جواهر لال جي باري ۾ مولانا آزاد جا تبصرا
بين
الاقوامي شهرت يافته ليڊر جواهر لال متعلق مولانا
آزاد جا تبصرا نهايت دلچسپ به آهن ۽ رنگين به آهن.
چند حقيقتون پيش ڪجن ٿيون.
جواهر لال انگريزن جو همدرد هو
مولانا فرمائي ٿو:
”جڏهن ڪرپس لنڊن واپس وريو، تڏهن جواهرلال، نيوز
ڪرانيل کي بيان ڏيندي چيو: ”ڪانگريس پاران ڪرپس جي
پيشڪش رد ڪئي ويئي آهي، ليڪن هندستان برطانيه جي
مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان مان مون کي اهو خدشو
ٿيو ته جواهر لال، ذهني طور انگريز جو همدرد آهي“
(باب جواهر لال نهرو ص1)
جواهر لال ڪرپس جي حق ۾
مولانا فرمائي ٿو:
”ان
ساري مدت ۾ جواهر لال سخت ذهني پريشانيءَ ۾ مبتلا
رهيو. جڏهن چين جي دوري تان واپس آيو، تڏهن چيانگ
ڪائي شيڪ ۽ سندس اهليه جي ڏاڍي تعريف ڪيائين. مون
سان ڳالهائيندي چيائين ته مان هاڻي ڪرپس جي پيشڪش
کي مڃڻ لاءِ تيار آهيان، توڙي جو انگريز جي روش ۾
ڪوبه فرق نه آيو هو. خبر ناهي ته چيانگ ڪائي شيڪ
مٿس ڪهڙو جادو ڪيو هو.“
مفاد
هند جي خلاف جواهر لال جي روش
مولانا لکي ٿو: ”جواهر لال جي روش تي سوچيندي رات
جو 2 بجي تائين ننڊ نه آئي. صبح ٿيڻ شرط شريمتي
راميشوري نهروءَ جي گهر ويس. جواهر لال سان ڪلاڪ
کن گفتگو ٿي. مون کيس ٻڌايو ته سندس خيالات هند جي
مفاد جي خلاف آهن. چيائين : اوهان کي ڪا به اسان
جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي“(ص 3)
ذهني
بار:
مولانا لکي ٿو: ”جواهر لال جي طبيعت ۽ فطرت به
عجيب هئي. ذهني بار جي ڪري رات جو ننڊ ۾ وڦلندي،
ڪڏهن گانڌي ۽ ڪرپس ۽ ڪڏهن منهنجي متعلق ڳالهيون
ڪندو هو، ۽ ڪڏهن بحث مباحثو ڪندو هو. جنهن جو مطلب
آهي ته هو نفسياتي مريض طور حد کان وڌيڪ جذباتي
هو.“ (ص 5)
جواهر لال ۽ مان
مولانا فرمائي ٿو: ”اسان ٻئي پاڻ ۾ دوست هئاسين.
جواهر لال منهنجو بهترين دوست هو. اسان هر مسئلي
کي هڪڙيءَ نظر سان ڏسندا هئاسين ۽ هڪٻئي جي اعمتاد
تي هڪٻئي جي تائيد ڪندا هئاسون. اسان ۾ حسد ۽
رقابت جي جي ڪابه گنجائش ڪانه هئي.“
جواهر لال جي هڪ ڪمزوري
مولانا لکي ٿو: ”جواهر لال جي هڪ ڪمزوري اها هئي
ته هو نهايت تخيل پسند ماڻهو هو، جن مان ماڻهن خوب
فائدو ورتو ۽ تحريڪ کي نقصان پهچايو. انهن ماڻهن
کي برغلائي منهنجي خلاف ڪري ڇڏيو.“ (ص 9)
جواهر لال جو مون تي سنگين الزام:
مولانا لکي ٿو: ”مون محسوس ڪيو ته جواهر لال هر
معاملي ۾ منهنجي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي آهي. مون کي
