اي
آر جعفري برصغير جي سياسي
تاريخ جو هڪ ورق:
قائداعظم ــ دلير، بيباڪ ۽ دانشور سياستدان
لارڊ
منٽو، لارڊ ولنگٽن ۽ لارڊ سيڊنهم سان معرڪه آرائي
(نوٽ: قائداعظم جي شخصيت ۽ ڪردار جو هڪ اهم باب
اهو آهي جنهن ۾ لارڊ منٽو، لارڊ ولنگٽن، وزير هند
مانٽيگو، لارڊ سيڊنهم، لارڊ لنلٿگو، لارڊ ويول،
گلينسي ۽ لارڊ مائونٽبيٽن سان سندس معرڪ آرائيءَ
جا واقعا اچي وڃن ٿا، جن جي شخصيت هڪ جبار ۽ قهار
جي حيثيت سان مشهور آهي، جن جي موجودگيءَ ۾ برصغير
جا وڏا سياستدان به دم هڻي نه سگهيا. جناح صاحب،
انهن جي موجودگيءَ ۾ جنهن بيباڪيءَ ۽ دانشمنديءَ
سان تقريرون ڪري سندن منهن تي حق ۽ سچ جو تحفظ ۽
دفاع ڪيو آهي، ان جو ٻيو ڪو به مثال، برصغير جي
سياسي تاريخ ۾ ملي نه ٿو سگهي. چند واقعا پيش ڪجن
ٿا. غ. م .گ)
قائد
جون خصوصيتون
جناح
صاحب جي پروقار، سنجيده ۽ پرڪشش شخصيت جو اعتراف
ته سندس اوائلي زندگيءَ ۾ ئي ڪيو ويو هو، جڏهن هن
سياست ۾ اڃا پهريون قدم رکيو هو.
اها
حقيقت آهي ته هڪ سياسي رهنما جي وڏي خصوصيت اها
هئڻ گهرجي ته هو دلير ۽ بيباڪ هجي، ۽ سندس دامن،
سياسي غلطين کان پاڪ هجي، کيس جاه ۽ جلال جي تخت
تي ويٺل ڪو به جبار ۽ قهار مرعوب ڪري نه سگهي،
ڪوبه صاحب اقتدار هيسائي نه سگهي، وڏن وڏن عهدن تي
ويٺل ماڻهوءَ جي اڳيان سندس زبان کي ڪو خاموش رکي
نه سگهي. وائسراءِ يا گورنر جهڙن جي اڳيان مٿس
لرزو طاري نه ٿئي. قائد جي اها خصوصيت آهي ته هو
هر جابر اڳيان حق جي حمايت ڪري سگهڻ ۽ باطل جي
مذمت ڪرڻ ۾ نه هٻڪي. بادشاهه جي اڳيان به ۽
وائسراءِ جي روبرو به، گورنر جي ايوان ۾ به ۽ جلاد
جي تلوار اڳيان به پاڻ کي قوم جو سچو خير خواه ۽
مخلص وڪيل ثابت ڪري.
بيشڪ
اهي صفتون ۽ خصوصيتون جناح صاحب ۾ موجود هيون.
وزير
هند مانٽيگو جا تاثرات:
جڏهن
پارليامينٽ جي فيصلي مطابق هندوستان جي دستوري ۽
آئيني مسئلن کي سمجهڻ لاءِ وزير هند، مانٽيگو 10
نومبر 1917ع تي هندوستان ڏانهن روانو ڪيو ويو،
تڏهن ساڻس گڏ تجربه ڪار مشيرن جو گروهه به ساڻ ڏنو
ويو.
مسٽر
مانٽيگو ساري برصغير جو دورو ڪيو ۽سياسي رهنمائن،
رياست جي راجائن ۽ مسلمان حاڪمن سان ملاقاتون
ڪيائين. هر ليڊر کي توري ڏٺائين، هر ڪنهن جي دليلن
کي ٻڌائين. ان سلسلي ۾ مسٽر جناح سان به ملاقات
ڪيائين.
اها
ملاقات وائسر يگل لاج دهليءَ ۾ ٿي. مسٽر مانٽِيگو
۽ مسٽر جناح جي وچ ۾ جو ڪجهه گذريو، اهو سارو
احوال مسٽر مانٽيگو پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي، جا
ڊائري سندس وفات کان پوءِ سندس نياڻيءَ ڇپائي آهي.
ان ۾
مسٽر مانٽيگو، جي تاثرات مسٽر جناح متعلق قلمبند
ڪيا آهن، اهي نهايت دلچسپ به آهن ۽ حيرت انگيز به
آهن.
مانٽيگو لکيو آهي:
”آخر
۾ مون سان ملاقات لاءِ مسٽر جناح منهنجي ڪمري ۾
داخل ٿيو. نوجوان، پروقار ۽ شائشته دليلن جي
هٿيارن سان مسلح. پنهنجن دليلن جي پختگيءَ تي يقين
ڪامل وارو ليڊر، پنهنجي مطالبي تي دليلن جي هٿيارن
سان ويڙهاڪ ــــ سندس موضوع: اهو ئي هند جي آزادي-
حڪومت خود اختياري جي تقاضا ان کان گهٽ ڪجهه به
نه! ان کان گهٽ تي راضي ٿيڻ وارو نه- مان اول ئي
ٿڪجي چڪو هوس. جناح صاحب ته مون کي بلڪل ٿڪائي
ڇڏيو بدقسمت لارڊ چيلمسفورڊ وائسراءِ هند، جناح
سان سندس تقاضائن ۽ دليلن تي الجهي پيو. جناح صاحب
کيس اهڙو ته جڪڙي ڇڏيو، جو لارڊ چيلمسفورڊ
رئڻهارڪو ٿي ويو. جناح جهڙي نوجوان سياستدان، غريب
چيلمسفورڊ کي اهڙو ته گرفت ۾ سوگهو ڪيو، جيئن
ڪوريئڙو پنهنجي ڄار ۾ مک کي ڦاسائيندو آهي. ذهانت
۽ فراست جناح جي هڪ اهڙي خصوصيت آهي، جا ڪنهن ٻئي
ليڊر ۾ نظر نه آئي. ڳالهائڻ جو پختو ۽ بيباڪ اها
هن ملڪ جي بدقسمتي آهي جو اهڙي قابل ۽ پخته ڪار
نوجوان، ملڪ جي معاملات ۾، اڃا سياست جون واڳون نه
سنڀاليون آهن. گانڌيءَ سان به ملاقات ٿي، ليڪن ان
جي شخصيت نه پرڪشش هئي ۽ نه ڪو سندس دليل ۾ پختگي
۽ متانت. گانڌيءَ جي شخصيت بلڪل غير موثر نظر آئي“
مانٽيگو جي هيءَ راءِ ڪنهن به تشريح ۽ تبصري جي
محتاج ناهي.
