سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :19

مير صاحب هفتو کن اڳ سڀني کي گهرائي اسلامي قانون موجب پنهنجي ملڪيت ورهائي ٽنهي زالن ۽ ٻارن کي سڀ ڪجهه ڏئي هٿ ڇنڊي ويٺو. باقي باغ جا ڪجهه ايڪڙ هن پنهنجي کاتي ۾ رڳو ان ڪري رکيا ته جيئن سندس مرڻ بعد اُهي وڪڻي اُن مان کيس ڪربلا جي سرزمين تي دفنايو وڃي.

اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان چار ڏينهن پهريائين مير صاحب، جنهن لاءِ ڊاڪٽرن مٺاڻ ۽ گيهه سالن کان بند ڪيو هو، شوق سان گدري جي ٻجن، بادامن ۽ پستن وارو حلوو رڌائي کاڌو. هن جهلڻ جي باوجود ضد ڪري، نشاستي جو حلوو ٺهرايو ۽ کاڌائين.

ٻن ڏينهن بعد جڏهن ڊاڪٽرن جواب ڏيئي ڇڏيو ته کيس اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ٻانهن ۾ ڊرپ ۽ نڪ تي آڪسيجن ماسڪ چاڙهي ڇڏيائونس. ننڍا وڏا هڪيا حاضر هئا. حويليءَ ۾ قرآن شريف ۽ ياسين جا ختمن مٿان ختم هئا.

آخري ڏينهن واري رات کيس رت جون ٽي الٽيون آيون، جن ۾ جيري جا ٽڪر به شامل هئا! صبح جو ڇهين لڳي هن پنهنجي زماني ديد اکيون کوليون ۽ پنهنجا پُٽ، ڀائٽيا ۽ ڀاڻيجا ڏٺا ۽ اُنهن سان ڏهه منٽ کن اشارن سان ڳالهايو. هن جي اکين تي اُن وقت موت جا ازلي ابدي خمار ڇانيل هئا.

جيئن ئي مير صاحب کي آخري اُلٽي آئي، ٻن منٽن کانپوءِ ڊاڪٽرن سندس ٻانهن مان ڊرپ ڪڍي نڪ تان آڪسيجن ماسڪ لاٿو ۽ سندس سونهري اکين جا ڇپر بند ڪري مايوس نظرن سان سندس وڏي پُٽ ڏانهن نهاريو، جنهن وڌي اچي مير صاحب جي اڇن وارن سان ڀريل ٻانهن مان ڪرسچن ڊائر جي واچ لاٿي ۽ سندس اُلٽيءَ جي رت سان هنڌان هنڌان داڳيل ڪپڙن ۽ ٿڌي ٿيل جسم جي مٿان چادر وڌي!

ايوب عمراڻي

نقاب

۽ نيٺ مون دنيا کي ٺوڪر هڻي ڪڍي!

دنيا جيڪي ڪجهه مون سان ڪيو، مون هڪ هڪ شئي جو حساب وٺڻ جي تياري ڪري ڇڏي…! ڇا ٿي پيو، جي دنيا مون کي هڪ مشڪري جي حيثيت ۾ سڃاڻي ٿي. پر دنيا سان لڙڻ خاطر هاڻي مون وٽ سڀ ڪجهه آهي: ڪار، بنگلو، بئنڪ بئلنس، نوڪر چاڪر، سڀ ڪجهه ته آهي مون وٽ، ڇا ٿي پيو، جي مون پنهنجي منهن تي مشڪرن وارو ماسڪ چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجو اصل نالو لاهي پاڻ تي ”گلو البيلو“ نالو رکي ڇڏيو اٿم. هاڻي دنيا مون کي نه اصل نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ نه ئي وري اصل چهري سان. سچ پچ ته روپ مٽائي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جو مزوئي ڪجه نرالو آهي. پر مان سڀني ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ نٿو چاهيان. مون ماڻهن کي ٽهڪ، مرڪون ۽ خشيون ڏنيون آهن. غمگين چهرن تي مرڪ جي رونق پکيڙي اٿم ۽ بدلي ۾ هنن مون کي عزت، دولت ۽ شهرت سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن مشڪري وٽ دولت ۽ شهرت ته ٿي سگهي ٿي، پر عزت بابت سواليه نشان کڙو ٿي وڃي ٿو. پر آءٌ ڪو معمولي مشڪرو ناهيان. مون دولت ۽ شهرت سان گڏ عزت به حاصل ڪئي آهي ۽ ڪاميابيءَ جي اِن منزل تي پهتو آهيان، جتي مون کان اڳ ڪو مشڪرو پهتو ناهي. سڄي ملڪ ۾ منهنجو نالو عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. ميڊيا جي هر شعبي تي منهنجو ڌاڪو آهي، پر منهنجو روح ماضيءَ کي ياد ڪري اڄ به بي چين ٿي ويندو آهي. ماضيءَ جا زخم ڪڏهن ڪڏهن اٿلي پوندا آهن ۽ درد جا آتش فشان لاوا اوڳاڇڻ لڳندا آهن، تڏهن مان پنهنجي ڪمري ۾ پاڻ کي قيد ڪري لڪي لڪي روئي وٺندو آهيان. پاڻ کي روئندو ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ته حيرانيءَ مان سوچڻ لڳندو آهيان ته ڪٿي مان پاڳل ته نه ٿي ويو آهيان؟ ڪڏهن ته مون کي پنهنجي سموري دولت زهر ڀاسندي آهي. سوچيندو آهيان ته پنهنجي منهن تان ماسڪ لاهي سڀني مهربانن کي ٻڌايان ته ڏسو: ”گلو البيلو“ ڪا آسماني مخلوق ناهي، پر ماضيءَ جو هڪ شريف ۽ سادو نوجوان گل محمد آهي، جنهن سان سندس سادگي عيوض ڏاڍا ڪلور ڪيا ويا. غريب ۽ شريف هجڻ جي ڏوهه ۾ جيڪي به هن سان ڪيو ويو. هاڻي هو اڻهن سڀني زيادتين جو بدلو چڪائي سگهي ٿو. ماضيءَ جي مهربانن جا چهرا مون کي اڄ به ياد آهن.