بلڪل صاف نموني ۾ چئي ڏنائين ته اوهان جي پنجاب
متعلق پاليسي بلڪل غلط آهي؛ بلڪ ائين به چئي
ڏنائين ته اوهان جي ڪانگريس جو وقار مجروع ٿي چڪو
آهي“ (ص 11)
جواهر لال ڪشمير ۾ غلطي ڪئي
مولانا فرمائي ٿو: ”ڪشمير ۾ جواهر لال جي داخلا ۽
گرفتاريءَ تي مون کي سخت غم ۽ غصو هو. ان هوندي به
مون چيو ته ڪشمير جي معاملي ۾ هن وقت ڪانگريس جي
پاران هڪ نئين جنگ جو محاذ کولڻ جواهر لال جي غلطي
هو.“ (ص 148)
جواهر جي فطرت:
مولانا لکي ٿو: ”عارضي حڪومت جي قيام کانپوءِ،
باوجود ڊاڪٽر خان جي چيف منسٽر هئڻ، جي ماڻهو
ڪانگريس جي بجاءِ مسلم ليگ سان وفادار بنجي چڪا
هئا. جواهر لال سرڪاري رپورٽ کي به من گهڙت قرار
ڏنو ۽ دوري جو فيصلو ڪيائين. سندس فطرت به عجيب
آهي، سندس اڪثر فيصلا وقتي جذبي جي تابع رهن ٿا ۽
اڳتي هلي غلط ثابت ٿين ٿا. اسان ۽ گانڌي جي، ٻنهي
کيس سمجهايو ته هن وقت سرحد جو دورو نامناسب ثابت
ٿيندو ۽ مسلم ليگ جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو، تڏهن
چيائين ته نتيجا ڀلي ڪهڙا به نڪرن، هو سرحد ضرور
ويندو. نتيجو اهو نڪتو جو اسان اڳ ۾ ئي ظاهر ڪيو
هو. ڪانگريس جي نامقبوليت ۽ ليگ جي مقبوليت ۾
اضافو، اهو سڀ ڪجهه جواهرلال جي ضد ۽ غير معقول
جذبات جي ڪري ٿيو.“ (169 ـــ 170)
مائونٽ بيٽن ۽ جواهر لال
مولانا فرمائي ٿو: ”مائونٽ بيٽن هڪ مهيني جي اندر
سندس راءِ کي بدلائي ڇڏيو ۽ تقسيم جو مخالف جواهر
لال تقسيم جو مبلغ بنجي پيو.“
ليڊي
مائونٽ بيٽن جو اثر
مولانا لکي ٿو: ”نه فقط لارڊ مائونٽ بيٽن جواهر
لال جهڙيِ بااصول مگر جذباتي انسان کي پنهنجي دام
۾ ڦاسايو، پر ان سان گڏ ليڊي مائونٽ بيٽن کان ته
حد کان وڌيڪ متاثر رهيو. ليڊي نه فقط هڪ ذهين ۽
حسين عورت هئي، پر ان سان گڏ دل کي موهيندڙ شخصيت
جي مالڪ هئي. ظاهر آهي ته جواهر لال جهڙو جذباتي ۽
تخيل پسند، ليڊي مائونٽ بيٽن جي زلف گره گير جو
اسير ٿي ويو. اسان ان تعلق کي حيرت سان ڏسندي رهجي
وياسون ته آخر هن تعلق جو راز ڪهڙو آهي؟“
ڪرشنامينن ۽ جواهر لال
مولانا لکي ٿو : ”اسان کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته
جواهر لال، ڪرشنامينن جي هر ڳالهه ڏاڍي غور ۽ شوق
سان ٻڌي ٿو. اسان محسوس ڪيو ته جواهر لال کي اڪثر
ڪري غلط مشورا اهو مينن ئي ڏيندو رهيو آهي. ٻيو ته
ڇڏيو، ان مسئلي تي پٽيل ۽ مان ٻئي متفق راءِ
رهياسون ته ڪرشنا مينن بد خواه ۽ بد ڪردار آهي“
(183-184).
