سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1976ع

مضمون

صفحو :13

رجعت پرست گانڌي:

مهاتما گانڌي جي طرز عمل کان پڻ حضرت مولانا سنڌي مطمئن نه هو، 20 جون 1939ع تي علماءِ بنگال جي اجلاس ڪلڪته جي صدارت ڪندي، گانڌيءَ جي پاليسيءَ کي رجعت پرستانه سڏيندي مشورو ڏنو اٿن:

”مان سفارش ٿو ڪريان ته ڪانگريس جا ڪرتا ڌرتا، يورپين نيشنلزم کي رواج ڏيڻ. پنهنجو نصب العين بنائين ۽ هو فقط اقتصادي ترقيءَ کي آزاديءَ جو بنياد قرار ڏين. ان جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جي محترم فلاسفر مهاتما گانڌيءَ جي ذاتي خصوصيتن ۽ طبعي حيثيتن ۽ سندس ”رجعت پرستانه ميلان“ کي قوم لاءِ دستور العمل بنائڻ جي ڪوشش نه ڪن.“

مطلب هي آهي ته اهي عالم ڪانگريس ۾ هجن ته ڪانگريسي ٿي رهن، جمعيت العلمائي نه ٿين. ان طرح گانڌي جي جڏهن ڪانگريس ۾ هجي، ته ڪانگريسي ٿي رهي، ۽ سندس مهاتمائي مذهبي رسمون ان ۾ داخل نه ڪيون وڃن. ان طرح اگر مولانا حسين احمد مدني ۽ ان جا ساٿي ان سلسلي ۾ سبقت ڪن ته پوءِ هو ڪانگريس جي ”گانڌي ڀڳتن“ کي شڪست ڏيئي سگهن ٿا ۽ ان ۾ سباش چندر بوش، ڪنهن جواهر لال ۽ ڪنهن ڊاڪٽر اشرف جي قيادت لاءِ ڪانگريس ۾ زمين هموار ٿي سگهي ٿي.“ (ص 116)

رجعت پرستانه سياست

گانڌي جي، جي ان هندو مذهبي رسومات واري ڪانگريسي سياست تي مولانا سنڌي جو هڪ اعتراض ته اهو هو ته ان جي هندو ذهنيت جي سبب ڪري، مسلمان ان کان ڇرڪن ٿا. ٻيو گانڌيءَ جي هيءَ نام نهاد مذهبي سياست، بنيادي طرح سان ”رجعت پرستانه“ آهي ۽ اها هندوستان کي اڳتي وڌي ترقي ڪرڻ جي بجاءِ، پوئتي گهلي ويندي.

ويدڪ هند

ڇو ته گانڌيءَ جي ان مذهبي رجعت پرستيءَ جو آدرشيءَ ۽ آئيڊيل زمانو ويدڪ دور وارو هندستان آهي ۽ نه نئون هندوستان، جنهن کي موجوده عالمگير انقلاب کانپوءِ اڀرڻو آهي. (ص 116)

مولانا صاحب، گانڌيءَ جي متعلق بلڪل صاف گوئيءَ کان ڪم ورتو آهي، ۽ ٻڌايو اٿس ته گانڌيءَ جي ذهن ۾ فقط ”ويدڪ ڀارت“ آهي. گانڌيءَ جو جديد دور جي سياسي نظريات ۽ اقتصاديات سان ڪوبه تعلق ناهي ۽ گانڌي رجعت پرستانه انداز ۾ هلي، ڪانگريس جهڙي قومي ۽ سيڪيولر پارٽيءَ کي هندو مذهبي رسومات جو تابع ڪرڻ گهري ٿو.

وطن جي حقيقت:

وطنعيت متعلق جڏهن ڪانگريس ۽ آريه سماجي حلقن هڪ نئون تعبير پيش ڪيو ته، ڀارت جو اصل باشندو ئي ڀارت کي وطن تصور ڪري سگهي ٿو، پر ڀارت کان ٻاهران آيل خاص ڪري مسلمان، اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته هن جو وطن به ڀارت آهي.

