جهٽي وٺان. نه وري مان ڀونئرو آهيان جو سندس
واسُ وٺڻ لاءِ پيو مٿائنس ڦيرا ڏيان. مون تي کيس
اک کوليندي ئي ڏٺو هو. اک ڇنڀ ۾ مَنَ اندر ڪن
اڻڄاتل ناتن جي اُڻت اهڙي ته ٿي ويئي، جو ڪوريئڙي
جهڙي ڪئنري نازڪ ڄاري وانگر ويا مون کي وڪوڙيندا.
سنجها هلي ته سُبڪ رفتار، کِلي ته چپ مکڙي جيان
کُلي پون ۽ پوءِ پيا موتي جرڪن ۽ ڳلن ۾ کُٻَ پون؛
منهن ملوڪ ٿيو پوي. منهنجو وڃڻ ويو گهٽ ٿيندو.
ڪجهه مانُ مريادا، ڪجهه پڙهڻ خاطر شهر ۾ رهڻ جي
ڪري. پر جي ڳوٺ آيس ته سنجها کان جيڪو منهن موڙي
سو ڪافر. ڀلي چرخ آسمان ٻيو هجي. مون هاڻ هر دفعي
محسوس پئي ڪيو ته آهستي آهستي سنجها ويئي پئي
وسامندي. ڪاڏي ويون سرتيون ساهيڙيون، ڪاڏي ويا
اَبو اَمان، ڪاڏي ويو اوڙو پاڙو ۽ شاديون
مُراديون. ماڙيءَ جي طلسم کيس اهڙو ڪو سوگهو ڪري
ڇڏيو هو جو هوءَ ڏينهن جا ڏينهن اُت گذاريندي هئي.
رات جو به ماڻس يا ماسي ڦاپان زوري هيٺ لاهي
ايندس، نه ته ٿيو خير! منجهند جو ماسي ڦاپان ماني
کڻي ويندس ۽ جي گرهه کاڌائين ته ٺيڪ، نه ته ٿيو
ڀلو! پڻس جي به ڏاڍي دل هيس. سو پيو پڇندو، سندس
لاءِ لُڇندو، پر هيءَ ڪڏهن لهي اچي پيءُ کي ڀاڪر
پائي مِٺي ڏيئي هلي ويندس. ڪڏهن پڻس ڪمري مان
اندران ماڙيءَ ڏي ويندڙ ڏکي ڏاڪڻ مٿي چڙهي سهڪندو
وٽس پهچندو هو. ڪڏهن ڏسي ته هوءَ گُڏن گُڏين سان
ويٺي ڳالهائيندي، يا پڻس جا آندل ٻارن جي ڪهاڻين
جا ڪتاب (جيڪي گهڻو تڻو شهزادن، پرين، جنن، ڀوتن
جا قصا ۽ داستان هئا)، پيئي پڙهندي هئي. مامي
شادان پرائمري چار درجا پڙهي فائنل پاس ڪئي هئي جو
پاڻ شهر جي هئي. جي هجي ها منهنجي ڳوٺ جي يا رئيس
ڪريم بخش جي ڳوٺ جي ته بنهه اسڪول جو منهن نه ڏسي
سگهي ها. ڪريم بخش ماڙي تي چڙهي ايندو هو ته به
کيس سَمڪ نه رهندي هئي. هوءَ گڏين ۽ گُڏن جي دنيا
۾ يا پڙهڻ ۾ اهڙو ته غرق هوندي هئي، ڄڻ هِت آهي ئي
ڪانه. هوش ايندس ته ٽپ ڏيئي پيءُ کي چنبڙي پوندي.
سنجها رئيس ڪريم بخش کي ڏاڍي پياري هئي، جو هيس ئي
هڪ اولاد! اهڙو ڀانيائينس جو سنجها چڱي وڏي ٿي
ويئي پر هو کيس اُٿارڻ لاءِ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه
هو.
مان نوڪري سان وڃي لڳو هوس. امان کي پاڻ چيم.
اَمان رئيس ڪريم بخش جو رُخ ڏسيو ويٺي هئي. ٻيو ته
رئيس وارا رئيس هئا ۽ اسين بنهه پَٽ پيل. بابو
منهنجو پهريائين مزوري ڪندو هو، پوءِ رئيس جي ڦٽين
واري ڪارخاني جو منشي ٿيو. توڙي جو ٻنهي جي دوستي
هئي، پري جي مائٽي به هئي، پر رئيس هڪ ڌڪ ۾ سڱ ڏيڻ
کان انڪاري ٿيو. پر الائجي ڇو منهنجو قضائي اچڻ
وڃڻ بند نه ڪيائين. مون به دل ۾ نه ڪيو. سوچيم ته
سنجها اڄ به منهنجي آ، سُڀان به منهنجي. اِتي آ ته
به منهنجي آ. مامي رئيس جي رُخ جي خبر هئم ته هو
سنجها کي ٻاهر نه ڪڍندو. هُن کي سنجها سان عشق هو.
ٻيو ته هوءَ کيس هڪ ئي هئي. هوءَ جوان ٿي وئي. پر
هو کيس اڃا ٻار سمجهندو هو. اُنهيءَ دفعي جڏهن ڳوٺ
ويس ته هميشہ جيان سنجها سان ملڻ ويس. هوءَ به
هميشہ جيان ماڙيءَ تي هئي. مامي شادان ۽ ماسي
ڦاپان کٽ تي چڙهيو ويٺيون هيون، پر هيون مُنجهيل ۽
مُوڙهل. ٻانهن کان ڇڪي کڻي پنهنجي ڀرسان وهاريون ۽
آهستي آهستي ڳالهه کي چوريون:
”ابا، اِجن! تون ئي سنجها کي سمجهاءِ، انهيءَ
ماڙيءَ اسان کي ماري ڇڏيو آهي. هاڻي ته هيٺ به نٿي
لهي. عجيب ڳالهيون پيئي ڪري. ماسي چئي ٿي ته مٿس
جنن جو اثر ٿي ويو آهي. پڻس کيس ڏسي ٺريو پيو ٺري.
تون ڪا واهر ڪر.“
مامي شادان بس ڪئي ته ماسي ڦاپان شروع ٿي ويئي.
”مُنڍ کان وٺي پئي رڙيون ڪيم ته ڇوڪرِ کي ماڙيءَ ۾
نه ڇڏيو. ابا! ڪير ٿو منهنجي ٻُڌي؟ ابي ڏاڏي کان
ٻُڌندا اچون ته اِنهي ماڙيءَ ۾ هُنن جو ديرو آهي.“
”هو ڪير؟“
”هوُ بابا، هُو…! نالو نه کڻبو، وڏيءَ طاقت وارا
آهن. ڪنڌ موڙيندي دير نه ڪندا آهن. هاڻ ته سنجها
به هُنن جي ٻولي پيئي ڳالهائي. تون پاڻ وڃي ڏس.
گُڏيون ۽ گُڏا به ڪڍي ڦٽا ڪيا اٿئين. بس هڪ گُڏو
کڻي ٺاهيو اٿائين، چئي ٿي ته اُهو جنن جو شهنشاهه
آهي. بادشاهه ته ٻڌوسين، پر هيءُ شهنشاهه الائي
ڪٿان آيو آهي. هاڻي تون ٻڌاءِ، ڇوڪرِ سنئين چئبي؟
پڪ اُنهن جي اثر هيٺ آهي.“
مان يڪدم اُٿي ماڙيءَ ڏي ويندڙ ٻاهرينءَ ڏاڪڻ کان
مٿي ويس. کُليل وڏو پڌر لتاڙي ٻن ڪمرن واري ماڙيءَ
۾ داخل ٿيس. در ته ڪجهه کُليل هو پر دريون بند
هيون. اندر اوندهڙي هئي. سامهون وڏي کٽ تي سنجها
ويٺي هئي. سنجها ڀلو وڳو کڻي پاتو هو. مٿان وڏو
رئو کڻي وڌو هئائين. ويڙهي ويٺي هئي. ڪمري ۾
اگربتين جي خوشبو هئي. هُن جون اکيون ڪنهن هنڌ
کُتل هيون. مون هنڌڳوليو ته سامهون ڏٺم ته هڪ وڏي
سائيز جو گُڏو ويٺل ڏٺم. مون اُهو گڏو ڪڏهن نه ڏٺو
هو. ويجهو وڃي ڏٺم ته هيءُ گڏو عجيب هو. تمام گهڻي
اڇي ڪپڙي جو ٺهيل هو. اُن جو منهن به ڏاڍو سنڀاري
سنواري ٺاهيو ويو هو. عجب اِهو ته سندس مٿي تي
ڪلنگي به ٺاهي وئي هئي. هوءَ ساڻس چپن ۾ الائي ڇا
جو ڇا ڳالهائي رهي هئي. ٻولي ئي ٻي هئي، جيڪا
سمجهه ۾ نه ايندڙ هئي. لڳي پيو ته هوءَ اُنهي گُڏي
سان ڳالهائي رهي هئي. مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو.
طاقن ۽ ڏانگاڻن تان ٻيون سڀ گُڏيون غائب هيون. اُن
جي جاءِ تي گلدان رکيل هئا. جن ۾ گلاب جا گل سجايل
هئا، جن جو هڳاءُ الڳ هو. ڪمري ۾ هيٺ هڪ غاليچو
وڇايل هو. اُنهن جي پاسن کان وڏا ٻه وهاڻا رکيا
هئا پيرن کان پٿراڻي رکيل هئي. هڪ هنڌ خوبصورت
صُراحي رکيل هئي. ساڻ ٻه نقشي پيالا به رکيل هئا.
مون کي هيءُ ڪمرو عجيب لڳو ۽ سوچڻ لڳس ته ڇا هِتي
ڪو ٻيو به رهي ٿو! مون پُٺي ورائي سنجها کي ڏٺو.