لارڊ
منٽو سان سخت ڪلامي:
جڏهن
جناح صاحب کي 1909ع ۾ سپريم ليجسليٽو ڪائونسل جو
ميمبر بنايو ويو، تڏهن هڪ اجلاس ۾ ڏکڻ آفريقا جي
حڪومت جو اهو ذليل ۽ غير شريفانه ڪردار ۽ عمل بحث
هيٺ آيو، جو ان حڪومت اتي جي هندستاني ماڻهن سان
ڪيو هو.
اجلاس ۾ پروفيسر گوڪلي احتجاج تي مشتمل، ليڪن تمام
نرم ۽ مدبرانه تقرير ڪئي ۽ ان سان گڏ هڪ تجويز پيش
ڪئي. ان تجويز ۽ تقرير جو ڪو به اثر پيدا نه ٿيو ۽
آخرڪار گوڪلي خاموش ٿي ويهي رهيو.
جناح
جي تقرير
پروفيسر گوڪلي جي شڪسته دل ٿي ويهي رهڻ تي، جناح
صاحب فورن اٿي کڙو ٿيو ۽ هن طرح تقرير شروع
ڪيائين:
”هي
نهايت تڪليف ڏيندڙ سوال آهي، جنهن هندستان جي هر
طبقي ۽ گروهه کي بي انتها مشتعل ۽ غمگين بنائي
ڇڏيو آهي. اسان هندستان جا محب وطن، آفريقا جي
هندستاني باشندن تي ”سخت ۽ سفاڪانه“ سلوڪ کي ذلت ۽
نفرت جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهيون.“
جناح
صاحب جي تقرير اڃا ايستائين مس پهتي ته وچ ۾ هز
ايڪسلينسي پريزيڊنٽ لارڊ منٽو، جناح صاحب تي جرح
ڪرڻ شروع ڪئي ۽ چيائين:
”مان
معزز ميمبر جناح کي ڳالهائ۾ جي سلسلي ۾ محتاط رهڻ
لاءِ خبردار ٿو ڪريان. سندس زبان مان نڪتل لفظ
”سفاڪانه“ ۽ ”ذلت ۽ نفرت سان ڏسڻ“ نهايت غير محتاط
لفظ آهن. جناح صاحب کي اهڙن لفظن چوڻ جو ڪو به حق
ناهي ۽ نه ڪو مان ان قسم جي زبان ۾ وڌيڪ بحث ڪرڻ
جي اجازت ڏئي سگهندس. معزز ميمبر جناح صاحب کي اهو
معلوم هئڻ گهرجي ته هو صاحب هڪ اهڙي حڪومت جي باري
۾ بي احتياط انداز ۾ ڳالهائي رهيو آهي، جنهن سان
برطانيه جي شهنشاهت جو عهد نامو ٿيل آهي. ڏکڻ
آفريقا جي حڪومت برطانيه سان دوستيءَ ۾ ڳنڍيل آهي،
ان ڪري ان حقيقت کي خيال ۾ رکندي، معزز ميمبر جناح
صاحب لاءِ واجب آهي ته هو لفظن جي انتخاب ڪرڻ وقت
ڪافي غور ۽ احتياط کان ڪم وٺي.“
جناح
جو جواب
جناح
صاحب، اهو ٻڌي هن طرح تقرير شروع ڪئي:
”درست آهي، جناب عالي! مون کي واقعي زياده سخت
لفظن جي استعمال کان احتياط ڪرڻ کپندو هو، ليڪن
آخر ڪيستائين؟
جناب
عالي! مان هن ڪائونسل جي اصولن ۽ آئين کان چڱيءَ
طرح سان واقف آهيان، ان متعلق احتياط ـــ احتياط
جي صدا بلند ڪرڻ جي آخر معنيٰ ڇا ؟ ڪنهن کي مرعوب
ڪرڻ ۽ هيسائڻ يا ٻيو ڪجهه ؟ مان ڪائونسل جي اصول ۽
آداب جي ڪنهن به صورت ۾ ڀڃڪڙي ڪرڻ نٿو چاهيان،
ليڪن مان ايتري چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته ڏکڻ
آفريقا جي حڪومت، جو ڪجهه به هندستاني باشندن سان
ظلم ڪري رهي آهي، اهو نهايت ”مڪارانه، ظالمانا ۽
سفاڪانه“ آهي! ان قسم جي ظالمانه روش کي هر باشعور
محسوس ڪري رهيو آهي، جيئن مان اڳ ۾ به چئي چڪو
آهيان. وري به چوان ٿو ته ڏکڻ آفريقا جي حڪومت جي
خلاف اسان وٽ نفرت به آهي، غم به آهي ۽ غصو به
آهي. وري به چوان ٿو ته ان جو سفاڪانه عمل لعنت جي
قابل آهي. جناب عالي! آخر اوهان جي ان دليل جي
ڪهڙي حيثيت آهي ته ڏکڻ آفريقا جي حڪومت جو،
برطانيه جي شهنشاهت سان عهدنامو آهي ۽ هوءَ ”ظالم
حڪومت“ برطانوي حڪومت سان ياري ڳنڍي چڪي آهي ! آخر
ان دليل ۾ ڪهڙي منطقي پختگي آهي ته جا به ”ظالم ۽
تشدد پسند حڪومت“ اوهان سان عهدنامو ڪري ڇڏي سا
ڀلي ته هندستاني باشندن تي ظلم ڪندي رهي! ڇا اوهان
جي دوستيءَ جي نباهڻ جو اهو طريقو قابل تعريف ۽
شانائتو آهي ته برطانيه ”ظالمانه ۽ سفاڪانه“ عمل
واري بدڪردار حڪومت جي خلاف ڪابه سچي ڳالهه ٻڌڻ
لاءِ تيار ئي ناهي. ڇا اهو ظلم گهٽ آهي، جو
برطانيه جي هڪ نمائندي جي حيثيت سان، ڪائونسل جي
سامهون اوهان خود ڪري چڪا آهيو!“
لارڊ
منٽو شرمسار ٿي ڪنڌ جهڪائي، معذرت جو اظهار ڪيو،
پر جناح صاحب ”ظالمانه ۽ سفاڪانه“ لفظن چوندي خود
لارڊ منٽو ۽ برطانوي شهنشاهت کي به ظالم حڪومت کي
حليف ٿيڻ تي شرمايو ۽ نهايت بيباڪيءَ سان لارڊ
منٽو کي دندان شڪن جواب ڏيندي نه ڪيٻايائين ۽ نه
ڪو گول مول انداز اختيار ڪيائين. جو ڪجهه چيائين،
اهو صاف صاف چيائين. 1917ع جي زماني ۾ انگريز
وائسراءِ کي منهن تي حق چئي ڏيڻ جو اهو پهريون
مثال آهي، جو برصغير جي سياسي تاريخ ۾ ملي سگهي
ٿو.
