”انور“ هالائي
قائد
اعظم جي پاڪستان لاءِ جدوجهد
نوٽ:
پاڪستان جي قيام ۽ بقا لاءِ جيڪا قائد اعظم
جدوجهد ڪئي آهي، ان جي تاريخ ساز انقلاب کان ڪوبه
انڪار ڪري نٿو سگهي. قائد اعظم پنهنجي سياسي فراست
۽ تدبر سان برصغير جي سياسي رخ کي موڙڻ ۾ ڪاميابي
حاصل ڪري انساني تاريخ ۾ هڪ نئون اضافو ڪيو آهي.
هن
جامع ۽ دلڪش تحرير ۾ متحرم انور هالائيءَ پاڪستان
جي بانيءَ جي جدوجهد کي نهايت سهڻي انداز ۾ قلمنبد
ڪيو آهي. اميد آهي ته هي مضمون ’مهراڻ‘ جي ناظرين
ڪرام لاءِ هڪ معلومات افزا شاهڪار ثابت ٿيندو. –غ.
م. گ
**
ايشيا دنيا جي قديم تاريخ جو اهو کنڊ آهي، جنهن جا
ڌرم ۽ مذهب، تهذيب ۽ تمدن، صنعت ۽ حرفت، فن ۽
ڪاريگري هر دور ۾ نه رڳو نمايا پئي رهيا آهن، پر
انهن جي پس منظر ۾ اهڙائي قصا ۽ داستان آهن، جن
تان اڄ تائين به لٽ نه لاٿي ويئي آهي، جيتوڻيڪ
تاريخدانن انهن داستانن کي منظر عام تي آڻڻ ۾ وسان
ڪين گهٽايو آهي.
ايشيا، نه رڳو رموز و عجائب جي ڌرتي آهي پر ان جي
گود ۾ اهڙيون اهڙيون شخصيتون پيدا ٿيون، جن ۾
جدوجهد ۽ عمل جي اجراڻ اڄ به دنيا جي تاريخ کي
روشن بڻايو بيٺي آهي. سنڌ به ان ايشيا جو ئي حصو
آهي، جتي قائد اعظم محمد علي جناح جهڙي عظيم شخصيت
جنم ورتو ، جنهن جي عملي جدوجهد جي ڪري، دنيا جي
تاريخ ۾ هڪ اهڙي نئين مملڪت وجود ۾ آئي،جنهن جو
نظريو سڄيءَ دنيا کان جدا گانه هو، جنهن جي فڪري
بلندين کي دنيا وارا اڄ به سمجهي نه سگهيا آهن ته
ڪيئن دنيا جي گولي تي هڪ نئين ملڪ جون حدون نمودار
ٿي ويون.
قائد
اعظم محمد علي جناح پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به
پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار ۾ رياءَ ۽ ڏيکاءُ پيدا ڪرڻ
جي ڪوشش نه ڪئي. جيئن اڪثر ڪري گهڻا-تڻا اڳواڻ ٻين
کي متاثر ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا آهن، قائد اعظم لاءِ
سندس سياسي مقصد ۽ نصب العين ئي سڀڪجهه هو، هو
پنهنجي شخصيت يا ذاتي زندگي کي ڪڏهن به عوامي نقطه
نطر جي مقابلي ۾ اهم نه سمجهندو هو ۽ هن سدائين
پنهنجي سياسيءَ زندگيءَ کي شعبده بازيءَ کان پاڪ
رکيو. جڏهن هو هندوستان جي مسلمانن کي منظم ڪرڻ
لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو، تڏهن کيس عوامي تائيد ۽
پٺڀرائيءَ جي سخت ضرورت هئي، پر هن ڪڏهن به ڪنهن
عملي ڪم جي صلي ۾ ’زنده باد‘ جي تمنا ڪانه رکي، ۽
نڪي ماڻهن جي واتان تعريفي گيت يا واهه واهه ٻڌڻ
لاءِ ڪو آتو هو.
