علامه آءِ . آءِ. قاضي
قوميت ۽ متحده قوميت جا اصول ۽ اسباب
برصغير هند، هڪ ملڪ شمار ڪري نه ٿو سگهجي!
(
نوٽ: هن صديءَ جي مشهور مفڪر ۽ فيلسوف علامه آءِ.
آءِ. قاضي رحه جي ذات والاصفات پنهنجي افڪار ۽
تصورات جي لحاظ سان نهايت منفرد مقام تي فائز آهي.
سندن فلسفيانه خيالات جي هاڪ ۽ مقبوليت مشرق کان
مغرب تائين وسيع آهي. جڏهن برصغير هند ۾ قوميت ۽
متحده قوميت متعلق معرڪ آرا مسئلو پيدا ٿيو، تڏهن
برصغير جا سڄاڻ ۽ عالم سياستدان ٻن گروهن ۾
ورهائجي ويا. ڪانگريسين جو عقيدو هو ته هندن ۽
مسلمانن جي گڏيل متحده قوميت جو قائم ٿيڻ ممڪن آهي
۽ مسلم ليگ وارن جو چوڻ هو ته جڏهن ته ٻنهين قومن
جي تاريخي روايات، تهذيب، تمدن، طرز، حيات، ادب ۽
ثقافت، دين ۽ ڌرم ۾ فرق ۽ اختلاف آهي، تڏهن ”
متحده هندي قوميت“ جو پيدا ٿيڻ قطعا ناممڪن آهي.
ان موضوع تي ڪن حلقن جاگرافيائي وحدت کي به دليل
طوراستعمال ڪڻ شروع ڪيو ۽ ان کي ” جديد نظريه
قوميت“ قرار ڏنو ويو. حضرت علام آءِ آءِ قاضي رحه
به ان موضوع متعلق پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
پاڻ جڏهن ته جديد ۽ قديم علمن جا ماهر هئا، تڏهن
سندن بحث ۽ دليل ۾ به جدت ۽ ندرت موجود آهي. سندن
چوڻ آهي ته ”برصغير هند کي جاگرافيائي طور تي هڪ
ملڪ قرار ڏئي نه ٿو سگهجي.“ ان متعلق بحث ڪندي آخر
۾ چيو اٿن: ” جيڪڏهن اسان جو آخري مقصد هڪ آزاد ۽
ترقي يافته متحد قوم جو بنائڻ آهي ته پوءِ ان جو
بهتر ذريعو اهو آهي ته هندن ۽ مسلمانن کي سندن
اڪثريت وارين ايراضين ۾ سندن ڪلچر، فلاسافي ۽
روايت جي مدنظر ترقي ڪرڻ لاءِ مناسب موقعا پيدا
ٿيڻ گهرجن.“
سندن
ان راءِ موجب، برصغير جي تقسيم کي جائز قرار ڏئي
سگهجي ٿو ۽ قائداعظم جي جدوجهد جو مول متو به
اهوئي هو، جنهن موجب ” پاڪستان“ بنايو ويو.
”
مهراڻ“ جي ناظرين ڪرام لاءِ سندن عالمانه ۽
فلسفيانه شاهڪار خيالات جو ترجمو پيش ڪجي ٿو. علام
صاحب جا خيالات نهايت عميق ۽ دقيق آهن، جن کي
سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اميد
آهي ته ان مسئلي متعلق ڪنهن حد تائين تسلي ۽ تشفي
پيدا ٿي سگهي ٿي. – غ . م گ)
بر
صغير هند کي جاگرافيائي طرح سان هڪ ملڪ شمار ڪري
نه ٿو سگهجي. هندوستان جي ”جاگرافيائي وحدت“ جو
اڪثر ذڪر ڪيو وڃي ٿو، ليڪن ان کي ” هڪ ملڪ“ سڏڻ
حقيقتن جي برعڪس آهي.