لارڊ
سيڊنهم گورنر سان جهڙپ
هي
به 1917ع جو واقعو آهي. وزير هند مسٽر مانٽيگو جي
دوري کان پوءِ اهو يقين ٿي ويو ته هاڻي جلد
هندستان کي سياسي اصلاحات سان نوازيو ويندو. ان جي
مقابلي ۾ برطانيه جي رجعت پرست ۽ قدامت پسند طبقن
۾ پريشاني پيدا ٿي ته هاڻي هندستان اسان جي هٿان
ويو ڪي ويو! ان جي رد عمل ۾ برطانوي پريس ۾
هندستان جي نااهليت، هندستاني ليڊرن جي نالائقي،
هندستان آزاديءَ جي لائق ناهي، جي عنوانن هيٺ
اشتعال انگيز مضمونن جو قسط وار سلسلو شروع ڪيو
ويو ۽ حڪومت تي زور آندو ويو ته هوءَ پنهنجو قدم
واپس وٺي ۽ هندستان لاءِ ”اصلاحات“ ڏيڻ وارو خيال
ترڪ ڪري. دلچسپ امر هي آهي ته سابق گورنر بمبئي
لارڊ سيڊنهم، خاص طرح سان هندستان کي اصلاحات ڏيڻ
جي خلاف پرجوش انداز ۾ مقالا لکڻ شروع ڪري ڏنا، ۽
جناح صاحب جي قيادت ۾ ”هوم رول ليگ“ وارن، هندستان
جي پاران جوابن ڏيڻ جو متفقه فيصلو ڪيو.
نومبر 1917ع ۾ هوم ليگرس جي قائد ۽ هندوستان جي
مشهور سياسي رهنما، جناح جي زير صدارت هڪ زبردست
احتجاج ڪيو ويو، ۽ ان سلسلي ۾ هڪ شاندار جلسو ڪيو
ويو.
جناح
جي تقرير
جناح
صاحب لارڊ سيڊنهم جي مقالن ۽ متعصبانه روش متعلق
هن طرح خيالات ظاهر ڪيا.
”لارڊ سيڊ نهم ! عجب جهڙو انسان ! مان ان متعلق
اهو به چوندس ته هي اهو رجعت پسند گورو آهي، جو
ڪافي زماني کان وٺي، هندستان جي مهمان نوازيءَ تي
پيٽ ڀريندو رهيو آهي! جنهن حلال خور، اسان جي مفلس
۽ قلاش ملڪ هندستان جي خزاني مان ڪافي وڏيون
رقمون، تنخواه جي نالي ۾ ڳڙڪايون آهن، اهو اعليٰ
درجي جو گورو زباني طور مثالي آدرش جو نالو وٺي
هندستاني باشندن ۽ ليڊرن کي نااهل ۽ نالائق لکي
چڪو آهي. اهو ساڳو اسان جو نمڪخوار ملازم، هن وقت
اهڙي ذليل ايجيٽيشن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي، جنهن
تي ڪو به معقول آدمي، هوند فخر نه ڪندو، پر شرم
هوندس ته شرمسار ٿيندو. اهو برطانيه شهنشاهيت جو
وڏو نمائيندو ائين به چئي رهيو آهي ته اسان
انگريز، هندستاني عوام جا محافظ ۽ ٽرسٽي آهيون. في
الحال ته هندوستاني نالائق ۽ نا اهل آهن، پر جڏهن
انهن ۾ اهليت پيدا ٿيندي، تڏهن کين هندوستان جي
حڪومت حوالي ڪنداسون. حضرات: ان قسم جي واهيات
گفتگو ۽ ٻي معنيٰ ۾ بڪواس جو جواب، جو مان ڏئي
سگهان ٿو. اهو صرف ايترو آهي ته اسان جو عوام جڏهن
حڪومت خود اختياري سنڀالڻ جي لائق ٿيندو، تڏهن هو
پنهنجي ”نمڪخوار ۽ نوڪر“ معليٰ القاب جناب لارڊ
سيڊنهم جي در دولت تي، حڪومت خوداختياري وٺڻ لاءِ،
پينارن ۽ محتاجن وانگر سَيَنَ هڻندا ۽ کائنس بيک
وٺندا.
مان
جناب لارڊ سيڊنهم کي فقط اهو جواب ڏئي سگهان ٿو.“
ياد
رکڻ گهرجي ته 1917ع ۾ تقرير جي آزادي نه هئي، جا
اڄ ڪلهه (1946ع ۾ هي مضمون لکيل آهي) حاصل آهي.
هن
دندان شڪن جواب ۾، جناح صاحب، لارڊ سيڊنهم لاءِ
هيٺيان لفظ چيا آهن:
عجب
جهڙو انسان، رجعت پسند گورو، هندستان جي مهمان
نوازيءَ تي پيٽ ڀريندڙ، حلال خور پگهار جي نالي ۾
رقمون ڳڙڪائيندڙ، هندستانين کي نالائق ۽ نااهل
سڏيندڙ اسان جو نمڪخوار ملازم ــ بي شرم ــ واهيات
گفتگو ۽ بي معنيٰ بڪواس ڪندڙ ــ نمڪخوار نوڪر ــ
وغيره.
وار
ڪائونسل ۾ تقرير
پهرين مهاڀاري لڙائي جڏهن 1917ع ۾ عروج تي پهتي،
تڏهن هندستان ۾ اهي افواهه ڦهلايا ويا ته جرمن آيو
ڪي آيو! جرمن جي خطري کي هڪ شوشو بنائي حڪومت هڪ
مرڪزي وار ڪائونسل بنائي. ان ئي طرز تي صوبن ۾ به
وار ڪائونسلون بنايون ويون.
ان
ڪانفرنس جي پهرئين اجلاس جي موقعي تي، گانڌيءَ
طرفان هڪ انگريز دوست جي هٿان هڪ خط وائسراءِ هند
کي موڪليو ويو، جنهن ۾ لکيو ويو:
”مان
پنهنجي ملڪي باشندن کي آماده ڪندس ته هو آزاديءَ
جي جدوجهد ۾ وڌايل قدم کي پوئتي هٽائين. مان
ڪانگريس کي اهو به مشورو ڏيندس، ته هو اڄ تائين
پاس ڪيل ٺهرائن کي به واپس وٺن. ان طرح مان جنگ جي
دور ۾ ”هوم رول“ ۽ ”ذمه دار حڪومت“ جو نالو به نه
وٺندس. مان ڪوشش ڪندس ته مادر هند جو هر تندرست
پٽ، امپائر برطانيه جي عزت ۽ عظمت لاءِ پنهنجي جان
جي قرباني ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ اچي، ۽ هن قسم جي نازڪ
وقت تي مدد ڏئي.“
هي
هو مهاتما گانڌيءَ جو عمل، جنهن بنا ڪنهن شرط ۽
مطالبي جي انگريزن لاءِ ملڪ جي نوجوانن کي جنگ
لاءِ آماده رکڻ لاءِ آڇ ڪئي، ملڪ جي آزاديءَ جي
جدوجهد کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ۽ ڪانگريس جي ٺهرائن
کي واپس ڪرڻ لاءِ يقين ڏياريو.
