سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :11

عربي ڇاپو

تازو (1423هه ۾) ”ڪشف الرين عن مسئلہ رفع اليدين“ عربي ۾ جناب ڊاڪٽر (مولانا، قاري) عبدالقيوم بن عبدالغفور السندي جي تحقيق، فضيلة العلامة الشيخ غلام مصطفى قاسمي السندي جي تقديم ۽ فضيلة العلامة الشيخ محمد عاشق الهي البرني اعدني جي تقريظ سميت نهايت خوبصورت ٽائيٽل سان رائل سائيز جي 104 صفحن تي جامع دارالفيوض الاسلامية ڪنڌڪوٽ جيڪب آباد طرفان شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عبدالقيوم صاحب تحقيق جو حق ان طرح واهه جو ادا ڪيو  آهي:

1-            ڪشف الرين کي ٻن خطي نسخن (پير جهنڊي وارو نسخو ۽ قاسميه لائبرري ڪنڊياري وارو نسخو) سان ڀيٽي صحيح متن تيار ڪيو اٿس.

2-    ڪتاب ۾ آيل حديثن ۽ اثرن کي اصل ماخذن سان ڀيٽيو اٿس.

3-    ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل غير معروف شخصيتن/ راوين جو مختصر احوال حاشيہ ۾ ڏنو اٿس.

4-    ڪتاب جي منڍ ۾ هڪ جامع مقدمو لکي، مصنف جي سوانح، مصنف جي تصنيفن جي تفصيلي فهرست ڏيڻ سان گڏ مؤلف جي طريقي ڪار ۽ پنهنجي تحقيق جي طريقي ڪار جي وضاحت ڪئي اٿس.

5-     ڪتاب ۾ وارد ٿيل فارسي عبارتن جو عربي ترجمو حاشيہ ۾ ڏنو اٿس.

6-    ڪتاب جي آخر ۾ تفصيلي فهرستون به آنديون اٿس.

ڪشف الدين جا اردو ترجما

منهنجي ڄاڻ مطابق هيلتائين ڪشف الرين جا 4 ترجما ٿيا ۽ ڇپيا آهن، جن جي وچور هن ريت آهي.

1-     شيخ محمد بن عبدالقادر لڌيانوي وارو ترجمو. جيڪو تيرهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ محدث خليل احمد سهارنپوري جي عنايت ۽ اهتمام هيٺ مطبع رحيمي لڌيانہ هندوستان مان عربي متن سميت شايع ٿيو [47].

2-    محمد عباس رضوي وارو ترجمو 1983ع: جيڪو مترجم جي تفصيلي حاشين ۽ تخريج سميت ضخيم مقدمي سان پهريون دفعو ڊيمي سائيز جي 180 صفحن تي المجدد امام احمد رضا اڪيڊمي چوڪ دارالسلام نمبر 1 گجرانوالا طرفان ۽ ٻيو دفعو ”تحقيق رفع يدين“ جي نالي سان 1421هه ۾ صفہ پبليڪيشن لاهور طرفان شايع ٿيو.

3-    مولانا عبدالعليم ندوي وارو ترجمو 1987ع: جيڪو عربي متن ۽ ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي 1978ع ۾ پهريون دفعو مدرسہ عربيه مدينة العلوم ڀينڊه شريف حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، جنهن جي ابتدا ۾ مترجم مولانا ابوالعلاء محمد عبدالعليم ندويءَ پاران امام ابوحنيفه رحمة الله عليہ بابت هڪ جامع مقدمو به شامل آهي.

4-    حافظ عزيز الرحمان ايم اي ايل ايل بي وارو ترجمو 1991ع: حافظ عزيز الرحمان صاحب فاضل جامعہ نصرة العلوم گوجرانوالا جو 1991ع ۾ تيار ڪيل ڪشف الرين جو هيءُ ترجمو عربي متن سميت ڊيمي سائيز جي 58 صفحن تي ”عبيدالله انور“ اڪيڊمي مين بازار ٽيڪسيلا پنجاب طرفان شايع ٿيو.

سنڌي ترجمو

”ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين“ جو آسان سنڌي ترجمو ”نماز ۾ هٿ مٿي کڻڻ“ جي نالي سان حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري 1421هه ۾ ڪيو، جيڪو 1422هه (2001ع) ۾ ڊيمي سائيز جي 116 صفحن تي مڪتبہ حزب الاحناف جامع مسجد پوليس لائين سانگهڙ (سنڌ) طرفان شايع ٿيو. عربي متن به ساڻ آهي (هڪ صفحي تي عربي متن ۽ سامهون واري صفهي تي اُن جو سنڌي ترجمو).

ڪتاب تي مهاڳ پروفيسر پير نثار احمد جان سرهندي، هڪ تقريظ حضرت علامہ مفتي محمد جان نعيمي ۽ ٻي تقريظ حضرت علامہ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب طرفان لڳل آهي.