انگلنڊ ته ڇڏيو، جيڪڏهن يورپ کي انهيءَ نقطئه
نگاهه کان هڪ ملڪ سڏبو ته مثال ٺهڪي ايندو. پر
يورپ به هينئر مختلف قومن جو مجموعو آهي جي اڃا
تائين گڏجي ”فيڊريشن،“ جي درجي تي ئي پهچي نه
سگهيون آهن، هتي جيڪڏهن گجرات ۽ سنڌ جي صوبن جا
مثال وٺبا ته حقيقتن تي پوري روشني پئجي ويندي.
باوجود ٻنهين جي سرحد مشترڪ هئڻ جي هڪ صوبي مان
ٻئي صوبي ۾ پهچڻ تي 28 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ
جو سندن وچ ۾ هڪ وڏو رڻ پٽ حائل آهي. ٻئي طرف
فرانس ۽ جرمنيءَ جو مثال وٺبو ته معلوم ٿيندو ته
فرانس مان جرمني پهچڻ ۾ صرف 5 منٽ لڳندا.
مٿئين مثال مان ئي پتو پئجي سگهندو ته ”
جاگرافيائي وحدت“ جو دليل ڪيتري قدر غلط ۽ بي
بنياد آهي.
هندوستان برصغير ٿي سگهي ٿو. يورپ، اتر آفريڪا ۽
ڏکڻ آمريڪا جا مثال ئي ساڻس پوري مشابهت رکي سگهن
ٿا.
انهيءَ هندوستاني جاگرافيائي وحدت واري دليل جي
بنياد تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا حق بجانب
رهندي، جيڪڏهن اها هيءَ تقاضا ڪري ته ڪئناڊا ۽
ميڪسيڪو، جي جاگرافيائي طور تي هن سان مليل آهن،
سي هن سان شامل ڪيا وڃن. اهڙيءَ طرح ارجنٽائن،
پيرو ۽ چليءَ کي هڪٻئي کان جدا رهڻ لاءِ ڪي سبب
ڪونه رهندا، ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جا رهاڪو
نه صرف ساڳئي نسل جا آهن، پر ٻولي به هڪ ئي
ڳالهائين ٿا. مذهب به هڪ ئي اٿن، لباس، رسمون
۽رواج به سندن ساڳيا آهن۔ ادب ساڳيو هڪ اٿن. پاڻ ۾
مٽي مائٽي رستي گڏجي سگهن ٿا. جاگرافيائي طور تي
به هڪٻئي سان لاڳو ۽ مليل آهن. ليڪن باوجود انهن
ڳالهين جي، ڪئناڊا پنهنجي جدا گانه قومي هستي
قائم رکيو ويٺو آهي. ساڳيءَ طرح سان ڏکڻ آمريڪا
جون مٿي ذڪر ڪيل قومون ، جي هڪ ئي جاگرافيائي خطي
۾ رهن ٿيون، سي گهڻو ڪري اسپيني نسل جون آهن. ٻولي
ساڳي اٿن، ويس ساڳيو اٿن،مٽي مائٽيءَ ۾ گڏجي سگهن
ٿيون. انهن ۾ ڪا به اهڙي ظاهري ڳالهه نه آهي جا
هڪٻئي کان مختلف هجي، ته به هو پنهنجي نموني جدا
رهڻ پسند ڪن ٿا ۽منجهن ڪابه اهڙي نشاني ڏسڻ ۾ ڪانه
ٿي اچي، جو هو ڪا فيڊريشن ٺاهڻ يا گڏجي رهڻ لاءِ
تيار هجن.
ساڳي حالت چين ۽ سائيبيريا جي آهي. جاگرافيائي
طور تي هڪٻئي سان نزديڪ به آهن ۽ نسل به ساڳي اٿن،
تڏهن به سائيبريا چين سان گڏجي رهڻ جي عيوض يورال
جبلن جي ٻئي طرف واري ملڪ رشيا سائي ڳنڊيل آهن.
انهن
مثالن کي مدنظر رکندي صرف ”جاگرافيائي وحدت“ کي ”
متحده قومي و جود“ لاءِ دليل بنائي نه ٿو سگهجي.