قائد
اعظم پهريائين ته هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ئي پيلٽ
فارم تي آڻي ڪم ڪرڻ جو قائل هو ۽ ڪم ڪندو رهيو، پر
جڏهن هندن جي چالاڪيءَ جي خبر پيس تڏهن ورهاڱي
واري مطالبي کان سواءِ ڪوبه چارو نظر ڪونه آيس ۽
ان تحريڪ کي نيٺ ڪاميابيءَ سان منزل تائين
پهچايائين. هر دور ۽ هر صورت ۾ هو پنهنجي ضمير جي
آواز موجب ۽ پنهنجي قول ۽ عمل جي روشنيءَ ۾ پنهنجي
سياسي نظريي جون حدون مقرر ڪندو آيو. جيڪي سندس دل
۾ هو، اهو زبان تي آڻيندو رهيو، نه ڪڏهن دوستن ۽
ساٿين جي ساراهه ۽ ثنا تي خوش ٿيو، نڪي مخالفن جي
تنقيدن تي ڪاوڙيو ۽ نڪي حاسدن جي فتني ۽ حسد تي
دلشڪسته ٿيو، نه ڪنهن عهدي يا ڪرسيءَ جي آڇ مٿس
اثرانداز ٿي سگهي، نڪا کيس ڪا ڌمڪي لوڏي سگهي. اها
حقيقت اهي ته اهڙي مدبر ۽ اعليٰ شخصي اڳواڻ جي
سياست ۾ ڪنهن به ٺڳي يا فرضي قصي ۽ ڪهاڻيءَ جي
ڪابه گنجائش نه هوندي آهي.
هندستان ۾ انگريزي حڪومت جو آغاز ارڙهين صديءَ ۾
ڪلائيو جي جنگي فريب سان شروع ٿيو ۽ هڪ سئو سالن
اندر انگريزي راڄ سڄي ملڪ تي ڇانئجي ويو. 1843ع ۾
سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي. 1849ع ۾ پنجاب ۾ سکن
جي حڪومت تباهه ٿي ويئي. 1859ع ۾ اوڌ تي انگريزي
راڄ قائم ٿيو، ان ئي سال لارڊ ڪيننگ، لنڊن کان
دهلي ايندي ايندي اعلان ڪيو ته:
”منهنجي خواهش آهي ته منهنجي دور حڪومت ۾ امن امان
قائم رهي، پر مون کي ان خطري جو پورو پورو احساس
آهي ته هندستان جي صاف ۽ خاموش سياسي آسمان تي ڪو
اهڙو ڪڪر به اچي سگهي ٿو، جو ڀلي هٿ جي تريءَ کان
وڏو نه به هجي، پر نيٺ وڌي سڄي آسمان تي ڇائنجي
ويندو ۽ اسان جي حڪومت ناس ڪري ڇڏيندو.“
اها
پيش گوئي بلڪل سچي ثابت ٿي ۽ هڪ سال اندر بنگال جي
ٽيهه هزار سپاهين بغاوت ڪئي، اهڙيءَ طرح انگريزي
اقتدار جي عروج کان وٺي زوال تائين هر وقت بغاوتون
۽ مخالفتون ٿينديون رهيون، تان جو نيٺ انگريزن کي
هندستان ورهائي مقامي رهاڪن جي حوالي ڪري ملڪ ڇڏي
ڀڄڻو پيو.
مسلم
ليگ جو قيام، هندستاني مسلمانن جي سياسي حقن کي
حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين باب جو آغاز هو، جنهن ۾ هنن
پنهنجي سياسي زندگيءَ جي جوڙجڪ ڪئي هئي. حالانڪ
محمد علي جناح ان دور ۾ به ڪانگريس جو سرگرم ليڊر
هو ۽ هن جي ذهن ۾ اهائي ڳالهه هئي ته هندو ۽
مسلمان گڏ هن ملڪ ۾ رهي سگهن ٿا.
