ساهتيءَ
جا استاد
[تبصرو]
شڪايتون عام آهن: هڪڙي پاڻي جي ۽ ٻي تعليم جي.
پاڻي جسم جي غذا آهي، ته تعليم وري روح جي. سنڌ ۾
ٻيئي ناياب آهن.
آزادي کانپوءِ عام طرح اوڀر پاڪستان جي رهاڪن کي
پٺتي پيل، سُڃا، سکڻا ۽ بُکيا سڏيو ويندو هو، پر
اُهي ساڳيا بنگالي هاڻي اسان کان گهڻو بهتر آهن.
هنن وٽ پڙهيل لکيل ماڻهن جو تعداد به اسان کان
تمام گهڻو مٿي بيٺو آهي.
آزادي جي پنجاهه سال گذرڻ کانپوءِ به پاڪستان جي
موجوده چئن پرڳڻن ۾ بلوچستان قبائلي نظام جي چنبي
۾ ٻين ٽن پرڳڻن کان وڌيڪ قابو آهي. قبائلي نظام ۾
تعليمي ترقي ناممڪن آهي، باقي ٽن پرڳڻن ۾ وري سنڌ
پٺتي پيل آهي. سنڌ جي سماجي نظام ۾ جاگيردارانه
تسلط آهي، جيڪو جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيو آهي.
پنجاب ۾ به ڏاکڻيون حصو، جنهن ۾ اڳيون بهاولپور
رياست وارو حصو اچي ٿو، سنڌ وانگر پوئتي پيل آهي.
رئيس جي حڪم کانسواءِ وڻ جو پَنُ به چُري ڪو نه ٿو
سگهي. ليڪن پنجاب جو وچولو ۽ اُتريون حصو ۽ صوبو
سرحد تعليم ۾ گهڻو اڳتي وڌي ويا آهن.
عام چوڻي آيه ته ”وڏيرو ۽ تعليم هڪ ٻئي جا ويري
آهن.“ وڏيرا چوندا آهن ته، ”ڄٽ پڙهي پوندا ته اسان
جي ئي اڳيان اسان جي اوطاقن ۾ مَنجين جي بدران کٽن
تي اچي ويهندا.“ پر، قوم ڪهڙي به هجي، ترقي جو
پهريون ڏاڪو آهي پرائمري تعليم، انگريزي جي وڃڻ
کانپوءِ سنڌ جي پرائمري تعليم چٽ ٿي وئي. اسڪول
اُجڙي ويا، ٻيو ته ٺهيو پر اڻپڙهيل ماڻهو ماستر
مقرر ٿيا!
انگريزن جي زماني ۾ جڏهن پرائمري اُستاد پري کان
اسڪول ايندي نظر ايندو هو ته ڳوٺاڻا ماڻهو سندس
ادب جي ڪري، پَن جي دکايل ٻيڙي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيندا
هئا ۽ گهٽيءَ جي ڀت کي پُٺي ڏيئي بيهندا هئا ته
استاد ٻيڙي ڇڪيندي ڏسي نه وٺي. مرحوم ابن حيات
پنهور ڳالهه ڪئي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مان ڪنهن
زماني ۾ جهمپير ۾ ماستر هوندو هئس. منهنجي بدلي
ٿيڻ کانپوءِ جيڪو ماستر اُتي مقرر ٿيو، تنهن سان
ڳوٺ جا ماڻهو رات جي ماني کائي، چرچا ڪرڻ گهٻا ڪرڻ
ويندا هئا، ڄڻ ته هو ڪو مسخرو هو!
هن قسم جي اوندهه انڌوڪار ۾ اُستاد جمال الدين
”مومن“ (مرحوم) جو ساهتيءَ جي استادن تي ئي هڪ بي
مثل ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري
گهٽ آهي.
ساهتي پرڳڻي تي نالو ’سهتا‘ قوم کان پيو. منجهس
ڪنڊيارو، مورو ۽ نوشهرو تعلقو اچي وڃن ٿا. قديم
زماني ۾ روهڙي وٽان هاڪڙي درياهه جي هڪ شاخ نڪرندي
هئي، جيڪا ساهتي پرڳڻي کي آباد ڪندي هئي. ڪوٽڙي
ڪبير جي ميان غوث محمد ”گوهر“ صاحب جو چوڻ آهي ته
ٻڌ ڌرم جو راجا راءِ سهاسي، خانواهڻ جي ڀرسان،
اگهم ڪوٽ وٽان، درياهه پار ڪري سيوهڻ ويندو هو،
جتي ڇهه مهينا رهندو هو، ڇو ته سيوهڻ سنڌ جو وڏو
شهر هو ۽ اروڙ ۽ ديبل بندر جيترو ئي اهم هو. اروڙ
ڏانهن خشڪيءَ رستي سفر ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي ڪبير وٽان
هڪ راهه ويندي هئي، جنهن کي ”رائڙي“ ڪوٺيندا هئا،
جو اُنهيءَ تان راءِ سهاسيءَ کي اروڙ ڏي ڍل موڪلي
ويندي هئي.