هاڻ
اچو ته خود لفظ ” نيشن“ جي معنيٰ تي غور ڪريون.
لفظ نيشن، ” نيٽس“ ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي
معنيٰ ” ڄاول“ ٿيندي، جنهن جو لاڳاپو ” اصل ۽ نسل“
سان آهي. اهو ثابت ٿيل امر آهي ته جرمن ۽ سلووڪ
ماڻهو ساڳئي نسل جا آهن، شارليمئن جي فرانس ۾
ٻئيي شامل هئا. آءُ مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته فرانس
۽ جرمني جا گرافيائي طور ته هڪ ملڪ ٿيڻ گهرجن.
ساڳي حالت سندن نسل بنسبت آهي. زبان جي نقط نگاهه
کان سندن زبانون ” انڊو جرمنڪ“ يا ” انڊو
يورپين“ گروپ مان آهن. انهن ٻنهين ملڪن جي هڪ
جمهوري حڪومت ٺهي سگهي ٿي، پر جرمن توڙي فرانس
ڪڏهن به اها ڳالهه قبول ئي نه ڪندا.
وڌيڪ اوهان کي ياد ڏياريندس ته فرينچ ادب ٻن صدين
تائين جرمنن پڙهيو ۽ پسند ڪيو. جرمن زبان جي ادب
کي ترقي ڏيارڻ ۾ فرينچ ادب جو وڏوحصو آهي. جهڙيءَ
طرح سان فرينچ ادب، جرمنيءَ ۾ عام جام پڙهيو ويندو
هو، اهڙيءَ طرح جرمن فلاسافي فرانس جي يونيورسٽين
۾ صدين تائين پڙهائي ويندي هئي. هو مٽي مائٽيءَ ۾
گڏجن ٿا. رسم و رواج به اڪثر ساڳيا اٿن. انهيءَ
هوندي به جيڪڏهن جمهوري طريقي حڪومت ۾ انهن کي
ملائڻ جي ڪوشش ڪبي ته ان جو لازمي نتيجو اهو
نڪرندو ته ٽن ڪروڙ فرينچن کي 8 ڪروڙ جرمن ويڙهي
ويندا ۽ ٿوري وقت کانپوءِ فرينچ هستي وڃائي
ويهندا.
ممڪن
آهي ته ڪي ماڻهو ٻن باهمي مختلف قومن جو هي مثال
ٺيڪ نه سمجهن ته پوءِ ان حالت ۾ هالينڊ، بيلجم،
سوئيڊن ۽ ناروي جو مثال ياد ڏياريندس.
يورپ
جي تاريخ تي هڪ سرسري نظر ڊوڙائڻ سان پتو پئجي
سگهندو ته جمهوريت ۽ نيشنلزم ان کي اتحاد ۽ ميلاپ
طرف ڇڪڻ جي عيوض جدائيءَ ۽ جدا گانه هستين کي قائم
ڪرڻ طرف پئي گهليو آهي.
نيشنل ۽ جمهوري حڪومتن ۾ زوريءَ جو ڳانڍاپو ڪا
معنيٰ نه ٿو رکي، صرف باهمي صلح ۽ سمجهوتي ۽ مسلسل
لاڳاپن جي ذريعي ئي دائمي اتحاد قائم ٿي سگهي ٿو.
نيشنلزم جي اثر هيٺ ملڪن ۾ معاشرتي لاڳاپا به
پوريءَ طرح سان قائم ٿي نه سگهيا آهن، هم جنسيت ۽
هڪ قوميت ته اڃا پري رهي!
فطري قانون پٽاندر انساني اتحاد جي ترقي مقرر حد
کان مٿي تيز ٿي نه سگهندي. جيڪڏهن انهيءَ درمياني
عرصي کي، جو قومن ۾ ميلاپ ۽ سمجهوتي لاءِ ضروري
آهي، مصنوعي طريقن سان گهٽ ڪبو ته پوءِ بجاءِ
فائدي جي نقصانڪار رد عمل پيدا ڪندو.