هي حاجي غلام محمد آهي…منهنجو سڳو چاچو!

بابي جي موت کانپوءِ منهنجو بابو بڻيو. ننڍي هوندي هن ڪڏهن به مون کي يتيم هُجڻ جو احساس ٿيڻ نه ڏنو. مون چاچي جي شفقت ۽ محبت جي ڇانو ۾ ٻنين ۾ ڪم ڪيو، گهور ڪيم، هوٽلن تي بيراگيري ڪيم ۽ ماستر غلام رسول وٽ شام جو سبق وٺي پنهنجي شوق ۽ محنت سان مئٽرڪ ڪيم. جڏهن ٻاروتڻ کي الوداع چئي جوانيءَ ۾ قدم رکيم ته منهنجا تصور چڪناچور ٿي ويا. چاچي منهنجي ڀاروتڻ ۾ ئي بابي جي سموري زمين ۽ گهر پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيا هئا. جڏهن مون پنهنجو حق گهريو تڏهن نه صرف مون کي گهر مان لوڌائي ڪڍيو ويو. پر چاچي مون تي ڪوڙو ڪيس ڪرائي ٻڌرائي ڇڏيو. ٿاڻي کان جيل تائين مان جنهن پوليس تشدد ۽ ظلم جو شڪار ٿيس اُن جو تصور به ڏهڪائيندڙ آهي، ڇهن مهينن جي عرصي کانپوءِ جڏهن مان آزاد ٿيس ته دنيا بابت منهنجو نظريو بدلجي چڪو هو. دنيا منهنجي لاءِ دوزخ جو ٻيو روپ بڻجي چڪي هئي. پر اُن دوزخ ۾ پيٽ پالڻ لاءِ مون کي هٿ پير هڻڻو هو، سو شهر اچي محنت مزدوري ڪيم. هوٽل تي بيراگيريءَ کان وٺي هڪ پرائيويٽ فرم ۾ ڪلارڪي ڪيم. مان پنهنجي اونداهي دنيا ۾ گم ٿي پنهنجن ئي ارمانن جي لاش بڻيو پئي هليس ته اُن اوندهه ۾ ڪجهه روشني نظر آئي.

نرگس!

نرگس رڳو سهني نه هئي، پر هن ۾ ٻيون به خوبيون هيون. هوءَ سچي ۽ کري ماڻهوءَ کي چند لمحن ۾ سڃاڻي وٺندي هئي. سندس مون بابت خيال هو ته مان به هڪ سچو ۽ کرو ماڻهو آهيان. آفيس ۾ ڪليگ جي حيثيت سان ڪم ڪندي اسان هڪ ٻئي جي ڪافي ويجهو اچي وياسين. اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ڇوڪرا ڇوڪرين کي شادي جي آفر ڪندا آهن، پر هتي اِهو پهريون دفعو ٿيو جو نرگس پاڻ مون کي شادي جي آفر ڪئي! هن جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو، هوءَ هڪ رٽائرڊ پرائمري ماستر جي ڌيءَ هئي ۽ نوڪري ڪري پنهنجي خاندان کي سپورٽ ڪندي هئي، جڏهن هن شاديءَ جي آفر ڪئي تڏهن مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ ته پنهنجو گهر به ناهي، مان توکي ڪو به سُک ڏيئي نٿو سگهان. پر هوءَ ڏاڍي مضبوط ارادي واري ۽ باهمت ڇوڪري هئي. هن منهنجي همت وڌائيندي چيو هو: ”تو وٽ گهر ناهي ته ڇا ٿي پيو، پاڻ  مسواڙي گهر وٺي رهي سگهون ٿا. شهرن ۾ ته ڪيئي ماڻهو اهڙا آهن، جن وٽ پنهنجو گهر ناهي.“