مير علي شير قانع جنهن زماني ۾ ”تحفة الڪرام“ لکي
رهيو هو، اُنهي زماني ۾ کيس سڄي سنڌ ۾ جيڪي ويهارو
کن وڏا پڙهيل لکيل ماڻهو نظر آيا، سي به ڪوٽڙي
ڪبير جي مدرسي ۾ پڙهيا هئا. هڪ هالاڻي جو رهاڪو هو
مخدوم عبدالله آگرو، جنهن جي پٽ مخدوم محمد دائود
آگري سنڌ ۾ ملا عبدالحڪيم سيالڪوٽي جي رائج ڪيل
درس تدريس جي نظام کي زور وٺايو. سنڌ جي علمي ادبي
مرڪزن ۾ سندس وڏو نالو آهي. مخدوم محمد دائود آگرو
پير پاڳارن جي متبرڪ خاندان جي موسس اعلى پير
سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جو هم
درس هو. ٻيئي ڄڻا پنهنجي ٽئين ساٿيءَ سيد عاقل
شاهه ”گيسوئ دراز“ سان گڏ، ڪوٽڙي ڪبير جي مدرسي ۾
پڙهندا هئا، جنهن جي هنڌين ماڳهين هاڪ هوندي هئي.
سڄيءَ سنڌ ۾ شڪارپور جي بزرگ شاهه فقير الله
علويءَ جي درسگاهه وانگر مشهور هوندو هو.
مطلب ته ساهتي پرڳڻو قديم زماني کان وٺي سرسبز ۽
آباد هو ۽ علم جو مرڪز هو. اهوئي سبب هو جو
انگريزن ”ساهتي پرڳڻي جي لهجي“ کي ”سنڌي ٻوليءَ جو
معياري لهجو“ قرار ڏنو. هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي نصابي
ڪتابن ۾ اهوئي لهجو رائج آهي.
هن پس منظر ۾، اُستاد جمال الدين ”مومن“ وڏي
جفاڪشيءَ سان ساهتي پرڳڻي جي هڪ سؤ پنجهٺ اُستادن
جي زندگيءَ جو احوال گڏ ڪيو آهي. اهي اُستاد مثالي
ماڻهو هئا، جن سنڌ جي تعليم ۾ اعلى ڪردار ادا ڪيو.
انگريزن جي زماني ۾ هندوستان جي هڪ وڏي غير مسلم
اڳواڻ کان رسول اڪرم ﷺ جن جي باري ۾ سوال ڪيائون
ته ”تون کين ڇا سمجهين ٿو؟“
هن ادب سان جواب ڏنو ته ”سڄي انسانذات جو استاد!“
ساهتيءَ جا اُستاد رسول اڪرم ﷺ جي گهڙيل واٽ جا
پانڌيئڙا هئا، منجهن ڪي’خصوصيتون‘ هونديون هيون:
مثلاً هُو پنهنجيءَ اُٿيءَ ويٺيءَ جو نمونو اهڙو
رکندا هئا ۽ پاڙيسرين سان سلوڪ اهڙو ڪندا هئا، جو
هو سندن ادب ۽ احترام ڪندا هئا. کين ”استاد صاحب“
ڪوٺيندا هئا. ڳوٺ ۾ محلي ۾ ۽ راڄ ۾ ڪو به معاملو
ٿيو ته اُستاد جي راءِ کي وڏو وزن هوندو هو.
اُستاد معنى اشرافُ. اُستاد غلط راءِ ڪو نه ڏيندو
هو. ڏوهاريءَ جي طرفداري نه ڪندو هو. چئن چڱن جي
مجلس ۾ پير ڀري آيو ته سڀ سندس ادب ۽ احترام ۾
اُٿي بيهندا هئا ۽ پنهنجي ويهڻ جي ڪرسي يا موڙو هن
لاءِ خالي ڪندا هئا. استاد جي اڳيان ڪير به کل ڀوڳ
واري ڳالهه ٻولهه ڪو نه ڪندو هو. هرڪو کيس ”سائين“
ڪوٺيندو هو.
انگريزن جي بادشاهي ۾ شينهن ٻڪري گڏ چرندا هئا.
انگريز جي هَڪَلَ ڄڻ ته بادلن جي گجگوڙ هوندي هئي.
تن ڏينهن ۾ ڪارون، جيپون، پجيرو گاڏيون عام ڪو نه
ٿيون هيون، سوگوار عملدار گهوڙن تي چڙهي ٻهراڙين
جو گشت ڪندا هئا، ته ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ته ڪو نه
ٿو ڪري! سندن بادشاهيءَ ۾، ضلعي جي عملدار کي
”ڪليڪٽر“
ڪوٺيندا هئا. گشت تي نڪرندو هو ته ڏهه ويهه ننڍا
وڏا عملدار سندس پويان گهوڙن تي هلندا هئا. هڪ
دفعي ساهتي پرڳڻي ۾ ڀونئرن جي ڳوٺ ۾ هڪ ڪليڪٽر
انسپيڪشن بنگلي ۾ اچي منزل انداز ٿيو. پڇا تي
معلوم ٿيس ته ڳوٺ ۾ هڪڙو پرائمري اسڪول آهي. اِهو
ٻڌي، هيڊ ماستر صاحب کي پيغام موڪليائين ته ”مان
اسڪول ڏسڻ گهران ٿو، پر اوهان جي اجازت گهرجي“.
