سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1976ع

مضمون

صفحو :18

برصغير جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم باب

قائداعظم، علماءِ ڪرام ۽ تحريڪ پاڪستان

حڪيم الامت مولانا ٿانوي طرفان تائيد ۽ فتويٰ

برصغير جي سياسي تاريخ ۾ علماءِ ڪرام جو ڀرپور حصو وٺڻ هڪ تاريخي حقيقت آهي. 1857ع جي بلوي کان وٺي، ڪانگريس، خلاف تحريڪ، ترڪ موالات تحريڪ، مسلم ليگ، جميعت العلماءِ، مجلس احرار توڙي خاڪسار تحريڪ ۾ جن عالمن جدوجهد ڪئي آهي ان کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي.

ان سلسلي ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي باهمي اختلاف جي دور ۾ علماءِ ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿي ويا. هڪڙا ڪانگريس ۾ شامل ٿيا ۽ ٻيا مسلم ليگ ۾.

ڪانگريس ۾ شيخ الاسلام حسين احمد مدني ۽ مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ انهن جا پوئلڳ شمار ڪري سگهجن ٿا ۽ ان طرح مسلم ليگ جي تائيد ۾ حڪيم الامت مولانا ٿانوي ۽ سندس پوئلڳن جي مخلصانه خدمت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي.

تاريخ شاهد آهي ته جڏهن 9 ـ جون 1947ع تي مسلم ليگ ڪائونسل پاران ريڊ ڪلف ايوارڊ کي قبول ڪيو ويو، جنهن ۾ سرحد ۽ سلهٽ شامل ڪيل نه هئا، تڏهن حضرت ٿانويءَ جي حڪم تي، 11 جون 1947ع تي علامه شبير احمد عثمانيءَ ۽ مولانا ظفر احمد عثماني قائداعظم سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻين مسئلن سان گڏ انهن صوبن جي ريفريڊم جو مسئلو به بحث هيٺ آيو. قائداعظم ٻنهي عالمن کي پاڪستان ۽ ان سان گڏ سرحد صوبي ۽ سلهٽ جي اهميت سمجهائي. ان کان پوءِ کين عرض ڪيائين ته هي ٻئي حصا پاڪستان لاءِ وڏي سياسي ۽ معاشي حيثيت رکن ٿا. اوهان پنهنجي مخلصانه جدوجهد کي جاري رکندي، ان مشڪلات کي حل ڪري ڏيکاريو.

ان جي جواب ۾ مولانا شبير احمد عثماني ۽ مولانا ظفر احمد عثمانيءَ چيو ته:

”اسان انشاءَ الله اوهان کي ريفريڊم فتح ڪري ڏينداسون، بشرطيڪ اوهان اهڙو اعلان ڪيو ته پاڪستان ۾ عادلانه ۽ اسلامي نظام قائم ٿيندو، جنهن ۾ سنڀي قومن ۽ مذهبي نسلن ۽ گروهن، مسلمانن توڙي غير مسلمانن سان حق ۽ انصاف ڪيو ويندو“

(تعمير پاڪستان ۽ علماءِ رباني)

اهو ٻڌي قائداعظم هن طرح جواب ڏنو:

”مولانا مان بار بار اعلان ڪري چڪو آهيان ته جڏهن پاڪستان ۾ مسلمانن جي اڪثريت هوندي، ته پوءِ اتي هڪ ترقي پسند ۽ حق پسند اسلامي نظام کان سواءِ ٻيو ڪهڙو دستور رائج ٿي سگهي ٿو. مان ان اسلامي نظآم جو قائل آهيان. جنهن ۾ هر انسان جي حقن ۽ آزاديءَ، مذهب، تهذيب ۽ رسم رواج کي تحفظ ڏنو ويندو. اوهان ڀلي منهنجا اهي لفظ پنهنجي تقرير ۽ تحرير  ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا. اوهان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته مون اڄ تائين ڪڏهن به غداري نه ڪئي آهي. منهنجي جدوجهد جو مقصد ئي آهي، برصغير جي آزادي ۽ ڪامل سوراج. مون بار بار چيو آهي ۽ اڄ دوباره چئي رهيو آهيان ته پاڪستان جو نظام عادلانه هوندو ۽ ان جو بنياد قرآن ۽ سنت جي روح آفرين. انسانيت نواز ۽ انسان ــ دوست  ۽ حق پسندانه حڪمن تي هوندو“ (تعمير پاڪستان ۽ علماءِ رباني)

