ناشر
طرفان گذارش
سن
1976ع ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي
ولادت کي هڪ سئو سال پورا ٿيا. انهيءَ حقيقت جي
پيش نظر قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي،
وزيراعظم پاڪستان، جي هدايت پٽاندر، حڪومت
پاڪستان، هلندڙ سال کي ”قائداعظم جو سال“ قرار ڏنو
آهي ۽ ملڪ ۾ قائداعظم جي سئو ساله جشن ملهائڻ جو
فيصلو ڪيو آهي.
حڪومت جي انهيءَ فيصلي جي تعميل ۾ ملڪ جا سمورا
خود مختيار ۽ نيم سرڪاري علمي ادارا پنهنجن
پنهنجن رسالن جا خاص نمبر ۽ قائداعظم جي سوانح
حيات متعلق ڪتاب شايع ڪري رهيا آهن. مهراڻ جو هيءُ
” قائداعظم نمبر“ انهي سلسلي ۾ شايع ڪيو پيو وڃي.
ان کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ قائداعظم جي تقريرن
تي مشتمل هڪ الڳ ڪتاب پڻ شايع ڪري رهيو آهي. اميد
آهي ته سنڌي زبان ۾ ” مهراڻ“ جي هن خاص نمبر ۽
مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جي اشاعت وسيلي سنڌي پڙهندڙن کي
قائداعظم جي بلند و بالا شخصيت ۽ اعليٰ ڪردار کي
مطالع ڪرڻ ۾ سهوليت ٿيندي.
”
مهراڻ“ جي هن خاص نمبر ۽ پڻ مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جي
تربيت ۽ تاليف جو ڪم سنڌي زبان جي سدا بهار عالم
۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قابل صد احترام رفيق، مرحوم
مولانا غلام محمد گرامي سر انجام ڏنو آهي. ڪتاب ۽
رسالو اشاعت جي پوين مرحلن ۾ هئا، جو گرامي صاحب
جن هي جهان ڇڏي ويا!
سنڌي
ادبي بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته مهراڻ جو ايندڙ پرچو
” گرامي نمبر“ ڪري شايع ڪيو ويندو. چنانچه، مهراڻ
جي اديبن، شاعرن ۽ مرحوم مولانا گرامي صاحب جي
دوستن، احبابن ۽ قريبن کي گذارش آهي ته هو مرحوم
متعلق پنهنجا تاثرات، مقالا ۽ مضمون وغيره، جيترو
جلد ٿي سگهي، لکي اسان کي موڪلي ڏين، جيئن اهو خاص
نمبر شايان شان طريقي سان ڪري سگهجي.
***
”
آءُ هت ظاهر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته اوهان اڄ آزاد
آهيو. اوهان پنهنجي مندرن ۾ وڃي سگهو ٿا، اوهان کي
پوري آزادي حاصل آهي. اوهان پنهنجي مسجدن ۾ وڃي
سگهو ٿا، ڪير به اوهان کي روڪي نه سگهندو. پاڪستان
جي رياست ۾ جي به اوهان جون عبادتگاهون آهن،
اوهان انهن ۾ آزاديءَ سان وڃي سگهو ٿا. اوهان جو
ڪو به مذهب ذات يا مسلڪ يا مشرب ٿي سگهي ٿو، پر
رياست جي اُمور سان اُن جو ڪو به تعلق ناهي.“
- قائداعظم محمد علي جناح
قائد
اعظم جي زندگي – هڪ نظر ۾
وزير
مينشن ڪراچي ۾ ولادت -
1875- 25
ڊسمبر
1882ع
ابتدائي تعليم جو آغاز ( ابتدائي تعليم گوڪلداس
تيج پرائمري اسڪول بمبئي ۾ پوري ڪري، موٽي ڪراچيءَ
آيو ۽ سنڌ مدرسته السلام ۾ داخل ٿيو. مشن هاءِ
اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ
16
ورهين جي ڄمار ۾ پاس ڪيائين.)
1892ع
قائداعطم جي والد جناح پونجا کي سندس هڪ واپاري
انگريز دوست سرفريڊرڪ ڪرافٽ، صلاح ڏني ته هو محمد
علي کي بئريسٽريءَ جي تعليم لاءِ ولايت موڪلي.
محمد علي پوءِ بئريسٽريءَ جي تعليم لاءِ لنڊن جي
مشهور قانوني درسگاهه ” لنڪن ان“۾ داخل ٿيو. ساڳئي
سال دادا ڀائي نوروزجيءَ جي اليڪشن جو هنگامو ۽
مسٽر جناح جو ان ۾ عملي طرح دادا ڀائيءَ لاءِ جوش
وخروش سان ڪم ڪرڻ. ايڪيهن ورهين جي عمر ۾
بئريسٽريءَ جو اعليٰ امتحان پاس ڪري ڪراچي موٽڻ.
1897ع
ڪجهه
ڏينهن ڪراچيءَ ۾، ۽ تنهن کانپوءِ بمبئي ۾ وڪالت جو
آغاز ڪرڻ.
1900ع
بمبئي پريزيڊنسي مئجسٽريٽ جي عهدي تي مقرر ٿيڻ.
1905ع
مسٽر
دادا ڀائي نورو زجيءَ ( صدر ڪانگريس اجلاس ڪلڪتو)
جي پرائيويٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪانگريس ۾
شريڪ ٿيڻ.
1909ع
سپريم ايمپرئل ڪائونسل تي بنا مقابلي چونڊجڻ.
1910ع
ڪانگريس جي الهه آباد واري جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ.
1916ع
مسلم
ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ.
1913ع
انڊيا ڪائونسل جي جوڙجڪ تي سخت نڪته چيني ڪرڻ.
1914ع
ڪانگريس جي وفد سان لنڊن وڃڻ.
1915ع
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اتحاد لاءِ جدو جهد ڪرڻ.
1916ع
لکنئو ۾ آل انديا مسلم ليگ جي جلسي جي صدارت ڪرڻ
۽ ” لکنئو پئڪٽ“ تي هندو ۽ مسلم ليڊرن کي راضي
ڪرڻ.
1917ع
”هوم
رول ليگ“ جي صدر جي حيثيت سان، بمبئيءَ ۾ هڪ پرجوش
تقرير ڪرڻ. جنگي ڪائونسل دهلي جي وائسراءِ جي
اڳيان اعلان ڪرڻ ته ”جيستائين هندستانين کي سندن
سياسي آزادي جو نقشو نه سمجهايو ويندو، تيستائين
هو جنگي ڪوشش ۾ مدد نه ڪندا.“
1918ع
ڪانگريس ۾ هردلعزيزي. سرڊنشا پيٽٽ جي ڌيءَ، مس رتن
پيٽٽ، جو مسلمان ٿيڻ ۽ سندس قائداعظم سان نڪاح
ڪرڻ. ٽائون هال بمبئيءَ ۾ لارڊولنگٽن،گورنر
بمبئيءَ جي زير صدارت جلسي ۾ مسٽر جناح ۽
لارڊولنگٽن جي مشهور جهڙپ.
حڪومت جي پرڏيهي پاليسيءَ تي سخت نڪته چيني ڪرڻ.
هندستان تي اعتماد نه ڪرڻ جي رويي تي انگريزن جي
پاليسيءَ کي سخت نندڻ (12 جون).
گورنر بمبئيءَ کي شهرين پاران سپاسنامي پيشي ڪرڻ
تي هنگامو ( ڊسمبر). ” جناح هال“ جو بنيادي.
1919ع ” رولٽ ائڪٽ“ جي خلاف احتجاج ڪندي، ايمپرئل
ڪائونسل تان استعيفا ڏيڻ.
1920ع ڪانگريس کان عليحدگي.