جناح
جو رد عمل
مسٽر
جناح ان سلسلي ۾ جنهن معقول طريقي کي اختيار ڪيو،
اهو نهايت اهم آهي. جناح صاحب، دهليءَ جي مرڪزي
وار ڪائونسل ۾ شرڪت ڪئي. پر گانڌيءَ وانگر ڪا به
بنا شرط جي آڇ نه ڪيائين، بلڪه هندوستان ۾ دستوري
اصلاحات جي ترويج جي ۽ نفاذ لاءِ هڪ زبردست تجويز
پيش ڪيائين، جنهن کي پريزيڊنٽ هز ايڪسيلينسي
وائسراءِ هند قانون جي خلاف قرار ڏيندي، رد ڪري
ڇڏيو. ان ڪانفرنس ۾ ٻين چونڊ ملڪي نمائندن سان گڏ
گانڌي به موجود هو. نيٺ وائسراءِ هند جي ان روش جي
مقابلي ۾ ڪانفرنس ۾ تلخي ۽ بدمز گي پيدا ٿي، ان
موقعي تي مسٽر جناح هڪ مختصر تقرير ڪئي ۽ چيو ته :
”اسان اها راءِ رکون ٿا ته اگر هندستان جي آئيني ۽
دستوري اصلاحات جي سوال کي هن ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ
آندو وڃي، ته پوءِ ان سان جنگ خلاف انگريزن جي
اختيار ڪيل ڪوششن تي ڪو برو اثر نه پوندو.
هر
هندستاني پنهنجي مادر وطن جي دفاع ۽ حفاظت لاءِ
پنهنجي رت جو آخري قطرو به وهائڻ لاءِ تيار آهي.
ايتري قربانيءَ جي صورت ۾ به افسوس آهي ته سرڪار
نامدار ۽ سندس چوٽيءَ جا اهلڪار مادر هند جي
اصلاحات وري مطالبي تي ڇرڪن ٿا، ڄڻ ته سندن سامهون
ڪو ناجائز مسئلو پيش ڪيو ٿو وڃي. آزادي ته اسان جو
وطني حق آهي. انگريز سرڪار جو پوڄاري طبقو وار
ڪائونسل ۾ به هندستان جي قيادت ۽ پيشڪش جي وقار کي
مجروح ڪري رهيو آهي. اگر اسان تي رڳو اهو فرض عائد
ٿيل آهي ته جرمن سان وڙهڻ لاءِ ۽ انگريز جي بچاءُ
لاءِ پنهنجا لکها ڪونڌر في الحال جنگ ۾ مارائي
ڇڏيون، ۽ آزاديءَ ۽ هوم رول جو نالو به زبان تي نه
آڻيون ۽ نه ڪو آزاديءَ جي جدوجهد ۾ تيزي پيدا ڪيون
ته پوءِ اهو عمل، پنهنجي وطن سان غداري ٿيندي ۽
انگريز جي خوشامد لاءِ ذليل ۽ بي معنيٰ مظاهرو
چئبو. آخر انگريز اسان تي اعتماد ڇو نٿا ڪن، يا
اسان کي اعتماد ۾ ڇو نٿا وٺن. اسان سندن امداد ۾
جدوجهد جون سڀ ڪوششون ۽ ٺهراءُ فورن رد ڪري ڇڏيون.
پر ان جي معاوضي ۾ هي اسان جي هر معقول ۽ وطن جي
فائدي جي تجويز کي رد ڪندا رهن، آخر اهو ڪٿي جو
انصاف آهي مان ته هن قسم جي ڪانفرنس کي به اجايو
ٿو سمجهان جنهن ۾ مادر هند جي متعلق ڪابه ڳالهه
ڪري نه سگهجي، باقي انگريز کي بنا شرط جي امداد
ڏيڻ لاءِ وڏي واڪي تقريرون ڪيون وڃن.“
ياد
رهي ته ايتري سخت تقرير، وقت جي صدر وائسراءِ هند
جي ان رولنگ جي خلاف ڪئي وئي، جنهن موجب مادر هند
جي ڪنهن به مسئلي متعلق ڳالهائڻ جو ڪنهن کي حق ئي
نه هو.
لارڊ
ولنگٽن سان معرڪ آرائي.
بمبئيءَ جي پراونشل ڪانفرنس جو هڪ اجلاس، 1 جون
1918ع تي ٽائون هال بمبئيءَ ۾ ڪوٺايو ويو. لارڊ
ولنگٽن بمبئيءَ جو گورنر هو. خيال ۾ رهي ته لارڊ
ولنگٽن هندستان جي سڀني گورن گورنرن ۾ مغرور ۽
متڪبر هجڻ جي ڪري، توڙي سخت برتاءَ جي ڪري سڀ کان
وڌيڪ بدنام هو. سندس مزاج جي سختي ۽ طبع نازڪ جي
برهمي، فولاد کي ڳاري ڇڏيندي هئي. وڏا وڏا ليڊر
سندس اڳيان دم به نه هڻندا هئا، بلڪه هائو هائو
پيا ڪندا هئا.
مادر
وطن جي آزاديءَ جي هر جدوجهد تي هو ڇتو ٿي پوندو
هو. ”هوم رول“ کان ته سخت ناراض هوندو هو. ان ”هوم
رول“ جي ليڊرن ۽ ڪارڪنن جو منهن ڏسڻ به پسند نه
ڪندو هو. مسٽر جناح جو ان وقت ”هوم رول“ جو وڏو
ليڊر هو، تنهن سان ته وائسراءِ جي گويا ذاتي دشمني
ٿي پئي هئي.
