سندس
والد جي تجارت ڪافي ترقي حاصل ڪري چڪي هئي، اگر
اهو گُهري ها ته جناح صاحب کي پنهنجي ڪاروبار
سنڀالڻ لاءِ چئي ها، ليڪن سندن والد صاحب کي الله
تعاليٰ اها توفيق ۽ بصيرت عطا فرمائي جو هن اهو
خيال ظاهر ڪيو ته، محمد علي جناح کي اعليٰ تعليم
ڏياري وڃي. ان کانپوءِ کيس ستت ئي لنڊن موڪليو
ويو. 1892ع ۾، جناح صاحب بئريسٽريءَ جي لاءِ لنڊن
روانو ٿيو. جناح صاحب علم جي حصول سان گڏ سياست ۾
به حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان دؤر ۾ جناح صاحب مشهور
پارسي سياسي ليڊر، داداڀائي نوروزجي، جي حب
الوطنيءَ، سياسي بصيرت ۽ هندستان جي آزاديءَ واري
جدوجهد کان ڏاڍو متاثر ٿيو.
لنڊن
کان واپسي:
1896ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان امتيازي حيثيت ۾ پاس
ڪري، ڪراچيءَ واپس پهتو. ڪراچيءَ ۾ اچي جناح صاحب
کي پتو پيو ته والد صاحب جي تجارتي ڪاروبار ۾ ڪافي
نقصان ٿيو آهي، اهو ٻڌي جناح حوصلي ۽ عزم کان ڪم
ورتو ۽ مسنقل مزاجيءَ ۽ همت کان ڪم وٺي حصول معاش
لاءِ مشهور وڪيل هرچندراءِ وشنداس سان وڪالت جي ڪم
۾ شرڪت جي آڇ کي قبول ڪيو. ليڪن اهو اشتراڪ، مزاج
جي اختلافن ڪري، قائم رهي نه سگهيو، ۽ جناح صاحب
ڪراچيءَ کي ڇڏي 1902ع ۾ بمبئيءَ روانو ٿيو.
بمبئي ۾:
بمبئيءَ ۾ پهچندي سخت مشڪلاتن جو دور شروع ٿيو.
مسلسل ٽن سالن تائين حالت اها رهي جو روزانه
باقاعده پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ ويندو هو ۽ شام جو
گهر واپس پهچندو هو. ان طويل عرصي ۾ سندس وڪالت جو
ڪاروبار زور وٺي نه سگهيو، ليڪن جناح صاحب صبر ۽
حوصلي سان مشڪلاتن کي منهن ڏيندو آيو. آخر ڪار
مشيت الاهي سندس زندگيءَ جو ورق ورايو. ٿيو ائين
جو هڪ ڏينهن سندس والد جو دوست، جناح صاحب کي
بمبئيءَ جي مشهور ايڊووڪيٽ جنرل مسٽر ميڪفرسن وٽ
وٺي ويو. ان نهايت خنده پشانيءَ سان هن نوجوان
بئريسٽر جي آجيان ڪئي ۽ قانون جي مطالعي لاءِ
پنهنجي ساري قانوني سرمايه کي سندس حوالي ڪيو. ان
دؤر ۾ سچ پچ ته هڪ انگريز کان اهڙي تعاون جي اميد
ڪانه هئي. مسٽر ميڪفرسن جي سفارش سان جناح صاحب کي
جلدي پريزيڊنسي مئجسٽريٽ جي عارضي جاءِ ملي. ان
عهدي کي جنهن ذمه دارانه ۽ ديانتدارانه حيثيت سان
جناح صاحب هلايو، تنهن سندس ذاتي جوهر کان بمبئيءَ
جي ماڻهن کي متعارف ڪرايو. ان دور ۾ جناح صاحب جي
مالي پريشاني ختم ٿي. ان عارضي ملازمت کانپوءِ
جناح صاحب جڏهن پنهنجي آزاد آفيس قائم ڪئي، تڏهن
کيس ڪافي مقدما مليا. سندس قابليت ۽ شهرت کان
متاثر ٿي سرڪار پاران کيس 1500 رپين ماهوار مستقل
ملازمت جي آڇ پهتي، ليڪن جناح صاحب اها آڇ رد ڪندي
چيو ” مان سرڪار جي ملازمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان،
ٻيو ته 15 سئو رپيا ته منهنجي روز جي پيدائش ٿي
سگهي ٿي.“ اڳتي هلي واقعات مان ثابت ٿيو ته جناح
صاحب جي پيشگوئي درست نڪتي. کيس لکن رپين جي
پيدائش ٿيڻ لڳي.
