ڊاڪٽر شمل اِنهيءَ ڀيري حسين شاهه جي گهر ڪانه ٽڪي
هئي. سو يوسف صاحب وٽان ماني کائي شيرٽن هوٽل تي
آياسين. مسز زمان اُتان ئي سِڌي پنهنجي گهر رواني
ٿي. مان ڊاڪٽر شمل کي سندس ڪمري ۾ وٺي ويس ۽ صبح
جو پروگرام پڇيم. چيائين ته، ”اقبال ايڪيڊميءَ جي
جلسي لاءِ سويرو لاهور وڃڻو اٿم. سو، تون ڀلي
حيدرآباد هليو وڃ.“ - - مان هميشه وانگر کانئس ادب
سان موڪلائي، حيدرآباد هليو آيس.
ڊاڪٽر شمل جو اهو سنڌ جو آخرين ديدار هو
۽ منهنجي اها ساڻس آخرين ملاقات هئي.
اڄ جڏهن هوءَ هن جهان ۾ موجود ڪانه آهي، تڏهن سندس
ڳالهيون ياد اينديون اٿم. ٿڌو ساهه ڀري پاڻ کان
پڇندو آهيان ته ”اهڙا ڀلا ماڻهو هن دنيا مان هڪ هڪ
ٿي، الائي ڇو ۽ الائي ڪاڏي هليا ويا؟“
پاڪستان گويا سندس وطن هو. ملڪ جي چئن ئي صوبن جي
ننڍن وڏن شهرن ۾ سندس بيشمار مداحَ موجود هئا. پر،
جرمنيءَ کانپوءِ سندس ٻيو گهر ”سنڌ“ هئي. سنڌ جي
ماڻهن سان بي پناهه محبت هئس. ڀٽائيءَ جي لفظن ۾
چئبو ته: ”سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه“.
هڪڙي ڀيري لاهور ۾ گورنر هائوس مان ايئرپورٽ وڃي
رهيا هئاسين، ته چيائين ته، ”رباني، جهاز ۾ اڃا
ڪجهه ٽائيم آهي. پاڻ جيڪر ميان مير جي مزار تي
حاضري ڏئي اچون. پنهنجو سنڌي آهي.“
مون سندس حڪم جي تعميل ڪئي. ڊرائيور کي گاڏي
ڦيرائڻ لاءِ چيو. پر، سندس لفظن ’پنهنجو سنڌي آهي‘
تي ويچار ڪيم ته دل ۾ چيم ته ”اڄ گهڻا اهڙا سنڌي
آهن، جن کي اها خبر آهي ته جهانگير، شاهجهان ۽
داراشڪوه، ٽن مغل بادشاهن ۽ شهزادن ۽ هزارين عام
ماڻهن جو مرشد ۽ محبوبُ جيڪو لاهور ۾ آسوده خاڪ
آهي. سو سندن سنڌي ڀاءُ آهي!“
ٻئي دفعي چيائين ته، ”رباني، هر انسان وانگر مان
به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اوکيءَ ۾ هوندي آهيان ته رب پاڪ
جي ”اسماء الحسنى“ جو ذڪر ڪندي آهيان.“
هڪ دفعي چيائين ته، ”توکي خبر آهي ته تسبيح کي
انگريزي ۾ ڇا چوندا آهن؟“
مون چيو ته، ”نه“.
چيائين ته: ”Rosary“.
مون کيس هڪ دفعي موڊ ۾ ڏسي صلاح ڏني ته سنڌ تي
اوهان جي ليڪچرن ۽ مضمونن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾
ڇپائجي. پاڻ هائو ڪيائين ۽ ڪم ۾ هٿ وڌائين.
Pearls from the Indus
ڪتاب جو نالو پاڻ ئي رکيائين. مون کيس اشاراً عرض
ڪيو ته ”رايلٽي يا ڪو نذرانو پيش ڪجي ته توهان کي
اعتراض نه ڪو نه ٿيندو.“ اهو ٻڌي، ڏک جو اظهار
ڪيائين. مون معذرت ڪئي. هوءَ صحيح معنى ۾ سنڌ جي
علمي ۽ ادبي خذمتگار هئي.