ان
ڪانفرنس ۾ لارڊ ولنگٽن صدر جي حيثيت سان نهايت دل
آزار ۽ تلخ تقرير ڪئي، جنهن جا اهم حصا، بمبئي
ڪرانيڪل جي حوالي سان هن ريت آهن:
”جنگ
جي هن خوفائتي موڙ تي، مان اشتياق ۽ اضطراب جي
گڏيل جذبات سان اوهان وٽان اتحاد ۽ تعاون، امداد
۽ اشتراڪ ملڻ جو يقين ٿو رکان. مون کي اڄ اهو ڏسڻو
آهي ته منهنجي پوري مدد ڪير ٿو ڪري ۽ اجائي
دليلبازي ڪري، انڪار ڪير ٿو ڪري. هت اهڙا ڪيئي
ليڊر موجود آهن، جن جو عوام تي ڪافي اثر ۽ رسوخ
آهي. انهن ۾ هڪ سياسي پارٽي، ”هوم رول“ جا ميمبر
به موجود آهن. ان پارٽيءَ جي گذريل دور وارين
سرگرمين کي مدنظر رکندي، ديانتداريءَ سان ظاهر ٿو
ڪريان ته جنگ جي مسئلي ۾ هو اسان جي ڪا به مدد نه
ڪندا. ان ڪري مان مٿن ڪو به ڀروسو نٿو رکان. ان
ڪري اڄ موقعي تي مان انهن سان کلئي نموني ۾ دل جي
ڳالهه ڪندس، تان ته کين به وجهه ملي سگهي ۽ هو
پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن.
هن
وقت مان ”هوم رول“ جي گذريل سياسي حرڪتن ۽ ڪار
گذارين تي ڪوبه تبصرو ڪرڻ نٿو گهران، سواءِ ان جي
ته ”هوم رول“ وارا اسان جي شهنشاهت جا دشمن آهن.
انهن اڄ تائين برٽش امپائر کي ڪا به مدد نه ڏني
آهي، اٽلو خواه مخواه عوام کي برطانيه جي خلاف پئي
ڀڙڪايو اٿن. حالانڪ مون کي ٿوري گهڻي اميد هئي ته
هوم رول وارا به منهنجي ضرور مدد ڪندا. مان هي
حقيقت به صفائيءَ سان چوڻ ٿو گهران ته هوم رول
وارن جو مقصد آهي، هر موقعي تي سرڪار سان عدم
تعاون ڪرڻ، سرڪار کي پريشان رکڻ ۽ عوام کي اسان جي
خلاف ڀڙڪائڻ. مان ان جو قائل آهيان ته هر ملڪ ۾
ڀلي مخالف جماعتون به هجن، پر انهن ۾ ڪو معقول قسم
جو ڪردار به هجڻ گهرجي ۽ کين دستور جي حدن جي اندر
ڪم ڪرڻ گهرجي جيئن مون ظاهر ڪيو آهي ته دهلي جي
وار ڪائونسل جو مقصد فقط اهو هو ته اسان اوهان کان
مخلصانه تعاون حاصل ڪري سگهون، ليڪن گذريل چند
هفتن جي حال کي مان نهايت فڪر ۽ پريشانيءَ سان
مطالع ڪري رهيو آهيان ته ڪي ميمبر هت اهڙا به
موجود آهن، جي هميشه پنهنجي تقرير ۽ تحرير ۾ رڳو
اسان جي خلاف غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن، اسان
کي هيسائي ۽ ڌمڪائي پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ
اجائي غوغا آرائي مچائي رهيا آهن. بلڪه پاڻ
گمراهيءَ ۾ پيا ٿا ٿاڦوڙا هڻن ۽ اسان جي زير سايه
رهندي احسان فراموشي پيا ڪن. انهن جي گفتگو جو
انداز اهڙو آهي، ڄڻ ته ملڪ جا مالڪ ئي پاڻ آهن، ان
ڪري مان اهڙن تي ڪو به ڀروسو نه ٿو رکي سگهان.
بلڪه انهن تي ڪرڙي نظر رکندو ٿو اچان. حالانڪه
انهن پاران مخلصانه پيشڪش هئڻ گهرجي. انهن ميمبرن
جي تقريرن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هو اسان جي
موجوده مجبورين کي سمجهي، موجوده سنگين صورتحال کي
محسوس ڪري اسان تي اجايو دٻاءُ وجهي، پنهنجا مطلب
حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. حال اهو آهي جو پڇا ڪرڻ تي هو
ٻاهرينءَ دل سان چون ٿا ته ”اسان به موقعي تي مدد
ڪري سگهنداسون، پر اڳ ۾ اسان سان واعدو ڪيو وڃي ته
هڪ مقرر وقت تي اسان کي اصلاحات هند جو پروانو ڏنو
وڃي، يا وعدو ڪيو وڃي ته انگريز وٽان اسان کي حق
ڏنا ويندا. ان سان گڏ جيستائين اسان کي يقين سان
وعدو نه ملندو، تيستائين اسان فوج ۾ ڀرتيءَ جي
خلاف رهنداسون ۽ ڪابه مدد ڏئي نه سگهنداسون.“ مان
انهن جي ان قسم جي دڙڪن کان ڊڄڻ وارو ناهيان، مان
اهڙن کي ڪنهن موقعي تي ڏسي رهندس.
منهنجو خيال آهي ته اهي دوست، اهو تسليم نه ڪندا
ته هو اسان سان سوديبازي ڪري رهيا آهن، پر مان
ائين به ڀانيان ٿو ته شايد هو سوديبازي نه ٿا ڪن،
ليڪن سندن صحيح پوزيشن اها آهي ته انهن جو سرگرم
تعاون اڃا تائين حڪومت کي حاصل نه ٿيو آهي. جيسين
سندسن مطالبن کي اسان نه مڃيو آهي، تيسين هو اسان
سان تعاون ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندا،
حالانڪه کين چڱيءَ طرح سان خبر آهي ته اهو ڪم
وائسراءِ يا ڪنهن ٻئي فرد جي هٿ وس ناهي. اهو ڪم
برطانيه جي وزارت ئي ڪري سگهي ٿي، پر اڄ ڪلهه جي
جنگي مصروفيتن جي ڪري برطانوي وزارت پاران هندستان
جي آئيني مسئلي ڏانهن ايترو توجهه نه ٿو ڏنو وڃي.
مان
نڪته چيني جو خيرمقدم ڪندس، ليڪن ان کي تلخ ۽ لغو
هئڻ نه گهرجي. مان غير يقيني ۽ نيم دل واري تعاون،
اشتراڪ عمل ۽ امداد کي ڪڏهن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار
ناهيان. مان انهن دوستن کي وري به عرض ڪندس ته هو
مخلصانه نموني ۾ اسان سان تعاون ڪن ۽ ڪابه اهڙي
تقرير حرڪت ۽ ڪوشش نه ڪن، جا اسان جي مقصد يعني
جنگ جي ڪامياب انجام ۾ رخنه انداز ٿي سگهي.“
مهاراج لوڪمانيه تلڪ جي شڪست ۽ عزت ريزي
لارڊ ولنگٽن جي تقرير کانپوءِ برصغير جي وڏي
سياستدان مهاراج لوڪمانيه تلڪ کي تقرير لاءِ لارڊ
ولنگٽن پاران دعوت ڏني ويئي. لوڪمانيه تلڪ نه فقط
هڪ عمر رسيده، پراڻو سياستدان ۽ نهايت تجربيڪار
محب وطن هو، پر ان سان گڏ هڪ وڏو عالم ۽ محقق هو.
