شڌي
۽ سنگهٽن تحريڪ:
رولٽ
ايڪٽ کانپوءِ برصغير ۾ هڪ ٻيو انقلاب آيو. هندوــ
مسلم اتحاد جي ليڊرن سان سوامي شر ڌانند، جوهميشه
هندو ـ مسلم اتحاد تي تقريرون ڪندو هو ۽ جامع مسجد
دهليءَ جي منبر تي چڙهي وعظ ڪندو هو، تنهن کي
انگريزن اجمير مان آزاد ڪيو ۽ کيس همتايو ويو ته
هو شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪ شروع ڪري. ان تحريڪ جو مقصد
هو (1) مسلمانن کي درباره هندو بڻائڻ (2) يا
مسلمانن کي قتل ڪري ڀارت کي پاڪ ڪرڻ (3) يا کين
مجبور ڪري ڀارت جي سرحدن کان ٻاهر ڪرڻ. ان سلسلي ۾
سوامي ديانند سرسوتي ستيارٿ پرڪاش ۾ چوڏهون باب،
اسلام ۽ پيغمبر اسلام جي خلاف وڌايو. ان تحريڪ ۾
سوامي ديانند، سوامي شرڌانند، آل انڊيا مهاسڀا جا
ليڊر، ويرو ساورڪر، ڀائي پرمانند، ڊاڪٽر مونجي ۽
پانڊي جهڙا اسلام دشمن ۽ متعصب ليڊر شريڪ ٿيا.
سندن ڪروڙها روپين جي خرچ سان ڪيئي ڪتاب ۽ پمفليٽ
ڇاپيا ويا ۽ رياستن جي بي علم ۽ ساده دل مسلمانن ۽
اڇوتن کي هندو ڌرم ۾ آڻي، کين ”شڌ“ ڪيو ويو. اعلان
ڪيو ويو ته مسلمان ناپاڪ، پليد، بديشي ۽ گندا آهن.
ڀارت جهڙي پوتر ديش ۾ کين رهڻ جي اجازت ناهي، اگر
رهڻ چاهين ته پوءِ هو ”شڌ“ ٿي رهي سگهن ٿا، يا نه
رهن ته فورن مڪي ۽ مديني هليا وڃن. آريه سماج اهو
اعلان ڪيو ته اسان آريه سماج جو جهنڊو خود ڪعبي تي
کوڙينداسون. هيءَ اهو ئي دور هو جنهن ۾ غازي علم
الدين هڪ بدزبان آريه کي قتل ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾
نٿورام جهڙي معتصب آريه کي غازي عبدالقيوم، ڀري
ڪورٽ ۾ خون ڪيو.
ان
شڌي تحريڪ جي جواب ۾ تبليغي جماعت پيدا ٿي. هندن ۽
مسلمانن جي وچ ۾ مناظره بازيءَ جي بازار گرم رهي.
آرين پاران اشتعال انگيز ڪتاب شايع ڪيا ويا. ان ئي
دور ۾ ”رنگيلا رسول“ ڪتاب ڇپيو. ان ئي دور ۾
ستيارٿ پرڪاش جو اردو ۽ سنڌي ترجمو شايع ڪيو ويو.
نتيجو اهو نڪتو جو انگريز ڏاڍي اطمينان سان تماشو
ڏسندو رهيو ۽ آريه ۽ مسلمان خلافتي عالم، قلم ۽
تلوار سان وڙهندا رهيا. انگريز هندوــ مسلم فساد
پيدا ڪرائي پاڻ کي محفوظ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا.
ڪانگريس چپن کي چنو هڻي خاموش رهجي وئي. مسلمان
ڪانگريسي دانهون ڪري ٿڪجي پيا. ڪانگريس پاران ڪو
معمولي ٺهراءَ پاس ڪري به آرين جي حرڪتن کي ننديو
نه ويو ۽ اڇوت ليڊر به احتجاج ڪندي رهجي ويا.
قائداعظم 1920ع ۾ ڪانگريس کان الڳ ٿي چڪو هو، تنهن
احتجاج طور رڳو ايترو چيو:
”هندن جا دلي ارادا بلڪل ظاهر ٿي چڪا آهن. هندن ۽
مسلمانن جي باهمي خونريزيءَ، آزاديءَ جي جدوجهد کي
ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪانگريس، آريه سماج ۽ مهاسڀا جي
تماشي جي گويا تائيد ڪري رهي آهي. گانڌيءَ جي
خاموشي ۽ لاتعلقي مسلمانن لاءِ هڪ ڳجهارت بنجي چڪي
آهي. ان کي سمجهڻ وارا سمجهڻ جي ڪوشش ڪن!“
قائداعظم، ڪانگريس ۽ مهاسڀا جو اهو تماشو 1924ع
کان 1926ع تائين پئي ڏٺو ۽ ان جي پسمنظر ۾ انگريزن
۽ ڪانگريس جي باهمي سازش تي رت جا ڳوڙها پئي
ڳاڙهيا.
