سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :10

مخدوم محمد هاشم رح، ٺٽي، نصرپور ۽ آسپاس جي علائقن لاءِ اصلي پاڇي جي ماپ بابت سانده ٻه سال تحقيق ڪندو رهيو ۽ هر ڏينهن جو اصلي پاڇو ماپيندو رهيو. اهڙي ريسرچ کي هن هڪ مستقل ڪتاب جي شڪل ۾ آندو. سال 1134هه ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ جوڙي تيار ڪيل اِنهيءَ تحقيقي ڪتاب جو نالو رکيائين ”رشف الزلال في تحقيق فيء الزوال“.

اصلي فارسي ٻوليءَ ۾ ته هيءُ ڪتاب اڃا اشاعت جا ڏينهن پسي نه سگهيو آهي، البته اُن جو سنڌي ترجمو، جيڪو مولانا ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب تيار ڪيو، سو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمي سان پهريون دفعو سال 1994ع/ 1415هه ۾ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري حيدرآباد طرفان ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي شايع ٿيو.

ياد رهي ته مخدوم محمد هاشم، انهي موضوع تي سنڌي بيتن ۾ به هڪ ننڍڙو رسالو ”سايہ نامہ“ جي نالي سان ترتيب ڏنو هو، اُن جو ذڪر اڳتي اچي رهيو آهي.

(26) زاد الفقير (سنڌي)

روزي ۽ اعتڪاف جي مسئلن بابت فقہ حنفي جي روءِ سان 1125هه ۾ (جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي عمر صرف 21 سال هئي)، سنڌي بيتن سان مخدوم صاحب جو جوڙيل هيءُ ڪتاب، سندس ئي هڪ ٻئي ڪتاب ”راحة المؤمنين“ (ذبح ۽ شڪار) ۽ مخدوم عبدالخالق ٺٽويءَ جي ڪتاب ”مطلوب المؤمنين“ سان گڏ (منڍ ۾ زاد الفقير، اُن کانپوءِ راحة المؤمنين ۽ آخر ۾ مطلوب المؤمنين) ڪافي دفعا ڇپجي چڪو آهي. ان جو تفصيل ته ”راحة المؤمنين“ جي بيان ۾ گذري چڪو، هِت اختصار سان ذڪر ڪجي ٿو:

1-     ڇاپخاني محمدي وارو ڇاپو: جنهن ۾ ”زاد الفقير“ ابتدائي 53 صفحن تي مشتمل آهي.

2-    قاضي ابراهيم وارو ڇاپو: 1873ع [35].

3-    مطبع مجتبائي لاهور وارو ڇاپو 1312هه: جنهن ۾ ”زاد الفقير“ ابتدائي 53 صفحا والاري ٿو.

4-    مطبع فيض رحماني وارو ڇاپو 1312هه: ان ۾ به ”زاد الفقير“ ابتدائي 53 صفحن تي مشتمل آهي.

ياد رهي ته ” زاد الفقير“ الڳ مستقل طور تي شايع ٿيل منهنجي نظر مان نه گذريو آهي.

(س)

(27) سايہء نامہ (سنڌي)

مخدوم صاحب اصلي پاڇي جي تحقيق ڪندي فارسيءَ ۾ ”رشف الزلال“ نالي ڪتاب کان علاوه سنڌي ۾ به هڪ مختصر ’منظوميو‘ ٺاهيو هو، جنهن جو نالو رکيائين ”سايہء نامہ“. اُن ۾ رشف الزلال ۾ سايہء اصلي بابت ڪيل فارسي تحقيق کي ’سنڌي بيتن‘ ۾ خلاصي طور منتقل ڪيو ويو.

40 بيتن تي مشتمل اِهو مختصر منظوم رسالو ”سايہء نامہ“ جي عنوان سان رشف الزلال مطبوعہ جي آخر ۾ ڇپيل آهي. اُن کان اڳ اهو رسالو ڪنهن ضخيم سنڌي ڇاپي ڪتاب ۾ ص 364 کان 366 تائين ڪل ٽن صفحن ۾ ڇپيو هو. اِهي 3 صفحا راقم الحروف وٽ فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ موجود آهن.