1921ع بمبئيءَ ۾ تقرير. مسٽر گانڌيءَ جي سياسي
پاليسيءَ سان سخت اختلاف ڪرڻ. عدم تعاون تحريڪ جي
مخالفت ڪرڻ، ۽ مسلمانن کي نقصان رسائڻ وارن نتيجن
جو اظهار ڪرڻ.
1926ع هندو – مسلم اتحاد لاءِ ملڪ جي سامهون هڪ
نئين اسڪيم پيش ڪرڻ، ۽ ڪانگريس جو ان کي مڃڻ کان
انڪار ڪرڻ.
1927ع ڪلڪتي واري آل انڊيا مسلم ليگ جي جلسي جي
صدارت. مسلمانن ۾ قومي جدوجهد جو آغاز.
1928ع ڪانگريس سان سخت مقابلو ۽ ڇڪتاڻ. ”آل پارٽيز
ڪانفرنس“ ۾ نهرو رپورٽ جي سخت مخالفت ۽ مسلمانن کي
ان جي خراب نتيجن کان آگاهه ڪرڻ ( 28 ڊسمبر).
1929ع هندستان جي مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ ۾
پنڊت موتي لعل نهروءَ سان سندس رپورٽ تي زبردست
جهڙپ ( مارچ).
روشن
ٿئيٽر دهليءَ ۾ مسلم ليگ جو ساليانو جلسو.
قائداعظم جي مشهور چوڏهن نڪتن جو اعلان ( مارچ).
1930ع پهرين گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن
ڏانهن روانگي.
1930ع کان 1934 تائين
هندستان جي سياست کان عارضي طرح ڪناره ڪشي ۽ لنڊن
۾ قيام.
1934ع “ ڪميونل اوارڊ“ جي منظوري لاءِ ڳالهه
ٻولهه. ڪانفرنس ضد سببان انهيءَ اوارڊ کي نه مڃيو.
مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ بمبئيءَ جي مسلمانن جي حقن
لاءِ نعرو بلند ڪرڻ ( جنوري).
1935ع جناح – راجندر پرشاد فارمولا – اقليتن جي
حقن جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه. عليڳڙهه مسلم
يونيورسٽي يونين ۾ تقرير ۽ راجندر فارمولا جي
ناڪاميءَ جي سببن تي تفصيلي تبصرو (5 فبروري).
1936ع پنڊت جواهر لال نهروءَ جو اعلان ته هندستان
۾ فقط ٻه ڌريون آهن – يعني انگريز ۽ ڪانگريس.
قائداعظم جو همت ڀريو اعلان ته هڪ ٽي ڌُر به آهي
– مسلم قوم.
بمبئي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي جلسي جي صدارت.
مستقل صدر جي حيثيت سان انتخاب. مسلم ليگ جي نئين
جدو جهد جو آغاز.
مسلم
ليگ جي نين چونڊن جي پاليسيءَ جو اعلان (
اپريل).
1937ع کان 1940ع تائين.
ڪانگريس ۽ ليگ جي اتحاد لاءِ قائداعظم جون مسلسل
ڪوششون.
1938ع آل آنڊيا مسلم ليگ جي ڪراچي واري اجلاس جي
صدارت ۽ انهيءَ جلسي ۾ ڪانگريس جي ” رام راڄ“
واري تصور جي اپٽار ڪرڻ ( 8-9 آڪٽوبر).
1940ع لاهور واري آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ”
پاڪستان ٺهراءُ“منظور ٿيڻ ( 23 مارچ).
1941ع نيشنل ڊفينس ڪائونسل ۾ شرڪت کان انڪار.
1942ع الهه آباد واري آل انڊيا مسلم ليگ جي
سالياني جلسي ۾، ڪرپس جي رٿن سان نا انصافي جو
اظهار.
1943ع بمبئيءَ ۾ قائداعظم تي خوني حملو.
1944ع راجگوپال آچاريه هندستان جي ورهاڱي بابت هڪ
رٿ قائداعظم کي موڪلي ( 8 اپريل).
قائداعظم جو جواب ته هو اها رٿ مسلم ليگ جي
ورڪنگ ڪاميٽيءَ اڳيان پيش ڪندو.
راجگوپال آچاريه ان ڳالهه تي راضي نه ٿيو، ۽ اعلان
ڪيائين ته مسٽر جناح انهيءَ رٿ کي رد ڪري ڇڏيو ( 2
جولاءِ).
مسٽر گانڌي سان طويل ڳالهيون، پر ڪنهن به فيصلي
تي نه پهچڻ ( سپٽمبر )
1945ع شملا ڪانفرنسون.
1946ع مرڪزي ۽ صوبائي چونڊن لاءِ جدو جهد. مسلم
ليگ جي زبردست ڪاميابي.
حسين
ڀائي لالجي کي قائداعظم جي مقابلي ۾ بمبئيءَ تڪ
۾ زبردست شڪست.
ڪئبينيٽ مشن جو هندوستان جو دورو ۽ هندستاني
ليڊرن سان ڳالهيون (اپريل).
ڪئبينيٽ مشن جي رٿن جي منظوري ( مئي).
مسلم
ليگ جو نئون فيصلو – سڌو قدم ( 16 آگسٽ).
لنڊن
جو سفر (ڊسمبر).
1947ع ڪئبينيٽ مشن جي رٿن کي رد ڪرڻ ( جنوري).
لارڊ
مائونٽبيٽن جي جدو جهد ۽ مسلم ليگ جو رد عمل (
اپريل).
هندستان جي ورهاڱي جو اعلان ( 3 جون).
آل
انڊيا ريڊيو نئين دهليءَ تان پهرين ۽ آخري تقرير ۽
ملڪ جي ورهاڱي تي تبصرو ( 3 جون).
پاڪستان جي پهرئين گورنر جنرل جي حيثيت سان
ڪراچيءَ جو دورو ( 7 آگسٽ).
پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ صدارتي تقرير
(11 آگسٽ).
لارڊ مائونٽ بيٽن جي اعزاز ۾ گورنر جنرل هائوس
ڪراچيءَ ۾ دعوت.
قائداعظم جي تقرير ( 13 آگسٽ).
پاڪستان جو اعلان (14 آگسٽ).
پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جي افتتاح جي
موقعي تي تقرير ( 14 آگسٽ.
عيدالفطر جي موقعي تي قوم ڏانهن پيغام ( 18 آگسٽ).
ڪراچي ڪارپوريشن پاران ڏنل شهرين جي سپاسنامي جو
جواب ( 25 آگسٽ).
ڪراچي ۾ وليڪا ٽيڪسٽائيل ملس جو بنيادي پٿر رکڻ (
26 آگسٽ).
سول
۽ فوجي آفيسرن کي خطاب ( 11 آڪٽوبر).
عيدالضحيٰ تي قوم ڏانهن پيغام ( 24 آڪٽوبر).
پنجاب يونيورسٽي لاهور جي ميدان ۾ عوام اڳيان
تقرير ( 30 آڪٽوبر).
ڪل
پاڪستان تعليمي ڪانفرنس جي افتتاح جي موقعي تي
پيغام ( 27 نومبر).
پاڪستان اسڪائوٽس جي نئين سر تنظيم جي موقعي تي
قوم جي نو نهالن ڏانهن پيغام ( 22 ڊسبمر).
قائداعظم جو آخري سالگرهه ( 25 ڊسمبر).
1948ع سامونڊي تربيت گاهه ” دلاور“ جي رسم افتتاح،
۽ فوجي آفيسرن کي خطاب ( 23 جنوري).
سبي
درٻار جو افتتاح ( 14 فيبروري).