هاڻ هُنَ ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هوءَ پوءِ رئي
جي پلئه کي جهولائيندي اُنهيءَ ۾ گڏي کي کڻي
ڇاتيءَ لاتو. کٽ تان هڪ لهر سان اُٿي ۽ تيزيءَ سان
گڏي کي کڻي اچي هڪ طُول وهاڻي سان ٽيڪ ڏياري
وهاريائين. پوءِ پاڻ اُن جي ڀرسان ٻئي طول وهاڻي
کي ٽيڪ ڏئي ويٺي ۽ ڪنڌ کڻي مون ڏي نهاريائين. سندس
مُک تي عجيب جوت هئي. منهن ٻهڪيس پئي. پوءِ مون کي
اشارو ڪيائين ته ويهه. مون سندس ويجهو هيٺ ويهڻ جي
ڪئي، پر يڪدم اشارو ڪيائين ته مان پرڀرو ڪنڊائتو
ٿي وهان، پوءِ اشارو ڪيائين ته بوٽ لاهي وهان. مان
سندس سامهون هُيس. پر نه هُن ڳالهايو پئي، نه وري
مون ئي ڪجهه ڪڇيو. رَئو هٽيس پئي ته ڇڪي پيشانيءَ
تائين پئي آندائين. اوچتو رَئي جو ٻُڪل هڻي گهُنڊ
ڪڍي منهن به ڍڪي ڇڏيائين. پوءِ هوءَ جهولڻ لڳي.
مان ته ڄڻ پنڊپاهڻ ٿيو ويٺو هوس. اکر نه پئي
اُڄهيم. ائين گهُنڊ مان اندران ڳالهائين.
”سهڻا شهنشاهه!… هن کي چئه ته هليو وڃي. وقت کوٽي
نه ڪري. هيءُ هنڌ سندس وهڻ جو ناهي.
هيءُ هنڌ اسان جو آهي. چئوس ته هليو وڃي.“
هاڻ هُن اِنهي گُڏي کي سيري ويجهو ڪيو. پوءِ گهُنڊ
اندر کڻي ويئي. اوچتو اندران گهگهي پرڳري آواز ۾
چيائين:
”ميان اِجن!… جنن جو شهنشاهه توکي حڪم ٿو ڪري ته
هتان هليو وَڃ. هت نه ايندو ڪر. منهنجو ۽ سنجها جو
وقت کوٽي نه ڪر. هتان هليو وَڃ. پري هليو وَڃ.
پنهنجي مُلڪ هليو وڃ، جتان هاڻي آيو آهين، هليو
وَڃ، چوانءِ ٿو هليو وَڃ.“
سنجها جو آواز ڳرو ٿيندو پئي ويو، ڄڻ گوڙ وانگر
گجي پيو. مون کي مجال نه ٿي ته ڪجهه ڪُڇان. مان
اُتان ائين اُٿيس، ڄڻ ڪنهن عامل پنهنجي معمول کي
حڪم ڪيو هجي ۽ هُن اُن جي تعميل ڪئي هجي. بوٽ پائي
ٻاهر نڪتس. اڱڻ ۾ بيهي رهيس. سوچيم ته هيءُ سڀ ڇا
آهي. اهڙا قصا ڳوٺ ۾ ڪئين ئي پيا ٿيندا هئا. ننڍو
هيس ته ڊڄندو هيس. هاڻ ته شينهن مڙس هيس. ورهين
کان شهر ۾ هيس ۽ وري پڙهيل ڳڙهيل نوڪري وارو
ماڻهو، ڪاٿي ٿو ڊپ ٿئي يا اِنهن ڳالهين ۾ اعتبار ۽
ايمان اچي. پڪ ڄاتم ته سنجها ذهني مرض ۾ مبتلا
آهي. هيٺ لٿس ته مامي شادان ۽ ماسي ڦاپان اُتي ئي
ويٺيون هيون. هنن مون ڏي ائين نهاريو ڄڻ ڪجهه
پڇنديون هجن. مان سندن ڀرسان ويهي رهيس. آهستي
آهستي ڳالهه ڪيم. ”مامي! سنجها بيمار آهي. کيس ڪا
ذهني بيماري آهي، جنُ ٻنُ ڪونهي. سنجها کي توهان
اڪيلو ڇڏي ڏنو هو سو سوچي سوچي بيمار ٿي پئي آهي.
منهنجو هڪ سٺو دوست ڊاڪٽر آهي. اِنهن نفسياتي
مرضن جو ماهر آهي. مان اڄ شهر وڃان ٿو، ڏينهن ٻن ۾
کيس وٺي اچان ٿو. ڌڻي ڪندو ته ٺيڪ ٿي ويندي.“ مامي
شادان ته چُپ هئي پر ماسي ڦاپان پهريائين توبهون
ڀريون، نڪ کي موڙا ڏنا، پوءِ ڀُڻ ڀُڻ ڪري ڳالهائڻ
لڳي:
”توبهه ڪر ڇورا، توبهه زاري. هنن لاءِ ڪجهه نه
چئه، نالو ئي نه ڳنهه. هيءُ ڪنهن کي وٺندا آهن ته
بنهه ڪو نه ڇڏين.…“
سانوءَ جي ڇوڪري جنان جو حشر ڏٺو هئيه. گلان جي
ڀاڻيجي شانان مرندي مير ويئي، انهن مان جان نه
ڇٽس. ملان ڇٽي۽ ڀوپي ڪيڏو زور لاتو پر ڪجهه نه
ٿيو. هوءَ ڇا نالو هيس.
”ماسي! انهن ڳالهين جي مونکي سڀ خبر آهي. توهان
ڳوٺ وارن ۽ اُنهن جي مائٽن گڏجي کين ماريو. ڇا جا
جن، ڇا جي غيبات، اِنهن مُلن ۽ ڀوپن ئي ته ڀينگ
ڪئي آهي، جنن ۽ غيبات کي ٻيو ڪم ڪونهي جو وتندا
عشق ڪندا ۽ ماڻهو آزاريندا. اُٿيس پئي ته مامي
شادان ڀڻڪو ڪڍيو:
”ڊاڪٽر ڀلي وٺي آءُ، پر مامنهين مڃيندو؟ توکي ته
خبر آ ته حاويليءَ ۾ حڪيم به اندر نه آيو آ.
پنهنجي ابي کي چئه ته اُهو ڪو مڃائينس. ٻئي جي ته
ٻُڌي ئي نٿو. جوان ڌيءُ ويهاري ڇڏيائين، ڪنهن جي
به نه ٻُڌائين. هاڻ ڪجهه به ڪُڇ ته اُلري ايندو.
بس چي، سنجها ٻار آهي، اِها گُڏي گُڏين جي راند
آهي، ڀلي پيئي کيڏي. هيءُ عمر آهي گُڏي گُڏين جي
راند ڪرڻ جي……“
هوءَ ڳالهائيندي رهي پر مان نڪري آيس. وکون وچڙيون
پئي، سوچن جا ڍير هئا. سهڻي سنجها کي هنن ڄڻ ولوڙي
ڦٽو ڪيو هو. هيءَ سنجها ته نه هئي، ڪو پاڇو پئي
ڀانيم. ڪي اولڙا پئي جرڪيا، ڇا سنجها هئي ۽ هنن
منهنجي سنجها کي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏيو آهي! مان
ٿڙندو ٿاٻڙندو سڌو ابي وٽ آيس. کيس گهڻي خبر هئي.
سربستي ڳالهه ڪيم ته ماٺ ٿي ويو. ابو زماني جو
ماڻهو هو، اُٿيو ويٺو هو ۽ شهر ڪاروبار سانگي
ايندڙ ويندڙ هو. هاڻ ته مون وٽ اچي رهندو هو. گهر
ڪو جاهلن وارو گهر نه هو. هو جيڏو مون سان پيار
ڪندو هو اوڏو سنجها سان. هوءَ به سندس هٿن ۾ پَلي
وڏي ٿي هئي. پوءِ ڇا جو بابو اُن وقت غريب هيو.
بابو منهنجي ڳالهه ٻڌي ٻڏي ويو هو. ويٺي ويٺي هُنَ
ٽپ ڏنو ۽ اُٿي بيهي رهيو.
”اِجن! دير نه ڪر. وَڃ جيترو جلد ٿي سگهي ڊاڪٽر کي
وٺي آ… مان ڄاڻان، ادو ڪريم بخش ڄاڻي… ڪريم بخش
ڪير ٿيندو آهي جو هڪ معصوم کي ائين ماري ڇڏي… ٻچا!
تون وَڃ، دير نه ڪر، اُڏامندو وَڃ اُڏامندو اَچ.“
مون نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر عليءَ کي وڃي هٿ ڪيو.
پراڻو پڳ مٽ يار ماڻهو هو سو يڪدم هليو آيو. سڌو
گهر آياسين، ابو ڄڻ ته تيار هو. هُن رئيس ڪريم بخش
کي راضي ڪري ورتو هو. اسين سِڌو حاويلي وياسين.
ماڙيءَ ۾ گهڙياسين ته سنجها ائين ئي جُهنڊ هنيو
ويٺي هئي. گُڏو ساڻ هجيس، اُنهي ئي گهگهي آواز ۾
چيائين:
”ميان اِجو!… وري آيو آهين… پاڻ ته مرڻ آيو آهين،
پر اِنهيءَ ٻئي شودي کي ساڻ ڪري هِت مارائڻ وٺي
آيو آهين.… هليا وڃو، نه ته ڪنڌ مروڙي ڇڏيندو
سانوَ.“
ڊاڪٽر بي ڊپو ٿيو بيٺو هو. پوءِ هوُ اڳتي وڌيو. در
دريون کوليائين پوءِ هُن سنجها ڏي رُخ رکيو.
