حضرت
مولانا دين محمد وفائي رحه
قائداعظم ۽ نظريه پاڪستان
حڪيم
الامت حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي مدظله جي فتويٰ
(نوٽ: ـــ حڪيم الامت حضرت ٿانوي اسلامي دنيا جو
هڪ يگانه روزگار عالمِ دين ۽ اهل دل بزرگ هو. حضرت
مولانا وفائي لکيو آهي ”حضرت ٿانوي انهن بزرگن مان
هو، جو قومن کي صدين کان پوءِ نصيب ٿيندو آهي.
صوفي، مفسر، محدّث، فقيه، فلسفي، بلڪه هر شيءِ جي
علت ۽ حڪمت جو ماهر هو. مولانا جي ساري حياتي فيض
رساني. بدعات جي بيخ ڪني، اصلاح رسوم، اصلاح عقائد
۽ اصلاح اعمال ۾ گذري. سندس فتويٰ نه فقط هندستان،
بلڪه عرب ۽ عجم تائين قبول ڪئي ويندي هئي. تصوّف ۽
شريعت جو ايڏو جامع انسان موجوده زماني ۾ ڪٿي به
نظر نه آيو.“
(توحيد آگسٽ ـــ سيپٽمبر 1943ع وفيات، ص 24 ـــ
27)
برصغير جي سياسي تاريخ ۾ سڀ کان پهريون عالم دين ۽
يگانه بزرگ حضرت ٿانوي هو، جنهن قائداعظم جي تائيد
ڪئي. ان متعلق بيان شايع ڪرايا ۽ فتوائون ڏنيون.
5
فيبروري 1936ع تي، اسيمبليءَ جي ميمبر مولوي منصف
علي، سندن خدمت ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي باهمي
ڪشمڪش ۽ اختلافن متعلق راءِ طلب ڪئي. حضرت ٿانوي
رحه ان جي جواب ۾ هڪ فتويٰ تيار ڪئي، جا ان دور ۾
شايع ٿي، جنهن جي ڪري نه فقط قائداعظم۽ پاڪستان
لاءِ زمين هموار ٿي، پر ان سان گڏ ڪانگريس ۽ جمعيت
العلماءِ هند جي اڪابرن ۽ ليڊرن تي به ڪافي اثر
ٿيو. حضرت مولانا وفائي رحه، اها فتويٰ سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪري، رساله توحيد مئي ـــ جون 1941ع جي ص 32
کان 35 تي شايع ڪئي. اها تاريخي فتويٰ، جا سنڌيءَ
۾ ترجمو ٿي، سا اڄ 35 سالن کان پوءِ ”مهراڻ“ جي
قائداعظم نمبر ۾ شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪجي ٿي.
غ. م. گ)
سوال: سيدي و مولائي دام مجدڪم ـــ السلام عليڪم
و رحمت الله و برڪاته. اڄڪلهه هندستان ۾ ٻه سياسي
جماعتون آهن، هڪ ڪانگريس ۽ ٻي مسلم ليگ. ڪانگريس
جي دعويٰ آهي ته هوءَ ملڪ جي اڪيلي نمائنده جماعت
آهي ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي مذهب ۽ قوم جي فرق کان
سواءِ هن جماعت جو ميمبر ٿيڻ گهرجي، ۽ ان جماعت جي
هوندي ٻيءَ ڪنهن به جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ نه گهرجي ۽
سڀني کي هڪ هنڌ پاڻ ۾ ملي ملڪ کي آزاد ڪرڻ گهرجي.
مسلم
ليگ خالص مسلمانن جي جماعت آهي، ۽ ان جو نصب العين
به ملڪ کي آزاد ڪرائڻ آهي، مگر هن جي دعويٰ آهي ته
مسلمانن جا حق ۽ حالات اهڙي قسم جا آهن، جن جي
حفاظت لاءِ مسلمانن جي جدا جماعت ۽ جدا نظام جي
ضرورت آهي.
واقعي صورت هيءَ آهي ته ٻئي جماعتون سياسي ترقيءَ
لاءِ ته هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون، مگر
مسلم ليگ ڪانگريس ۾ مدغم ٿيڻ سان يا پنهنجي هستيءَ
کي فنا ڪرڻ سان، سندس حقن جي حفاظت جو ٿيڻ ناممڪن
آهي.
ڪانگريس جو شروعات کان وٺي ڪهڙو برتاءُ آهي، ان
بابت تفصيلوار بيان ڪتاب نالي ”آزاديءَ جي جنگ“ ۾
آيل آهي، جو عبدالوحيد خان صاحب جو جوڙيل آهي، جو
گهڻو ڪري سائينجن جي نظر مان گذريو هوندو. ڪانگريس
۾ چونڪ هندن جي گهڻائي آهي، تنهن ڪري هو هندستان
اندر ”رام راڄ“ قائم ڪرڻ گهرن ٿا.
