•”بشير“ سيتائي
•
پيار ۾ جو به گذري وهي واپري، سو سڀئي آ مڙئي
بندگي پيار ۾،
ڇا ٻڌايان ته ڇا، ڇو اڃا ناهه ڪا، زندگي
خودبخود زندگي پيار ۾.
حسن تنهنجو جڏهن تنها تنها هيو، شق منهنجي
تڏهن ساٿ ان کي ڏنو.
دل جي دنيا ۾ ٿي روشني روشني، ٿي وئي چوطرف
چاندني پيار ۾،
رقص ڪُن ٿي نظارا ويا هي سڀئي، مهڪ مستي گلن ۾
اچي وئي وري،
صبا گيت اُلفت جا ڇيڙڻ لڳي، بس اسان کي رڳو
گڏ ڏسي پيار ۾،
هٿ هٿن ۾ ڏئي تون هلئين جانِ من، مون چيو زندگي
گذري ويندي ڪَٺن،
منهنجي خوشين جي معراج جي لهه ڇا، ڄڻ ملي هئي
نئين زندگي پيار ۾،
اوچتو اوچتو ساٿ تنهنجو ٽُٽو، موت منهنجي محبت
سندو ٿي ويو،
پو خوشين جا ڏِيا گُل سڀئي ٿي ويا، ۽ انڏارو
ويو ڇانئجي پيار ۾،
تنهنجون راهون ٿيون مون کان جاني جدا، ڏوهه
تنهنجو چوان ڏوهه پنهنجو چوان،
ڇا ستم هي ڪيو هُن ستمگر فلڪ، ۽ زماني ڪئي
دشمني پيار ۾.
سارا سندر هي سپنا سندم ويا ٽُٽي، ويئي ڪُسجي
اُميدن جي هرڪا ڪلي،
رحم کاڌو نه ڪنهن دل جو دانهون ٻڌي، دل جا
افسرده نغما ٻڌي پيار ۾.
رسم و دستور جي قيد ۾ جڪڙجي، وقت و حالات جي
پيچ و خم ۾ اچي،
هي ”بشير“ آهي بيگانو تو کان ٿيو، تون به ان
کان وئين بيگانو ٿي پيار ۾.
•
”وفا“ ناٿنشاهي
•
جا
ڪلي مون تي مُسڪرائي ٿي،
تنهنجا احسان ڀي مڃائي ٿي.
موت کي پُٺ ڏئي ڀڄڻ وارا،
زندگي توکي آزمائي ٿي.
سادگي منهنجي، تنهنجي ناداني
ظلم جي مِشنري هلائي ٿي،
خانقاهي درن جا دربانو،
زندگي، زندگي بچائي ٿي.
گل
جا ڀنڊار، غيرتِ بادل،
دل روئي ٿي نه مُسڪرائي ٿي.
•
عبدالقيوم ”صائب“
نعت
ڪِبريا جي ڪارگر ۾ ڪير ٿيو هو ڪامياب،
ڪير سهڻي سان ملڻ ويو عرشِ اعظم تي شتاب.
ڪير رسم ره کان مٽي، هو يار وٽ ٿيو بارياب،
ڪنهن جي سامهون پاڻ سهڻو ٿيو خوشيءَ سان بي
نقاب.
دل جي دنيا، ڪنهن جي روشن، ٿي حرا جي غار ۾،
ڪنهن کي جبريل امين آڻي ڏنو ام الڪتاب.
ڪنهن کي رحمت جو لقب ٿيو هو عطا ڪونين ۾،
ڪير افضل انبيا ۾، جنهن جو اُمي خطاب.
ڪنهن جي نالي پويان ’صلعم‘ ٿا پڙهون سڀ ڏينهن
رات،
ڪنهن تي موڪلبا رهن ٿا بس درودِ بي حساب.
ڪنهن جي ذاتِ پاڪ تي خود ناز خالق کي به هو،
ڪير اهڙو دوجهان ۾ آهه حسنِ انتخاب.
ڪنهن جي آڱر جي اشاري، چنڊ کي چيري ڇڏيو،
جنهن جو اڄ تائين نه ڪو ڏيئي سگهيو آهي جواب،
ڪنهن ڏنو حسنِ عمل جو درس دنيا ۾ اچي،
ڪير کولي عدل احسان جا ويو هٿ آهه باب.
ڪنهن جي اُمت ٿي چوي اڄ ’منزلِ ما ڪبريا ست!،
عزم ايڏو ڪنهن عطا ڪيو آهه مسلم کي جناب.