”خبردار، جو اڳتي وڌيو آهين ۽ سنجها کي هٿ لاتو
اٿئي.“
”جِن سائين! سنجها بيمار آهي. مان شودو نه ڊاڪٽر
آهيان. مون کي کيس ڏسڻ ڏيو نه ته سنجها مري ويندي.
پوءِ تون ڇا ڪندين، ٻي سنجها وٺي ايندين؟ جن
بادشاهه ته ائين نه ڪندا آهن، تون ته شهنشاهه
آهين.“ ڊاڪٽر ڳالهايو.
جهٽ پل لاءِ خاموشي ٿي ويئي. ڊاڪٽر عليءَ سَٽ پائي
وڃي سنجها جو گهُنڊ کوليو. چوڌاري ڄڻ ته روشني
ڦهلجي وئي. سنجها جو مُک ٻهڪي پيو. هُنَ ڇرڪ ڀريو.
ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺائين. سندس اکيون ٻرن پيون. پوءِ هڪ
وڏي چيٽ ڪيائين ۽ مورڇا ٿي ڪري پيئي. ڊاڪٽر سندس
هنج مان اُهو شهنشاهي بوتو ڪڍيو ۽ کڻي کٽ تي
ُڇلايو. ڊاڪٽر علي صراحيءَ مان پاڻي پيالي ۾ اوتي
کڻي آيو. سڄو جو سڄو پيالو سنجها جي منهن ۽ جسم تي
کڻي هاريائين. وري ٻيو پيالو ڀري آيو. اُهو
هاريائين. ائين سنجها کي ڄڻ ته وهنجاري ڇڏيائين.
هاڻ سنجها وڏا ساهه کڻڻ لڳي ۽ هٿ پير هڻڻ لڳي.
پوءِ اکيون کوليائين ۽ اُٿي ويٺي. هيڏي هوڏي نهارڻ
لڳي. مون هٿ ڏنو مانس ۽ اُٿي بيٺي. اوپرو ماڻهو
ڏسي رَئو سولو ڪري اوڍيائين.
”اِجن! ڪيڏي مهل آيو آهين، هيءُ ڪير آهي.“
”سنجها هيٺ هلون؟“ هُن ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي.
هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري اسان سان گڏ ماڙيءَ جي اندرئين
ڏاڪڻ تان هيٺ آئي. هيٺ وڏي ڪمري ۾ ماڻس پڻس، ماسي،
منهنجو ابو سڀ اُڀي پيرين بيٺا هئا. سنجها سڀن سان
سولي ٿي ملي. ائين ئي هئي جيئن هوندي هئي. ماڻهوءَ
جهڙو ماڻهو. ڊاڪٽر عليءَ پاڻي گهرائي ڪجهه پڙهي
سنجها کي پياريو. ٻيو گلاس ڀري ڏنائينس. وري ٻُڪَ
ڀري پاڻي جا ڇنڊا هنيائينس. پاڻيءَ ۾ ڪا شفا آهي!
دير ئي نه ٿي، جو هوءَ کلي ڳالهائي پيئي! مان
حيران ته ڊاڪٽر علي ڪڏهن کان مُلان مولوي ٿي ويو
آهي. پوءِ ڊاڪٽر علي منهنجي هٿان ڊاڪٽري وارو
ٿيلهو گهرايو. هڪ ٻئي مٿان ٻه سُيون هنيائينس. هلو
سائين، ڊاڪٽري علاج به ٿي ويو. پوءِ ڪجهه دوائون
لکڻ ويٺو ته عينڪ نه پئي لڀيس. پوءِ ياد آيس ته
هُن عينڪ لاهي مٿي ڪا کٽ تي رکي هئي. ’يار! عينڪ
مٿي رهجي ويئي. ڊوڙ پاءِ ۽ مٿان عينڪ کڻي آ. پڙهي
پڙهي هن عمر ۾ ئي انڌا ٿي ويا آهيون‘. مان مٿي
پهتس ته عينڪ کٽ تي نه هئي. هيٺ ڪري پئي هئي ۽
شيشا ڏري پيا هئس. الائي ڪيئن ڪري! عينڪ کنيم پئي
ته ڏٺم ته گُڏي وارو بوتو به هيٺ ڪريو پيو هو.
هيءُ به ته کٽ تي رکيل هو. هيٺ ڪيئن ڪَريو؟ مون
بوتي کي کڻي کٽ تي رکيو ۽ پل لاءِ سوچ ۾ پئجي ويس.
وهم وساري سوچيم ته سمجهيم، ڊاڪٽر بي خيالي ۾ کٽ
تي عينڪ کڻي اُڇلي هئي ۽ اُن وڃي ڦهڪو ڪيو هوندو.
اِهو بوتو به کڻي اُڇليو هئائين ۽ آڌر تي هوندو.
دريون در جو کُليا ته ڪو هوا جي جهوٽي
ڪيرايوهوندو. ڊاڪٽر ڪڇيو ڪو نه، بس اُها ڏريل شيشن
واري عينڪ پائي نسخو لکيو ۽ مون کي ڏنائين. رئيس
ڪريم بخش اُهو نسخو مون کان ورتو ۽ ابي کي چيائين:
”ادا! هيءُ دوائون شهر کان گهرائي وٺ.“ ڊاڪٽر ٽپ
ڏيئي اُٿيو ۽ سنجها جي ويجهو وڃي کيس مٿي تي هٿ
رکيائين. ”ڪاڪي هاڻ ٺيڪ ٿي ويندي. توهان ڪو به
خيال نه ڪيو. ٺيڪ ٿي ويندينءَ نه؟“ سنجها ڪنڌ
لوڏيو ۽ چُپ رهي. ”دوائون وقت تي کائجانءِ. ٻيو
پاڻي جو جام استعمال ڪجانءِ.“
ڊاڪٽر ڪمري مان نڪري اڱڻ ۾ آيو، پوءِ هلي حويليءَ
واري دروازي جي ڪنڊ تي بيهي رهيو. هُن رئيس کي ڪا
گهڙي گهوري ڏٺو، پوءِ چيائينس: ”سائين! توهان پاڻ
سياڻا آهيو. دُنيا الائي ڪاٿي پهتي آهي. ٻهراڙيون
به شهر بڻجنديون پيون وڃن، ڇا جا جِنَ، ڇا جا
بادشاهه، ڇا جا وري شهنشاهه؟ ڇا جي ڳالهه ڇاجي
مهاڙ. اوهان جي نياڻي هسٽيريا جي مريض آهي، ٻيو
ڪجهه نه آهي. هنن بند حاويلين ۽ گهرن ۾ ائين ئي
ٿيندو آهي. ڪاڪيءَ جي عمر به چڱي ٿي وئي آهي.
دوائون کيس وقتي آرام ڏينديون. هن بيماري جو علاج
ڪاڪيءَ جي شادي ۾ آهي. معاف ڪجو، اِهو اوهان جو
گهرو مسئلو آهي. پر ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ منهنجو فرض
آهي ته اوهان کي آگاهه ڪيان. اِهو به ٻڌائي ڇڏيان
ته اڳتي هلي اهڙو وقت اَچي سگهي ٿو جو دوائون به
ڪم نه ڪن ۽ سندس جان کي خطرو ٿي پوي. وڏي ڳالهه ته
هي گُهٽ وارو ماحول آهي. شادي ٿيندي ته ڪاڪي هن
ماحول مان به نڪرندي، وڌيڪ توهان پاڻ سمجهو آهيو.“
هاڻ هُنَ مامي شادان ڏي ڏٺو. هوءَ به اسان سان گڏ
يبٺي هئي. مامي شادان ته ڪجهه نه ڪجهه پڙهيل به
هئي. هُن ڳالهه کي ڪنڌ لوڏيندي هاڪار پئي ڪئي.
اوچتو ماميءَ ڳالهايو:
”پر ڊاڪٽر صاحب! سڄي ڳوٺ ۾ هُليل آهي ته ڇوڪرِ ته
جن آيل آهي. هاڻ ساڻس شادي ڪير ڪندو؟ اڳ مِٽيون
آيون پر رئيس سائين نه بيٺو.“
”اِهو توهان جو مسئلو آهي، ڳوليندو ته ڪانه ڪا
مِٽي لڀي وپندي.“
ڊاڪٽر ڳالهائيندي مون ڏي ڏٺو. پوءِ موڪلائي اڳتي
وڌي حاويليءَ جو در ٽپي ڏيڍي اُڪري وڃي ٻاهر نڪتو.
ابو ۽ مان ماميءَ ۽ مامي رئيس کان جيسين موڪلائي
ٻاهر نڪتاسين ته ڊاڪٽر علي گهٽي هيٺا رستي تي ڪار
وٽ بيٺو هو.
”يار! اِجن! جلدي ڪر، شام تائين ڪلينڪ پهچڻو آهي.“
”ائين ڪيئن ٿيندو.“ ابو کيس زوري گهر وٺي آيو.
مانيءَ تي ويٺاسين ته ڊاڪٽر عليءَ ڳالهه چوري کيس
سنجها سان منهنجي اُلفت ۽ پيار جي چڱيءَ پر خبر
هئي جو اسين ٻيئي شهر ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. گڏ رهندا
هئاسين. هو وڃي ڊاڪٽر ٿيو، مون وڃي بينڪ ۾ آفيسري
ڪئي. ڊاڪٽر پهريائين هٻڪيو پو اٿليو. منهنجي ماءُ
کي چيائين:
ا”امان! اڳ جواب ڏنو هئائون، هاڻ هو جواب ڏيڻ جو
پوزيشن ۾ نه آهن. توهان ڳالهه ته چوريو.“
”پر ابا! اڳ جي ڳالهه ٻي هئي. هاڻ اِها کنڀڙاٽين
واري مَک ڪير ڳهي؟ غيبات – هاڻي لُٻيل ڇوڪري ڇا
ڪنداسين؟“
اِتي مون ڀڙڪو کاڌو، مون کي ڳالهه بنهه نه وڻي.