پروفيسر سرور لکي ٿو: هڪ ڀيرو مولانا فرمايو ته ”آچاريه ڪرپالاڻيءَ جو ڀاءُ (شيخ عبدالرحيم) اگر مسلمان ٿي وڃي ته پوءِ هو پنهنجي وطن جي تاريخ کان بي دخل ڪيو وڃي ٿو ۽ آچاريه ڪرپالاڻي وطن جو مالڪ رهي ٿو. ڪرپالاڻيءَ جو ڀاءَ اسلام جي اعليٰ تعليم کان متاثر ٿي، اگر هندو ڌرم کي ڇڏي ”اسلام“ کي قبول ڪري ٿو ته پوءِ کيس هن ملڪ ۾ ”اجنبي“ تصور ڪيو وڃي ٿو، پر جو هندو ڌرم تي قائم رهي اهو خالص ” اهل وطن“ آهي! تبديلي هميشه ذهن، فڪر ۽ عقيدي ۾ ايندي آهي، پر ”وطنيت“ ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي آهي. جڏهن مان ”مسلمان“ نه هوس، تڏهن ته منهنجو وطن هندوستان هو، ۽ هاڻي جڏهن مان مسلمان آهيان، ته به منهنجو وطن اهو ئي هندوستان آهي. مذهب جي بدلجڻ سان وطن نه ٿو بدلجي سگهي“  (ص 132)

اهو ساڳيو مسئلو اڳتي هلي، جناح صاحب بيان ڪيو ۽ ڪانگريس ۽ آريه سماج کي اهو ئي جواب ڏنو، جي چئي رهيا هئا ته ڀارت ۾ ”مسلمان“ وديشي ۽ پرديسي آهن. ڀارت انهن جو ”وطن“ نه آهي.

چرخو، کڌر ۽ پٽيل:

سرور صاحب لکي ٿو: هڪ ڀيري مولانا سنڌيءَ ڪانگريس تي تنقيد ڪندي چيو ته بيشڪ 1920ع ۾ مهاتما گانڌيءَ، لبرل خيال جي ڪارڪنن کي ڪانگريس مان ڪڍي ڇڏيو، ليڪن اڄ ملڪ کي جنهن انقلاب جي ضرورت آهي، ان جي ذميداري موجوده ڪانگريس نٿي نباهي سگهي.

مولانا جا لفظ هي آهن:

”لبرل ئي هڪ خاص رنگ ۾ انقلابي فلسفي جو لباس پهري، ڪانگريس تي ڇائنجي چڪا آهن، باقي چرخو، کڌر ۽ پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ ڪانگريس کي هاڻي اڳتي وڌائي نٿي سگهي. مون کي خوف آهي ته بنگال علحده نه ٿي وڃي. هن وقت ڪانگريس کي مهاتما واري تاريخي عظمت ۽ پنڊت جواهر لعل واري اڳتي وڌڻ جي همت، اتفاق طور ملي چڪي آهي ۽ ان طاقت سان ئي ڪانگريس پساهه پئي کڻي.“

مولانا جو اشارو بنگال جي علحدگيءَ مان سباش چندر بوس جي ذات آهي، جنهن مرڪزي ڪانگريس جي قيادت کان بغاوت ڪئي هئي. (ص 137)

ڪانگريسي هندن جي جارحانه پيشقدمي:

سرور صاحب لکي ٿو: هندستاني مسلمانن خلافت تحريڪ جي ناڪاميءَ کانپوءِ 1923ع کان آهسته آهسته ڪانگريس کان دوري ۽ بيزاري اختيار ڪئي.

مولانا سنڌي جي لفظن ۾ :

”اڄ حالت اها آهي ته جمعيت العلماءِ توڙي مجلس احرار جاديوبندي ليڊر به عوام جي اڳيان ڪانگريس جو نالو وٺي به نٿا سگهن!“