هڪ دفعي وري مون کيس چيو ته سنڌ ۾ ’تصوف‘ جيڪا غير
معمولي ڪاميابي ڪئي آهي، اهڙو مثال اوهان ٻئي ڪنهن
هنڌ ڏٺو؟“ مثلاً، سنڌ ۾ ڪي هندو مريد پنهنجي
مسلمان مرشد کان وظيفا وٺي، اُنهن جو ذڪر ڪندا آهن
۽ ڪي ته وفات کانپوءِ پاڻ کي مرشد جي قدمن ۾
پورائيندا آهن. مثلاً سچل جي پيرانديءَ ۾ نماڻي
فقير جي تربت آهي، جيڪا هندو عورت هئي ۽ سچل سائين
جي مريد هئي.“
چيائين ته ”ڪٿي به نه.“
پاڻ عقيدي جي لحاظ کان عيسائي هئي يا مسلمان، اِن
باري ۾ منهنجو خيال آهي ته ’صوفي مزاج‘ جي هئي.
تصوف هر مذهب ۾ موجود آهي. پر، هوءَ اسلامي تصوف
کان متاثر هئي. سنڌ ۾ قلندر لعل شهباز ۽ شاهه
ڀٽائيءَ سان عقيدت هئس. شاهه سائين روميءَ کان
متاثر آهي. هوءَ ته روميءَ جي عاشق هئي. روميءَ تي
سندس هڪ ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. نالو اٿس.
YOU ARE WIND: I AM FIRE”.“
ڊاڪٽر شمل جي اصل ڪاميابي عيسائي ۽ اسلامي تهذيبن
جي وچ ۾ پُلِ ٺاهڻ آهي، ته جيئن ٻنهي مذهبن جا
پوئلڳ هڪٻئي جي ويجهو اچن. هوءَ ان معاملي ۾ به
روميءَ جي پيروڪار هئي، جنهن جي روضي تي هڪ قول
درج ٿيل آهي ته ’تون عيسائي آهين يا مسلمان،
منهنجا دروازا تولاءِ کليل آهن.‘ - - هوءَ
’احترامِ آدميت‘ کي اوليت ڏيندي هئي. رب پاڪ کي
”رب العالمين“ سمجهندي هئي.
پير صاحب جي چوڻ موجب ارڙهن ٻوليون ڄاڻندي هئي.
جرمن ته سندس مادري زبان هئي، پر انگريزي تمام
آسانيءَ ۽ روانيءَ سان
ڳالهائيندي هئي ۽ ڪجهه فرينچ پڻ. هڪ حد تائين عربي
به ڳالهائي ويندي هئي. عربي پڙهڻ تي مڪمل عبور
هئس. ترڪي سٺي ڄاڻندي هئي. فارسي ڳالهائيندي گهٽ
هئي پر سمجهندي سو فيصد هئي. اردو ۽ سنڌي لکي پڙهي
ويندي هئي ۽ ڪي ڪي جملا به ڳالهائي ويندي هئي.
ڪراچي ۾، ڪڏهن هوٽل مثلاً، پي سي يا شيرٽن ته ڪڏهن
پيار علي الانا جي گهر يا پير صاحب جي وفات
کانپوءِ حسين شاهه جي گهر ٽڪندي هئي. لاهور ۾ جسٽس
جاويد اقبال جي گهر ۽ اسلام آباد ۾ جرمن سفير وٽ
رهندي هئي. ڪوشش ڪري، سٺيءَ کان سٺيءَ هوٽل ۾ به
ٽڪڻ کان پاسو ڪندي هئي. پر، جي هوٽل ۾ ٽڪڻو پوندو
هئس، ته ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط اول ايئرڪنڊيشنر بند
ڪندي هئي.
صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي سرڪاري دعوتن ۾ يورپي
لباس پائيندي هئي. هونئن، عام طرح ملڪ ۾ سلوار
قميص پائيندي هئي. اسلام آباد ۾ مسز ثريا فرمان
شاهه، قيصرا علوي ۽ حيدرآباد ۾، ڊاڪٽر نسرين
جوڻيجو کيس سلوار قميص جا زنانا سوٽ سبي ڏينديون
هيون.
سنه 1966ع ۾ حڪومت پاڪستان کيس ”ستاره قائداعظم“
ڏنو ۽ سنه 1998ع ۾ کيس ”بين الاقوامي اقبال
ايوارڊ“ ۽ سون جو تمغو ڏنو.