جواهر لال تقسيم هند جو مبلغ
مولانا فرمائي ٿو: ”اڃا مس ٻه ــ چار ڏينهن گذريا
ته جواهر لال مون کي چيو ته اسان کي اجائي خوش
خياليءَ ۾ مبتلا رهڻ نه گهرجي، حقيقت کي قبول ڪرڻو
پوندو. آخر ۾ مون کي چيائين ته تقسيم هند جي
مخالفت کي ترڪ ڪرڻ گهرجي، اوهان به ان جي مخالفت
ترڪ ڪريو، ڇو ته تقسيم جو مسئلو هاڻي حقيقت بنجي
چڪو آهي. ان ڪري اها عقلمندي نه ٿيندي ته جا حقيقت
رونما ٿيڻ واري آهي، ان جي اجائي مخالفت ڪندا
رهون. اها ڳالهه به دورانديشيءَ جي خلاف آهي ته
اسان اڃا به اکيون نه کوليون! مون کيس سمجهايو ته
فتح ڪنهن جي؟ اسان جي يا جناح جي؟ جذباتي لهجي ۾
جواب ڏنائين، ڪنهن جي به!“ (185 ــــ 186)
پٽيل، آزاد جي نظر ۾
قائداعظم ۽ سندس سياسي فراست کي سمجهڻ جي سلسلي ۾
۽ برصغير جي سياسي پيچ و خم کي مطالع ڪرڻ جي
معاملي ۾ پٽيل جي شخصيت ۽ ان جو منفي ڪردار قابل
توجهه آهي، جنهن جو مقابلو هميشه جناح سان رهيو ۽
آخرڪار شڪست کاڌائين.
مولانا آزاد پٽيل لاءِ تمام گهڻو لکيو آهي. پٽيل
جي سخت گيري ۽ سنگدلي، مسلم دشمني ۽ غارتگري، خون
آشامي ۽ تشدد پسنديءَ کي مولانا آزاد کان وڌيڪ ٻيو
ڪير ٿو ڄاڻي سگهي؟ پٽيل متعلق چند حقيقتن جي جا
مولانا آزاد نقاب ڪشائي ڪئي آهي، ان جا چند اقتباس
پيش ڪجن ٿا:
تقسيم هند، اول پٽيل تسليم ڪئي!
مولانا آزاد فرمائي ٿو: ”مارچ 1947ع ۾ نئون
وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن، جناح ۽ ان جي مطالبن
جي رد ۽ ڀڃ ــ گهڙ ۾ مشغول هو. هيءَ ڳالهه ان دور
جي آهي، جا رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته هندستان جي
تقسيم سڀ کان پهرئين شخص پٽيل قبول ڪندي، نئين
وائسراءِ جي اڳيان ڪنڌ جهڪايو.“
پٽيل
ڇو تقسيم هند کي قبول ڪيو؟
مولانا آزاد ان متعلق لکي ٿو:
”جناح جي سخت گير سياسي فراست، ڪانگريس کي
پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. پر سڀ کان زياده
سردار پٽيل پريشان ۽ بدحواس ٿي ويو. لارڊ مائونٽ
بيٽن جي اشاره بازيءَ تي، پٽيل ظاهر ظهور چوڻ شروع
ڪيو ته مسٽر جناح جي سياسي معرڪ آرائيءَ مان اگر
جند ڇڏائڻ جو ڪو آخري وسيلو آهي ته پوءِ رڳو اهو
آهي ته هند جو ڪو حصو کيس ڏنو وڃي، نه ته ان مان
جند نه ڇٽڻي آهي، نه اسان جي ۽ نه انگريز جي.“
پٽيل
دو قومي نظريو به قبول ڪيو!:
مولانا آزاد، پٽيل جي شڪست خوردگيءَ کي بيان ڪندي
لکيو آهي: ”“مون پٽيل سان ٻه ڪلاڪ کن بحث ڪيو. مون
کيس سمجهايو ته اگر اسان تقسيم هند کي قبول
ڪنداسين ته پوءِ مستقل دشوارين ۾ ڦاسي پونداسون.
تقسيم مان فرقه وارارنه مسئلو حل نه ٿي سگهندو.
مسٽر جناح ٻن قومن جو نعرو بلند ڪري، اسان سڀني
کي، خاص طرح توکي منجهائي ۽ مرعوب ڪري ڇڏيو آهي.
