غزل
•
سليم سرهندي
•
جي
نظر قيامت آهي ڪم نگاهي،
اي نڀاڳي دلڙي آهي تنهنجي هر طرح تباهي.
وئي رات ڪاري گذري ٿيو صبح پر نه اُڀريو،
اُهو سج ڪري جو زائل منهنجي بخت جي
سياهي.
جي نوازئين نوازش، جي ستائين مهرباني،
اسين ڇا ڪري سگهون ٿا تنهنجي آهي
بادشاهي.
نه چمن ۾ چهچٽو ڪونه جنونَ ۾ مزو ڪو،
هنَ سال ڪهڙو آيو هي بهار يا الاهي.
ڪيو قيد زندگيءَ جي مون کي اهڙو تنگ جيءُ کان،
غمِ عشق جي خوشيءَ سان مون وڌي ڳچيءَ ۾
ڦاهي.
پنهنجي نيازمند کي تون نه ڌِڪار ناز وارا،
منهنجي ئي نيازَ بخشيو توکي ناز ڪج
ڪُلاهي.
تنهنجو قرب منهنجي منزل تنهنجو عشق منهنجو رهبر،
توکي ساري دلڙي ڌڙڪي ويو پهچي تنهنجو
راهي.
هن نڀاڳي دل جي نگري نه ڏئي ڪڏهن مون وسندي،
اڃان هڪ نگاهه ٺاهي اِجهو ٻي نگاهه
ڊاهي.
رڳو دل کي مست اکڙين ڏنو ٿيلهو، طي ٿي منزل،
هي ورونهه جي وات آهي؛ هتي ناهي چاڙهي
لاهي.
هِنَ جڳ جي بَــرَ ۾ توکي؛ آءٌ ازل کان پيو
پڪاريان،
ڪٿي مون کي روليو ٿئي؛ او منهنجي اندر
جا راهي.
ڏسي عاصين تي تنهنجون اي ڪريم مهربانيون،
منهنجي لئي گناهه ٿي پئي، منهنجي آهي بي
گناهي.
نه ڏسين پرائو پنهنجو، توکي قتلِ عام ساڻ ڪم،
هي ”سليم“ منهنجا حاڪم آهي تنهنجوئي
سپاهي.
•
حافظ محمد احسن چنا
•
حسن تنهنجي کي ڏسي دلبر، ٿيا حيران لک،
تنهنجي در دارا سڪندر جهڙا ٿيا دربان لک.
ڇا
بيانِ شان ٿئي؟ طاقت زبان کي ناهه ڪا،
تنهنجي دروازي تي نوڪر دائما سلطان لک.
مهلقا محبوب ڏس، مستانه تنهنجي حسن تي،
ٿيا ملڪ جن و بشر، حورون پريون غلمان لک.
عشق ليليٰ جي ۾ هڪ مجنون ئي مجنون هو،
رشڪِ ليليٰ جي محبت ۾ ته سرگردان لک.
فرق تِر جو ڀي نه ٿيو هرگز مريضِ عشق کي،
اُف! حڪيمن، حاذقن توڙي ڪيا درمان لک.
جي
اچين منهنجي صحن ۾ دلربا شفقت ڪري،
هي ته هڪ سر آهه پر تو تان ڪيان قربان لک.
هڪ
نه ”احسن“ آهه تنهنجي وصل جو طالب مگر،
ماهرو ديدار تنهنجي جا سدا خواهان لک.
•
ذوالفقار راشدي
•
چنڊ گرهڻ جي ڦاهيءَ چڙهيا، اُڀريا جي مهتاب اکين
۾،
نيڻن ۾ ئي سڙي ڳري ويا، ڄايا جيڪي خواب اکين ۾.
ماڻهو ماڻهو مونجهارن ۾، هر هڪ دل تي ديوُ جو
پاڇو،
فالج جَڪڙيو بدن بدن کي، سُڪي وئي مي ناب اکين
۾،
ڪوئي ڏانئڻ جوهر هر هڪ جسم منجهان ويو چوندي،
چوسي،
پوپا، پورا لاس گهمائن، ڳوڙهن جا تالاب اکين ۾.
