سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1976ع

مضمون

صفحو :14

اي آر جعفري سنڌيڪار: محمد حسين ”ڪاشف“

قائداعظم متعلق مولانا آزاد جا تاثرات

(نوٽ: قائداعظم جي مخلصانه جدوجهد متعلق ڪابه سياسي تحرير تيستائين مڪمل نه ٿيندي، جيستائين دنيا اسلام جي وڏي عالم، ڀارت جي وزير تعليم ۽ ڪانگريس جي صدر حضرت مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ جا تاثرات معلوم نه ٿيندا. ظاهر آهي ته مولانا آزاد آخر تائين ڪانگريس سان وابسته رهيو، جڏهن ته سندس سڀ ڪانگريسي مسلمان ساٿي مولانا محمد علي ’جوهر‘، مولانا شوڪت علي، مولانا حسرت موهانيءَ پارا برک ليڊر ۽ سياستدان، ڪانگريس جي عمل ۽ ڪردار کان مايوس ۽ ناراض ٿي، مختلف وقتن تي الڳ ٿي ويا ۽ وڃي مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيا. مولانا آزاد  جو مشهور ڪتاب ”آزاديءَ هند“ (India Wins Freedom) برصغير جي سياسي تاريخ جي حيثيت سان ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي. ڪتاب انڊيڪس سميت 257 صفحن تي مشتمل آهي، ۽ ان ۾ قائداعظم ۽ پاڪستان متعلق مختلف هنڌن تي آيل منتشر مواد کي اگر گڏ ڪجي ته پوءِ اهو ٻارنهن کن صفحن جو متن ٿيندو. اهو ئي سبب آهي، جو مشهور سياستدانن  ۽ ڄاڻن جو اهو خيال آهي ته مولانا آزاد جو هي ڪتاب زياده تر ڪانگريس ۽ ان جي ليڊرن تي هڪ قسم جي تنقيد آهي ۽ ان ضمن ۾ هو قائداعظم ۽ پاڪستان سان به اختلاف ڪندو آيو آهي.

”مهراڻ“ جي ”قائداعظم نمبر“ لاءِ ڪتاب جا چند اقتباس ڏيڻ ضروري ٿا سمجهون، جي مشهور اهل قلم مسٽر محمد حسين ”ڪاشف“ گڏ ڪيا ۽ جن جي پڙهڻ مان قائداعظم جي شخصيت ۽ سياسي ڪردار سان گڏ، گانڌي جي، جواهر لال نهرو ۽ پٽيل جهڙن مشهور ڪانگريسي ليڊرن متعلق مولانا آزاد جي راءِ معلوم ڪري سگهجي ٿي. غ. م. گ)

 

مهاتما گانڌي ”آزاد“ جي نگاهه ۾

گانڌيءَ تحريڪ ”ترڪ موالات“ کي تباهه ڪيو!

مولانا آزاد، تحريڪ ”ترڪ موالات“ جي تباهيءَ متعلق لکي ٿو:

”چوري چورا جي حادثي ڪري گانڌيءَ تحريڪ ”ترڪ موالات“ ترڪ ڪري ڇڏي. سندس اهو فيصلو سياسي حلقن ۾ سنگين ترين رد عمل ۽ ملڪ ۾ بي حوصلگيءَ جو سبب بنيو. حڪومت ان حالت مان پورو پورو فائدو حاصل ڪيو، گانڌي جي گرفتار ڪيو ويو. کيس ڇهه سال سزا ڏني وئي. ۽ تحريڪ ”ترڪ موالات، آهستي آهستي ختم ٿي ويئي.“ (ص 16ــ 17ــ 18)

ان کانپوءِ گانڌي جيءَ متعلق مولانا آزاد هن ريت عنوان قائم ڪيا آهن:

(1): پيچيده شخصيت (2): گانڌيءَ جي نجي تدبير سياست (3): گانڌيءَ جي زبردست غلطي. (4): جنگ جي زماني ۾ تحريڪ هلائڻ جو مخالف. (5): گانڌي 1942ع ۾ عوامي تحريڪ لاءِ تيار ٿيو. (6):    سردار پٽيل جو گانڌيءَ تي اثر هو. (7): گانڌيءَ جون گول مول ڳالهيون. (8): بغاوت جو اعلان ۽ فورن صلح جي ڪوشش. (9): گانڌيءَ جي خوداعتمادي ۾ زلزلو. (10):      گانڌيءَ جي کي ويسر هئي. (11):    گانڌيءَ سان منهنجو اختلاف. (12):  مونکي چيائين ”استعيفي! ڏئي وڃ“. (13):  گانڌيءَ جو دماغي توازن. (14): گانڌيءَ سان منهنجو اختلاف. (15): گانڌيءَ جو عجيب غريب بيان. (16):  گانڌيءَ جيءَ جون قلابازيون. (17): گانڌيءَ جي ساڳئي وقت تي تشدد ۽ عدم تشدد جو قائل هو. (18): گانڌي سولائي سان راءِ بدلائيندو هو (19):       ڪابينه وفد جي سفارش جي تائيد. (20): وفاقي دستور جو حامي. (21): تقسيم جي خلاف اظهار خيال. (22): پٽيل جي غلط مشورن جي تائيد. (23):گانڌي جي کي ماريو ويو. (24):        پٽيل جي سازش ۽ بي پرواهي.*