چيومانس: ”۽ تنهنجا مائٽ؟“

چيو هئائين: ”مان انهن کي راضي ڪري وٺنديس!“

تڏهن مون پاڻ کي دنيا جو خوشنصيب ترين انسان سمجهيو هو. ڀلا غربت ۾ محبت ملڻ خوشنصيبي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اسان روزانو پنهنجي زندگي گڏ گذارڻ جا سپنا ڏسندا هئاسين. اهڙا سپنا جن ۾ هڪ سادو ننڍڙو گهر، اُن ۾ ٻن پيار ڪندڙ دلين جو وجود ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ٻاتن ٻولن وارن ٻارڙن جو ڪن گلڻ وانگر ٽڙڻ، ٽهڪ ۽ خوشيون هيون……

…… هڪ ڏينهن نرگس آفيس ۾ نه آئي ۽ هميشه لاءِ نه آئي. مان سندس يادن جي سهاري جيئندو رهيس. سندس انتظار ڪندو رهيس پر نرگس نه آئي، جڏهن پڇائون ڪري سندس گهر تائين ويس ته گهر کي تالو لڳل هو. پاڙي مان معلوم ٿيو ته هو ڪنهن طرف لڏي ويا آهن. نرگس جي ياد اڄ به منهنجي دل ۾ تازن گلابن جي مهڪ جيان موجود آهي. مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن هوءَ اچانڪ منهنجي سامهون ايندي، اسان هڪٻئي کي سڃاڻي ڪجهه گهڙين تائين ڏسندا رهنادسين ۽ پوءِ ڀاڪرين پئجي وينداسين، وڇڙي وڃڻ جو غم ڀُلائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مان کيس پنهنجي شاندار گهر ويٺي ايندس ۽ کيس ٻڌائيندس ته نرگس ڏس! مرد جي ذات بيوفا نه ٿيندي آهي، مون گذريل ستن سالن کان تنهنجو لاڳيتو انتظار ڪيو آهي ۽ پنجن سالن کان هي بنگلو!… تو ته هڪ مسواڙي کُڏيءَ جي آس ڪئي هئي پر ڏس مان توکي ڇا ڏيئي رهيو آهيان. هي بنگلو، ڪار، بئنڪ بئلنس، قيمتي فرنيچر، اليڪٽرانڪ جو سامان، هي نفيس قالين، هيءَ دولت ۽ هيءَ شهرت، سڀ تنهنجا آهن. هي سڀ ڪجهه ڏسي هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿيندي. منهنجو خيال آهي ته هي سڀ ڪجهه ڏسي نه رڳو خوش ٿيندي. پر حيران به ٿيندي ۽ پوءِ مون کي ٻيهر ڀاڪرين پئجي ويندي!

سيٺ وقاص!

ڪنهن چڱيءَ نوڪري لاءِ ڊوڙ ڊڪ ڪندي منهنجو واسطو سيٺ وقاص سان پيو. هو ٻهراڙين ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندو هو. هن مون کي سندس اين جي او ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ڪئي ۽ مون ساڻس انڪار نه ڪيو. سيٺ وقاص جا ٻهراڙين ۾ رستن ٺاهڻ ۽ کاڻين کوٽڻ جا ڪيترائي ٺيڪا هئا. ٻهراڙين ۾ سندس نالو عزت سان ورتو ويندو هو. وري جو اين جي او ٺاهي سماجي ڪم ڪيائين ته ماڻهن وٽ هن لاءِ وڏو احترام پيدا ٿيو. سندس ڪم جو طريقي ڪار ڏسي مون کي محسوس ٿيو ته هو اليڪشن جي طرف وڃي رهيو آهي، ڇهن مهينن کانپوءِ جڏهن اليڪشن جو اعلان ٿيو ته سيٺ وقاص به صوبائي اسيمبلي لاءِ آزاد اميدوار بيٺو. هن جي مون تي ايتري ته نظر ڪرم رهي جو هر جلسي ۾ مونکي پاڻ سان گڏ کڻندو هو. مان کيس عوامي مزاج مطابق تقريرون لکي ڏيندو هوس. سچ پچ ته ٻهراڙين جي پٺتي پيل ماڻهن جي تقدير بدلائڻ جو کيس تمام گهڻو اونو هو. سيٺ عوامي مقبوليت ۽ پنهنجي حڪمت عمليءَ سان اليڪشن کٽي ورتي. مون زندگيءَ ۾ اليڪشني سياستدانن کان هميشه نفرت ڪئي آهي. پر جڏهن سيٺ وقاص اليڪشن وڙهي رهيو هو ته مون کي محسوس ٿيو ته ڪو چڱو ماڻهو پهريون ڀيرو اليڪشن وڙهي رهيو آهي. هُو هن ملڪ جي نڌڻڪي عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. مون سيٺ وقاص جي اڳواڻي ۾ پاڻ جهڙن ئي ڏتڙيل نوجوانن جي تقدير بدلجندي ڏٺي. مون کي پڪ هئي ته اليڪشن کٽڻ کانپوءِ هاڻي بيڌيان ماڻهن جي انبوهه (اسيمبليءَ) ۾ ڪو ته اهڙو ماڻهو هوندو جيڪو حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو. سيٺ وقاص چونڊجي وڃڻ کانپوءِ چند ڏينهن ۾ وزير بڻجي ويو. خبر ناهي ته اوچتو سيٺ وقاص ۾ ڪهڙي تبديلي آئي جو اين جي او هلائڻ مان سندس دلچسپي ختم ٿي وئي. مان به ٻين نوجوانن جيان نوڪريءَ جي درخواست کڻي هن وٽ پهتس. ان سان گڏ هڪ پلاٽ (جيڪو حڪومت طرفان بي گهر ماڻهن کي آسان قسطن تي پلاٽ فراهم ڪرڻ واري اسڪيم تحت ڏنو پئي ويو) جي به درخواست ڏنم. سيٺ وقاص نوڪري ۽ پلاٽ جو مون سان پڪو وعدو ڪيو. مون کي سيٺ وقاص جي وعدي تي گهڻو اعتبار هو، پر هڪ ڏينهن اچانڪ اِهو ڀروسو ٽٽي پيو. معلومات وٺڻ تي خبر پيئي ته هو سمورا پلاٽ (جيڪي بي گهر ماڻهن ۾ تقسيم ٿيڻا هئا) وڏي رقم عيوض شاهوڪارن ۾ ورهائي چڪو آهي ۽ سموريون نوڪريون پئسن تي وڪڻي چڪو آهي. تڏهن سندس حقيقي روپ منهنجي سامهون آيو ته هُو سياست ۾ رڳو ڪاروبار ڪرڻ آيو هو. هن وزارت جي زور تي پنهنجي فرم کي ڪيترائي ٺيڪا ڏياريا. سوچيم ته هاڻي سيٺ وقاص سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. مان سندس آفيس ويس. هوُ وزارت جي ٺٺ ۾ چروٽ پي دونهون اُڏائي رهيو هو. مون سندس عياريءَ تي سخت اهتجاج ڪيو. منهنجي بي باڪيءَ تي هنکي ڄڻ ته جهٽڪو آيو. ڏند ڪرٽيندي چيائين: ”تو وٽ صرف هڪ ووٽ آهي، جنهن ماڻهوءَ وٽ پنج سؤ ووٽ هجن ان دران توکي نوڪري ڏيان ته پوءِ آئينده مون کي ڪير ووٽ ڏيندو؟“