جناح
صاحب جي قانوني قابليت جي اهو حال رهيو هو جو
پاڻ جڏهن عدالت ۾ بحث شروع ڪندو هو، تڌهن جج، وڪيل
۽ سامعين سڀ حيران رهجي ويندا ها. جناح صاحب جي
قانوني مهارت، نڪته طرازي، زبان جي برجستگي ۽ دليل
جي پختگيءَ کان سڀ متاثر ٿيندا هئا. هڪ ڀيري هڪ
انگريز مئجسٽريٽ سان جناح صاحب جي تيز ڪلامي ٿي
پئي،جنهن تي مئجسٽريٽ چيو ته ” مسٽر جناح صاحب،
اوهان کي خيال رکڻ گهرجي ته اوهان ڪنهن ٿرڊ ڪلاس
مئجسٽريٽ سان مخاطب ناهيو؟“ جناح صاحب کيس برجسته
جواب ڏنو: ” جناحب توکي به ياد رکڻ گهرجي ته تون
ڪنهن ٿرڊ ڪلاس وڪيل سان مخاطب ناهين!“ جج شرمسار
ٿي معذرت ظاهر ڪئي.
چيف
جسٽس پاران خراج تحسين:
بمبئيءَ ۾ سندس هاڪ پيدا ٿي، چيف جسٽس لارڊ پيٽرڪ
سپنس لکي ٿو:
”
اهڙو ڪو مرد يا اهڙي ڪا عورت هن دنيا ۾ ناهي، جا
جناح جي ديانتداريءَ، قابليت ۽ قانوندانيءَ تي
انگشت نمائي ڪري سگهي. ڪيئي ناميارا وڪيل، تجربه
ڪار ايڊووڪيٽ ۽ بئريسٽر منهنجي سامهون آيا آهن،
پر سڀني کان وڌيڪ قابل، حق پسند ۽ سڀ کان زياده
سچار ۽ راستباز فقط جناح ئي آهي. جيستائين مون کي
معلوم آهي، جناح صاحب پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ هڪ
لمحي لاءِ به ڪنهن کي فريب ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي
آهي. جناح ڪنهن کي به دوکي ۾ نه رکيو آهي. سندس
نصب العين آهي راستبازي ۽ حق پسندي. ڪيس جو کٽڻ
سندس مقصد نه رهيو آهي. هو حق ۽ انصاف جو شائق
آهي. اگر سوال ڪيو وڃي ته آخر ايتري ديانتداري ۽
حق پسنديءَ مان هو ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو ۽ پنهنجن
مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ذريعا استعمال
ڪري ٿو ته پوءِ مان ان جو رڳو اهو جواب ڏيندس ته
قانون ۽ انصاف جي فتح، حق ۽ مظلوميت جي ڪاميابي!“
بيشڪ
جناح صاحب، وڪالت جي دور کان وٺي، قائداعظم بنجڻ ۽
برصغير جي آزاديءَ تائين انهن صفتن جو حامل رهندو
آيو. حق پرستي ۽ عادلانه مزاج سندس ڪاميابيءَ جا
ضامن رهندا آيا.
ڪانگريس ۾ شرڪت:
جناح
صاحب جي سياسي زندگي، ڪانگريس ۾ شرڪت سان شروع ٿي.
جناح صاحب سڀ کان اول 1906ع ۾ ڪانگريس جي آل انڊيا
اجلاس ڪلڪته ۾ شريڪ ٿيو.
ان
جو صدر پارسي ليڊر دادا ڀائي نوروزوجي جهڙو مشهور
محب وطن سياستدان هو. جناح صاحب ان وقت سندس
پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان سياسي ڪاروبار
هلائيندو هو.
ان
اجلاس ۾ جناح صاحب پهريون ڀيرو سياسي تقرير ڪئي.
اتفاق اهڙو بنيو جو ان تقرير جو موضوع هو، مسلمانن
جو ”قانون وقف علي الاولاد“. جناح صاحب ان مسئلي
تي نهايت مدلل ۽ پراثر تقرير ڪري، سامعين کي متاثر
ڪيو. ان اجلاس ۾ ملڪ جي بهترين سياسي ماڻهن کي خبر
پيئي ته برصغير هند جي سياسي افق تي هڪ نئون
درخشنده تارو نمودار ٿيو آهي. ان سال ئي مسلمانن
پنهنجن حقن جي تحفظ لاءِ مسلم ليگ جو بنياد رکيو.