(ل)

(37) اللؤلؤ المڪنون في تحقيق مدالسڪون (عربي)

علم تجويد سان وابستہ هيءُ رسالو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سال 1148هه ۾ ترتيب ڏنو. عربي زبان ۾ لکيل هيءُ رسالو ٻن فصلن تي مشتمل آهي. هن رسالي ۾ ”سڪونَ واري مَدَ“ جو بيان ان سان لاڳاپيل مسئلن سميت علم التجويد جي اصولن پٽاندر ڪيو ويو آهي.

 اللؤلؤ المڪنون ڊاڪٽر عبدالقيوم السندي اَسسٽنٽ پروفيسر اُم القرى يونيورسٽي مڪة المڪرمة جي تحقيق ۽ مقدمي سان ڊيمي سائيز جي 72 صفحن تي خوبصورت ٽائيٽل سان سال 1999ع (1420هه) ۾ مڪتبة الجامعة البنورية ڪراچي طرفان شايع ٿيو، جنهن تي تقديم علامہ غلام مصطفى قاسمي صاحب جي ۽ تقريظ علامہ محمد يوسف لڌيانوي جي لڳل آهي.

(م)

(38) مدح نامہء سند (فارسي)

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي دؤر ۾ عبدالرؤف نالي هڪ پٺاڻ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي گلا ۾ هڪ رسالو لکيو هو. مخدوم صاحب جن حج تي اُسهيل هئا (1135 – 1136هه ۾). واپس آيا ته اُهو رسالو نظر تي چڙهين، جنهن جو جواب فارسي زبان ۾ ”مدح نامہ سند“ جي نالي سان هيءُ ڪتاب لکي ڪري ڏنائون. اصل فارسي ڪتاب اڃا شايع نه ٿيو آهي [48]، البت اُن جو سنڌي ترجمو سنڌ جي مشهور مبلغ ۽ قلمڪار مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب تيار ڪيو. منڍ ۾ تقريظ مولانا رحيم بخش ”قمر“ جي ۽ مقدمو مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب جو شامل آهي. پهريون دفعو سال 1411هه ۾ ڪرائون سائيز جي 168 صفحن تي اداره خدمة القرآن والسنة شاهپور جهانيان ضلع نوابشاهه طرفان شايع ٿيو [49].

(39) معيار النقاد في تمييز المغشوش من الجياد (عربي)

مخدوم صاحب هيءُ رسالو نماز ۾ قيام دوران دُن هيٺان هٿ ٻڌڻ جي تائيد ۾ ۽ مخدوم محمد حيات سنڌي جي رسالي ”دُره في اظهار غش نقد الصرة“ جي رد ۾ لکيو.

”معيار النقاد“ مجموعہ خمس رسائل جي ضمن ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيو.

1-     1403هه ۾ افغانستان مان مولانا شير احمد منيب طرفان، اُنهيءَ مجموعي ۾ معيار النقاد 14 صفحا والاري ٿو.

2-    1414هه ۾ ادارة القرآن ڪراچي طرفان اِنهيءَ مجموعي ۾ ”معيار النقاد“ 25 صفحن تي مشتمل آهي.

مجموعہ خمس رسائل جي ٻنهي ڇاپن جو تفصيلي تذڪرو ”درهم الصرة“ جي بيان ۾ مٿي ٿي چڪو آهي.

 

(ن)

(40) النفحات الباهرة في جواز القول بالخمسة الطاهرة (فارسي)

مخدوم صاحب هن فارسي رسالي ۾ دليلن سان ثابت ڪيو آهي ته ”پنجتن پاڪ“ ۽ ”ٻارنهن امام“ چوڻ جائز آهي.

هن رسالي جو سنڌي ترجمو مشهور عالم ۽ مبلغ مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب جوڙيو جيڪو فارسي متن سان گڏ (ٻن ڪالمن جي صورت ۾) ”خلاصة النفحات الباهرة في جواز القول بالخمسة الطاهرة“ (يعني پنجتن پاڪ ۽ ٻارنهن امام چوڻ جائزو آهي) جي نالي سان ڊيمي سائيز جي 56 صفحن تي خوبصورت ٽائيٽل سان ادارة خدمة القرآن والسنة جامعہ محمديه شاهپور جهانيان ضلع نوابشاهه طرفان سال 2000ع ۾ شايع ٿيو.

(و)

(41) وسيلة الغريب الي جناب الحبيب ﷺ (فارسي)

رسول الله ﷺ جن جي اهلبيت جي تاريخ ۽ فضائل بابت ڇهن بابن تي مشتمل 1164هه ۾ لکيل هيءُ ڪتاب اصل فارسيءَ ۾ آهي، جيڪو اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي. البت اُن جو اردو ترجمو ڇپيو آهي ۽ سنڌي ترجمو به ڪي قدر شايع ٿيو آهي، ٻنهي ترجمن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

اردو ترجمو

وسيلة الغريب الي جناب الحبيب ﷺ (فضائل و تاريخ اهل بيت) تاليف مخدوم محمد هاشم ترجمہ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب.