”امان! ڀلي اوهان سنجها سان شادي نه ڪرايو، پر هُن
لاءِ اهڙا اکر نه چئو. هوءَ بيمار آهي، هوءَ ٺيڪ
ٿي ويندي. ڪيئن علي؟“
”بالڪل، ذهني مرض ڳرا به ٿيندا آهن. هيءَ معمولي
مرض هسٽيريا آهي، ڪو شيزوفرينيا يا ڪو ٻيو مرض
ڪونهي جنهن ۾ شادي جي منع هجي. هن مرض جو علاج
ماحول ۾ تبديلي، مصروفيت ۽ جذبات ۾ ماٺار اچڻ
ضروري آهي ۽ شادي ۾ سڀ ڪجهه آهي. ٻيو نه ته هن
غريب عاشق جو به ته خيال ڪريو.“
ائين چئي وڏو ٽهڪ ڏنائين. ابو به کِليو پر امان
سوڻي ويٺي هئي. اِتي ابي ڳالهايو:
”هئڙا جوان پٽ چون ٿا ته توکي به اعتبار ڪرڻ
گهرجي. جِنن ٻِنن جون ڳالهيون اجايون آهن. سنجها
بيمار آهي. ڊاڪٽر علي سندس علاج به ڪري پيو. شادي
ٿي ته ڇوڪرِ به سنئين ٿي پوندي. ڇو ٿي ڪم ڦٽائين.“
”مون کي ڇاهي، سڀ راضي آهيو ته وڃي پاڻ ٻيڙو ٻني
لايو. مان وري ادي جن ڏي سڱ گهرڻ نه وينديس. اڳ ئي
بڇڙي ٿي آهيان.“
”چڱو، پوءِ مان ويندس. ڳالهه ڪهڙي آهي.“ ابو اڳڀرو
ٿيو، پر امان ماٺ ماٺ ۾ وڏو ٺڪاءُ ڏنو.
”تون ڀلي ڪراءِ، پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءَ ته
منهنجي پٽ جي سڄي حياتي برباد ٿي ويندي. غيب جو
علم رڳو خدا کي، پر توهان غيبات کي سڏي پنهنجي گهر
ٿا وٺي اچو ميان! اِجن ۽ ڊاڪٽر ٻه اکر پڙهي پيا سو
ڇا ٿي پيو! جنن جي مخلوق کي ٿا پُٺي ڏين. ڌڻي پيو
خير ڪري. ٽري پاسو ڪيو ته بهتر. باقي مان زال
ماڻهو، منهنجو عقل ته ڏائي کڙي ۾ آهي، ائين نه؟“
امڙ ڊنل هئي. اسان ٻيئي ماني کائي روانا ٿياسين.
ڏينهن ڪو نه گذريا ته بابي جو نياپو پهتو ته هفتو
موڪل وٺي پهچ. پهتس ته ڪم تيار هو. ٻن ٽن ڏينهن
اندر مڱڻو، ميندي، نڪاح ۽ شادي هئي. نه ابي ڪو
کٽراڳ ڪيو هو نه وري مامي رئيس ڪريم بخش ڪو اڊمبر
ڪيو. ڏاڍو ڪم سادو ۽ تڪڙو پئي هليو. منهنجو سنجها
وارن ڏي وڃڻ بند هو. مون کي سنجها جي طبيعت جي
ڳڻتي هئي. مون ڊاڪٽر عليءَ جون ڏنل نيون دوائون
کيس موڪلڻ بدران پاڻ وٽ رکيون هيون. سوچيم ته ٻه
ٽي ڏينهن پيا آهن. هٿ سان کارائيندوسانس. امڙ کان
سنجها جو پڇيم ته اُٿي هلي وئي. وري ويومانس ته
چيائين، ”پاڻ ئي ڏسجانس في الحال ڪجهه ماٺ آهي، پر
ڪنهن مهل چيٽون ڪري بيهوش ٿي ٿئي پوءِ پيا پاڻي
هاريوس يا پياريوس. سامت ۾ اچي ٿي ته سنئين آ.
ابا! ڪاٿي ٿو اِهو شهنشاهه ڇڏيس. هوءَ قابو آ،
پُٽ!“
امڙ اُهائي مايوس هئي. جي ابي ۽ منهنجي مرَضي نه
هجي ها، عليءَ جو آسرو نه هجي ها ته امڙ ڪڏهن ڪانه
بيهي ها.
شاديءَ واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ ماسي ڦاپان گهر
آئي. مون سمجهيو ته ائين ملڻ آئي آهي. هَئو مَئو
ٽريو ته پاسو وٺي مون کي سنجها جي چٺي ڏنائين.
چٺيءَ ۾ هو ته:
”اِجن! جنن جي شهنشاهه جو حڪم آهي ته هيءَ شادي نه
ٿيڻ کپي.
جيئن ته مان پيءُ ماءُ آڏو بيوس آهيان، ڪڇي نٿي
سگهان. ماءُ کي گهڻو سمجهايو اٿم پر ابي جي ڊپ کان
هوءَ به ڪڇي نٿي. توهان مرد ماڻهو آهيو، همٿ سان
گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا. اسان ٻنهين لاءِ به بهتر
آهي ته هيءَ شادي نه ٿئي. اوهان هن شاديءَ کان
انڪار ڪري ڇڏيو نه ته وڏي تباهي اچي سگهي
ٿي.…سنجها.“
ماسي ڦاپان ته هلي وئي پر مان وڏي وسمي ۾ اچي ويس.
اسان جهڙن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن تي شهنشاهن جا فرمان
ڪهڙا هلندا؟، اِها ته ڳالهه ڪانه ٿي، پر ڇا سنجها
جي پنهنجي مرضي به ڪانهي. اِهو وڏو سوال هُيو، پر
پوءِ خيال آيم ته هوءَ پنهنجي وس ۾ ڪانهي. ذهني
بيماري هسٽيريا جي اثر هيٺ هوءَ جيڪي وڻيس ڀل چوي.
اُهو سڀ سچ ڀانئبو ڇا؟ ڀلي پيئي چوي. مون کي پاڻ
تي ڀروسو هو، پنهنجي پيار تي ڀروسو هو. اُميد وڏي
شئي آهي، انهي اُميد آسري تي تڳيس پئي. ائين ڪيئن
هٿيار ڦٽا ڪبا. شادي ٿي ۽ عزت آبرو سان ٿي. دوستن
۽ راڄ جي چڱن مڙسن پير ڀريو. وڏي ڳالهه ته
ڪنواريتن به وڏو مان ڏنو. رُتبي جي لحاظ کان هو
گهڻو مٿي هئا، پر پنهنجائپ ڪري بنهه وڇائجي ويا.
شاديءَ جي رات جا پنهنجا سوڻ، پنهنجا ويس وڳا ۽
رنگ هوندا آهن. منهنجو لائنن لهڻ مهل سنجها سان
مُکاميڙو ٿيو. اُن مهل مون حسن کي ماٺيڻي محور ۾
جڪڙيل ڏٺو. هيڏو حُسن، هيڏا جلوا، پر مُک تي خوشي
يا ڪنهن انديشي جو اُهڃاڻ به نه هو. هن سرد ۽
خاموش حُسن مون سان ڪجهه به نه ڳالهايو. مون کي
جڏهن اُنهيءَ ماڙي واري ڪوٺي تي ٻاهرين ڏاڪڻ چاڙهي
وٺي ويا ته ڏٺم ته اُهو ماڙيءَ وارو ڪمرو بند هو.
اُن کي تالو ڏنل هو. ڪوٺي جو پلوڙو ڏنل ٻيو حصو هو
۽ ماڙيءَ جو ٻيو ڪمرو کُليل هو، جنهن کي اندران
ڏاڪڻ نه هئي. اڱڻ باغ بهار هو. وڏي نوار واري کٽ،
جنهن جا جنڊيءَ تي پاوا هئا. اُن تي سيج وڇايل
هئي. گُلن جون لَڙيون اوسي پاسي لڙڪن پيون. گلاب ۽
موتئي جي هٻڪار هئي. فرش تي گلم غاليچا وڇايل هئا.
ڀرسان ٽيبل لڳل ۽ ٽي چار وڏيون آرام ڪرسيون. ٽيبل
ميوات ۽ مٺائي سان ڀريل. ننڍڙي ٽپائيءَ تي کير ۽
پاڻي جا جڳ، مڻين ۽ موتين سان جڙيل ڍڪن سان ڍڪيل.
وڏن بلبن ۽ جهرمر ڪندڙ ننڍڙين بلبن سان سڄو ڪوٺو
روشن هو. روشني ايڏي هئي جو آسمان ۾ ستارا به نظر
نه پئي آيا. سنجها به روشني ۾ ٻڏل هئي. مون کي
مامي شادان، امڙ ۽ ٻيون مايون ڇڏي ويون ته پوءِ
مون سنجها کي چڱي طرح ڏٺو. هوءَ گهونگهٽ ڪڍيو ويٺي
هئي. بادلي ۽ ستارن سان ڀريل سنهي رَئي مان مُنهڙو
پئي پسايائين. اوچتو هيٺان ڪنهن اِنهن وڏن ننڍن
بلبن کي وسايو. عام هلڪا بلب اڱڻ، ڇاپري ۽ ڪمري ۾
پئي ٻريا. اُن جهڪي روشني ۾ تهان وڌ سندس منهن
مهڪيو پئي. اُن رئي اندر ڄڻ ڪو بلب روشن هو. مان
آهستي سُري ويجهو ٿيس ۽ سندس گهونگهٽ هٽائڻ جي
ڪيم. هوءَ اوچتو ٽِپ ڏيئي اُٿي. پيرين اگهاڙي تکي
تکي ڪمري ۾ هلي وئي. مون لاءِ ته ڄڻ سڀ جهڪيون
روشنيون به وسامي ويون. هُن ڪمري جو درُ ڏئي ڇڏيو.