ڪليڪٽر صاحب اجازت وٺي، جڏهن اسڪول جي عمارت ۾
داخل ٿيو ته ادب سان ٽوپلو لاهي، ڪَڇَ ۾ جهليائين.
استاد صاحب سان جهڪي مليو ۽ سندس ڪرسيءَ تي ويهڻ
کان معذرت ڪري، پاسي ۾ ٻي ڪرسي رکايائين. شاگردن
کان سوال ڪيائين.
اسڪول ڏسي موڪلائڻ مهل ’وزيٽرس بڪ‘ تي شاندار نوٽ
هڻي ويو. استاد صاحب جي ڪا تعريف ڪيائين! جڏهن
انسپيڪشن بنگلي تي پهتو ته وڏيرا سندس استقبال
لاءِ قطارون ٻڌيو بيٺا هئا. پر، ڪنهن سان به ڪو نه
مليو. چيائين ته ’جنهن جو ڪم هجي، سو، ساڻس ٻئي
ڏينهن صبح جو باضابطه درخواست کڻي اچي ملي.‘
ساهتيءَ جي اُستادن جي اِها به مشترڪه خصوصيت
هوندي هئي ته سُٺا اکر لکڻ تي زور ڏيندا هئا.
شاگردن کان ’مشقون‘ لکائيندا هئا. کوڙن جا ڪتاب
ياد ڪرائيندا هئا ته حسابن ۾ تکا ٿين. ڊاڪٽر
دائودپوٽو سنڌ جو ڊي پي آءِ مقرر ٿيو ته سُٺن اکرن
تي خاص زور ڏيندو هو. اها ڳالهه مشهور هئي.
ساهتيءَ جا اُستاد سادو پر صاف لباس پائيندا هئا.
ڳوٺ جي دڪاندار کان قرض ڪو نه وٺندا هئا.
پنهنجيءَ مان پورت ڪندا هئا. ادب، اخلاق ۽ فضيلت
جو مثالي نمونا هوندا هئا. سندن زندگي جو مول متو
۽ مقصد تعليم ڏيڻ ۽ نئين نسل جو آئيندو اُجارڻ
هوندو هو. پر، تن ڏينهن ۾ تعليم جو مطلب ”اکر
سڃاڻڻ“ يا پنهنجو نالو لکڻ ڪو نه هوندو هو. بلڪ
اِهوئي هوندو هو، جنهن لاءِ قرآن ڪريم جو ارشاد
آهي ته ”علم انسان کي اوندهه مان روشنيءَ ۾ آڻي
ٿو.“
هي ڪتاب ”ساهتي جا استاد“، محترم محمد ابراهيم
جويي جي ڪوشش سان حيدري پرنٽنگ پريس، لجپت روڊ
حيدرآباد ۾ ڇپيو آهي ۽ مومن پبليڪيشن، نوان جتوئي،
تعلقو مورو، ضلعو نوشهرو فيروز، شايع ڪيو آهي.
ڪتاب جي قيمت پندرهن رپيا آهي. – رياض آگرو
اَمرتا غزل رنگ
سنڌي غزل جي اتهاس تي نظر ڊوڙائبي ته اُن جا ڪئين
رنگ ترنگ نظر ايندا. اُهو جڏهن ڪلاسيڪل دور ۾ هو
ته مٿس ”ڪافي“ جو اثر ڇانيل هو ۽ جڏهن اُهو روايتي
انداز ۾ محبوب جي تعريف تائين محدود رهجي ويو ته
اُن پنهنجي آسپاس ۾ اُٿل پٿل ۽ سماجي حالتن کان
اکيون پوري پنهنجي پاڻ کي صرف خمارن جهڙي ڪيفيت ۽
تصورن ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ محض ميخانو ۽ اُن جي محدود
دنيا ئي رهجي ويو ۽ اندر جي ڪائنات جا ڏک نظر ۾ ڪو
نه ٿي آيا. تڏهن پراڻا هالا جي ٿڌي مٽيءَ مان جڙيل
خليفي گل محمد هالائيءَ جي من جو اُهو شاعر الائي
ڪيئن جاڳي پيو، جنهن غزل تان فارسي جا چوغا لاهي
اُن کي ”سنڌي ململ“ جو سادو ۽ ٿڌو لباس پهرايو ته
اُن جو رنگ ئي ٻيو ۽ وڻندڙ ٿي پيو ۽ پوءِ اڳتي هلي
سنڌي غزل کي هڪ ٻيو سنگ ميل مليو. شيخ اياز، جنهن
غزل جي اُن ململ واري پهراڻ ۾ خارجي توڙي داخلي
احساسن جا اهڙا ته انڊلٺي رنگ ڀريا جو سنڌي غزل
ڪلاسيڪل ۽ جديد خيالن جي سنگم مان هڪ نئين شڪل وڃي
اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ مون کي سنڌي غزل جي ارتقا يا
ڪنهن
Historical Perspective
تي ناهي ڳالهائڻو پر ڪنهن شئي جي پس منظر کانسواءِ
اُن تي ڳالهائڻ پاڻي کان اڳ ڪپڙا لاهڻ واري چوڻي
جي مصداق آهي. ڳالهه ڪرڻي آهي ”ڍول فقير
فائونڊيشن“ پاران شايع ٿيندڙ نج ادبي رسالي
”امرتا“ پاران ڇاپيل ”امرتا غزل رنگ“ جي، جيڪو غزل
جي حوالي سان هڪ اهم ۽ دل کي ڇُهندڙ دستاويز جي
حيثيت رکي ٿو.