هيءُ اردو ترجمو ٻه دفعا ڇپيو آهي.

1-     پهريون دفعو 1972ع ۾ ڪرائون سائيز جي 138 صفحن تي اداره بستان رسول ﷺ طرفان شايع ٿيو، جنهن جو مقدمو، سيد واجد علي حسيني لکيو، ان مقدمہ ۾ ڄاڻايو اٿس ته:

”مذکوره کتاب کا سندهي ترجمه بهي حضرت قبله مولانا صاحب موصوف (قاسمي صاحب) ني کرديا هي، وه بهي انشاء الله العزيز جلد هي زيور طبع سي آراسته هو کر شهرت دوام حاصل کريگا.“

ليڪن اهو سنڌي ترجمو شايع نه ٿي سگهيو.

2-    ٻيو ڇاپو ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي شايع ٿيو، جنهن تي نه ڇپائي جو سال لکيل آهي ۽ نه ناشر جو نالو. هن ڇاپي ۾ سيد واجد علي وارو مقدمو به شامل نه آهي (جيڪو پهرئين ڇاپي ۾ موجود هو).

سنڌي ترجمو

وسيلو ولهيءَ جو (سنڌي ترجمو وسيلة الغريب) مترجم: فقير محمد اسماعيل سڪندري. هي ترجمو ڪتابي شڪل ۾ ته اڃا پڌرو ڪو نه ٿيو آهي. البته ماهوار ”الرراشد“ (پير ڳوٺ) ۾ قسطوار شايع ٿيندو رهيو آهي [50].

(42) الوصية الهاشمية (عربي)

رسول الله ﷺ جي فرمان ”مَاحَقُ اُمرِي مسلِم لَہ شَيءٌ يُوصِمي مَنہُ يَبِيتُ لَيلَتين اِلاَوَوَصِيَہ مکتوُبة عِندَه“ (جنهن مسلمان وٽ ڪا شئي هجي، جو هو اُن ۾ وصيت ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ اُن تي لازم آهي ته ٻه راتيون به نه گذاري، مگر وصيت لکي پاڻ وٽ رکي) تي عمل ڪندي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب هڪ وصيتنامو عربي ۾ پنهنجن ٻنهي پٽن (مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي وفات 1182هه ۽ مخدوم عبداللطيف ٺٽوي وفات 1189هه) ۽ پنهنجن مريدن ۽ طالبن جي نالي لکيو، جيڪو دين جي ضروري ڳالهين کان علاوه جامع نصيحتن تي پڻ مشتمل آهي.

اصل عربي ڪتاب ابوعبيدالله محمد جان بن عبيدالله نعيمي جي مقدمي، تحقيق، تخريج ۽ تعليقات سان ڊيمي سائيز جي 64 صفحن تي سال 1416هه ۾ دارالعلوم مجدديه نعيميه ملير ڪراچي طرفان شايع ٿيو.

سنڌي ترجما

الوصية الهاشمية جا ٻه سنڌي ترجما ڇپيا آهن.

1-     مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو وصيتنامو، مترجم مولانا غلام مصطفى قاسمي، جيڪو ماهوار ”نئين زندگي“ جي شماره 10 آڪٽوبر 1959ع، ۾ شايع ٿيو، جيڪو نامڪمل آهي،يعني آخر ۾ اڻپورو آهي.

2-    الوصية الهاشمية (مخدوم صاحب جون پنهنجن پٽن ۽ مسلمانن لاءِ وصيتون)، مترجم پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون، جيڪو ڊيمي سائيز جي 84 صفحن تي سال 1995ع ۾ الراشد اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيو. ياد رهي ته پهرئين ڇاپي ۾ عربي متن به شامل آهي.

ڇپائي هيٺ ڪتاب

منهنجي ڄاڻ مطابق مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا هيٺيان ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن:

1-     ڪفاية القاري في مشتبهات القرآن، عربي، تحقيق: ڊاڪٽر عبدالقيوم السندي

2-    ڪشف الرمز عن وجوه الوقف علي الهمز، عربي، تحقيق: ڊاڪٽر عبدالقيوم السندي

3-    مظهر الانوار، عربي، تحقيق: مفتي محمد جان نعيمي، ڪراچي.

4-    حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم، عربي، تحقيق: مولانا سليم الله سومرو.

بحث جو خلاصو

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي ٻين همعصر عالمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي. سندس تصنيفن کي به سٺي موٽ ملي. 150 تصنيفن مان 40 تصنيفون ڇپجي چڪيون آهن.

اُنهن 40 ڪتابن ۾ 8 سنڌي، 12 فارسي ۽ 20 عربي ڪتاب آهن. هيٺ اسان سندس ڇپيل ڪتابن جو ٻولي وارو تجزيو پيش ڪريون ٿا.

