چترال جي مند ۽ موسم، مرحوم مجيد لاهوريءَ جي زبان
۾ ”محبوب جي مزاج ۽ سنڌ جي سياست“ وانگر بي ڀروسي
آهي. روزانو خوشخبري ملندي هئي ته اڄ پشاور کان
جهاز ايندو. پر، ٽي ڏينهن لاڳيتو موسم جي اوچتو
مٽجڻ ڪري ڪو نه آيو، ته ڪڪ ٿياسين، سو، مون پنهنجي
ميزبان ميجر کي وڃي چيو ته ”اسان کي لواري ٽاپ
رستي ڪاغان پهچايو.“ - -مون کي نه رڳو ڊاڪٽر شمل ۽
سندس سهيليءَ ڪئرن جو اونو هو، پر جرمنيءَ جو
سفير ۽ سندس بيگم به اسان سان گڏجي چترال گهمڻ
هليا هئا.
آرميءَ جي جيپن جو ”هڪ دستو“ اسان جو محافظ ٿي
هيلو. پنجن ستن ميلن کانپوءِ اڳتي ڪو رستو ته
هئوئي ڪو نه پر آرميءَ وارا نقشن جي مدد سان، پٿرن
تان هلندا رهيا. الائي ته ڪٿان ۽ ڪيئن هليا ۽
ڪيترا ڪوهه هليا. ڪن ڪلاڪن کانپوءِ، مَس مَس اچي
’لواري ٽاپ‘ وٽ پهتا، جيڪو چوڏهن پندرهن هزار فٽ
بلند آهي. گاڏيون جبل وٽ هلي بيٺيون. منجهند جي
مهل هئي. پر، آشمان نظر ڪو نه ٿي آيو، ڇو ته سخت
مينهن وسي رهيو هو.
لواري ٽاپ تي چڙهڻ کان اڳ، فوجي ميزبانن، وسندي
مينهن ۾ به، جيپن جي مٿان ڇت وانگر ڪپڙو جهلي،
اسان کي گرما گرم لنچ کارائي. ڊاڪٽر شمل چيو ته
”هيءَ لنچ هميشہ سڀني کي ياد رهندي.“
سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ’لنواري ٽاپ‘ تي چڙهڻ ۽ لهڻ ۾
گذري وئي. ڏهن ٻارهن هزارن فوٽن جي بلندي تي برسات
۽ برف جي ڪري، ڪچي رستي سببان گاڏيون ترڪڻ لڳيون.
جبل خوفناڪ هو ۽ ان کان به وڌيڪ خوفناڪ هو مٿس
چڙهڻ مون تي اهڙو اڻائو سفر ڪڏهن به ڪو نه ڪيو
آهي. پر، مَسَ مَسَ جڏهن لنواري ٽاپ جي چوٽيءَ تي
پهتاسين ته ڊاڪٽر شمل چيو ته: ”هن سفر جي يادگار
تصوير ڪڍايون.“
سيءُ اهڙو جو جيپن ۾ ويٺي به ٿڌيءَ هوا ڄڻ ته
ڇُريُن سان بُت پئي چيريو. لاچار، ڏڪندا ڏڪندا هيٺ
لٿاسين ۽ تصوير ڪڍائيسين.
اُن کانپوءِ هيٺ لهڻ جو سفر شروع ٿيو. خدا ڪيو، جو
خير سان اسر مهل اچي ڪاغان جي ريسٽ هائوس ۾ منزل
انداز ٿياسين. سيءَ کان بچڻ لاءِ باهه جا بُنڊ پئي
ٻريا. کاڌا پيتا تيار رکيا هئا. کائي پي وڃي بسترن
۾ ليٽياسين، ته منجهند جو اُٿياسين. اسان جون
موٽرون به پهچي ويون، جن ۾ چڙهي واپس اسلام آباد
پهتاسين.
مهيني ٻن کانپوءِ ڏکوئيندڙ خبر ٻڌيسون، ته چترال ۾
اسان جي ميزبان ميجر، ڪنهن ذاتي سبب جي ڪري،
خودڪشي ڪري ڇڏي!
ورندي سال اسان ”چولستان“ وياسين.