مولانا جي نزديڪ ان جو هڪ سبب آهي خلافت تحريڪ جي ناڪامي، جنهن کانپوءِ مسلم قيادت ڪانگريس کان ڇرڪي رهي هئي. ان کانپوءِ مرڪزي ۽ صوبائي چونڊن ۾ مخلوط انتخاب واري فرقه وارانه انتخاب جي ڪري، مسلمانن جي دوريءَ کي وڌيڪ تقوبت ملي. مولانا سنڌيءَ جي خيال ۾ اگر ڪانگريسي رهنما، مسلمانن کي ”هندستاني وطنيت“ ۾ سندن تعداد جي مطابق انصاف سان حق ڏين ها، يا رڳو حق ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ها ۽ جتي مسلمانن  جي اڪثريت هئي، اتي اگر ڪانگريسي هندن جي جارحانه پيشقدميءَ کان روڪي سگهن ها ته پوءِ معاملو ايترو خراب نه ٿئي ها! (ص 138)

سرور صاحب لکي ٿو: هاڻي هندن جي يا زياده صحيح لفظن ۾ ”فرقه پرست هندن“ جي اها جارحانه پيشقدمي نه صرف هندو اڪثريت وارن صوبن ۾ ڏاڍي زور شور سان جاري رهي، پر ان سان گڏ مسلمانن جي اڪثريت وارا صوبا به سندن زد ۾ رهندا آيا. ڇو ته هندو انهن صوبن ۾ اقليت ۾ هوندي، صحافت، تجارت، انتظامي ڪاروبار ۽ تعليمي ادارن تي ڇانيل هئا. 1937ع جي چونڊن کانپوءِ، جڏهن صوبن ۾ وزارتون ٺهيون ۽ کين صوبائي سطح تي گهڻي کان گهڻا اختيارات مليا، تڏهن سنڌ، پنجاب، بنگال ۽ آسام ۾ جتي وڏا وزير سڀ مسلمان هئا ۽ انهن صوبن جي اپوزيشن پارٽي جا مهاسڀائي ۽ فرقه پرست ڪانگريسين تي مشتمل هئي، تنهن مسلمان وڏن وزيرن جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو! (ص 138)

جناح صاحب:

سرور صاحب لکي ٿو: مهاسڀائي ۽ فرقه پرست ڪانگريسين جي ان غلط روش جي نتيجي ۾، جناح صاحب، جنهن کي اڳتي هلي ”قائداعظم“ سڏيو ويو، تنهن ان قسم جي غلط روش جي رد عمل ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪري ورتو. آخر ڪار 1937ع ۾ جڏهن لکنو ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي باقاعده آئيني جنگ شروع ٿي وئي، تڏهن پنجاب ۽ بنگال جا وزراء اعليٰ، سر سڪندر حيات خان ۽ مولوي فصل حق، قائداعظم جي سڄي ۽ کٻي پاسي بيٺل هئا. (139)

هندو ازم جي جارحانه اڪثريت:

سرور صاحب لکي ٿو: مولانا سنڌيءَ، ٺٽي ضلعي جي ڪانگريس ڪاميٽيءَ پاران سڏايل ڪانفرنس ۾، جنهن ۾ زياده تر هندو ڪانگريسي شريڪ هئا، تن کي خطاب ڪندي، مسلمانن جي ڪانگريس کان دوريءَ ۽ بيزاريءَ جا اسباب بيان ڪيا.

مولانا صاحب فرمايو:

”ڪانگريس جي تيزگام ۽ فلاسفر ليڊرن، انٽرنيشنل ازم کي سامهون رکي، هندستان جي مسلمانن جي معاملي ۾ ”نيشنل انصاف“ کان غفلت اختيار ڪئي. ان طرح ”هندو ازم جي جارحانه اڪثريت“ جي لاءِ، ڪانگريس جي نالي ۽ آڙ ۾، رستو صاف ڪيو ويو. ان حرڪت معاملي کي بد کان بدتر ڪري ڇڏيو“ (140)

تيزگام ۽ فلاسفر ليڊرن جي تشريح:

سرور صاحب لکي ٿو: جواهر لال ڪانگريس جو تيز گام ليڊر هو ۽ مهاتما گانڌي فلاسفر. جواهر لال بين الاقوامي سياست جي پيچ و خم ۾ زياده الجهيل رهندو هو ۽ ملڪ جي ضروري ۽ فوري مسئلن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو هو. سندس هٿ بين الاقوامي سياست جي نبض تي ضرور هوندا هئا، پر هندوستان جي هيٺئين سطح تي مفادات جي جا ڪشمڪش موجود هئي، ان کي هو قابل توجهه نه سمجهندو هو. ٻئي طرف مهاتما گانڌي هو، جو اهنسا (عدم تشدد) ۽ همه گير انسانيت ۽ ان جي اعليٰ قدرن جي بلند نظر وسعتن ۾ محو ۽ مستغرق رهندو هو، سو مقامي حالتن جي محدود ۽ متعين حقيقتن کي ڏسندو ئي ڪونه هو.