(الف) سنڌي ڪتاب

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا سنڌي ڪتاب سڀيئي منظوم آهن، سندس ڇپيل سنڌي اَٺ ئي ڪتاب نظم ۾ شايع ٿيا آهن، جيڪي هن ريت آهن:

1-        اصلاح مقدمة الصلوة

2-       بناء الاسلام (عقائد الاسلام)

3-       تفسير هاشمي، پاره عم

4-       تنبيہ نامون – بي نمازن ۽ عاشورن بابت

5-       راحة المؤمنين (ذبح ۽ شڪار)

6-       زاد الفقير (روزن جا مسئلا)

7-       سايہ نامہ

8-       قوت العاشقين

• انهن ڪتابن مان ٽي ڪتاب نثر جي صورت ۾ آڻي به شايع ڪيا ويا:

1-        تفسير هاشمي

2-       راحة المؤمنين (ذبح ۽ شڪار)

3-       قوت العاشقين.

• اِنهن اَٺن سنڌي ڪتابن جا 47 ايڊيشن ڇپيا (راحة المؤمنين/ ذبح ۽ شڪار 13، بناء الاسلام 11، تفسير هاشمي 8، قوت العاشقين 7، زاد الفقير 4، سياہ نامہ 2، اصلاح مقدمة الصلوة 1 ۽ تنبيہ نامون 1):

(ب) فارسي ڪتاب

12 فارسي ڪتابن مان ٻه ڪتاب اهڙا آهن، جيڪي فارسي ۾ ئي ڇپيا آهن، اُنهن جو ترجمو اڃا شايع نه ٿيو آهي.

1-        حيات القلوب في زيارت المحبوب

2-       فتح الڪلام في ڪيفية اسقاط الصلوة و الصيام

باقي 10 ڪتابن جا 14 ترجما (سنڌي، انگريزي ۽ اردو) ڇپيا آهن، تفصيل مطابق:

3-       الباقيات الصالحات في ذڪر الازواج الطاهرات جو هڪ ترجمو سنڌي

4-       تحفة الاخوان في منع شرب الدخان جو هڪ ترجمو سنڌي.

5-       تحفة المسلمين في تقدير مهور امهات المؤمنين جو هڪ ترجمو سنڌي.

6-       حديقة الصفا في اسماء المصطفى ﷺ جو هڪ ترجمو اردو.

7-       ذريعة الوصول الي جناب الرسول ﷺ جا ٻه ترجما سنڌي، هڪ ترجمو اردو ۽ هڪ انگريزي

8-       رشف الزلال في تحقيق فيء الزوال جو هڪ ترجمو سنڌي

9-       فتح القوي في نسب النبي ﷺ جو هڪ ترجمو سنڌي

10-   مدح نامه سنڌ جو هڪ ترجمو سنڌي

11-    النفحات الباهرة جو هڪ ترجمو سنڌي

12-   وسيلة الغريب الي جناب الحبيب ﷺ هڪ ترجمو سنڌي ۽ هڪ ترجمو اردو.

• اِنهن 12 فارسي ڪتابن مان 6 جا فارسي متن شايع ٿيا (تحفة المسلمين، حيات القلوب، ذريعة الوصول، فتح القوي، فتح الڪلام ۽ النفحات الباهرة)، جن مان صرف المنفحات الباهرة جو فارسي متن، سنڌي ترجمي سميت، باقي 5 ڪتاب خالص فارسي متن سان ڇپيا.

• اِنهن فارسي ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب اهڙا آهن، جن جا سنڌي ترجما نه ڇپيا آهن: حديقة الصفا ۽ وسيلت الغريب.

(ج) عربي ڪتاب

20 عربي ڪتابن مان 12 ڪتاب اهڙا آهن، جيڪي عربي ۾ ئي

ڇپيا آهن (اُنهن جو ڪو به اردو، سنڌي ۽ انگريزي ترجمو نه ڇپيو آهي) ۽ اُنهن 12 مان ٻن جا صرف اختصار ڇپيا آهن.

1-                 اتحاف الاڪابر بمرويات الشيخ عبدالقادر (اختصار)

2-       ترصيح الدرة علي درهم الصرة

3-       تمام العناية في الفرق بين انصريح والڪناية

4-       جنة النعيم في فضائل القرآن (اختصار)

5-       حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم

6-       الخطبات الهاشميہ

7-       درهم الصرة في وضع اليدين علي السرة

8-       شد النطاق فيما يلحق الصريح من الطلاق

9-       الشفاء في مسئلة الراء

10-   القول الانور في حڪم بس الاحمر

11-    اللؤلؤ المڪنون في تحقيق مدالسڪون

12-   معيار النقاد في تمييز المغشوش عن الجياد.