لنڊن
جو سفر:
اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جناح صاحب انگريزن
تي زور وجهڻ خاطر لنڊن جو سفر ڪيو. آخرڪار انگريز
گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ راضي ٿيا ۽ اها 1930ع
جي ڳالهه آهي ۽ اها ٻي گول ميز ڪانفرنس آهي. ان ۾
جناح صاحب شريڪ ٿيو، پر گانڌي نه آيو.
ان
کانپوءِ ٽين گول ميز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ گانڌي
مجبورن شريڪ ٿيو. ان ڪانفرنس ۾ جناح صاحب هندوــ
مسلم اتحاد لاءِ پرزور ڪوشش ڪئي ۽ ڪي حل سوچي،
گانڌيءَ اڳيان رکيا، مگر ڪو به حل گانڌيءَ قبول نه
ڪيو ۽ ڪانفرنس ناڪام رهي.
انهن
حالتن کي ڏسي، جناح صاحب ايترو ته ناراض ٿيو، جو
ڪجهه وقت لاءِ لنڊن ۾ ترسي پيو ۽ پروي ڪائونسل ۾
وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. هندوــ مسلم اتحاد جي سالن
واري جدوجهد کي ناڪام ڏسڻ کانپوءِ هندو سياست
متعلق اظهار خيال ڪندي چيائين:
”مون
کي سخت افسوس آهي ته مان هندوستان کي ڪا به مدد
ڪري نٿو سگهان ۽ نه ڪو مان ”هندو ذهنيت“ کي بدلائي
ٿو سگهان. مون جو ڪجهه به هندو ــ مسلم اتحاد لاءِ
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ رهي ڪري ڪيو آهي، ان کي
ڪانگريس ۽ گانڌي هميشه ناڪام ڪندا رهيا آهن. مان
مسلمانن کي فقط موجوده نازڪ حالت جو احساس ڏياري
سگهان ٿو. ان احساس ۽ ردعمل کان بيزار ٿي، مان
لنڊن ۾ رهجي ويو آهيان!“
واپسي ۽ مسلم ليگ:
جناح
صاحب، برصغير جي سياست ۽ هندو ذهنيت جي جارحانه
ڪار گذاري کي آخر ڪيستائين برداشت ڪري ٿي سگهيو؟
آخر ڪار 1934ع ۾ لنڊن کي خير آباد چئي، وطن واپس
آيو. 1935ع ۾ بمبئيءَ جي مسلم ليگ اجلاس ۾ جناح
صاحب کي اهي اختيارات سونپيا ويا ته هو مسلمانن جي
تنظيم جو ڪم شروع ڪري، جيئن صوبائي چونڊن ۾
مسلمانن کي ڪاميابي نصيب ٿئي. هيءَ پهريون موقعو
هو جو پاڻ صوبه سرحد کان آسام تائين ساري ملڪ جو
دورو ڪيائين ۽ مسلمانن کي ايندڙ خطرن کان واقف
ڪيائين. قائداعظم تنظيم ۽ اتحاد جي اپيل ڪئي. ان
دوري جو خاطرخواهه نتيجو نه نڪتو ۽ صرف مسلم اقليت
وارن صوبن ۾ مسلم ليگ 60 کان 70 تائين نشستون هٿ
ڪيون ۽ مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي
نه سگهي.
ناڪامي جا اسباب:
ناڪاميءَ جا اسباب اهي هئا، جو پنجاب ۾ انگريز ۽
يونينسٽ پارٽيءَ جي سازش موجود هئي. بنگال ۾ ڪرشڪ
پرجا پارٽيءَ جو پرچار زور هو. سرحد ۾ ”سرحدي
گانڌين“ جو اثر موجود هو. آسام ۾ سر سعدالله خان
کٽي نه سگهيو ۽ سنڌ ۾ ڪاميابي ٿي.
ان
صورتحال جي ڪري ڪانگريس ۽ انگريز جي باهمي تعاون
جي ڪري، هندو ڪانگريسي توڙي هندو مهاسڀا جي ليڊرن
جو حوصلو وڌي ٿي ويو.
