ان
تقرير کي مولانا مظهر الدين ايڊيٽر ”الامان“
دهليءَ واري، هن سرخيءَ سان شايع ڪيو ”مولانا حڪيم
الامت ٿانويءَ جي روحانيت جو تاثير ۽ قائد اعظم جي
تقرير“ ان کان پوءِ جناح صاحب کي عرض ڪيو ويو ته
سڀاڻي باجماعت نماز پڙهي وڃي ۽ ان ۾ اوهان جي شرڪت
به هئڻ گهرجي. پاڻ جواب ڏنائين ته ان تي مبادا ڪو
اختلاف پيدا ٿئي ته امام سني هجي يا شيعو هجي،
ديوبندي هجي يا ڪو ٻيو هجي. اسان چيو ته اوهان اهو
اعلان ڪريو ته اسان سڀ باجماعت نماز ادا ڪنداسون.
چنانچه ائين ئي ٿيو، ٻپهريءَ جي نماز لاءِ اجلاس
ملتوي ٿيو ۽ شهر جي قاضيءَ امامت ڪئي ۽ قائداعظم
به نماز ادا ڪئي، جماعت جو انداز هڪ لک کان گهڻو
هو.“
حضرت
ٿانويءَ جي بيان جو متن:
ٻئي
ڏينهن حضرت ٿانويءَ جو اهو بيان مولانا ظفر احمد
عثمانيءَ پڙهيو، جو سياسي، تاريخي ۽ ديني حيثيت
سان هڪ علمي شاهڪار آهي. اهو بيان هن ريت آهي.
”حضرات! هن وقت هندستان جي مسلمانن جي جيڪا حالت
آهي ۽ مسلمان جن مسئلن ۽ مشڪلاتن مان گذري رهيا
آهن، تن کان اهل خبر چڱيءَ طرح واقف آهن. خدا جو
شڪر آهي جو عام طرح سان مسلمانن جا احساسات بيدار
ٿي چڪا آهن. مشڪلاتن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ، ليگ جي
مدبرن ڪجهه عملي طريقا ۽ اسباب به پيدا ڪيا آهن.
مسرت جو مقام اهو آهي ته هو ڪجهه ڪامياب به ٿي
رهيا آهن. اهو ان حقيقت جو دليل آهي ته اتفاق سان
سندن پهريون قدم صحيح رستي تي آيو آهي، غلط رستي
تي سندن قدم ناهي. مان ائين نه ٿو چئي سگهان ته
اهو صحيح قدم قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ اختيار ڪيو
ويو آهي. بهرحال جا به صورت پيدا ٿي آهي، ان لاءِ
اوهان سڀ مبارڪ جا مستحق آهيو.
”اوهان جو پهريون قدم جداگانه تنظيم متعلق آهي،
جنهن جي اڄڪلهه سخت ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. ڪنهن
به عقل واري وٽ ان کان انڪار ڪرڻ جي گنجائش ناهي،
ڇو ته عقلي توڙي نقلي طور تي، هي مسئلو پنهنجي
جاءِ تي ثابت ٿي چڪو آهي ته جا قوم پنهنجي مستقبل
تنظيم نه ٿي قائم ڪري سگهي، سا دنيا ۾ زندهه رهي
نه ٿي سگهي. بلڪه ٻين قومن ۾ جذب ٿي ڪاالعدم ٿي
وڃي ٿي. مسلمانن کي پنهنجي علحيده ۽ آزاد تنظيم
هئڻ گهرجي، باقي غير اسلامي جهنڊي هيٺ جا مشترڪ
تنظيم ٿئي ٿي، اها مسلمانن لاءِ مفيد نه سمجهڻ
گهرجي. ان ۾ فقط اڪثريت کي ئي فائدو پهچي سگهي ٿو.
اقليتن کي ان مان ڪوبه فائدو نه ٿو پهچي سگهي.
چنانچه ليگ وارن نهايت دانشوريءَ کان ڪم ورتو آهي،
جو انهن مسلمانن جي تنظيم جو علحده نظام قائم ڪيو
آهي. ان کان بعد ئي کين ”مشترڪه تنظيم“ مان فائدو
پهچي سگهي ٿو، ورنه هو هميشه ٻين جا حاشيه بردار
بنجي ويندا ۽ ٻين جي رحم ڪرم تي محتاج ۽ مجبور
بنجي ويندا ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ اڪثريت ۾ فنا ٿي
ويندا.
”هيءَ اها چيز آهي، جنهن کي قرآن ”جندنا“ لفظ سان
اشاري طور بيان ڪيو آهي، جڏهن ته ”جند“ لشڪرکي
چئجي ٿو ۽ لشڪر اجتماعي شان سان بنيو آهي. انفرادي
حالت ۾ ڪنهن به قوم جو تعداد کڻي ڪيترو ئي هجي، ان
کي ”لشڪر“ نه ٿو چئي سگهجي ۽ الله جو شڪر اهو آهي
جو الله جي نالي تي منظم ڪيو وڃي. وطن پرستي ۽ قوم
پرستي جي موجوده دور واري بي معنيٰ نالي تي جا
تنظيم ٺاهي وڃي ٿي، اها فقط شاندار دعوائن تائين
محدود رهجي وڃي ٿي، ان ۾ عمل جي ڪا صلاحيت نه ٿي
پيدا ٿئي. هي پهريون قدم هو جو مسلمانن ليگ جي
دعوت تي صحيحون ڪيون آهن.