باقي رهيل 8 ڪتابن جا 17 سنڌي ۽ اردو ترجما ڇپيا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:

1-        بذل القوة في حوادث سني النبوة جو هڪ سنڌي ۽ 2 اردو ترجما

2-       تحفة القاري بجمع المقاري جو هڪ ترجمو سنڌي

3-       التحفة المرغوبة في افضيلة الدعاء بعد المڪتوبة جا 2 ترجما اردو

4-       تنقيح الڪلام في النهي عن القراء خلف الامام جو هڪ ترجمو اردو

5-       فرائض الاسلام جو هڪ ترجمو سنڌي ۽ هڪ ترجمو اردو

6-       قصيده مديحة جو هڪ ترجمو سنڌي

7-       ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين جو هڪ ترجمعو سنڌي ۽ 4 ترجما اردو

8-       الوصية الهاشمية جا 2 ترجما سنڌي.

• جيئن مٿي معلوم ٿي چڪو ته 20 عربي ڪتابن مان 2 جا ته صرف اختصار ڇپيا آهن (اتحاف الاڪابر ۽ جنة النعيم)، بقايا 18 ڪتابن جا عربي متن شايع ٿيا آهن (ٻن ڪتابن تنقيح ۽ قصيده مدحيه جو عربي متن، ترجمي سان گڏ ۽ باقي 16 جو صرف متن).

• اِنهن 16 مان 4 ڪتاب اهڙا آهن، جيڪي ترجمي سميت به شايع ٿيا آهن (تحفة القاري، التحفة المرغوبة، ڪشف الرين ۽ الوصية الهاشمية).

آخري گذارش

مون پنهنجي ڄاڻ مطابق مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڇاپي تصنيفن جو جائزو پيش ڪيو آهي. ممڪن آهي ته اِنهن ڪتابن کان سواءِ مخدوم صاحب جا ٻيا به ڪتاب ڇپيا هجن، يا اِنهن ئي ڪتابن جا ٻيا ايڊيشن شايع ٿيا هجن، ان ڪري قارئين کي گذارش آهي ته جيڪڏهن وٽن مٿي ذڪر ٿيل ڪتابن يا ڇاپن کان علاوه ڪو وڌيڪ ڪتاب يا ڇاپو آهي، يا ٻئي ڪنهن وٽ هجڻ جو کيس يقيني علم آهي ته احقر راقم الحروف کي قاسميه لائبرري ڪنڊيارو، ضلع نوشهروفيروز جي ايڊريس تي مهرباني ڪري اطلاع ڪن. مان سندن نهايت ٿورائتو رهندس.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

(1)     اتحاف الاڪابر بمرويات الشيخ عبدالقادر، مخطوطه، قاسميه لائبرري ڪنڊياري ۾ موجود.

(2)    هر هڪ جي مقدمي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي ڪتاب جي تاليف جو سال لکيو آهي، جيئن مخدوم صاحب جو طريقه ڪار آهي.

(3)    مخدوم امير احمد عباسي، مقدمه ”بذل القوة“ للمخدوم التتوي، طبع حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ سال 1966ع ص 14.

(4)    اتحاف الاڪابر جو خطي نسخو، مڪتبة راشديہ پير جوڳوٺ ۽ اتحاف الاڪابر جو خطي نسخو قاسميه لائبرري ڪنڊيارو.

(5)    ”اتحاف الاڪابر“ جو قلمي نسخو مڪتبة الحرم المڪي، مڪة المڪرمة (فوٽو اسٽيٽ قاسميه لائبريري، ڪنڊيارو).

(6)    مجموعہ رسائل مخدوم ٺٽوي، موجود ڳڙهي ياسين (فوٽو اسٽيٽ قاسميه لائبرري ڪنڊيارو) جي ابتدا، جنهن جي منڍ ۾ اتحاف الاڪابر جو اُهو آخري حصو شامل آهي.

(7)    پير حسام الدين راشدي، حاشيہ تڪلمہ مقالات الشعراء از مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي سنڌي ادبي بورڊ ص 52 تا ص 59.

(8)    پير حسام الدين راشدي، ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ص 793 تا 800.

(9)    پير حسام الدين راشدي، حاشيہ تڪلمہ مقالات الشعراء، طبع سنڌي ادبي بورڊ ص 59 ۽ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ص 800.

(10)   مخدوم امير احمد، مقدمہ بذل القوة عربي، سنڌي ادبي بورڊ 1966، ص 11.

(11) [اتحاف الاڪابر جا خطي نسخا ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪتبخانن ۾ محفوظ آهن. راقم الحروف جي ”قاسميه لائبرري“ ۾ اُن جا ٻه قلمي نسخا ۽ ٽي فوٽو اسٽيٽ نسخا موجود آهن.

(12)         الفاداني محمد ياسين، ”ڪتاب الفيض الرحماني باجازة الشيخ محمد تقي العثماني“ طبع اول دارالبشائر الاسلامية بيروت 1986ع، ص 97.

(13)         ڊاڪٽر عبدالقيوم بن عبدالغفور السندي، تحقيق ”ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين للشيخ محمد هاشم التتوي“، ناشر جامعہ دارالفيوض الاسلامية ڪنڌڪوٽ 1423هه، ص 101.

(14)         اهڙا ٻه خطي نسخا راقم الحروف وٽ به موجود آهن. هڪ نسخي ۾ اِهي بيت ڳاڙهي مس سان ۽ ٻئي نسخي تي ڪاري مس سان هامش تي لکيل آهن.