سنڌ واري ٿر جي هڪ ٽڪنڊي چوٽي پنجاب ۾ داخل ٿئي
ٿي، جنهن کي چولستان ڪوٺن ٿا. منجهس واريءَ جون
ننڍڙيون ننڍڙيون ڊٻون آهن. چولستان ۾ ”لال سنهارا“
قومي پارڪ به ٺاهيو اٿن، جنهن ۾ هزارن جي تعداد م
هرڻ ڇڏيا اٿن. ننڍڙو
Zoo
به ٺاهيو اٿن. اُن ۾ گهڻائي جانور ڏٺاسين. هڪ
جانور ٻلي کان وڏو ۽ ڪتي کان ننڍو هو. پڃري ۾ قرار
ڪو نه ٿي آيس. هيڏي هوڏي پئي ڦريو. چيائون ته
”ڏاڍو خطرناڪ آهي. اسان لڳ جي مند ۾، ٻه ڀيرا، هڪ
هڪ مادِي سندس پڃري ۾ اندر وڌي. اول ساڻس صحبت
ڪيائين، پوءِ رات جو ننڊ ۾ کائي ڇڏيائينس. صبح جو
پڃري ۾ رڳو سندس هڏا پيا هئا.“
چولستان جا ڪي نظارا - - خاص ڪري پراڻن تاريخي
قلعن جا نظارا ۽ سانجهيءَ مهل چشمن تي سون هزارن
اُٺن جو اچي گڏ ٿيڻ ۽ پاڻي پيئن - - ڏاڍا دلفريب
آهن.
اسان جو ميزبان چولستان جو ايم ڊي سيد آفتاب شاهه
هو. هن اُتي ئي شام جي چاءِ جو بندوبست ڪيو هو.
چشمي جي ڀرسان واريءَ جي ڊٻُن تي غاليچا وڇاريا
هئائين ۽ اُنهن تي ريشمي طول وهاڻا رکايا هئائين.
کائڻ پيئڻ لاءِ سڪل ميوو ۽ چاءِ جا ٿرماس رکايا
هئائين. پري کان ڀٽن تي هرڻ ڇالَ ڏيندي نظر پئي
آيا. ڀرسان وري چشمي جي ڪناري تي اُٺن جا وڳ پاڻي
پي رهيا هئا. سج لهي ٻڏي رهيو هو. آسمان ۾ شفق جي
لالاڻ هئي. - - انهيءَ منظر ۾ اسان کي چاءِ پيڻ ۾
ڏاڍو لطف آيو.
آفتاب باذوق شخص هو. ڊاڪٽر شمل مون کي ڪن ۾ آهستي
چيو ته سياڻي سعديءَ اهڙن ئي شخصن لاءِ چيو آهي:
همہ آفتاب بينم، همہ آفتاب گويم.
آفتاب شاهه شاعر هو. سو، چولستان جي وارياسن پٽن
مان پجيرو ۾ وهاري، سنڌو درياءَ جي ڪناري تي،
پنجند ريسٽ هائوس ۾ آڻي، رات ٽڪايائين.
پنجند وٽ پنجاب جا پنج ئي درياءَ گڏجن ٿا ۽ اڳتي
فقط سنڌو درياءَ وهي ٿو. آفتاب شاهه صبح سوير سنڌو
درياءَ ۾ اسان جي سير جو اهتمام به ڪيو هو، جنهن ۾
ڏاڍو لطف آيو. صبح جي ٿڌڙي هير پئي لڳي. ٻيڙيءَ جي
هلڪن هلڪن لوڏن ۾ ڏاڍو مزو ٿي آيو. مون انهيءَ وقت
ڊاڪٽر شمل کي پنهنجي منهن هيئن چوندي ٻڌو:
”هيءَ دنيا بهشت ٿي سگهي ٿي، بشرطيڪ منجهس انصاف
هجي.
ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته بهشت اهڙو هنڌ آهي، جتي ڪنهن
جو به
ڪنهن ۾ به ڪم ڪو نه پوندو- - کسي راکسي کارِ نه
باشد“.
ڊاڪٽر شمل مون سان اِهي سير ۽ سفر ورهين جا ورهيه
ڪيا. هر هڪ سفر تي پورو ”سفرنامو“ لکي سگهجي ٿو.
ڪنهن به سفر ۾، ڪڏهن به، کيس ڪنهن ڪميءَ پيشيءَ
ڪري ڪاوڙ ڪانه آئي.
جان تان خوش مزاجيءَ جو مظاهرو ڪندي هئي. منهنجو
مشاهدو اهو هو ته هڪ انسان جي حيثيت ۾ هوءَ معصوم
مزاج عورت هئي.
هڪ سال فرمائش ڪيائين ته هنگلاج ڏسون. اسلام آباد
مان هوائي جهاز ۾ چڙهياسين. ڪوٽيا وڃي لٿاسين.