ڊسمبر 1907ع ۾ سورت ۾ جيڪو ڪانگريس جو اجلاس ٿيو،
ان ۾ انتها پسند ۽ اعتدال پسند طبقن جي وچ ۾ هڪ
وڏو ٽڪر ٿيو، آزمائي آزمائي نيٺ 1913ع ۾ قائد اعظم
مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ هڪ اجلاس ۾ شريڪ ٿي، ولوله
انگيز تقرير ڪئي.
مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جو جيتوڻيڪ مقصد هڪ ئي هو، پر
ڪانگريس جي جارحانه حرڪتن سبب ان ڳالهه جو ثبوت
ملي ويو ته هن هندستان ۾ ”رام راڄ“ قائم ڪرڻ ٿي
گهريو. مسلم ليگ جي ليڊرن، ڪانگريس جي ان روش کي
پنهنجي قوم لاءِ نهايت نازڪ ۽ هاڃيڪار محسوس ڪيو،
هن سلسلي ۾ ’پرسيول گرفٿز‘ لکي ٿو:
”مسلم ليگ جي قيام مان اهو ئي تاثر پيدا ٿئي ٿو ته
مسلمانن جي دلين ۾ اهو خيال پختو ٿي ويو آهي، ته
هنن جو سياسي مفاد، هندن کان بلڪل جدا آهي، ۽ اڳتي
هلي ٻنهي قومن جو گڏجڻ ناممڪن آهي. حالانڪ
فلسفيانه نقطه نگاه کان اها ڳالهه ڏاڍي افسوسناڪ
آهي، ته هندو ۽ مسلمان پاڻ کي جدا جدا قومون سڏڻ
لڳا، پر اها ڳالهه سياستدانن جي خيال موجب ملڪ
لاءِ ڪا نقصان ڪار نه هئي“(1)
قائد
اعظم ان دور ۾ پارليامينٽ جي ميمبر جي حيثيت سان
هندوستاني مسلمانن جي ترجماني ڪندي، جيڪي ڪارناما
سرانجام ڏنا، اهي اڳتي هلي سندس ڪاميابين لاءِ وڏو
بنياد بڻيا.
1930ع کان 1935ع جي وچ وارو عرصو، ننڍي کنڊ جي
مسلمانن لاءِ ڏاڍو نازڪ هو، ڇاڪاڻ ته قائد اعظم
هندوستان جي سياست ۽ڪانگريس جي طرز عمل کان کٽو
ٿي، انگلينڊ وڃي رهيو ۽ اتي پروي ڪائونسل جا ڪيس
کڻڻ لڳو. 1939ع ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ راجا
حاصب محمود آباد به گذاري ويو ٻئي طرف اها حالت
هئي، جو مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن ،دين ۽ ايمان،
جان ۽ مال سخت خطري ۾ هئا. ڪٽر ڪانگريسي کليءَ طرح
ميدان ۾ اچي چڪا هئا ۽ سندن اڳواڻ ’رام راڄ‘ جي
خوابن کي حقيقت بنائڻ تي ڪمرڪشي بيٺا هئا. انهن
ڳالهين باغيرت هندوستاني مسلمانن کي ڳڻتي ۾ وجهي
ڇڏيو هو، هو ان ئي فڪر ۾ غلطان هئا ته ننڍي کنڊ جي
اٺ ڪروڙ مسلمانن جو آخرو ڪهڙو حشر ٿيندو؟
قائد
اعظم جي ان دور جي تقريرن ۽ تحريرن ۾ سندس جذباتي
ڪيفيت جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نظر ايندو، ان هوندي
به اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ان سياسي دور
۾ گهڻي قدر خوش ۽ مطئمن هو. اهو زبردست جدوجهد جو
دور هو،جنهن ۾ هن سڄي ملڪ جو دورو ڪيو، ۽ ڪنڊ ڪڙڇ
۾ پهچي تقريرون ڪيائين.