نوجوان اديب فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد اُنڙ گڏجي
اُن کي محبت ۽ محنت سان مرتب ڪيو آهي، جو ان کي
داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي.
سنڌي ڪتابن جي حوالي سان اهڙن مجموعن جو شايع ٿيڻ
ايندڙ وقت ۾ ادب جي پڙهندڙن لاءِ هڪ اهم مواد جي
حيثيت رکي ٿو، پر غزل جي مجموعي طور تجزيي ۽ ان جي
سماجي ۽ نفسياتي پاسن کي سمجهڻ جو موقعو به ملي
ويندو، جيتوڻيڪ شعري صنفن جو اهڙي باريڪ بينيءَ
سان تجزيو ڪندڙ ڪي ٿورا پڙهندڙ ئي وڃي بچيا آهن،
پر اهڙي عمل تي ”ڍول فقير فائونڊيشن“ وارن اِنهن
يارن کي صد مبارڪباد هجي. ڪتاب ۾ غزل جي بنهه
روايتي، جديد ۽ ڪلاسيڪل امتزاج واري دور ۽ موجوده
دور واري غزل کي گڏي شامل ڪيو ويو آهي. سنڌي غزل
جو اهو سفر سچل سرمست جي ڪافي نما غزل کان شروع ٿي
ڪيترن نون ۽ پراڻن شاعرن کي ڀاڪر ۾ ڀري غلام سرور
گوپانگ جي غزل تي کٽي ٿو. جيتوڻيڪ اهو سفر جاري
آهي پر اهو به صحيح آهي ته اڃا ڳچ غزل گو شاعر
ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا آهن. شيخ اياز،
تنوير عباسي، تاج بلوچ، وفا ناٿن شاهي، ذوالفقار
راشدي، استاد بخاري، ايم ڪمل، وفا پلي، سوز
هالائي، امداد حسيني، تاج جويو، ادل سومرو، اياز
گل، مختار ملڪ بلاشبه ته غزل جا قادرالڪلام شاعر
آهن، جن وٽ غزل جا جديد توڙي ڪلاسيڪل خيال ملن ٿا،
جيڪي هن ڪتاب ۾ مور جي دلاويز پرن جيان من کي
موهين ٿا. ان کان علاوه جديد شاعرن ۾ وسيم سومرو،
حسن درس، احمد سولنگي جيتوڻيڪ نظم جا شعر آهن، پر
ڪتاب ۾ شامل سندن غزل صنف جي مڙني گهرجن کي پورو
ڪندي، تازن ٽڙيل گُلن وانگر ٻهڪندي نظر ٿا اچن.
جيتوڻيڪ هن ڳُٽڪي ۾ ڀراءُ کان به ڪجهه ڪم ورتو ويو
آهي، جيڪا شايد پبلشر جي مجبوري چئجي، پر اهڙي دور
۾ جتي هر ڪنهن وٽ صرف اڇلائڻ لاءِ پٿر ۽ شيشا هجن،
اُتي تخليقي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ”امرتا“ رسالي
جي هن ننڍڙي ادبي ڪوشش کي ڪو وڏو مقام ملڻ ئي
گهرجي. هي ڪتاب اصل ۾ رنگن جي شاعري آهي ۽ اُن ۾
شامل غزل اهڙو جزيرو آهي، جتي ڀانت ڀانت جا اُجرا
پکي اچي گڏ ٿيل آهن. اچو ته سنڌي ادب ۾ اهڙي نيڪ
علمي ڪوشش کي فراخدلي سان جيءَ ۾ جاءِ ڏيون.
– جاويد ”سوز“ هالائي.
ثابت
علي شاهه
(شخصيت ۽ شاعري)
سيد ثابت علي شاهه جي نالي ٻڌڻ سان ئي ”مرثيي“ جي
صنف جو تمام تر فڪري جلال ۽ فني جمال پنهنجي ڀرپور
دلاويزي سان تصور ۾ اچي ٿو. لاشڪ ته ڪيترن ئي
شاعرن انهيءَ صنف ۾ طبع آزمائي ڪندي اُن کي عروج
تي رسايو آهي، پر ڪافين جي بادشاهه سائين مصري
شاهه وانگر ”مرثيي“ جو ”شهنشاهه“ سيد ثابت علي
شاهه ئي آهي، جنهن جي مضمون آفريني جي وسعت ۽ فني
پختگي سان اها صنف سنڌي زبان ۾ عظمت تي پهتي.
سيد ثابت علي شاهه جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪليات
ثابت علي شاهه“ اٽڪل ويهارو کن سال اڳ شايع ٿيو
هو. هاڻي سندس شخصيت ۽ شاعري تي ڀرپور اڀياس سنڌ
جي نامور اديب عبدالقيوم ”صائب“ وڏي عرقريزي مان
تيار ڪيو آهي، جيڪو تازو ”محفل شاهه نجف“ پُربهار
انداز سان ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.