سبيءَ جي ڪمشنر دعوت ڪئي هئي. سبيءَ ۾ مند موسم
اڃا ٺيڪ هئي. فيبروريءَ جون ٿڌڙيون راتيون هيون.
گرمي شروع ڪانه ٿي هئي.
ريسٽ هائوس جي بورچيءَ چيو ته ”سائين، سبيءَ ۾
فيبروري پورو ٿيو ته گرميءَ منهن ڪڍيو. بس، ڏسندي
ڏسندي، اهڙي حالت ٿي ويندي، جو يارهين بجي صبح جو
بازار ۾ بيهي گولي هلايو، ته ڪنهن کي به ڪانه
لڳندي. ڪو ماڻهو ئي ڪو نه هوندو.“
مون چيو ته ”يارَ، پوءِ ته هن وڻندڙ موسم ۾ اسان
کي چاءِ پيار.“
هن ريسٽ هائوس جي اڳيان سبزه زار تي ٽي آرام
ڪرسيون آڻي رکيون ۽ ڊاڪٽر شمل، ڪئرن ۽ مون لاءِ
چاءِ کڻي آيو. ڊاڪٽر شمل کي ڪو اوچتو خيال آيو، سو
چيائين ته، ”رباني، گذريل سال لنڊن ۾ هئس، ته سيد
عبدالواحد جي ننهن ملڻ آئي. سس جا سلام ڏنائين ۽
سندس خط سان گڏ هڪ پارسل ڏيئي ويئي، جڏهن موڪلائي
وئي ته کولي ڏٺم. اندران زيورن جو سونو سيٽ نڪتو.“
مون حيران ٿي چيو ته: ”اُهو ساڳيو؟“
چيائين ته، ”نه، پر اهڙو ئي سون جو ٺهيل ۽ قيمتي
هو.“
سبيءَ ۾ ڪمشنر ۽ سندس گهرواري سان گڏ ناشتي تي
ڪچهري ڪري، کانئن موڪلائي، ايئرپورٽ تي
آياسين.هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿياسين، بلوچستان وارا
جبل ٽپي، وڃي لسٻيلي لٿاسين. اتان جو ڊپٽي ڪمشنر
علي رضا وڏو مهمان نواز هو. خاص ڳالهه اِها ته
اهڙا لوڪ ناچ ڏيکاريائين، جهڙا شايد آفريقا جي ڪن
قبيلن ۾ اڃا هجن ته هجن.
رات جي ماني کائي واندا ٿياسين ته ڊاڪٽر شمل ڪَنَ
۾ سرٻاٽ ڪيو ته ”رباني، هِت سنڌي هندو گهڻا آهن.
ٽڪاڻي ۾ هلي سنڌي راڳ ٻڌون.“
مون کي علي رضا سان اها ڳالهه ڪندي، البت، هٻڪ ٿي.
پر، هن همت ڪئي. پاڻ به هليو ۽ فوج جو هڪ اعلى
عملدار به ساڻ کنيائين. ٽڪاڻي ۾ هندن پاپڙ پاڻي ۽
ميوو آندو ۽ ڊاڪٽر شمل کي ڪلهن تي پشمجي شال
پاتائون ۽ سندس فرمائش تي ڀڳت ڪنور جا سنڌي ڪلام
ٻڌايائون. سنڌ جي صوفي شاعر دريا خان جي ڪلام جو
هي شعر اڃا ياد اٿم:
بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو، ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي
شاه حُسُنَ تنهنجي شوق ۾، لاڳاپا ويا لهي لهي!
رات جو دير دير سان ريسٽ هائوس تي موٽياسين، ته
فوجي عملدار ڪن ۾ اچي چيو ته ”سائين اوهان جي وڏي
مهرباني.“
مون حيران ٿي کيس چيو ته ”ڪهڙي مهرباني؟“
چيائين ته ”اوهان اهو قرب نه ڪريو ها، ته اسان کي
ٽڪاڻي ۾ اندر وڃڻ جو موقعو ڪيئن ملي ها.“ چيائين
ته ”هي هندو ته ڏاڍا نماڻا ماڻهو آهن. سڀ سنڌي
سمجهن ٿا.“
مون چيو ته ”ڳالهائن به ٿا.“
صبح جو هيلي ڪاپٽر ۾ چڙهي، اچي هنگور نديءَ جي
منهن وٽ
Sea Scouts
جي هيلي پيڊ تي لٿاسين. ريسٽ هائوس ۾ چاءِ پي،
جيپن ۾ سوار ٿياسين ۽ هنگور نديءَ جو پيٽ ڏيئي اچي
اُتي پهتاسين، جتي اُٺ تيار بيٺا هئا. هيلي ڪاپٽر
مان لهي، اُٺ جي پٺيءَ تي سواري ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر شمل
کي ڏاڍو مزو آيو. اُٺَ هلندا هلندا اچي آساپوريءَ
وٽ پهتا. هنگلاج جا زيارتي اُتي پنهنجي دل جي ڪانه
ڪا آس ڪندا آهن. شمل پير مان پادر لاهي اڇلايو ۽
آس ڪئي. مون ناريل اُڇلايو ۽ ڪئرن ٻيو ڪجهه.