”ان
کان پوءِ ٻيو قدم اهو کڻڻ گهرجي، جنهن ۾ قرآن جي
هدايتن تي عمل رکيو وڃي. رسول الله ﷺ جي عمل ۽
اسوه حسنه کي پنهنجي سامهون رکيو وڃي. مسلمانن کي
ڪنهن به ٻئي جي اتباع ۽ تقليد جي ڪا ضرورت ناهي.
انهن وٽ پنهنجو سرمايو خود گهر ۾ موجود آهي، جنهن
کي ڪاميابيءَ جو ذريعو سمجهڻ گهرجي. افسوس جو
مسلمان ٻين جي تقليد ۽ اتباع ڪندي ترقي ڪرڻ ٿو
گهري. قرآن ڪريم ۽ رسول ڪريم ﷺ جي اتباع سان ترقي
حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي، حالانڪه ٻين قومن جي
اتباع ڪرڻ سان صرف ڪفر ۽ ڪفار کي ئي فائدو پهچي
سگهي ٿو. اگر مسلمان کي ترقي ڪرڻي آهي ته پوءِ کين
قرآن ۽ اسوه حسنه کي مشعل راهه بنائڻ گهرجي. الله
پاڪ فرمايو آهي ته”اسان جو لشڪر ئي هميشه ڪامياب
رهندو“ هي الله جو واعدو ۽ نهايت مستحڪم واعدو
آهي، جو ڪڏهن به غلط ثابت نه ٿيندو. تاريخ شايد
آهي ته الله جو لشڪر ئي هميشه غالب رهندو آيو آهي.
اگر ڪڏهن ان جي ڪجهه خلاف نتيجو نڪتو آهي ته پوءِ
ياد رکڻ گهرجي ته الله جي لشڪر ۾ ڪا ڪوتاهي هئي.
”ٻيو
قدم هي آهي ته مسلم ليگ کي الله جو لشڪر ٿيڻ
گهرجي، ان کان پوءِ ڪاميابي يقينن کين ئي حاصل
ٿيندي.
”حضرات، اوهان ترقي جا ته ڪيئي ذريعا ٻڌا هوندا،
اوهان مهرباني ڪري ان رستي کي آزمائي به ڏسو.
”ان
قسم جو تجربو اوهان جي اسلاف به هزار سالن کان ڪيو
آهي ۽ ان تي تاريخ شاهد آهي ته هو جيستائين ان
رستي تي قائم رهيا آهن، تيستائين غالب، فاتح ۽
ڪامياب رهيا ۽ جنهن وقت ان رستي تان هٽيا، ان وقت
زوال پذير ٿي، اهڙيءَ حالت کي پهتا، جا حالت اڄ
ڪلهه اسان ۽ اوهان جي سامهون آهي. ته ڇا اسان کي
ماضيءَ ڏانهن رجوع ڪرڻ لاءِ اڃا ڪنهن ٻيءَ حالت جو
انتظار آهي؟ والله ـــ اوهان پنهنجي حال تي ڪو رحم
ڪيو ۽ اجايو غلط رستن تي هلي، پاڻ کي تخته مشق نه
بنايو!“
(طلوع اسلام دهلي، فيبروري 1939ع، ص 65 ـــ 67)
آرمي
بل:
1938ع ۾ ٻي جنگ عظيم جا بادل پوري دنيا تي ڇانئجي
ويا. هٽلر جي فوجي جارحيت ساري انسان ذات کي
پريشان ڪري ڇڏيو. حڪومت هند کي به خطرو محسوس ٿيڻ
لڳو. انگريز فيصلو ڪيو ته اگر يورپ ۾ جنگ شروع ٿي
ته پوءِ هندستان ۾ فوجي ڀرتي جو ڪم نهايت وسيع
پيماني تي ڪرڻو پوندو.
ان
بل جي حمايت مسلم ليگ ڪئي ۽ 15- آگسٽ 1938ع تي
حڪومت هند ان متعلق بل پيش ڪيو. ان جي تائيد
قائداعظم، مولانا شوڪت علي، مولوي غلا م بيک نيرنگ
۽ مولانا ظفر علي خان به ڪئي. ان جي برعڪس ڪانگريس
سخت مخالفت ڪئي. ڪانفريس جو مقصد فقط اهو هو ته
مسلمانن کي فوج ۾ ڀرتي نه ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ ته
هندوستان جي فوج ۾ مسلمان اڳ ۾ ئي گهڻا آهن.
ان
دور ۾ حڪومت برطانيه پاران هڪ ڪميشن تشڪيل ڏني
ويئي، جنهن کي چيو ويو ته هو ”فوج“ جي نئين تنظيم
لاءِ رپورٽ پيش ڪري. اها ڪميشن نومبر 1938ع تي
بمبئي ۾ آئي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ان جي سخت مخالفت
ڪئي ۽ بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو.
