• شوڪت حسين شورو
[ريڊيائي ناٽڪ]
بوءِ بهار جي
ڪردار
1- احمد: ڪاليج مان آيل نوجوان
2- يوسف: اڌڙوٽ عمر جو هاري
3- نثار: فوجي سپاهي
4- نياز: فوجي سپاهي
5- ڊاڪٽر
6- نرس
[ڏيک – 1]
[شروعاتي موسيقي – رات جو تاثر]
يوسف:
(آهستي آواز ۾) احمد، او ڀائو احمد!
احمد:
هُون…
يوسف:
يار، چپ رهي ته هاڻي منهنجو ساهه ٿو منجهي.
احمد:
پوءِ ڳالهائي، ٿورو هنيئن کي هلڪو ڪر.
يوسف:
ڏس ته اونداهي رات ۾ ڪيڏي چپ چاپ ۽ خاموشي آهي!
ان خاموشيءَ کي ٽوڙيندي ڊپ پيو ٿئي.
احمد:
(آهستي کلنديُ) پر هاڻي ته تون ان خاموشيءَ کي ٽوڙي چڪو آهين.
يوسف:
سڄي رات هن خندق ۾ ويهي ويهيءِ لڱ ئي ساڻا ٿي
پيا آهن، ٽائيم گهڻو ٿيو آهي؟
احمد:
چار ٿيڻ وارا آهن، اجها ٿي رات کُٽي ۽ ڏينهن ڦٽي.
يوسف:
ڏينهن ٿئي ته ڪو سک جو ساهه کڻون. رات جو ته
ٿوري کڙڪي تي به ڇرڪ نڪريو وڃي وري ڪجهه نظر به
نٿو اچي، رڳو مٿي تارا پيا ٽمڪن!
احمد:
توکي دشمن جو دپ آهي ڇا، يوسف ڀائو؟
يوسف:
نه، ڊپ جي ڳالهه ڪانهي، پر آخر اسين ڪيترا ڏينهن
ان حالت ۾ رهنداسين؟ دشمن کي ته الائجي نانگ
سونگهي ويو آهي جو چُري پُري ئي ڪونه ٿو. ميدان
تي اچي ته ڪا خبر به پوي.
احمد:
جنگ ۾ هرڪو قدم سوچي سمجهي کڻبو آهي. دشمن کي خبر آهي ته اسان
جي هيءَ چونڪي ڪيتري اهم ۽ ڪيتريقدر مضبوط آهي.
يوسف:
سچ پڇين ته مون کي هر وقت اها بيچيني هوندي آهي
ته دشمن ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهي ٿو.
احمد:
تنهنجو خيال صحيح آهي، حملي جو خطرو هر وقت آهي،
انڪري ته اسين ڏينهن رات چوڪس آهيون (وٿي)
يوسف:
نياز، تو ته ڳالهائڻ جو قسم کنيو آهي ڇا؟ ڪهرن
خيالن ۾ گم آهين؟
احمد:
نياز شايد ڪو خواب ڏسي رهيو آهي.
نياز:
(آهستي کلندي) اڄوڪي رات منهنجي شاديءَ جي رات آهي.
احمد:
او هو! مان به چوان ته تون اڄ ائين ويڳاڻو
ويڳاڻو ويٺو آهين!
يوسف:
(حيرت مان) اڄوڪي رات تنهنجي شادي هئي؟ پوءِ شادي ته اڳ ۾ ڪري
وٺين ها.
نياز:
ڪهڙي خبر ته اوچتو جنگ لڳي ويندي. شاديءَ جا
ڏينهن مقرر ٿي ويا هئا، ته اوچتو فوج مان سڌ
آيو. ظاهر آهي ته ههڙي ڏکئي وقت ۾ شاديءَ جو ڪير
ٿو سوچي؟
احمد:
تو شادي پنهنجي پسند تي ٿي ڪئي يا مائٽن جي پسند
تي؟
نياز:
پنهنجي به پسند هئي ته مائٽن جي به پسند هئي.
احمد:
توکي هن سان محبت هئي؟
نياز:
اسين ٻيئي ڄڻا ننڍي هوندي کان گڏ کيڏندي جوان
ٿيا هئاسين.