چيومانس: ”سيٺ صاحب! نوڪري ووٽن جي تعداد ڏسڻ بدران صلاحيتن ۽ ميرٽ جي تقاضا ٿي ڪري، پر تو نااهل ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي!“

چيائين: ”مون وٽ تو جهڙا ڪيئي باصلاحيت نوجوان بک ۽ بيروزگاري جي ڪري پنهنجي ميرٽ ۽ سموريون صلاحيتون وڪڻڻ لاءِ هڪ لمبي قطار ۾ بيٺل آهن. تون ڀلي هليو وڃ.تنهنجي جاءِ تي توکان به وڌيڪ بکيو، ڀينگيو ۽ باصلاحيت نوجوان ازخود اچي ويندو!“

تڏهن هن تي مون کي بي انتها ڪاوڙ آئي هئي، چيومانس: ”تون مڪار ۽ ڪوڙو آهي، تو اسان نوجوانن کي اقتدار تي پهچڻ لاءِ ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو آهي. اُهو مان ئي هوس، جنهن توکي ڳالهائڻ سيکاريو ۽ تقريرون لکي ڏنم. شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ تنهنجي مشهوري ڪيم ۽ توکي اليڪشن کٽرايم. پر اڄ مون کي معلوم ٿيو آهي ته تون مڪار آهين. مان تنهنجي مڪاري جو پردو چاڪ ڪري دم پٽيندس. مان ماڻهن کي ٻڌائيندس ته ڏسو دنيا وارؤ! هي رڍ جي کل ۾ بگهڙ، مڪار سياستدان!……“

اچانڪ منهنجي ڳچيءَ ۾ سيٺ وقاص جي گارڊن جا هٿ پيا ۽ هُنن مون کي سوگهو جهلي ورتو. چند لمحن کانپوءِ مون پاڻ کي پاڳل خاني ۾ ڏٺو. چرين جون دانهون، هوڪرا ۽ گاريون ئي مون کي پاڳل ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. مون ڊاڪٽرن کي ڏاڍو ليلايو ته مان چريو ناهيان. سيٺ وقاص هڪ سازش تحت مون کي هتي پهچايو آهي. پر ڪو به ڊاڪٽر منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. ڇهن مهينن تائين خبر ناهي ته هو منهنجو ڪهڙو علاج ڪندا رهيا، پر هڪ ڏينهن مون کي پاڳل خاني مان ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو. مان ڀڄندو ويس ۽ خبر ناهي  هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ تائين ڀڄندي ڀڄندي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتو هوس. هڪ هنڌ ماڻهن جو ميڙ ڏسي مان به اتي بيهي رهيس. ڪو مشڪرو هو جو مشڪري وجهي ماڻهن کي کلائي اُنهن کان ڏوڪڙ وصول ڪري رهيو هو. مشڪري کي ڏسي سوچيم ته بس هاڻ مشڪرو ئي ٿبو. اهڙو مشڪرو، جيڪو ماڻهن جي نظر ۾ بيوقوف هجي. بهتر ته اهوئي آهي جو عقلمند هجڻ جي ڏوهه ۾ ماڻهو پاڳلن جي اسپتال وڃڻ بدران دنيا ۾ بيوقوف بڻجي رهي.