هاڻ مون لاءِ چٽو آسمان ۽ اُن ۾ چٽا تارا هئا، جن
جي سونهن پل لاءِ موهيو، پوءِ موهه وڃائي ويٺا.
مان سيج پلنگ تان لهي آرام ڪُرسي تي ٿي ويٺس. ڳپل
کَنَ کانپوءِ کڙڪو ٻڌم. ڏٺم ته ڪمري جو در کُليو ۽
سنجها سامهون هئي. هوءَ آهستي آهستي پيرين
اُگهاڙين، ڪاڏي ويا ويس وڳا، ڪاڏي ويو هارُ
سينگار، سڄي ڌوتل پوتل، گهر جي اَڇي وڳي ۾ رڙهندي
اچي پلنگ تي ويٺي. کٽ جي ايس تي ائين ويٺي هئي ڄڻ
آڌر تي ويٺي آهي. پير اڌو گابرا فرش تي ٽڪيل، منهن
کُليل ۽ اکيون خالي خالي، هوءَ مون ڏي تڪي رهي
هئي. هيءَ ڪنوار سنجها ته ڪانه هئي پر مون لاءِ
اُهائي سنجها هئي – منهنجو پيار ۽ منهنجي اُميد،
منهنجي جهلَ ۽ منهنجو آسرو. هُن مون ڏي جو نهاريو
پئي ته مون به سندس اکين ۾ کڻي جهاتي پاتي. پر هُن
اکڙيون ڦيرايون ۽ لڪائي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”نيٺ نه مُڙين! توکي گهڻو جهليم، تو سُٺو نه ڪيو،
تو سٺو نه ڪيو.“
هُن جو آواز ڏکارو ٿي ويو هو. مان ٽپ ڏئي سندس
ڀرسان وڃي ويٺس. سيري کيس سولو ڪري وهاريم. سندس
هٿ پڪڙي ڳالهائڻ جي ڪيم. سندس هٿ کهرا ۽ ڇلر لٿل
لڳم. ميندي رتن هٿن تان ميندي لاهي نشان ڊاهڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان ڪوشش ۾ سندس هٿ به ڦٽجي پيا
هئا پر ان ناتي رتل ميندي رَتي سارتي، رنگ جهڪو
ڪندي پر ويندي ڪانه نه خوشبو ويندي نه سونهن، مون
سندس کُهرن زخميل هٿن کي کڻي چميو پوءِ کيس ڇڪي
کڻي ڇاتي لاتم، بس دير ئي ايتري هئي. الائي هن
نازڪ نازنين ۾ ڪٿان طاقت آئي جو هُن هڪ سَٽ ۾ پاڻ
کي ڇني ڌار ڪيو ۽ اُڇل ڏئي جو اُڇليو ته مان پري
وڃي غاليچي تي ڪريس. هوءَ ائين جو ائين اڻڄاڻ ويٺي
هئي. هوءَ نه اُٿي آئي ۽ نه وري ڪو اِظهار ڪيائين.
ڌڪ ته ڪو نه لڳو پر ڏک ضرور ٿيم. مان اِنهيءَ ڏک ۽
ويچار ۾ اُٿي اڱڻ ۾ پسار ڪرڻ لڳس. اڳتي وڃي پوئتي
موٽيس ۽ پوءِ پلوڙي جي پريان ماڙيءَ جي بند ڪمري
واري پاسي هليو ويس. اوڏانهن ڪجهه اوندهه هئي.
اوچتو سنجها دانهن ڪئي، ”ايڏانهن نه، ايڏانهن نه.“
ائين منهنجي پيرن ۾ ڪا نرم ۽ ڪئنرو ننڍڙو وجود هو.
اُت به ’چين چين‘ ڪندڙ چيچٽن جا آواز ٿيا. هاڻ
سنجها هن پاسي ڊوڙندي آئي هئي. وٺي دانهون ڪيائين:
”اڙي پري ٿي، اڙي پري ٿي…… تو معصوم چِٿي ڇڏيا.
ٻچا ڦٽي ڇڏيا. شهنشاهه جا ٻچا ماري ڇڏيا…… شهنشاهه
ڪاٿي آهين…منهنجي آسري تي تو ٻچا ڪيئن ڇڏيا؟… تون
ڇو مون کي ۽ هنن ٻچن کي ڇڏي ويو آهين… مون تي
اعتبار نه هيئه…… اِجو! ڪو الله پڃندءِ…… شهنشاهه
جا ٻچا چچريا اٿئي، جيڪر تنهنجا ٻچا به ائين چِٿجن
۽ چچرجن.“
هوءَ هيٺ ويهي روئڻ لڳي. پوءِ يڪدم اُتي اُڀي ڪيل
کٽ کي هُن سڌو ڪيو. ڊوڙندي پلوڙي پويان وئي ۽ سيج
پلنگ اُجاري سڄو سارو هنڌ گهليندي هن پاسي کڻي آئي
۽ کٽ تي وڇايائين. پوءِ هو هيٺ جهُڪي ۽ ائين ڪا
شئي کنيائين، ڄڻ ڪنهن ٻارڙي جي وجود کي کڻندي هجي.
پوءِ وري نِوڙي ٻئي وجود کي کنيائين. اشارن سان
ٻئي وجود کي به کٽ تي ليٽايائين. ائين لڳو پئي ڄڻ
کين زور پئي ڏئي. ڪو منهن ڪو هٿ ڪو پير پئي چمي.
پوءِ اهڙي ٻولي ڳالهائڻ لڳي، جيڪا سمجهه ۾ نه
ايندڙ هئي. ائين لڳو ڄڻ ٻارن کي پرچائيندي هجي.
ڪنهن مهل پنهنجي ٻولي پئي ڳالهايائين: ”نه من، نه
دل، سور لهي ويندو. توهان جو بابا اِجهو آيو.“ وري
ٻي ٻولي پئي ڳالهايائين. هُن سنهي ريشمي پٿراڻي
ائين اوڍي، ڪجهه پاڻ تي ڪجهه ڄڻ هنن جي وجود تي
هوءَ اُتي ئي آهلي پيئي. مان جيڪو ڀِت سان لڳو
بيٺو هيس، چُرندو پلوڙي پريان، اُجڙيل سيج پلنگ تي
وڃي ويٺس. ڪا فراسي ڪو وهاڻو بچيل هو، اُتي ئي
آهلي پيس. ڪا مهل ٿي جو ٻُڌم ته سنجها ڏاڍيان ڪنهن
سان ڳالهائي رهي هئي، اُنهيءَ ئي ٻي ٻولي ۾. مان
رڙهي ويس. هُت ڪير ڪو نه هو، هوءَ ڄڻ هوائن سان
ڳالهائي رهي هئي. پوءِ هُن اُهي نه ڏسڻ ۾ ايندڙ
وجود کنيا ۽ هوا ۾ ڇڏيا، ڄڻ ڪنهن کي ڏيندي هجي. ڪا
گهڙي هوءَ آسمان کي تڪيندي رهي، پوءِ ساڻي ٿي ڪِري
پيئي. مان سندس ويجهو وڃي مٿانئس بيٺس. هوءَ سڄي
ڏڪي پئي. ائين هٿ پير هڻي پيئي ڄڻ ڪو بي چين روح
هجي. مان يڪدم ڊوڙي پاڻي کڻي آيس. ٻُڪ پاڻي جا
هنيامانس، صدري جي کيسي مان گوريون ڪڍيم ۽ ڪيئن نه
ڪيئن ڪري ڀڪوڙيل ڏند کولي کارايون مانس. جهٽ پل ۾
هوءَ هوش ۾ اچي ويئي. کيس وٺي اچي هُنَ پاسي
ڪُرسيءَ تي ويهاري، هنڌ ويڙهي کڻي اچي وري سيج
سجايم، ۽ هُن کي اُن تي سمهاري ڇڏيم. جهٽ پل ۾
شايد گورين جي اثر جي ڪري سمهي پيئي. مان اُن آرام
ڪرسي کي ريڙهي ڀرسان ٿي ويٺو مانس، هوءَ سُتل رهي،
مان سڄي رات تارا ڳڻيندو رهجي ويس. هُن صبح جو مون
کي ڪرسيءَ تي گهڏندو ڏٺو ته اُٿي مٿان اچي بيٺي.
مان اکين جي وٿين مان کيس ڏٺو پئي. هوءَ ڪمري ۾
وئي، وڳا ويس کڻي هيٺ لهي ويئي. مان ٽوال کڻي ڪوٺي
تي ٺهيل ننڍڙي اڌ ڇتيءَ واري غسلخاني ۾ ويس. وهنجي
سهنجي آيس ته هيءَ تيار ٿي ٻيو ڀلو وڳو پائي هلڪو
سينگار ڪري، چانهه کڻي آئي. مون کلي هٿ ملايومانس.
”تون پاڻ هيءَ تڪليف ڇو ڪئي.“
کلي چيائين: ”تون هِت منهنجو مزمان آهين. هيٺ هل،
اصل وڏي مزماني ته امان ڪئي اٿئي.“
واقعي نيرن زبردست هئي. سنجها ڏيکارڻ لاءِ گهڻو
آڳو پيڇو پئي ڪيو. مون به ساڻس کلي پئي ڳالهايو.
پر مامي شادان ۽ امان الائي ڪيئن سمجهي ويون ته
هيءُ سڀ ڏيکاءُ آهي. هنن جو مَنُ اڃا ريڌل ڪونهي.