هي عنوان ڪنهن به تبصري جا محتاج ناهن، لفظ پنهنجي مفهوم سميت ڄڻ ڳالهائي رهيا آهن. مولانا آزاد جي مٿئين عنوانن مان ئي ظاهر آهي ته مولانا آزاد گانڌيءَ جيءَ جي شخصيت جو پورو تجزيو ڪري چڪو هو.

گانڌيءَ سان اختلاف:

مولانا آزاد لکي ٿو: ”گانڌي جيءَ ورڪنگ ڪميٽيءَ کي مشورو ڏنو ته بين الاقوامي بحران جي هن موقعي تي هندستان جو موقف واضع ڪري. گانڌي جيءَ جي راءِ اها هئي ته ڪنهن به حالت ۾ هندستان کي جنگ ۾ شريڪ نه هئڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ته ان جي عيوض هندستان کي آزادي ئي ڇو نه ملي! مون ان معاملي ۾ گانڌي جيءَ جي تائيد نه ڪئي. منهنجو خيال هو ته يورپ ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪ طرف نازيت ۽ فساطيت آهي، ٻئي طرف جمهوري عناصر آهن. انهن ٻنهي جي ڪشمڪش ۾ اگر هندستان کي آزاديءَ سان هم ڪنار ٿيڻو آهي ته پوءِ جمهوري عناصر سان ساٿ ڏيڻ گهرجي.“ (24 ـــ 25)

جواهر لال ۽ پٽيل

مولانا لکي ٿو: ”سوال پيدا ٿيو ته مون کان پوءِ ڪانگريس جو صدر ڪير ٿئي؟ مون محسوس ڪيو ته جواهر لال کان زياده موزون آدمي ٻيو ڪونه آهي. ان تي ان قسم جو بيان به ڪڍيم. گانڌي سردار پٽيل ڏانهن مائل هو، ۽ مون سان اختلاف ڪيائين ۽ دليل و دلائل پيش ڪيائين. پر ڪميٽيءَ ۽ مون جڏهن جواهر لال جو نالو پيش ڪيو، تڏهن شرما شرميءَ ۾ گانڌي خاموش ٿي ويو ۽ پبلڪ طور تي دوباره پنهنجي خيالن کي ظاهر نه ڪيائين.“

جواهر لال جو بيان غلط هو

مولانا لکي ٿو ته ”ڪابينه پلان کي جواهر لال هڪ مخالفانه بيان ڏيئي درهم برهم ڪري ڇڏيو. سندس اهو بيان غلط هو. ڪانگريس، ”پلان“ موجب ان ۾ ترميم ۽ تبديل ڪرڻ جي مختار نه هئي. (ص 2 تقسيم هند جي شروعات)

جناح جو فيصلو درست هو:

مولانا صاحب،”پلان“ متعلق لکي ٿو ته ”جواهر لال سارو معاملو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو پر محمد علي جناح اهو پلان منظور ڪيو، ڇو ته ان پلان موجب، جناح صاحب اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو هو، جو سندس مقصد وٽان هو. ليگ ڪائونسل ۾ تقرير ڪندي، مسٽر جناح صاف ۽ صحيح انداز ۾ چيو هو ته ”هو ”پلان“ جي منظوريءَ جي سفارش ان ڪري ڪري رهيو آهي جو ان کان بهتر مفاهمت جو طريقو ٻيو آهي ئي ڪونه.“ (3)

بم گولو

ان عنوان هيٺ مولانا آزاد، نهرو پاران ”پلان“ کي درهم برهم ڪرڻ تي، جناح صاحب جو رد عمل بيان ڪيو آهي. (ياد رهي ته مولانا آزاد ”پلان“ جي حق ۾ هو).