پٽيل جي مقبوليت:

سرور صاحب لکي ٿو: جواهر لال ۽ مهاتما گانڌيءَ جي ان قسم جي آفاق گيريءَ ۽ بلند پروازيءَ جي عملي نتيجي ۾ سردار پٽيل جهڙي ڊڪٽيٽر جو تسلط ۽ اثر، ڪانگريس جي انتظامي شعبن تي وڌندو ويو. ڇالاءِ ته هڪ ته پٽيل جي اثر هيٺ هندو سرمايه دار ۽ زردار طبقو هو، ۽ ٻيو ته پٽيل کي ڪانگريس ۾ توڙي ڪانگرس کان ٻاهر فرقه پرست (مها سڀا ۽ آريه سماج) هندن جي مڪمل حمايت حاصل هئي. (ص 140)

نهرو جي ناڪاميءَ:

سرور صاحب لکي ٿو: ”1934ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين مرحوم، جواهر لال نهرو کي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ڪانگريس جي تطهير ڪئي وڃي، محب وطن ۽ فرقه پرست هڪٻئي کان علحده ڪيا وڃن. اڄ اگر سئو کن ماڻهن جي ”مارجڻ“ سان ڪم بنجي ويندو ته سڀاڻي هزارن ۽ لکن ماڻهن جي ”مرڻ“ سان به ڪانگريس ۾ اصلاح نه آڻي سگهنداسون.“

سرور صاحب لکي ٿو: جواهر لال کي ان قسم جي ڳالهين تي ڪڏهن ڏاڍو غصو ايندو هو ۽ هو ٽڪر لاءِ تجويزون به بنائيندو هو، ليڪن سڀني جي مٿان جڏهن گانڌيءَ جو راڄ هوندو هو ۽ گانڌيءَ جي اهنسا جو فلسلفو ڪنهن طبقاتي تصادم جي اجازت به نه ڏيندو هو، ان ڪري گانڌي ان قسم جي اختلافي ڌرين ۾ صلح صفائي ڪرائي ڇڏيندو هو. ان مان فائدو فقط پٽيل جي قيادت ۽ قوت کي پهچندو هو، ڇالاءِ ته ڪانگريس جي پوري مشنريءَ تي پٽيل جو قبضو هوندو هو. خاص طرح سان ڪانگريس لاءِ سرمايو انهن طبقن کان ايندو هو، جن تي سردار پٽيل جو اثر هو. جواهر ائين زهرجو ڍڪ پي ويندو هو. (ص 141)

مولانا سنڌيءَ جو غصو ۽ احتجاج

سرور صاحب لکي ٿو ته ڪانگريس ۽ پٽيل جي ڊڪٽيٽر شپ متعلق جڏهن مولانا سنڌي جوش ۾ اچي ڳالهائيندو هو، تڏهن سندس تلخ ڪلاميءَ کان مولانا شيخ السلام حسين احمد مدني ۽ مفتي هند مولانا ڪفايت الله به نه بچي سگهندا هئا.

ان طرح مولانا سنڌيءَ ڪانگريس ۾ پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ کي خود ڪانگريس لاءِ ۽ ان طرح پوري ملڪ لاءِ وڏيءَ تباهيءَ جو ڪارڻ قرار ڏيندو هو. (ص 141)

دنيا ڄاڻي ٿي ته پٽيل ئي ورهاڱو ڪرايو ۽ لکين مسلمان مارايا ۽ لکين دربدر ڪرايا. چنانچه مولانا سنڌيءَ ٺٽي (سنڌ) ضلعي ڪانگريس ڪميٽيءَ جي ڪانفرنس ۾ چيو:

”ڪانگريس جي پليٽ فارم تان نام نهاد هندو ازم جي جارحانه اڪثريت لاءِ رستي کي هموار ڪرڻ سان معاملو بد کان بدتر ٿيو، ايتري قدر جو خود جمعيت العلماءِ هند ۽  احرار وارا ديوبندي ليڊر به عوام جي اڳيان ڪانگريس جو نالو وٺي نه ٿا سگهن.“

ان کان پوءِ مولانا سنڌيءَ فرمايو:

”هي اهي ماڻهو هئا جي شروع کان وٺي، ايجيٽيشن ۾ ڪانگريس جي عام نيشنلسٽ ليڊرن سان گڏ،  ”خلافت ۽ سوراج“ لاءِ گڏ هئا. ليڪن اڄڪلهه، ڪنهن به پروگرام کان سواءِ پٽيل جي ڊڪٽيٽر شپ هيٺ ڪچلجي رهيا آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي، جو عام مسلمانن کي هاڻي ڪانگريس سان ڪوبه تعلق نه رهيو آهي. فقط چند ديوبند جا ترقي پسند، جمعيت العلماءِ ۽ احرار ۾ وڌي رهيا آهن، ۽ ڪجهه لبرل ملسمان به اڃا تائين ڪانگريس ۾ نيشنل پروگرام جا حامي آهن.“ (ص 147)

قائداعظم جي فتح

سرور صاحب لکي ٿو: قائد اعظم ڪافي زمانو ڪانگريس ۾ رهي چڪو هو، هو ڪانگريسي ليڊرن جي ظاهر ۽ باطن کي هر لحاظ سان ڄاڻندو هو. قائداعظم ڪانگريس جي قول ۽ فعل، ڪردار ۽ عمل جي تضاد ۽ دورخيءَ کان واقف هو. چناچه قائداعظم 1937ع کان 1947ع تائين هر محاذ تي ڪانگريس کي شڪست فاش ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو. تان جو ڪانگريس کان تقسيم به قبول ڪرايائين ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو.

حقيقت هيءَ آهي ته 1923ع کان پوءِ، ڪانگريس ۾ سردار پٽيل جي ذريعي، سرمايه دارن ۽ فرقه پرست هندن جو آهستي آهستي اثر ۽ زور وڌندو رهيو؛ ان جي انتهائي پڄاڻي اهائي ٿيڻي هئي ته آخري منزل تي، بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، ڪانگريس هڪ هندو جماعت ٿي ويندي ۽ ان کي ڏسي مسلم ليگ ميدان ۾ اچڻي هئي، ٻنهي ۾ سياسي جنگ لڳڻي هئي، ۽ ان جي نتيجي ۾ اهو ئي ٿيڻو هو، جو 1947ع ۾ ٿيو. (ص 142)

جناح جو پٽيل سان ٽڪر هو!

جناح ملڪ جي دفاع ۽ تحفظ، اتحاد ۽ مرڪز جو قائل هو، تنهن کي پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ ۽ گانڌي ۽ جواهر لال جي بيچارگيءَ تي سخت غم ۽ غصو ٿيندو هو.

سرور صاحب لکي ٿو: سچ پڇو ته قائداعظم جي لڙائي گانڌيءَ، جواهر لال نهرو ۽ مولانا آزاد واريءَ ڪانگريس سان نه هئي، اگرچه رسمي ۽ نمائشي طور تي، سندس لڙائي انهن سان منسوب هئي، پر عملي طور تي ڪانگريس پٽيل جي قبضي ۾ اچي چڪي هئي، ان ڪري قائداعظم جي لڙائي سردار پٽيل جي ڪانگريس سان هئي. ڪنهن بلڪل درست چيو آهي ۽ شايد ان ڳالهه کي کلئي نموني ۾ چوڻ جو وقت جلد اچي رهيو آهي ته پاڪستان اصل ۾ سردار پٽيل بنايو آهي، ڇا لاءِ ته هو، هندوستان کي مسلمانن جي وجود، ذات ۽ عمل دخل کان پاڪ ڪرڻ جو خواهشمند هو. (ص142)