تقسيم کي مڃڻ معنيٰ جناح جي فتح! آخر ڪانگريس هندو
۽ مسلم بنياد تي تقسيم کي ڇو قبول ڪري. مون کي
ڏاڍو رنج پهتو، جڏهن پٽيل چيو: ”مولانا! خواه اسان
پسند ڪريون يا نه ڪريون، فتح ڀلي ڪنهن جي به ٿئي،
جناح جي حقيقت کي ته هر حال ۾ تسليم ڪرڻو پوندو ته
هند ۾ برابر ٻه قومون آهن.“
پٽيل
جي گفتگو مان اهو به واضح ٿيو ته سندس خيال موجب
هندو ۽ مسلم هاڻي هڪ قوم ٿي نه ٿا سگهن. جناح جي
سخت گيريءَ کان بچاءُ ۽ هندو ـــ مسلم اختلاف جي
خاتمي لاءِ ضروري آهي ته جناح جومطالبو تسليم ڪجي.
آخر ٻه ڀائر پاڻ ۾ نه ٺهندا ته پوءِ لازمي طرح سان
ملڪيت ورهائي جدا ٿيندا.“ (ص 185)
پٽيل
کي يقين هو ته پاڪستان نه هلي سگهندو’
مولانا فرمائي ٿو: ”پنهنجي حماقت آميز شڪست جي
ڪري، شرم کي پرچائيندي، پٽيل اهو چوڻ شروع ڪيو ته
پاڪستان پنهنجي باري سنڀالي نه سگهندو. ڪانگريس
پاران پاڪستان کي قبول ڪرڻ جي معنيٰ آهي، جناح کي
سخت ۽ تلخ سبق سيکارڻ! ڇو ته ٿوري وقت ۾ پاڪستان
زمين دوز ٿي ويندو. مولانا کيس چيو ته تنهنجا
انداز هميشه غلط ثابت ٿيندا آهن!“ (ص 207).
پٽيل
جي سنگدلي ۽ مسلم دشمني – دهلي جو قتل عام
مولانا آزاد، دهليءَ جي قتل عام متعلق ڏاڍي رنج ۽
غم سان، پٽيل تي لعنت ۽ ملامت ڪئي آهي- فرمائي ٿو:
” سردار پٽيل وزير خارجه هو، ان ڪري ملڪ جو انتظام
ان جي هٿ ۾ هو. قتل و غارت جا انگ اکر جڏهن حد کان
وڌيڪ وڌي ويا، تڏهن گانڌيءَ، پٽيل کي گهرائي چيو
ته ’هن خونريزيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ تون ۽ تنهنجو
محڪمو ڇا ڇا تدارڪ ڪري رهيو آهي؟‘- پٽيل جواب ۾
ڪوڙ ڳالهائيندي چيو: ’ اوهان کي جيڪي اطلاع ملي
رهيا آهن، اهي مبالغه آميز به آهن ۽ غلط به آهن‘-
بلڪ ان سنگدل پٽيل ائين به چئي ڏنو ته ’مسلمانن کي
شڪايت ڪرڻ جو ته ڪو حق ئي ناهي!‘“
ان
طرح مولانا آزاد، ان متعلق ٻئي واقعي کي بيان ڪندي
لکيو آهي ته- ’هڪ ڏينهن اسان ٽيئي- مان، جواهرلال
۽ پٽيل، گانڌيءَ وٽ ويٺا هئاسين- گانڌيءَ جي پڇا
تي جواهر لال نهايت ڏکاري انداز ۾ چيو ته- ’دهليءَ
جو حال هاڻي برداشت کان ٻاهر آهي، مسلمانن کي ڪتن
۽ ٻلن وانگر ماريو پيو وڃي. مون کي ائين چوندي شرم
ٿو اچي ته مان بلڪل بيوس ٿي چڪو آهيان ۽ مون وٽ
جيڪي رپورٽون اچن ٿيون، انهن لاءِ مان ڪجهه به ڪري
نه ٿو سگهان‘.“
پٽيل
جو تڪبر ۽ دم خم!