……۽ پوءِ مان ”مشڪرو“ بڻجي ويس. ماڻهو منهنجي مشڪريءَ مان ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مون کي چڱو خاصو پئسو ملي ويو. مون اُنهن پئسن مان پاڻ لاءِ مشڪرن وارو خاص لباس خريد ڪيو ۽ منهن تي ماسڪ چاڙهيم. ٿوري ئي عرصي ۾ مشڪريءَ مان ايترو ته نالو ڪمايم جو مون کي ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تي ڌڙا ڌڙ پروگرام ملڻ لڳا. مشڪري ٿيڻ کانپوءِ ڀاڳ ڄڻ ته منهنجي در جو غلام بڻجي ويو، جتي به ويس اُتي ماڻهن جا هشام تاڙين جي گونج ۾ آجيان ڪرڻ لاءِ اڳواٽ موجود هوندا هئا. مون تصور به نه ڪيو هو ته آءٌڪو ايترو ڪامياب مشڪرو بڻجي سگهندس. هاڻي ته آءٌ ملڪ کان ٻاهر به پروگرام ڪرڻ لڳس. خبر ناهي ته پئسا ڪيئن ۽ ڪٿان اڏامندا اچي منهنجي جهوليءَ ۾ ڪرندا هئا ۽ مون انهن پئسن مان اهو سڀ ڪجهه خريد ڪري ورتو، جنهن جو مون تصور به مشڪل سان ڪيو هو. جيڪڏهن آءٌ سڄي عمر نوڪري ڪريان ها ته به اُهي شيون خريد نه ڪري سگهان ها. سوچيم ته هاڻي جيڪڏهن سيٺ وقاص منهنجي سامهون اچي وڃي ته کيس ٻڌايان ته مان اهوئي آهيان، جنهن کي تو پاڳل بڻائي چرين جي اسپتال پهچائي ڇڏيو هو، پر مان توکان وڌيڪ باعزت ۽ عوام ۾ مقبول آهيان. جيڪڏهن توسان اليڪشن وڙهان ته توکي شرمناڪ شڪست ڏيئي سگهان ٿو. تنهنجي سمورين هيراڦيرين ۽ ٺڳين جو پردو چاڪ ڪري توکي ذلت جي اوڙاهه ۾ اُڇلائي سگهان ٿو ۽ جڏهن مون کي چاچو حاجي غلام محمد ياد آيو تڏهن سوچيم ته هاڻي اُن شخص کان به حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهٿن سوچيندو هوس ته ڪنهن کان ڪو به بدلو نه وٺندس. مان ته نرگس جو انتظار ڪندس. نرگس کي ڳولي ساڻس وهانءَ رچائيندس. مون نرگس جي ڏاڍي ڳولا ڪئي، پر سندس ڪٿي به ڪو پتو ڪو نه پيو.

***

اُف… اڄ ته وڏي امتحان ۾ پئجي ويس!

اڄ هڪ اهڙي فنڪشن ۾ مشڪري ڪرڻ جي دعوت ملي، جنهن جي صدارت سيٺ وقاص ڪري رهيو هو! پهرين سوچيم ته پروگرام ۾ شرڪت نه ڪريان ۽ سيٺ وقاص جو منحوس ٻوٿ نه ڏسان، پر پنهنجو پروفيشنل فرض سمجهي پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿس. پروگرام واري جاءِ تي پهتس ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي ته اهو منهنجو ئي ڳوٺ هو،جنهن جو نالو بدلائي هاڻي ”محبت پور“ رکيو ويو هو. پنهنجو ڳوٺ سامهون ڏسي، چاچي هٿان گهران تڙجي نڪرڻ جو منظر اکين آڏو ڦرڻ لڳو. پراڻا زخم ٻيهر تازا ٿي پيا، مشڪرن وارو لباس ۽ ماسڪ هئڻ ڪري ڪو به ڳوٺاڻو مون کي سڃاڻي نه پئي سگهيو. پر مون سڀني کي سڃاتو: قبول، محرم، وڪيو، آچر ۽ شريف ڏسي مون کي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. سوچيم ته ڪاش ننڍپڻ جي اِنهن دوستن کي ٻڌائي سگهان ته مان گل محمد آهيان ۽ منهن تان ماسڪ لاهي کين چوان: ”اچو ته اٽي ڏڪر کيڏون……!“

ڳوٺ جي ننڍن ٻارن مون کي ”گلو البيلو“ جي حيثيت ۾ سڃاڻڻ ۾ دير نه لاتي. (شايد هو ڪيئي ڀيرا مون کي ٽي وي تي ڏسي چڪا هئا) پري کان هوڪرون ڪري چوڻ لڳا: ”گلو مشڪرو… گلو مشڪرو…!“

خبر ناهي اِها تذليل هئي يا تعريف، پر اِهي لفظ ٻڌي مان اندر ئي اندر ۾ وڍجي رهيو هوس. مون وڏي مشڪل سان پاڻ تي ضبط ڪيو.