هنگلاج برصغير جو هڪ قديم مذهبي زيارتگاهه آهي ۽
گوتم ٻڌ به برصغير جو هڪ هاڪارو روحاني رهنما ٿي
گذريو آهي. سندس سڄو فلسفو اِنهيءَ ڳالهه تي ٻڌل
آهي ته ماڻهوءَ کي نرواڻ يا ڇوٽڪارو (Peace
of mind)
تڏهن نصيب ٿيندو، جڏهن خواهش کي ختم ڪندو.
پر، هِنگلاج ۾ ته قصوئي اُبتڙ نظر آيو.- - ”آسا
پوري“ ڪيڏو نه معنى خيز نالو آهي.
هنگلاج ڏسي، وري اچي هيليڪاپٽر ۾ سوار ٿياسين ۽
ڪراچي ۾ ايئرفورس جي اڏي تي لٿاسين. رات ڪراچيءَ
جي
P.C
۾ ٽڪياسين، يا شيرٽن ۾، اهو ياد ڪونهي.
هڪڙي ڀيري ڊاڪٽر شمل اسلام آباد ۾ آيل هئي، جنرل
رحيم الدين جي اهليه، بيگم ثاقبه صاحبه مون کي چيو
ته ”صبح جو يارهين ڌاران مون وٽ چاءِ پيو، ته ڏاڍو
سٺو.“
بيگم صاحبه سان منهنجي گهڻي عرصي کان دعا سلام
آهي. هوءَ اسلام آباد ۾ منهنجي گهر سوکڙيون
پاکڙيون موڪليندي رهندي هئي: ڪڏهن ميوو، ڪڏهن
مٺايون ته ڪڏهن گلدستا. وڏي وقار واري خاتون آهي.
پاڪستان جي هڪ اڳوني وزير تعليم، مرحوم ڊاڪٽر
محمود حسين جي ڌيءُ آهي، جنهن سان به منهنجي
نيازمندي هئي. هندستان جي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين
(مرحوم) جي ڀائٽي آهي، جنهن علامه قاضيءَ جي رحلت
تي ايوب خان کان اڳ تعزيتي بيان ڏنو هو.
بيگم صاحبه سان ’هائو‘ ڪيم ۽ ڊاڪٽر شمل کي اطلاع
ڪيم. اُنهيءَ جي اڳئين ڏينهن تي، ڊاڪٽر شمل مون کي
چئي ڇڏيو هو ته ”سڀاڻي، ڪو به پروگرام نه رکون،
مان واندي ڪانه آهيان.“
مون ائين ئي ڪيو. صبح جو سڄو وقت پنهنجيءَ آفيس ۾
ڪم ڪيم ۽ رات جو گهر ۾ آرام. ٻئي ڏينهن صبح جو
ناشتو ڪري، ڪا انگريزي اخبار پڙهيم، ته منجهس خبر
ڇپيل هئي ته ”ڊاڪٽر شمل جرمن سفارتخاني ۾ بي نظير
ڀٽي صاحبه کي لنچ تي سڏيو هو ۽ جرمن سفير سان
ملايو هو.“
جنرل رحيم الدين جي گهر ويندي ڊاڪٽر شمل ڪار ۾
اِها اخبار ڏٺي. خبر پڙهي مون کي چيائين ته ”توکان
ڪير پڇي، ته چئجانس ته هارورڊ ۾ مون سان ميل
ملاقات هيس.“
بيگم ثاقبه رحيم الدين صاحبه وٽ چاءِ پي، اسان سڌو
اسلام آباد ايئرپورٽ تي وياسين ۽ لاهور روانا
ٿياسين. ملتان جو مخدوم، سجاد حسين قريشي صاحب،
گورنر پنجاب هو. ٻئي ڄڻا ساڻس گهرا گهاٽا هئاسين.