مولانا آزاد، جواهر لال جي ان چيخ وپڪار ۽ گانڌيءَ
جي خاموش ماتم سرائيءَ متعلق، پٽيل جي رد عمل کي
بيان ڪندي لکيو آهي: ”جواهر لال جي ان قسم جي غم
انگيز ڳالهين جي جواب ۾ پٽيل جي رد عمل کي ڏسي،
اسان سڀ حيران رهجي وياسون. عين ان وقت جڏهن
بيگناهه مسلمانن جو رت، دهليءَ جي گهٽين مان ريلا
ڪري وهي رهيو هو، پٽيل ڏاڍي تڪبر ۽ غرور سان،
گانڌيءَ کي چيو: ’جواهر لال جون پيش ڪيل شڪايتون
قطعن بي بنياد آهن، البت ڪو هڪ اڌ واقعو ٿيو آهي،
سو به معمولي قسم جو ٿيو آهي. مان هر طرح مسلمانن
جي جان بچائڻ ۾ رڌل رهان ٿو- ٻيو سڀ خير آهي.‘
مولانا آزاد، ان تي تبصرو ڪندي فرمائي ٿو: ’پٽيل
جي ان جواب مان ظاهر آهي ته هو وزيراعظم نهروءَ کي
پنهنجي اڳيان ڪابه حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي!“
جواهر لال جو رد عمل ۽ مسلمانن لاءِ پٽيل جو
انڪشاف
مولانا لکي ٿو: ” جواهر لال، پٽيل جو اهو جواب
ٻڌي، مايوسيءَ جي عالم ۾، گانڌيءَ کي چيو ته- ’اگر
پٽيل جا خيالات اهي آهن، جي هاڻي ظاهر ڪيائين، ته
پوءِ مون کي ڳالهه ڪرڻ جو ڪو حق ناهي،. گانڌي جي
خاموش ويٺو رهيو.
ٻيو
عجيب واقعو
ان
زماني ۾ هڪ ٻيو واقعو به رونما ٿيو، جنهن هن راز
جو انڪشاف ڪيو ته اڄڪلهه پٽيل جو دماغ ڪهڙي حال ۾
ڪم پيو ڪري، ۽ ڪهڙي نه غلط انداز ۾ پيو سوچي.
مولانا آزاد ان کي بيان ڪندي لکي ٿو: ”پٽيل ضرور
اهو سوچيو هوندو ته مسلمانن جي خونريزيءَ متعلق
جيڪي هر روز نوان اعتراض ٿا اٿن، ڇو نه انهن جي رد
لاءِ ڪا توجيهه گهڙي وٺجي- چنانچه هاڻي پٽيل چوڻ
شروع ڪيو ته ’دهلي شهر جي مختلف محلن مان، مسلمانن
وٽان اهڙا خطرناڪ قسم جا هٿيار هٿ آيا آهن، جن سان
هو هوند سکن ۽ هندن کي ماري قتل ڪري قيمو ڪري ڇڏين
ها.‘
هٿيارن جي نمائش
مولانا آزاد لکي ٿو ته- ”پٽيل پنهنجي شيطانيت کي
لڪائڻ لاءِ ، گورنمينٽ هائوس جي ڪيبينيٽ روم جي
سامهون واري ڪمري ۾ قرول باغ ۽ سبزي منڊيءَ جي
مسلمانن جي گهرن مان هٿ آيل هٿيار رکائي ڇڏيا.
جڏهن اسان ڪنهن مسئلي متعلق صلاح مشوري لاءِ
سرڪاري ڪميٽيءَ ۾ اچي ويٺاسون، تڏهن پٽيل اسان کي
چيو ته- ’ جناب عالي، بهتر ٿيندو ته سڀ کان اول
مسلمانن کان هٿ آيل هٿيارن جو هلي معائنو ڪريو، ڇو
ته اوهان کي مون تي اعتبار نه ٿو اچي‘. اسان سندس
زور ڀرڻ تي هٿيارن جي نمائش گاهه ۾ پهتاسون. اسان
ڏٺو ته ميزن تي، ڪيئي درجن ڀاڄي ڪاٽڻ واريون ڇريون
پيل هيون، جي زنگ آلود هيون. ڪجهه کيسي ۾ رکڻ جهڙا
چاقو هئا ۽ ڪجهه قلمتراش هئا. ڪن تي دستو لڳل هو ۽
ڪي ڇريون ۽ چاقو ته دستي کان به خالي هئا- ڪجهه
نوڪدار سيخون، ڪٻاڙي جي دڪانن تان آڻي رکيون ويون
هيون ۽ ڪجهه واٽر پائيپ جا ٽڪرا به رکيل هئا. پٽيل
جي اونڌي کوپريءَ ۾ اچي اهو سوداءُ سمايو هو ته
مسلمان، انهن مهلڪ هٿيارن سان ويچارن سکن ۽ هندن
کي قيمو بنائي ڇڏيندا!.