”مسٽر جناح اهو واضع ڪيو ته اسان ”ڪابينا پلان“ ان ڪري قبول ڪيو هو، جو اسان کان اڳ خود ڪانگريس قبول ڪري چڪي هئي. اسان ان کي ٻنهي ڌرين جي مفاهمت جو هڪ ذريعو قرار ڏنو. ليڪن صدر ڪانگريس، مسٽر نهرو، اهوبيان ڏيئي ته ”ڪانگريس پنهنجي مرضيءَ سان ان ۾ ترميم ۽ تبديل ڪرڻ جو حق رکي ٿي؛ مفاهمت جي راهه ۾ سخت رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اقليتون (مسلمان، سک، اڇوت وغيره) وري به اڪثريت جي رحم و ڪرم تي ڇڏيون وينديون. مسٽر جناح بلڪل سچ چيو ته اسان اقليتن کي ڪانگريسي اڪثريت جي رحم و ڪرم تي ڇڏڻ نه ٿا گهرون. جواهر لال جي بيان جو مطلب اهو آهي ته ڪانگريس ”ڪابينه پلان“ رد ڪري ڇڏيو آهي. (ڪابينه پلان باب ــــ ص 4)

جناح به پلان رد ڪري ڇڏيو

مولانا لکي ٿو ”جواهر لال جي غلط فيصلي جي ردعمل ۾ 27 جولاءِ تي، بمبئيءَ ۾ مسلم ليگ جي افتتاحي تقرير ۾، جناح صاحب چيو، ته ”مفاهمت جون سڀ راهون بند ٿي چڪيون آهن، ڪانگريس وارا عهد شڪني جا مرتڪب ٿيا آهن، ان ڪري هاڻي اسان جي منزل ”مطالبئه پاڪستان“ کان سواءِ ٻي ٿي نه ٿي سگهي. نيٺ ڪيترن ڏينهن جي بحث مباحثي کانپوءِ مسلم ليگ به پلان رد ڪري ڇڏيو.“ (ڪابينه پلان باب 5)

منهنجي پريشاني

مولانا لکي ٿو: ”ان نئين صورتحال ۾ مان زياده پريشان ۽ دل برداشته ٿي پيس. مان ڏسي رهيو هوس ته جنهن اسڪيم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي وئي، سا جواهر لال جي هٿان درهم برهم ٿي وئي!“

ڪانگريس ۾ ڦيٽارو

مولانا لکي ٿو: ”جواهر لال جي غلطيءَ جي ڪري جڏهن جناح صاحب به پلان کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، تڏهن ڪانگريس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ ۾ پريشاني پيدا ٿي. هڪ طرف اهو سوال هو ته جيڪڏهن جواهر لال جي خلاف فيصلو ٿو ڏجي ته ان سان هڪ طرف ڪانگريس جو وقار مجروح ٿيندو ۽ ٻئي طرف اها مفاهمت خطري ۾ پئجي ويندي، جا جناح صاحب سان ٿي چڪي هئي ۽ اها صورتحال ڏاڍي جاکوڙ ۽ جدوجهد کان پوءِ مس وڃي پيدا ٿي هئي، جا درهم برهم ٿي ويئي. ان طرح ان خيال به پريشاني پيدا ڪئي ته هاڻي ڪانگريس جي ساک ــــ پت به وائکي ٿي وئي، ڇو ته ”ڪابينا پلان“ کي اگر ترڪ ٿو ڪجي ته پوءِ سارو ملڪ برباد ٿي ويندو.“ (ڪابينه پلان باب ص 6)

تلافيءَ جي ڪوشش

آخرڪار اسان هڪ تجويز جو مسودو تيار ڪيو، جنهن ۾ صدر جواهر لال جي پريس ڪانفرنس جو ڪوبه حوالو نه ڏنو ويو. اها تجويز آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جي بحال ڪيل ٺهراءُ جي مزيد تائيد ۾ ٺاهي وئي. خيال هو ته ان طرح سان جواهر لال جي بيان جي تلافي ٿي ويندي ۽ ”جناح“ به راضي ٿي سگهندو.

جناح جي پاران ترديد

مولانا لکي ٿو:”اسان جو خيال هو ته ان قسم جي تجويز جواهر لال جي غلط بيانيءَ جي تلافي به ڪندي ۽ ڪانگريس جي ساک به بچي ويندي. ليڪن مسٽر جناح اسان جي ان قسم جي تجويز ۽ پوزيشن کي قبول نه ڪيو ۽ چيائين ته ”هي عجيب تضاد آهي، هڪ طرف ڪانگريس جي صدر ”پلان“ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ته ٻئي طرف ورڪنگ ڪميٽي عجيب تجويزون پيش ڪيون آهن، آخر ڪنهن کي اختيار ۽ اعتبار آهي؟ صدر کي يا ورڪنگ ڪميٽيءَ کي؟ حقيقت اها آهي ته جواهر لال جو بيان ڪانگريس جي حقيقي ذهنيت جو آئينه دار آهي.“ جناح اهو به چيو ته ”اگر ڪانگريس ائين پئي بار بار فيصلا بدلائيندي رهندي، ان حالت ۾ جو انگريز اڃا موجود آهي ۽ اڃا اختيارات ڪانگريس کي به نه مليا آهن ته پوءِ ان حقيقت جي ضمانت ڪير ڏيندو ته جڏهن انگريز هليو ويندو ۽ اختيارات ڪانگريس کي ملندا، تڏهن ڪانگريس ان پوزيشن تي دوباره واپس نه ايندي، جنهن جي هڪ جهلڪ جواهر لال جي بيان ۾ نطر اچي رهي آهي!“ (ڪابينه پلان ص 7)