سيپٽمبر 1939ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي، ان وقت
پنڊت جواهر لعل نهروءَ انگريزن تي زور آندو ته هو
اهو اعلان ڪن ته هندوستان کي هڪ آزاد قوم تصور ڪن
ٿا ۽ هندستان کي گهڻي کان گهڻي خودمختياري ڏين. ان
سلسلي ۾ دڙڪي طور ڪانگريسي وزارتن سڀني صوبن مان
استعيفائون ڏنيون ۽ هنن اهو به واضح ڪيو ته جيڪڏهن
هندستان جي آزاديءَ جو اعلان يڪدم نه ڪيو ويو ته
پوءِ ڪانگريس جنگ ۾ انگريزن سان ڪو به تعاون نه
ڪندي. قائد اعظم ان موقعي تي، مسلمانن کي حڪم ڏنو
ته هو 22 ڊسمبر 1939ع تي سڄي ملڪ ۾ ’يوم نجات‘
ملهائين ۽ ان تي شڪرانه بجا آڻين ته ڪانگريسي دور
حڪومت ختم ٿي ويو. ’يوم نجات‘ ڏاڍو ڪامياب ويو ۽
اها تحريڪ ڪانگريسين لاءِ هڪ اهڙو ڪاپاري ڌڪ
هو،جنهن سندن سڀني ادارن ۽ مقصدن کي منتشر ۽
پائمال ڪري ڇڏيو.
1940ع جو سال هندستاني مسلمانن جي سياست ۾ نهايت
مکيه ۽ انقلابي سال هو، جڏهن 23 مارچ 1940ع تي
لاهور ۾ هڪ آزاد مسلمان حڪومت جو مطالبو ڪيو ويو ۽
اهو قائد اعظم جو وڏو ڪارنامو هو. ان کان اڳ لنڊن
جي هڪ هفتي وار اخبار ”ٽائيم اينڊ ٽائيڊ“ هڪ مضمون
لکيو، جنهن ۾ هندوستاني حالتن جو جائزو ورتو ويو.
ان ۾ لکيو ويو:
”هندستان ۾ ڪيتريون ئي قومون رهن ٿيون، جن مان
گهڻيو تڻيون قومون پنهنجي رسمن، رواجن ۽ روايتن
مطابق، هڪ ٻئي کان اهڙيءَ طرح جدا جدا آهن، جيئن
يورپ جون قومون.
هن
ملڪ جا ٻه حصا هندو مذهب جا پيرو آهن ۽ اٽڪل پوڻا
اٺ ڪروڙ مسلمان آهن. هنن ٻنهي فرقن جو پاڻ ۾
اختلاف رڳو مذهبي معاملن تائين محدود ڪونهي، پر
انهن جو تمدن ۽ قانون به هڪ ٻئي کان جدا آهي،
جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته هندو ۽ مسلمان، ٻن جداد
جدا تهذيبن جا آئينه دار آهن، ته بلڪل بجا ٿيندو،
هندو مذهب ۽ سماج جو بنيادي اصول ذات جو فرق آهي،
اهو ئي سبب آهي جو انهن جو يورپي تعلقاتن ۽ لاڳاپن
تي ڪو خاص اثر ڪونه پيو آهي، ان جي برعڪس انساني
مساوات جو تصور اسلامي فلسفي ۾ هڪ بنيادي اصول جي
حيثيت رکي ٿو.“(1)
هن
مضمون شايع ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن به قائداعظم هندستان
کي هندن ۽ مسلمانن جو گڏيل وطن ڪونه ڪوٺيو. ٻن
هفتن کانپوءِ لاهور ۾ ’قرارداد پاڪستان‘ جو تاريخي
مطالبو پيش ڪيو ويو، ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ مشهور
انگريز مصنف ”پرسيول گرفٿز“ قائد اعظم سان ڳالهه
ٻولهه بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته:
”قائد اعظم محمد علي جناح نهايت معقول ۽ موثر
نموني ۾ ٻن قومن جي نظريه جي وضاحت ڪئي، جنهن انهن
سڀني اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪي مخالفن جي نظر
۾ اهم هئا.“
قائد
اعظم ۾ هن ڳالهه جي غير معمولي صلاحيت هئي ته هو
جڏهن به ڪنهن واضح تصور کي قبول ڪندو هو تڏهن ان
تي قائم رهندو هو ۽ ان کي عملي جامي پارائڻ جي
سلسلي ۾ تڪليفن ۽رڪاوٽن جو ذرو به خيال نه ڪندو
هو، ان مستحڪم ارادي ۾ ئي سندس طاقت ۽ اعتماد جو
راز
لڪل هو. اٽڪل پنجاهه سالن تائين قائد اعظم
هندوستان جي قومي اتحاد لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽
ان اتحاد کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي جدوجهد ڪئي.