1910ع ۾ جناح صاحب کي برطانوي هند جي امپيريل
ڪائونسل جو رڪن چونڊيو ويو. ان دور ۾ پاڻ ڪانگريس
جو سرگرم رڪن ۽ حامي هو. ڪانگريس ۾ رهندي، جي
سياسي خدمتون جناح صاحب ڪيون، ان کي ڏسي، کيس
”هندو- مسلم اتحاد جي سفير“ جي خطاب سان نوازيو
ويو. جناح صاحب 1906ع کان 1913ع تائين مسلسل هندو-
مسلم اتحاد لاءِ جدوجهد ڪئي. پر سندس ايتري جاکوڙ
جي هوندي، ڪانگريس جي هندو اڪثريت پاران ڪڏهن به
وسيع ظرفيءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويو، ان جي برعڪس
ڪانگريسي ليڊرن وقت به وقت هندو آريه سماج، شڌي ۽
سنگهٽن تحريڪ، آل انڊيا مهاسڀا جهڙين متعصب تحريڪن
سان تعاون پئي ڪيو.
ڊاڪٽر امبيڊڪر جي حق گوئي:
ان
سان گڏ ٽيهه ڪروڙ اڇوتن جي ليڊر ڊاڪٽر امبيڊڪر سان
ڪو به سٺو برتاءُ نه ڪيو ويو، جنهن جو چوڻ هو ته:
”اسان اڇوت آهيون، اسان جو هندو ڌرم سان ڪو به
واسطو ناهي. گانڌي اسان کي هريجن ڪوٺي، هربجن
اخبار ڪڍي، هريجن ڪالوني جي آڙ ۾ هندو قرار ڏئي،
اسان جي ”اڪثريت“ کي ٽوڙي رهيو آهي ۽ اسان کي هندن
۾ شمار ڪري، هندوستان ۾ “هندن جي اڪثريت“ ڏيکارڻ
ٿو چاهي،جا بلڪل غلط آهي.اسان ٽيهه ڪروڙ اڇوت نه
هندو آهيون ۽ نه مسلمان! بلڪل هڪ مستقل، ۽ جداگانه
تهذيب ۽ هند پراچين سڀيتا جا مالڪ آهيون.جمهوريت
جي تقاضا موجب، هندوستان ۾ سڀ کان وڏي اڪثريت اسان
ٽيهه ڪروڙ اڇوت آهيون، ان کان پوءِ ڏهه ڪروڙ
مسلمانن جي اڪثريت آهي، ۽ ان کان پوءِ هندو آهن،
جن ۾ برهمڻ، کتري ۽ ويش اچي ٿا وڃن. جن ۾ برهمڻن
جو تعداد تمام گهٽ آهي، پر ان هوندي به آل انڊيا
ڪانگريس تي راڄ، چند هزار برهمڻن جي چند نمائندن
موتي لال نهرو ۽ جواهر لال نهرو سندن هم پياله ۽
هم نواله برهمڻن آهي، جو حق، انصاف ۽ جمهوريت جي
خلاف آهي. ۽ خود گانڌي، جو نه ڪو برهمڻ آهي ۽ نه
ڪو اڪثريت واري قوم اڇوتن مان آهي. هو هندن جي هڪ
معمولي ۽ اقليت واري گروهه کترين مان آهي، جي
واپاري آهن، ان هوندي به هو ساري هندستان جي سٺ
ڪروڙ اڇوتن، مسلمانن، هندن، پارسين ۽ سکن جو ليڊر
پيو سڏائي ۽ پاڻ کي خواهه مخواهه ”مهاتما“ پيو
چوائي. اهو سڀ ڪجهه غلط آهي. گانڌي، ڪانگريس جو
چئن آنن جو ميمبر به ناهي، ان هوندي به هو
”مهاتما“ به آهي، ۽ ڪانگريس جهڙي متحده قوميت واري
تحريڪ کي آڱرين تي به نچائي رهيو آهي! ۽ ڀارت
پاران نمائندگي ڪندي، انگريزن سان سياسي ڳالهيون
به پيو هلائي. اهو سڀ ڪجهه جمهوريت، حق ۽ انصاف جي
خلاف آهي“
ڊاڪٽر امبيڊڪر جي انهن خيالن، نه فقط ساري برصغير
جي سياسي دنيا کي متاثر ڪيو، پر ان گڏ خود ڪانگريس
جي رڌڻي ۾ به رولو وجهي ڇڏيو. ان کانسواءِ ڪانگريس
۾ شريڪ مسلمان حق پسند گروپ مولانا محمد علي جوهر،
مولانا شوڪت علي، مولانا حسرت موهاني، ڊاڪٽر سيف
الدين ڪچلو، حڪيم اجمل خان صاحب پاران ليڊر به حد
کان وڌيڪ متاثر ٿيا.