جواهر لال جي جناح سان ناڪام ملاقات

جڏهن وائسراءِ پاران 12 آگسٽ تي جواهر لال کي عارضي حڪومت بنائن لاءِ دعوت ملي، تڏهن جواهر لال، جناح سان سندس گهر وڃي ملاقات ڪئي. جناح ڪانگريس جي صدر جي بيان ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ جي تبديلي ۽ ترميم واري ٺهراءُ، جو 10 آگسٽ تي وارڌا ۾ پاس ٿيو هو، انهن کي موضوع بنائي، جواهر لال کي ناڪام واپس ڪري ڇڏيو.“ (پلان باب ص 9)

جواهر لال لاءِ مولانا آزاد جي راءِ

مولانا فرمائي ٿو: ”جواهر لال منهنجو محبوب ترين دوست آهي. هندستان جي قومي زندگيءَ ۾ ان جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اهي ڪنهن به ٻئي جي حصي ۾ نه آيا آهن. ان سخت جدوجهد ڪئي آهي ۽ مصيبتون ڪاٽيون آهن.آزادي هند کان پوءِ ته هو اسان جي قومي زندگيءَ لاءِ علامت بنجي چڪو آهي. ليڪن ان جي باوجود:

”افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪن اهم موقعن تي هو جذبات جي لهرن ۾ لڙهي ٿو وڃي، رڳو ايترو نه پر جواهر لال نظرياتي افڪار کان ايترو ته متاثر ٿي ٿو وڃي، جو صورت حالات جي اهميت ۽ نزاڪت جي اندازي لڳائڻ ۾ به غلطي ڪري ٿو ويهي!“ (ص 13، پلان ص 13)

هند ۽ هندو راڄ

مولانا جو قلم لاشعوري طور تي ڪانگريس جي حڪومت کي ”هندو راڄ“ لکي ويو آهي. لکي ٿو:

” پاڪستان بنجڻ کانپوءِ هندستان جي مسلمانن تي اهو منڪشف ٿي ويندو ته هت ڀارت ۾ سندن حيثيت هڪ غير ملڪي آهي. صنعتي تعليمي ۽ اقتصادي لحاظ کان هو پسماندگيءَ جي حالت ۾ ”هندو راڄ“ جي رحم ڪرم تي ڇڏيا ويندا.“

(پاڪستان تحريڪ ص 13)

هندو انتهاپسند ۽ فرقه پرست آهي

مولانا فرمائي ٿو: ”بحث ڪندي ائين چيو پيو وڃي ته اگر ”پاڪستان“ خود مسلمانن جي لاءِ ايترو نقصانڪار آهي ۽ ان ۾ مسلمانن جي مفاد جي ڪابه اميد نه آهي ته پوءِ ان طلسم ۾ مسلمانن جو غير معمولي تعداد ڇو وڃي ڦاٿو آهي؟ ان متعلق منهنجو جواب اهو آهي ته ”هندن جي انتها پسند فرقه پرستن جي طرز عمل جوابدار آهي!“

(ص 15 ــــ پاڪستان تحريڪ)

انگريز، پاڪستان جي سخت خلاف هو

مولانا لکي ٿو: ”حقيقت اها آهي ته ”ڪابينه وفد“ پنهنجي بيان ۾ واضح انداز ۾ چيو هو ته هو هند جي تقسيم ۽ هڪ آزاد مسلم مملڪت جي قيام متعلق سفارش ڪري نه ٿو سگهي، لارڊ پيٿڪ لارينس، سراسٽيفرڊ ڪرپس پڻ بار بار چيو ته ”اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جناح پاران جنهن ”پاڪستان“ جي گهر ڪئي پئي وڃي، آخر اهو آهي ڇا؟ اهو سالم به رهي سگهندو يا نه؟“ (ص 8)

 

جوگيندرناٿ منڊل تي اعتراض

مولانا آزاد ــــ اڇوت وزير جي انتخاب تي، ڪانگريس جي نقطه نظر موجب لکي ٿو:

”جناح صاحب سڀ کان زياده مضحڪه خيز حرڪت اها ڪئي ته هن پنهنجي فهرست ۾ جوگيندر ناٿ منڊل جو نالو به شامل ڪري ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان مسٽر جناح پوري پوري ڪوشش ڪئي ته جڏهن ته ڪانگريس صرف هندن جي اڪثريت تي مشتمل جماعت آهي، ۽ اها ”اڇوتن“ جي دشمنن ۽ فرقه پرست هندن جي آله ڪار آهي، جن ۾ پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ جا پوڄاري، هندو مهاسڀائي ۽ آريه سماجي سڀ شامل آهن ۽ جي ”اڇوتن“ کي شڌ ڪرڻ کانپوءِ به ”هندو“ ڪري نه ٿا مڃين! ان حالت ۾ ”منڊل“ جهڙي اڇوت ليڊر کي مسلم ليگ پاران وزير چونڊائي، ڪانگريس کي خوب بدنام ڪري سگهجي ٿو. باوجود ان حالت جي، جو ڪانگريس، هندن، مسلمانن، سکن، پارسين، اڇوتن ۽ عيسائين کي، ايگزيڪيوٽو ڪائونسل تي نامزد ڪري چڪي هئي، جناح صاحب ”منڊل“ کي وزير بنائي ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ جڏهن جناح جي ان عمل تي سخت نڪته چيني ڪئي وئي، تڏهن اسان سڀني کي پنهنجي غلط قسم جي ضد تي قائم رهندي، جواب ڏنائين ”ڪنهن معمولي ڪميٽيءَ تي ڪانگريس پاران ڪنهن اڻ ڄاڻ ۽ غير مشهور اڇوت کي کڻي، ڪانگريس اهو تاثر ڇو پيدا ڪري رهي آهي، ته ڪانگريس ”اڇوتن“ جي حق کي  ادا ڪري ڇڏيو آهي! مون ته ”منڊل“ جهڙي مشهور سياسي ليڊر، جنهن کي ڪروڙها اڇوتن جي ليڊريءَ جو شرف حاصل آهي ۽ جو هندوستان جي هر فرقي ۽ سياسي گروهه ۾ متعارف آهي، مرڪزي وزير ڪيو آهي، ۽ ان جي مقابلي ۾ ڪانگريس غير مشهور اڇوتن کي نامزد ڪري، پاڻ اڇوتن کي غلط فهميءَ ۾ مبتلا رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آخر مرڪزي وزير ۽ هڪ معمولي ڪميٽيءَ تي نامزد مميبر ۾ ڪو فرق آهي يا نه؟“

جڏهن کيس جواب ڏنو ويو ته ”منڊل“ ته نهايت غير مشهور اڇوت ليڊر آهي، ان تي جناح سختيءَ سان جواب ڏنو ته ”اگر حقيقت اها آهي ته پوءِ، اوهان پنهنجي پاران ”منڊل“ کي مرڪزي وزيرن واري فهرست ۾ آڻيو ته خبر پئجي وڃي!“ اگر ڪانگريس ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ مان ڪنهن سک، عيسائي ۽ پارسيءَ ته ڇا، ڪنهن متعصب آريه سماجي ۽ مهاسڀائيءَ کي، مسلم ليگ پاران مرڪزي وزارت لاءِ چونڊيندس پوءِ ڀلي ته ڪانگريس جي ڪوٽا وڌي وڃي. پر ياد رکو اوهان توڙي ڪانگريس، ائين ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه ٿيندا!“

جناح کي چيو ويو ته ”اوهان جو فيصلو دلچسپ به آهي ۽ اشتعال انگيز به آهي، ڇو ته هڪ انگريز سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته مسٽر منڊل نهايت نااهل آهي، ڪو به ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ان تي جناح چيو: ته ”انگريز جي رپورٽ صحيح! منهنجي صحبت ۾ ”منڊل“ اهو ڪجهه ٿيندو، جنهن جو تصور به ڪري نٿا سگهو.“

(باب: پاڪستان تحريڪ ص 28)

گانڌيءَ چيو ته ”مولانا ڇا مون سان ساٿ ڏئي سگهندين؟“

مولانا آزاد، گانڌي جي جي راءِ متعلق لکي ٿو:

”حال هي هو جو جواهر لعل ۽ پٽيل ٻئي مخالفن کان شڪست کائي، تقسيم هند تي رضامند ٿي چڪا هئا. افسوس اهو هو جو اسان جا ٻئي مکيه ساٿي هارائي ميدان خالي ڪري چڪا هئا. ان حالت ۾ منهنجي آخري اميدگاهه فقط گانڌيءَ جي جي ذات هئي. گانڌي جيءَ لارڊ مائونٽبيٽن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ 21 مارچ 1947ع تي دهليءَ ۾ آيو، مون ساڻس وڃي حال احوال ڪيا. مون کي فورن چيائين: ”تقسيم هند هن وقت اسان سڀني لاءِ خطرو بنجي چڪي آهي، پٽيل ته ڇا خود جواهر لال به شڪست مڃيندي، سپر انداز ٿي چڪو آهي. ٻڌاءِ مولانا، تون ڇا ڪندن؟ تون مون سان ساٿ ڏئي سگهندين، يا تنهنجي راءِ به بدلجي چڪي آهي!“

مولانا جو جواب:

مولانا پنهنجي جواب کي بيان ڪندي لکي ٿو:

”مون گانڌي جيءَ کي جواب ۾ چيو ته مان اول کان ئي تقسيم هند جو سخت مخالف رهندو آيو آهيان ۽ اڄ تائين مخالف آهيان. مون کي اهو ڏسي سخت صدمو رسيو آهي ته جواهر لال ۽ پٽيل جهڙن مکيه ماڻهن به شڪست قبول ڪئي آهي، بلڪه اوهان جي لفظن ۾ هو سپر انداز ٿي چڪا آهن. منهنجي لاءِ هن وقت اڪيلي اميد گاهه ته توهان جي ذات ئي آهي. اگر اوهان تقسيم هند جي خلاف پيدا ٿيل تحريڪ جي مقابلي ۾ عملي ميدان ۾ ايندا ته پوءِ اميد آهي ته اسان حالتن جو منهن موڙي سگهون، پر جي اوهان به خاموشي اختيار ڪئي ۽ شڪست قبول ڪئي ته پوءِ مون کي يقين آهي ته ڪاميابي اسان جي هٿن مان وئي!

گانڌيءَ جو جواب

مولانا آزاد، گانڌيءَ جي جواب کي هن طرح بيان ڪيو آهي: ”مهاتما گانڌيءَ وراڻيو، مولانا! ڇا اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي! اگر ڪانگريس تقسيم هند کي قبول ڪرڻ گهري ٿي ته پوءِ اها ڪارروائي منهنجي لاش تي ٿيندي. جيستائين مان زندهه آهيان، تيستائين ڪڏهن به تقسيم هند تي رضامند ٿيڻ جو ڪو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿي سگهي ۽ نه ڪو مان ڪانگريس کي به ائين ڪرڻ ڏيندس! اوهان اطمينان ڪيو. ان سوال تي اسان هر طرح مقابلي ڪرڻ جو حوصلو رکون ٿا.“

مولانا مان اوهان کي ساٿ ڏيئي نه سگهندس

مولانا آزاد گانڌيءَ جي ڦيري کائڻ متعلق لکيو آهي: ان ئي ڏينهن گانڌي جي، لارڊ مائونٽ بيٽن سان ملاقات ڪئي. ٻئي ڏينهن تي به ٻنهين جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ان طرح  2 اپريل تي به پاڻ ۾ مليا. ان ڏينهن يعني 2 اپريل تي جيئن گانڌي جي، لارڊمائونٽ بيٽن سان ملي واپس پهتو، سڀ کان اول پٽيل وڃي ساڻس مليو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين ويٺي ڳالهيون ڪيائون. انهن جي ملاقات وقت ڪهڙيون ڳالهيون ٻولهيون ٿيون، مون کي ان متعلق ڪو به علم ناهي! ليڪن مان جڏهن دوباره، گانڌيءَ سان وڃي مليس، تڏهن مون اهڙو جهٽڪو ۽ صدمو محسوس ڪيو، جو منهنجي زندگيءَ جو اهم ترين حادثو آهي. مون ڏٺو ته گانڌيءَ جي بلڪل پٽيل جي زبان سان ڳالهائي رهيو هو. مون ٻه ڪلاڪ پورا دليل بازي ڪئي، پر اها بي اثر ثابت ٿي. گانڌيءَ جواب ۾ چيو ته پوزيشن اهڙي پيدا ٿي آهي، جو هاڻي تقسيم هند کي ٽاري نٿو سگهجي. 

پٽيل جو ڪرشمو!