ڪانگريس جي دعويٰ:
ان
ڪاميابيءَ ۽ انگريز جي سرپرستيءَ تي خوش ٿي، جوش ۾
اچي، جواهر لال نهرو اعلان ڪيو ته: ”هندستان ۾ فقط
ٻه قوتون موجود آهن“ هڪ انگريز ٻي ڪانگريس!“
ان
جي جواب ۾ قائداعظم نهايت بلند حوصلي ۽ بي جگريءَ
سان اعلان ڪيو ته :
”هڪ
ٽئين قوت به هندستان ۾ موجود آهي، جا قوت آهي
مسلمان!“
نتيجو اهو نڪتو جو ٻن سالن جي اندر جناح صاحب
پنهنجي مسلسل جدوجهد سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته
برصغير ۾ ”مسلمان“ هڪ عظيم قوت آهن، جن کي
نظرانداز ڪري نٿو سگهجي.
جڏهن
1937ع ۾ چونڊون ٿيون، تڏهن ڪانگريس کي اهو حوصلو
نه رهيو، جو مسلم ليگ جي مقابلي ۾ پنهنجا ڪجهه
اميدوار بيهاري سگهي، ڇا لاءِ ته ڪانگريس کي
پنهنجي هار جو يقين ٿي چڪو هو.
1937ع ۾ جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس لکنوءَ ۾
ٿيو، تڏهن قائداعظم جي اچڻ تي سندس بي مثال
استقبال ڪيو ويو. هي پهريون ڀيرو هو جو قائداعظم
کي سلوار، شيرواني ۽ ٽوپيءَ، سان ڏٺو ويو هو.
لکنئو جي اجلاس جي صدارت ڪندي، ظاهر ڪيائين:
”ڪانگريسي خيال جا مسلمان ان ڳالهه جي پروپيگينڊا
ڪري رهيا آهن ته مسلمانن کي بنا شرط شروط جي
ڪانگريس ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. ليڪن کين معلوم هئڻ
گهرجي ته اها سندن وڏي غلطي ٿيندي. اگر مسلمان ان
فريب جو خدانخواسته شڪار بنيا ته پوءِ سندن قومي
هستي هميشه لاءِ تباهه ٿي ويندي“
وري
1938ع ۾ مسلم ليگ جو اجلاس ڀاٽنا ۾ ٿيو، اتي خطبه
صدارت ۾ ڪانگريس جي حڪمت عمليءَ ۽ هندو نوازيءَ
متعلق ظاهر ڪيائين:
”مان
صرف هڪ سوال پڇڻ گهران ٿو ته رياستن ۾ گڙٻڙ ڇو ٿي
ڪئي وڃي؟ حيدرآباد ۾ آريه سماج ۽ هندو مهاسڀا جي
ساري طاقت مسلمانن ۽ اڇوت ليڊرن جي خلاف ڇو ٿي
استعمال ڪئي وڃي؟ مان ڪانگريس کان سوال ٿو ڪريان
ته هو ڪشمير ۾ ڇا ڪري رهي آهي؟ آريه سماجي،
مهاسڀائي ۽ قوم پرستيءَ جا مدعي ڪانگريسي، سندن
اخبارون ۽ رسالا ڪشمير جي مسئلي ۾ ڇو خاموش آهن؟
ڇا ائين آهي ته هوءَ هندو رياست آهي؟ يا ان لاءِ
ته ڪشمير جي رعايا ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي؟ مان
هر شخص کي اپيل ٿو ڪريان ته هومسلم ليگ ۾ شامل
ٿين، هيءَ سندن ئي جماعت آهي. ڪنهن جي ملڪيت ناهي،
هيءَ اوهان جي پنهنجي تنظيم آهي. مون کي نهايت
خوشي حاصل ٿي آهي ته مسلمان هاڻي ڪافي بيدار ٿي
چڪا آهن. اها شروعات نهايت اميد افزا آهي. اوهان
حوصلي کي بلند رکو، فتح اوهان جي ٿيندي.“
سنڌ
۾ مسلم ليگ:
سنڌ
۾ مسلم ليگ تحريڪ ته ڪافي وقت کان موجود هئي، پر
آڪٽوبر 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس جي
ڪاميابيءِ کانپوءِ مسلم ليگ جو آواز سنڌ جي گهر
گهر ۾ پهچي ويو. ان جي صدارت جناح صحب ڪئي ۽ ان ۾
برصغير جي سڀني مسلم ليگي ليڊرن شرڪت ڪئي. ان
ڪانفرنس جا ڪوٺائيندڙ، محترم جي ايم سيد، سر
عبدالله هارون، کهڙو صاحب، پير علي محمد راشدي،
ميران محمد شاهه ۽ گزدر پارا مخلص سنڌي ليڊر هئا.