ان
ڪميٽيءَ جي صدر لارڊ چٽفسيلڊ لکي ٿو ته ”اسان جڏهن
بمبيءِ ۾ پهتاسون تڏهن اتي جي گورنر ٻڌايو ته صوبي
جا ٻه وزير اوهان سان ملڻ گهرن ٿا. مون هائوڪار
ڪئي. مون سان وزير بي. جي کير ۽ ڪي ايم منشي مليا.
انهن مون وٽ شڪايت ڪئي ته:
”هي
ڪهڙو انڌير آهي، جو اوهان هندوستاني فوج ۾ مسلمانن
کي نهايت ڪثرت سان ڀرتي ڪري رهيا آهيو، جي يورپ ۾
هٽلر سان وڙهندا ـــ ڇا هندو مري ويا آهن ڇا؟“
(هماري قومي جدوجهد ص 49)
ان
بل جي مخالفت مان ڪانگريس جو مقصد اهو هو ته
مسلمانن کي فوج ۾ اڳي ئي ڪافي حصو مليل آهي، ان
ڪري کين وڌيڪ ڀرتي نه ڪرڻ گهرجي، جيئن مسلمانن جو
انداز مرهٽن، سکن، راجپوتن ۽ ٻين رياستي هندن تي
مشتمل فوج کان گهٽ رهي. ٻيو مقصد اهو هو ته هندو
مسلم فسادن، هندوستان جي اقليتن ۽ اڇوت قومن کي
هيسائڻ ۽ دٻائڻ لاءِ، هندن جو فوج ۾ انداز زياده
هئڻ گهرجي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اڇوت ليڊرن جي
تقاضائن کي نظرانداز ڪندي، ڪانگريس عجيب پاليسيءَ
تي عمل ڪري رهي هئي. هڪ ته ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ کين
”هندن“ ۾ شمار ڪيو ٿي ويو، پر فوج جي ڀرتيءَ وقت
کين ائين چئي نظرانداز ڪيو ٿي ويو ته هي جنگ جي فن
سان وابسته ناهن. فوج ۾ فقط ”کتري“ هندو ڀرتي ٿي
سگهن ٿا ۽ ان سان گڏ مرهٽا، سک ۽ راجپوت. مطلب هي
آهي ته ڪانگريس اهو نه ٿي چاهيو ته مسلمان اقليت
وارا، توڙي اڇوت اقليت وارا، جي مسلمانن کان به
گهڻا هئا، تن کي فوج ۾ ايترو نمايان حصو ملي سگهي،
جيئن اڳتي هلي نه ڪو فوجي انقلاب اچي سگهي ۽ نه ڪو
ڪانگريس جي مفاد جي خلاف ڪنهن تحريڪ کي فوجي امداد
حاصل ٿي سگهي. هڪ ڪانگريس هجي، جنهن ۾ هندن جي
اڳيئي ڪثرت آهي ۽ ٻي فوج هجي، جنهن ۾ اڳي ئي هندو
فوج زياده آهي. هن وقت مسلمانن ۽ ٻين فرقن کي فوج
۾ داخل ٿيڻ ڏنو وڃي.
ان
سلسلي ۾ ڪانگريس ايڏي ته وسيع پيماني تي پروپئگنڊا
ڪئي، جو ماڻهو ويساهه ڪري ويٺا ته واقعي ڪانگريس
جو مطالبو ۽ موقف درست آهي!
جناح
صاحب جي تنبيهه:
قائداعظم کان جڏهن ”آرمي بل“ متعلق پڇا ڪئي وئي،
تڏهن انڪشاف ڪيائين ته : ”ڪانگريس فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ
متعلق جا هنگاما آرائي ڪئي آهي، اها محض ڏيکاءُ
آهي. باقي پنهنجن اصلي ارادن ۽ غرضن کي ظاهر ئي نه
ٿي ڪري. مان هي ظاهر ڪرڻ ٿو گهران ته ان بل جو
مقصد ڪنهن فرقه وارانه مسئلي سان ناهي، ۽ نه ڪو ان
جو تعلق خوامخواهه مذهب آهي، ان ڪري مان هن بحث ۾
فرقه پرستيءَ جو ڪو به عنصر داخل ڪرڻ نه ٿو گهران.
تاهم جڏهن مان ڪانگريسي ليڊرن جي تقرين جو ان نقطه
نظر سان تجزيو ڪري ٿو ڏسان، تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته
انهن خاص طرح سان مسلمانن ۽ انهن وانگر اڇوتن کي
پنهنجي جوش بيان جو حدف بڻائي، انهن تي لعنت ملامت
ڪئي آهي، حالانڪه مسلمان ۽ اڇوت، فوج ۾ وڃي ڪو
ڪانگريس سان وڙهڻ نٿا چاهين ۽ نه ڪو ڪانگريس
انگريز سان وڙهڻ ٿي چاهي؛ پاڻ ڪانگريس اندر ئي
اندر انگريز سان هٿ ڏيندي ڪوبه حياءَمحسوس نه ٿي
ڪري. ڪانگريس جا ليڊر ڪڏهن مسلمانن ۽ اڇوتن جي
جذبات کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڪڏهن کين
هيسائڻ ۽ دٻائڻ جي ذليل حرڪت تي لهي آيا آهن. لعنت
۽ ملامت ڪرڻ، گاريون ڏيڻ ۽ ٻين کي مرعوب ڪرڻ، مسلم
ليگ کي تنبيهون ڪرڻ ۽ باقي اڇوت ليڊرن کي غدار ۽
ملڪ دشمن قرار ڏيڻ ته انهن جي روزمره جي عادت ٿي
وئي آهي. باقي سکن، مرهٽن ۽ راجپوتن ۽ رياستي
ماڻهن کي ان ڪري ٿا فوج ۾ وڃڻ کان روڪين جو انهن
جو انداز فوج ۾ اڳ ئي گهڻو آهي.