پروگرام واريءَ جاءِ تي خوبصورت شاميانا لڳائي پنڊال تيار ڪيو ويو هو. (شايد سيٺ وقاص ڳوٺ ۾ نئون ٺيڪو کنيو هو، جو ان جي خوشيءَ ۾ هي پروگرام ٿي رهيو هو). خوبصورت اسٽيج، جديد سائونڊ سسٽم ۽ پنڊال ماڻهن سان کچاکچ ڀريل!

۽ پوءِ جڏهن پروگرام شروع ٿيڻ وارو هو ته سيٺ وقاص ساڳئي تڪبر ۽ غرور سان هلندي پنڊال ۾ پهتو. مون سان هٿ ملائيندي چيائين: ”توهان کي اڪثر ٽي وي تي ڏسندا رهندا آهيون!“

مون کيس تڙي کڙي جواب ڏنو: ”توهان کي ڏسي چڪا آهيون!“

ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”ڪيئن؟“

چيومانس: ”خبر نامي ۾ اسيمبلي جي ڪارروائي وقت!“

منهنجي جواب تي حيرانيءَ مان چيائين: ”اڇا!“

مان مُرڪندو ڪنڌسان هاڪار ڪندو رهيس. دل ۾ چيم: ”توکي جهڙو مان سڃاڻان. اهڙو بيگم صاحبه به نه سڃاڻندي هوندي!“

هُو پنهنجن دوستن سان وڃي ويٺو.

اچانڪ منهنجي نظر نرگس تي پيئي، جيڪا پنڊال ۾ عورتن لاءِ مخصوص ڪيل حصي ۾ ويٺل هئي. نرگس کي ڏسندي مان عجيب تجسس ۾ پئجي ويس. سوچيم ته مشڪرن وارو لباس لاهي ڊوڙي وڃي نرگس سان ملان ۽ کيس ٻڌايان ته مان کيس ڪٿي ڪٿي ڳوليندو رهيو آهيان. ساڻس شڪايت به ڪريان ته تون ايترا سارا ڏينهن ڪيڏانهن گم ٿي وئي هئين؟ نه خط نه پٽ نه ڪا فون، نه ملڻ جي يادگيري، پر مان ڪجهه به نه ڪري سگهيس. محفل جي آدابن مون کي ايترو ته مجبور ڪري ڇڏيو جو مان پنهنجي نرگس سان ملي ته ڇا پر ڳالهائي به نه سگهيس. مان نرگس ڏانهن صرف ڏسندو رهيس. اچانڪ نرگس مون ڏانهن ڏٺو ۽ هوءَ به ڏسندي ئي رهجي وئي. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪائنات جي رفتار رڪجي وئي آهي. سوچيم ته ڇا نرگس واقعي مون کي سڃاڻي ورتو آهي؟ پنهنجي پاڻ کي جواب ڏيندي چيم ته ها، نرگس مون کي سڃاتو هوندو، ڇا ٿي پيو جي منهنجي منهن تي ماسڪ آهي پر اکيون ته ظاهر آهن. نرگس مون کي اکين مان سڃاڻي سگهي ٿي. هيترن سارن ماڻهن جي جهنگ ۾ نرگس ئي ته آهي، جيڪا مون کي سڃاڻي سگهي ٿي. پر ٻئي لمحي نرگس پنهنجو چهرو ٻئي طرف موڙي پاڻ سان ويٺل هڪ سهيليءَ سان محو گفتگو ٿي وئي. مون کي پڪ ٿي وئي ته نرگس مون کي نه سڃاتو پر سوچيم ته ڇا ٿي پيو. مان پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي حسين خواب کي ساڀيا جو روپ ڏيڻ لاءِ نرگس سان ملندس ۽ پنهنجا سڀ ارمان پورا ڪندس……

…… اچانڪ ڪمپيئر اسٽيج تي اچي مائيڪ سنڀاليو ۽ هڪ خوبصورت شعر سان پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. سڀ کان پهرين سيٺ وقاص کي اسٽيج تي ويهڻ لاءِ سڏيو ويو. ڪجهه معزز شخصيتن سان گڏ چاچي کي به ڳوٺ جي چڱي مڙس جي حيثيت سان اسٽيج تي ويهاريو ويو. مون کي به اُنهن معززين سان گڏويهاريو ويو. منهنجي اسٽيج تي اچڻ سان حاضرين ايتريون ته تاڙيون وڄايون جو اُنهن کي بس ڪرڻ لاءِ اسٽيج سيڪريٽريءَ (ڪمپيئر) کي مائيڪ تي اپيل ڪرڻي پئجي وئي. سڀني اسٽيج تي ويهندڙن کي بيج لڳايا ويا ۽ اجرڪون پارايون ويون.