ان
کان پوءِ 16 ڊسمبر 1940ع تي جناح صاحب ڪراچي ۾ آيو
۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي محترم
جي ايم سيد جي چيئرميني هيٺ ٺاهي وئي، ان کانپوءِ
13 جون 1943ع تي صوبه سنڌ مسلم ليگ جي ڪائونسل جي
ميٽنگ ۾ جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾ جناب جي ايم سيد
کي سنڌ مسلم ليگ جو صدر بنايو ويو.
هي
اهو دور هو، جنهن ۾ محترم جي ايم سيد مسلسل
جدوجهد، کهڙي صاحب جي انتظامي شخصيت، ميران محمد
شاهه ۽ سر غلام حسين جي قانوني صلاحيت، سر عبدالله
هارون جي ايثار ۽ قرباني، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
سياسي بصيرت ۽ پير علي محمد راشديءَ جي قلمي جهاد،
مسلم ليگ کي آسمان تي پهچائي ڇڏيو هو، ايتريقدر جو
پوري برصغير ۾ سنڌ مسلم ليگ کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن به
صوبي ۾ مسلم ليگ ايتري مقبول ۽ فعال نظر نه آئي.
اگر
ائين چئجي ته مسلم ليگ توڙي پاڪستان جو اصل بنياد
سنڌ ۾ قائم ڪيو ويو ته ان کي مبالغو نه سمجهڻ
گهرجي. ان سلسلي ۾ برصغير جي سياسي تاريخ شاهد
آهي.
پاڪستان جو بنيادي ٺهراءُ:
اهو
خيال ۾ رکڻ گهرجي ته سڀ کان اول، بلڪه لاهور
ٺهراءَ کان به ٻه سال کن اڳ ”پاڪستان“ لاءِ زمين
هموار ڪرڻ وارو ٺهراءُ سنڌ ۾ پاس ڪيو ويو. اهو
ٺهراءُ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ پاس
ٿيو، جا ڪانفرنس 9 آڪٽوبر 1938ع ۾ ٿي، جنهن جي
صدارت جناح صاحب ڪئي ۽ ان ۾ سر سڪندر حيات خان،
مولوي فضل حق ۽ سيد حسين شهيد سهروردي، نواب
اسماعيل خان ميرٺي پارا وڏا ليڊر شريڪ ٿيا هئا.
اهو
ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پيش ڪيو هو، جنهن ۾
چيو هو:
”جنهن صورت ۾ اڪثريت واري فرقي جي تنگدليءَ ۽ مسلم
ڪش پاليسيءَ جي ڪري، متحده هندستاني قوم جو وجود ۾
اچڻ ناممڪن پيو نظر اچي، خصوصن جڏهن زبان، مذهب،
رسم الخط، تهذيب، معاشرتي قانون، ادب، زندگيءَ جي
نقطه نگاهه ۽ ڪن هنڌن تي ته نسل به مختلف آهن،
انهيءَ صورت ۾ هيءَ ڪانفرنس ضروري ٿي سمجهي ته
براعظيم هندوستان جي ٻن قومن، هندن ۽ مسلمانن جي
وچ ۾ دائمي صلح ۽ امن، تهذيبي ترقيءَ توڙي اقتصادي
۽ معاشرتي فلاح ۽ بهبود ۽ ان سان گڏ سياسي خود
ارادي خاطر، هيءَ ڪانفرنس آل انڊيا مسلم ليگ کي
سفارش ٿي ڪري، ته هندستان جي مستقل آئين جي تجويز
کي اهڙيءَ طرح بدلايو وڃي جو مسلمانن کي ان ۾ عزت
وارو ۽ مناسب درجو حاصل ٿئي.