سندس سياسي بزرگيءَ جو هر سياستدان احترام ڪندو هو
۽ جناح صاحب، پروفيسر گوڪلي کان علاوه فقط
لوڪمانيه تلڪ جي سياسي بصيرت کي داد ڏيندو هو.
لوڪمانيه تلڪ مهاراج، لارڊ ولنگٽن جي تيز ۽ تلخ
تنبيهه کان اهڙو ته متاثر ٿيو، جو هو اصل موضوع تي
اچڻ کان اڳ تمام طول تمهيد ۾ ڦاسي پيو. لارڊ
ولنگٽن نه فقط پنهنجي تائيد لاءِ ايتري جاکوڙ ڪئي
هئي، پر لوڪمانيه تلڪ کي ان خاص موضوع تي پهچڻ
لاءِ خاص وقت گهربو هو.
لوڪمانيه تلڪ پنهنجي تمهيد بادشاهه سلامت سان
پنهنجي وفاداريءَ ظاهر ڪرڻ سان شروع ڪئي، ۽ ڪافي
وقت تائين بادشاهه سلامت ۽ سندس آل اولاد جي دعائن
۽ برٽش شهنشاهت جي ڪاميابيءَ لاءِ ڳالهائيندو رهيو
۽ ان کان پوءِ هندوستان جي دستور تي آيو.
لارڊ
ولنگٽن جهڙي فرعون، لوڪمانيه تلڪ جي طول بياني
پسند نه ڪئي، ۽ ڀري ڪانفرنس ۾ کيس ٽوڪيندي چيائين:
”هن
ڪانفرنس ۾ سياسي مسئلن تي بحث ۽ گفتگو جي اجازت
ڏئي نٿي سگهجي، ان ڪري تلڪ کي احتياط سان ڳالهائڻ
گهرجي.“
لوڪمانيه تلڪ پنهنجي آبروريزيءَ جو اهو طعنو
برداشت ڪري نه سگهيو. پاڻ ڳالهائيندي ڳالهائيندي
رڪجي ويو. آخر اسٽيج تان لٿو، ۽ ڪاوڙ وچان مورڳو
ڪانفرنس مان ئي ٻاهر هليو ويو.
جناح
صاحب جي تقرير
جناح
صاحب لارڊ ولنگٽن جهڙي نمرود جي تيز ۽ تلخ گفتگو
اڳي ئي ٻڌي چڪو هو، ويتر جو لوڪمانيه تلڪ جي اها
درگت ڏٺائين، سو تپي باهه ٿي ويو، ۽ فورن اسٽيج تي
چڙهي ويو. جناح صاحب کي اسٽيج تي ڏسي، في الحال ته
ولنگٽن جا ٺپ ئي ٺري ويا. نهايت تعجب انگيز نظرن
سان جناح صاحب ڏانهن تڪيندو رهيو. جناح صاحب جي
تقرير جو ترجمو هن ريت آهي:
”جناب عالي ۽ حاضرين مرحلو ڪيترو به نازڪ بيان ڪيو
ويو هجي، برطانيه کي جنگ جي صورتحال کان ڪيتري به
پريشاني لاحق ٿي هجي، کيس اسان جي امداد ۽ تعاون
لاءِ ڪيتريون به ليلڙاٽيون ڪرڻيون پون، ڪيترا به
نرم ۽ گرم دليل پيش ڪرڻا پون، پر اهو به ذهن نشين
ڪرڻ گهرجي ته هر هندستاني ان حقيقت تي متفق آهي ته
هندوستان کي پنهنجو حق خود ارادي ملڻ گهرجي،
هندوستان ڪو اهڙو نڌڻڪو ناهي جو ان جي سياسي
ترقيءَ جي راهه ۾ ڪو ضدي خودغرض، مطلب پرست ۽ مفاد
پرست رڪاوٽ بنجي سگهي. ليڪن ان کان اڳ جو مان
پنهنجي خيالات کي اڳتي هلي ظاهر ڪريان، پنهنجي ان
دلي ڪوفت ۽ اذيت جو اظهار ڪرڻ ٿو گهران ته اڄ هت
جو ڪجهه به ٿي گذريو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي.
هز
ايڪسيلينسي جي خيالات جي پالوٽ، فقط محب وطن ”هوم
رول“ تحريڪ جي ليڊرن تي ٿي آهي. هو اسان کي محب
وطن نٿو سمجهي. اسان جي رهنمائن کي شڪ ۽ شبهي جي
نظر سان ڏسي ٿو. مون کي ان قسم جي طريقيڪار انداز
گفتگو ۽ طرز عمل تي سخت افسوس آهي. هز ايڪسيلينسي
جي پوري دستوري ۽رسمي احترام جي باوجود مان نهايت
سختيءَ سان، ان طرز عمل جي خلاف احتجاج ٿو ڪريان.
اسان جو مفلس ۽ مفلوڪ الحال وطن هندوستان هن وقت
جنگ جي باهه جي ويجهو ڪيو پيو وڃي، ان ڪري اسان
پنهنجي مادر وطن جي دفاع ۽ حفاظت لاءِ بيقرار
آهيون، پر اسان جو هزار ميلن تان آيل حاڪم اسان کي
نصيحتون ڪري رهيو آهي ته جرمن جي حملن کان بچاءَ
لاءِ سوچڻ گهرجي. حالانڪه اهو طريقو غلط آهي. اسان
جو فضيلت ماب، هندوستان جي دفاع کي نظر انداز ڪري،
اگر ائين چئي ها ته ”تاج برطانيه“ جي حفاظت لاءِ
اوهان هندستاني غلام اسان جي غلاميءَ جي زنجيرن کي
لڙڪائيندي، فوج ۾ ڀرتي ٿي، جرمن فوجن سان محاذ
آرائي ڪيو، ته اهو بلڪل صحيح ٿئي ها!
مشڪلات هيءَ به آهي ته حڪومت اسان مان ”سپاهي“
ڀرتي ڪرڻ ٿي چاهي، ۽ ان سلسلي ۾ جرمن جي خوف ۽
هندستان جي دفاع جا دليل ڏيئي، اسان کي ڊيڄاري به
ٿي ۽ ساڳئي وقت تي ترغيب به ڏئي ٿي.