مُند بسنتيءَ منجهه نه پسجن رنگبرنگي ڦول بدن
جا،
ڪوماڻل مُک، سڙيل غنچا، لهسيل گل گلاب اکين ۾،
نيزي پاند تي سج ٻري ٿو، روح، رڳن ۾ اُڃ ازل جي،
ڪونهي شربت نيڻن جو، پر هر هنڌ سَوَ سراب اکين
۾.
نِرڙ لکيل تحريرن مان ٿا ليئا پائن ڪيئي قصا،
ناڪامين جا حرف مٿي تي، نرآشا جا ڪتاب اکين ۾.
پَت پريت جي رهي نه، راڻا مومل ڪا معصوم نه آهي،
ست ۽ سير جا سکڻا نالا، دوکا ۽ دولاب اکين ۾.
مڌماتي جوڀن جا نغما، سرمائي ساوڻ جون راتيون،
اَڻلڀ آهن، آسروندؤ، هاڻي مست شراب اکين ۾.
شاعر، تنهنجي سوچ جو بوتو آهي اڄ اُڌمن کان
خالي،
ڪائي جاءِ نه والاريندا جسمن جا ڪيم خواب اکين
۾.
سِريءَ سِريءَ تي پاهڻ سَٿيل، احساسن جي رڳ رڳ
ڪچليل،
پيڙا ۽ پڇتاءُ دلين ۾، روح ڪُٺل ۽ عذاب اکين ۾.
•
سيد اظهر گيلاني
•
عشق ڪٿ آسان آ، بي موت مرڻو ٿو پوي
پنهنجي دم کي، دوستي جو دم ئي ڀرڻو ٿو
پوي.
عشق جي ڪشته جو آهي، زندهء جاويد نام،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نه ڪرڻو ٿو پوي.
دل مان چڪجي خون آهي، ديدهء در تي رسيو،
شيشو خالي ٿيو، ۽ پنهنجو جام ڀرڻو ٿو
پوي
هڪ طرف آهن هنجون، ۽ ٻئي طرف تاثيرِ غم،
مون کي دوراهي تي اڄ ٻڏڻو ۽ ترڻو ٿو
پوي.
دل
ٻڏي يا نبض، ٻنهين جو ڪٿي آهي علاج،
3
پر ٻڏل کي ٻاجهه سان ٻيهر اڪرڻو ٿو پوي.
هن جهان ۾، غم خوشيءَ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟
3
منهن مٽائي اهلِ دنيا کان گذرڻو ٿو پوي.
عمر رفته تي سدائين، اشڪباري دل جي آ،
جام پاڻي آ، خوشيءَ سان جام ڀرڻو ٿو
پوي.
دل ۾ ارمانن اچي ”اظهر“ هنئين آ ڇانوڻي،
تنهنجي تيرن کي ڪٿان هاڻي گذرڻو ٿو پوي.
صرف اُميد فنا تي ٿا اسين ”اظهر“ تڳون،
زندگيءَ بي بقا تي جڳ کي مرڻو ٿو پوي.
•
مرحوم علي محمد خالدي
•
مي
پرست آهيان ويو ٿي مي پرستن کي ڏسي،
رات ۽ ڏينهن ٿو رهان مست آءٌ مستن کي ڏسي.
مون بهشت آهي بنائي پنهنجي دل جو گهر ڇڏيو،
خواب ۾ راتين پٺيان راتيون بهشتن کي ڏسي.
مون پڇيو بيت المحّبت يا خدا جو آهي گهر،
رات ڀر هڪ ٻئي پٺيان لهندو فرشتن کي ڏسي.
سنڌ جي شعرا جا بنجيو بيت بي معنيٰ وڃن،
شاعرن جي شاهه جي شهڪار بيتن کي ڏسي.