”هيءَ ڪانفرنس ان ڪري آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش
ٿي ڪري ته اهڙي تجويز پيداڪئي وڃي، جنهن موجب
مسلمانن کي مڪمل خودمختياري حاصل ٿي سگهي. وڌيڪ
هيءَ ڪانفرنس آل انڊيا فيڊريشن جي تجويز جا
گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع مطابق ٺاهي وئي آهي،
ان جي برخلاف پنهنجي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي،
انگريز سرڪار کي خبردار ٿي ڪري ته اها تجويز
هندستان جي عوام لاءِ عمومن ۽ مسلمانن جي حقن جي
لاءِ خصوصن هاڃيڪار ثابت ٿيندي، تنهن ڪري ان کي
ڪنهن به صورت ۾ رائج نه ڪيو وڃي“
محترم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ان ٺهراءَ ساري
اجلاس ۾ ولوله انگيز ڪيفيت پيدا ڪئي، لهذا پوري
برصغير جي سياسي تاريخ ۾ ”پاڪستان“ ۽ مسلمانن جي
حقن جي تحفظ جو شرف سرزمين سنڌ کي نصيب ٿيو. ان
ٺهراءُ جي تائيد مرحوم سيٺ سر عبدالله هارون ۽
نواب گرمانيءَ پڻ ڪئي.
لاهور جو ٺهراءُ:
محترم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ٺهراءُ کان ٻه سال
کن پوءِ لاهور ۾ مارچ 1940ع واري آل انڊيا مسلم
ليگ اجلاس ۾ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، ان جا عناصر
ترڪيبي، شيخ صاحب جي پيش ڪيل ٺهرءُ ان جي خيالات
تي مبني آهن. مثلان چيو ويو آهي:
”ملڪ
جي انهن حصن کي، جي جاگرافيءَ جي لحاظ کان هڪٻئي
جي قريب هجن، نئين سري سان انهن ۾ ڦيرڦار ڪري
ترتيب ڏئي، خودمختيار حڪومتون بنائجن ۽ جن ايراضين
۾ مسلمان اڪثريت ۾ هجن، جيئن اتر ــ اولهندي ۽
اڀرندي هندستان جي ڀاڱن ۾آهن، تن کي گڏي مسلمانن
جي هڪ قومي وطن جي آزاد حڪومت ٺاهجي، جنهن ۾ شامل
ٿيندڙ علائقا آزاد ۽ خودمختيار هئڻ گهرجن.
”مٿي
ڏيکاريل علائقن ۽ حصن جي آئين ۾ اقليتن جي حفاظت
لاءِ ڪافي زوردار ۽ قانوني طور عمل ۾ ايندڙ بچاءُ،
سندن مذهبي، تهذيبي، اقتصادي، سياسي انتظامي ۽ ٻين
حقن ۽ مفادن متعلق انهن جي مشوري سان ٺاهي، آئين ۾
داخل ڪيا وڃن.
واضح
رهي ته انهيءَ پاس ڪيل ٺهراءُ ۾ مٿئين پيش ڪيل
محترم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ٺهراءُ جو روح
سمايل آهي. ان ٺهراءُ موجب پنجاب، بنگال ۽ آسام جا
اهي حصا، جن ۾ هندو اڪثريت ۾ آهن تن جي علحيدگيءَ
ڏانهن اشارو آهي، ۽ ٻئي طرف پنجاب، بنگال ۽ آسام
جي باقي رهيل حصن، سرحد، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ آزاد ۽
خودمختيار حڪومتن بنائڻ جي تجويز موجود آهي ۽ انهن
جي بيروني معاملات لاءِ فيڊريشن ٺاهڻ مقصود هو.
ان
طرح 1941ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس مدارس ۾ پڻ
جناح صاحب ان جي تائيد ۾ فرمايو:
”اسان ڪنهن به حالت ۾ اهو آئين، جنهن مطابق
هندستان جي هڪ مرڪزي حڪومت ٿيندي، قبول نه
ڪنداسون؛ ڇو ته جيڪڏهن اسان اهو قبول ڪيو ته پوءِ
مسلمانن جي هستي نيست ۽ نابود ٿي ويندي ۽ اسان
ڪنهن به هڪ مرڪز جي حڪومت يا طاقت جا زيردست ٿي
رهڻ نٿا چاهيون.“
واضح
ٿيو ته پاڪستان جو بنيادي ٺهراءُ اهو ئي هو، جنهن
کي سنڌ ۾ محترم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پيش ڪيو، ۽
ان کي ئي ٻه سالن کان پوءِ لاهور ۾ پيش ڪيو ويو.
بهرحال، اهو شرف به ”سنڌ“ کي ئي حاصل آهي، جنهن
”پاڪستان“ جي نظريه لاءِ زمين هموار ڪئي. پر افسوس
اهو آهي ته چوڌري محمد علي جي دور ۾ ”ون يونٽ“
ٺاهي، اصل نظريه ۽ تجويز کان انحراف ڪيو ويو. شڪر
آهي جو هن وقت وري به صوبا خودمختيار حيثيت سان ڪم
ڪري رهيا آهن.