منجهند تائين اسان پنهنجي گهر آياسين. ٻين لاءِ
خوشيون، رسمون، کل ڀوڳ ٽهڪ ۽ گهڻا هئا، پر سنجها
وڃي موڙهبي. رات ته ٿي پر مان پنهنجيءَ جاءِ تي
مُنجهيل ۽ ڍڳل هجان. هوءَ رکي رکي ڇرڪ پيئي ڀري.
هيءُ اسان جي جاءِ جو ننڍڙو پويون اڱڻ هو، ڪوٺو نه
هو، تنهن هوندي به هوءَ بي چين ۽ اڌ کُليل آسمان
ڏي هر هر پيئي تڪي. ڪنهن ويل ڦڪي کِل کِلي ته ڪنهن
ويل اکيون ڀرجي اچنس. مان ڳلي لاتو مانس ته
اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي.
”اِجن! مان ڦاسي پيئي آهيان، توکي ڪهڙي خبر ته
ورهين جا ساٿ
۽ قرب جون گهڙيون ڪهڙيون هونديون آهن. شڪر جو تون
ڪٿي ڦاٿو ناهين.“
مان کيس ڇا ٻڌايان ته منهنجو به ته ورهين جو ساٿ
آهي. هيءُ ٻيو ڇا آهي. ڦاٿل کي اَڃا ڪي سڱ ٿيندا
آهن ڇا؟ مون کيس دوائون کارائي، ڳري لڳائي ننڊ
ڪرائي. هوءَ مون وٽ ائين جو ائين سُتل رهي، جيئن
ڪو معصوم ٻارڙو ننڊ ڪندو آهي. ڏينهن ٿيو، مون دير
نه ڪئي، ڇا جا ستاوڙا، ڇاجون رسمون، مون مامي ڪريم
بخش ۽ مامي شادان کان هٿ ٻڌي معافي ورتي. سنجها ۽
مامي کي زوريءَ کنڀي کنيم ۽ شهر واري بينڪ طرف ڏنل
ننڍڙي پر سهڻي گهر ۾ پهچي دنگ ڪيم. شهر کان پرڀرو،
گلن ٻوٽن سان سجايل، ننڍڙو خوبصورت لان، وڏو
ورانڊو، اُن ۾ وڏيون دريون، جتان هر ويلي تازي هوا
اچي. مان صبح جو سنجها کي لان ۾ وٺيو ويٺو ويندو
هئس. شام جو پريم پارڪ، راڻيءَ جو باغ، جت ڪا راڻي
يا بادشاهه يا اُنهن جو شهنشاهه نه هو. آهستي
آهستي هوءَ مون ڏانهن مائل ٿيندي پئي وئي. ڪوئٽا
گهمائڻ وٺي ويومانس ته ٽڙي پيئي. اُها هلڪي سرد
شام هئي جو سج جلدي لڪن ۾ لڙي ويو. بازار گهمائي
ڍير لال لبيس وٺي ڏنا مانس ته هاڻ مت موڙهل نه پئي
لڳي. گيسٽ هائوس جي ڪمري ۾ ڀرت ڀريل لوئي ويڙهي
ويٺي هئي. ڏاڍي خوش هئي. سندس ڳاڙهن ٽڙندڙ ڳلن ۽
مُرڪندڙ چپن کي ڏسندي مون کان رهيو نه ٿيو. کڻي
ڀاڪر ۾ ڀريومانس. آهستي آهستي حجاب ٽُٽندا ويا.
هوءَ هنج ۾ جهُلي پيئي. پوءِ ته جڏهن به کيس ڀاڪر
۾ ڀري پنهنجي پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندو هئس ته
موٽ ۾ هُن وٽ به اڻ مَيو پيار هوندو هو.
مان کيس ڳوٺ گهٽ وٺي ويندو هوس. ساهري گهر
وينداهئاسين ته ڄن ڀِت کي هٿ لائي موٽندا هئاسين.
ماڙيءَ جو منهن ئي نه ڏيکاريندو هيومانس. پنهنجي
گهر ڏينهڪ ٽڪياسين ته ٺيڪ، نه ته واپس. سنجها شهر
وارو گهر اهڙو ته ٺاهيو هو، جهڙو بهشت برين، گهر
پاڻ سهيڙي، ماميءَ سان گڏ رڌي پچائي، پنهنجي رَڌل
شئي پنهنجي هٿ سان گرهه گرهه ڪري کارائي. ڪاڏي ويا
شهنشاهه، ڪاڏي ويون اُن جون شهنشاهيون. ڪڏهن مون
کي لڳندو هو ته هاڻ مان ئي سندس شهنشاهه آهيان.
ڪڏهن ڪڏهن ماضي موڙهيندو هيس ته مان وَر ڪير وري
ايندو هيومانس. اُهو ڪجهه وسارڻ ۾ ويرم نه ٿيندي
هئي، جيڪو هُن جو پنهنجو جهان هو. پر هيءُ نئون
جهان، سندس لاءِ خوشيءَ ۽ حيرت جا انبار کڻي آيو
هو. ڊاڪٽر علي کيس ڏسڻ ايندو هو، چوندو هو ته
”سنجها جي اُڀرڻ ۽ نسرڻ جي هيءَ ويل به ته ڏس. مون
ڇا چيو مانءِ؟ پر ڪجهه دوائون اڃا هلنديون. ٻيو ته
ڳوٺ گهٽ وڃبو. سنجها جا مائٽ يا تنهنجا مائٽ ايندا
رهن جو هيءَ وندريل رهندي. ”سڀ مائٽ ايندا رهندا
هيا. پر هُن جي وندر گهر ۽ مان هئاسين. ڊاڪٽر علي
جڏهن ٻارين ٻچين ايندو هو ته هوءَ ٻارن پويان مست
هوندي هئي.هنن سان گڏ ڊوڙون پائي، کيڏي، کلي خوش
ٿئي. هو هليا وڃن ته اُداس ٿي وڃي. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر
عليءَ جي ٻارڙن جي وڃڻ کانپوءِ چُپُ ويٺي هئي، ته
چيومانس: ”ڌڻي ڪندو ته توکي به پنهنجا ٻارڙا
ٿيندا. تون ڳڻتي نه ڪر. توکي جو ٻارڙا وڻن ٿا ته
مون کي به وڻن ٿا. سَڌَ مون کي نه هوندي؟ مان ڪو
ڳڻتي ڪريان ٿو. مان ته تنهنجي پيار جو پانڌيئڙو ۽
اُميد سان گڏ جيان ٿو. يپار ۽ اُميد وڏيون شيون
آهن.“
هُن اکيون مٿي کنيون ته اُنهن ۾ اُداسي ۽ مايوسي
سان گڏ سوين وسوسا به هئا.
”الائجي ٻار ٿين يا نه ٿين، پر اِجن! مان ڊڄان
ٿي.“
”ڊپ ڇا جو؟ مالڪ مهر ڪندو.“
هوءَ چپن ۾ چوڻ لڳي ”ها مالڪ مهر ڪندو، ها مالڪ
مهر ڪندو.“
رنگيءَ جا رنگ آهن. سنجها ڳورهاري ٿي ته سنجها ۽
منهنجا پيءُ ماءُ، مٽ مائٽ ڀيرو نه ڀڃن. ڀريا
مهينا ٿيا ته مامي شادان چئي ته پهريون ٻار آهي،
اسان جي گهر ٿيندو. مون کيس جواب ڏنو. ٻار به ڳرو
ٿيندو ويو. سنجها اڳ ئي ڊنل هئي پر پوءِ چوندي
هئي، ”مالڪ مهر ڪندو، مالڪ مهر ڪندو،“ ڊاڪٽرياڻي
گهڻو خبردار ڪيو هو پر سندس هوشياري خبرداري ڪم نه
ڪيو. ٻارڙو ويچارو اهڙو ڦاٿو جو وڍي ٽُڪي
ڪڍيائونس. سنجها ته ڏک کان ٻيڻي ٿي وئي. مالڪ مٿس
مهر نه ڪئي. مون، ڊاڪٽر علي اُن جي گهر واري ۽
مامي شادان کيس ڏاڍي پرڀائڻ جي ڪئي. عليءَ جي ٻارن
کي وهاري ويٺا هوندا هئاسين ته ٻارن ۾ موهه رهيس.
ڏينهن ۾ هوءَ سنئين ٿي پئي. سال کن ۾ ٻيو ٻار ٿيو.
هوءَ اڃا به ڊنل هئي. ويچارن ۾ ڳريل، رڳو آت ۽
اُلٽيون کاڌو نه جو ريس.
پيئي تسبي سوريندي هئي. مون ۽ ڊاڪٽر علي وارن وسان
نه گهٽايو. هن دفعي ٻار ڄائو پر وقت کان اڳ اندران
ئي جهان ڇڏي آيو هو. ڪمزور ۽ نٻل، جهڙو جهرڪيءَ جو
ٻچڙو، پورو به خيرڪي ٺهيو هو. هٿ پير لڙڪيل، ڄڻ
ڪنهن لتاڙيا هجن. ٻچڙي کي ڏسي روئي پيس. لحد ۾
ڇالاهيانس، پاڻ لهي ويو. سنجها ته آسرا پلي تسبي
به ڇڏي ڏني هئي پر مان به لُڏيويو هئس. دير تائين
آفيس ۾ ويهي رهندو هيس يا گاڏي کنيو اجايو پيو
ڊوڙائيندو هيس. ڪڏهن پريم پارڪ ۾ پريم اپار تي
اڪيلو ويهي سوچيندو هوس سنجها آهستي پاڻ سنڀاليو
ته منهنجي حالت ڏسي ويتر ڳري پيئي. مان ئي ته سندس
سهارو هيس، سندس مَن جون سڀ ڳڙکيون هاڻ مون واري
پاسي کُلنديون هيون، پر مان اهڙو جُهري پيو هيس،
جو منهنجي مَنَ اندر هر وقت واچوڙا پيا گهُلندا
هئا. ڳڙکيون پيون لُڏنديون. کُلنديون ۽ بند
ٿينديون هيون. ڪجهه ڏينهن کان مون پوري ماني کائڻ
ڇڏي ڏني هئي. چانهه ۽ سگريٽ تي مارو هيو. ڪڏهن بي
اختيار کنگهه اُڀرندي هئي ته هوءَ بي چين ٿي پوندي
هئي. اُن ڏينهن جڏهن ماندو ٿيس ته منهنجا هٿ کڻي
جهليائين ۽ سگريٽ وٺي ڦٽو ڪيائين. پوءِ هٿ چُمڻ
لڳي ۽ چوڻ لڳي: ”منهنجا مٺا، منهنجا سائين! مون
کان ڏٺو ته نٿو ٿئي پر سَٺو به نٿو ٿئي. تو هيترو
منهنجي لاءِ ڪيو آهي، هاڻ ڪجهه مون کي به ڪرڻ ڏي.