حالانڪه منهنجو خيال آهي ته ايتري طول ڪلامي ۽
دليل بازيءَ کي نظرانداز ڪري، هز ايڪسيلينسي کي
اسان جي راءِ کي سمجهڻ گهرجي ته اسان ”نيشنل آرمي“
جو قيام گهرون ٿا. هز ايڪسيلينسي کي چڱيءَ طرح
احساس ڪرڻ جڳائي ته جرمن خطري کي معمولي پگهاردار
۽ بي جذبي ”سپاهيءَ“ دور ڪري نه سگهندو، ان خطري
کي ”نيشنل آرمي“ دور ڪري سگهي ٿي، جنهن جو هر فرد
هندستان جي وقار ۽ عزت کي سمجهي سگهندو هجي. ان
مسئلي ۾ منهنجو ۽ سرڪار نامدار جو موقف بلڪل واضح
آهي. افسوس رڳو اهو آهي ته اڄ تائين ”سپاهي“ ۽
”قومي سپاهي“ جو فرق نه سمجهيو ويو آهي.“
جناح
صاحب، پنهنجي فاضلانه ۽ پرمغز تمهيد ۾ لارڊ ولنگٽن
جي چڱيءَ طرح خبر وٺڻ کان پوءِ، تقرير کي جاري
رکندي چيو ته:
”ڄام
نگر جي مهاراجا چيو هو ته ”اسان کي سودو ڪرڻ نه
گهرجي.“ ان طرح مسٽر من موهنداس رام جي چيو هو:
”اسان کي سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي، حڪومت جي امداد ۽
حمايت ۾ هن وقت اسان جو ڪجهه به ڪري ٿا سگهون، اهو
ڪريون ڇو ته اسان کي ان جو ڦل ضرور ملندو، ۽ جو
ڪجهه اسان چاهينداسون اهو اسان کي سرڪار نامدار
کان ضرور ملندو.“
هز
ايڪسيلينسي کان مان پڇڻ گهران ٿو ته پاڻ نهايت سخت
انداز ۾ ”هوم رول“ جو ذڪر ڪندي، محب وطن ليڊرن، جن
۾ مان به آهيان، تن لاءِ چيو اٿس ته اسان برطانيه
جي شهنشاهت کي سنگين صورتحال ۾ مبتلا ڏسي،
هندوستان جي لاءِ حق گهرون ٿا، سا اسان جي پاران
”سوديبازي“ آهي. حالانڪه خود سرڪار نامدار جي خاص
همدردن ڄام نگر جي مهاراجا ۽ من موهن داس رامجي به
اهي ساڳيا لفظ چيا آهن، جي اسان چوندا آهيون، پر
هنن کي ته هز ايڪسيلينسي ڪڏهن به ”سوديبازي“ جو
طعنو نه هنيو آهي، ڇا اهو انصاف آهي!
هز
ايڪسيلينسي کي خيال ۾ رکڻ گهرجي ته دهلي ڪانفرنس ۾
مون هڪ تجويز پاس ڪرائي هئي، جا متفقه طور منظور
ٿي هئي، جنهن ۾ مون تقاضا ڪئي هئي ته ”هندستاني
فوجي سپاهين“ کي ڪنگ ڪميشن ڏيڻ گهرجي. هندستانين
لاءِ فوجي ڪاليج عام کوليا وڃن، فوج ۾ ”هندستانيت“
۾ زياده اضافو ڪيو وڃي. پر افسوس اهو آهي جو اڄ
تائين ان تي عمل ڪرڻ لاءِ سرڪار نامدار تيار ئي نه
ٿي آهي! حالانڪ ان واقعي کي به ڀريا ٻه مهينا ٿي
گذريا آهن.
هز
ايڪسيلينسي! مان بلڪل واضح نموني ۾ اوهان کي ۽
اوهان جي شهنشاهت کي، جنهن کي جرمن جي حملن ڪري
اهو خوف پيدا ٿيو آهي ته سندن امپائر تان نه لهندڙ
سج شايد پوريءَ طرح لهي وڃي، نه ته به اڌ کن
شهنشاهت تان ته ضرور لهڻو آهي! ٻڌائڻ ٿو گهران ته
اسان تيستائين سرڪار جي ڪابه مدد ڪرڻ نٿا گهرون،
جيستائين اسان جهڙن محب وطن هندستاني ليڊرن ۽ عوام
جي مطالبن کي تسليم نه ڪيو ويندو، ۽ تيستائين به
اسان اوهان جا شريڪ ڪار نه ٿينداسون، جيستائين
اوهان اسان متعلق پنهنجي طرز گفتار ۽ طرز عمل کي
نه بدلائيندو.“
جناح
صاحب جي تقرير اڃا اتي مس پهتي ته لارڊ ولنگٽن وچ
۾ ڳالهايو.
لارڊ
ولگٽن: صاحب تقرير کي دهليءَ يا شملي وڃي شڪايت
ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهڙن مسئلن متعلق مون کي ڪوبه
اختيار حاصل ناهي.
جناح
صاحب: بيشڪ هندستان جي حقن متعلق اوهان وٽ ڪوبه
اختيار ناهي، باقي محب وطن هندستانين متعلق زبان
درازي ڪرڻ ۽ الزام تراشي ڪرڻ واري سرٽيفڪيٽ ورهائڻ
جي اوهان کي اجازت مليل آهي، ۽ ان تي اوهان کي
مڪمل اختيار جي سَنَد به مليل آهي.
لارڊ
ولنگٽن: جناح صاحب، اوهان ادب ۽ رسم جي دائري کان
ٻاهر ڳالهائي رهيا آهيو.
جناح
صاحب: هز ايڪسيلينسي کي ياد رکڻ گهرجي ته ان رسم
جو افتتاح مون کان گهڻو اڳ هن ڪانفرنس ۾ ٿي چڪو
آهي.
لارڊ
ولنگٽن: جناب اصل بحث جي موضوع تي اچو.
جناح
صاحب: بلڪل درست، ڇا هن وقت تائين منهنجو بحث
موضوع متعلق نه هو! ڇا مون زمين تي ڪي آسماني
ڳالهيون ڪيون آهن!
چڱو
هز ايڪسيلينسي وري ٻڌي ڇڏيو، مان ان طرز عمل سان
متفق ناهيان جنهن سان اسان مان فوجي ڀرتي ڪري،
پنهنجي تاج کي بچائڻ گهرو ٿا! نه ڪو ان طريق ڪار
سان متفق آهيان، جو اوهان کان پيدا ٿي چڪو آهي.
لارڊ
ولنگٽن: جناب اوهان صدر جي رولنگ تي بحث ڪري نٿا
سگهو!