”قرارداد پاڪستان“ قائد اعظم جو هڪ اهڙو سونهري
ڪارنامو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو
سگهجي. ان ئي سال هندستاني مسلمانن پنهنجي هن قائد
جي سالگرهه نهايت شاندار نموني سان ملهائي. ان
سال 25 ڊسمبر 1940ع تي قائد اعظم جي عمر جا چوهٺ
سال پورا ٿيا هئا. قرار داد پاڪستان تان دستبردار
ٿيڻ لاءِ قائداعظم تي انگريزن ڏاڍا زوربار وڌا، پر
هي مرد مجاهد پنهنجي فيصلن تان رتيءَ جيترو به نه
هٽيو. 1941ع جو سال قائد اعظم لاءِ سياسي آزمائش
جو سال هو. ان سال هندستان جي وائيسراءِ، انهن
مسلمانن کي قومي دفائي ڪائونسل ۾ شامل ڪيو، جيڪي
ان وقت صوبائي وزارتن جا اڳواڻ هئا. اهو قدم جيئن
ته مسلم اڳواڻن جي مشوري کان سواءِ کنيو ويو هو،ان
ڪري قائد اعظم انهن سڀني وزيرن کي هدايت ڪئي، ته
ڪائونسل جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏين.(1)
مارچ
1946ع ۾ انگلينڊ جو هڪ سياستدان اسٽيفورڊ ڪرپس نون
قانوني سڌارن جي هڪ تجويز کڻي آيو، جنهن ۾ هن
پاڪستان جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو ۽ نه ڪي ان ۾ هندستان
جي آزاديءَ جو ذڪر ڪيو هئائين.
آگسٽ
1942ع ۾ مسٽر گانڌيءَ ’هندستان ڇڏيو‘ جي تحريڪ
شروع ڪئي، ۽ اها تحريڪ قائداعظم محمد علي جناح
جهڙي امن پسند ماڻهوءَ کي ڏاڍي ڏکي لڳي. ان وقت
ڪانگريس ڪن غدار مسلمانن کي خريد ڪري اهڙو زور بار
آندو جو قائد اعظم وٽ روزانو سوين خط ۽ تارون
اينديون هيون جن جو مضمون اهو ئي هوندو هو ته ”تو
انگريزن خلاف
ڪانگريس سان ساٿ نه ڏيئي قوم سان غداري ڪئي آهي.“
انهيءَ دور ۾ بمبيءَ ۾ رفيق صابر نالي هڪ شخص
قائد اعظم تي حملو ڪيو، پر هو خدا جي فضل سان بچي
ويو.
هڪ
انگريز مصنف بيرولي نڪولس پنهنجي ڪتاب ” هندستان
جو جائزو“ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ باب
لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي”هڪ ديوزادي سان
ملاقات“ جنهن ۾ لکي ٿو ته :
”محمد علي جناح اڄ ايشيا جو سڀ کان عظيم شخص آهي.