چنانچه علامه شبير احمد عثماني ۽ مولانا ظفر احمد عثماني، صوبه سرحد ۽ سلهٽ ۾ فتحيابي حاصل ڪئي. قائداعظم ان جو اعتراف ڪندي 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي پرچم ڪشائي جو اعزاز مٿين ٻنهي عالمن کي ڏنو. مغربي پاڪستان ۾ علامه شبير احمد عثماني ۽ مشرقي پاڪستان ۾ مولانا ظفر احمد عثمانيءَ پرچم ڪشائي جو اعزاز حاصل ڪيو. قائداعظم وٽ انهن عالمن جو ايترو ته قدر ۽ احترام پيدا ٿيو، جو پاڻ مذهبي امور ۾ ساڻن ئي مشورو ڪندو هو.

محققن جي راءِ آهي ته پاڪستان جي آزاد رياست جو تخيل به حڪيم الامت اشرف علي ٿانوي جي بصيرت جي پيداوار آهي.

مولانا عبدالماجد دريابادي لکي ٿو ته ”مان پنهنجن چند دوستن ۽ عالمن سان جون 1928ع ۾ جڏهن حضرت مولانا اشرف علي ٿانويءَ جي خدمت ۾ ويس، تڏهن اسان سڀني جي اڳيان پاڻ ”پاڪستان“ جو خيال پيش ڪيائون“

مولانا دريابادي وڌيڪ لکي ٿو:

”پاڪستان ۾ خالص عادلانه ۽ اسلامي نظام تي مشتمل حڪومت جي خيال جو آواز سڀ کان اول اسان حڪيم الامت وٽ ٻڌو“ (ڪتاب حڪيم الامت ص 23 از: مولانا عبدالماجد دريابادي)

”سيرت اشرف“ جو مولف پاڪستان جي نظام متعلق لکي ٿو:

حضرت ٿانويءَ جو هڪ آزاد مسلم رياست لاءِ هي خيال هو:

”برصغير ۾ اڪثريت ۽ اقليت جي باهمي ڪشمڪش، توڙي مختلف مذهبي اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي آزاد ۽ خودمختيار مملڪت هئڻ گهرجي، جنهن ۾ اسلام جو عادلانه نظام رائج ڪيو وڃي، تعزيرات جو اجراءِ شريعت موجب هجي، بيت المال قائم هجي، زڪوات جي جمع ڪرڻ ۽ مستحقن تائين پهچائڻ جو نظام هجي، اقليتن کي زمينن وارا حق ۽ تحفظات ڏنا وڃن. ان طرح مسلمانن ۽ هندن جا اختلاف ختم ڪيا وڃن“

هي اهو دور هو، جنهن ۾ مسلم ليگ جو مارچ 1940ع وارو پاڪستان لاءِ ٺهراءُ وجود ۾ ئي نه آيو هو.

قائداعظم ڏانهن وفد جي روانگي:

حضرت حڪيم الامت اشرف علي ٿانويءَ پنهنجي سياسي ۽ روحاني بصيرت سان اندازو لڳايو هو ته پاڪستان جو قيام لازمي طور تي ضرور ٿيندو ۽ ان جون واڳون قائداعظم محمد علي جناح جي هٿ ۾ اينديون، جنهن جي طرز حيات في الحال مغربي قسم جي آهي.

ان متعلق حضرت حڪيم الامت ٿانويءَ مئي 1930ع ۾ مولانا شبير علي ٿانوي کي گهرايو ۽ ان کي چيائون.