(ش)

(28) شد النطاق فيما يلحق الصريح من الطلاق (عربي)

مخدوم محمد هاشم طرفان عربيءَ ۾ طلاق جي ڪجهه خاص مسئلن بابت سال 1133هه ۾ لکيل هيءُ ڪتاب رائل سائيز جي 24 صفحن تي مشتمل سال 1300هه ۾ مطبع مصطفائي ۾ ڇپيو هو (شهر جو نالو لکيل نه آهي).

مصنف جي هٿ اکري ڪتاب جو هڪ خطي نسخو محمد عمر نالي هڪ شخص مولانا رفيع الدين صاحب حسني قادري جي وساطت سان مخدوم غلام محمد (از اولاد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي) وٽان حاصل ڪري محمد عبدالواحد خان ولد مرحوم محمد مصطفى خان کي ڏنو، جنهن مطبع مصطفائي طرفان شايع ڪيو.

هن رسالي ۾ فقہ حنفي جي مشهور ڪتاب ڪنز الدقائق ۾ ”صريح ۽ ڪنايہ“ طلاقن بابت آيل هڪ فقهي عبارت ”الصريح يَلُحَق اُلصَرِيُحَ وَ يَلُحَق اُلبَائنِ وَالبَائِن يَلُحَق اُلصَرِيُحَ لاَ البَائِن اِلااِذَاکَانَ مُعَلقاً“ جو فقهي جزئيات جو روشني ۾ ڪشادو شرح لکيو آهي، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي ته:

”صريح طلاق يا بائن طلاق کانپوءِ ڏنل صريح طلاق ته واقع ٿي ويندي ۽ صريح طلاق کانپوءِ ڏنل بائن طلاق به واقع ٿي ويندي، پر بائن طلاق کانپوءِ ڏنل بائن طلاق واقع نه ٿيندي.“

رسالي جي هامش (ڪنارن) تي مصنف جا ”منهيات“ [36] به ڏنل آهن. ڪتاب جو متن ص 16 تائين هلي ٿو. اُن کانپوءِ ڪتاب سان لاڳاپيل فقهي عبارتون وڌيڪ فائدي خاطر ڏنيون ويون آهن.

(29) الشفاء في مسئلة الراء (عربي)

علم التجويد سان واهپو رکندڙ هيءُ رسالو مخدوم صاحب سال 1147هه دوران عربي زبان ۾ ترتيب ڏنو، جيڪو حرف ”راء“ جي تفخيم (پر ۽ ٿلهو ڪري پڙهڻ) ۽ ترقيق (باريڪ ۽ سنهو ڪري پڙهڻ) بابت تحقيقي انداز ۾ لکيل آهي. ڪتاب هڪ مقدمي، ٻن فصلن ۾ هڪ خاتمي تي مشتمل آهي.

• ”الشفاء في مسئلة الراء“ عربي – ڊاڪٽر مولانا قاري عبدالقيوم بن عبدالغفور السندي، اسسٽنٽ پروفيسر ام القرى يونيورسٽي، مڪة المڪرمة [37] جي تحقيق ۽ تفصيلي مقدمي سان ڊيمي سائيز جي 116 صفحن تي سال 1999ع مطابق 1420هه ۾ خوبصورت ٽائيٽل سان مڪتبة الجماعة البنوريہ ڪراچي طرفان شايع ٿيو، جنهن تي تقديم ڊاڪٽر شعبان محمد اسماعيل (جامعہ الازهر) ۽ تقريظ علامہ غلام مصطفى قاسمي صاحب لکي.

(ق)

(30) فتح القوي في نسب النبي ﷺ (فارسي)

رسول الله ﷺ جي نسب اطهر، آباء و اجداد ۽ والدين بابت تفصيل سان، فارسي زبان ۾ سال 1133هه ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو جوڙيل هيءُ ڪتاب پنهنجي موضوع ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. ٽن بابن تي مشتمل هيءُ ڪتاب (فتح القوي) پهريون دفعو رائل سائيز جي 200 صفحن تي سال 1303هه ۾ مطبع فيض عثماني ڪراچي ۾ مولوي محمد عثمان عفي عنہ جي اهتمام هيٺ ڇپيو، جنهن جي طباعت جي تاريخ جو قطعو برصغير جي آزادي جي مشهور قومي اڳواڻ مولانا تاج محمود امروٽي فارسيءَ ۾ لکيو.