هن ۽ هڪ هندو سياستدان ۾ اهو فرق آهي جئين هڪ قابل
جراح ۽ جاهل ٽوٽڪائيءَ جي وچ ۾ هوندو آهي.
ٽوٽڪائيءَ جو علاج ڌُڪن تي هوندو آهي، پر جراح
وانگر قائد اعظم جناح جون تجويزون ٿوريون ڏکيون
هونديون آهن، پر انهن سان مرض جو علاج پوريءَ طرح
ڪري سگهجي ٿو.“
1942ع کان 1945ع تائين وارو دور، قائد اعظم لاءِ
ڏاڍو آزمائش ۽ صبر آزما هو. ان دور ۾ هن هندو
ليڊرن کي ڪيئن پاڪستان لاءِ آماده ڪيو، اهو رڳو
قائد اعظم جو نجي ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ اڄ به
دنيا جا وڏا وڏا ليڊر ۽ سياستدان انگشت بدندان
آهن.
مئي
1945ع ۾ يورپ ۾ جنگ ختم ٿي، ان وقت لارڊ ويول،
هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سياسي ٺاهه لاءِ شملا
ڪانفرنس گهرائي، پر اها ڪانفرنس به هندن جي تعصبي
حالتن جي ڪري ڪامياب نه ٿي سگهي. ان وچ ۾ جنگ به
بند ٿي ويئي ۽ انگريزن جي ليبر پارٽي چونڊن ۾ کٽي
ويئي، جنهن هندستان ۾ به عام چونڊون ڪرايون.
1946ع ۾ جيڪي هندستان ۾ چونڊون ٿيون، انهن ۾ مسلم
ليگ نه رڳو مرڪز ۾ پر گهڻو ڪري سڀني صوبن ۾ زبردست
ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو محمد علي جناح جي سياسي
زندگيءَ جو شاندار ۽ ڪامياب ڪارنامو هو، جنهن مان
ثابت ٿي ويو ته جيڪي مطالبا انهن هندستاني مسلمانن
جي تحفظ لاءِ ڪيا هئا، تن کي مسلمانن جي هڪ وڏي
اڪثريت جي تائيد ۽ حمايت حاصل آهي.
مارچ
1946ع ۾ انگلينڊ مان هڪ نئي مصالحتي مشن آئي ۽ 5
مئي تي شملي ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ٿي پر اها به بُري
طرح ناڪام ويئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ گهڻيون تڻيون رٿون
۽ تجويزون اهي ئي هيون جيڪي اڳي پيش ٿي چڪيون
هيون، ۽ رد ٿي چڪيون هيون. انهن تجويزن ۾ هندستان
کي ٽن ٽڪرن ۾ ورهايو ٿي ويو. هڪ ۾ مدراس، بمبئي،
اتر وچ وارا گڏيل صوبا، بهار ۽ اوڙيسا؛ هنن ۾ هندن
جي گهڻائي هئي. ٻئي ۾ پنجاب، صوبه سرحد ۽ سنڌ؛ هنن
۾ مسلمانن جي گهڻائي هئي. ٽئين ۾ بنگال ۽ آسام، هن
۾ به مسلمانن جي گهڻائي هئي. پر ڇاڪاڻ ته ڪانگريس
کي ڦڏو ڪرڻو هو، ان ڪري قائداعظم نهايت بردباريءَ
سان انگريزن جي تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو. جڏهين
سڌيءَ طرح انگريزن ۽ قائد اعظم جو سياسي ٽڪراءُ
ٿيو، تڏهن ڪانگريس انهن تجويزن کي قبولڻ تي آمادگي
ظاهر ڪئي. اهڙيءَ طرح 2 سيپٽمبر 1946ع تي ڪانگريس
جي نامزد عبوري حڪومت قسم کنيو ۽ مسلم ليگ ان
ڏينهن تي ”يوم احتجاج“ ملهايو ۽ اهو خاموش پر منظم
احتجاج هڪ تاريخي احتجاج بنجي ويو. قائد اعظم کان
وٺي غريب هاريءَ جي گهر تائين، سڀني ڪارا جهنڊا
چاڙهيا.