ياد ٿو منصور، سرمد، شمس تبريزي پوي،
لٽڪيل بازار ۾ ڦاسيءَ جي تختن کي ڏسي.
سنڌ ۾ آءٌ به ٿيندس سرخرو هڪ ڏينهن ضرور،
ٿو چوان نهنجن تي قسمت جي نوشتن کي ڏسي.
ٿا مسلسل ”خالديءَ“ جا اشڪ، اکين مان ڪِرن،
چشم نم شهدا جي غم ۾ اهلبيتن کي ڏسي.
•
محبوب ”سروري“
•
سج
چنڊ کان سٺو حورن کان حَسين، سو منهنجو پرين سو
منهنجو پرين،
الفت جو جهان جو تخت نشين، سو منهنجو پرين سو
منهنجو پرين.
جو آهه سراپا مهرو وفا، مان هُن تي فدا هو مون
تي فدا،
جنهن لاءِ مخالف منهنجا ڪئين، سو منهنجو
پرين سو منهنجو پرين.
جو آهه شہِ خوبانِ زمن، سڀ سهڻا جنهن جا پير
چمن،
جانيءَ جي جتيءَ تي جن جي جبين، سو
منهنجو پرين سو منهنجو پرين.
صد بار مبارڪ دردِ جگر! شاباس هجئي آهُن جا اثر،
مون کي جنهن جي وفا تي آهه يقين، سو
منهنجو پرين سو منهنجو پرين.
جنهن وقت شمع جو شوق ڇڏين، بي ساخته روشن رخ ڏي
وڌين،
پروانه! تون جنهن تي ڀلجي پوين، سو
منهنجو پرين سو منهنجو پرين.
حيران رهن ٿا حور و ملڪ، لاريب سڄڻ آ رشڪِ فلڪ،
وک وک تي چمي ٿي پير زمين، سو منهنجو
پرين سو منهنجو پرين.
سسئي جي وفا سهڻيءَ جو جگر، ليليٰ جي تڙپ، موصل
جو سحر،
هن چئني خوبين سان جو حسين، سو منهنجو
پرين سو منهنجو پرين.
قاصد ڇا ٻڌايان توکي ادا، ”محبوب“ مٺي جا پار
پتا،
جو سهڻ جو سردار ڏِسين، سو منهنجو پرين
سو منهنجو پرين.
•
استاد ”بخاري“
•
پيار، درياهه آ، درياهه به لَٽجي ٿو وڃي،
نيٺ انسان آ، انسان به مَٽجي ٿو وڃي.
مان مڃان ٿو ته سڀين پارين سڄڻ سون آهي،
هي غضب ٿيو جو سچو سون به ڪَٽجي ٿو وڃي.
بعضي بندوق شڪاريءَ جي ڇُٽي ٿي پٺتي،
جو ڦَٽي ٿو ڪڏهن پاڻ به ڦَٽجي ٿو وڃي.
حُسن آ باز، مگر عشق وڏي آفت آ،
مون ڏٺو آ ته ڪڏهن باز به جهَٽجي ٿو وڃي.
چند هَٽندي ئي وڏي ويرَ هٽي ويندي آ،
گهُورَ گهٽجي ٿي ته ”استاد“ به گهٽجي ٿو وڃي.
•الهداد ”عاصم“
لُٽيون
اچي تنهنجي در تي لُٽيون عزتون،
توهان جي محبت جون هي برڪتون.
اسان کي فقيريءَ جي الفي کپي،
توهان کي مبارڪ هجن دولتون.
خطا غير جي پر گِلا منهنجي حق،
اسان جي شرافت سان هي حرڪتون.
مون پيتو آ پيتو! خطائي سهي،
خطاڪار مان پاڻ سڏبس يا تون؟
وڃي وات ٻانهن ٻڌڻ جي رهي،
گهڻا ڏينهن ٿيا جو ڇڏيم حجتون.