پنهنجي ابتدائي نوٽ ”ناشر پاران“ ۾ مسٽر علي محمد
چنا لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي تاليف جو اصلي سبب مرحوم ثابت علي
شاهه ثالث جي اُها اڻٿڪ جدوجهد آهي، جيڪا مرحوم
پنهنجي جدامجد ۽ سنڌ جي عظيم مرثيه گو شاعر سيد
ثابت علي شاهه اول جي ڪلام کي منظر عام تي آڻڻ
لاءِ ڪئي. مون کي سائين مرحوم هميشه پيو چوندو هو
ته شاهه صاحب جي شخصيت ۽ شاعري بابت ڪو ڪتاب اڃا
تائين نه لکيو ويو آهي. هو سنڌي علم ادب جو محسن
هو ۽ مرثيه گوئيءَ ۾ ڪمال حاصل هئس.… مون کي
سائينءَ جي دل جو آواز وڪوڙي ويو ۽ اُنهي جستجوءَ
۾ لڳي ويس ته هيءُ ڪم ڪنهن کان ڪرائجي… ڪافي سوچ
ويچار ۽ سنگت سان صلاح کانپوءِ هڪ مرد قلندر
عبدالقيوم صائب جي صورت ۾ نظر آيو. عرض ڪيومانس،
جيڪو پس و پيش کانپوءِ اگهايائين ۽ سندس ڪاوش
اوهان جي آڏو آهي“.
417 صفحن تي فاضل مصنف، ممدوح محترم ثابت علي شاهه
جي سوانح ۽ شخصيت سان گڏ مرثيي جي تاريخ ۽ ان صنف
جي باريڪين ۽ واسطيدار پهلوئن تي پنهنجي تحقيق جا
سچ ته واهڙ وهائي موضوع سان خوب انصاف ڪيو آهي،
جنهن لاءِ هُو کيرون لهڻي. ان طرح هن علمي پيشڪش
جو محرڪ ۽ مهتمم مسٽر علي محمد چنا به تحسين جو
حقدار آهي.
ڪتاب ”سيد ثابت علي شاهه“ معياري ڪاغذ، وڻندڙ
ڇپائي ۽ جاذب ڊسٽ ڪور جي حوالي سان، مقرره قيمت
175 رپين کان گهڻو وڌيڪ لهڻي. ”محفل شاهه نجف“،
روشن جو پڙ، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد، سان گڏ سنڌ
جي سمورن مکيه ڪتب فروشن وٽ دستياب آهي. – ن. ا. ش
SINDH-Ways and Days
عيسوي ويهين صديءَ جي سنڌُ جيڪي غير معمولي شخص
پيدا ڪيا، تن ۾ پير علي محمد راشدي گهڻو مشهور
آهي. قدرت کيس ميسور جي حاڪم حيدر عليءَ وانگر
گهڻين ئي صفتن سان نوازيو هو.
هر
انسان خطا جو پُتلو آهي. هونئن به وڏن ماڻهن کان
غلطيون به وڏيون ٿينديون آهن. راشدي صاحب جي دامن
تي ون يونٽ ٺاهڻ جو داغ اهڙو لڳو، جيڪو هو ڪڏهن به
ڌوئي ڪو نه سگهيو. سندس سڄيءَ عمر جي ساٿي، سائين
جي ايم سيد چيو ته، ”کهڙي صاحب کي اِهو گناهه معاف
ڪري سگهجي ٿو، پر راشدي صاحب کي معاف ڪري نٿو
سگهجي.“ - - سائينءَ جي ڳالهه سو فيصد صحيح آهي،
پر انصاف پسند انسان جتي ڪنهن به شخص جي عيبن ۽
اوڻاين جو ذڪر ڪندو، اُتي سندس خوبين جو به اعتراف
ڪندو.
سنڌ راشدي صاحب جهڙو ’باڪمال صحافي‘ نه کانئس اڳ
پيدا ڪيو ۽ نه وري پوءِ - - ۽ انهيءَ حقيقت کان به
انڪار ڪري نٿو سگهجي ته هُو سنڌي زبان وانگر اردو
۽ انگريزي صحافت جي ميدانن جو به مڃيل ۽ نمايان
شهسوار هو. انگريزي جا ٻه ٽي درجا، سو برابر نصرت
ريلوي اسٽيشن جي اسٽيشن ماسٽر وٽ پڙهيو هو ۽ گِٽ
مِٽِ ڪرڻ سکيو هو. پر، اڳتي هلي، پنهنجيءَ صلاحيت
سان انگريزيءَ تي ايڏو ته عبور حاصل ڪيائين، جو
ڪراچي جي انگريزي اخبار ”SINDH
OBSERVOR“
جو ناميارو ايڊيٽر ٿيو.
روزانه ”DAWN“
جو ايڊيٽر الطاف حسين مرحوم وڏيءَ شخصيت جو مالڪ
هو ۽ کيس اِن ڳالهه جو احساس به هو. هُو مرڪزي
وزير کان به وڏي ڏِک ڏيندو هو. پر جڏهن اخباري
سياست ۾ راشدي صاحب سان هٿ ڳنڍيائين ته چوٽون
کائڻيون پيس ۽ سرسي راشدي صاحب جي ٿي. راشدي صاحب
سڄي پاڪستان جي اخبارن جي انجمن جو صدر چونڊيو ۽
لياقت – نهرو پئڪٽ جي پس منظر ۾ هندستان سان
ڳالهيون ڪرڻ لاءِ صحافين جو وفد وٺي دهليءَ ويو.