”ميان شبير علي، هوا جو رخ اهو ظاهر ڪري چڪو آهي ته جناح وارا ليگي ڪامياب ٿي ويندا ۽ جا سلطنت ملڻي آهي، سا انهن کي ئي ملندي، جن کي اڄ هرڪو فاسق ۽ فاجر سڏي رهيو آهي. مولوين کي هون ئي ڪا سلطنت ملڻي ئي ناهي! سي ته ان معاملي کان آزاد رهيا. تاهم اسان کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هڪ مثالي ۽ انصاف پسند اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ گهرجي. ”ڀائي! اڄڪلهه حالات ئي اهڙا آهن، جو اگر مولوين کي سلطنت ملي به وڃي ته پوءِ شايد مولوي اها حڪومت هلائي نه به سگهن! يورپ وارن ملڪن سان معاملات ساري دنيا جي ملڪن  جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏئي سگهڻ، اسان مولوين جي وس جي ڳالهه ناهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته حڪومت جي انتظام ۽ ان جي معاملن کي حل ڪرڻ، اسان جو نه پر انهن مسئلن جي ماهرن ۽ ڄاڻن جو ڪم آهي، پوءِ اهي کڻي اڄ دنيادار ڇو نه سڏيا وڃن. مولوين کي اهي ڪرسيون هلائڻ ئي نه اينديون.

”ڀائي شبير علي! اسان مولوين لک کٽيو. جي اسان جي خدمت، مخلصانه تائيد ۽ دل جي تمنائن سان، پاڪستان جا معمار، پاڪستان ۾ انسانن جي خدمت لاءِ عدالانه نظام قائم ڪري سگهن، جنهن سان هر انسان جي حقن ۽ مذهبن جي آزادي به قائم رهي سگهي ۽ هر هنڌ عدل ۽ انصاف به رائج ٿي سگهي. اهي ماڻهو صالح، خدا ترس ۽ ديندار ۽ ديانتدار ٿين، پوءِ ڀلي حڪومت انهن جي ئي هٿن ۾ هجي.

چشم ما روشن دل ما شاد!

اسان مولوي نه ڪو حڪومت جا طالب آهيون ۽ نه ڪو اهل آهيون. اسان جو مقصد رڳو اهو آهي ته برصغير ۾ هڪ اهڙي مملڪت جو قيام عمل ۾ اچي، جو صالحن، ماهرن ۽ سلطنت جي مسئلن جي ڄاڻن جي هٿ ۾ هجي ۽ بس!“

(تعمير پاڪستان ۽ علماءِ رباني)

قائداعظم ڏانهن وفد:

حضرت حڪيم الامت مولانا ٿانويءَ، ان صحبت ۾ معمار پاڪستان جي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير جي سلسلي ۾ اها هدايت ڪئي ته هڪ وفد تيار ڪرڻ گهرجي، جو قائداعظم ۽ ليگ جي اڪابرن سان ملاقات ڪري. ان ڪم لاءِ هڪ تحريڪ ”مجلس دعوت الحق“ جي نالي تي تشڪيل ڏني وئي.

پاڪستان جي قيام واري تحريڪ جي اوائل ۾، پاڪستان ريزوليشن جي پاس ٿيڻ کان ”اڳ“ تبليغي وفد قائداعظم سان ملاقات ڪري کين حضرت حڪيم الامت مولانا ٿانويءَ جي خيالات کان واقف ڪيو.

اها به حقيقت آهي ته قائداعظم جي سيرت ۽ ڪردار ۾ ڪافي ڪافي فرق پيدا ٿيو. قائداعظم کي پنج وقت نماز پڙهندي ڏٺو ويو، ان جا ٻه شاهد رئيس الاحرار مولانا حسرت موهاني جو تازو ڪانگريس کان الڳ ٿيو هو ۽ پير آف مانڪي شريف آهن، جو پراڻو ليگي هو، جن قائداعظم کي سربه سجود ڏٺو. بلڪه پير آف مانڪي شريف جو چوڻ آهي ته مون قائداعظم ۾ عجيب فرق محسوس ڪيو، مٿس مون کي خشيت الاهي جو رنگ نظر آيو. قائداعظم باقاعده قرآن شريف ڏانهن رجوع ڪيو، ۽ قرآن جي احڪام ۽ هدايتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ شروع ڪيائين. مغربي وضع قطه کي بدلائي شيرواني ۽ سلوار پهرڻ شروع ڪيائين.

قائداعظم جو مولانا ٿانويءَ لاءِ خيال:

برصغير جي سياسي تاريخ شاهد آهي ته قائداعظم، حضرت مولانا ٿانويءَ جو حد کان وڌيڪ احترام ڪندو هو ۽ پس غائبانه سندس تعريف ڪندو رهندو هو.