مولانا فرمائي ٿو: ”هاڻي گانڌيءَ جي ڪٽيا ۾ اهو سوال زير بحث رهيو ته تقسيم هند، جو طريقيڪار ڇا هئڻ گهرجي! مون غور ڪيو ته گانڌي جي، ائين جلدي ڪيئن پنهنجي اڳين راءِ تان ڦيري کائي ويو! منهنجو مطالع اهو سارو اثر پٽيل جو هو. اصل ۾ ڪانگريس تي راڄ گانڌيءَ جو هوندو هو، پر گانڌيءَ تي راڄ پٽيل جو هوندو هو! افسوس!“

(ص 186 ــــ 187)

قائداعظم لاءِ مولانا آزاد جا اثرات

قائداعظم محمد علي جناح

مولانا آزاد، قائداعطم جناح لاءِ هڪ فصل مستقل ــ 471 صفحي کان شروع ڪيو آهي، ان ۾ ڏاڍا دلچسپ مسئلا درج ڪيا ويا آهن. باوجود سخت اختلافن جي به ڪٿي ڪٿي، قائداعظم جناح جي فراست جو داد به ڏنو اٿس. چند واقعا پيش ڪجن ٿا. 

گانڌي جي وڏي غلطي

مولانا آزاد لکيو آهي : ”1944ع ۾ جيل کان آزاد ٿيڻ کانپوءِ، گانڌيءَ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ مسٽر جناح سان ملاقاتون شروع ڪيائين. منهنجو خيال آهي ته ان مرحلي تي مسٽر جناح تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشس گانڌيءَ جي تمام وڏي غلطي هئي. ائين ڪرڻ سان هڪ ته مسٽر جناح کي وڏي اهميت حاصل ٿي، جنهن مان جناح پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. رهيو سوال گانڌيءَ جي ڪامياب سياسي گفتگو جو. ان متعلق اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته گفتگو ”جناح“ سان ٿي ! جنهن جو منطقي بحثن کان جند ڇڏائڻ ڪاري دارد!“ (ص 1)

گانڌي ۽ جناح

مولانا لکي ٿو: ”حقيقت اها آهي ته مسٽر جناح جي سلسلي ۾ گانڌيءَ جي روش نهايت عجيب رهندي آئي آهي. جڏهن 1920ع ۾ ”جناح“ ڪانگريس کان الڳ ٿي ٿيو، تڏهن کيس صفا وسارڻ گهرجي ها، پر گانڌي، جناح جي شخصيت، ڪانگريس جي دور جي سياسي خدمتن، جناح جي دليلن ۽ مطالبن کان ڪو اهڙو متاثر ٿي ويو جو جناح سان ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. ائين ڪرڻ سان مسلمانن جي وڏي طبقي اهو تاثر ورتو ته گانڌي، جناح کي پرچائڻ ۽ ٺاهه لاءِ سندس پويان هلي رهيو آهي، ۽ سندس بيجا خوشامد ڪري رهيو آهي، ائين ڪرڻ سان جناح جي عظمت وڌي ويئي، ٻيو ته اهو به نتيجو نڪتو ته ”جناح“ هر فرقه وارانه مسئلي جو حل پنهنجي قابليت ۽ شهرت سان ڪانگريس ۽ انگريز کان مڃائي سگهي ٿو.“  (ص 2)

قائداعظم جو لقب

مولانا لکي ٿو: ته ”وڏي غلطي گانڌيءَ جي اها هئي، جو ”جناح“ کي قائداعظم لکڻ لڳو. اهڙا خط جڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيا، تڏهن هندستاني مسلمانن ڏٺو ته خود گانڌيءَ به ”جناح“ کي ”قائداعظم“ لکي رهيو آهي، ان ڪري واقعي ”جناح“ ”قائداعظم“ آهي!“ (ص 3)

آزادي هند ۽ جناح

مولانا صاحب لکي ٿو: ”جولاءِ 1944ع ۾ جڏهن مون اها رپورٽ پڙهي ته گانڌيءَ جناح سان خط وڪتابت ڪري رهيو آهي، بلڪه هاڻي ته سندس ملاقات لاءِ بمبئيءَ وڃڻ لاءِ به بسترو گول ڪري رهيو آهي، تڏهن مون کي سخت رنج پهتو. مون رفيقن کي ٻڌايو ته گانڌي وڏي غلطي ٿو ڪري. ”جناح“ سان گفتگو کانپوءِ، گانڌي جي شڪست کائي موٽندو باقي جناح کي ڪجهه مڃائي نه سگهندو! ”جناح“ ان صورتحال مان به ڪافي فائدو ورتو. گانڌي هٿين خالي موٽندو رهيو ۽ ”جناح“ ساڻس ڪوبه تعاون نه ڪيو، بلڪه پنهنجن مطالبن تي مستحڪم رهيو جي ڪانگريس جي مقصدن جي خلاف هئا.“ (ص 4)

مسٽر جناح فريب ۾ گرفتار نه ٿيو

مولانا آزاد، جناح جي فراست سياسي متعلق شعوري طور با لا شعوري طور مٿيون عنوان قائم ڪري هن طرح لکيو آهي:

”ڪابينه پلان“ واري گروپ بنديءَ جي تجويز منظور ٿيڻ کانپوءِ گانڌي ۽ جواهر لال ۽ ڪانگريس ليڊر حڪومت تي قابض ٿيڻ جي باوجود ”پلان، جي مخالفت ڪرڻ لڳا آهن. جناح ڪانگريس جي ان پيمان شڪنيءَ کان پوءِ عارضي حڪومت ۾ رهندي، ”ڪابينه پلان“ کي رد ڪري ڇڏيو.