ڄاڻڻ گهرجي ته پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ ۽ ان جي اڳيان گانڌي، نهرو ۽ ساريءَ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو بيوس هجڻ، خود مولانا آزاد به پنهنجي ڪتاب ”آزادي هند“ ۾ تمام سخت نموني ۾ بيان ڪيو آهي. مولانا آزاد اهو به لکيو آهي ته ڪانگريس تي راڄ گانڌيءَ جو آهي، پر گانڌيءَ تي حڪم پٽيل جو ئي هلي رهيو آهي! (”ڏسو آزادي هند“) (غ. م.گ)

ڪانگريس ۽ ليگ جو تعارف

پروفيسر سرور لکي ٿو: قصو مختصر ته هاڻي مسلم ليگ ظاهر ظهور چوڻ شروع ڪيو ته مسلم ليگ عملي طرح سان مسلمانن جي جماعت آهي، ۽ ائين برابر به هو. ان جي مقابلي ۾ ڪانگريس چيو ٿي ته هوءَ قومي جماعت آهي. ان ۾ هندو، مسلمان، سک ۽ عيسائي سڀ شريڪ ٿي سگهن ٿا، ليڪن عملي طرح سان ڪانگريس ”هندو جماعت“ بنجي چڪي هئي.

ڪانگريس پنهنجي قومي جماعت هجڻ جي باري ۾ جيترا به دليل ڏيندي هئي، انهن مان اٽلو مسلم ليگ کي تقويت پهچندي هئي، ۽ مسلمان زياده ۾ زياده مسلم ليگ ڏانهن وڃڻ لڳا. (ص 143)

پاڪستان، هندستان ۽ مولانا سنڌيءَ

سرور صاحب لکي ٿو: مولانا سنڌي پندرهن سالن کانپوءِ وطن واپس پهتو. 10 ڊسمبر 1939ع تي دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊي ۾ مولانا سنڌيءَ، جا پارٽي متعارف ڪرائي، ان جي بنيادي پروگرام کي شايع ڪرايو ۽ ان جو نالو رکيائيون، ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي،“ ان ۾ ”سنڌ ساگر“ مان مراد هئي، اهي علائقا جن کي اڄڪلهه ”پاڪستان“ سڏجي ٿو، ۽ مولانا سنڌيءَ جي نزديڪ اهي علائقا ئي اسلامي تهذيب جي کاڻ آهن، ۽ گنگا جمنا سان وابسته علائقو هندو تهذيب جو سرچشمو آهي. سندن مقصد انهن ٻنهي جي وچ ۾ فڪري افهام تفهيم ۽ تاليف قلوب کي ممڪن بنائڻ هو، ان ڪري ان اصول کي پارٽيءَ جو بنياد ۽ مقصد قرار ڏنو ويو.

هندستان هڪ ملڪ ناهي

سرور صاحب لکي ٿو: ان انتظامي ۽ بنيادي پروگرام ۾ به مولانا سنڌيءَ صراحت ڪري ڇڏي آهي ته هندستان کي هڪ ملڪ سمجهڻ غلط آهي. (ص 145)

پاڪستان، مولانا سنڌيءَ جي خيال جي عملي تصوير آهي

سرور صاحب لکي ٿو:

 2 جون 1947ع تي برصغير جي تقسيم جو اعلان ٿيو ۽ جنهن انداز ۾ ان تقسيم جي نتجي ۾ پاڪستان جون حدون ۽ سرحدون مقرر ڪيون ويون، عملي طرح سان اهو سڀ ڪجهه ائين ٿيو جيئن مولانا سنڌيءَ چيو هو. (ص 161)

قائداعظم جي دستورساز اسيمبليءَ ۾ پهرين تقرير

سرور صاحب لکي ٿو: قائداعظم محمد علي جناح، جو هڪ نهايت دانشمند ۽ حقيقت پسند ليڊر ۽ سياسي مدبر هو، تنهن تقسيم کان پوءِ پيدا ٿيندڙ خطرناڪ معاملن کان بچاءَ جي ڪوشش ڪئي. چناچه ان سلسلي ۾ 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ ۾ ان جا پهرين صدارتي تقرير ڪئي، ان ۾ مسلمانن ۽ غير مسلمانن ٻنهي ڌرين کي خطاب ڪندي چيائين:

”اوهان سڀ آزاد آهيو، اوهان هن مملڪت پاڪستان ۾ آزاديءَ سان پنهنجن مندرن ۾ وڃي سگهو ٿا، اوهان آزاديءَ سان پنهنجين مسجدن ۾ وڃي سگهو ٿا. اوهان جو تعلق ڀلي ڪهڙي به مذهب، فرقي ۽ عقيدي سان هجي، ليڪن ان جو اثر ان بنيادي اصولن تي نه پوڻ گهرجي ته اسان سڀ هڪ ئي مملڪت جا شهري ۽ برابريءَ واريءَ حيثيت جا شهري آهيون....