جڏهن اسي سالن جي ٿي، ته جرمني جي بون شهر ۾،
نامور شهرين جي لسٽ ۾ سندس نالو ’سونهري ڪتاب‘
(Golden-Book)
۾ درج ڪيائون، جيڪو اُتان جو غير معمولي اعزاز
آهي.
انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته، ”ايندڙ واقعن جا پاڇا
اڳواٽ پوندا آهن.“ هڪ ڀيري سبيءَ ۾ هئاسين ته ڪنڌ
مٿي کڻي، تارن ڀرئي آسمان ڏي نهاري، ٿڌا ساهه
ڀريائين.
مون چيو ته، ڊاڪٽر صاحبه، خير؟“
ڏک مان چيائين ته، ”رباني، منهنجا سڀ پيارا دوست
هاڻي آسمان ۾ آهن!“
جڏهن پاڻ به هي جهان ڇڏي ويئي، تڏهن حيدرآباد ۾
سندس ياد ۾ ٻه تعزيتي جلسا ٿيا: هڪ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي
آڊيٽوريم ۾، ٻيو سنڌ ميوزيم ۾ ڪلچر کاتي ۽ سنڌي
ادبي بورڊ گڏجي ڪيو. ٽيون تعزيتي جلسو اقبال
ايڪيڊميءَ لاهور ۾ ڪيو ۽ ڊئريڪٽر مون کي لاهور اچڻ
لاءِ زور ڀريو. جسٽس جاويد اقبال جا سلام ڏنائين.
جلسو لاهور جي ”ايوان اقبال“ ۾ ٿيو، جنهن ۾ مقامي
ماڻهن سان گڏ ڪي پاڪستاني سفارتي نمائندا به شريڪ
ٿيا. جسٽس جاويد اقبال صدارت ڪئي ۽ مون کي ’خاص
مهمان‘ ڪيائون. جسٽس جاويد اقبال جي بيگم ناصره به
موجود هئي، جنهن مون کي چيو ته
”مڪليءَ تي جتي کيس دفن ٿيڻ جي خواهش هئي، اُتي
سندس ياد ۾
جيڪڏهن ڪو خوبصورت ڪتبو لڳل هجي ته ڏاڍو سٺو.“
لاهور ۾ اقبال ايڪيڊميءَ جي جلسي مان فارغ ٿي، مان
سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم سان اسلام آباد هليو ويس ۽
ڪئرن وٽ ڏينهن ٻه ٽڪيس. سمورو وقت ڊاڪٽر شمل جون
ڳالهيون ڪندا رهياسين. گذريل زمانن مجلسن ۽
مسافرين جو سِڪَ سان ذڪر ڪندا رهياسين. ڊاڪٽر شمل
جي پوين ڏينهن جو احوال ڏيندي، ڪئرن ٻڌايو ته:
”پاڻ ٻه دفعا حادثي جو شڪار ٿي، هڪ ڀيرو آپريشن
ٿيس ته هڏو جڙي ويو، ايتري چاق چڱي ڀلي ٿي، جو
گذريل سال ايران ويئي ۽ تهران ۾ عورتن جي
يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ورتائين. هن
سال پاڪستان اچڻ جو ارادو هئس، جو وري حادثو پيش
آيس. سندس ٻيو آپيرشن ٿيو، پر ڊاڪٽرن سندس وڏيءَ
عمر جو خيال ڪو نه ڪيو. هوءَ اسي ورهين کان مٿي
عمر جي هئي. ڏاڍي ضعيف هئي. ٻئي آپريشن جو عذابُ
سهي ڪانه سگهي. هوش ۾ ئي ڪانه آئي. فقط هڪ ڀيرو
سندس واتان هڪ لفظ نڪتو:
”امان
(Mama).“
ڪئرن ٻيون به ڪيئي ڳالهيون ٻڌايون، جي سڀ حافظ جي
دلسوز صدا جو تفسير هيون:
آسمان بار امانت نتوانست کشيد
قرعه فال بنام من ديوانه زدند
ڊاڪٽر شمل هاڻي پنهنجي آبائي وطن جرمنيءَ جي بون
شهر ۾، پنهنجيءَ مٺيءَ ماءُ سان گڏ، هڪ قبرستان جي
سناٽي ۾ ابدي آرام ۾ آهي. هر غم ۽ هر خوشيءَ کان
بي نياز! آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ته ڇا ۽ جي
اڻٽيهينءَ جي اونداهي هجي ته ڇا! ڪڪر ڪارونڀار ڪري
اچن وڏڦڙا وسن ته ڇا ۽ جي پياسي ڌرتيءَ تي هڪڙي
ڦڙي پوڻ کانسواءِ ئي مينهن موٽي وڃن ته ڇا!
ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾:
ڌريان ئي ڌارَ، جي قضا ڪپي اڌ ڪيا،
تن سُڪن ڪهڙي سارَ، ته اٺا مينهن ملير ۾.
هِتِ، ’بقا‘ فقط ’فنا‘ کي آهي. هر ’وجُودُ‘ اڳي
پوءِ ’عَدَمَ‘ ۾
بدلجي وڃي ٿو. ڄڻ ته ڪڏهن هئوئي ڪو نه. قرآن ڪريم
جو ارشاد آهي:
کُلُ مَن عليها فان• ويبقى وجہ ربک ذوالجلال
والاکرام
جيڪي به (زمين تي) آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي، ۽ رڳو
تنهنجي
پالڻهار جو مُنهن قائم رهندو، جيڪو جلال وارو ۽
ڪَرَمَ وارو آهي.
هِنَ جهان جو معمو ته نه اڳي سمجهه ۾ آيو هو، ۽ نه
وري هاڻي ڪا ڪَلَ آهي. گذريل ويهينءَ صديءَ ۾،
ڊاڪٽر شمل جي ئي هڪ هم وطن سائنسدان آلبرٽ
آئنسٽائين جي دنيا تي ڌاڪ هئي. پنهنجين يادگيرين
جي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:
”هر انسان هن جهانَ ۾ هڪ مختصر مسافريءَ لاءِ اچي
ٿو.
پر، ڇو اچي ٿو ۽ ڇالاءِ اچي ٿو، تنهن جي ڪابه خبر
ڪانهي.“
اڪثر مسافر زندگيءَ جو بار، پنهنجن ڪلهن تي کڻي،
دنيا جي صحرا ۾ هلندي هلندي گمناميءَ ۾ غائب ٿي
وڃن ٿا. پر، ڪي پنهنجيءَ مسافريءَ کي معنى ڏين ٿا:
”وقت جي واريءَ تي پنهنجن قدمن جا نشان ڇڏي وڃن
ٿا.“
ڊاڪٽر شمل اُنهن ئي عظيم انسانن جي قبيلي مان هئي.
هن زندگيءَ جي رهگذر تي قدم قدم تي يادگار ڇڏيا.
صحرا جي اونداهين ، مشرق توڙي مغرب ۾، علم جون
شمعون روشن ڪيون. هن يورپ جي تجلا ڏيندڙ زندگيءَ
کي ڇڏي، سنڌ جي برن، پٽن، پوٺن ۽ ٿرن سان دل لاتي.
سنڌ جي ٻولي سکي ۽ سنڌ جي سورمن تي ڪتاب لکيا.
پنهنجيءَ پر ۾ ڄڻ ته سنڌ کي اُجاري ڇڏيائين. - -
مبارڪ آهن اُهي اکيون، جن کيس ڏٺو ۽ وڏا ڀاڳ تن
جا، جن سندس گفتگو ۽ گفتار ٻڌي.
سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ هوءَ مصر جي اهرامن وانگر
”پر اسرار عظمت“ جو هڪ ”لافاني يادگار“ ٿي رهندي.
”سترهينءَ صديءَ جي ٻئي اڌ دوران مُلڪان مُلڪ
مشهور ٺٽي جو زوال شروع ٿي چڪو هو. اُن جو هڪ ڪارڻ
اِهو هو ته مغل گورنرن ٺٽي ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني
هئي. ٻيو سبب اهو هو ته سنڌو درياهه پنهنجو رخ
بدلائي هن شهر کان گهڻي وٿيءَ تان وهڻ لڳو هو. سن
1652ع ۾ مغل حڪومت ٺٽي ۾ ضربخانو قائم ڪيو هو.