بنگال آئل ملس ڪراچيءَ جو افتتاح ( 24 فيبروري )
ڊاڪا ۾ ٽن لکن جي مجمعي کي خطاب ( 21 مارچ)
قائداعظم جي خدمت ۾ پاڪستان جي پهرين سڪن ۽ نوٽن
جو پيش ٿيڻ ( 1 اپريل).
پهرين پاڪستان اولمپڪ راندين جو افتتاح ۽ قوم کي
راندين جي ذريعي منظم ٿيڻ جي تلقين ( 22 اپريل).
اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي آفيسرن اڳيان تقرير ( 14
جون).
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو افتتاح (1- جولاءِ).
پيراڊائيز سئنيما ڪراچيءَ ۾ ”اسان جي وچ ۾“
نالي دستاويزي فلم ڏسڻ لاءِ تشريف فرما ٿيڻ. هوا
جي تبديليءَ لاءِ زيارت بلوچستان ڏانهن روانگي
(14 جولاءِ).
پاڪستان جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي قوم ڏانهن
زيارت (بلوچستان) کان پيغام (14- آگسٽ)
عيد
جو پيغام ( 17 آگسٽ).
بيماريءَ جي حالت ۾ ڪراچي موٽڻ شام 6 بجا ( 11
سيپٽمبر).
وفات ڏهه وڳي رات ( 11 سيپٽمبر).
پراڻي نمائشگاهه وٽ، ڪفن دفن 6 بجه شام ( 12
سيپٽمبر).
”ياد
رکو پاڪستان جو قيام هڪ اهڙو عظيم واقعو آهي،
جنهن جهڙو تاريخ ۾ ڪو به مثال ملي نٿو سگهي.
هيءَ
دنيا جي سڀ کان وڏي اسلامي سلطنت آهي.
اگر
اسان ديانتداريءَ، ايمانداريءَ، خلوص ۽ بي غرضيءَ
سان ڪم ڪيو ته پوءِ لازم آهي ته پاڪستان به ترقي
ڪندو رهندو.
مون
کي پنهنجي عوام جي اعتماد ڪامل تي ڀروسو آهي ۽
يقين آهي ته هر موقعي تي هو اسلام جي تاريخ، شان
شوڪت ۽ روايتن جي مطابق عمل ڪندا ايندا.
قائداعظم محمد جناح
غلام محمد ”گرامي“
قائداعظم ۽ پاڪستان
تاريخ شاهد آهي ته هن باشعور سياسي دور ۾
قائداعظم پنهنجو هڪ منفرد ۽ غير فاني مقام حاصل
ڪري چڪو آهي. قائداعظم جو نالو هميشه جي لاءِ
تاريخ ۽ جريده عالم جي ورقن ۾ نقش رهندو. قائداعظم
جي حياتيءَ ۾ کيس مخالفن ۽ دشمنن سان به منهن
ڏيڻو پيو، ڪينه پرور ۽ اڻ سهو ماڻهن سندس وجود ۽
عظمت کان انڪار به ڪيو، مگر ان قسم جي احسان
ناشناس ۽ عناد به ڪف دور ۾ به قائداعظم پنهنجي
عظيم مقصد ۽ انقلابي نصب العين لاءِ رات ڏينهن
مسلسل جدو جهد ڪندو رهيو آخرڪار هو پنهنجي نيڪ
مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ’پاڪستان‘ سندس جيئري ئي وجود
۾ آيو.
پاڪستان جي قيام جي تحريڪ، جڏهن ته هڪ انوکي ۽
نرالي مقصد لاءِ پيدا ٿي چڪي هئي، ان ڪري کيس هر
طرف کان لعنت ۽ ملامت، اعتراض ۽ الزام، لعن ۽ طعن
جو هدف به بنجڻو پيو.
پر
جن سياستدانن ۽ عالمن برصغير جي سياسي صورتحال ۽
ان ۾ قائداعظم جي مخلصانه جدو جهد جي تاريخ ۽
ارتقا، مرحله به مرحله ترقي ۽ ڪاميابيءَ کي انصاف
جي نگاهه سان مطالع ڪيو آهي، تن پنهنجي راءِ کي
ڪنهن به مصلحت کان سواءِ ظاهر ڪيو آهي.
مرحوم سرآغان خان جهڙي بين الاقوامي شهرت يافته
بزرگ ۽ سياستدان قائداعظم متعلق فرمايو آهي:
”
مان پنهنجي زندگيءَ ۾ جيترن به وڏن ماڻهن سان مليو
آهيان، جناح انهن سڀني کان عظيم ترين انسان هو.“
هڪ
هندو مفڪر ڊاڪٽر ڪيلاش ناٿ ڪٽجو، اعتراف ڪندي
فرمائي ٿو:
” هن
صدي جي نمايان ترين هستي نه صرف سرزمين هند ۾،
بلڪه ساري دنيا ۾ جاپيدا ٿي آهي، اها ” جناح“ جي
هستي هئي.“
آمريڪا جي تڏهوڪي وزير خارجه جارج مارشل جو چوڻ
آهي:
”
جناح انسانن ۾ هڪ اهڙو رهنما هو، جو هر خيال سان
منفرد مقام جو مالڪ هو.“
سابق
صدر آمريڪا ٽرومين، ” جناح“ کي ڏسي محسوس ڪيو هو
ته:
”
جناح ۾ پنهنجي مقصد ۽ نصب العين سان وابستگي،
اخلاص ۽ جنون جي حدن کي لتاڙي چڪي هئي. اهڙي
وابستگي تمام گهٽ انسانن ۾ نظر آئي.“
سرڪرپس جو چوڻ آهي:
”جناح پنهنجي يقين ڪامل، اعتماد، عقيدي جي پختگيءَ
۾ هڪ بي غرض ۽ بي لوث هو ۽ پنهنجي نصب العين جي
باب ۾ بلڪل پاڪ ۽ بيباڪ هو. اهڙن اوصافن جي ڪري ئي
هو پنهنجي معاصرن ۾ ممتاز مقام تي قائم رهيو ۽ کيس
سندس عوام هڪ عظيم قائد بنائي ڇڏيو.“
برطانوي وزيراعظم ايٽلي چيو هو:
”پاڪسان جي متعلق سندس عقيدو ڪڏهن به نه لڏيو.
جناح ان مقصد تي پهاڙ وانگر اڏول رهيو، ۽ ان کي
حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا مسلسل ۽ اڻٿڪ ڪوشش ۽ جدوجهد
ڪيائين، انساني تاريخ ۾ ان کي هميشه لاءِ ياد
رکيو ويندو. جناح هڪ مثالي شخصيت جو مالڪ هو.“
قائداعظم جي وفات حسرت آيات تي ، دنيا جي
اخبارن ۽ رسالن ايڊيٽوريل لکيا، سندس بيمثال
شخصيت جي جدو جهد جي ساراهه ڪئي، سندس بيباڪ ۽ بي
لوث شخصيت جا مثال ڏيئي ڳڻ ڳايا، کيس داد ۽ تحسين
ڏيندي اخبارن ۽ رسالن جا خاص نمبر شايع ڪيا. دنيا
جي هر زبان ۾ دل کولي لکيو ويو.