ڪانگريس وارا اهو ڄاڻن ٿا ته اگر هندو، سکن، مرهٽن
۽ راجپوتن کي ڀرتيءَ جي اجازت ڏني ويندي ته پوءِ
مسلمانن ۽ ٻين اقليتن لاءِ فوج ۾ وڃڻ جو ڪجهه نه
ڪجهه جواز پيدا ٿي پوندو. ان ڪري ئي هو مخالفت
ڪري، سياسي دنيا ۾ حاصل ڪيل اڪثريت وانگر فوج ۾ به
پنهنجي اڪثريت کي قائم رکڻ گهرن ٿا“
ڪانگريس پاران جواب:
جناح
جي ان مدلل تنبيهه جي جواب ۾ ڪانگريس پاران چوڻ
شروع ڪيو ويو ته جناح هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ گهري
ٿو.
1: جناح ڪانگريس کي بدنام ڪري رهيو آهي ته هن
جو اندر اندر انگريز سان سازباز آهي، حالانڪه مسلم
ليگ ئي انگريز جي حامي بنجي چڪي آهي.
2: جناح صاحب نه فقط ڪانگريس، پر پوري ڀارتي
جنتا جي اڪثريت کي ڌڪ هڻي رهيو آهي ۽ اڇوتن ۽ انهن
جي ليڊرن کي مشتعل ڪري، کين برغلائي رهيو آهي ته
ڏسو، ڪانگريس وارا اوهان کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان
روڪي رهيا آهن، جيئن اوهان هميشه ذليل ۽ ڪمزور
رهجي وڃو! اڪثريت هوندي، ڪانگريس جي برهمني گروهه
اڳيان جهڪندا رهو!
3: جناح صاحب، شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪن کي بدنام
ڪري رهيو آهي، جي خالص تبيليغي گروهه آهن. جن جي
ڪوشش سان لکها اڇوت ”شڌ“ ڪري هندو ڌرم ۾ آندا ويا
آهن. جناح اڇوتن ۽ امبيڊڪر کي برغلائي، خوام خواهه
ليگ جي گناهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي
وغيره.
سر
ڪندر حيات خان جو عمل
اها
حقيقت آهي ته هندستاني فوج ۾ سڀ کان زياده حصو
پنجاب جو آهي. سر سڪندر حيات جڏهن ته انگريز پرست
هو ۽ هميشه انگريزن جي حمايت ۾ پنجاب جي سر زمين
کي هموار رکندو ايندو هو ۽ مسلم ليگ جو پڪو دشمن ۽
جناح صاحب جو سخت مخالف هو، تنهن کي انگريز سرڪار
پاران اهو اشارو مليل هو ته پنجاب جي مستقبل جو
تحفظ ان ۾ آهي ته هو گهڻي ۾ گهڻي تعداد فوج ۾ ڀرتي
ڪرائي، ائين ڪرڻ سان هو مسلم ليگ ۽ ان قسم جي ٻين
سياسي جماعتن، مجلس احرار ۽ خاڪسار جي انفرادي قوت
توڙي گڏيل ۽ اتحادي قوت اڳيان هڪ ڏينهن به مقابلي
لاءِ ترسي نه سگهندو. ٻيو ته مستقبل ۾ ايندڙ حالات
کي پيش نظر رکي، پنجاب کي زياده ۾ زياده فوج ۾ حصو
وٺڻ گهرجي. ياد رهي ته اها نه فقط سڪندر حيات خان
کي انگريزن جي هدايت هئي، پر ان کان علاوه علامه
اقبال به اڳتي هلي ان ئي بنياد تي خاص طرح سان
پنجاب ۽ عام طرح سان سرحد ۽ بلوچستان ۽ سنڌ جي
مسلمانن کي صلاح ڏني هئي ته هو جوق در جوق فوج ۾
ڀرتي ٿين ۽ سکن، مرهٽن ۽ راجپوتن کان وڌيڪ پنهنجو
انداز قائم رکن. ان دؤر ۾ بلوچ رجمنٽ، جنهن ۾ فقط
بلوچ ۽ سنڌي ڀرتي ٿيل هئا، تنهن کي انگريز ختم ڪري
ڇڏيو هو، ڇالاءِ ته بلوچ رجمنٽ، انگريز ڪمانڊر جي
انحرافي ڪندي، يورپ جي محاذ تي مسلمان ترڪ فوج سان
ويڙهڻ سان انڪار ڪيو هو، بلڪ انگريز آفيسرن ۽ فوج
تي حملا پڻ ڪيا ويا هئا. نتيجو اهو نڪتو جو بلوچ
رجمنٽ کي انگريزن، ترڪيءَ ۽ عراق ۾ منتشر ڪري ڇڏيو
۽ ڪيترن کي مارائي ڇڏيو. اهي مجبور ۽ معذور، زخمي
۽ ڦٽيل سپاهي ورهين تائين عراق جي اسپتالن ۾ سڙندا
رهيا. انهن جو ڪافي تعداد ته ائين ئي مري کپي ويو.