اُنهيءَ زماني ۾ ٺٽي جي آدمشماري ٻه لک اسي هزار
هئي. تجارتي آمد رفت واسطي هتي چاليهارو هزار
ٻيڙيون، چار هزار آڏاڻا ۽ ويهه هزار ٻيا هنرمند ۽
ڪاريگر هئا، جيڪي واپارين کان سواءِ هئا. جيڪڏهن
اسان چاليهه هزار ٻيڙين کي وڌاءُ سمجهون، ته فقط
چاليهن ٻيڙين جو تجارتي مال سان ڀرجي روزانو روانو
ٿيڻ به وڏي ڳالهه سمجهڻ کپي. هنن حقيقتن مان سمجهڻ
کپي ته 1700ع ڌاري ٺٽو تمام وڏو بحري بندر هو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُر ”سامونڊي“
۾ پڻ هن بندر جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ هي
عظيم شاعر هن ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو ته سنڌ جا
وڻجارا سري لنڪا عدن ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن تائين
ويندا هئا ۽ پاڻ سان گڏ موتي، گرم مصالحا ۽ قيمتي
پٿر آڻيندا هئا. سن 1699ع ۾ هڪ يورپين ڪئپٽن اسڪاٽ
هئملٽن هن شهر ۾ آيو هو. سندس بيان آهي ته ٺٽي ۾
چار سؤ مدرسا هئا. سندس معلومات موجب اُن کان ٽي
سال اڳ هن شهر ۾ پليگ جي بيماري پئي هئي، جنهن ۾
اسي هزار ماڻهو مري ويا هئا، جن ۾ وڏو تعداد
هنرمند ڪورين جو هو.“ – ڊاڪٽر ائنيمري شمل
[”پير حسام الدين راشدي يادگار ليڪچر“ – 1982ع مان
ورتل]
غريبن جي جهوپڙي
ڇانگي ڇَنو اڏيائون جو لامن لکن منجهان،
سادو اجهو سٽيائون، پراڻن پکن منجهان،
ڪاڍو ڪڍيائون ڪڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان،
پورهيو پٽيائون پاڻ ۽ سرتين سُکن منجهان،
مفتي مدد تي آيا، مچي مڙس ٿي مِڙي،
الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
سج چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي وِٿين منجهان،
ترڪيو اچن ٿا تِروِرا تارن ڪتين منجهان،
ڀُڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان،
قدرت سندي ڪمال صحت لاءِ سوکڙي،
الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
جنهن ۾ جشن مچي مٺي ڍوڍي جُوار تي،
سادو گذر وجهي نه طبيبن تنوار تي،
پورهيو وجهي ٿو واڌ وڏيريءَ ڄمار تي
غالب پوي نه حرص، خوشيءَ کي خمار تي،
”بيوس“ جتي جلائي نه چنتا جي چُوچڙي،
الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
-
- ڪشنچند ’بيوس‘
”جڏهن آءُ ڏسان ٿو ته هزارين ماڻهو ملي پنهنجي
ضمير کي لتاڙين ٿا،هڪ ڪاغذ تي لکيل حڪم ڪڍي پنهنجن
ڀائرن جا حق غضب ڪن ٿا، تڏهن آءٌ مٿن لعنت ڪريان
ٿو. منهنجي زبان کي سخت سمجهيو وڃي ٿو – پر آءٌ
’سچائيءَ‘ جهڙو سخت آهيان ۽ ’انصاف‘ جهڙو بي لحاظ:
آءٌ آزادي جي باري ۾ نڪي نرم ڳالهائي سگهان ٿو،
نڪي نرم لکي سگهان ٿو: آءٌ هڪ انچ به پوئتي هٽڻ
لاءِ تيار نه آهيان. آءٌ چاهيان ٿو ته نڪي منهنجي
مرضيءَ خلاف ڪو مون تي حڪومت ڪري ۽ نڪي ئي آءٌ
ڪنهن ٻئي لاءِ ائين ڪريان. هڪ شخص جي آزادي کسڻ
سبب ساريءَ دنيا جي آزادي خطري ۾ پئجي وڃي
ٿي: ان ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجو مقصد اِهوئي
مقرر ڪريون ته ’آزادي – سڀن لاءِ، هر هڪ لاءِ ۽
هميشہ لاءِ.‘“ – لايڊ گيريزن. |