پوءِ چاچي حاجي غلام محمد (ڳوٺ جي نام نهاد چڱي مڙس) آجياڻي جي تقرير ڪئي. سيٺ وقاص جي وڏي ساراهه ڪيائين. مون کي سندس تقرير زهر لڳي. سوچيم ته چنڊو چنڊي کي ڪيئن نه سئو ميلن تي ڳولي ٿو لهي. سيٺوقاص ۽ حاجي غلام محمد!

۽ پوءِ اسٽيج سيڪريٽريءَ هڪ اهڙو اعلان ڪيو، جنهن منهنجي خوابن جي معصوم دنيا کي هڪ ئي ڌماڪي سان ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. اهو اعلان ٻڌندي مون پاڻ کي آسمان جو ڪو ٽٽل تارو محسوس ڪيو، جيڪو اک ڇنڀ ۾ سڙي اونداهين ۾ گم ٿي ويندو آهي. اسٽيج سيڪريٽري چئي رهيو هو: ”هاڻي مان گذارش ڪندس محترمه بيگم نرگس وقاص صاحبه کي ته پاڻ اسٽيج تي اچي، اسان جي ٻاهران آيل مهمان فنڪار جناب ”گلڻ البيلو صاحب“ جي فن تي مختصر طور روشني وجهن!“

”هي ڇا!… نرگس سيٺ وقاص سان شادي ڪري ڇڏي!“

مون کي محسوس ٿيو ته مان ڪو ڪنو، سڙيل، بدبودار لاش آهيان ۽ ڪنهن چؤواٽي تي ٽنگيو پيوآهيان. ماڻهو بگهڙن ۽ ڳجهن جي روپ ۾ اچن ٿا ۽ منهنجي جسم جو گوشت پٽي کائين ٿا، پر مان چُپ آهيان، ڪجهه به ڪڇي نٿو سگهان. منهنجو رت ٽهڪڻ لڳو. سوچيم: پنهنجي جاءِ تان اُٿي سيٺ وقاص کي ڳچي کان جهلي، گهٽو ڏئي ماري وجهانس، پهرين هو رڳو منهنجن ارمانن ۽ امنگن جو لٽيرو هو، پر هاڻي هو منهنجي محبت جو لٽيرو بڻجي مهاپاپي ٿي پيو آهي، مون پڪو ارادو ڪري ورتو ته سيٺ وقاص کي ماري وجهندس، کيس ختم ڪري ڇڏيندس.

۽ پوءِ منهنجو خيال نرگس ڏانهن ويو. دل ئي دل ۾ چيم ته نرگس! تو هي ڇا ڪيو؟ توکي ته مون سان محبت هئي. توکي ته منهنجي سادگي وڻندي هئي. تو ته ڪنهن مسواڙي گهر ۾ مون سان رهڻ ٿي چاهيو، پوءِ تون ڇو مونکي ٻڌائڻ کانسواءِ هلي وئينءَ؟ ڇو هڪ پوڙهي ۽ مڪار سياستدان ۽ واپاري شخص سيٺ وقاص سان شادي ڪري ڇڏيئي؟ مان سالن جا سال پاڳلن جيان توکي ڳوليندو رهيس. تو هڪ ننڍڙو مسواڙي گهر گهريو هو، پر مون ته تو لاءِ بنگلو ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ جڏهن مون تولاءِ بنگلو ٺاهي ڇڏيو، تڏهن تو……

مان جذبات ۾ ڏڪڻ لڳس. پگهر منهنجي جسم مان ڦوهارن جيان وهڻ لڳو. دل جي ڌڪ ڌڪ ايتري ته شديد ٿي وئي جو محسوس پئي ٿيو ته چند گهڙين ۾ ئي منهنجي دل ڪنهن به ڌماڪي جيان ڦاٽي پرزا پرزا ٿي ويندي ۽ ٻئي پاسي نرگس هئي، جيڪا ڏاڍي متوالي چال سان هلندي اسٽيج تي آئي. هڪ عجيب مُرڪ سان مون کي ڏٺائين ۽پوءِ پرس مان ڪاغذ ڪڍي، منهنجي مشڪريءَ جي فن تي مقالو پڙهڻ شروع ڪيائين. سوچيم ته ”اڄ مون سان ڪيڏي نه وڏي مشڪري ٿي رهي آهي. محبت مون سان شادي ڪئي ٻئي سان ۽ پوءِ مٿان رڳو مقالي پڙهڻ جو ٿڌو ٿورو!“ نرگس منهنجي فن تي تمام گهڻو تفصيل سان ڳالهايو. هن پنهنجي مقالي ۾ مون کي غمگين ماڻهن جو مسيحا قرار ڏنو. آخر ۾ هڪ عجيب ڳالهه ڪيائين. چيائين: ”ماڻهو فنڪار جو چهرو ڏسڻ چاهيندا آهن. مان جناب گلو البيلي کي گذارش ڪنديس ته هو پاڻ تان مشڪرن وارو نقاب لاهي پرفارم ڪري، جيئن سندس اصل چهرو ڏسي سگهجي!“