مسلم
ليگ جي قيادت جي واڳ هن وقت مسٽر محمد علي جناح جي
هٿ ۾ آهي، جو سياست جو ماهر ۽ بهترين ڄاڻو آهي ۽
هن جي سياسي مهارت ۽ قابليت جو ڪانگريس وارن وٽ به
اعتراف آهي. ان جي خلاف ڪانگريسي مسلمان اها حجت
اٿارين ٿا ته هو شيعه اسماعيليه مسلمان آهي.
حالانڪه ڪانگريس جو ڊڪٽيٽر هڪ غير مسلم متعصب آهي.
ڪي مولوي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ پسند ڪن ٿا. اوهان
صاحب مهرباني ڪري فتويٰ ڏيندا ته مٿين ٻنهي جماعتن
مان مسلمانن کي ڪهڙي جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي. خادم
منفعت علي سهارنپور .ايم ايل اي.
حضرت
ٿانوي پاران جواب:
حضرت
ٿانوي فتويٰ ڏيندي لکيو آهي ته الله پاڪ فرمايو
آهي ته ”الله جي رسي کي پاڻ ۾ گڏجي، مضبوط پڪڙيو ۽
فرقا فرقا نه ٿيو.“
احقر
اشرف عليءَ طرفان سڀني کي معلوم هئڻ گهرجي، ته اڄ
ڪلهه هندستان ۾، ملڪ جي مفاد جي نالي ۾ سمورين
سياسي ڳالهين جون علمبردار ٻه جماعتون آهن. هڪ
ڪانگريس ۽ ٻي مسلم ليگ. اهي ٻئي جماعتون ماڻهن کي
پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيون آهن. ٻنهي مان ڪهڙي جماعت
مفيد آهي، ان بابت ڪيترن ئي اهل راءِ ماڻهن جي وچ
۾ اختلاف آهي ۽ ان ڳالهه جي تحقيقات لاءِ ڪيترائي
ماڻهو فتويٰ پڇي رهيا آهن. شروعات ۾ حالات جي پوري
ڄاڻ ڪانه هئي، مگر هاڻي ٻنهي جماعتن بابت ڪافي
معلومات هٿ لڳي آهي، جنهن جي بنا تي انشاءَ الله
پورو جواب ڏئي سگهجي ٿو.
هن
ڳالهه ۾ ڪنهن کي به شبهي ڪرڻ جي گنجائش نه آهي، ته
مسلمانن کي منظم ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ انهن جي
سمورن نقصانن ۽ تڪليفن جو بچاءُ انهيءَ تنظيم تي
ٻڌل آهي. مگر ان سان گڏ اهو ضروري آهي ته مسلمانن
جي تنظيم جو ڪم شريعت موجب ٿيڻ گهرجي. واعتصمو
بحبل الله جميعا. يعني ”سڀ الله تعاليٰ جي رسي کي
مضبوط پڪڙيو ۽ جدا جدا نه ٿيو“ ان آيت موجب جيڪڏهن
ملڪ ۾ شرعي لحاظ سان ڪا جماعت موجود هجي ها يا
ويجهڙائي ۾ اهڙي جماعت جي موجودگيءَ جو امڪان هجي
ها، ته پوءِ ته جواب پڌريوآهي، يعني ته ان ۾ضرور
شريڪ ٿجي ها. هاڻي جڏهن ته اهڙي جماعت موجود ناهي
ته پوءِ انهيءَ جماعت ۾ داخل ٿجي، جنهن ۾ شرعي
لحاظ سان عيب گهٽ هجن يا وري جيڪي عيب ۽ نقص هجن،
تن ۾ اصلاح ۽ سڌاري جو امڪان هجي. جيڪڏهن ٻن
جماعتن مان هڪ جي اصلاح آسان هجي ۽ ٻئي جي مشڪل
هجي ته پوءِ عقلي ۽ شرعي قاعدي موجب ان ۾ شامل ٿيڻ
گهرجي، جنهن جي اصلاح آسان هجي.
تمام
گهڻي جاچ ۽ تحقيق ڪئي ويئي ته معلوم ٿيو ته مسم
ليگ ۽ ڪانگريس ٻنهي جماعتن مان شريعت جي قاعدن
پٽاندر ليگ جي اصلاح ته ٿي سگهي ٿي، پر ڪانگريس جو
سڌارو ڏکيو، بلڪه ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ
ڪلمي پڙهندڙن جي جماعت آهي، پر ڪانگريس ۾ غالب حصو
غير مسلمانن جو آهي اوهان سمجهي سگهو ٿا ته جو
ماڻهو اسلام کي سچو ڄاڻي ٿو، تنهن کي شريعت جي
ويجهو آڻڻ، انهيءَ ماڻهو کان وڌيڪ سوکو آهي، جو
اسلام کي ڪجهه سمجهي ئي نٿو.