ميوي
کي درخت ۾ پچڻ کان اڳ کٽو ٿيڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڪو
ماڻهو ان کي قبل از وقت مٺو ۽ پڪو ڪرڻ گهرندو ته
پوءِ اهو سندس فطري مٺاس کي ماري ڇڏيندو.
اختلاف جيتوڻيڪ اڻ وڻندڙ ڳالهه آهي، ليڪن ترقيءَ
جي راهه ۾ مقابلي جو هئڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
کليل مقابلي کان سواءِ مصنوعي اتحاد جو پيدا ڪرڻ
قومي زندگيءَ ۾ جمود ۽ موت پيدا ڪرڻ جي برابر
ٿيندو.
مٿي
ذڪر ڪيل جاگرافيائي، معاشرتي، اقتصادي، مذهبي ۽
سياسي طور تي هڪ جهڙن ماڻهن جي تاريخ تي سرسري نظر
ڊوڙائڻ بعد معلوم ٿيو ته باوجود نسلي هم جنسيت جي
به هُو هڪ قالب ۾ سمائجي نه سگهيا آهن.
هندستان:
هاڻ
اچو ته هندستان جي حالتن تي نظر ڊوڙايون. مون اڳ ۾
هندستان جي فقط ٻن صوبن ”گجرات“ ۽ ”سنڌ“ جو مثال
پيش ڪيو هو ته هنن کي هڪ جاگرافيائي خطو ليکي، هڪ
قوم شمار ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي، ته پوءِ
بينگال، وچن علائقن ۽ مدراس وغيره جي مشابهت ڪرڻ
ته اڃا ئي زياده مشڪل مسئلو ٿي پوندو، جتي جا
رهاڪو هڪٻئي جي زبان به سمجهي نه ٿا سگهن.
هاڻ
جيڪڏهن اسان انهن جي مذهبي نقطه نگاهه کان ڀيٽ
ڪنداسون ته پوءِ معلوم ٿيندو ته انهن مان هڪ فرقو
ٻئي سان سوشل تعلقات به رکڻ نٿو گهري.
گجراتي برهمڻ جو نه صرف لباس مسلمانن کان علحدو
آهي، پر جيڪڏهن مسلمان جو هٿ يا صرف پاڇو، ان جي
کاڌي تي پوي ٿو ته پوءِ اهو کائڻ جي عيوض اڇلائڻ
کي زياده پسند ٿو ڪري. پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪرڻ ته
وڏو مشڪل ڪم آهي. پنگتي جدائي هنن وٽ هڪ عام قبول
ڪيل اصول ٿي ويل آهي. اُن ۾ ئي هن وقت سندن باهمي
امن امان جي ضمانت آهي. منجهن هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ
يا پنگتي ملاوٽ جي ڪوشش ڪرڻ، ردعمل جي طور پاڻ
منجهن باهمي فسادن جي صورت پئي اختيار ڪئي آهي. ڪو
پڇي ته سندن اختلافن جو بنيادي وجهه ڪهڙو آهي ته
پوءِ ان جو جواب ملڻ ڏکيو ڪو نه ٿيندو.
هن
زماني ۾ اسان جن ڳالهين کي نظرين جي نالي سان
سڏيون ٿا، تن کي اڳئين وقت ۾ ”مذهب“ نالو ڏنل هو.
جماعتون به اڳي مذهبي نقطه نگاهه کان ٺهنديون
هيون.
يورپ
جا ترقي پسند عناصر ۽ جديد خيالن جا حامل، گهڻين
قربانين ۽ تڪليفن کان پوءِ انهيءَ تنگ خياليءَ جي
ڀيد ڀاون کان مس پاڻ ڇڏائي سگهيا آهن. ليڪن پٺتي
پيل ملڪن جا قدامت پسند فرقا اڃا تائين فرقه
بنديءَ ۽ پنگتي ڀيد ڀاون ۾ ڦاٿا پيا آهن ۽ دنيا جي
ارتقائي رفتار ۾ پوئتي رهجي ويا آهن.