مدراس جي مشهور اخبار ” هندو“ جي ايڊيٽر لکيو
هو:
” هي
زمانو اهو هو، جنهن ۾ صدين کان هلندڙ پراڻيون
رياستون ڊهي رهيون هيون، ان دور ۾ بمبئيءَ جي هن
ماهر قانوندان، هڪ اسلامي سلطنت جو خواب ڏٺو،
جڏهن ته هر هنڌ لادينيت ۽ الحاد جا جهنڊا ڦڙڪي
رهيا هئا. ان اڪيلي سر هڪ اسلامي مملڪت جي تصور
کي پنهنجي رت ۽ پگهر سان پالڻ شروع ڪيو. نتيجو
اهونڪتو جو سندس محنت ۽ڪشالو ڪامياب ٿيو، راتو
رات هڪ اسلامي سلطنت جي قيام جو اعلان پڌرو ٿيو.“
هڪ
ٻي مشهور هندو اخبار ” انڊين ايڪسپريس“ کان جناح
جي خدمت ۾ پيش ڪيل خراج تحسين جا لفظ هن طرح
آهن:
”
دنيا جي سڀ کان وڏي اسلامي سلطنت جي باني ۽
معمار هجڻ جي حيثيت سان، جناح پنهنجي ملڪ جي
تاريخ ۾ هڪ اهڙو مقام پيدا ڪري ورتو آهي جو
دائمي ۽ ابدي آهي باقي رهي اها ڳالهه ته مسلمانن
جا مملڪت قائم ڪئي آهي، سا سندن لاءِ ڪيتريقدر
مفيد ثابت ٿي سگهي ٿي، ان متعلق اسان اڳ ۾ ڪابه
قياس آرائي ڪري نٿا سگهون. مگر ان حد تائين ته
ڪوبه شڪ ۽ شبهو پيدا ٿي نه ٿو سگهي ته جناح
پنهنجي هم مذهب مسلمانن جي جا خدمت ڪري چڪو آهي،
ان خدمت جوڪومثال ملڻ مشڪل آهي.
جناح، برصغير جي سياسي خدمت لاءِ زنده رهيو، ۽
عملي طرح سان، ان جي خوشحاليءَ جي خاطر ئي
پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين. سندس
عظمت جونشان دائم ۽ قائم رهڻ وارو آهي.“
لنڊن جي مشهور اخبار ” ٽائمز“ لکيو هو.
”
مسٽر جناح، پنهنجي پاليسيءَ جي مطابق حالتن کي
هموار ڪرڻ لاءِ جنهن يقين ۽ اعتماد سان جدو جهد
ڪئي هئ، ان قسم جي جدوجهد شايد ئي ڪنهن ٻئي
سياستدان جي تحريڪ ۽ تاريخ ۾ نظر اچي. خود پنهنجي
زندگيءَ ۾ ئي، جناح هڪ ليجينڊ بنجي چڪو هو. جناح
کي ڪنهن تصور جي فريب سان شايد ئي ڪڏهن واسطو
پيو هجي. هو هميشه صاف ۽ بيباڪ اصولن تي عمل ڪندو
رهيو. ڪنهن به کيس فريب ۽ مڪر سان نه جهڪايو آهي.
جناح
جي اعتماد ۽ اندازي ، پاڪستان جي جنم جو وقت
توڙي ان دور ۾ پيدا ٿيندڙ واقعات جو گهڻو اڳ
تعين ڪري ڇڏيو هو. سندس پيشبينيءَ ۽ پيشگوئي بيشڪ
حرف به حرف دروست ثابت ٿي. مگر ان سان گڏ کيس اها
به خبر هئي ته هو پاڪستان جو صرف رهنما آهي، انهن
عناصر ن جو خالق ناهي، جن جي ڪري پاڪستان وجود
پذير ٿيڻ وارو آهي. کيس اهو به احساس هو ته اگر
پاڻ پنهنجي آدمين کي، پنهنجي سپرد ڪيل ڪم جي
تڪميل تي رسائڻ لاءِ تيار ڪري نه سگهيو، ۽ هنن
سندس هدايتن کان بينياز ٿي ڪنهن عملي صلاحيت کان
ڪم نه ورتو، ته پوءِ ان حالت ۾ سندس جدوجهد ۽
تحريڪ جو تاريخي ڪارنامو گهڻو وقت برقرار رهي نه
سگهندو. ان ڪري جناح،جن معقول ماڻهن کي چونڊي، کين
تربيت ڏيڻ شروع ڪئي هئي، تن کي ئي آهستي آهستي
حڪومت جون ذميداريون سونپيندو ويو. پاڻ، پس منظر
۾ نشان عظمت بنجي، پنهنجن ماڻهن کي يقين ۽
اعتماد جو سهارو ڏيندو رهيو. پر جڏهن ڪنهن اهم ۽
ضروري فيصلي جو وقت ايندو هو، تڏهن اڳتي وڌي، پس
منظر مان نڪري، بلڪل بيباڪيءَ سان پنهنجو فيصلو
ٻڌائي ڇڏيندو هو.“
بهر
حال ان قسم جي راين ۽ تبصرن کي اگر جمع ڪجي ته
هوند هڪ دفتر تيار ٿي سگهي ٿو، جنهن کي مطالعو
ڪري، جناح جي عظيم شخصيت جي اوصاف، طريق ڪار ۽
مقصد حيات جي خبر پئجي سگهي ٿي.
جناح جا عظيم ڪارناما کيس واشنگٽن، اتاترڪ ۽
بسمارڪ پارن، مملڪت ساز ۽ بين الاقوامي شهرت يافته
عظيم انسانن جي صف ۾ بيهارن ٿا، بلڪ کيس هڪ منفرد
۽ بي مثال مقام عطا ڪن ٿا.
بهر
حال جناح پنهنجي ذات ۽ جدوجهد سان، تاريخ تي اڻ
مٽ نقش ڇڏيا آهن، ۽ تاريخ عالم ۾، سندس ذات هڪ
تاريخ ساز ۽ مملڪت ساز جي حيثيت سان نمايان آهي ۽
اڳتي به زنده جاويد رهندي. قائداعظم جي جنازي نماز
کانپوءِ برصغير جي وڏي عالم شيخ الاسلام مولانا
شبير احمد عثماني رحه نهايت رقت انگيز انداز ۾
تقرير ڪندي فرمايو:
”
برصغير هند و پاڪ ۾ مسلم سلطنت جي زوال کانپوءِ
صدي ڏيڍ جي عرصي ۾ جا سڀ کان عظيم ۽ نامور هستي
پيدا ٿي، اها جناح جي هستي آهي. پاڪستان جي تحريڪ
کان اڳ هن برصغير ۾ مسلمانن پاران ڪئين آزادي ۽
جدو جهد جون تحريڪون پيدا ٿيون هيون، اڄ ضرورت آهي
ته انهن سڀني تحريڪن جي تاريخي ۽ عملي پس منظر
کي لحاظ ۾ رکي، قائداعظم جي تاريخي جدو جهد جو
مطالعو ڪرڻ گهرجي، خاص طرح سان اهي تحريڪون، جي
مغلن جي زوال کان پوءِ هن برصغير ۾ پيدا ٿيون،
مثلان سيد احمد بريلوي ۽ شاهه اسماعيل شهيد جي
جهاد واري تحريڪ، سر سيد احمد جي عليگڙهه واري
تحريڪ. ۽ خلافت تحريڪ ، اهي سڀ تحريڪون، مسلمانن
جي نشات ثانيه ۽ سندن نئين حيات لاءِ ضامن بنيون،
۽ انهن سڀني تحريڪن جي بنيادي نصب العين کي
قائداعظم تڪميل تي پهچايو.“
اگر
تاريخي عوامل ۽ محرڪات تي غور ڪيو وڃي ته پوءِ
اها حقيقت واضح ٿيندي ته پاڪستان مسلمانن جي تيرهن
سئو سالن واري تاريخي جدو جهد جوتڪميلي ۽مقصدي
تتمو آهي. يا ائين کڻي چئجي ته مسلمانن جي جدو
جهد ۽ جهاد جي تاريخي سفر جو نڪته عروج آهي
قائداعظم جو مجاهدانه ڪردار.