باقي تمام ٿورا هت زنده پهچي چڪا هئا. چنانچه
انگريز جي باقي دؤر ۾ ’ بلوچ رجمنٽ‘ جو نالو نشان
به نه رهيو. وري به شڪر جو پاڪستان جي قيام سان
دوباره بلوچ رجمنٽ کي قائم ڪيو ويو، جنهن جي
بهادرانه ڪارنامن لاءِ 1965ع واري پاڪ- ڀارت لڙائي
شاهد آهي.
سڪندر حيات جي ڪارنامن ۾ اهو سياهه ڪارنامو اڄ
تائين موجود آهي ته هُن خاڪسارن تي لاهور ۾ گولي
هلائي، هزارين شهيد ڪرائي ڇڏيا ۽ خود مسلم ليگ جي
خصوصي اجلاس تي بندش وڌائين، ايتري قدر جو جناح
صاحب کي به لاهور ۾ اچڻ کان منع ڪئي وئي، پر جناح
صاحب ان امتناعي حڪم کي ٽوڙي لاهور ۾ داخل ٿيو ۽
مسلم ليگ ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين ۽ خاڪسارن تي
گولين هلائڻ تي سرڪندر حيات جي سخت مذمت ڪئي ويئي.
ان
سڪندر حيات، هندستان حڪومت کي هڪ تحريڪ پيش ڪئي ته
هڪ اهڙو قانون منظور هئڻ گهرجي، جنهن موجب ڀرتيءَ
جي مخالفت ڪندڙ کي ٻه سال سخت سزا ڏئي سگهجي.
چنانچه 15 آگسٽ 1938ع تي حڪومت هند پاران مرڪزي
اسيمبليءَ ۾ بل پيش ڪيو ويو، جنهن جي تائيد ۾
قائداعظم، مولانا ظفر علي خان، مولانا شوڪت علي ۽
غلام بيگ نيرنگ تقريرون ڪيون. ڪانگريس ته ليگ کي
بدنام ڪرڻ لاءِ اهڙن موقعن جي تلاش ۾ هئي. تنهن هن
بل جي حمايت جي سلسلي ۾ ليگ جي خلاف سخت ڪلامي ۽
الزام تراشي شروع ڪري ڏني.
غور
طلب مسئلو هي آهي ته:
سڪندر حيات، قائداعظم ۽ مسلم ليگ جو مخالف ۽ دشمن
هو.
سڪندر حيات، انگريزن جو حامي بلڪ پوڄاري هو. آرمي
بل متعلق سزا جو بل به هن انگريز جي اشاري تي پيش
ڪيو هو.
سر
سڪندر حيات، فقط پنجاب جي ماڻهن جي فوج ۾ ڪثرت جي
حق ۾ هو. ٻئي طرف ليگ جو موقف هن ريت هو:
ليگ
فوج ۾ سڀني صوبن جي مسلمانن جي چونڊ جي حق ۾ هئي،
ليگ رڳو پنجاب جي ماڻهن جي اڪثريت جي قائل نه هئي.
ان ڪري به سڪندر حيات جو قائداعظم سان سخت اختلاف
پيدا ٿيو.
جڏهن
ته سڪندر حيات ۽ ليگ جي وچ ۾ ’نڪته اشتراڪ‘ فوج ۾
ڀرتي هو، فرق اهو هو ته سڪندر حيات فقط پنجاب جي
اڪثريت ٿي چاهي ۽ قائداعظم ساري هندستان جي سڀني
مسلمانن جي فوج ۾ داخلا ۽ اڪثريت ٿي چاهي.
ڪانگريس جي ليڊرن سعيو ڪري، سڪندر حيات ۽ قائداعظم
جي خيالن جي فرق ۽ امتياز کي نطر انداز ڪري، فقط
ليگ کي بدنام ڪرڻ شروع ڪيو، بلڪه غدار به سڏيو.
ڪانگريس پاران ڀولا ڀائي ڊيسائيءَ، ڊرامائي انداز
۾ بل جي مخالفت ڪندي، چيو ته:
”
مان هن ايوان جي ميمبرن کي درخواست ٿو ڪريان ته
حڪومت ۽ ان جا حامي، هن بل جي تائيد ڪندي، ڪهڙا به
غدار پيدا ڪن، ليڪن حقيقت ۾ جو شخص به هن بل جي
تائيد ڪندو، ۽ ووٽ ڏيندو، اهو ڄڻ ته هندستان سان
غداري ڪرڻ جو مرتڪب ٿيندو.“ – (هماري قومي جدوجهد،
ڊاڪٽر بٽالوي ص 47)
ايتري سخت ڪلاميءَ جو مقصد فقط اهو هو ته فوج جو
تناسب ڀلي اهو قائم رهي، جو موجود آهي ۽ جنهن ۾
مرهٽن، سکن ۽ راجپوتن جي اڪثريت آهي.