مخدوم صاحب لنچ تي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا
ميمبر ۽ لاهور جا معزز شهري ۽ اعلى عملدار وڏي
تعداد ۾ سڏيا هئا. وڏو ٺَٺُ ڪيو هئائين. سروس لنچ
هئي. ماني کائي اُٿياسين. مهمان موڪلائي ويا، ته
اسان پنهنجن ڪمرن ۾وڃي آرام ڪيو.
مخدوم صاحب سان نويڪلي ڪچهري رات جو ڪئيسون، باغ و
بهار شخصيت جو مالڪ هو، سندس ڪچهريءَ ۾ ماڻهوءَ تي
جادو ٿي ويندو هو. انگريزي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي
ڳالهائيندو هو. کل ڀوڳَ ته سندس گفتگو ۾ گلن وانگر
ٽڙندا هئا. مون اهڙو ٻيو ماڻهو ڪاٿي به ڪو نه ڏٺو.
(ڊاڪٽر شمل پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ جيڪي تصويرون
وڌيون آهن، تن ۾ هڪ پير صاحب سان آهي ۽ ٻي مخدوم
صاحب سان اٿس ۽ ٻيون ٻين سان)، انهيءَ ڪچهريءَ ۾
مخدوم صاحب اهڙيون ته مزيدار ڳالهيون ٻوليون ڪيون،
جو ڊاڪٽر شمل جي اکين مان کلي کلي ڳوڙها وهي آيا.
صبح جو ناشتو ڪري، اسلام آباد واپسيءَ لاءِ تيار
ٿي رهيا هئاسين، ته مخدوم صاحب منهنجي ڪمري ۾ آيو
۽ خوش خير عافيت ڪري چيائين ته ”پنهنجا ڪي حال
احوال ڏيون وٺون.“
مون انگريزي اخبار کڻي سندس اڳيان رکي. پڙهي حالي
ته چپ ٿي ويو. پوءِ رازداريءَ ۾ چيائين ته ”رباني،
پنهنجو ڇا وڃي؟“
مون کي سندس صلاح وڻي ۽ ڪنهن سان به وري ان ڳالهه
جو ذڪر نه ڪيم پر ٻن ٽن کانپوءِ به صديق سالڪ
مليو، ته پاڻ ئي انهي ئي خبر جو ذڪر ڪندي، چيائين
ته، ”مون صدر سان ڪوئيٽا ويندي، هوائي جهاز ۾
ڳالهه ڪڍي هئي، جنهن ساڄي کاٻي ڪنڌ لوڏي، مرڪي
اشارو ڪيو ته ”هيئن به ۽ هونئن به.“
مون خدا جو شڪر ڪيو، جو ڊاڪٽر شمل مون کي جرمن
سفير ۽ محترمہ بينظير ڀٽي جي سياسي گفتگوءَ ۾ ملوث
ڪو نه ڪيو.
ملڪ ۾ محترمه بينظير صاحبه جي حڪومت آئي، ته سائين
غلام مصطفى شاهه وزير تعليم هو. مون کيس چيو ته
”هن سال، اوهان وزير تعليم جي حيثيت ۾، اسان جي
اديبن جي اڳواڻ طور، چين جو چڪر ڏئي اچو. مون چيني
سفارتخاني سان ڳالهائي، سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو
آهي.“
شاهه صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ فوراً ’هائو‘ ڪيائين.
پر، جڏهن وزيراعظم سان ڳالهه ڪيائين ته هن چيس ته
’مخالف ڌر وارن جا ارادا نيڪ ناهن. سو، مان سمجهان
ٿي ته اسان جي پارٽيءَ جو ڪو به اهم ماڻهو ملڪ کان
ٻاهر نه وڃي.‘
شاهه صاحب مون کي فون تي اِها ڳالهه ڪري چيو ته،
”هاڻي، تون ئي وڃي اديبن کي چين گهمائي اچ.“
مان ته اڳي ئي چين مان ٿي آيو هئس. ٻيهر وڃڻ تي دل
ڪانه هئم. پر، هاڻي وڃڻو پيو. هفتو کن ٽڪي، پنهنجي
هڪ دوست اديب کي وفد جو ’ڊپٽي ليڊر‘ مقرر ڪري، پاڻ
پاڪستان موٽي آيس.