تاريخ جي مطالعي جي سلسلي ۾ مسلمانن جي دور جو
هر پهلو اکين اڳيان رکڻ گهرجي علمي، ادبي، ثقافتي،
سياسي، معاشي ۽ معاشر تي.
ياد
رهي ته اسلام جي اچڻ اکان اڳ پوري هندستان تي هندن
جو قبضو هو. مگر 711هه ۾ مسلمانن جي اچڻ تي، ملڪ
جو رنگ ئي بدلجي ويو. هڪ اهڙو هندستان، جو پراچين
هند کان جدا ۽ مختلف هو، ان ۾ تاريخ جي سفر جي
دوران نيون دنيائون پيدا ٿينديون آيون. گويا ٻه
مختلف قطب هئا، جي هڪٻئي کي پاڻ ڏي ڇڪي رهيا هئا.
هڪ
هندو ۽ ٻيو مسلمان. هڪ فاتح ۽ ٻيو مفتوح. ٻئي طبقا
پنهنجي پنهنجي تاريخ، مذهب، روايات ۽ تمدن سان
وابسته رهيا. اگر ٻنهين قومن جي ثقافت جو ڪجهه
وقت تائين ميل ميلاپ ٿيو به ته اهو محض تصوف ۽
ويدانت جي دنيا ۾ ٿيو. ان ۾ به مسلمانن فراخدليءَ
سان حصو ورتو. ائين چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نه آهي
ته هندو مسلم تهذيب جي تخليق ۾ مسلمانن تمام
گهڻو حصو ورتو. مگر ٻئي قطب هڪٻئي کان جدا جدا
رهيا.
مسلمانن زندگي جي هر پهلوءَ ۾ خوراڪ، لباس، ادب،
ثقافت، تمدن، تهذيب،معاشرت، موسيقي، عمارت سازي،
شعر ۽ ادب، بلڪ زبان جهڙي اهم چيز ۾ به ”
هندستانيت“ کي غالب رکڻ جي دلي ۽ مخلصانه ڪوشش
ڪئي. مسلمانن جي اڳيان مقصد اهو هو ته برصغير ۾
آباد ۽ خوشحال معاشري جي تخليق جي راهه ۾ مقامي
روايات ۽ طريق حيات سان جيتري قدر به نباهه ٿي
سگهي، اهو دل کولي ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ مغل دور
جي رواداري، محبت ۽امن پسندي، هندن جي حفاظت ۽
سندن مذهب ۽ تهذيبي روايات لاءِ تاريخي شاهديون
موجود آهن.
پر
جيئن ئي انگريز هن سرزمين تي پير گهمايا، تيئن
هندن ۽ مسلمانن جي ظاهري هم آهنگي ۽ رواداري وارن
قدرن تي پاڻي ڦيرايو ويو ۽ هندو پنهنجي اصلي رنگ
۾ ظاهر ٿيو. ويدانت ۽ تصوف جو اهو نقاب، جو اڪبر،
جهانگير، شاهجهان ۽ دارا جي وقت ۾ استعمال ڪيو
ويو هو، سو فورن لاهي ڇڏيو ويو.
برٽش راڄ جي هوندي، هندن پنهنجي ڌرمي ۽ قومي
روايتن ۽ عقيدن جي دروباره احياءَ ۽ اشاعت لاءِ
منظم نموني ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
مسلمانن هڪ هزارسالن تائين مسلسل جدو جهد ڪري،
هندو مسلم ثقافت جو جيڪو ترقي يافته نصب العين
پيدا ڪيو هو، جنهنجي ماتحت، هندن ۽ مسلمانن جي وچ
۾ پيدا ٿيل ڪئي اختلافات دور ٿي چڪا هئا، اهو سارو
عملي ۽ ثقافتي ورثو، هڪ ڌڪ سان ناس ڪيو ويو. اهو
سڀڪجهه اڻويهين صدي جي آخري پنجاهه سالن ۾، هندن
جي تنگ ظرفي جي ڪري ظهور ۾ آيو. برصغير جي تاريخ
جا ٻيا به ڪيئي عوامل اهڙا هئا، جي ان وقت ڪم ڪري
رهيا هئا، جن متعلق ڪنهن به تفصيلي گفتگو جي في
الحال ضرورت ناهي.
اسلام اتر – الهه ۽ اوڀر وارن حصن ۾ پنهنجي
روحاني فتوحات سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ برصغير جو
باقي حصو اسلام جي نعمت کان محروم رهجي ويو، ان جا
به ڪيئي اسباب آهن، جن مان هندن جي تنگ ظرفي،
انسان دشمني، ڇوت ڇات، برهمڻ جي تقدس مابي، ٻاهرين
کي مليڇ چئي نفرت جو اظهار ڪرڻ مکيه سبب چئي سگجن
ٿا.
اهو
ظاهر آهي ته هندن جي انهن منفي ۽ تخريبي معيارن
جي رد عمل ۾ پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ هڪ لازمي امر
هو.
تاريخي عوامل جي سلسلي کي اگر غور سان جاچجي ته
پوءِ 1820ع تائين پهچندي، اسان کي انگريزن جا قدم
نظر اچن ٿا. ۽ انگريز ڄڻ ته هڪ چئلينج
بنجي،اڀرندي نظر اچي ٿو، انگريز جو اهو چئلينج نه
فقط سياسي هو، پر ان سان گڏ ثقافتي ۽ تهذيبي پڻ
هو. هندن ۽ مسلمانن ٻنهين قومن تي ان جو جدا جدا
اثر پيو، هندو، احياءَ جي تحريڪن وارا ويدانت
ڏانهن موٽي ويا ۽ اسلام کان اڳ واري پراچين ڀارت
جي روشن خواب ۾ گم ٿي ويا. ۽ مسلمان، هند ۾ پيدا
ٿيل انهن اثرن ۽ نقش ونگارن ڏانهن متوجهه ٿيا، جي
سندن اسلاف جي جدو جهد ۽اصلاحي تحريڪن پيدا ڪيا
هئا. هندن پنهنجو رشتو هزارها سال اڳ واري پراچين
ڀارت ۽ ان جي سڀيتا سان ڳنڍڻ شروع ڪيو، ۽ مسلمانن
هڪ هزار انقلابي آفرين سال واري دور کي پنهنجو
نصب العين بنايو، نتيجو اهونڪتو جو هندن جي رجعت
پرستي ڪري، اسلامي تصوف ۽ تهذيب جي اثر مان پيدا
ٿيل انسانيت نواز تحريڪون شخصيتون تاريخ جي ورقن
تان ميسارجي ويون.
حضرت
ولي الهند خواجه اجميري جي ورود مسعود سان اسلام
جي جا عالمتاب روشني آئي،جنهن جي اثر مان گرونانڪ،
ڪبير، چيتنيا، راما نند ۽ ميان ٻائي جهڙا مصلح
پيدا ٿيا، جن برهمنزم خلاف جهاد ڪيو ۽ تصوف ۽
ويدانت جي آميزش سان هڪ انسانيت نواز آدرش ايڪتا
جا مصلح پيدا ٿيا، افسوس جو ڪٽر ۽ متعصب آريائي ۽
مهاسڀائي ذهنيت ان ساري امن پسند، صالح، محبت
آميز ۽ انسانيت نواز قدرن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
اهو
به صحيح آهي ته انگريزن جي بيجا تسلط، تشدد، نظام
ملوڪيت بروقت مسلمانن کي خبردار ڪيو، پر جڏهن
انگريزن سان مسلمانن کي تباهه ڪرڻ لاءِ هندن ساٿ
ڏنو، تڏهن مسلمانن جي خودي بيدار ٿيڻ لڳي. مسلم
سياست ۽ مسلم قوميت جي انفراديت جي اشاعت۽ تحفظ
لاءِ لاچار مسلمان ميدان ۾ آيا.