ٻيو
ڪانگريس جو مقصد اهو هو ته انگريز کي هٽلر جي
سلسلي ۾ جا ڳڻتي ٿي آهي، ان کي اڳيان رکي، انگريز
کان اهو اصول مڃائجي ته هو اقتدار فقط ڪانگريس کي
ڏيڻ لاءِ آماده رهي.
ٽيون
مقصد اهو هو ته ليگ کي انگريز جو حامي سڏي بدنام
ڪيو وڃي، جيئن مسلمان هڪ ته ليگ کان بدظن ٿين ۽
ٻيو ته فوج ۾ ڀرتي نه ٿي سگهن.
چوٿون ڪانگريس پاران اهو ظاهر ڪرڻ جو مقصد هو ته
ڪانگريس اهو نه ٿي چاهي ته هندستان جا باشندا،
انگريز جي پاران جنگ ۾ شريڪ ٿين.
ٻئي
طرف جپان جي حملي جي دور ۾ خود ”گانڌي“ انگريز جي
حمايت جي حق ۾ هو. سندس دليل هو ته انگريز جي فوجي
امداد ڪرڻ گهرجي، جيئن جپان جي شڪست ٿئي ۽ انگريز
فقط ڪانگريس کي اقتدار ڏئي هليو وڃي.
ان
وقت به قائداعظم مٿن چوٽ ڪئي هئي ته ”گانڌي چاهي
ٿو ته انگريز کي بليڪ ميل ڪيو وڃي، ۽ ليگ جي
مطالبن کي نظرانداز ڪرايو وڃي، ۽ انگريز کي چيو
وڃي ته اسان جي فوجي مدد سان ئي جپان هارايو آهي.
ان ڪري اقتدار جون واڳون سنئون سڌوفقط ڪانگريس کي
ملڻ گهرجن. ڇو ته هندستان ۾ فقط هڪ ئي قوت آهي، جا
اقتدار وٺڻ جي لائق آهي، جا آهي ڪانگريس. باقي
مسلم ليگ ۽ اڇوت فيڊريشن فرقه پرست آهن، جن کي
اڪثريت واري راڄ جي ماتحت رهڻو آهي.
حيرت
آهي ته هٽلر جي جنگ ۾ ڪانگريس لاءِ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ
ناجائز هو، پر جپان جي حملي ۾، انگريز کي فوجي
امداد ڏيڻ جائز هئي! ڇا ان تضاد جو ڪو واجبي حل
موجود آهي!
حضرت ٿانويءَ کي تشويش ۽ جناح صاحب کان پڇاڳاڇا:
آرمي
بل متعلق ڪانگريس پاران ڪيل هنگامه خيزيءَ ۽ غوغا
آرائي جي خبرن ٻڌڻ تي، مولانا ٿانوي کي تشويش پيدا
ٿي. کين ليگ متعلق سڀني اعتراضن ۽ الزامن کان واقف
ڪيو ويو. پاڻ ان اعتراض تي سخت پريشان ٿيا جنهن ۾
چيل هو ته مسلم ليگ انگريز جي حامي آهي.
چنانچه صحيح حالات کي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ وفد
قائداعظم سان ملاقات لاءِ تيار ڪيو ويو، جنهن وڃي
قائداعظم سان ملي، صحيح حالات کان واقفيت پيدا
ڪري، اچي حضرت ٿانويءَ کي واقف ڪيو. ان وفد ۾
مولانا ظفر احمد عثماني، مفتي محمد شفيع ۽ مولانا
شبير علي ٿانوي هئا.
مولانا ظفر احمد عثمانيءَ جو بيان:
مولانا ظفر احمد عثماني، قائداعظم سان ملاقات جو
ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
”آرمي بل جي مخالفت ڪانگريس پنهنجي مصلحت موجب ڪئي
هئي ۽ ان جي ابتڙ مسلم ليگ موافقت ڪئي. ان متعلق
ساري ملڪ ۾ ڪافي چميگويون پيدا ٿيون. چيو ويو ته
مسلم ليگ سرڪار پرست جماعت آهي. حضرت حڪيم الامت
مولانا ٿانوي قائداعظم سان ملڻ لاءِ، هڪ وفد جو
حڪم ڏنو. اسان قائداعظم سان دهليءَ ۾ ملاقات ڪئي.