آڪٽوبر جي شروع ۾ قائد اعظم ۽ وائسراءِ جي وچ ۾
ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ آخر هُو عبوري حڪومت ۾ شامل ٿيڻ
تي راضي ٿيو. پنج مسلمان وزير مقرر ٿيا، جن جو
اڳواڻ مرحوم لياقت علي خان هو. پرڪانگريس جي
متعصبانه رويي جي ڪري، مسلم ليگ دستور ساز
اسيمبليءَ جي اجلاس منعقد 9 ڊسمبر 1946ع جو
بائيڪاٽ ڪيو. قائد اعظم ان وقت لنڊن ۾ هو ۽
برطانيه گورنمينٽ سان پاڪستان جي اهميت متعلق
ڳالهيون ڪندو رهيو. آخر ڪار مسٽر ايٽلي برطانيه جي
وزيراعظم فيصلو ڏنو ته 15-آگسٽ 1947ع تائين
هندستان جو ورهاڱو ڪيو وڃي ۽ ان جي حڪومت جون
واڳون اتي جي رهاڪن کي ڏنيون وڃن. ان تاريخ کان
ڏيهي رياستن تان انگريزي راڄ ختم ٿي چڪو، ان
کانپوءِ انهن رياستن کي ان فيصلي ڪرڻ جو حق ڏنل هو
ته هو هندستان ۾ شامل ٿين يا پاڪستان ۾ يا بلڪل
آزاد ٿي رهن.
مسلم
قوم جي نظريه موجب پاڪستان جو قائم ٿيڻ اڄوڪي دور
جو اهم ترين انقلاب آهي. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي
تشڪيل مسلم قومي نظريه مطابق يورپ ۽ اهل مغرب لاءِ
هڪ کليل چئلينج ثابت ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو سڄي دنيا جي
اصول اجتماع ۽ معاشري جي اجتماعي حيثيت کان انڪار
آهي. ڇا لاءِ ته مسلمانن، مذهبي بنياد کان سواءِ
ٻي هر شيءَ کي قابل توجهه نه قرار ڏنو. اهڙيءَ طرح
قائد اعظم دور حاضره جو سڀ کان وڏو انقلابي ليڊر
ٿي ثابت ٿيو.
تاريخ شاهد آهي ته جڏهين انساني فطرت ڪنهن نئين
رخ، نئين موڙ ڏانهن توجهه ڪندي آهي تڏهن هوءَ اهڙي
قسم جو ئي انقلاب پيدا ڪندي آهي. قائد اعظم جو هي
پاڪستان به ان انساني فطرت جي عين تقاضا مطابق
آهي.
”اسين جيترو جلد پاڻ کي نئين تقاضائن سان ٺهڪائي
سگهون ۽ جيترو جلد اسان جي خيال جون نظرون اُفق جي
ٻئي پار انهن لامحدود ترقيءَ جي امڪانن کي ڏسي
وٺن،جيڪي اسان جي قوم ۽ ملڪ لاءِ موجود آهن، اوترو
پاڪستان لاءِ بهتر ٿيندو. ۽ فقط انهيءَ ئي حالت ۾
اسان لاءِ ممڪن ٿي سگهندو ته اسين انساني ترقي،
سماجي انصاف، مساوات ۽ اخوت جي انهن اصولن کي عمل
۾ آڻي سگهون، جن جي خاطر پاڪستان وجود ۾ آيو هو؛ ۽
اسين فقط انهيءَ ئي حالت ۾ پنهنجي ملڪ اندر هڪ
مثالي سماجي نظام قائم ڪرڻ جي لامحدود امڪانن کي
عملي جامو پهرائي سگهنداسين......“
قائداعظم محمد علي جناح
|