لارڊ
مائونٽ بيٽن جو مذاق
مولانا آزاد لکي ٿو- ”اسان جيئن انهن مهلڪ هٿيارن
جو معائنو پئي ڪيو، تڏهن اوچتو مائونٽ بيٽن هڪ
چاقو کنيو ۽ مرڪندي، مذاق جي انداز ۾ اسان کي چاقو
ڏيکاريندي چيائين ’هنن هٿيارن سان جيڪي ماڻهو
دهليءَ جي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا هئا، تن کي
واقعي ماهرين جنگ ۾ شمار ڪرڻ گهرجي!“
هي
اهو ئي پٽيل آهي، جنهن چيو هو ته ”جناح پاڪستان
ڪنهن کان وٺندو؟ پاڪستان ڏيڻ وارو مان آهيان.
پاڪستان جي قيمت جناح کي اهڙي ادا ڪرڻي پوندي،
جنهن کي مسلمانن جا ايندڙ نسل به ياد ڪندا رهندا.“
مختلف عنوان
ان
کان پوءِ پٽيل جي باب ۾ مولانا هيٺيان عنوان قائم
ڪيا آهن:
(1): گانڌيءَ جي مرڻ- ورت جو سبب پٽيل هو.
(2): پٽيل جي خلاف گانڌيءَ جو احتجاج، پٽيل جي
گانڌيءَ سان گستاخانه گفتگو، پٽيل کي گانڌيءَ جو
جواب، پٽيل جي گانڌيءَ تي ناراضگي، پٽيل جي تلخ
گفتگو.
گانڌيءَ جو پٽيل کي جواب:
مٿين
عنوانن مان فقط هڪ عنوان هت پيش ڪجي ٿو: مولانا
آزاد لکي ٿو: ”پٽيل جي گستاخانه گفتگو جي جواب ۾،
گانڌيءَ جي کيس فرمايو ته:
”منهنجو قيام چين ۾ ناهي، پر دهليءَ ۾ آهي. نه مان
انڌو آهيان ۽ نه ٻوڙو آهيان. اگر تنهنجي تقاضا آهي
ته مان پنهنجي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي قوتن کان انڪار ڪيان
ته مسلمان اجايون ٿا دانهون ڪوڪون ڪن، دهليءَ ۾
خير لڳو پيوآهي، ته پوءِ ان حالت ۾ نه مان توکي
قائل ڪري سگهندس ۽ نه تون مونکي قائل ڪري سگهندين.
پاڪستان جو انتقام وٺندڙ انتقام جي ڪري انڌا ٿيا
آهن، مان مرڻ ـــ ورت رکي رهيو آهيان، اميد ته اهو
انڌن جون اکيون کولي ڇڏيندو.“
مولانا وڌيڪ لکي ٿو: ”پٽيل تي ڪو به اثر نه پيو،
مون کيس عرض ڪيو ته هو هن حال ۾ بمبئيءَ ڏانهن وڃڻ
جو پروگرام منسوخ ڪري، پر منهنجو چوڻ نه مڃي اٿي
کڙيو ٿيو ۽ نهايت تڪبر سان چيائين: ”بمبئيءَ جي
دوري جو پروگرام منسوخ نه ٿيندو“ ائين چئي بمبئي
روانو ٿي ويو.