چنانچه 1820ع کانپوءِ، برصغير جي مسلمانن جيڪي
احياءِ ۽ نشاته ثانيه جون تحريڪون شروع ڪيون، انهن
جو نقطه آخر ”پاڪستان“ آهي.
پاڪستان قائداعظم جي مخلصانه جدوجهد سان وجود ۾
آيو. اها ”جناح“ جي هستي هئي، جنهن زوال پذير قوم
جي زندگيءَ ۾ ولوله انگيز حيات جو جذبو پيدا ڪري
تحريڪ کي ڪاميابيءَ جي منزل تائين پهچايو.
ائين
چوڻ ۾ ڪو به مبالغو ناهي ته اسلام جيڪي هن سرزمين
تي هڪ هزارن سالن اندر نقوش ۽ اثر ڇڏيا هئا ۽ جي
تاريخي عوامل، برصغير جي تاريخ ۾ پيدا ٿي چڪا هئا،
انهن سڀني جي تڪميل جناح جي ڪوشش سان تڪميل جي
منزل تي پهتي.
تقريبن 1800ع کان وٺي برصغير ۾ مسلم سياست تي جيڪي
زوال آشنا حادثا گذريا، جناح صاحب جهڙي عظيم
سياستدان انهن ۾ دوباره زندگي پيدا ڪري، جديد ترين
قدر ۽ معيار پيدا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان
هڪ حقيقت بنجي چڪو آهي.
پاڪستان جي باني، جناح جي عظمت اها آهي ته ان جنهن
سياسي فلسفي جي پالنا ڪئي، سا پالنا ان ساري دور
جي قدرتي ارتقا جو لازمي حصو بنائي ڇڏيائين. ان جو
نتيجو اهو نڪتو جو پاڪستان کان اڳ وارين تحريڪن-
سيد احمد شهيد ۽ شاهه اسماعيل شهيد جي تحريڪ جهاد،
عليڳڙهه تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ جي ادا ڪيل ڪردار ،
جنهن کي بظاهر ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي هئي،
نظريه پاڪستان تي پهچي ڪاميابي حاصل ڪئي.
سيد
احمد شهيد ۽ شاهه اسماعيل شهيد جي تحريڪ جهاد،
برصغير جي مسلمانن جي ديني قوميت ۽ احساس خوديءَ
جو هڪ اظهار هئي. هي اهو زمانو هو جنهن ۾ مسلمانن
جي معاشرتي توڙي ثقافتي حيات ۽ نظريه ۾ نئين قسم
جي امنگ ۽ حرارت پيدا ٿي. اها ئي تحريڪ هئي، جنهن
مسلمانن ۾ جهاد جو جذبو پيدا ڪيو ۽ اسلامي نظام جي
نشات ثانيه لاءِ ڀرپور رول ادا ڪرايو. برصغير جي
اتر ۽ اولهه پنجاب، سرحد، ڪشمير، سنڌ ۽ بلوچستان ۾
اسلام جي سربلندي لاءِ جهاد جو علم بلند ڪيو ويو.
ان تحريڪ جو مقصد هو، مسلمانن ۾ انقلاب پيدا ڪرڻ،
۽ آزاديءَ لاءِ بيپناهه امنگ پيدا ڪرڻ ۽ کين
اسلامي نظام جي انسانيت نواز ۽ انصاف پسند عملي
ڪردار جي راهه ڏيکارڻ. اها تحريڪ مسلمانن ۾ جهاد ۽
جدوجهد جي از سر نو تحريڪ پيدا ٿيڻ لاءِ بنيادي
سبب بني.
اهو
برابر آهي ته فوري طور تي ان تحريڪ سياسي ڪامراني
حاصل نه ڪئي، مگر ان دور جي مرده، بي روح، رسومات
پرست، بيدين ۽ بي عمل مسلمانن ۾ دين ۽ ان جي
اخلاقي روح کي سمجهڻ ۽ اسلام جي انقلابي نظام کي
نافذ ڪرڻ جو ولولو ضرور پيدا ٿيو، ۽ اها پنهنجي
جاءِ تي وڏي ڪاميابي هئي.
سڀ
کان اهم ڳالهه اها هئي ته ان تحريڪ جهاد مسلمانن ۾
زيان جو احساس پيدا ڪيو، ۽ حضرت شاهه ولي الله جي
مذهبي ۽ معاشرتي، سياسي ۽ انقلابي تحريڪ کي اڳتي
وڌايو، ۽ مسلمانن ان جديد تحريڪ کي فورن قبول ڪري
ورتو.
ان
جي برعڪس عليڳڙهه تحريڪ، جدت پسند افڪار ۽ حقيقت
پسندانه ڪردار ڏانهن زياده متوجهه رهي. تعليم خاص
طرح سان جديد تعليم کي اختيار ڪرڻ مسلمانن لاءِ
نيڪ فال ثابت ٿي. مسلمانن کي ذهن نشين ڪرايو ويو
ته سندن وجود ۽ روح جي حفاظت لاءِ اهو تمام ضروري
آهي ته جديد عصر جي علمي ذخيري، سائنسي اڪتشافات ۽
جديد معاشيات کي غور سان مطالعو ڪيو وڃي.
لهذا
تحريڪ جهاد اگرچه روحاني اصلاح ڏانهن هڪ پرڪشش
دعوت هئي ته عليڳڙهه تحريڪ مسلمانن جي تعليمي
زوال، پسماندگيءَ ۽ معاشرتي بدحاليءَ کي بدلائڻ
واري هڪ انقلابي دعوت هئي. ان تحريڪ ۾ مسلم ثقافت،
مسلم روايات ۽ مسلمانن جي تاريخي وجود جي حفاظت ۽
فروغ جو سامان به هو. بيشڪ عليڳڙهه تحريڪ جو مقصد
زياده تر دنياوي هو ۽ سندس دائره ڪار به محدود هو.
تاهم ان تحريڪ مسلمانن لاءِ ڪافي تعميري ڪم ڪيو
آهي. سر سيد احمد جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها هئي
ته ان مسلمانن کي ماضيءَ جي رنگين داستانن ۽ پدرم
سلطان بود واري خواب آفرين دور مان ڪڍي جديد دور،
جديد علوم، جديد سياسي افڪار ۽ جديد سائنسي انداز
سان روشناس ڪرايو.
ٻي
ڪاميابي جا هن تحريڪ جي ڪري حاصل ٿي، سا اها آهي
ته مسلمانن ۾ پنهجي شخصيت ۽ قوميت جو احساس پيدا
ٿيو. ان ئي دور ۾ عالمِ اسلام جي اتحاد جي تحريڪ
به وجود ۾ آئي. جديد سياسي شعور جي پيدا ٿيڻ تي،
ترڪي سلطنت کي پنهنجي جدوجهد جي علامت بنايو ويو،
۽ ترڪيءَ کي مسلمانن جي تمنائن جو مرڪز ۽ سياسي
قوت جو سرچشمو تسليم ڪيو ويو. ان طرح سان مسلمانن
۾ پنهنجي شاندار ماضيءَ جي عظمت جي اعتراف سان گڏ
منجهن بين الاسلامي اخوت ۽ هم آهنگيءَ جو پرجوش
جذبو پيدا ٿيو ۽ بتدريج خلافت تحريڪ جنم ورتو.
خلافت تحريڪ جو مقصد هو، اسلامي دنيا لاءِ هڪ مرڪز
جو قيام- اسلامي دنيا جي دفاع لاءِ فعال تنظيم جو
قيام، برطانوي ظلم ۽ تشدد جي خلاف عملي اقدام،
برصغير هندو پاڪ ۾ انگريزن جي خلافت آزاديءَ جي
تحريڪ جو فروغ ۽ عملي مظاهرو. نتيجو اهو نڪتو جو
ڪيئي تحريڪ جا پرجوش داعي، سلطنت عثمانيه جي
استحڪام لاءِ سِر سان ڪفن ٻڌي، ميدان جهاد ۾ ٽپي
پيا.