 ”جناح صاحب جي ان سياسي قدم اسان کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. جناح جي اعتراضن کي جواب ڏيڻ لاءِ 10 آگسٽ تي اسان هڪ تجويز به منظور ڪري ورتي، جنهن ۾ اسان اهو اعلان ڪيو ته ”اسان ڪابينه پلان کي مڪمل طور منظور ڪيو آهي.“ ليڪن جناح جي تسلي ۽ تشفي نه ٿي. جناح چيو ته ”آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽي، صاف ۽ واضح لفظن ۾ ڇو نه ٿي اقرار ڪري ته صوبا، ڪابينه وفد جي پلان جي مطابق گروپ بنديءَ ۾ شريڪ ٿيندا ۽ صدر نهروءَ کان غلطي ٿي آهي!“ نتيجو اهو نڪتو جو ڪانگريس جو اهو نئون ٺهراءُ به ائين بيڪار رهجي ويو. جناح ان کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو.“ (ص 5)

جناح جا دليل وزني هئا.

مولانا ان عنوان هيٺ فرمائي ٿو: ”اهم ترين اختلاف هوئي گروپ بنديءَ متعلق! مسٽر جناح جو چوڻ هو ته ”دستور ساز اسيمبلي ”پلان“ جي قالب ۾ ڪنهن به ڦيرڦار ڪرڻ جو اختيار نه ٿي رکي، ڇو ته ”گروپ بندي“ ان پلان جو اهم حصو آهي، ان ڪري ان سلسلي ۾ ڪا به تبديلي ڪرڻ عهدنامي جي خلاف ورزي ٿيندي. ان پلان خود ئي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته دستور بنائڻ کانپوءِ گروپ ۾ شامل ڪوبه صوبو، ان ۾ شامل ٿيڻ يا الڳ رهڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.“

”مسٽر جناح جو ان تي وڌيڪ چوڻ هو ته اها سهولت هر صوبي جا انديشا ۽ خطرا ختم ڪري سگهي ٿي ڇڏي ته جنهن گروپ سان هو وابسته ڪيو ويو آهي، ان کان جدا ٿيڻ جو هن کي اختيار ۽ حق آهي. پر آسام جي ڪانگريسي ليڊرن جو چوڻ هو ته دستور کان اڳ هر صوبي کي گروپ ۾ شامل هئڻ يا نه هئڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي. اهي اگر چاهين ته پنهنجو پنهنجو دستور جداگانه طور تي پڻ بنائي سگهن ٿا.

”ان طرح ڪابينه وفد ان خيال جو اظهار ڪيو ته گروپ بندي جي سلسلي ۾ ليگ جو موقف ۽ جناح جو چوڻ بلڪل درست آهن.“

آسام جا ڪانگريسي ليڊر بهرحال پنهنجيءَ روش تي ضد ڪري بيٺا. آخرڪار ڪجهه خاموشيءَ کان پوءِ گانڌيءَ انهن جي تائيد ڪرڻ شروع ڪئي، جا سندس غلطي هئي.“

مولانا آزاد جي راءِ

ايتري لکڻ کانپوءِ مولانا آزاد، جناح جي فراست ۽ سياسي بصيرت کي تسليم ڪندي فرمايو آهي:

”معقوليت جي تقاضا آهي ته مان دل سان اعتراف ڪيان ته مسٽر جناح جا سڀ دليل معقول ۽ وزندار هئا.

4 ــ ڊسمبر تي برطانوي ڪابينه پاران هڪ بيان شايع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ گروپ بنديءَ جي سلسلي ۾، جناح ۽ مسلم ليگ جي نقطه نظر جي تائيد ڪئي وئي هئي. ليڪن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف ختم ٿي نه سگهيو.“

(ص 184)


*  ظاهر آهي ته گانڌي جيءَ جهڙي عظيم شخصيت متعلق اهڙا سخت ۽ تلخ عنوان شايد ڪتاب جي مترجم اي. آر جعفريءَ جا قائم ڪيل آهن، ورنه محسوس ائين ٿو ٿئي ته مولانا آزاد جي محتاط تحرير ۾ ان قسم جا عنوان نه هوندا، پر ڪجهه نرم هوندا. بهرحال اهو بار اي. آر جعفريءَ تي آهي. والله علم. غ. م. گ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com