سنڌي ترجمو

ماهوار ”شريعت“ سکر جي ايڊيٽر مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب، ”فتح القوي في نسب النبي ﷺ جو سليس سنڌي ترجمو ڪيو، جيڪو ماهوار ”شريعت“ جي پرچن ۾ 54 قسطن جي شڪل ۾ ڇپيو. تازو (اپريل 2003ع) شريعت پبليڪيشن سکر طرفان ڪتابي شڪل ۾ نسب النبي ﷺ حضرت محمد ﷺ جي عنوان سان ڊيمي سائيز جي 188 صفحن تي ڇپجي چڪو آهي.

(31) فتح الڪلام في ڪيفية اسقاط الصلوة والصيام (فارسي)

فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل 5 فصلن تي مشتمل هيءُ ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب 1133هه ۾ جوڙيو، جنهن ۾ هُن ميت پاران روزن ۽ نمازن جي فديہ ڏيڻ جا شرعي احڪام ذڪر ڪيا آهن، جنهن کان عذر سان يا ڄاڻي واڻي پنهنجي حياتي ۾ نمازون يا روزا قضا ٿي ويا هجن.

هيءُ ڪتاب ڊبل ڊيمي سائيز جي 24 صفحن تي سال 1300هه ۾ مطبع محمد وزير واقع ڪلڪتہ (هندستان) ۾ ڇپيو. هامش تي مختصر تعليقات/حاشيا پڻ آهن، جيڪي شايد خود مؤلف طرفان  آهن. هيءُ ڪتاب محمد عمر نالي هڪ بزرگ سيد رفيع الدين صاحب حسني قادري جي وساطت سان مخدوم غلام محمد (از اولاد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي) وٽان (خطي نسخو) حاصل ڪري ڇپرايو.

ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مولوي قاسم علي صاحب ”قاسم“ طرفان طباعت جي تاريخ بابت فارسي قطعو لکيل آهي، جنهن جو آخري بيت هن ريت آهي:

بگو قاسما از حروف ماءية

بي سال طبعش خوشا اين کتاب [38]

     1300

(32) فرائض الاسلام (عربي)

مخدوم صاحب جو سال 1171هه ۾ جوڙيل هيءُ ڪتاب هڪ مقدمي، ٻن ڪتابن (بابن) ۽ هڪ خاتمي تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ مسلمانن مٿان لاڳو ٿيندڙ اهڙن فرضن جو تفصيلي بيان آهي. جيڪي عبادات سان يا اهڙن معاملات سان تعلق رکن ٿا، جن جي مشابهت ”عبادات“ سان آهي. (باقي ڇڙو ”معاملات“ سان واسطو رکندڙ فرائض هن ۾ بيان ٿيل نه آهن).

مخدوم محمد هاشم هن ڪتاب ۾ اهڙا 1262 فرض بيان ڪيا آهن. پنهنجي موضوع ۾ منفرد حيثيت وارو اهو ڪتاب ڪافي دفعا ڇپجي چڪو آهي، جن جو وچور هن ريت آهي:

1-     فرائض الاسلام – محمد صحاف وارو ڇاپو 1895ع: جيڪو محمد صحاف پشاوريءَ مفتي عبدالرحيم (شاگرد مولانا محمد ايوب) جي تصحيح سان رائل سائيز جي 128 صفحن تي 1895ع (مطابق 1312هه) ۾ مطبع هندو پريس دهلي ۾ ڇاپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي آخري ۾ اردو ۾ لکي ٿو:

”چونکه يه کتاب ناياب بهت کوشش اور سعي کثير سي وارثانِ مصنف سي هبه بالعوض ليکر حاشيه عمده و حاشيه شمني سي بخرچ زرکثير مزين کراکر طبع کرائي هي…… کوئي صاحب قصد طبع فرمائين اور بجائي نفع کي نقصان نه اڻهائين پر رسولان بلاغ باشد و بس.“

2-    فرائض الاسلام – آخوند آدم وارو ڇاپو: جيڪو آخوند محمد آدم ڪتب فروش قنڌار، مولوي عبدالرشيد ”محبوب“ جي تصحيح ۽ ڪتابت سان رائل سائيز جي 128 صفحن تي فيروز پرنٽنگ پريس ورڪس لاهور مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. سال لکيل نه آهي.