هريجن تحريڪ:
امبيڊڪر جي ان باطل شڪن بيان جي ردعمل ۾ گانڌي ۽
ڪانگريس به معذرت خواهي ۽ صلح جوئيءَ کان ڪم نه
ورتو، بلڪه ان جي برعڪس زور شور سان، مسيحي مشنريز
جي طرز تي، ڪروڙين روپين جي خرچ سان ”هريجن تحريڪ“
شروع ڪري، اڇوتن کي پئسا ڏئي آريه سماج جي پيدا
ڪيل تحريڪ، ”شڌي ۽ سنگهٽن“ کي زور وٺايو، جن جي
تبليغ ۽ لالچ تي، لکين اڇوت، ”شڌ“ ٿي ويا، ۽ ڊاڪٽر
امبيڊڪر دل شڪستو ٿي، اسلام کي قبول ڪرڻ جو اعلان،
ڇپايو، جنهن جي نتيجي ۾ مسلمان جي مبلغن جي هٿ تي
لکها اڇوتن اسلام قبول ڪري، اسلام جي مساوات۽ اخوت
جي دائري ۾ اچي پناهه ورتي. باقي اڇوت، انگريز ۽
ڪانگريس جي باهمي سازش سان ”شيڊول ڪاسٽ“ جي عنوان
هيٺ آدمشماريءَ جي دفترن ۾ درج ڪرائي، ”هندو
اڪثريت“ جي دعويٰ کي برقرار رکيو ويو.
خلافت تحريڪ:
هي
اهو وقت هو، جڏهن اڇوتن سان گڏ، ڪانگريس پاران،
خلافت تحريڪ کي به ڌڪ هنيو ويو. اوائل ۾ ڪانگريس ۽
خلافت ٻئي تحريڪون متحد ٿي جدوجهد ڪنديون رهيون.
عين ان وقت تي، جڏهن ”خلافت تحريڪ“ انگريزن جي
خلاف قطع تعلقات ۽ عدم تعاون، بائڪاٽ ۽ سوديشي
تحريڪ شروع ڪئي، تڏهن اول ته گانڌيءَ شرڪت ڪئي، پر
جڏهن قطع تعلقات ۽ نان ڪوآپريشن جي تحريڪ عروج تي
پهتي، تڏهن ڪنهن به معقول سبب کان سواءِ مهاتما
گانڌيءَ اعلان ڪيو ته:
”اسان انگريزن سان قطع تعلقات ۽ عدم تعاون جي حق ۾
ناهيون. اسان انگريزن جي امداد ۽ تعاون سان، سوراج
وٺنداسون. اسان جو خلافت تحريڪ جي پاران مسلم ملڪن
جي آزاديءَ واري رٿ سان ڪو به واسطو نه رهندو.
اسان جي تحريڪ فقط ڀارت تائين محدود رهندي“
ياد
رهي ته گانڌيءَ جو اهو اعلان، اهڙي نازڪ وقت تي
ظاهر ٿيو، جڏهن برطانيه مسلمان ملڪن سان گڏ ترڪي ۽
عرب ممالڪ کي پاڻ ۾ ويڙهائي، پوري اسلامي دنيا کي
تباهه ڪري رهي هئي. ۽ ”خلافت تحريڪ“ مسلمان ملڪن
جي آزاديءَ سان گڏ ڪانگريس سان تعاون ڪندي ٿي آئي.
انهن
حالتن ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ ، مولانا شوڪت
علي، حسرت موهاني، شيخ عبدالمجيد سنڌي پارن اڪابر
سياستدانن ڪانگريس تان استعيفيٰ ڏني ۽ مسلم ليگ ۾
شرڪت ڪيائون.