(15)خود مترجم کان ۽ اداري وارن کان معلوم ٿيو ۽ راقم الحروف اُنهيءَ جا پروف به ڏٺا.

(16)         خود مترجم کان خط و ڪتابت ذريعي معلوم ٿيو.

(17)   راقم الحروف پاڻ اِهو ترجمو ڪمپوز ٿيل، مڪتبہ اصلاح و تبليغ وارن وٽ ڏٺو ۽ اُنهن جي فهرست ڪتب اپريل 2001ع ۾ اُن جو اشتهار ڏنل آهي.

(18)   ڏسو راقم الحروف جو مقالو ”سنڌي عالمن جي مطالعي ۾ رهيل سيرت شاميہ جو هڪ نادر خطي نسخو“ ماهوار شريعت سکر جولاءِ 2001ع، ص 18.

(19)         محمد اسحاق ڀٽي، ”فقهاء هند“ جلد 5 حصه دوم طبع لاهور 1981ع، ص 123.

(20)        هيءُ ڇاپو راقم الحروف وٽ ڪو نه آهي. البته علامه قاسمي صاحب پنهنجي نادر ڇاپي ۽ خطي ڪتابن ۾ اُن جو ذڪر ڪيو آهي. ڏسو ڪتاب ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ.“

(21)         اُستاد محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙو، گذريل سال وفات ڪري ويو. راقم الحروف وفات کان ٻه ٽي مهينا اڳ ساڻس ملاقات ڪئي هئي.

(22)        ڏسو بناء الاسلام المعروف بنياد الايمان ڇاپو ٻيو 1975ع، ص 3.

(23)        تمام العناية جو هڪ خوبصورت خطي نسخو راقم الحروف وٽ به آهي، جيڪو صرف هڪ ورق (2 صفحن) تي مشتمل آهي.

(24)        تنبيہ الجاهلين (تنبيہ نامون بي نمازن ۽ عاشورن بابت) طبع 1312هه، لاهور ص 7.

(25)         ڊاڪٽر عبدالقيوم بن عبدالغفور السندي، مقدمہ ”ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين“ للمخدوم التتوى، ناشر: جامعہ دارالفيوض الاسلامية، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ڇاپو پهريون 1423هه.

(26)        شيخ عبدالفتاح ابو غده تازو وفات ڪري ويو آهي. سندس اسانيد تي مشتمل ڪتاب ”امداد الفتاح في اسانيد عبدالفتاح“ بيروت ۾ ڇپيو آهي.

(27)        ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، انهيءَ نسخي کي مصنف جو هٿ اکري تسليم نٿو ڪري، ان بابت سندس دليلن لاءِ ڏسو سندس مقالو.

(28)        الحزب الاعظم، ورد ۽ وظائف جو مشهور ڪتاب ملا علي قاري رحه جي تصنيف آهي.

(29)        مناجات مقبول، مولانا اشرف علي ٿانوي جو تصنيف ٿيل وردن ۽ وظيفن تي مشتمل رسالو.

(30)        مولانا محمد يوسف لڌيانويءَ ”بذل القوة“ جو اردو ترجمو به ڪيو هو، جنهن جو ذڪر ٿي چڪو.

(31)         انهيءَ سنڌي ترجمي تي اشاعت جو سال جيتوڻيڪ 1992ع ڄاڻايل آهي، پر منهنجي ذاتي ڄاڻ مطابق مهراڻ اڪيڊمي واري ترجمي (از مولانا رفيع الدين چنه) کان بعد شايع ٿيو آهي. خود مقدمي ۾ حوالي طور 1994ع ۾ ڇپيل ماخذ جو ذڪر ڪرڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته 1992ع ۾ نه ڇپيو آهي. ان ڪري هن ترجمي کي رفيع الدين چنا واري سنڌي ترجمي کان بعد ۾ رکيوويو آهي.

(32)        1873ع وارو اُهو ڇاپو راقم الحروف نه ڏٺو آهي، البته ڊاڪٽر الهرکئي ٻُٽ صاحب، اِن جو ذڪر ڪيو آهي، ڏسو: سندس مقالو ”1819ع کان وٺي 1900ع تائين ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“، قسط 3، ٽماهي مهراڻ، نمبر 3/ 1995ع، ص 123.

(33)        مولانا حافظ عبدالحميد ڀٽي، مشهور افسانه نويس رشيد ڀٽي جو والد صاحب هو.

(34)        مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور طرفان ڇپرايل اهڙا ٽي ڇاپا راقم الحروف جي سامهون آهن، تازو اُن جو ڏهون ڇاپو انهيءَ اداري طرفان ڊيمي سائيز ۾ ڇپيو آهي.

(35)         هن ڇاپي جي ڄاڻ ڊاڪٽر ٻُٽ صاحب جي مقالي ”1819ع کان وٺي 1900ع تائين ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“ قسط 4 ٽماهي مهراڻ3/1995ع، ص 123 مان ملي ٿي.