سنڌ
اسيمبلي ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ:
اها
ته هڪ تاريخي حيقيت آهي ته مسلمانن جي اڪثريت وارن
صوبن مان سڀ کان اول صوبه سنڌ جي اسيمبليءَ
پاڪستان جي تائيد ۾ فيصلو ڪيو.
مشهور سماجي ۽ سياسي ليڊر مسٽر حاتم اي. علوي
مرحوم ان متعلق پنهنجي مقالي، ”قائداعظم ۽ ڪراچي“
۾ لکيو آهي:
”لاهور قرارداد کي غور سان ڏسجي ٿو ته اهو معلوم
ٿئي ٿو ته اهو قرارداد شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
پيش ڪيل ٺهراءَ جي بنياد تي تجويز ڪيو ويو هو،
جنهن جي تائيد مسٽر گرماني، سر عبدالله هارون ۽
سيد عبدالرئوف شاهه ايم. ايل. اي. سي. پي ۽ مون
(حاتم علوي) ڪئي هئي“
ان
کانپوءِ علوي صاحب مرحوم لکيو آهي:
”1937ع ۽ 1947ع جي درمياني ڏهن سالن جي عرصي ۾
صوبائي خودمختياريءَ جو دور هو، ان زماني ۾ مسلم
اڪثريت وارن صوبن ۾ مسلم ليگ حڪومتون بنايون هيون.
ليڪن
”قرارداد پاڪستان“ کي پاس ڪرڻ جو سهرو وري به سنڌ
جي مجلس قانون ساز جي سر تي ٻڌو ويو.
3-
مارچ 1943ع ۾ سنڌ قانون ساز اسيمبلي ڪراچيءَ ۾
مسٽر جي .ايم .سيد ٺهراءُ پيش ڪيو.“ ان کان پوءِ
علوي صاحب مرحوم ٺهراءُ پيش ڪندي لکي ٿو:
”ان
ٺهراءُ کي پيش ڪندي، مسٽر جي. ايم. سيد هڪ ولوله
انگيز تقرير ڪئي، جنهن جا ڪي به اقتباس مان ڏئي
نٿو سگهان. ان تقرير ۾ نظريه پاڪستان متعلق نهايت
بصيرت افروز انداز ۾ دليل پيش ڪيا ويا هئا.“
ان
ٺهراءُ جو اصل متن، علوي صاحب هن طرح نقل ڪيو آهي:
”هي
اجلاس حڪومت کي سفارش ٿو ڪري ته هو عزت ماب
وائسراءِ جي واسطي سان هزمئجسٽيءَ جي حڪومت کي اهو
پيغام پهچائي ته صوبي جي مسلمانن جي زوردار خواهش
آهي ته مسلمانانِ هند جو مذهب، فلسفئه حيات، سماجي
رسم رواج، ادب، ثقافت ۽ اقتصادي نظام هندن کان
بلڪل مختلف آهي. لهذا ”مسلمان“ هڪ الڳ قوم آهن، ۽
کين پنهنجو آزاد قومي مزاج آهي ۽ برصغير جا ڪيئي
اهڙا زون ۽ حصا آهن، جن ۾ مسلمان اڪثريت ۾ آهن.
لهذا مسلمان نهايت پرزور لفظن ۾ ان حقيقت جو اعلان
ٿا ڪن ته هو ڪنهن به اهڙي دستور کي قبول نه ڪندا،
جنهن جي تحت مرڪزي حڪومت ۾ ٻي قوم يعني هندن جي
قوم جو غلبو هجي. مسلمانن کي آزايءَ سان پنهنجن
اصولن ۽ عقيدن جي مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته
انهن کي آزاد قوم جي حيثيت سان تسليم ڪيو وڃي، پر
جي مسلمانان هند کي مرڪزي حڪومت جي تحت محڪوم رکڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ لازمي طرح سان ملڪ ۾ خانه
جنگي ٿيندي ۽ نهايت ناخوشگوار نتيجا نڪرندا.“
(”قائداعظم اور ڪراچي“ از: حاتم. اي. علوي، روزانه
جنگ ڪراچي، قائد اعظم ايڊيشن 26 ڊسمبر 1969ع، ص 2)
دهلي
اجلاس ۾ وضاحت:
ان
سلسلي ۾ قائداعظم 20 فيبروري 1940ع تي دهلي ۾ مسلم
ليگ جي ڪائونسل جي هڪ خاص اجلاس ۾ فرمايو:
”ماڻهو مون کان پڇي رهيا آهن ته اسان جو خيال ڪهڙو
آهي؟ ڳالهه ته بلڪل صاف آهي. برطانيه هندستان تي
حڪومت ڪرڻ گهري ٿي ۽ مسٽر گانڌي ۽ ڪانگريس ٻئي
مسلمانن ۽ پوري هندستان تي حڪومت ڪرڻ گهرن ٿا.