جناح
صاحب مسلم ليگ ۾:
ظاهر
آهي ته قائداعظم جهڙي حق پسند ۽ ديانتدار ليڊر به
ڪانگريس جي ان روش تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽
گانڌيءَ سان ملاقات ڪري، ساڻس ڊاڪٽر امبيڊڪر ۽
خلافت جي مسئلن تي تبادله خيالات ڪيو. جناح صاحب،
ان متعلق آل انڊيا ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽي ڪوٺائڻ
جي پڻ ڌمڪي ڏني، پر مهاتما گانڌي، ڪنهن به صلح ۽
معقول طريقي تي قائم رهڻ لاءِ آمادگي نه ڏيکاري.
نتيجو اهو نڪتو جو اهو شخص جنهن کي ڪانگريس
”هندوــ مسلم اتحاد جو سفير“ سڏي چڪي هئي، سو
ڪانگريس ۽ ان جي ليڊرن جي تنگ ظرفي ۽ غير جمهوري
روش کان ناراض ۽ بيزار ٿي پيو.
آخرڪار 1913ع ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ سندس ساٿين
جي عرض ڪرڻ تي جناح صاحب ڪانگريس تان استعيفيٰ
ڏئي، مسلم ليگ ۾ شرڪت ڪئي.
جناح
صاحب مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ به ڪانگريس ۽
مسلم ليگ ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آيو.
ميثاق لکنو:
1916ع ۾ جناح صاحب ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي صلح
ڪرائڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾
”ميثاق لکنو“ نمودار ٿيو، ۽ ڪنهن حد تائين ڪانگريس
۽ مسلم ليگ کي گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. پر
افسوس اهو آهي ته ڪانگريس جي انحراف ۽ اختلاف،
اڳتي هلي ”ميثاق لکنو“ کي به بي روح ۽ بي معنيٰ
بنائي ڇڏيو.
ان
مان واضح آهي ته جناح صاحب هندو ــ مسلم اتحاد جو
زبردست حامي ۽ کيس هندو ــ مسلم اتحاد جي تحريڪ جو
علمبردار ۽ باني قرار ڏنو ويو.
جناح
هال بمبئي:
ان
سلسلي ۾ وري به ڪانگريس پاران هڪ سياسي حرڪت ڪري،
مسلمانن، پارسين ۽ اڇوتن کي ان تاثر ڏيڻ جي سازش
ڪئي وئي ته هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد جي ڪوشش
ڪانگريس پاران ڪئي وئي هئي، جو انڪري ان واقعي جو
يادگار قائم ڪيو وڃي.
ان
سلسلي ۾ بمبئيءَ ۾ آل انڊيا ڪانگريس پاران هڪ هال
تعمير ڪيو ويو ۽ ان جي افتتاح لاءِ هڪ خاص اجلاس
ڪوٺايو ويو ۽ ان هال تي ”ڪانگريس هال“ جي تختي
لڳائي وئي ان جو افتتاح سروجني نيڊو ڪيو. ان موقعي
تي ڪانگريس ليڊرن، نهايت مبالغه آرائيءَ سان
تقريرون ڪري، ڪانگريس جي ليڊرن ۽ گانڌيءَ لاءِ
تحسين ۽ آفرين جو اظهار ڪيو.
ان
موقعي تي بلبلِ هند سروجني نيڊو، جا ڪانگريس جي
ليڊر هجڻ کان علاوه انگريزي زبان جي عظيم ۽ مشهور
عالم شاعره پڻ هئي، تنهن ڪانگريسي نيتائن جي
تقريرن جي رد ۾ نه فقط زبردست تقرير ڪئي، پر ان
سان گڏ جناح صاحب جي حق ۾ هڪ سحر انگيز انگريزيءَ
۾ نظم پڻ پڙهي.
سروجني نيڊو، ظاهر ڪيو ته ”هندو ــ مسلم اتحاد جو
هيرو فقط محمد علي جناح آهي نه ڪو ٻيو، جنهن کي ڪو
خريد ڪري نٿو سگهي! ان ڪري ان ڪانگريس هال جو نالو
بدلائي ”جناح هال“ رکڻ گهرجي.“ نتيجو اهو نڪتو جو
سروجني نيڊو جي زبردست احتجاج سارو ماحول بدلائي
ڇڏيو ۽ هال تان ڪانگريس جو نالو لاهي ”جناح هال“
رکيو ويو. اهو هال اڄ به بمبئيءَ ۾ ”جناح هال“ جي
صورت ۾ موجود آهي.