3-    فرائض الاسلام – ڀينڊه شريف وارو ڇاپو 1978ع: جيڪو ابو سعيد مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب جي تحقيق ۽ مقدمي سان عربي ٽائيپ ۾ ڊيمي سائيز جي 148 صفحن تي سال 1987ع/ 1398هه ۾ مولانا محمد عالم صاحب مدير مدينة العلوم ڀينڊه حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.

4-    فرائض الاسلام – ملا جمعہ آخوند وارو ڇاپو 2001: جيڪو مٿئين آدم خان واري ڇاپي جو عڪس آهي ۽ تازو (2001 ۾) حاجي ملا محمد جمعہ آخوند [39] ڪانسي روڊ ڪوئٽا طرفان شايع ٿيو آهي.

سنڌي ترجمو

فرائض الاسلام عربي جا ٻه سنڌي ترجما مون کي سُجهن ٿا.

1-     علي بن حافظ جو 1178هه ۾ تيار ڪيل سنڌي ترجمو [40].

2-    مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪيل سنڌي ترجمو

پهريون ترجمو ته اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي، البته ٻيو ترجمو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي فرزند ارجمند وارو (جيڪو منظوم آهي)، سو ڊيمي سائيز جي 688 صفحن تي قاضي محمد ابراهيم مطبع حيدري ۾ ڇپائي بمبئي مان پڌرو ڪيو.

اردو ترجمو

فرائض الاسلام جو اردو ترجمو، جيڪو مولانا ابوالعلاء محمد عبدالعليم ندويءَ [41] 1982ع ۾ تيار ڪيو، سو ڊيمي سائيز جي 236 صفحن تي سال 1986ع (1406هه) ۾ مولانا محمد عالم صاحب مدينة العلوم ڀينڊه شريف (حيدرآباد) پاران شايع ڪيو.

(ق)

(33) قصائد في مدح النبي ﷺ (عربي)

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب رسول الله ﷺ جن جي شان اطهر ۾ اٺ عربي ۾ ننڍا مدحيہ قصيدا لکيا هئا، جن کي اتحاف الاڪابر ۾ ”ثمانيہ صغار“ جي لفظن سان بيان ڪيو اٿس. اُنهن اٺن ئي قصيدن مان ڪو به قصيدو هيلتائين ڪو نه ڇپيو آهي، اُنهن کان علاوه هڪ عربي قصيدو، سنڌي بيتن جي تضمين سان قوت العاشقين جي ڇاپي نسخن ۾ موجود آهي، جنهن جو مطلع آهي:

اغثني يا رسول الله حالت  ندامتي

اغثني يا رسول الله قامت قيامتي

ياد رهي ته مٿيان اَٺ ئي قصيدا راقم الحروف وٽ موجود آهن. هيءُ قصيدو اُنهن مان ڪنهن سان به مماثلت نٿو رکي، تنهن ڪري بعض محققن کي اِنهي قصيدي جي مخدوم صاحب ڏانهن نسبت ۾ شڪ آهي. جڏهن ته ڪن خطي نسخن ۾ اِهو موجود به نه آهي. بهرحال اهو قصيدو سنڌي ترجمي سان 8 صفحن تي سائي ٽائيٽل سان، سنڌي ادبي بورڊ آفسٽ پريس ۾ ڇپيو هو. سال لکيل نه آهي. عنوان اٿس ”عربي قصيدو.“

(34) قوت العاشقين (سنڌي) [42]

الف اشباع جي قافيه تي مشتمل سنڌي بيتن سان رسول الله ﷺ جي معجزن بابت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو 1127 ۾ جوڙيل هي لاجواب ڪتاب خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي بقول: ”ڪيترائي دفعا ليٿو ۾ ڇپجي چڪو آهي.“ [43]. پر مون کي هن وقت تائين ليٿو تي ڇپيل قوت العاشقين سالم نسخو ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آيو آهي [44]. البته هڪ ڇاپي ”قوت العاشقين“ جو ڏس ڊاڪٽر الهرکئي ٻٽ صاحب ڏنو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:

بمبئي وارو ڇاپو 1873ع: قاضي ابراهيم بن نور محمد 432 صفحن تي 1873ع ۾ هريبالنگو پريس بمبئي مان ڇاپي پڌرو ڪيو [45].