اسان جو چوڻ آهي ته اسان نڪو برطانيه کي مسلمانن
تي حڪومت ڪرڻ ڏينداسون، ۽ نڪو گانڌيءَ ۽ ڪانگريس
کي مسلمانن تي حڪومت ڪرڻ ڏينداسون. اسان انگريز،
مسٽر گانڌي ۽ ڪانگريس سڀني کان آزاد رهڻ گهرون
ٿا.“
ان
تقرير مان پاڪستان جي ضرورت ۽ اهميت واضح ٿي ٿئي،
۽ ان متعلق ڪنهن به حاشيه آرائيءَ جي ڪا ضرورت
ناهي.
پاڪستان متعلق سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ توڙي ان
کان ٻه سال پوءِ پاس ٿيل لاهور جي ٺهراءُ کي هندو
اخبارن واضح ۽ جلي سرخين سان ڇاپيو ۽ انهن ٺهرائن
تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي، لکيائون ته ”پاڪستان جي پيدا
ٿيڻ جي ابتدا“ ٿي چڪي آهي.
انهن
اخبارن کي ڏسي 1940ع ۾ قائداعظم فرمايو:
”هاڻي دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان جي تشڪيل ۽
تعمير جي رستي ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ڪري نٿي سگهي“
اڇوت
ليڊر راءِ بهادر ايم. سي. راجا جي مبارڪباد:
25
ڊسمبر 1940ع تي قائداعظم جي عمر 64 سالن کي پهتي ۽
ساري برصغير ۾ سندس سالگرهه نهايت احترام ۽ ڌوم
ڌام سان ملهائي ويئي. ان سلسلي ۾ ملڪ جي هندو،
مسلمان، پارسي، سک، انگريز ليڊرن ۽ عالمن ڏانهنس
مبارڪ جا پيغام موڪليا. انهن مبارڪباد موڪليندڙن ۾
اڇوت ليڊر راءِ بهادر ايم. سي. راجا به هو. اسان
ان جو پيغام نقل ڪندي ظاهر ٿا ڪريون ته اهو واضح
رهي ته هڪ اڇوت ليڊر جا قائداعظم متعلق ڪهڙا رايا
آهن.
راءِ
بهادر ايم. سي. راجا مبارڪ ڏيندي لکيو:
”دنيا جا سڀ مذهب ان حقيقت تي ايمان ٿا رکن ته
الله تعاليٰ پاران وقت بوقت نازڪ ترين موقعن تي
موزون ۽ مصلح قسم جي ماڻهن کي موڪليو ويندو آهي،
جن جي هٿان الله تعاليٰ جي مشيت ۽ فطرت کي تڪميل
تي پهچايو ويندو آهي. منهنجي راءِ ۾ مسٽر جناح هڪ
اهڙي هستي آهي، جنهن کي ان غرض سان پيدا ڪيو ويو
آهي ته جيئن هو گمراهن جي اصلاح ڪري سگهي، جن
گمراهن کي گانڌيءَ ۽ ڪانگريس پاران مبتلا ڪيو ويو
آهي.
بيشڪ
اهڙين حالتن ۾ اهڙي حوصله مند ۽ بلند ڪردار شخص جي
سخت ضرورت هئي، جو ڪانگريس ۽ گانڌيءَ جي مقابلي ۾
پهاڙ بنجي بيٺو. جناح صاحب، گانڌي ۽ ڪانگريس کي
صاف صاف ٻڌايو ته، اوهان جي جماعت اڪثريت جي خيالن
کان توڙي سرمايه جي لحاظ سان ڪيتري به طاقتور ڇو
نه هجي، پر هندستان جي نمائنده جماعت ٿي نٿي سگهي.