صحافت ۾ اِها سندس غير معمولي صلاحيت ئي هئي، جو
ڀارت ۾ جڏهن ”انڊيا – پاڪستان جائنٽ پريس ڪميشن“
جوڙي وئي ته اُن جو صدر به راشدي صاحب کي ئي مقرر
ڪيو ويو. بعد ۾ پاڻ ڪجهه عرصو حڪومت پاڪستان جو
وزير اطلاعات ۽ نشريات پڻ مقرر ٿيو.
راشدي صاحب وزارت سان گڏ سفارت جو منصب به ماڻيو.
اول فلپائينس، پوءِ چين ۾ سفير مقرر ٿيو. دنيا اُن
زماني ۾ ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل هئي: هڪ سوشلسٽ ڪئمپ،
جنهن ۾ چين، روس ۽ ٻيا ننڍا ننڍا ملڪ شامل هئا، پر
سندن آبادي دنيا جي آدمشماريءَ جي اڌرڪ هئي. ٻيءَ
ڪئمپ ۾ آمريڪا ۽ اُهي يورپي ملڪ شامل هئا، جيڪي
سرمايدارانه نظام جا حامي هئا. انساني مزاج جي
ڪمزوريءَ جي ڪري اڳتي هلي سوشلسٽ ڪئمپ خود ٻن حصن
۾ تقسيم ٿي وئي: هڪ پاسي چين ۽ ٻئي پاسي روس ۽ اُن
جا همنوا سوشلسٽ ملڪ.
راشدي صاحب عالمي تاريخ جي اِنهيءَ نازڪ موڙ تي
چين ۾ سفير مقرر ٿيو. مزاجاً سوشلسٽ ڪو نه هو.
بلڪه سنڌ جي پير، زميندار ۽ جاگيردار طبقي ۾ پيدا
ٿيو هو، پر سڄي عمر غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جو همدرد
رهيو. سنڌ جو روينيو وزير ٿيو ته جاگيرداري سرشتو
ختم ڪيائين.
چين جي سفارت بهرحال بنيادي طرح هڪ سياسي منصب هو،
جنهن جون سياسي تقاضائون هيون. راشدي صاحب اُهو
منصب وڏي عقلمندي سان هلايو. سائين جي ايم سيد هڪ
دفعي ”حيدر منزل“ ڪراچي ۾ ڪچهري ۾ ڳالهه ڪئي ته
راشدي صاحب کانپوءِ جيڪو شخص چين ۾ سفير ٿي ويو،
تنهن کيس چيو ته:
”Ali
Muhammad Shah’s record as ambassador in China
highly praise-worthy!.“
هڪ
دفعي پاڻ چين مان ٿورن ڏينهن جي دؤري تي پاڪستان
آيل هو. سائين حسام الدين شاهه راشديءَ جي جمشيد
روڊ واري گهر ۾ ٽڪيل هو. سائين مرحوم ميران محمد
شاهه، جيڪو ادبي بورڊ جو سينئر ميمبر ۽ اعزازي
سيڪريٽري هو، سو ساڻس ڪچهري ڪرڻ هليو. اڳوڻن زمانن
جون ڳالهيون ٿيون، کل ڀوڳ ٿيا ۽ نئين دور جي نون
معاملن جا تذڪرا ٿيا. راشدي صاحب کي بوسڪيءَ جو
پهرياڻ ۽ سفيد شلوار پيل هئي. حُقو ڇڪي رهيو هو.
ڪنهن مهل ڪڙڪو ڪري، سائين ميران محمد شاهه کي
انگريزيءَ ۾ چيائين ته:
”ڀائو، ميران محمد شاهه! بهمڻ ۾ ڄاول ٻارڙي کي
هماليه جبل جي مٿان بمن ۽ بارود جي ڌڌڪن لاءِ داد
نٿو ڏئين!“
تن ڏينهن ۾ ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ هماليه جبل تي لداخ
جي پاسي لڙائي لڳي هئي. راشدي صاحب جو اشارو
اُنهيءَ لڙائي ڏانهن هو.
تازو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سندس ڪتاب ”چين جي
ڊائري“ شايع ڪيو آهي. منجهس ڪيترن ئي هنڌن تي
راشدي صاحب جي چين جي وزير دفاع سان ملاقاتن ۽
هندستان ۽ پاڪستان جي دوستانه ناتن جو ذڪر آهي، پر
اهڙين ڳالهين جو احوال به آهي جو پڙهندڙ بين
السطور سمجهي ويندو ته چين ۽ هندستان جي وچ ۾
ڪشيدگي وڌائڻ ۾ راشدي صاحب مؤثر ڪردار ادا ڪيو هو.
مختصر لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اڪبر اعظم جي
نورتنن ۾ شامل خانِ خانان عبدالرحيم وانگر راشدي
صاحب به پنهنجي دور جو ”صاحب سيف و قلم“ هو.