يوسف:
پوءِ توکي ڏاڍو ڏک ٿيو هوندو؟
نياز:
اوچتي وڇوڙي جو ڏک ته ٿيندوئي آهي. پر وطن جي
حفاظت ڪرڻ سڀ کان کان مٿانهون فرض آهي، خوشيءَ
جون گهڙيون پوءِ به پيون اينديون. مان ته هڪ
فوجي آهيان، پر تون هاري آهين، پوءِ توکي ڪهڙي
ضرورت هئي پنهنجي زمين، پنهنجي گهر ۽ پنهنجن
ننڍن ٻارن کي ڇڏي محاذ تي اچڻ جي؟
يوسف:
ها، آءٌ هاري آهيان ۽ هاريءَ کي ته پنهنجي زمين،
پنهنجي ڌرتيءَ سان وڌيڪ پيار هوندو آهي. جيڪڏهن
منهنجي ديس جي ڌرتيءَ تي دشمن جو قبضو ٿي ويو ته
پوءِ ڇاجي زمين ۽ ڇاجو هاري! دشمن ته گهر ٻار،
عزت آبرو کي لتاڙي ويندو. توکي خبر هوندي ته
اسين ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ٻنين ۽ ونين تي سر ڏيندا
آهيون.
نياز:
اهائي ته ڳالهه آهي. احمد کي ئي ڏس، ڪاليج ۾
پڙهندو آهي، پر پڙهائي ڇڏي هليو آيو.
احمد:
ديس سان محبت هر ماڻهوءَ جي ضمير ۾ هوندو آهي.
نياز ڀائو، پوءِ چاهي اهو ڪير به هجي.
[اوچتو سائرن وچي ٿو، پکين جي ڦڙڦڙ جو آواز ۽
پوءِ هوائي جهازن جو آواز اچي ٿو]
احمد:
حملو شروع ٿيڻ وارو آهي.
يوسف:
ٺيڪ آهي، اسان کي به ان جو انتظار هو.
[هوائي جهازن مان بمباريءَ ۽ وچ وچ ۾ ائنٽي ايئر ڪرافٽ گنز جا
آواز]
هڪ آواز: (رڙ ڪري) اوپن فائر!
احمد: (زور سان) وارو ڪر يوسف، دشمن سامهون آهي.
يوسف:
مس مس بُل ڏنو اٿس.
[گولين جا آواز، هتي جنگ جو تاثر اوچتو هڪ بم جو
ڌماڪو ٿئي ٿو ۽ ان کان ترت پوءِ احمد، يوسف ۽
نياز جي رڙين ۽ ڪنجهڻ جا آواز اچن ٿا.]
[ڏيک – 2]
(زخمين جي هلي ڪنجهڻ جا آواز)
ڊاڪٽر:
نرس، هن جو چارٽ؟
نرس: هي وٺو.
ڊاڪٽر:
(پڙهندي) مسٽر يوسف! هون، ها، (يوسف کي) ڇا حال آهي؟
يوسف:
(ڪنجهندي) حال ڏسو پيا ڊاڪٽر صاحب! سڄو پلستر ۾ ويڙهيو پيو
آهيان. الائجي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، پر اڃا
حالت اهائي آهي.
ڊاڪٽر:
گهڻا ڏينهن ته ڪونه ٿيا آهن، اوهان کي اسپتال ۾ آئي پنج-ڇهه ڏينهن مس ٿيا
هوندا.
يوسف:
الائجي، اسان کي ته ڪا سڌ ڪانهي. اسين ته سمجهون
ٿا ته مهينا ٿي ويا آهن.
ڊاڪٽر:
ائين ٿيندو آهي. گهٻرايو نه، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
يوسف:
پر ڊاڪٽر صاحب، آءٌ هڪڙي هنڌ ٻڌو پيو آهيان،
چُري پري به نٿو سگهان. آخر هن حالت ۾ ڪيستائين
رهندس؟ آءٌ ته هاڻي بيزار ٿي پيو آهيان.
ڊاڪٽر:
مان سمجهان ٿو. پر ٻيو ڪو چارو به ته ڪونهي.
اوهان جو سڄو جسم زخمي ٿي پيو هو، انڪري علاج ۾
ڪجهه وقت ته ضرور لڳندو. پر پهرئين ڏينهن کان
هاڻي اوهان جي حالت بهتر آهي.
يوسف:
(ڳڻتيءَ مان) ڊاڪٽر صاحب، ڪا خطري جي ڳالهه ته ڪانهي؟
ڊاڪٽر:
نه نه. ڪوبه خطرو ناهي، تون جلد ٺيڪ ٿي ويندين.