قائداعظم نهايت خنده پيشانيءَ سان مليو ۽ حضرت
ٿانويءَ جي خيريت معلوم ڪري حال احوال ورتائين“
اسان
جو سوال:
اسان
قائداعظم کان سوال ڪيو ته اوهان آرمي بل جي حمايت
ڇو ڪئي آهي؟
قائداعظم جو جواب:
قائداعظم جواب ۾ چيو ته ”مولانا ! ڪانگريس فوج ۾
ڀرتي ٿيڻ کي جائز سمجهي فقط هڪ شرط لڳايو آهي ته
فوج ۾ آباديءَ جي انگن اکرن جي تناسب جي حساب سان
ڀرتي ڪئي وڃي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ان وقت فوج ۾
سٺ سيڪڙو مسلمان موجود هئا، باقي مرهٽا، سک ۽
راجپوت فقط چاليهه سيڪڙو هئا. فوج ۾ ڪثرت گويا
مسلمانن جي هئي. ان طرح ڪانگريس مڪر ۽ فريب سان
اڇوت ڀائرن کي برغلائي هندن ۾ مدغم ڪري ڇڏڻ واري
پروپئگنڊا اهڙي زور شور سان هلائي هئي، جو ان جو
ليڊر ڊاڪٽر امبيڊڪر، ڪانگريس کان ته بيزار ٿيو، پر
احتجاج طور اسلام قبول ڪرڻ جو به دڙڪو ڏنائين. ان
هوندي به گانڌيءَ ۽ ڪانگريس انهن کي ”هريجن“ سڏي
کين حقن ڏيڻ جا دم دلاسا ڏيئي، هندستان جي اقليت ۽
اڪثريت جي تناسب ۽ مطالبي جي ميدان مان ئي خارج
ڪري ڇڏيو. اگر ”اڇوتن“ جي ٽيهن ڪروڙن کي جدا
نمائندگي ڏني وڃي ها ته پوءِ فوج توڙي سياسي ميدان
۾ پهريون نمبر اڪثريت اڇوتن جي رهي ها ۽ هو اسان
کان وڌيڪ طاقت وارا هجن ها، جنهن تي مان به ڪو
اعتراض نه ڪري سگهان ها.
ڪانگريس جو الزام فقط ليگ کي بدنام ڪرڻ لاءِ آهي:
ڇو
ته اگر آبادي جي تناسب کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کي هڪ
مکيه اصول ڪري قبول ڪجي ها، ته پوءِ مسلمانن کان
سواءِ ڀارت جي ساري آباديءَ کي، جنهن ۾ ٽيهه ڪروڙ
اڇوت به اچي ويا، فوج ۾ 75 سيڪڙو حصو ملي ها. ۽
مسلمان فقط پنجويهه سيڪڙو رهجي وڃن ها! ان متعلق
اهو به خيال رهي ته اگر ڪانگريس انصاف کان ڪم وٺي
ها ته پوءِ اڇوتن کي فوج ۾ 55 سيڪڙو حق ملي ها ۽
مسلمانن کي فقط 25 سيڪڙو ملي ها، باقي ٿورن هندن
فرقن کي، جن ۾ سک، راجپوت ۽ مرهٽا اچي ٿا وڃن، تن
جو حق فقط ويهه سيڪڙو بچي ها! ان ۾ برهمڻ، جي هن
ملڪ ۾ هڪ لک به ناهن، تن جي ڪا حيثيت به نه رهي
ها، پر قدرت جي ستم ظريفي اها آهي جو هن ملڪ جي
حقيقي اڪثريت، اڇوت، گانڌي جي پروپيگنڊا کان متاثر
ٿي، ”هريجن“ بنجي پنهنجو وجود ۽ هستي به وڃائي
ويٺا، ۽ سياسي حقن کان سئو سيڪڙو محروم به رهجي
ويا ۽ ”فوج“ ۾ ته اڄ تائين ”هڪ اڇوت“ جي ڪلهي تي
به ڪنهن بندوق نه ڏٺي آهي! اڇوتن جا ٻئي جهان
تباهه ڪيا ويا آهن، نه هو مسلمان ۾ شمار ٿيا ۽ نه
کين سکن ۽ پارسين، مرهٽن ۽ راجپوتن جهڙن مختصر
آباديءَ وارن گروهن جيترا حق ئي ملي سگهيا آهن.
مان
اهو نٿو چاهيان ته ڪانگريس اسان ڏهه ڪروڙ مسلمانن
کي فوجي طور تي سٺ في سيڪڙي قوت تان ڪيرائي،
ڌمڪين، فريب ۽ الزام تراشيءَ سان بدنام ڪري ڪيرائي
وڃي پنجويهه سيڪڙو تي بيهاري.
ائين
ٿيڻ سان، ڪانگريس گويا، ٽيهه ڪروڙ اصلي اڇوتن سان
ڏهه ڪروڙ نقلي اڇوتن (مسلمانن) کي به ملائي ڇڏي ها
۽ پوءِ ڀارت ۾ واحد قوت هڪ ڪانگريس جي بچي وڃي ها!
باقي سڀ ختم ٿي وڃن ها. مون مسلمانن کي نه فقط سٺ
سيڪڙي تائين محفوظ رکيو آهي، پر هن وقت آرمي بل جي
تائيد ڪرڻ مان اميد آهي ته ڏهن کان ويهه سيڪڙو
تائين وڌائي، ڪل قوت اسي سيڪڙو ڪرائي سگهجي. ان
مسئلي کي ڪانگريس وارا چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا. ان
مان واضح آهي ته ڪانگريس جيئن ٽيهن ڪروڙن ”اڇوتن“
کي ”اهنسا“ جي چڪر ۾ آڻي، هٿيارن کڻڻ ۽ جنگ جي فن
کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، پر اسان جي بروقت
خبرداريءَ جي ڪري، سندس ڪوبه گر ڪارگر نه ٿي سگهيو
آهي، ڇو ته اسان ”اڇوت“ بڻجڻ لاءِ تيار ناهيون.