هڪ ڀيري جڏهن قائداعظم وٽ، دوران گفتگو ۾ ڪنهن مسلم ليگي ليڊر اها شڪايت ڪئي ته علماءِ ڪرام جو وڏو جٿو اڃا ڪانگريس ۾ آهي، مسلم ليگ ۾ تمام ٿورن عالمن شرڪت ڪئي آهي، تڏهن قائداعظم سخت جوش ۾ آيو ۽ فرمايائين:

”ياد رکڻ گهرجي ته مسلم ليگ ۽ اسان جي تائيد ۾ برصغير هند، بلڪه پوري اسلامي دنيا جو هڪ وڏو عالم دين آهي، جنهن جي علم، تقدس، پاڪيزگي ۽ بصيرت کي اگر تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وڌو وڃي ۽ ٻين سڀني عالمن جو علم، تقدس ۽ تقويٰ ٻئي پڙ ۾ وڌا وڃن، ته پوءِ ان جو پڙ ڳورو رهندو. اهو مولانا اشرف علي ٿانوي آهي. مولانا صاحب هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهي ٿو، تا هم سندس نگاهه بصيرت سڀني مسئلن تي حاوي رهي ٿي. اسان کي ۽ ليگ کي ان جي دلي دعا، تعاون ۽ تائيد حاصل آهي. ٻيو ڪو به ڀلي ته موافقت ڪري يا نه ڪري، اسان کي ان سلسلي ۾ ڪابه پرواهه ناهي“

(تعمير پاڪستان ۽ علماءَ رباني)

ان قسم جا تعلقات ئي هئا، جن جي اهميت ۽ نزاڪت کي محسوس ڪري، حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي رحه جي فتويٰ ۽ بيانن جي روشنيءَ ۾، علامه شبير احمد عثماني، مولانا ظفر احمد عثماني، مفتي محمد شفيع ديوبندي، ۽ جميعت العلماء اسلام ۽ ٻين متعلقين ۽ اڪابر علماءَ پاران نظريه پاڪستان جي تائيد حاصل ٿي. ”پاڪستان“ جي سوال تي مرڪزي ۽ صوبائي چونڊن ۾ حضرت ٿانوي جا معتقد، گوشه عزلت مان نڪري، برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نڪري پيا، نتيجو اهو نڪتو جو ليگ سئو سيڪڙو جايون کٽيون. دلچسپ امر اهو رهيو ته سلهٽ جو حصو، جو شيخ السلام حضرت مولانا حسين احمد مدنيءَ جي زير اثر هو ۽ جتي مسلم ليگي اميدوار جو نامينيشن پيپر ڀرڻ ۾ دشوار هو، اتي به ڪانگريس جي اميدوار نه فقط هارايو، پر سندس ضمانت به ضبط ٿي وئي.

ان سلسلي ۾ حضرت ٿانوي ۽ ان جي متعلقين جي مخلصانه تائيد ۽ مجاهدانه ڪردار کي تسليم ڪندي نوابزاده لياقت علي خان شڪريه ادا ڪندي، مولانا ظفر احمد عثمانيءَ کي 17 ڊسمبر 1945ع تي خط ۾ لکيو:

”اوهان جهڙن گوشه نشين عالمن جو، ههڙي نازڪ موقعي تي، ميدان ۾ نڪرڻ، ۽ سخت سرگرميءَ سان جدوجهد ڪرڻ، بيحد اثرائتو ثابت ٿيو. ان ڪاميابيءَ تي مان اوهان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو“  (تعمير پاڪستان ۽ علماءِ رباني)

مولانا منفعت علي جو خط ۽ کيس ٿانويءَ جو جواب:

ان سلسلي ۾ مولانا منفعت علي ۽ حضرت ٿانوي جي خط و ڪتابت پڻ خاص اهميت رکي ٿي. مولوي صاحب جڏهن اسيمبليءَ تي چونڊجڻ ۾ ڪامياب ٿيو، تڏهن حضرت ٿانويءَ کي هڪ مفصل خط لکي، کائن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي باري ۾ سندس راءِ معلوم ڪرڻ گهريائين.