هتي
جي قدامت پسنديءَ جو دليل ان مان ملندو ته ٻڌ ڌرم،
جو هندن جي مذهب ۾ هڪ ارتقائي قدم هو، جو
سوسائٽيءَ جي گهڻين خامين کي مٽائي اڳتي وڌائي
سگهيو ٿي، تنهن کي هتان جي قدامت پسند قبول ڪرڻ جي
عيوض مخالفت ڪري، ٿڏي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ان وڃي
سلون، برما، چين ۽ ٿٻيٽ ۾ پناهه ورتي. جاهل برهمڻ
اڃا تائين چون ٿا ته گوتم ٻڌ هندو ڌرم کي ختم ڪرڻ
آيو هو.
بنيادي طرح سان برهمنزم- ”نان- مشنري“ ۽ قدامت
پسند رهيو آهي. سندن چوڻ مطابق ”برهمڻ” صرف ڄمي
پيدا ٿيندو آهي، پر ٻين مذهبن مان نڪري ”شُڌ“ ٿي
ڪو ماڻهو ”برهمڻ“ بنجي نه ٿو سگهي. ڪو به ماڻهو
ڪيتريون به سرويتون ۽ سمريتون کڻي ڄاڻندو هجي ۽
نسل به آريه ڇو نه هجي، پر نه ”برهمڻ“ ٿي سگهندو ۽
نه ڪو کتري. البت ويش ۽ شودر (اڇوت) ٿيڻ لاءِ
رستا کليل آهن.
جيڪڏهن ڪنهن نسل يا فرقي جو جوڙجڪ اهڙو محدود ۽
سخت ٺهيل هجي، جو ان ۾ ڦير ڦار جي گنجائش ئي نه
هجي ته پوءِ جيستائين انهن حالتن ۾ تبديلي نه آئي
آهي، تيستائين اتي جمهوري ۽ نئشنل حڪومت جو ٺهڻ ۽
آسانيءَ سان ان تي عمل درآمد ٿيڻ مشڪل نظر پيو
اچي.
هاڻ
اچو، هندستان جي ٻن مکيه مذهبن هندو ڌرم ۽ اسلام
تي بحث ڪري ڏسون ته اهي پنهنجن پوئلڳن کي گڏي هڪ
”قوم” بنجڻ لاءِ ڪيتري قدر پاڻ وٽ گنجائش رکن ٿا.
انهن جا رسم و رواج، ادب ۽ اقتصادي نظريا علحده
آهن.
مسلم
فلاسافي انسان کي آزاد فرد تسليم ڪندي، هن کي
زندگيءَ جي راهه ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ ڪشادي ميدان ۾
آزاد عمل جو سبق ڏئي ٿي.
ٻئي
طرف هندو فلاسافي ”ڪَرَم“ جي نظريي ۾ اعتقاد
رکندي، فرد جي عمل جو دائرو محدود رکندي ٿي اچي ۽
کيس گذريل ”ڪَرَمن“ جي محتاج رهڻ جو درس ٿي ڏئي.
مسلم
فلاسافي، جماعت ۾ فرد جي فردن سان مساوات ۽
برادريءَ جي اصول تي تعلقات قائم ڪرڻ جي حامي آهي.
پر ان جي ابتڙ ”هندو فلاسافي“ انسان ذات ۾ مختلف
ارتقائي درجن جي حقيقت کي تسليم ڪندي، انهن کي
ڪاروبار ۽ عمل ۾ سهولت خاطر چئن درجن يا جاتين ۾
ورهائڻ کي وڌيڪ ڪارآمد ٿي سجهي، ايتري قدر جو
”ڀڳوت گيتا“ جهڙو ڪتاب لکي ٿو ته:
”جڏهن جاتين جا فرق ختم ٿيندا (يعني ڪلاس ليس
سوسائٽي ٿيندي) ته پوءِ ڌرم به ختم ٿي ويندو.“
مذهبي فلاسافيءَ جي نقطه نگاهه کي هڪ طرف ڇڏي،
جيڪڏهن پنگتي خيال سان ان مسئلي تي غور ڪنداسون ته
باوجود هڪ هزار سال هڪٻئي سان گڏ رهڻ جي، اهي
پنگتي طور تي هڪٻئي کان جدا ٿيو بيٺا آهن.