ڀلي ٻار ڪُهائي ٿين، پر مان ٻار ڄڻيندي رهنديس.
توکي ٻار کپن، اجهو مان حاضر آهيان، پوءِ ڀلي ٻار
ڄڻيندي مري وڃان.“ هوءَ مون کي مٺيون ڏيڻ لڳي ۽
ڀاڪر پائي چنبڙي پيئي. پر جيئن چيم ته مَنَ جون
ڳڙکيون ڪڏهن بند، ڪڏهن کُليل. سو مان به کيس هٽائي
سامهون کڻي ويهاريو. منهنجي منَ اندر واچوڙا هئا،
مون اڳ ڪڏهن ٻڙڪ نه ٻوليو هو، اڄ بند ٽٽي پيا.
”اِهو سڀ شهنشاهه آهي، جنهن منهنجا ٻچا ماريا آهن،
منهنجو ته ڀُلَ ۾ سندس ٻچن تي پير پيو، سندس ٻچا
چيڀاٽيم پر ماريم ڪو نه. هُن ته منهنجا ٻچا ڪپي
ڪوري، چٿي چچري ماري ڇڏيا. پر تون خاموش آهين.
اِنهي شهنشاهه سان مان ڳالهائيندس، جنهن پهريائين
منهنجو محبوب ڦريو، مان پنهنجو محبوب پرين اُڏاري
کڻي آيس. ايڏي طاقت هيم. انسان ۾ وڏي طاقت آهي.
اِهي جن ڇا ڪندا؟ ڪاٿي آ اهو شهنشاهه، ماڙيءَ تي
لڪو ويٺو آ نه، مان ماڙيءَ تي ويندس.“
هوءَ خاموش هئي. سندس منهن هيڊو پيلو ٿي ويو هو.
هوءَ آهستي اُٿي ويئي ۽ وڃي گوريون کاڌائين، پاڻي
پيتائين ۽ وڃي سمهي پيئي. مان اهڙو جوش ۾ هيس جو
گاڏي ڊوڙائيندو وڃي ڳوٺ نڪتس. بند ماڙي کولايم ته
سڀ پريشان ٿيا، جڏهن مٿي پهتس ته ماڙي اُجڙيل هئي.
نه گلم غاليچا، نه هنڌپٿراڻيون، نه هڳاءُ نه
خوشبو، نه گُڏا نه گُڏيون – کٽ به اونڌي پيئي هئي.
چوڌاري ڄڻ مٽي پيئي وسي! مان اُن مٽيءَ ۾ پلٿي هڻي
هيٺ ويهي ريس. پاڻي ۾ جي شفا آهي ته مٽي ۾ به ڪا
مڻيا آهي. وهڻ سان منُ ماٺو ٿي ويو. ور ور سوچ
اِها پئي آيم ته هيءُ سڄو مانڊاڻ ماڻهوءَ سان آهي.
سنجها ڪانهي ته ڪجهه به نه آهي. نه شهنشاهه آهي ه
سندس غوغاءُ آهي. سندس آواز سنجها هئي. سندس
سرجيندڙ سنجها هئي، هيءُ سڀ مانڊاڻ اجايو آهي. مون
کي سنجاه وٽ موٽي وڃڻ کپي. سڀ ڪجهه سنجها وٽ ئي
آهي. مان تکو موٽيس. رات جو دير سان گهر پهتس.
سنجها جاڳي پيئي. مون کيس پيار ڪيو. هوءَ ماٺ هئي.
پوءِ پرڀرو ٿي بيٺي. اُتان مون ڏي گهوري چيائين:
”مون ته پاڻ وٽ شهنشاهه کي ماري ڇڏيو هو، تون وتين
ٿو اُن کي جيئرو ڪندو! تون ماڙيءَ جي مٽيءَ ۾ ڀريو
پيو آهين. اِها مٽي هِت نه ڇنڊجانءِ، اِنهي مٽيءَ
۾ به شهنشاهه آهي.“
مون ڇرڪي پاڻ کي ڏٺو. مون مٽي به نه ڇنڊي هئي.
ڪپڙا پير ۽ ٻانهون به مٽي ۾ ڀريل هيون. يڪدم مون
کيس وراڻيو هو: ”هن مٽيءَ ۾ شهنشاهه ڪونهي. هيءَ
مٽي مون لاءِ خاڪ شفا آهي، جيئن تولاءِ پاڻي.
شهنشاهه جي تو ماري ڇڏيو آهي ته شهنشاهه ڪٿي به
ڪونهي، مون لاءِ سنجها سڀ ڪجهه آهي.“ مان وهنجڻ
هليو ويس. ٻيو وڳو پهري ته آيس، پر اُن کان اڳ
انهيءَ وڳي جي مٽي ڇنڊي چپٽي کن گڏ ڪري رکيم جو
سمجهيم پئي ته اها مٽي سنجها جي پيرن ۽ سڄي ساري
وجود جي مٽي آهي، مون جڏهن کيس ويجهو ڪري ڀاڪر
پاتو ته سُڏڪي پيئي.
”ائين مون کي ڇڏي نه ويندو ڪر. مان اڳيئي مُئي
پيئي آهيان، مون کي جيئري ته دفن نه ڪر.“
”مان توکي مرڻ نه ڏيندس.“
مون هُن کي مرڻ کان بچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا. هُن
پنهنجو سڄو سارو وجود ٻن جاڙن ٻارن ۾ منتقل ڪيو.
ڪي ٽي چار ورهيه ٻارڙن سان کيڏندي رهي ۽ آهستي
آهستي مرندي ويئي. چيائون ته کيس برين ٽيومر رهيو
آهي. هاڻ وڌيڪ جيئڻ مشڪل آهي. ڪن ڊاڪٽرن ته چيو ته
هيءُ سڀ جنات غيبات جو اثر ۽ ظهور اُن ڪري هو.
ڊاڪٽر علي اِن ڳالهه کي رد ڪندو رهيو. هو هسٽيريا
۽ نفسيات ۾ يقين رکندو هو. ڪهڙي ڳالهه تي يقين
ڪجي؟ ماڻهو ته ويچارو هميشہ يقين ۽ اڻ يقين جي
ٽياس تي ٽنگيل پئي رهيو آهي. مون سندن نالا ”پيار
علي“ ۽ ”اُميد علي“ رکيا هئا. مون لاءِ هو پيار ۽
اُميد جو وڏو اهڃاڻ هئا. مان ازل کان پيار ۽ اُميد
لاءِ ڄڻ ته واجهائيندو رهيو آهيان، سو سنجها پيار
۽ اُميد منهنجي حوالي ڪيا ۽ ائين هلي ويئي ڄڻ هئي
ئي ڪانه! برين ٽيومر جو ڪو عذاب ٿو ٿئي. ڦٿڪندي
هئي ته به ڪڇندي نه هئي. ٻارڙا مٿان بيٺا رئندا
هئا. مامي شادان ۽ مان پرچايان ته به نه پرچن. مون
هڪ ڏينهن کين ماءُ سان ٻي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي
ٻڌو، اُن ئي ٻوليءَ ۾ جيڪا ڪڏهن سنجها ڳالهائيندي
هئي. ڳالهائيندي هو مون کي ڪا ٻي مخلوق ۽ ٻيا لڳا.
هئا به ته ٻيا، ڀورا چٽا، وار به ڀورا، اکيون
نيريون گهريون. هٿ پير ڪونئرڙا، وراءِ ته رٻڙ
وانگي ورن! جيئن جيئن وڏڙا ٿيا ته ماڻهو کين حيرت
سان ڏسندا هئا. ٻوليون ٻولن ته سنهڙا پر وڻندڙ
چيچاٽ جهڙا آواز ڪڍن. ڪڏهن پاڻ ۾ وهن ته اُهائي
اُبتي سُبتي ٻولي ڳالهائين، جيڪا مون کي ته سمجهه
۾ ڪانه پئي اچي، پر مامي شادان ٽڙي پيئي ڪنڌ سان
هائو ڪندن. هلندي چلندي پئي اور گهور ٿيندين.
منهنجي لاءِ هو منهجو ’پيار‘ ۽ ’اميد‘ هئا. منهنجو
ته منجهن ساهه هيو. پنجن جا ٿيا ته مون کين اسڪول
۾ داخل ڪرايو. ذهين اهڙا جو هنن جون ماسترياڻيون
حيران. ڳوٺ وڃن ته سڀني جون دليون کٽيو اچن. آهستي
آهستي ڪوٺي تي وڃڻ لڳا. اُتي پيا کيڏن. پوءِ
ماڙيءَ ۾ ويهي کيڏڻ لڳا. مامي شادان رڙيون ڪري هيٺ
لاهيو اچين. ماڙي بند ڪري ته رڙيون ڪري کولائين.