مولوي منفعت علي لکيو ته:

”برصغير جي سياسي ڪشمڪش هلندي ڪجهه اهڙا واقعا پيدا ٿي چڪا آهن، جن مان واضع ٿو ٿئي ته ڪانگريس جو اصل غرض اهو ئي آهي ته هندستان جو محافظ انگريز رهي، ۽ هندو راڄ برطانيه جي زير سايه هلي ۽ ان ۾ ڪانگريس هڪ آڙ بنائي وڃي. جنهن ۾ هندن جي اڪثريت آهي.

”ملڪ ۾ هن وقت آئيني جنگ هلي رهي آهي ۽ سڀ معاملا ڪثرت راءِ سان طئي ٿي رهيا آهن. هن وقت ڪانگريس کي اڪثريت ۽ مرڪزي حيثيت حاصل آهي ۽ ڪانگريس جي ورڪنگ ڪميٽي ۾ مسلمانن جو انداز اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ان طرح ڪانگريسي مسلمانن جي ڪيفيت اها آهي ته مسلمانن جي خاص حقن جي حفاظت متعلق ڪيل مطالبي کي ”فرقه پرستي“ قرار ڏين ٿا. مسلمانن جي احتجاج تي هو اها حجت پيش ڪن ٿا ته اگر مسلمان ڪثرت سان ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيندا ته پوءِ هندن جي ذهنيت ۾ تبديلي پيدا ٿي سگهندي.

”ٻي چيز هو گڏيل انتخاب واري پيش ڪن ٿا. ان متعلق ڪانگريسين جو چوڻ آهي ته مخلوط انتخاب ٿيندو ته پوءِ هڪ مذهب وارو ٻئي مذهب کان بي نياز رهندو، جنهن ۾ اتحاد جي ڪابه اميد ناهي. اگر مخلوط انتخاب ٿيندو ته پوءِ هندو، مسلمانن جي جذبات جي احترام ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. ليڪن ان جي ترديد ۾ چند واقعا اهڙا ٿيا آهن، جي نظر انداز ڪري نه ٿا سگهجن. هندن ۽ مسلمانن جي آزاديءَ جو تناسب اهو آهي جو مسلمان اميدوار هر وقت هندن جو محتاج آهي. چنانچه عملي طور تي چئن جڳهين تي ڊسٽرڪٽ بورڊ ۽ ميونسپل جا انتخاب ٿيا آهن، جن ۾ مسلمانن کي هندو ڪانگريسين  ووٽ نه ڏنا آهن، حالانڪه انهن جاين تي اڳ اهي مسلمان اميدوار هميشه ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هندن جي اڪثريت آهي ۽ مسلمانن جي اقليت. گهڻا ووٽ هندن جا ئي آهن. ان ڪري ظاهر آهي ته ڪڏهن به مسلمان نمائندا ڪامياب نه ٿيندا“

ان کان پوءِ جناح لاءِ لکيو اٿس:

”اگرچه جناح مذهبي ماڻهو ناهي، مغربي وضع قطع جو ماڻهو آهي، ليڪن سياست ۾ برصغير جو اهو واحد ليڊر آهي، جنهن جي ديانتداري جا قائل خود سندس مخالف ۽ دشمن به آهن. هو اول ڪانگريس ۾ هو. سندس خدمتن جي اعتراف ڪندي خود ڪانگريس پاران کيس ”هندو ــــ مسلم اتحاد جي سفير“ جو لقب ڏنو هو. ڪانگريس به مڃي ٿي ته هو محب وطن آهي. سرڪاري ماڻهو ناهي. ڪانگريس ۾ رهندي به هو مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، پر آخر ڪانگريس جي تنگدليءَ کان بيزار ۽ ناراض ٿي، جدا ٿي ويو. هو جاه پسند به ناهي، نه ڪو انگريز سندس ضمير کي خريد ڪري سگهيو. سرڪار پاران ”سر“ جي خطاب جي آڇ کي به رد ڪري ڇڏيائين. آبائي اسماعيلي شيعه گهر ۾ ڄائو، مگر روشن خيال ۽ غير متعصب آهي. مٿس مخالف عالمن ڪفر جي فتويٰ به ڏني. بهرحال هڪ ڪلمه گو ۽ محب وطن آهي“

ٿانوي پاران جواب:

حضرت ٿانويءَ جو ڪجهه جواب ۾ لکيو، ان جو هڪ اقتباس پيش ڪجي ٿو:

”ٻنهي جماعتن ۾ شرڪت متعلق مون وٽ ڪافي خط پهتل آهن... ان ۾ ته ڪو به شڪ ناهي ته موجوده دور ۾، مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ منظم ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي. مسلمانن جي مفاد ۽ حقن جي لاءِ اهڙي تنظيم ۽ تحريڪ هئڻ گهرجي جا صحيح نموني ۾ هلي.