نه
پاڻ ۾ مٽي- مائٽي ڪن ٿا، نه پاڻ ۾ گڏجي کائن پيئن
ٿا. مسلمان جو پاڇو به اڃا ڪن جي بدن يا کاڌي کي
پليت ڪيو ڇڏي. سندن کاڌي جي اها حالت آهي، جو هڪ
شئي جي هڪ ڌر وٽ اجازت آهي ته ٻيءَ وٽ منع آهي.
اهي
اختلاف سندن روزمره جي زندگيءَ تي اثر ڪرڻ کان
سواءِ رهي نه ٿا سگهن. سو جيستائين ٻنهين مذهبن جي
عوام مان مذهبي ڪٽرپڻو گهٽ نه ٿيو آهي، ان وقت
تائين، انهن جو گڏجي هڪ قومي قالب ۾ سمائجڻ لاءِ
مشڪل پيو نظر اچي.
پروفيسر رينان جو نيشنلزم جي موضوع تي ماهر سمجهيو
وڃي ٿو، تنهن جو چوڻ آهي ته:
”قوميت هڪ روحاني ۽ نفسياتي جذبات تي ٻڌل حقيقت
ٿئي ٿي. هم جنسيت ٻه- منهين ترار آهي، جا جيڪڏهن
ڪن کي حقيقتن جي بنياد تي گڏي ٿي ته ڪن کي هڪٻئي
کان ڌاريو ثابت ڪري، جدا ڪري ڇڏي ٿي.“
عام
طرح اڄڪلهه ائين چوڻ ۾ اچي ٿو ته عوام لاءِ
اقتصادي مسئلو، بنسبت مذهبي ۽ پنگتي نظرين جي
زياده اهميت رکي ٿو ۽ انهيءَ مسئلي کي پوريءَ طرح
سان سلجهائڻ سان فرقيوار سوال ازخود ختم ٿي ويندا.
ليڪن سماج جي موجوده ذهني ۽ پنگتي پست حاليءَ ۾
انهيءَ مسئلي جو ترت حل نظر ڪو نه ٿو اچي.
”جيڪڏهن اسان جو آخري مقصد هڪ آزاد ۽ ترقي يافته
متحد قوم بنائڻ جو آهي ته ان جو بهتر ذريعو هي آهي
ته هندن ۽ مسلمانن کي سندن اڪثريت وارين ايراضين ۾
سندن ڪلچر، فلاسافي ۽ روايت جي مدنظر ترقي ڪرڻ
لاءِ مناسب موقعا ۽ سهولتون ملڻ گهرجن، ته پوءِ
اڳتي هلي هو خوشنما مرڪب جو مجموعو بنجي پوندا.
ليڪن ڪو به عارضي ۽ زبردستيءَ جو مڙهيل اتحاد نه
صرف کين قبول نه پوندو، بلڪه ردعمل پيدا ڪري منجهن
زياده اختلاف پيدا ڪندو.“
(ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جا
جي. ايم سيد ڏانهن خط. ڇاپو پهريون، جنوري 1969ع،
ص 148- 155 تائين. ان شاهڪار کي محترم جي. ايم.
سيد انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندي، نوٽ لکيو
آهي: ”3- مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان
جي ٺهراءُ پيش ڪرڻ وقت تقرير ڪرڻ لاءِ کين عرض ڪيو
هوم- جنهن لاءِ پاڻ اهو مواد مون کي ڏنائون.“) |