مون کي دانهن ڏنائين مون ڏي خير هو. مون لاءِ
شهنشاهه ته ڄڻ سنجها سان گڏ مري ويو هو. هيءُ پاڻ
ئي ست شهنشاهه هئا. پر هڪ ڏينهن ويس ته هيءُ مٿي
هئا. مٿي ويس ته ٻاهر ڪوٺي تي ڪو نه هئا. هي
ماڙيءَ منجهه سادو گلم جيڪو راند لاءِ وڇارايو
هئائون، اُن تي چڙهيا ويٺا هئا. ويٺي اُن ٻي ٻولي
۾ ڪنهن سان پئي ڳالهايون. مان در تي بيهي رهيس.
سوچيم ته هيءُ وري ڇا؟ مان يڪدم اندر داخل ٿيس. هو
ماٺ ٿي ويا. مون گهٻرائجي تڪڙ ۾ چيو، ”توهان ڪنهن
سان پئي ڳالهايو“، ته هو چُپ رهيا. پوءِ دڙڪو
ڏيندي چيومان، ”ڪڇو ڇو نٿا. سچ ٻڌايو، ڪير هيو؟“
مون کين اڳ ڪڏهن به دڙڪو ڪو نه ڏنو هيو. هُنن
منهنجو سخت لهجو ۽ پريشان شڪل ڏٺي ته ٻنهي يڪ آواز
چيو:
”سائين بابا شهنشاهه سان.“
”سائين بابا، شهنشاهه؟… ڪٿان آيو، ڪير آ شهنشاهه
سائين بابا.“
”هڪ ماڻهو اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڀورو چٽو اسان
جهڙو آهي، هو چوندو آهي ته توهان جو وڏو سائين
بابا مان آهيان. مون سان گڏ هلو. مان توهان کي
گهمائيندس ڦيرائيندس. ڊيڊي! اسان هُن سان وڃون؟
چئي ٿو ته مَمان سان به اوهان کي ملائيندس. اسان
وڃون؟ وڃي چڪر ڏئي اچون. بابا شهنشاهه چئي ٿو ته
مان اوهان کي موٽائي وٺي ايندس.“
مان سڄو سارو ڇرڪي ويس. هيءُ وري ڪهڙي پنڌ وڃن ٿا؟
اُتان الائجي موٽن يا نه! وهم وسوسا وري موٽي آيا
هئا. الائجي سنجها ڪو شهنشاهه جو ڀُڻڪو ساڻن ڪڍيو
هو. ويندي ڪو ڏس پنڌ ڏسي وئي هين. ڪا ٻولي به
سيکاري وئي هين. مون ڇڪي کين ٻاهر ڪڍيو. ماڙيءَ کي
قلف ڏيندو، کين ٻانهن کان ڇڪيندو ڊوڙندو هيٺ ٿي
لٿس ته ڪن ڏاڪن تي اچي کين هنج ۾ کڻي قابو ڪيم ۽
ڀاڪر ۾ ڀريندو حاويليءَ جي اڱڻ ۾ آيس ته مامي
شادان منهنجي منهن کي ڏٺو. پگهريل جسم، يڪدم دانهن
ڪيائين، ”ابا! ڇا ٿيو؟“ مان کيس ڇا ٻڌايان ته مون
سان ڇا ٿيو آهي. ڇا چوانس ته شهنشاهه ڄڻ جيئرو ٿي
ويو آهي. شهنشاهه کي هيءُ موٽائي وٺي آيا آهن. مون
کيس پريشان ڪرڻ نه پئي چاهيو. ”مامي، ڪجهه ناهي،
ڏاڪڻ تان تڪڙا لٿا آهيون نه، ڪيئن پيار، ڪيئن
اُميد!“
مامي شادان ٻنهي کي هنج تان لاٿو. ڳرا ته ڪو نه
هيا. هلڪا جهڙي هوا، پاڻ کڻي کين کنيو. پوءِ
هلڪيون ٿڦڙيون هڻندي اهو چوندي وٺي ويئي، ”شيطان
ٿي پيا آهيو، پيءُ کي تنگ ڪيو اٿو. هاڻي مٿي وڃڻ
بند، مان ڏاڪڻ کي قُلف هڻائي ڇڏيان ٿي.“
مون سوچيو ته اڄ ئي شهر روانو ٿجي. هت رهڻ ۾ خطرو
آهي. اڻڄاتل خطرا وڌيڪ هِنيانءُ ڏڪائيندا آهن. پر
مامي شادان چيو ته ٽپهري ته ٿي وئي آهي، تون هاڻ
ته آيو آهين. صبح جو خير سان هلنداسين. مان ورانڊي
۾ ويٺو هيس ته پيار ۽ اُميد ڦري آيا، ”ڊيڊي! گهمڻ
هلون.“
مان ڪڏهن ڪڏهن کين ڳوٺ کان ٻاهر هن وڻراهه تائين
گهمائڻ وٺي ايندو هيس. اڄ به مان کين هتي گهمائڻ
وٺي آيو هيس. مون کي ڪهڙي خبر ته مون سان ههڙو ڪيس
ٿي ويندو. هيئن آباد دنيا اُجڙي ويندي. ٻني ٻارو
ٽپياسين ۽ هن وڻراهه تي ايندي هنن ڪا شئي ڏٺي.
منهنجيون ٻئي چيچون ڇڏائي وٺي ڊوڙيا.
”ڊيڊي! سائين بابا شهنشاهه!“
هوُ هن وڻراهه جي ڇيڙي تائين پهچي ڪا گهڙي بيٺا،
ڄڻ ته ڪنهن سان ڳالهايائون. پوءِ مون ڏي منهن ڪري
بيٺا ۽ هٿ لوڏيائون، ڄڻ خدا حافظ چوندا هجن، پوءِ
ڏاڍيان ايترو سو چيائون، ”ڊيڊي! اسين سائين بابا
شهنشاهه سان ممان ڏي وڃون ٿا. چڪر ڏيئي موٽي اچون
ٿا.“
هو ائين تڪڙا تڪڙا هلندا ويا، ڄڻ ڪنهن سونهين سان
هجن ۽
ائين پئي لڳو ڄڻ هو ڪنهن جون چيچون پڪڙي پيا وڌن،
پيا اڳتي وڌن. منهنجو جسم ڄڻ سُنُ ٿي ويو هو.
ٽنگون چوريان ته ٽنگون نه چُرن. مان شايد شاڪ ۾
هيس. جيسين اُن شاڪ مان نڪران ته سامهون ڪجهه به
نه هو. ڊوڙيم ڊُڪيم، رڙيون ڪيون اٿم. اِجهو ساڻو
ٿيو اوهان سان حال واريان ٿو. توهان الائجي آهيو
به يا نه، ٻڌو به ٿا يا نه. بس هاڻي اٿان ٿو.
ڪيتري دير ٿي وئي آهي، اوندهه وڪوڙيندي وڃي ٿي پر
ڪهڙي منهن سان گهر وڃان. ”اُميد“ ۽ ”پيار“ جي سڀني
عاشقن کي ڇا چوان؟
مون هڪ دفعو وري ڏاڍيان، اُميد ۽ پيار لاءِ پڪاريو
آهي. ٻه چار سڏڙا وَرُ ڪيا اٿم. اوچتو هڪ آلاپ
ڪنين پيو اٿم:
”حبيبن هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو.“
ڪجهه پريان باهڙي پيئي ٽمڪي، ڪو فقير هو جيڪو
ڏاڍيان سُر سان وَرُ وَرُ آلاپي رهيو هو.
”حبيبن هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو.“
الائجي ڇو مون کي اُن ويلي سنجها وري سامهون اچي
وئي. جيڪا مهر لاءِ پڪاريندي پاڻ مهر جو مجسمو
بڻجي موڪلائي وئي، مون لاءِ مهر، ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘
لاءِ مهر. مان تڪڙو اُن ٽمڪندڙ باهڙي ڏانهن وڌيو
آهيان. اُت پهچان ٿو ته ڏٺم هڪ فقير آهي، جيڪو
دونهڙي دُکايو، منهن مونن ۾ هنيو ويٺو آهي. کڙڪي
تي ڪنڌ کڻي، مُرڪيو ۽ وري سُر سان آلاپڻ لڳو آهي.
”حبيبن هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو.“
هاڻ اڳتي چيو اٿائين.
”سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهوئي ٿيو.“
هن وري چيو، ”سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهوئي ٿيو.“
هاڻ مان جهڄي پيس ۽ روئڻ لڳس. پوءِ هُن هٿ سان
حويليءَ ڏانهن اِشارو ڪيو آهي ته هاڻي مان اوڏانهن
وڃان. مون ۾ اُميد جاڳي آهي. ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘
ٻنهي چيو هو ته هو موٽي ايندا. ٻئي رستي کان مَنَ
موٽيا هجن. هُنن کي ڳولڻ جو ڪير نه آيوآهي، سو پڪ
سان ڦري گهري پهتا هوندا. اڱڻ ۾ لڪ لڪوٽي کيڏندا
هوندا. شهنشاهه جي آهي ته ايڏو ظالم نٿو ٿي سگهي.
باقي سنجها ته اهڙي ديس وئي آهي جت هوءَ جيئرن
جگرن کي ڪيئن روڪيندي. شايد شهنشاهه ئي هنن کي اڱڻ
تي يا ڪوٺي تي نه ته ماڙي ۾ ضرور ڇڏي ويو هوندو.
مان تڪڙو حاويليءَ ڏي هلندو هلان ٿو، هلندو هلان
ٿو. ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ لاءِ ئي ته وڌان ٿو، پر
آهيان ته اُهوئي هڪ بيوس انسان، جيڪو هميشہ يقين ۽
اڻ يقين جي ٽياس تي ٽنگيل هوندو آهي ۽ پيو ’پيار‘
۽ ’اُميد‘ لاءِ واجهائيندو آهي. |