اڇوتن سان جيڪي جٺيون ڪانگريس ڪري چڪي آهي، ان کان
اوهان اخبارن ذريعي واقف آهيو.
هنن
جي منافقي جو اهو حال آهي، جو مشهور متعصب، ۽
مسلمان ـــ دشمن ليڊر ڊاڪٽر مونجي، انگريزن کي چيو
آهي ته کين مسلمانن کي ڀرتي ڪرڻ جي ڪا به ضرورت
ناهي. اسان جي عسڪري ڪاليج ۾ هڪ لک نوجوان جنگي
تربيت وٺي چڪا آهن، اهڙو ٻيو لک ايندڙ سال تي تيار
ٿي ويندو. اسان اهي ٻئي لک فوري طور تي، اوهان
جنهن جنگي محاذ تي چوندا، پهچائي سگهنداسون،
بشرطيڪ آرمي بل کي رد ڪيو وڃي ۽ مسلمانن کي وڌيڪ
ڀرتي ٿيڻ نه ڏنو وڃي.
اهم
انڪشاف:
آخر
۾ ايتري مدلدل گفتگو کان پوءِ قائداعظم اشاري سان
هڪ اهم نڪتو بيان ڪندي چيو ته ”انقلاب اچي ويو
آهي، اگر هندوستاني فوج ۾ مسلمان گهٽ هوندا ته
پوءِ خونريزي ۽ قتل عام وقت مسلمانن، اڇوتن ۽ ٻين
اقليتي فرقن جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ انهن جي حفاظت ڪير
ڪري سگهندو؟ ان ڪري ضرورت آهي ته هڪ ته مسلمانن جو
تناسب سٺ سيڪڙو موجود رهي، ٻيو ته اهو جيتري قدر
به وڌائي سگهجي، اهو نهايت بهتر ٿيندو. ”مسلمان“
ئي انساني زندگيءَ جو بچاءُ ۽ احترام ڪري سگهن ٿا“
هڪ
شرط:
ان
طرح ”آرمي بل“ جي حمايت ۾ اسان جو هڪ سخت شرط اهو
آهي ته مسلمان فوج کي ڪٿي به ”مسلمانن“ جي مقابلي
۾ نه آندو ويندو. اهو شرط مجبورن انگريز قبول ڪيو
آهي. ان طرح انگريز کان اهو به تسليم ڪرايو ويو
آهي ته ”مسلمانن“ جي فوجي تناسب ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي
برعڪس وڌيڪ ترقي ڏني ويندي.
مون
ان ڪري آرمي بل جي حمايت ڪئي آهي ته اسان جو فوج ۾
گهڻي ۾ گهڻو حصو هجڻ گهرجي، جيئن ايندڙ خدشن ۽
خطرن سان مقابلي ڪرڻ جهڙا ته رهون. مسلمانن کي
جنگي فن کان واقف رکڻ ۽ جديد هٿيارن جو استعمال
سکڻ، نهايت ضروري آهي.
هن
برصغير ۾ ايندڙ دور ۾ جو ڪجهه ٿيڻو آهي، ان جي
تصديق منهنجي پيش ڪيل گذارشن ۾ موجود آهي. ايندڙ
دور منهنجي فيصلي ۽ پيش بينيءَ جي تصديق ڪري
سگهندو“
حضرت
ٿانويءَ جي راءِ:
مولانا ظفر احمد عثماني لکي ٿو ته ”واپس اچي اسان
جناح صاحب جي ساري تقرير کان حڪيم امت مولانا
ٿانويءَ کي واقف ڪيو“ پاڻ فرمايون:
”اڄ
معلوم ٿيو ته مسٽر جناح، ان بل جي موافقت، انگريزن
جي موافقت ۽ همدرديءَ جي ڪري نه ڪئي آهي، بلڪه
ساري ملڪ ۽ مسلمانن جي خير خواهيءَ جي ڪري ڪئي
آهي“
(مڪتوب گرامي مولانا ظفر احمد عثماني 3 شوال
1388هه)
عجيب
پيشنگوئي:
مولانا سعيد احمد عثماني بيان ٿو ڪري ته هڪ ڀيري
منهنجي زبان مان اهي لفظ نڪري ويا ته ”جيستائين
غدار عالمن کي قتل نه ڪيو ويندو، تيستائين ڪاميابي
حاصل نه ٿيندي“ ان وقت مان ڪانگريس کان سخت بيزار
هوس.جڏهن حضرت ٿانويءَ کي اها خبر پئي، تڏهن مون
کي گهرايائون ۽ فرمايائون ”گهٻرائڻ جي ته ڪابه
ڳالهه ناهي، مون کي تمام گهڻن اهل الله بزرگن ۽
مجذوبن کان خبر پئي آهي ته اسلامي سلطنت (پاڪستان)
جو قيام 1947ع ۾ ٿي ويندو“ (واقعي ٿيو به ائين) هي
آهي حضرت ٿانوي ۽ ان جي بصيرت جو مختصر حال·
غ.
م. گ
|