سو محمّٰد آهه جنهنجي نام تان صدقي وڃان،
تنهن رسولِ هاشميءَ جو ڇا ڪري ”صائب“ بيان.
****
قطعا
•
آغا عبدالنبي خان ”عليگ“
(
1 )
اٿي ساقي هليو اڄ آ اچي وئي هٿ بهار آهي،
سمن آ مست گلشن ۾، ۽ نرگس کي خمار آهي.
کُلي پئو مطربِ شيرين، جو ايامِ نشاط آهي،
ختم تاريڪ شب ٿي وئي، ۽ ظاهر ٿي نهار آهي.
(
2 )
چشمَ حق بين ساڻ، غور ڪيم،
يار آيو نظر، جتي به ڏٺم.
ڪعبو ڇا، دير، ميڪدو، مسجد،
خالي هن کان نه ڪٿ به گهَر ڪو مليم.
(
3 )
صبر آ نشان، نيڪ مردن سندو،
صبر زيب آ، ره نوردن سندو،
صبر آهه ورثو، سعيدن سندو،
صبر آ دوا، دردمندن سندو،
( 4
)
سنگِ
جان اي سنگ دل، غم ديده هان،
شور بخت و بيڪس و شوريده هان.
بيگمان هان، رانده بزمِ صنم،
هڪ گلِ بي رنگ و بو بوسيده هان.
( 5
)
هر
دشت ملي، خاڪِ شفا، ٺاهه سو ممڪن،
هر بحر ملي، آبِ بقا، ناهه سو ممڪن.
هر شعله هجي، نورِ خدا، ناهه سو ممڪن،
هر شعر ٿئي، بي عيب ادا، ناهه سو ممڪن.
•
”خاڪي“ جويو
( 1
)
ٻيائي ۽ نفرت اسان وٽ نه آهي،
نشي ۾ محبت جي سرشار آهيون،
اسان کي ڀلي آزمائي ڏسي ڪو،
چڙهڻ لاءِ سُوريءَ تي تيار آهيون.
( 2
)
سدا
سچّ جو ساٿُ ڏيندا رهون ٿا،
اسان صبح روشن سندو نُور آهيون.
اسان
جو ”انالحق“ آواز آهي،
اسان وقت جا يار منصور آهيون.
( 3
)
اسان
ڪوڙَ جي مُنهن تي دانگي مليندي،
اُٿاريو سدا سچ جو آواز آهي.
اسان جي خيالن ۾ ”خاڪي“ سمايل،
پهاڙي ارادن جو پرواز آهي.
( 4
)
اسان
وقت جائي ته سقراط آهيون،
اسان جسم خاڪيءَ جو خوراڪ آهيون.
اسان کي ڀلي آزمائي ڏسي ڪو،
اسان زهر قاتل جا هيراڪ آهيون.
•
”اميد“ خيرپوري
( 1
)
ڏسي
جي نه سگهجن سي ڏسبا رهن ٿا،
زمانه عجب رنگ تنهنجا رهن ٿا.
اٽي پاءُ ڪنجي اڳيان ڪين آهي،
۽ ڪنجي اڳيان ناچ ٿيندا رهن ٿا.
(2)
وسائي رحمتون پروردگار ڪڙميءَ تي،
وطن جو آهي سمورو مدار ڪڙميءَ تي.
رهي نه انگ تي اڳڙي ملي نه ماني ڳڀو،
پوي جي ڪڙڪي مصيبت جو بار ڪڙميءَ تي.
( 3
)
چمن
آباد هوندو آس هُئي، برباد نڪري پيو،
جهين کي باغبان سمجهم اهو صياد نڪري پيو،
ڇڏي هِن جوءِ کي بيداد جي ڀَــوَ کان ڀڳس اڳتي،
ڀڳس جنهن وت اُهو بيداد جو استاد نڪري پيو.
(4)
احساس رهيو ڏينهن کي نه اُهي رات کي،
ڪهڙي طرح چئو ته گذاريون حيات کي.
ڇا ٿي ويو آ تنهنجي خدا ڪائنات کي،
پيا روڪندا رهون ٿا اسان آپگهات کي.
( 5
)
جي ٻڪر جيري جي خاطر ذبح ڪن،
ڪيترائي ٿا سخي اهڙا سجهن.
ناچ تي دولت کي گهوريندڙ اميرَ،
ڏِس متان ڪنهنجا ٻچا بک تي هجن!
|