ٻئي
طرف ”سو راج- سو راج“ جا زباني نعرا اصل ۾ اشڪ
شوئي جي لاءِ هئا، جيئن مسلمانن کان علاوه ٻين
عناصرن جي قوت کي به انگريزن جي خلاف جمع ڪري،
نمائشي ناٽڪ ڪري سگهجي ۽ انگريز کي پريشان ڪري
ڪجهه پاڻ لاءِ وڌيڪ رعايتون حاصل ڪري سگهجن. اصل ۾
”سوراج- سوراج“ پڪارڻ واري تحريڪ به مسلمانن جي
عظيم اتحاد خلافت تحريڪ ۽ ان جي ترڪ موالات ۽ قطع
تعلقات واري قدم جي خوشه چين هئي. اهو ئي سبب آهي
جو ”سوراج- سو راج“ پڪاريندڙ، آخر تائين انگريز جي
موجودگيءَ جي تقاضا ڪندا رهيا ۽ انگريز جي سنگينن
جي پاڇي ۾، ساري ملڪ تي حڪومت هلائڻ جي خواب ۾
مبتلا رهيا.
مٿي
عرض ڪيو ويو آهي ته برصغير جي مسلمانن ترڪي ۽ ان
جي حريت پسند مجاهدن جي جهاد کي پنهنجي قوت ۽ عظمت
لاءِ علامت طور قبول ڪري، ساري اسلامي دنيا ۾
انگريز جي خلاف اعلان جنگ ڪيو ۽ برصغير ۾ رهندي،
يورپ تائين پنهنجي تحريڪ جي اثر کي پهچائڻ ۾
ڪاميابي حاصل ڪئي.
ان
ئي سلسلي ۾ انگريزن کي بدنام ۽ ڪمزور بنائڻ لاءِ
تحريڪِ هجرت پڻ شروع ڪئي وئي جنهن جي عملي ابتدا
سنڌ مان جان محمد جوڻيجي جي مجاهدانه شخصيت سان
وابسته آهي.
ان
کان پوءِ ستت ئي مولانا تاج محمود امروٽي، شيخ
عبدالمجيد سنڌي مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا
آزاد، شيخ الهند محمود الحسن، مولانا انور شاهه
ڪاشميري، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي،
ظفر علي خان، پير غلام مجدد سرهندي، مولانا حسرت
موهاني، ڊاڪٽر انصاري، حڪيم اجمل خان صاحب، ڊاڪٽر
سيف الدين ڪچلو، مولانا محمد صادق ڪراچوي، حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا
عبدالڪريم چشتي، مولانا آزاد سبحاني، شيخ الاسلام
حسين احمد مدني، مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي،
مولانا مفتي هند ڪفايت الله، مولانا شبير احمد
عثماني، مولانا ظفر احمد عثماني ٿانوي وغيره پارا
عالم ۽ ليڊر سياسي باهه ۾ ٽپي پيا. اهڙن جليل
القدر عالمن، مختلف سياسي محاذن تي، انگريز جي
تشدد ۽ هندو جي ڪم ظرفيءَ مان پيدا ٿيل ”باهمي
سازش“ جو سخت مقابلو ڪيو. نتيجو اهو نڪتو، جو
برصغير جي مسلمانن ۾ سياسي شعور وڌيو ۽ منجهن
آزادي ڪامل لاءِ بيقراري پيدا ٿي.
اهو
ئي ولوله انگيز دور هو، جنهن ۾ پاڪستان جو تصور
پيدا ٿيو. ان ئي دور ۾ هڪ عظيم اسلامي مملڪت جو
خيال، هڪ محسوس پيڪر جي شڪل وٺندو رهيو. پاڪستان
جي تحريڪ، گويا مسلمانن جي سڀني انقلابي تحريڪن جو
مرڪزي نقطو بنجي وئي.
پاڪستان جي تحريڪ ۾ هڪ طرف شاهه اسماعيل شهيد ۽
سيد احمد بريلويءَ جي ديني حرارت ۽ خونِ شهادت جي
آميزش هئي ته ٻئي طرف سر سيد احمد جي جدت پسندي ۽
ٽئين طرف تحريڪ خلافت جو مجاهدانه جوش ۽ جذبو
ڪارفرما هو.
اتي
پهچي ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ سمجهڻ نه گهرجي ته
انهن ٽنهين تحريڪن جي مجموعي انقلابي قوت سان
جيڪا پاڪستان جي تصور کي تائيد حاصل ٿي، ان ۾
قائداعظم جي مجاهدانه ۽ حقيقت پسندانه بصيرت،
تجربي، نگاهه ۽ بلند ڪردار جو وڏو دخل رهيو آهي.
قائداعظم جنهن وسيع ۽ عظيم اسلامي مملڪت جو تصور
پيدا ڪيو هو تنهن جو بنياد محض قياس ۽ تصور، خواب
۽ خيال تي نه هو. ان جي باقاعده منطقي ۽ سائنسي
انداز ۾ حدبندي ٿيل هئي ۽ ان جون پاڙون هن ئي زمين
جي پاتال ۾ پختيون هيون.
قائداعظم پنهنجي بصيرت ۽ سياسي تجزيي سان پنهنجي
دور جي عظيم قوت ”عوام“ کان ڪم ورتو. قائداعظم،
نعره بازي ۽ جذباتي اعلانن کان ڪم نه ورتو آهي.
قائداعظم پنهنجي خيال ۽ عمل جو محور ۽ مرڪز صرف
برصغير جي مسلمانن جي سياسي، معاشرتي ۽ معاشي
آزاديءَ کي بنايو آهي . ۽ اسلام جي بين الاقوامي
امن ۽ اتحاد، حريت ۽ آزادي واري انقلابي نصب العين
کي پنهنجي نظرن اڳيان هڪ عظيم آدرش ڪري رکيو آهي.
ان طرح پنهنجي عقابي نگاهن سان ماحول کي جاچي،
حقيقت پسندانه جدوجهد ڪري، ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
قائداعظم پنهنجو پورو توجهه عصر حاضر جي جديد
عوامل ۽ جديد تقاضائن تي صرف ڪيو آهي ۽ هڪ اهڙي
عظيم اسلامي مملڪت بنائڻ جي خواب کي پوروڪيو اٿس،
جتي مسلمان، صحيح معنيٰ ۾ مسلمان بنجي زندگي گذاري
سگهي ۽ پاڪستان، صحيح معنيٰ ۾ امن ۽ امان، صلح ۽
سلامتيءَ جي سرزمين بنجي ۽ کيس ”دارالاسلام“ سڏڻ
جو شرف عطا ٿئي.
قائداعظم، جو انقلابي نصب العين مسلمانن جي لاءِ
طئي ڪيو هو، اهو سندس وسيع تجربه، مطالع، بصيرت ۽
حق پسندانه صلاحيت جو مرهونِ منت آهي. قائداعظم،
فلسفيانه نڪته طرازين ۽ لفظي موشگافين کان ڪم نه
ورتو آهي ۽ نه ڪو جوش ۽ جذبات کي اڀاري عوام کي هم
خيال بنايو اٿس. قائداعظم تمام سولي ۽ سنئين سڌي
انداز ۾ ڳالهيون ڪري، مسلمانن ۾ ايمان، يقين ۽ نظم
و ضبط جو پختو ۽ سنجيدو احساس پيدا ڪيو آهي.