عبدالرحيم ”خانِ خانان“ وانگر، راشدي صاحب جي به
راڳ ۽ موسيقيءَ سان تمام گهري دلچسپي هئي ۽ وڏن
وڏن گوين جي سرپرستي ڪندو هو. ڀارت مان موٽندي،
ڏکڻ ايشيا جي عظيم موسيقار اُستاد بڙي غلام علي
خان کي هميشہ لاءِ هِت ٽڪائڻ خاطر پاڻ سان گڏ وٺي
آيو هو، جيڪو ٽي مهينا کن وٽس ٽِڪڻ کانپوءِ
هندستان موٽي ويو. جڏهن پاڻ پنهنجي قائم ڪيل ريڊيو
پاڪستان جي حيدرآباد اسٽيشن جي افتتاح لاءِ آيو ته
عين وقت تي ڪو پورُ پيس، سو محفل ۾ موجود عظيم
فنڪار اُستاد مبارڪ علي خان کان ”مهورت“ ڪرايائين.
هڪ دفعي، منيلا مان سائين حسام الدين شاهه کي هڪ
ڪئسيٽ موڪلي هئائين، جنهن ۾ سندس ڳايل هڪ ڪافي به
هئي. منجهس ڏاڍو درد ۽ سوز هو. هڪ سِٽَ وري وري
ڳائي هئائين:
سمجهه سياڻا، سوڍل يارَ سياڻا
او، سوڍل يارَ سياڻا
اِها ڳالهه ته هر ڪنهن کي معلوم آهي ته راشدي صاحب
سنڌ جو ’باڪمال اديب‘ هو. سندس ڪتاب ”اُهي ڏينهن،
اُهي شينهن“ اِنهيءَ حقيقت تي شاهد آهي. سنڌي ادبي
بورڊ جو ڪو به ڪتاب ايڏيءَ تيزيءَ سان ڪو نه
وڪاڻو، جيڏو سندس ڪتابُ. – اِها بورڊ جي رڪارڊ جي
ڳالهه آهي.
راشدي صاحب هي ڪتاب فلپائينس ۾ سفارت واري زماني ۾
لکيو هو. جيڪڏهن ڪتاب جو تجزيو ڪبو ته ماڻهو محسوس
ڪندو ته هُن اُهو ڪتاب هيئن لکيو، جو پرديس ۾ کيس
سنڌ جا اُهي ڏينهن ۽ اُهي نيڪ مرد بار بار ياد ٿي
آيا، جن سان زندگي جو وڏو عرصو گڏ گذاريو هئائين.
”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ سنڌ کي سندس سڪ جو
نذرانو آهي.
جڏهن سنڌ ۾ موٽي آيو ته ڪتاب جي مقبوليت ڏسي، اُن
ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو به لکيائين، پر منجهن پهرئين ڀاڱي
واري ڳالهه ڪانهي. هڪ دفعي پاڻ ئي چيو هئائين ته،
”پهريون ڀاڱو سنڌ سان سراسر عشق آهي.“
راشدي صاحب انگريزيءَ ۾ فلپائينس ۾ ٻيو به هڪ ڪتاب
لکيو هو. اُهو تازو ڇپيو آهي. ”
SINDH-Ways and Days“
ڪتاب جي نالي مان ڪن ماڻهن کي مونجهارو ٿيندو ته
شايد هيءُ ڪتاب ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ جي ڪنهن
حصي جو ترجمو آهي، پر راشدي صاحب سائين ميران محمد
شاهه سان ڪچهري ڪندي اُنهيءَ ڪتاب جو به ذڪر ڪيو
هو ۽ چيو هئائين ته ”مون ڪتاب جو مسودو آمريڪا ۽
انگلستان جي سفيرن کي انگريزي زبان جي دُرستين
لاءِ ڏيکاريو هو، پر هُنن جو چوڻ هو ته منجهس
اصلاح جي گنجائش ڪانهي. - - هي ڪتاب مان يورپ مان
ڇپائيندس.“ کيس اِن ڳالهه جو موقعو ڪو نه مليو،
انسان الائي ڪيتريون حسرتون کڻي قبر ۾ وڃي ٿو!
ڪتاب سندس جيئري ته ڇپجي ڪو نه سگهيو پر وفات
پُڄاڻان هاڻي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ
ڇاپيو آهي، جا خوشي جي ڳالهه آهي. ڪتاب جي ڇپائي
معياري آهي، پر افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته اشاعت
کان ڪافي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به ايڏي اهم ڪتاب تي
ڪنهن به انگريزي اخبار/ ٽي وي يا ريڊئي تي تبصرو
ڪو نه ٿيو آهي، تنهن ڪري ”جنگل مين مور ناچا کس ني
ديکها؟“ واري ڪيفيت آهي. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ ڪتاب
ڇپيو ئي ڪونهي! ”ڊان“ اخبار جي ”بُڪس ائنڊ آٿرس“
واريءَ سپليمينٽ ۾ سو ڪتاب جا ڪي ٿورڙا ٽڪرا ڇپيا
هئا، ٻيو ٿيو ڀلو، جيڪڏهن سندس دوستن يا خاندان
مان ئي ڪي احباب يا عزيز اقارب ڪتاب جون ڪجهه
ڪاپيون خريد ڪري ملڪ جي نامور اخبارن، رسالن ۽
انگريزي ڪتابن جي مُبصرن ڏانهن تصبري لاءِ موڪلين
ها، ته سُٺي ڳالهه ٿئي ها. پر ائين ڪو نه ٿيو.