”حالات جي تحقيق ۽ مطالع کانپوءِ اهو معلوم ٿو ٿئي ته مسلم ليگ جي نقص ۽ عيب جي اصلاح آسان ۽ ممڪن آهي، پر ڪانگريس جي اصلاح ۽ منجهس شريڪ مسلمانن جي اصلاح ناممڪن آهي. مان بلڪل دل جي صفائي سان هن راءِ تي پهچي چڪو آهيان ته  مسلمانن کي اطمينان سان مسلم ليگ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ حتي الامڪان اصلاح جي ڪوشش حڪيمانه انداز ۾ جاري رکڻ گهرجي“

(مفتي محمد شفيع ديوبندي ـــ امداد الفتويٰ ص 582)

ٿانويءَ جو لکنوءَ ۾ اظهار خيال:

ان طرح 15 سيپٽمبر 1938ع تي حضرت ٿانويءَ لکنوءَ ۾ ظاهر ڪيو:

”مون جو اعلان شايع ڪيو آهي ۽ ان ۾ جا مسلم ليگ جي حمايت ڪئي آهي، ان ۾ اهو به چيو اٿم ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي جي اصلاح جي ضرورت آهي. هاڻي مسلم ليگ نسبتن ڪانگريس کان سٺي بلڪه ڏاڍي سٺي آهي. لهذا ان ۾ اصلاح جي خيال ۽ خدمت جي جذبي سان شريڪ ٿيڻ ۾ ڪو به عيب ناهي. مان ڪانگريس کي انڌي جي مشابهه ۽ ليگ کي ڪاڻي جي مشابهه تصور ڪريان ٿو. ظاهر آهي ته بهرحال ڪاڻي کي وري به انڌي تي ترجيح حاصل هئڻ گهرجي. اگر ڪنهن وٽ نوڪريءَ لاءِ انڌو ۽ ڪاڻو اچن ته پوءِ هو ڪنهن کي نوڪر رکندا؟ انڌي کي يا ڪاڻي کي؟ بس ان ڪري مان مسلم ليگ جو حامي آهيان“

(اسعد الابرار ـــ ابرار الحق حقي، باره بنڪي ص 120)

جهانسي جي چونڊ:

1937ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ معرڪه آرا مقابلو ٿيو. ان موقعي تي ئي ٻئي جماعتون هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويون. ٻنهي پاران زور شور سان مقابلو منڊيو ويو. ڪانگريس پنهنجي پوري قوت ۽ هٿيارن سان ميدان ۾ آئي. مولانا ٿانويءَ کان پڇا ڪئي وئي ته ڇا مسلم ليگ کي ووٽ ڏيڻ جائز آهي؟

پاڻ مولانا شبير علي ۽ مولانا ظفر احمد عثمانيءَ کي گهرايائون ۽ کين چيائيون:

”مسلم ليگ وڏن ماڻهن ۽ زميندارن جي جماعت آهي. مون کي خبر ناهي ته ڪاميابيءَ کان پوءِ هي ڇا ڪندا. اگرچه مان مسلم ليگ کي ڪانگريس کان بهتر ٿو سمجها، تاهم بيان ڏيڻ متعلق دل ۾ شبهو اٿم“

مولانا ظفر احمد عثمانيءَ عرض ڪيو ته ”اگر بيان نه ٿا ڏئي سگهو ته پوءِ رڳو تار ئي ڏيو ته ”ڪانگريس کي ووٽ نه ڏيو“ ان قسم جي تار جهانسي پهتي، ڪانگريس هارايو ۽ مسلم ليگ کٽيو. ان نتيجي اچڻ تي ڪانگريس جي حلقن ۾ سخت اشتعال پيد اٿيو ۽ جميعت العلماءِ هند جي عالمن حد کان زياده پريشانيءَ جو اظهار ڪيو.