(36)        مؤلف طرفان پنهنجي ڪتاب بابت لکيل تشريحن ۽ وضاحتن کي ”منهيات“ چئبو آهي.

(37)        ڊاڪٽر مولانا قاري عبدالقيوم صاحب ميراڻي السندي جو تعلق ڪنڌڪوٽ (ضلع جيڪب آباد) سان آهي، جنهن ابتدائي تعليم ۽ درس نظامي اندرون سنڌ جي مدرسن ۾ حاصل ڪري، دوره حديث ۽ تخصص جي تعليم جامعة العلوم الاسلاميه بنوري ٽائون ڪراچي مان ورتي. ان کانپوءِ مديني شريف هليو ويو، جتي جامع اسلاميه مان شعبه قرات مان فارغ التحصيل ٿي، ”جامعه ام القرى“ مڪة المڪرمة ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي.

قاري صاحب سلوڻي طبيعت، سٺي استعداد ۽ تمام ڀلي ذهن جو صاحب آهي، جنهن عربستان ۾ ويهي سنڌ واسين جي علمي خدمت جو ڄڻ وچن ڪيو آهي. ٿورڙي ئي عرصي ۾ سندس کوڙ علمي ڪاوشون، سهڻي طباعت جي زيور سان سينگارجي پاڻ مڃائي چڪيون آهن. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا ڪافي ڪتاب عربي ۾ ايڊٽ ڪري پڌرا ڪيا اٿس ۽ وڌيڪ شايع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. مثلاً:

1-                 الشفاء في مسئلہ الداء للمخدوم محمد هاشم التتوي، تحقيق ط 1420هه.

2-               اللؤلؤ المڪنون في تحقيق مدالسڪون للمخدوم التتوي، تحقيق ط 1420هه.

3-       تحفة القاري مجمع المقاري للمخدوم محمد هاشم التتوي، ترجمو ۽ تحقيق ط 1421هه.

4-               ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين للمخدوم التتوي، تحقيق ط 1423هه.

5-       الحجة القوية في الرد علي من قدح في الحافظ ابن تيميه للمخدوم، تحقيق زير طبع.

6-       ڪفاية القاري في مشتبهات القرآن للمخدوم محمد هاشم التتوي، تحقيق زير طبع.

7-               ڪشف الرمز عن وجوه الوقف علي الهمز للمخدوم التتوي، تحقيق زير طبع.

ان کانسواءِ پاڻ 1416هه ۾ ”الامام ابوالحسن السندي الکبير حياتہ و آثاره“ جي عنوان تي عربي ۾ هڪ تحقيقي مقالو لکي سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. تازو هڪ ڪتاب ”فهرس مخطوطات علماء السند في مکتبات الحرمين“ نالي سان عربي ۾ ترتيب ڏنو اٿس، جنهن ۾ مڪي ۽ مديني جي ڪتبخانن م موجود سنڌي عالمن جي قلمي ڪتابن (مخطوطات) جو تفصيلي بيان آهي.

سندس ٻيون به ڪافي تصنيفون آهن، حقيقت هي آهي ته ڊاڪٽر عبدالقيوم السندي صاحب، عربستان ۾ ويهي ڪري، هيتريون علمي خدمتون سرانجام ڏيندي اسان کي ٻارهين صديءَ جي اُنهن محدثن جي ياد تازي ڪرائي آهي، جن سنڌ مان هجرت ڪري عربستان ۾ وڃي پنهنجي علم جا جوهر ڏيکاريا. الله پاڪ کان دعا آهي ته قاري صاحب کي وڏي عمر با صحت سلامت عطا ڪري، جيئن هو صاحب علمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي. آمين.

[38] ”خوشا اين ڪتاب“ جو ابجد 1391 نڪري ٿو ۽ ”سال“ جو ابجد 91 آهي. بنا ”سال“ جي ”خوشا اين ڪتاب“ جو مطلب ته ”سال“ جا عدد 91، ”خوشا اين ڪتاب“ جي عدد 1391 مان ڪڍي ڇڏيو، ته جواب ۾ 1300 رهندا.

[39] ملا جمع آخوند، مخطوطات ۽ نادر مطبوعات جو پراڻو واپاري آهي ڪوئٽا جو رهواسي جمع خان هن وقت 70 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. ضعيف العمر به ٿي ويو آهي. 40- 45 سالن کان ڪتابن جو واپار هن نموني سان ڪري ٿو، جو خريدارن کي گهر ويٺي ڪتاب پهچائي ٿو. قيمت پنهنجي دلپسند وٺندو آهي. ڪتابن جي بڊ سدائين ڪلهي تي. هاڻي ته هڙ جي ڳنڍ کوليندي به هٿ ڏڪندا اٿس. کيس جيڪڏهن ڪنهن نادر ۽ ناياب ڪتاب جو آرڊر ڏبو ته آسمان تان به لاهي ايندو ۽ ڪٿان نه ڪٿان هٿ ڪري پهچائيندو. راقم الحروف به وٽائنس ڳچ ناياب ڪتاب حاصل ڪيا. کانئس قيمت گهٽ ڪرائڻ ڏوهه ۾ شمار ٿئي ٿو. هاڻي پيريءَ سبب پاڻ ڪوئٽا ۾ ويهي اشاعت جو ڪم شروع ڪيو اٿس ۽ سندس گشتي گادي پٽهنس سنڀالي آهي ۽ مڙئي ڦيرو پيو ڪندو آهي. پر انبن جون سڪون انبڙيون ته نه لاهينديون!