رولٽ
ايڪٽ:
جڏهن
پهرين مهاڀاري لڙائي ختم ٿي، تڏهن حڪومت برطانيه
پنهنجن وعدن تائين ڦري ويئي ۽ ”رولٽ ايڪٽ“ جهڙو
سخت گير قانون نافد ڪري، تقرير ۽ تحرير جي آزادي
ختم ڪري ڇڏي ۽ سياسي سرگرمين تي پابندي وجهي ڇڏي ۽
هر وڏي شهر ۾ ڪرفيو ۽ ڪٿي ڪٿي مارشل لا لاڳو ڪيا
ويا. ان جي ردعمل ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ هزارين
بيگناهه گولين جو شڪار بنيا. ان دور ۾ گانڌي،
آفريقا مان ”ستيا گرهه“ تحريڪ هلائي، وچ ۾ ڇڏي،
هتي واپس اچي، رولٽ ايڪٽ جي خلاف احتجاج ۾ شريڪ
ٿيو. وڏي ڌام ڌوم سان تحريڪ هلي. گانڌيءَ کي
”مهاتما“ جو لقب ڏنو ويو.
گانڌيءَ جي جذباتي انداز ۽ بي ترتيب طريق ڪار کي
ڏسي جناح صاحب پيشنگوئي ڪئي ته هيءَ تحريڪ ناڪام
ٿيندي ۽ هزارن بيگناهه ماڻهن جو خون گانڌيءَ جي
اعمال نامه ۾ لکيو ويندو. واقعي ائين ئي ٿيو.
گانڌيءَ جي سوچ ويچار کانسواءِ مصلحتن اوچتو تحريڪ
تان هٿ کنيو. نتيجو اهو نڪتو جو هڪ طرف هزارها
هندوــ مسلمان گولين جو شڪار ٿيا ۽ ٻئي طرف هزارين
جيلن ۾ بند رهيا، جي گانڌيءَ جي ان قدم کان پوءِ
معافي وٺي ٻاهر آيا.
جناح
جو بيان:
ان
متعلق جڏهن جناح صاحب کان فيبروري 1921ع ۾ پڇا ڪئي
وئي، تڏهن چيائين:
”مون
کان منهنجن ڪيترن دوستن ۽ رفيقن پڇا ڪئي آهي ته تو
ههڙي نازڪ ترين وقت ۾ خاموشي ڇو اختيار ڪئي آهي؟
بيشڪ موجوده صورتحال خطرن سان لبريز آهي. حڪومت
برطانيه انتها درجي جي ظالمانه ۽ سفاڪانه روش
اختيار ڪندي ڪو به شرم محسوس نه ڪيو آهي. بيشڪ
قومي وقار مجروح ٿي چڪو آهي، ليڪن ٻئي طرف ائين
چوڻ ۾ مون کي ڪوبه عار نه آهي ته مسٽر گانڌي، جنهن
جي مان عزت ٿو ڪريان، هڪ غلط، غير مفيد، جذباتي ۽
بي ترتيب هنگامه خيز پروگرام تي هلي هزارين ماڻهو
مارائي رهيو آهي. هو نهايت غلط قدم کڻي رهيو آهي،
جو آخرڪار پنهنجي جذباتي مزاج جي ڪري تحريڪ کي ختم
ڪري ڇڏيندو ۽ هزارها ماڻهن جو خون سندس اعمال نامه
۾ لکيو ويندو“
جناح
صاحب جي اها راءِ حرف به حرف پوري ٿي. گانڌي بريءَ
طرح ناڪام ٿيو ۽ اوچتو ئي اوچتو تحريڪ تان هٿ کڻي،
انگريزن سان معذرت خواهي ڪري، وڃي گوشه نشين ٿيو.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته ان حادثي ۾ به مسلمانن جو
تمام گهڻو نقصان ٿيو. ڪانگريس جي مسلمان ليڊرن سخت
احتجاج ڪيو، پر گانڌيءَ کين ڪوبه اطمينان بخش جواب
نه ڏنو. نتيجو اهو نڪتو جو جيلن ۾ پيل انقلابين
معافي وٺي جند ڇڏائي. |