پر، مان اڃا پاڪستان ڪونه پهتو هئس. ته ڊاڪٽر شمل
پهچي وئي هئي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي ايڪيڊمي جو
اعلى عملدار ڪئبينيٽ ڊويزن مان مرسڊيز ڪار ڪاهي،
سندس استقبال لاءِ ويو. هوءَ ڪار ۾ ويٺي، ته اِهو
ڏسي البت مايوس ٿي ته سندس گاڏيءَ جي اڳيان ۽
پٺيان هلندڙ ساين ڳاڙهين بتين وارا موبائيل ۽ سفيد
يونيفارم ۾ ملبوس پوليس پائلٽ ته آهن ئي ڪو نه.
پر، ايڪيڊمي جي آفيسر جو اُن ۾ ڪو به ڏوهه ڪونه
هو. اِهو سڄو بندوبست ته مان پاڻ ڊاڪٽر شمل سان
ذاتي عقيدت جي ڪري، شخصي لڳ لاڳاپا استعمال ڪري،
ڪندو هئس. فوج مان هيليڪاپٽر به ائين ئي وٺندو
هئس. ڪڏهن ڪڏهن مرحوم محمد خان جوڻيجي جي پي آر او
مسٽر علي محمد چنا کان به مدد وٺندو هوس. ورهين
کان منهنجو پيارو يار آهي. ڄامشوري ۾ سائين غلام
مصطفى شاهه جي سرپرستيءَ ۾ مدد سان سنڌي ادبي بورڊ
جون موجوده جايون جوڙايون هئم ته اسلام آباد ۾،
بنيادي طرح برادرم علي محمد چنا جي مدد سان ئي
ايڪيڊميءَ لاءِ ٻه ايڪڙ مليل زمين تي ايڪيڊميءَ جي
موجوده عمارت جوڙايم.
ايڪيڊميءَ جو اعلى عملدار ڊاڪٽر شمل کي آفيس ۾ وٺي
ويو، جتي سندس مان ۾ ڏهه ويهه اعلى اديب چاءِ تي
سڏيا هئائين. ڊاڪٽر شمل اسلام آباد ۾ ڏينهن ٻه رهي
لاهور وئي. اُتي ڏينهن ٻه ٽڪي ڪراچيءَ وئي. مان
جڏهن چين مان موٽي پاڪستان پهتس، ته هوءَ ڪراچي ۾
هئي. پر ڏينهن ٻن ۾ جرمنيءَ هلي وئي.
ٻئي سال پاڪستان ڪانه آئي. پر، مون کي سندس نياپو
مليو ته ”مون کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت
کپي.“
مون وڃي ڪئرن سان صلاح ڪئي. چيومانس ته ”صدر
پاڪستان جو جاري ڪيل فرمان ته ايڪيڊميءَ ۾ موجود
آهي. انهيءَ جي بنياد تي هوءَ اسٽيٽ گيسٽ“ جي
حيثيت ۾ پاڪستان ۾ ايندي رهي آهي. اهو فرمان اڃا
منسوخ ڪو نه ٿيو آهي. هاڻي، هن سال ايڪيڊميءَ جو
ڪو به عملدار ان فرمان جي مٿان پنهنجو فرمان ڪهڙي
حيثيت ۾ جاري ڪندو؟“ ڪئرن کي چيم ته ”جيئن هميشہ
ايندي آهي، تيئن هن سال به سرڪاري دوري تي هلي
اچي. ايڪيڊمي ئي سندس بندوبست ڪندي.“
ڪئرن چيو ته، ”تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. پر، هوءَ
منجهيل آهي.“ رازداريءَ ۾ ٻڌايائين ته ”محترمه
بينظير صاحبه پاور ۾ آئي، ته هڪ ڀيري اسلام آباد ۾
ڪنهن ادبي جلسي ۾ صدارت ڪرڻ آئي. ڊاڪٽر شمل به
اُنهيءَ جلسي ۾ مدعو ٿيل هئي. سامعين جي پهرينءَ
صف ۾، مون سان گڏ، سندس سامهون ويٺي هئي. اوچتو
جلسي هلندي، پنهنجيءَ ڪرسيءَ مان اٿي کڙي ٿي ۽
اسٽيج جا ٻه ٽي ڏاڪا چڙهي، وزيراعظم وٽ پهتي. کيس
هڪ ڪتاب تحفتاً پيش ڪيائين. جلسي جا منتظم ڪجهه
پريشان ٿيا، پر، تيسين هوءَ ڏاڪن تان لهي واپس
اچي، پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي ويٺي.“
مون ڪئرن کي چيو ته، ”مان ڪاٿي هئس؟“
ڪئرن چيو ته ”تون اڃا چين ۾ هئين.“
ڪئرن چيو ته، ”محترمه بينظير صاحبه ساڻس ملي. ڪتاب
جو شڪريو ادا ڪيائين. پر کيس چاءِ جي ڪوپ جي به
دعوت ڪانه ڏنائين. جنرل ضيا، وزيراعظم محمد خان
جوڻيجو ۽ صوبن جا گورنر ته سندس مان ۾ ڊنر ۽ لنچ
ڏيندا هئا. شمل ٻار ڪانهي. سڀ ڪجهه سمجهي ٿي. سو،
مان ته ڀايان ٿي ته هاڻي هوءَ پاڻ مرادو پاڪستان
جي سرڪاري دوري تي ڪانه ايندي.“
ڪئرن جو انديشو صحيح نڪتو. ڊاڪٽر شمل پاڪستان جي
سرڪاري دوري تي وري ڪانه آئي.