گانڌيءَ لاءِ پٽيل جا گستاخانه لفظ:
مولانا آزاد فرمائي ٿو: ” مون دوباره کيس سمجهايو
ته گانڌيءَ مرڻ جو ورت رکيو آهي، مناسب آهي ته تون
دهليءَ ۾ هجين!“ ان تي رڙيون ڪري پٽيل چوڻ لڳو: ”
گانڌي جي، نه ته ڪجهه سمجهي ٿو ۽ نه ڪو منهنجي
ڳالهه کي ٻڌي ٿو. ان حالت ۾ مان دهليءَ ۾ رهان پر
ڪهڙو فائدو؟ گانڌيءَ رڳو مون کي بدنام ۽ مرعوب ڪرڻ
لاءِ ساري هندو قوم جي منهن تي دانگي گهمائڻ لاءِ
مرڻ ــــ ورت رکيو آهي. ان حال م مان سندس ڪهڙي
ڪارج ۾ شريڪ ٿي سگهندس؟ مان پنهنجو پروگرام نه
بدلائيندس ۽ بمبئيءَ ويندس.“
گانڌيءَ ورت رکيو:
مولانا آزاد فرمائي ٿو ته ”آخر گانڌي جيءَ ورت
رکيو، ساري ملڪ ۾ سناٽو ڇانئجي ويو. دهليءَ ۾ ان
جو اهڙو اثر ٿيو، جهڙو برقي رو جو ٿيندو.آهي
گانڌيءَ جا مخالف اچي حاضر ٿيا، معافي گهريائون ۽
چيائون، ”اڄ کان پوءِ اگر ڪنهن مسلمان جو خون ٿيو
ته ان جا اسان جوابدار آهيون، اوهان جي جان لاءِ
سڀ ڪجهه اسان ڪنداسون. پر پٽيل کي به سمجهائڻ
گهرجي!“
(ص
215 ـــ 217)
پٽيل
جي واپسي:
مولانا لکي ٿو: ”پٽيل جيئن بمبئيءَ کان واپس وريو،
تيئن دهليءَ جا معاملا ۽ گانڌيءَ جي ورت واپس ڪرڻ
جي خبر چار ٻڌي بيقرار ٿيو. گانڌيءَ وٽ آيو، سندس
طرز عمل خشڪ ۽ رسمي هئا. سندس چهري تي غم ۽ غصي جا
آثار نمايان هئا. هو گانڌيءَ جي ان ڪردار کان خوش
نٿي نظر آيو.“ (ص 221)
پٽيل
جو موت:
گانڌي جيءَ تي ”گاڊسي“ ڀرئي اجلاس ۾ گولي هلائي.
اسان جون نگاهون پٽيل ڏانهن اٿيون. ورڪنگ ڪميٽيءَ
۾ قياس آرايون ٿيون، پٽيل کان باز پرس ٿي ته تو
گانڌيءَ جي حفاظت لاءِ ڪهڙو انتظام ڪيو هو؟ ٻڌو
ويو ته گانڌيءَ جي قتل تي مٺايون ورهايون ويون
هيون، پٽيل ۽ سندس زردار ۽ سرمايه دار حلقن ۾ خوشي
پيدا ٿي هئي، ايتري بدنامي کان پوءِ پٽيل جهڙي
سنگدل کي دل جو دورو پيو. اندازو آهي ته گانڌيءَ
جي موت کيس نهوڙي ڇڏيو. جيستائين گانڌي زندهه هو،
تيستائين مٿس پٽيل جي به ڪاوڙ هئي، اها سڀ کي خبر
هئي.
ان
سلسلي ۾ اسان سڀني پاران پٽيل کي فرض ناشناسيءَ جو
مرتڪب مجرم قرار ڏنو ويو. اصل ۾ هو گانڌيءَ جي
پيداوار هو، ان ڪري غم ۽ شرم ۾ پيڙهجي، هارٽ فيل
ٿي، مري ويو.“
(ص
225)
پٽيل
لاءِ مولانا آزاد جو ڪجهه به لکيو آهي، اهو عبرت
انگيز آهي ۽ اهو ڪنهن تبصري جو محتاج ناهي! سوال
آهي ته اهڙي ڪردار ۽ عمل شخصيت جي زندگيءَ ۽
موجودگيءَ ۾ هند جي مسلمانن جو حال ڪهڙو ٿئي ها؟ ۽
پاڪستان کان اڃا ٻيو ڪهڙو انتقام وٺي ها! اگر
پاڪستان نه ٿئي ها ته پوءِ مسلم ليگ کي ووٽ ڏيئي،
ڪانگريس کان سئو سيڪڙو کٽندڙ صوبن سنڌ، پنجاب،
بنگال ۽ سرحد جو ڪهڙو حشر ٿئي ها؟ اهو غور طلب
مسئلو آهي؟. |