قتل جي ڌمڪي:

ڪانگريس جي شڪست ۽ مسلم ليگ جي فتح جي رد عمل ۾ حضرت ٿانويءَ کي قتل جون ڌمڪيون اچڻ لڳيون. ان کان اڳ ”الامان“ اخبار جي ايڊيٽر مولانا مظهرالدين کي قتل ڪيو ويو هو. 

ان سلسلي ۾ هڪ خط ۾ کين لکيو ويو:

”اوهان کي يقين هئڻ گهرجي ته اوهان کي به مولوي مظهرالدين، ايڊيٽر ”الامان“ وانگر خانقاه ۾ ڇري سان ذبح ڪيو ويندو. هڪ مهيني جي مهلت کي غنيمت سمجهڻ گهرجي. ان کانپوءِ مردود جينا (جناح) پوءِ بدعتي بدايوني جو وارو آهي.

هيءَ چٺي ڪا ڌمڪي ناهي، پر حقيقت آهي. ”ڪانگريس زنده باد ـــ جميعت العلماءِ هند زندهه آباد“ (مفتي محمد شفيع ديوبندي، ملفوظات اشرفيه درمسائل سياسيه ص 84)

ٿانويءَ جو ردعمل:

پاڻ فرمايائون: ”مقدرات ۾ ڪا به تبديلي اچي نٿي سگهي. لهذا جو ڪجهه به ٿيڻو آهي، اهو  ضرور ٿيندو“

جناح جو خط ۾ ذڪر:

باوجود قتل جي ڌمڪين ۽ ڪانگريسين توڙي جميعت العلماءِ هند جي مخالفت جي حضرت ٿانوي، ليگ ۽ قائداعظم جي حمايت ۾ فتويٰ ڏني، بلڪه ان سلسلي ۾ مسلم ليگ جي ڪيترن آل انڊيا توڙي صوبائي اجلاسن ۾ پنهنجي طرفان وفد موڪلڻ شروع ڪيا. ان سلسلي جو  پهريون وفد 4 جون 1938ع تي تشڪيل ڏنو ويو.

اصل واقعو هن ريت آهي ته جون 1938ع تي بمبئي ۾ مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس ٿي رهيو هو. چنانچه حضرت ٿانويءَ، مولانا شبير احمد عثماني ۽ مولانا شبير علي ٿانوي ۽ مولانا عبدالڪريم گهمتگوي تي مشتمل وفد بمبئيءَ ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. ا۽ ان سلسلي ۾ نواب محمد اسماعيل خان ميرٺيءَ کي خط لکي اطلاع ڏنائون ۽ ان ۾ اها به هدايت ڪيائون ته وفد جي ملاقات جناح صاحب سان پڻ ڪرائي وڃي.

اهو خط مختصرا هن ريت آهي:

مڪرم محترم نواب اسماعيل خان صدر مسلم ليگ، يوپي

اسلام عليڪم و رحمت الله، گرامي نامو، وصل گراميءَ هٿان مليو. پڙهي دل خوشي حاصل ٿي. الحمد الله، اوهان علماءِ ڪرام جي شرڪت جي اهميت کي محسوس ڪيو آهي. مشوري موجب هڪ خط مولانا شوڪت عليءَ جي خدمت ۾ ان وفد جي قيام جي سلسلي ۾ لکيو ويو آهي، کيس اهو به اطلاع ڏنو آهي ته اهو وفد پنهنجي کاڌي جو انتظام  پاڻ ڪندو. انشاءَ الله اهو وفد پهرين جون هتان روانو ٿيندو ۽ ٽين جون تي صبح جو بمبئي ايڪپسريس ذريعي بمبئي پهچي ويندو. اميد آهي ته اوهان ان وفد جي شرڪت ۽ ڪارڪردگي متعلق ”مسٽر محمد علي جناح، ۽ ٻين ليگ جي اڪابر ليڊرن سان ملي تمام معاملات طئي ڪندا“

ان خط ۾ حضرت ٿانويءَ ”مسٽر محمد علي جناح، جو ذڪر جنهن احترام سان ڪيو آهي، اهو ظاهر ٿو ڪري ته حضرت ٿانويءَ جو جناح صاحب جي سياسي بصيرت ۽ معامله فهميءَ تي پورو پورو اعتماد هو.