ڊاڪٽر شمل سنڌ جوآخرين ديدار وري به مون سان گڏ
ڪيو. سو، هيئن ته مسٽر آخوند ڪراچي ۾ مون کي چيو
ته ”ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر شمل اقبال ايڪيڊميءَ جي دعوت
تي لاهور اچي رهي آهي. حيدرآباد ۾ پاڻ وٽ به ليڪچر
ڏئي ته سٺو.“
مون چيو ته، ”ڪوشش ڪري ڏسان.“
ڊاڪٽر شمل کي جرمنيءَ ۾ نياپو موڪليم. جواب
موڪليائين ته ”رباني کي چئو، ته منهنجو پروگرام ته
اڳ ئي فائينل ٿيل آهي. پر، تنهنجو پيغام پهتو.
حاضر، ٻه ڏينهن اڳي ڪراچيءَ ايندس، پوءِ گڏجي
حيدرآابد هلنداسين.“
ستت، جرمنيءَ مان ڪراچيءَ پهتي. ڏاڍيءَ سڪ سان
ملي. پنهنجو نئون ڪتاب تحفي طور کنيون آئي.
صبح جو سوير، يوسف ٽالپر صاحب پنهنجي ڪار موڪلي
ڏني. مون اڳيئي ساڻس ڳالهه ڪئي هئي. گوئٽي
انسٽيٽيوٽ جي مسز زمان کي به ڊاڪٽر شمل جي ڪمپني
ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو هئم. هوءَ به جرمن خاتون هئي.
ڪنهن پاڪستانيءَ سان پرڻجي آئي هئي. اسان ٽئي ڄڻا
ٺٽي واري رستي کان حيدرآباد روانا ٿياسين.
ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان حيدرآباد جي سفر ۾ ٻه
ڳالهيون دلچسپ ڪيون. پهرين ڳالهه هيءَ ته سامهون
ايندڙ ٽرڪن کي اهي ڪاريون اڳڙيون ٻڌل ڇو آهن، جيڪي
پري کان جهنڊين وانگر، هوا ۾ ڦڙڪنديون نظر اچن
ٿيون؟
مون چيو ته، ”سچي ڳالهه اِها آهي ته مون کي به خبر
ڪانهي. پر اوهان وانگر ڀانيان ٿو ته اهو ڪاريءَ
نظر کي ٽارڻ لاءِ هڪ سوڻ آهي.“
ٻي ڳالهه اهڙي ڪيائون، جيڪا مغرب ۽ مشرق جي سوچ ۾
نمايان فرق جي نشاني آهي. مون چيو ته ”اسان وٽ
ازدواجي زندگي برقرار آهي، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه
آهي. مغربي معاشرو اندران ئي اندران ڀڄي ڀُري،
ريزه ريزه ٿي رهيو آهي.“
ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان ٻنهي چيو ته، ”اوهان وٽ به
سڀ مرد ۽ زالون هڪٻئي مان خوش ڪونهن. ڪيتريون ئي
زالون ۽ مڙس هر ۾ جوٽيل ڏاندن جي جوڙي وانگر مجبور
آهن.“ ٻنهي چيو ته ”جڏهن زال مڙس رضا خوشي سان گڏ
گذاري نٿا سگهن، ته پوءِ ڪنهن مصلحت ڪري، هروڀرو
گڏجي زندگي گذارڻ مان فائدو؟“
منهنجو خيال هو ته مغرب ۾ طلاق جيڪا وبائي صورت
اختيار ڪئي آهي، ۽ ٻارڙا
Single Parents
جي جنهن ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ پلجي وڏا ٿين ٿا، تنهن
مغربي معاشري کي ضرور احساس ڏياريو هوندو ته طلاق
جو شوق کين مهانگو پيو. پر، ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان
ٻنهي ان جي ابتڙ راءِ ڏني.“
ائين ڳالهيون ڪندا ڪينجهر ڍنڍ وٽ اچي پهتاسين. هڪ
هٽ (HUT)
۾ هٿ منهن ڌوئي، ڪلچر کاتي جي لنچ کاڌيسون. ڪجهه
دير آرام ڪري، اول مڪليءَ ۾ پير صاحب جي مزار تي ۽
پوءِ ڪينجهر ۾ نوريءَ جي مزار تي حاضري ڏنيسون.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ مسز زمان جي رات جي ٽڪڻ جو
بندوبست مون هوٽل انڊس ۾ ڪيوهو ۽ ٻنهي لاءِ وي آءِ
پي ڪمرا ورتا هئم جي مهانگا پر سٺا هئا.