[40] علي بن حافظ واري سنڌي ترجمي جا ٻه مخطوطا هن عاجز ڏٺا آهن. ٻنهي جا فوٽو اسٽيٽ هٿ ڪيا اٿم.

[41] مترجم موصوف: مولانا عبدالعليم ندوي، مشهور محقق مولانا عبدالرشيد نعمانيءَ جو ڀاءُ آهي.

[42] قوت العاشقين – ياد رهي ته چڱا خاصا ماڻهو، قوت العاشقين جو تلفظ صحيح نموني سان نه ڪندا آهن. ”قوت“ (واو تي جزم ۽ ت ڊگهي) جي بجاءِ قوة (واو تي شَد، ت گول) ڪري پڙهندا آهن، جيڪو غلط آهي.

[43] خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مقدمہ ”قوت العاشقين“ طبع مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد 1950ع ص .م

[44] ليٿو تي ڇپيل هڪ نسخو، عالميه لائبرري سيدو باغ ڪنڊيارو (اسان جي ناناڻي لائبرري) ۾ موجود آهي، پر اُن جو منڍ ڪو نه آهي ۽ نه پڇاڙي.

[45] ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، مقالو ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“، قسط 3، ٽماهي مهراڻ، نمبر 3/1995ع، ص 123.

[46] ياد رهي ته مخدوم صاحب ”ڪشف الرين“ 1149هه ۾ تاليف ڪيو، جنهن لاءِ پاڻ مقدمي ۾ لکي ٿو ته: ”سنة الف و مائة و تسع واربعين هجرية“ پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ موجود قلمي ”ڪشف الرين“ ۾ ڪاتب کان ”اربعين“ جو لفظ لکڻ کان رهجي ويو. اُتي خال به ڇڏيائين. هوڏانهن ڀينڊه شريف وارن شايد اُنهي خطي نسخي جي آڌار تي ”ڪشف الرين“ ڇپرايو ته اُنهن به ان پاسي توجهه نه ڪيو ۽ نه ڪنهن ٻئي خطي نسخي ڏانهن رجوع ڪيو، تنهنڪري اُن ڇاپي نسخي ۾ به ”اربعين“ جو لفظ رهجي ويو، ان ڪري ”اربعين“ کي ڇڏڻ سان باقي عددن جي معنى ٿئي ٿي: ”هڪ هزار ۽ هڪ سو ۽ نؤ…“ جيڪو تاريخي لحاظ سان بالڪل غلط به آهي ۽ حقيقت جي ابتڙ به. مزي جي ڳالهه هيءَ ته مترجم به ان پاسي توجهه نه ڪيو ۽ اردو ترجمي ۾ به اها غلطي ڪري ويو ۽ اسان جي هڪ سڪندري فاضل ڀاءُ اِنهي بنياد تي مخدوم صاحب جي علمي شان جي عمارت کڙي ڪندي لکيو آهي ته: سندس سڀ کان آڳاٽي تصنيف مشهور ڪتاب ”ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين“ آهي، جيڪو پاڻ سن 1109هه ۾ لکيائون ۽ اُن وقت سندس عمر صرف پنج سال هين! جڏهن ته اُن ڪتاب جي ماخذ ۽ مصادر تي نظر ڪجي ٿي ته عقل دنگ رهجي ٿو وڃي ته صرف پنجن سالن جو بظاهر هڪ ننڍڙو ٻار اهي حوالا ڪٿان ٿو آڻي؟ ڏسو سندس مقالو ”حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ٻن ڪتابن جو تعارف“، ٽماهي ”الهدى“ شماره 11، شاهپور چاڪر.

[47] ڊاڪٽر عبدالقيوم السندي، مقدمہ ”ڪشف الرين“ عربي 1423هه، ص 43.

[48] ”مدح نامہ سنڌ“ (فارسي) لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب، اِهو رسالو سنڌي ترجمي ۽ فارسي متن سميت ڇپرائي رهيو آهي.

[49] ان مدح نامه (سنڌي ترجمي سان) جو ٻيو ڇاپو به ڇپيو هو، پر راقم الحروف کي ملي نه سگهيو آهي.

[50] ماهوار ”الراشد“ (قسط نمبر 7) مارچ/ اپريل 1998ع ۾ شايع ٿي.

ڇپيل ڪتابن مان چند عڪس

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com