ڀلي آيا جي آيا عزت وڌي،
اسان جون اکيون ۽ توهان جون لتون.
نه آيو نه اچڻو هئو منهنجي در،
اسان جون اجايون ويون منتون.
توهان کان جدا ڀي جيون ٿا نه، مَن،
اسان جا ڏسو حوصلا هِمتون.
اڃا تائين ماڻهو نه آزاد ٿيو،
غلاميءَ ۾ گذري ويون مدتون.
شرابن جي شيشن ۾ ماڻهن جو رت،
مبارڪ هجن ملڪ کي عظمتون.
جو ماڻهو هو سو هاڻ ٿيو مورتي،
جو ماڻهن جون مَٽجي ويون خصلتون.
سزا ۽ جزا ساڻ ”عاصم“ جو ڇا،
جو خدمتگذارن جو ڪم خدمتون.
•
هدايت بلوچ
•
سِينڌِ ڌرتيءَ جي سنوارن ٿا گهرون
وَرق ڪُلفت جا وسارڻ ٿا گهرون.
موت
جي، جي آس ۾ جيئن پيا،
تِن کي جيوت لئي جيارڻ ٿا گهرون.
ڪنهن جي اَک آلي ڏسي مَن ٿو ڏکي،
پاڻ روئندن کي کلائڻ ٿا گهرون.
ذائقي لئي ڪهڙو ڪافر ٿو پئي،
ڪا گهڙي غم کي ڀلائڻ ٿا گهرون.
سَچّ کي بارود شعرن جو ڏئي،
ڌاڍ جا ڏونگر اڏائڻ ٿا گهرون.
مخدوم زاده خليق الزمان ”خليق“ صديقي
•
پنهنجي دل کي نه بيقرار ڪبو،
هاڻ مُورهئون نه انتظار ڪبو.
بيک
نڪري وڃي ڀلي ڪنهن جي،
ڪئن ڀلا ڪنهن سان ايڏو پيار ڪبو.
اڄ
وفا سان بغاوتون آهن،
بيوفائيءَ جو هن تي وار ڪبو.
زندگاني حرام ٿي ويندي،
توتي ايڏو جو اعتبار ڪبو.
توکان جيڪر ڪريون وفا جي اميد،
آرزو کي خراب و خوار ڪبو.
ياد تنهنجي ۾ اکڙين جي بجا،
اڄ پيالن کي اشڪبار ڪبو.
جلد بازي ”خليق“ ناهه مفيد،
هاڻ توري تڪي ڪو يار ڪبو.
•
ابڙو عبدالطيف ”ساقي“
•
زهر
به جن ۾ ظاهر ناهي، پو ڀي تنهنجا نانگ ڇتا،
ڪين ڇهن ٿا، ڦڻ نه ڪڍن ٿا، پوءِ به هڻن ٿا، ڏنگ
تکا.
ريجهائڻ لئه بين وڄايم، ويتر ويري بنجي پيا،
منهنجا دشمن توتي جهولن، ڪين هي سمجهان راز مٺا.
تنهنجي دل آ محبت مٺا جو، نانگن کي ٿو ويڙهيو
وتين،
مون ته بچڻ جا وس ڪيا، پر هو ته ڏنگڻ کان ڪين گٿا.
موج ۾ آهن، ڪنهن جا ناهن، سينو ساهن شاهن سان،
منهنجي پڄڻ جي ڀيڻي ناهي، مان ته سڄڻ مسڪين گدا.
وَرَ وڪوڙي، ڪرڙا موڙي، سيني تي پيا راند ڪُڏن،
شيشن سان ڇا ريس ڪبي، ير هو به ته آهن قرب ڪُٺا.
ڪارا ڪارا ڀؤنر نظارا، ”ساقي“ مون کي جان کان
پيارا،
ڏنگ به تن جا تنگ نه ڪن ٿا، سي ته سوين مون سال
سَٺا.
|