(نوٽ): جيڪي ڇاپا راقم الحروف ڏٺا آهن، سي هيءُ آهن:

مسلم ادبي سوسائٽي وارو ڇاپو 1950ع: جيڪو ڪرائون سائيز جي 350 صفحن تي 1950ع/ 1369هه ۾ مسلم ادبي پرنٽنگ پريس ميمڻ محله حيدرآباد ۾ ڇپيو ۽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ مسلم ادبي سوسائٽي پاران شايع ڪيو. ڪتاب جو عنوان هن ريت ڏنل آهي: ”قوت العاشقين فضائل رسول الله ۽ سندن معجزا“. هيءُ ڇاپو جديد صورتخطيءَ ۾ ڇاپيو ويو.

قوت العاشقين سنڌي نثر ۾: ڪتاب قوت العاشقين کي هر عام و خاص لاءِ مفيد بڻائڻ خاطر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، اُن کي سوڌي سنواري سنڌي نثر ۾ آندو. ”قوت العاشقين مٺي مرسل جا معجزا“ جي نالي سان ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي 4 دفعا مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان ڇپجي چڪو آهي.

1-     پهريون ڇاپو – جولاءِ 1993ع ۾

2-    ٻيو ڇاپو – سيپٽمبر 1996ع ۾

3-    ٽيون ڇاپو – جنوري 1998ع ۾

4-    چوٿون ڇاپو – آڪٽوبر 2000ع ۾

دارالعلوم مجدديه عثمانيہ ٺٽي وارو ڇاپو 1994ع: موجوده صورتخطيءَ ۾ آندل قوت العاشقين منظوم جو هيءُ ڇاپو مولانا مفتي عبدالرحمان ٺٽوي جي مقدمي سان ڊيمي سائيز  جي 280 صفحن تي 1994ع ۾ صاحبزاده فيض الرحمان صاحبه، مڪتبه رحمانيه، دارالعلوم مجدديہ عثمانيہ ميمڻ محله، ٺٽي طرفان شايع ڪيو.

(35) القول الانور في حڪم لبس الاحمر (عربي)

1163هه ۾ جوڙيل مخدوم صاحب جو هيءُ ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن ۾ مؤلف موصوف ڳاڙهي ڪپڙي جي پائڻ جي شرعي حڪم حديث ۽ فقهي روايتن جي روشني ۾ بيان ڪيو آهي ته ڳاڙهو ڪپڙو پائڻ مڪروه تحريمي آهي.

القول الانور، پهريون دفعو رائل سائيز جي 32 صفحن تي مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري جي اهتمام هيٺ، مطبع رفاه عام سٽيم پريس لاهور مان ڇپجي پڌرو ٿيو. اشاعت جو سال لکيل نه آهي. ڪتاب جي پڇاڙي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي هيٺين ٽن ڪتابن جي عنقريب اشاعت جو اعلان ڪيو ويو آهي:

1-     تحفة المسلمين في تقدير مهور امهات المؤمنين

2-    تحفة الاخوان في المنع عن شرب الدخان

3-    حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم (ليڪن اِهي شايع نه ٿي سگهيا).

(ڪ)

(36) ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين (عربي)

نماز دوران رڪوع ۾ وڃڻ وقت ۽ رڪوع کان اُٿڻ وقت رفع اليدين (يعني ڪنن تائين هٿ مٿي کڻڻ) احناف وٽ منسوخ آهي، جڏهن ته امام شافعي وٽ سنت آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي انهيءَ مسئلي احناف جي تائيد ڪندي هيءُ ڪتاب ترتيب ڏنو، جيڪو ڪل ٻن فصلن تي ٻڌل آهي.

فصل 1: اُهي احاديث ۽ آثار، جيڪي انهي مسئلي ۾ احناف جي تائيد ڪندڙ آهن.

فصل 2: رفع اليدين نه ڪرڻ وارين حديثن کي رفع اليدين ڪرڻ وارين حديثن مٿان ترجيح جا وجوهه ۽ اسباب.

مخدوم صاحب ”ڪشف الرين“ 1149هه ۾ جوڙيو [46]. ڪشف الرين عربيءَ ۾ به ڇپيو آهي ۽ ان جا چار اردو ترجما به شايع ٿيا آهن. سنڌي ترجمو به شايع ٿيو آهي. تفصيل هن ريت آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com