مان مسٽر جناح جي دل کولي تعريف ڪريان ٿو. ۽ ان جو
احسان مند آهيان، جنهن مسلمانن جي وڪالت ڪندي، ٻين
سڀني گروهن ۽ فرقن جي حقن جي حفاظت لاءِ به سخت
جدوجهد ڪئي آهي جن کي هندن جي اڪثريت طرفان سخت
ترين خطرا پيش ٿي چڪا آهن، ۽ جا اڪثريت گانڌيءَ جي
حڪمن هيٺ اسان اڇوتن کي دٻائي ۽ هيسائي رهي آهي.
خاص طرح سان مان ڀارت جي ڪروڙها اڇوتن جي ليڊر جي
حيثيت سان جناح صاحب کي دعا ٿو ڪريان ته شال هو
وڏي حياتي ماڻي ۽ مظلومن ۽ محڪومن جي حقن جي حفاظت
ڪندو رهي!“
هي
اهو دور هو جنهن ۾ ڪانگريس کي پنهنجي اڪثريت ۽
سرمايه تي ايڏو گهمنڊ هو، جو هو مسلمانن سميت
ننڍين اقليتن، خاص ڪري اڇوتن کي تباهه ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي چڪي هئي.
جواهر لال ته اهو به چيو هو ته ”ڀارت ۾ فقط ٻه
قوتون آهن، هڪ ڪانگريس ۽ ٻي قوت انگريز، ڀارت ۾ ڪا
به ٽين طاقت موجود ناهي.“ ان اعلان کانپوءِ نه فقط
اڇوت ليڊر ڊاڪٽر امبيڊڪر کي حد کان زياده پريشان
رکيو ويو، پر ان سان گڏ خود قائداعظم لاءِ به
گستاخانه لفظ چيا ويا:
”ڪانگريس جو هڪ معمولي رضاڪار، هزارن جناحن کان
برتر آهي.“
ليڪن
چند ئي سالن ۾ دنيا ڏٺو ته گانڌي، نهرو، سباس
چندربوسو، پٽيل ۽ ڪرپاواڻي پارا ڪانگريس ليڊر
قائداعظم سان ملاقات ڪرڻ لاءِ حيران ۽ پريشان نظر
آيا.
ان
حالت کي محسوس ڪري، مولانا ابوالڪلام آزاد کي
پنهنجي ڪتاب ”آزاديءَ هند“ ۾ چوڻو پيو ته:
”ڪانگريس ليڊرن، گانڌي ۽ نهروءَ جو قائداعظم سان
ملاقات لاءِ دربدر ٿيڻ، سياسي شعور ۽ مصلحت جي
خلاف آهي!“
محترم جي. ايم .سيد جناح جي نظر ۾:
مشهور بزرگ سياستدان محترم جي. ايم. سيد، پنهنجي
تاليفات ۾ قائداعظم متعلق ڪافي لکيو آهي، چنانچه
ڪوزي ۾ درياءَ سمائيندي شاهه صاحب جناح صاحب لاءِ
هن طرح لکيو آهي:
”جناح صاحب معمولي هستي نه هو. هو ئي صاحب هو،
جنهن باوجود خوجه فرقي جي مسلمان هئڻ جي، جن لاءِ
مسلمانن ۾ عجيب غريب وهم ويٺل هئا، غيور مسلمانن
کان قائداعظم جو خطاب حاصل ڪري ورتو. اِهو اُهو
صاحب هو، جنهن هڪ ڏينهن به جيل ۾ وڃڻ کانسواءِ
رئيس الاحرار مولانا محمد علي جوهر، جهڙيءَ شخصيت
جي شهرت کي لٽي ڇڏيو. اها ان صاحب جي شخصيت هئي،
جنهن سر سڪندر حيات ۽ مولوي فضل الحق (شير بنگال)
جهڙن ناميارن سياستدانن ۽ مدبرن کي نيچو نوائي
ڇڏيو، اهو جناح صاحب ئي هو جنهن ڪانگريس جهڙي
منظم، قربانين جي رڪارڊ واريءَ ۽ انگريزن کان
زوري سوراج وٺڻ واريءَ جماعت کان ، سندن اصولن جي
خلاف ”ڀارت ماتا“ کي ڪٽائي، ورهائي، پاڪستان حاصل
ڪري ورتو. اهو جناح ئي هو، جنهن جي جادوءَ جي
لڪڙيءَ برطانيه جي شير کي مطيع بنائي ڇڏيو.“
(”جنب گذاريم جن سين“ جلد 2، ص 291، ڇاپو پهريون
1967ع. ناشر: سنڌي ادبي بورڊ سنڌ.) –
غلام
محمد ”گرامي“ |