ڪتاب ۾ بنيادي طرح ”شڪار“ ۽ ٻين موضوعن جا بيان
آهن، پر راشدي صاحب منجهس ”سنڌ جي ثنا خواني“ ڪئي
آهي. سو، ضروري آهي ته هُن سنڌ جي ثنا ۾ جيڪي
تاريخي ڳالهيون ڪيون آهن، سي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي هڪ
هنڌ شايع ٿيڻ گهرجن.
’مهراڻ‘ پنجاهه ساله پراڻو رسالو آهي، پر ادارهء
مهراڻ وٽ به ڪتاب جي ڪاپي تبصري لاءِ ڪانه آئي.
بورڊ کي ڪتاب جي اشاعت جي خبر پيئي ته پبلشر کي
فوراً ٻن ڪاپين جو آرڊر موڪليو ويو. سو، ”مهراڻ“
جي ايندڙ پرچن مان ڪنهن ۾ ڪتاب تي انشاء الله
تبصرو شايع ٿيندو. تيسين هي مختصر نوٽ محض ”مهراڻ“
جي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ڇاپڻ ضروري ڄاتو ويو،
جو شايد ڪي پڙهندڙ اصل انگريزي ڪتاب وٺي پڙهڻ
گهرن. - - ادارو.
حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جي مجموعي
”دردونديءَ جو ديس“ جي پڌرائي
”بزم
روح رهاڻ“ جي باني ۽ نامياري سنڌي ڪهاڻيڪار حميد
سنڌيءَ جي هڪ تازي مجموعي ”دردونديءَ جو ديس“ جي
پڌرائيءَ جي تقريب 27 – مئي 2003ع تي سنڌ عجائب
گهر آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ عالمن ۽ اديبن
سان گڏ سنڌ جو تڏهوڪو چيف سيڪريٽري جناب ڪي بي رند
پڻ شريڪ ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر
محترم مظهرالحق صديقي ۽ اڳوڻو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر
غلام علي الانا خاص مهمان هئا. صوبائي وزير محمد
عثمان ملڪاڻي، حيدرآباد ضلعي ناظم ڊاڪٽر مخدوم
رفيق الزمان، صوبائي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت مسٽر
گل محمد عمراڻي، سائين محمد ابراهيم جويو ۽ بيا پڻ
اُن ۾ شريڪ ٿيا.
محترم ڪي بي رند تقرير ڪندي چيو ته، ”اديب پنهنجي
قلم وسيلي انسانيت جي قدرن ۽ ڌرتيءَ جي پيڙائن کي
بيان ڪن ٿا. هنن کي پنهنجو اهو ڪردار موثر نموني ۾
ادا ڪرڻ کپي. حميد سنڌي وڏي عرصي کان وٺي ادب جي
بي لوث خدمت ڪندو اچي ٿو. هن کي لکڻ جي ڏات ۽
ڏانءُ آهي. اهو سلسلو جاري رکي.“ رند صاحب چيو ته،
”مان سرڪاري ملازمت ۾ نه هجان ها، ته اديب هجان
ها. اِها ڳالهه مون لاءِ وڌيڪ عزت واري آهي.“ هن
ڪيترن ئي اديبن ۽ دانشورن جا نالا کڻي، کين محبت
مان ياد ڪندي، سندن خدمتن کي سڪ سان ساراهيو.
اُن کان اڳ ڊاڪٽر الانا صاحب ڪتاب تي لکيل پنهنجي
مقالي ۾ چيو ته، ”حميد ادب جو بهترين مبلغ ۽ سچ جو
ساٿي آهي. حميد جديد سنڌي ادب جي بقا لاءِ ڊگهي
جاکوڙ ڪندي وڏيون سختيون سَٺيون آهن. هُو سنڌ لاءِ
درد رکڻ وارو قوم پرست آدرشي شخص آهي.“
ڪتاب جي مصنف حميد سنڌي پنهنجي تقرير ۾ تجويز ڏني
ته ”سنڌي اديبن جي همت افزائي لاءِ کين ايڪيڊمي آف
ليٽرس وانگر ايوارڊ ڏنا وڃن.“ هن چيو ته، ”منهنجي
اندر ۾ سنڌ جو مزاج آهي. سنڌ جي صوفين جو مزاج
آهي، جو سڄي دنيا جي صوفين کان مختلف آهي. مان
پنهنجي فن ۾ پنهنجي نوجوانن کي پنهنجي دؤر جون
ڳالهيون ٻڌايان ٿو، ڇو ته اسين پاڻ ۾ درد جي رشتي
سان ڳنڍيل آهيون ۽ درد جو رشتو ڪڏهن به مٽائي نٿو
سگهجي. اسين هن عمر ۾ خواب ۽ سپنا نٿا ڏسي سگهون.
فقط ڇرڪ ڀري سگهون ٿا، صبح جو اٿڻ سان ئي اهو فڪر
دامنگير ٿو ٿئي ته اسان جي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو؟
سنڌ جو ڇا ٿيندو؟“ |