مون هڪ ئي وقت سندس لفظن جا ڪيئي گهاوَ محسوس ڪيا. پاڻ کي پولارن ۾ ڀٽڪندي محسوس ڪيم. پر پوءِ منهنجي منهن تي مُرڪ اچي وئي. سوچيم، ها واقعي مون کي هن نقاب (ماسڪ) لاهڻ جي ضرورت آهي. نه رڳو منهنجو ماسڪ لهڻ گهرجي، پر سيٺ وقاص، نرگس ۽ حاجي غلام محمد جا ماسڪ به لهڻ گهرجن ۽ پوءِ فيصلو پبلڪ تي ڇڏڻ گهرجي ته سڀني کان وڏو مشڪرو ڪير آهي؟… وڌيڪ ڀيانڪ روپ ڪنهن جو آهي!

۽ پوءِ جڏهن سڀ مقررين تقريرون ڪري ويا، تڏهن ٿڪل حاضرين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اسٽيج سيڪريٽريءَ مائيڪ منهنجي حوالي ڪيو. مان اُٿيس ته سڄو پنڊال اٿي بيهي مون لاءِ زوردار تاڙيون وڄائڻ لڳو. نرگس به مُرڪندي تاڙيون وڄائي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. مون ڪجهه چوڻ چاهيو پر لفظن ساٿ نه ڏنو، ماڻهن جي تاڙين جي برسات اڃا به وسي رهي هئي. نيٺ ماڻهن ٿڪجي تاڙيون بند ڪيون ۽ منهنجي مشڪريءَ جو انتظار ڪرڻ لڳا. مون کي اُن وقت سمورا مشڪريءَ جا آئيٽم وسري چڪا هئا. ڳالهايم ته ڪجهه ٻي ڳالهه چئي ويٺس. چيم: ”بيگم نرگس وقاص مون کي چيو آهي ته مان منهن تان مشڪرن وارو ماسڪ لاهي ڇڏيان، جيئن ماڻهو منهنجو اصل چهرو ڏسي سگهن، پر هتي اچي مون کي محسوس ٿيو آهي ته هر ماڻهوءَ جي چهري تي هڪ نقاب آهي ۽ هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ بهترين مشڪرو ويٺل آهي. هر ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن سان مشڪري ڪندو رهي ٿو ۽ منهن تي نظر نه ايندڙ ماسڪ چاڙهي گم ٿي وڃي ٿو. ڳالهه ماسڪ چاڙهي مشڪري ڪرڻ جي آهي ته پوءِ مان ئي پنهنجي منهن تان ماسڪ نه لاهيندس. پر هن ڳوٺ جي چور مان چڱي مڙس ٿي ويٺل حاجي غلام محمد، هن ملڪ جي ڪروڙپتي ان داتا سيٺ وقاص ۽ بيگم سيٺ وقاص کي به پنهنجي چهري تان ماسڪ لاهڻو پوندو.“

پنڊال ۾ ڄڻ ته سڪتو طاري ٿي ويو. سڀ ماڻهو حيرت مان مون کي ڏسڻ لڳا ته هي ڇا چئي رهيو آهيان! اسٽيج سيڪريٽري ڊائيس تي چٽ رکي ويو، جنهن تي لکيل هو: ”توهان پنهنجي موضوع تان هٽي رهيا آهيو!“ مون چٽ پڙهي ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ها، مان موضوع تان هٽي رهيو آهيان، بلڪه ٿڙي رهيوآهيان، ڇو ته جڏهن اڄ مون هتي ٽن عظيم مشڪرن کي ڏٺو آهي، تڏهن مون کان سموري مشڪري ڪرڻ وسري ويئي آهي. هُو حاجي غلام محمد آهي،جنهن پنهنجي يتيم ڀائيٽي جي ملڪيت تي قبضو ڪري کيس جيل جي دوزخ ۾ موڪلي ڇڏيو. سندس يتيم ڀائٽيو هن جي اندر ٻاروتڻ کان پيءَ جو پيار ڳوليندو رهيو، پر هن ظالم کيس در در جي ٺوڪرن جو تحفو ڏنو. اڄ اهو حاجي غلام محمد ڳوٺ جي چڱي مڙس جو ماسڪ پائي اچي هتي ويٺو آهي ۽ هوءَ نرگس!… جيڪا خوبصورت ڪار ۽ بنگلي جي لالچ ۾ شادي جي نالي ۾ هڪ پوڙهي وٽ پاڻ کي گروي رکي بيگم وقاص بڻجي ويئي آهي. اُن کان ڪير پڇي ڏسي ته هڪ سِر ڦريو نوجوان، جنهن سان سڄي عمر ڏک سک ۾ ساٿ نڀائڻ جا تو قسم کنيا هئا. اهو معصوم طبيعت نوجوان اڄ تائين تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. پر تو هن سان دوکو ڪيو، مشڪري ڪئي ۽ بيگم وقاص جو نقاب چاڙهي گم ٿي وئينءَ! اڄ اُن نوجوان کي تنهنجي دوکي جو پتو پيو آهي، ته هو ڄڻ جيئري ئي مري پيو آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com