مسٽر
جناح: هزايڪسيلينسي، مان صدر جي رولنگ متعلق ڪجهه
به نه ڳالهايو آهي. مان ته رڳو ايترو ٿو ظاهر
ڪريان ته ”اسان اوهان جي تجويز جي ڪڏهن به تائيد
نه ڪنداسون.“ البت منهنجي هڪ ترميم آهي ته جا هز
ايڪسيلينسي پاران افسوس آهي جو اجازتنامي جي محتاج
آهي! اهو هڪ اهڙو عجيب غريب فيصلو آهي، بلڪه هڪ
نادري حڪم آهي، جو دستور ۽ آئين جي دنيا ۾ بلڪل
انوکو به آهي ۽ نرالو به آهي. مان اميد ٿو ڪريان
ته هز ايڪسيلينسي، منهنجي پيش ڪيل مسئلن تي
سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي تڪليف گوارا ڪندو. اسان جي
اها به نصيحت آهي ته اسان جي اخلاق ۽ صداقت تي شڪ
شبهو ڪرڻ هوم رولنگ جي توهين آهي، اسان جي هندستان
جي توهين آهي، اسان جي حق پسندي ۽ انصاف طلبي جي
توهين آهي. بلڪه هن ساري اجلاس جي توهين آهي.“
جناح
صاحب اها مدلل ۽ زوردار تقرير ڪري اسٽيج تان لهي
آيو. ظاهر آهي ته جناح صاحب اهو سڀڪجهه وضاحت سان
لارڊ ولنگٽن کي چئي ڇڏيو، جنهن جي چوڻ لاءِ ٻيو
ڪوبه تيار نه هو! بلڪه تلڪ به شڪست کائي اسٽيج ۽
ڪانفرنس ڇڏي ويو ۽ ٻيا سڀ خاموش رهجي ويا!
ولنگٽن جي خلاف احتجاج، گانڌيءَ جي صدارت:
جناح صاحب ”هوم رول“ جي توهين کي خاموشيءَ سان
برداشت نه ڪيو. چناچه 16 جون 1918ع تي ڏاڍي ڌام
ڌوم سان ”يوم هوم رول“ ملهايو ويو ۽ لارڊ ولنگٽن
جي غلط روش تي احتجاج ۽ غصي جو اظهار ڪيو ويو. ان
سلسلي ۾ بمبئيءَ جي شهرين پاران هڪ يادگار ۽ عظيم
الشان جلسو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت مهاتما گانڌي
ڪئي.
16جون 1918ع جو ڏينهن بمبئءَ جي تاريخ ۾ جوش ۽
جذبي سان ڀرپور ڏينهن هو. ساري شهر ۾ انقلاب جي
لهر ڇانئجي چڪي هئي. رضاڪارن جا هر هنڌ رنگ ۽
تماشا هئا. هر ڪنهن کي هوم رول ليگ جا بيج لڳل
هئا. قطارن جون قطارون هوم رول ليگ جي جهنڊن سان
جلوس ڪڍي جلسه گاهه ڏانهن وڌنديون رهيون. ان ۾ شهر
جي خواتين اهم ڪردار ادا ڪيو. ساري شهر ۾ هڙتال
ڪرائي ويئي، جا ڪامياب رهي. سارو ڪاروبار بند
رهيو، حتيٰ ڪه مولا جي جيٺا مارڪيٽ کي به تالا لڳي
ويا.
شانتارام چاليءَ ۾ جلسو رکيل هو. وقت کان اڳ هڪ لک
اندر سامعين جو هجوم جلسه گاهه ۾ پهچي چڪو هو. ان
جلسي ۾ جناح صاحب هڪ احتجاجي تجويز پيش ڪئي، جنهن
۾ حڪومت جي فوجي پاليسيءَ ۽ هندستاني ليڊرن تي
حڪومت پاران حملن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو
ويو.
جناح
صاحب جي تقرير
ان
موقعي تي جناح صاحب جا تقرير ڪئي، سا هن ريت آهي:
”وار
ڪانفرنس ۾ لارڊ ولنگٽن جي روش نهايت غلط هئي. ڪي
خوشامدڙيا، ”لاٽ صاحب“ جي حمايت ۾ ڇا به چوندا
رهن، ليڪن هيءَ حقيقت آهي ته هن، هندستان ۾ ان جي
محب وطن ليڊرن جي توهين ڪئي آهي، جنهن جو کيس ڪو
به حق نه هو، ڇو ته هو هندستان جو ملازم آهي، فقط
عهدي ۾ گورنر آهي.
اسان
هاڻي متفقه طور تي اهو فيصلو ڪيو آهي ته جنهن به
جلسي جي صدارت لارڊ ولنگٽن ڪندو، اسان ان ۾ شريڪ
نه ٿينداسون. تيستائين، جيستائين لارڊ ولنگٽن
پنهنجي زبان مان نڪتل ذلت آميز لفظ معذرت سان واپس
نه وٺي. لارڊ ولنگٽن چيو هو ته اسان جو تعاون ۽
امداد نيم دلي سان آهي، منهنجو جواب هي آهي ته
سندس پاليسي ته نيم دليءَ کان به گهٽ آهي! آئون
کيس صاف ٻڌائڻ ٿو گهران ته تون ساري هندستان جي
حقن سان راند کيڏي رهيو آهين. تون ساري قوم کي
بيوقوف بنائي رهيو آهين. تون بلڪل مخلص ناهين،
تنهنجي روش، توڙي تنهنجي پاليسي ۽ توڙي تنهنجو طرز
عمل سڀ احمقانه ۽ غلط آهن، بلڪ بلڪل غلط آهن. اسان
توتي ڪوبه ڀروسو نٿا ڪريون. تون اسان کي مادر وطن
جي حفاظت ۽ خدمت جو ڪوبه موقعو نٿو ڏين. اسان پاڻ
پنهنجي تلوار سان پنهنجي مادر وطن جي حفاظت ڪرڻ
گهرون ٿا، اسان کي تنهنجن هٿيارن جي ڪابه ضرورت
ناهي. تون اهڙي فوج ڀرتي ڪرڻ گهرين ٿو، جا
پگهاردار سپاهين جي فوج هوندي. ان کان وڌيڪ تون
ٻيو ڪجهه به سوچڻ لاءِ تيار ناهن. آخر هندستان
اوهان جي غلامي ۽ نوڪري ڪيتري وقت تائين ڏيڻ لاءِ
ٻڌل آهي! ڇا ان جي نجات جي به ڪا صورت تنهنجي ذهن
۾ اچي ٿي يا نه؟ اسان ”نيشنل آرمي“ گهرون ٿا، ان
هوندي به تون بار بار شڪايت ڪري چڪو آهين ته اسان
تنهنجي مدد نٿا ڪريون، جواب آهي ته اسان مدد نه ٿا
ڪريون، يا تون اسان کي مدد ڪرڻ نٿو ڏين!“
گانڌيءَ جي پرارٿنا ڪندي، ٻه چار لفظ چئي جلسي جي
خاتمي جواعلان ڪيو.
(غ م
گ)
**
اگر
اسان هن عظيم مملڪت پاڪستان کي مطمئن ۽ خوشحال ڏسڻ
جي تمنا رکون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجو پورو،
توجهه، غريبن ۽ عوامي طبقن جي معاشي ۽ سماجي
بهتريءَ ۽ خوشحاليءَ ڏانهن رکڻ گهرجي
(خطبه صدارت، مجلس دستور ساز پاڪستان 11 آگسٽ
1947) |