مان سمجهان ٿو ته هاڻي اسان کي اهو اصول پنهنجي سامهون بلحاظ هڪ نصب العين جي رکڻ گهرجي. اوهان ڏسندا ته وقت جي گذرڻ تي، هندو هندو نه رهندو ۽ مسلمان، مسلمان نه رهندو. مذهبي لحاظ سان نه، ڇالاءِ ته مذهب ته هر فرد جو پنهنجو ذاتي عقيدو آهي؛ بلڪ هڪ مملڪت جي شهري هئڻ واري لحاظ سان ۽ سياسي اعتبار سان.“

ان طرح قائداعظم، پاڪستان جي صدر ٿيڻ شرط، پنهنجي سڀ کان پهرئين سرڪاري بيان، ۾ پنهنجي جدوجهد ۽ ايجيٽيشن واري دور جي عوام پسند سياست کان قطع تعلق جو اعلان ڪيو، ۽پاڪستاني قوميت جو بنياد هن زمين ۽ وطن تي رکيائين. (ص 162)

قائداعظم جا جانشين

پروفيسر سرور لکيو آهي: اگر قائداعظم جا جانشين قائد جي ان نصب العين کي اڳيان رکي، ڪم ڪن ها، ته پوءِ جي خطرا پيدا ٿي پيا، سي گهڻي ڀاڱي گهٽجي وڃن ها ۽ اڄ پاڪستان جي سياست فطري راهن تي روان دوان هجي ها. (ص 162)

لياقت علي خان

سرور صاحب لکي ٿو: خدا بخشي خان لياقت علي خان کي، ان، ساده لوح عوام ۾ پاڻ کي مقبول بڻائڻ لاءِ، گذريل ايجيٽيشن دور واري اسلام پسند سياست کي هوا ڏني، ۽ ان طرح پاڪستان جي قومي سياست جي قدرتي وهڪري اڳيان بند ٻڌي ڇڏيائين. ان کان پوءِ جو به آيو، ان پنهنجي نااهليت سببان ان طرح جي جذباتي ۽ غير حقيقت پسندانه نعرن سان ان کي ڇپائڻ ۽ ميٽڻ جي ڪوشش ڪئي. ان طرح سان اهو بند اڃا به بلند ٿيندو ويو، ۽ هيءَ مملڪت، جا هڪ معين ۽ ٺوس وطن ۾ قائم ٿي، هڪ تاريخي ۽ واقعي حقيقت بنجي چڪي هئي، نظري اعتبار سان برابر غير حقيقي ٿيندي وئي. پاڪستان، جو هڪ ملڪ ۽ هڪ وطن آهي، اهڙن انتهاپسند ماڻهن جي مختلف تعبيرن جي گرفت ۾ اچي، رڳو هڪ نظريو بنجي ويو. نظريو به اهڙو، جنهن جي شرح ۽ تعبير جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. چنانچه مشرقي پاڪستان ۾ جو ڪجهه ٿي گذريو ۽ خود مغربي پاڪستان ۾ جو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو سڀ رد عمل آهي، ان غير فطري عمل جو.“ (ص 163)

سرور صاحب جي هن فڪر آميز تجزيي جي روشنيءَ ۾ قائداعظم ۽ گانڌي، متحده ڀارت ۽ پاڪستان متعلق نهايت ناياب معلومات حاصل ٿي آهي. وري به شڪر آهي، جو جناب ذوالفقار علي ڀٽو، وزيراعظم پاڪستان، قائداعظم جي بنيادي نصب العين موجب، پاڪستان جي تعمير ڪري چڪو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com