ان کان پوءِ وفد جي بروقت روانگي، مولانا شبير احمد عثمانيءَ جي والده جي اوچتي علالت جي ڪري في الحال ملتوي ڪئي ويئي. پر ان هوندي به حضرت ٿانويءَ پاران نواب صاحب کي لکيو ويو:

”وفد جي روانگي قطعي طور ملتوي نه ڪئي ويئي آهي، ان ڪري احتياطن اوهان سڀ انتظام ڪري ڇڏيندا“ (تعمير پاڪستان ۽ علماءِ رباني. 70 ــــ 74)

حضرت ٿانوي جو تاريخي بيان، اجلاس پاٽنا 1938ع:

آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس 26 ــــ 27 ڊسمبر 1938ع تي پاٽنا ۾ منعقد ڪيو ويو. حضرت ٿانويءَ ان اجلاس لاءِ هيٺين عالمن تي مشتمل وفد روانو ڪيو. مولانا شبير علي ٿانوي، مولانا ظفر احمد عثماني، مولانا عبدالجبار، مولانا عبدالغني ۽ مولانا معظم حسين، ان وفد جو سربراهه مولانا مرتضيٰ حسن کي مقرر ڪيو ويو.

مولانا شبير علي ٿانوي فرمائي ٿو ”اسان پاٽنا پهچي مناسب ڄاتو ته اول قائداعظم سان ملاقات ڪري، نيٺ اسان جي ملاقات جو ٽائيم پنج بجه مقرر ڪيو ويو. اسان جناح صاحب وٽ پوري ٽائم تي پهتاسون. جناح صاحب ان وقت ڪرسيءَ تي ويٺل هو. اسان کي ڏسي احترامن اٿي بيٺو ۽ سڀني سان محبت سان هٿ ملايائين. اسان جي جناح صاحب سان هڪ ڪلاڪ کن گفتگو ٿي ۽ ڪيترن اهم مسئلن تي تبادله خيالات ڪيوسين. ان جو نتيجو نهايت سٺو نڪتو ۽ اسان اجلاس ۾ مولانا ٿانويءَ جي نمائندن جي حيثيت سان شريڪ ٿياسين“

(تعمير پاڪستان ۽ علماءَ رباني ص 74)

ان سلسلي ۾ مولانا ظفر احمد عثماني پڻ هڪ واقعو بيان ڪيو آهي. لکي ٿو ته:

”اسان اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ ٽپهريءَ جي نماز کان پوءِ قائداعظم سان ملياسون. سياست ۽ مذهب جي باهمي مسئلن تي دل کولي ڳالهه ٻولهه  ڪئيسين. ان ملاقات جو خاطر خواهه نتيجو نڪتو. سڀاڻي تي کليل اجلاس ۾ قائداعظم  مذهب ۽ سياست جي باهمي تعلقات تي هڪ مدلل ۽ پرجوش تقرير ڪئي ۽ ٻڌايو ته هڪ عادلانه نظام جو قيام، جنهن ۾ انسان ذات جي حقن ۽ آزاديءَ جي حفاظت ڪئي وڃي، اهو مذهب ۽ سياست جي باهمي ميلاپ سان پيدا ٿي سگهي ٿي. مذهب اهو درست آهي، جو انساني قدرن جي فروغ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿئي ۽ ان جي نفاذ جا طريقا پيدا ڪرڻ سياست آهي. ان طرح مذهب ۽ سياست هڪ ٻئي کان جدا به آهن ۽ هڪ ٻي سان مليل به آهن. ان طرح اسلامي زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو حامل آهي. اسلام عبادات  ۽ عقائد، معاملات ۽ سياست جو مجموعو آهي. سياست ۽ معاملات ۾ هر قوم ۽ هر مذهب جي فروغ ۽ ترقيءَ لاءِ جائز ذريعا اختيار ڪري سگهجن ٿا. اسلام انسان – دوست دين آهي، جنهن ۾ مساوات ۽ اخوت جو اعليٰ نظام موجود آهي، جنهن جي دائري ۾ اعليٰ  ۽ ادنيٰ، برهمڻ ۽ اڇوت جو ڪو به فرق ۽ امتياز ناهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com