ڊاڪٽر شمل صبح سان چيو ته ’شاهه سائينءَ جي مزار
تي حاضري ڏئي اچون.‘ سڌا، ڀٽ شاهه هليا وياسين.
شاهه سائين جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏئي، ريسٽ
هائوس ۾ اچي لنچ کاڌيسون، جنهن جو انتظام به ڪلچر
کاتي ڪيو هو. ڀٽ شاهه جي ريسٽ هائوس ۾ مسٽر آخوند
پاڻ به اچي ڊاڪٽر شمل سان مليو ۽ سانس ڪچهري
ڪيائين. جڏهن کانئس موڪلائي ويو ته ڊاڪٽر شمل
اوچتو مون کي هالا گهمائڻ جي فرمائش ڪئي.
مون کانئس ڪلاڪ کن جي اجازت وٺي، فون تي وٺ وٺان
ڪري پنهنجن دوستن کي هالن ۾ ڄاڻ ڪيو، جن سڄو
بندوبست ڪري ڇڏيو. هالين پهتي ته گلن جي هارن ۽
دهلن دمامن سان سندس استقبال ٿيو. شاهي بزار
گهميائين، ته کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا هشام گڏ ٿي
ويا. دڪانن تي چڙهي ته منهنجن دوستن سندس اڳيان
سنڌي سوکڙين ۽ تحفن جا ڍير ڪري ڇڏيا.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شمل جي دوري جا مکيه پروگرام ٻه
هئا: ”هڪ سندس ليڪچر“ ۽ ٻيو ”ڪل سنڌ
خواتين مشاعرو“، جنهن جو انتظام سنڌي ادبي
بورڊ، ڪلچر کاتي جي تعاون سان ڪيو هو. ڪلچر کاتي
انهيءَ موقعي تي سنڌي موسيقي جي هڪ محفل جو به
انتظام ڪيو هو.حيدرآباد
۾ ڊاڪٽر شمل جو دورو پورو ٿيو، ته اسان ڪراچيءَ
موٽياسين. يوسف صاحب کي لنچ لاءِ چئي ڇڏيو هئم،
سڌو سندس بنگلي تي وڃي لٿاسين، سندس اهليه ڊاڪٽر
شمل سان اڳيئي متعارف ٿيل هئي، سو، هيئن جو ٻه ٽي
سال اڳ جرمني جو صدر پاڪستان جي دوري تي آيو هو ته
جرمن صدر جي اهليه جي
Lady in waiting
جا فرائض بيگم يوسف صاحبه کي سونپيا ويا هئا.
ڊاڪٽر شمل به پنهنجي ملڪ جي صدر سان گڏ آئي هئي ۽
يوسف صاحب جي بيگم سان اُتي متعارف ٿي هئي. اسان
وٽن پهتاسين، ته خوش خير عافيت ڪري، ميز تي ماني
رکايائون. شاندار لنچ کارائيون ۽ وڏي وقار سان
ڪچهري ڪيائون. موڪلائڻ مهل يوسف صاحب، پنهنجي
اهليه جي ڊاڪٽر شمل سان گڏ ڪڍايل هڪ تصوير
Autograph
ڪرائڻ لاءِ ڏني، جا مون ڊاڪٽر شمل کان شام جو هوٽل
تي ڪرائي، کين موڪلي ڏني. |