رسالو ”جنگ آزادي“ مون ڏٺو آهي، ان ۾ معاملي جي
چڱي صفائي ٿيل آهي. انصاف واري لاءِ ان جو مطالعو
ڪافي آهي. انهيءَ بنياد تي منهنجي پوري غور ۽ کليل
دل سان اها راءِ آهي ته مسلمانن کي ايمان ۽ توڪل
سان مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. ان ۾ جيڪي طاقت ۽
اثر وارا ماڻهو هجن، تن کي ليگ جي اصلاح جي ڪوشش
وٺڻ گهرجي، پر جن ۾ طاقت نه هجي، سي وقت به وقت
اثروارن کي يادگيري ڏياريندا رهن ۽ ان ۾ سمجهه
وارن عالمن کان به مدد ورتي وڃي. جيڪي علماءِ ليگ
۾ شريڪ آهن، تن جي علم ۽ عمل ٻنهي کان مدد ورتي
وڃي.
مسلم
ليگ ۾ جيڪي معاملا اچن، تن بابت عالمن کان رايو
ورتو وڃي ۽ ان موجب ئي مدبرن کي هلڻ گهرجي، پر
جيڪي عالم مسلم ليگ ۾ باقاعده شريڪ ٿي نه سگهن، تن
کي به خلق خدا جي خدمت واري ارادي سان مسلم ليگ جي
مدد ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏ احڪام الاهي جي تبليغ
ڪرڻ گهرجي. پوءِ يقين آهي ته نيڪو ڪارن جي محنت
اڪارت نه ويندي. اناالله لا يضيع اجرالمحسنين.
يعني ته ”الله تعاليٰ ڀلارن جي اجر کي ضايع نه ٿو
ڪري“.
ضرورت آهي ته انهيءَ نموني ۾ مسلم ليگ جي تنظيم کي
هميشه لاءِ مستقل طرح سان جاري ۽ باقي رکيو وڃي،
ڇو ته ان جي ثمري جي بيحد گهرج آهي.
جيڪڏهن ڪانگريس، مسلم ليگ ڏانهن صلح لاءِ هٿ وڌائي
ته پوءِ قرآن جي حڪم پٽاندر عقل ۽ علم وارن ۽
تجربه ڪارن جي مشوري سان صلح ڪيو وڃي. مگر ان حالت
۾ به پنهنجي تنظيم کي پوري قوت ۽ استقلال، همت ۽
حوصلي سان قائم رکندو اچجي. نه ان کي ڪمزور ڪجي ۽
نه وري ڪانگريس ۾ رلي ملي گم ٿي وڃجي. ڇو ته ائين
ڪرڻ شريعت ۽ تجربي جي لحاظ سان بلڪل نقصانڪار آهي.
جيڪڏهن فرض ڪري وٺجي ته مسلمانن جي ڪا ٻي جماعت
وجود ۾ اچي ۽ مسلم ليگ کان وڌيڪ طاقتور ٿي وڃي ته
ان کي به مسلم ليگ سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن
مسلمانن ۾ جدائي ۽ انتشار پيدا نه ٿئي.
ان
طرح هر حالت ۾ تقرير ۽ تحرير ۾، اٿڻ ۽ ويهڻ ۾
اسلامي اخلاق جو ضرور لحاظ رکيو وڃي. پروگرام هيءُ
هجي ته نه ڪنهن سان اڳرائي ڪجي ۽ نه وري ڪنهن جي
پيرن ۾ وڃي ڪرجي، پر الله تعاليٰ جي رضامندي کي
سامهون رکي، ڪم ۾ لڳو رهجي. اها رضامندي تڏهن حاصل
ٿيندي، جڏهن سڀ ڪنهن ڪم ۾ شريعت جي برخلاف قدم نه
کنيو وڃي. اهو ئي ٻانهپ ۽ عبديت جو روح ۽ مسلمانن
جي حياتيءَ جو بنيادي اصول آهي. استقلال ۽ همت سان
گڏ، ڪاميابيءَ ۽ دعا گهرڻ کان غافل نه رهجي، پوءِ
الله تعاليٰ جي مدد جو انتظار ڪجي.
ڪارڪن ڪار، بگذر از گفتار،
ڪه اندرين راه ڪار بايدڪار،
يعني
ته ڪم ڪندو رهه، ٻٽاڪون هڻڻ ڇڏي ڏي، ڇو ته هن واٽ
۾ ڪم ئي ڪم ٿو گهرجي.....
هن
جواب ۾ وڌيڪ اطمينان لاءِ پنهنجي جماعت جي ڪيترن
محقق عالمن سان مشورو ڪيو ويو، جن سڀني ان تي
اتفاق ظاهر ڪيو. (9 ذوالحج 1356هه)
(توحيد ڪراچي: مئي ـــ جون 1941ع 32 ـــــ 35) |