قائداعظم مسلمانن کي صاف صاف ٻڌايو ته هو هڪ عظيم
قوم ۽ عظيم ملت آهن ۽ کين دنيا جي ڪا به قوم
نظرانداز ڪري نه ٿي سگهي. اسان جي پنهنجي تهذيب ۽
ثقافت آهي، لهذا هڪ علحده وطن جي تقاضا، هڪ سائنسي
۽ معقول تقاضا آهي.
مطلب
هي آهي ته قائداعظم جو به ڪم ڪيو آهي، ان جي عظمت
تمام بلند آهي. قائداعظم پنهنجي پرڪشش ۽ فعال
شخصيت سان، هن صديءَ ۾ ٽن عظيم ڪمن کي پايه تڪميل
تي پهچايو آهي.
سڀ
کان اول ويهين صديءَ جي وچ واري پرآشوب زماني ۾ هڪ
مسلم رياست جي تصور کي عملي پيڪر عطا ڪيائين ۽ ان
لاءِ عصر حاضر جي سڀني تقاضائن کي پورو ڪيائين.
ٻيو
ته پوري ملت اسلاميه کي ان نصب العين سان آشنا
ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ سڀني طبقن کي متفقه طور
پنهنجي نظريه کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيائين، تان
جو پوري قوم پاڪستان جي مطالبي تي مخلصانه ۽
مجاهدانه انداز ۾ ميدان ۾ آئي.
ٽين
وڏي ڪاميابي اها آهي ته تمام ٿوري عرصي يعني ڏهن
سالن جي عملي جدوجهد سان دنياءِ تاريخ جي عظيم
اسلامي مملڪت کي دنيا جي نقشي تي قائم ڪيائين.
قائداعظم جو اهو به ڪمال آهي
ته پاڻ اتحاد عالم اسلام کي هڪ نئون روح بخشيو
اٿس. سيد جمال الدين افغاني، سيد احمد شهيد، شاهه
اسماعيل شهيد، سر سيد احمد، شيخ الهند، عبيدالله
سنڌي جي دعوتِ فڪر کي ويهين صديءَ ۾ هڪ اهڙو عملي
پيڪر عطا ڪيائين جو مسلم نشات ثانيه جي هڪ نئين
دور لاءِ ”بشارت“ جو ڪم ڏئي ٿو. قائداعظم اهو زيرڪ
۽ دانشمند سياستدان آهي، جنهن گذريل دور جي شڪست ۽
ناڪاميءَ جي هڪ فتح عظيم سان تلافي ڪئي آهي. سندس
اهو ڪارنامو انساني تاريخ ۾ زنده جاودان رهندو.
پاڪستان جو وجود ۽ قيام، سندس عظمت جي اها علامت
آهي، جا هميشه تر ۽ تازه رهندي، بلڪه جيئن پوءِ
تيئن ان ۾ دلڪشي پيدا ٿيندي رهندي.[1]
قائداعظم
(سوانح حيات ۽ سياسي ڪارناما)
(قائداعظم جي سوانح ۽ سياسي ڪارنامن متعلق اڄ
تائين مختلف زبانن ۾ جو ڪجهه به لکيو ويو آهي، اهو
ناڪافي تصور ڪيو ويو آهي. حقيقت اها آهي ته
قائداعظم جهڙي جليل القدر سياسي رهنما جي سيرت ۽
ڪردار، سوانح ۽ سياسي زندگيءَ متعلق مڪمل ۽ جامع
سوانح حيات جي ضرورت اڄ تائين باقي آهي. جي ڪتاب
اسان جي نظر مان گذريا آهن، انهن ۾ نه فقط واقعات
جي صحت به مشڪوڪ آهي، پر ان سان گڏ ولادت جي تاريخ
توڙي اوائلي زندگي متعلق به غلط مواد آيل آهي.
انگريز محقق بوليٿو جي شهرت يافته ڪتاب جو به اهو
ئي حال آهي. دلي تمنا آهي ته ان سلسلي ۾ ڪو عملي
ڪم ڪيو وڃي. تحسين ۽ مبارڪ جو مستحق آهي، قائد
عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو، وزيراعظم پاڪستان،
جنهن جي قيادت ۽ هدايت هيٺ بانيءِ پاڪستان جي هڪ
سئو ساله جشنِ ولادت ملهائڻ لاءِ قومي سطح تي عظيم
الشان پروگرام ٺاهيو ويو آهي، جنهنڪري قائداعظم
متعلق مختلف زبانن ۾ ڪيئي ڪتاب ۽ رسالا شايع ٿي
رهيا آهن، ورنه سال بسال اخبارن جي مختصر قائداعظم
نمبرن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به شايع نه ٿيندو آهي. ۽
اهي نمبر به فقط ٽي يا چار صفحا قائداعظم لاءِ
مخصوص ڪندا آهن، جن ۾ به غلط سلط معلومات ڏني
ويندي آهي. ”مهراڻ“ جي ناظرين ڪرام لاءِ قائداعظم
جي مختصر سوانح حيات ۽ سياسي ڪارناما پيش ڪجن ٿا.
– غ. م. گ)
قائداعظم جي جليل القدر شخصيت لاءِ هزهائنس سر آغا
خان مرحوم جهڙي بين الاقوامي شهرت يافته بزرگ
فرمايو آهيِ: ”مان پنهنجي زندگيءَ ۾ بيشمار وڏن
ماڻهن سان مليو آهيان، پر جناح سڀني کان عظيم ترين
انسان هو.“ ان طرح مشهور هندو ليڊر ڊاڪٽر ڪيلاش
ناٿ ڪٽجو جو چوڻ آهي ته: ”هن صديءَ جي مشهور ۽
نمايان شخصيت نه صرف برصغير هندستان، بلڪه ساري
دنيا ۾ جا پيدا ٿي، اها جناح جي شخصيت آهي.“ ان
طرح بلبل هند سروجني نئڊو چيو آهي ته: ”برصغير هند
۾ فقط جناح ئي آهي، جنهن جي ضمير کي خريد ڪري نٿو
سگهجي.“ ظاهر آهي ته جناح جي شخصيت ۽ ان جي
ڪارنامن جي حيثيت تمام عظيم آهي، جنهن جي سوانح ۽
ڪارنامن لاءِ دفترن جا دفتر قلمبند ڪري سگهجن ٿا.
ولادت ۽ اوائلي تعليم:
چيو
ويو آهي ته جناح صاحب 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچيءَ ۾
ڄائو. هي اهو سال آهي، جنهن ۾ برطانيه جي ملڪه
وڪٽوريه کي قيصر هند جو لقب مليو. جناح صاحب جو
والد پونجا جيڻا جو تجارتي ڪاروبار ان زماني ۾
اوج تي هو. جناح صاحب اهو خوشنصيب شخص آهي، جنهن
آرام ۽ آسائش جي دؤر ۾ اک پٽي. ڇهن سالن جي عمر ۾
اوائلي تعليم لاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. ڏهن سالن جي
عمر ۾ بمبئيءَ روانو ٿيو ۽ هڪ سال کانپوءِ واپس
ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ مدرسه ۾ داخل ٿيو. پندرهن سالن
جي عمر ۾ ڪرسچن مشنري اسڪول ۾ داخلا ورتائين، ۽
سورهن سالن جي عمر ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.
پاڪستان جي قائم
ڪرڻ مان اسان جو مقصد آهي، اهڙي سرزمين آزاد
ڪرڻ، جنهن ۾ اسان پنهنجي روايات ۽ تهذيب کي
وڌائي سگهون، ۽ جتي اسلام جي عدل ۽ انصاف،
مساوات ۽ رواداريءَ جي اصولن کي عملي طرح نافذ
ڪري سگهون.
|