يوسف:
(خوش ٿيندي) سچ، ڊاڪٽر صاحب؟ آءٌ اوهان جو اهو ٿورو لاهي نه
سگهندس. جڏهن آءٌ زخمي ٿيو هوس تڏهن مون سمجهيو
ٿي ته شايد وري پنهنجا ٻچا ڏسي نه سگهندس. آءٌ
جلدي چڱو ڀلو ٿي ويندس نه، ڊاڪٽر صاحب؟
ڊاڪٽر:
بلڪل بلڪل. پر ان ۾ ٿوري جي ته ڪا ڳالهه ڪانهي
پاڻ سڄي قوم اوهان جي ٿورائتي آهي. چڱو، (نرس
کي) ها نرس، هن جوان جو چارٽ؟
نياز:
(دٻيل آواز ۾) ڊاڪٽر صاحب، هي منهنجي منهن ۽ مٿي تان
پٽيون ڪڏهن لاهيندا؟
ڊاڪٽر:
جلدي. ڏسو، اوهان جي مٿي ۽ منهن مان بم جا ٽڪرا
ڪڍيا ويا آهن. هاڻي ڊپ جي ڪا ڳالهه ڪانهي.
نياز:
منهنجي شڪل بگڙجي ڀوائتي ته ڪانه ٿي ويئي هوندي،
ڊاڪٽر صاحب؟
ڊاڪٽر:
نه نه، ڀوائتي ڇو؟ البت اهو ٿي سگهي ٿو ته شڪل ۾
ڪجهه ڦيرو اچي وڃي، پر ان کي ڀوائتي نٿو چئي
سگهجي. هروڀرو پاڻ کي پريشان نه ڪر، ڪنهن معمولي
عيب سان ماڻهوءَ جي اهميت گهٽجي نٿي وڃي.
نياز:
مان اوهان کي ٻڌائي نٿو سگهان. پر الائي ڇو مون
کي وهم وڪوڙي ويا آهن. منهنجي شڪل ڏسي ماڻهو مون
کان نفرت ڪرڻ لڳندا.
ڊاڪٽر: اهو تنهنجو اجايو وهم آهي. جنهن ماڻهوءَ ديس جي
لاءِ ايڏي قرباني ڏني هجي تنهن کان ڪير نفرت
ڪندو!
نياز:
منهنجي منهن تان پٽيون ڪڏهن لاهيندا؟ ڊاڪٽر صاحب
ڪٿي منهنجون اکيون…
ڊاڪٽر:
(يڪدم) نه نه، خوش قسمتيءَ سان اکين کي ڪوبه
نقصان ڪونه پهتو آهي، اهڙيون ڳالهيون نه سوچيو
ته بهتر، ڇو ته ان سان صحت تي خراب اثر پوندو.
نياز:
ٺيڪ آهي، ڊاڪٽر صاحب، مان ڪوشش ڪندس.
نرس:
هي چارٽ ڏسو؟
ڊاڪٽر:
ها، مسٽر نثار، اوهان جي تنگ ڪيئن آهي؟
نثار:
(چڙ مان) ٽنگ ڪيئن آهي؟ اوهان کي ڄڻ خبر ئي ڪانهي ته
اسان جي ڪهڙي حالت آهي؟ هتي ڪير سار سنڀال لهڻ
واروئي ڪونهي. هيءَ اسپتال آهي يا ڪوس گهر.
ڊاڪٽر:
اوهو، اوهان ته ناراض ٿا ڏسجو، مسٽر نثار! پر
ڏسو نه، هي جنگ جو زمانو آهي هنگامي حالتن کي
منهن ڏيڻ لاءِ نه ايترا ڊاڪٽر آهن ۽ نه نرسون.
ڀاءَ، اسين به پنهنجي وس آهر رات ڏينهن لڳا پيا
آهيون.
نثار:
(ڪنجهندي) الله! منهنجي ٽنگ…ٽنگ ڄڻ ته ثانڊن تي رکي آهي، آءٌ
کوري ۾ سڙي پچي رهيو آهيان، ڊاڪٽر…
ڊاڪٽر:
اسان ٽنگ مان بمن جي ٽڪرن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي پر اڃا شايد ڪجهه رهجي ويا آهن.
نثار:
اوهان جي ڪوشش اجائي آهي، ڊاڪٽر بم منهنجي سڄي
ٽنگ کي چچري ڇڏيو آهي، نه ڏينهن جو آرام آهي نه
رات جو آءٌ رڙيون ڪري ڪري به ماندو ٿي پيو
آهيان. خدا جي واسطي منهنجي هن مان جند ڇڏايو.
ڊاڪٽر:
صبر ڪريو. اصل ۾ منهنجو خيال هو ته ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان اوهان جي ٽنگ کي بچايو وڃي.
نثار:
(رڙ ڪري) اوهو، مون کي هيءَ ٽنگ نه کپي نه کپي…ڪجهه ڪريو نه ته،
آءٌ مري ويندس…(ڏند ڀڪوڙيندي) يا خدا!
ڊاڪٽر:
اوهان دلجاءِ ڪريو. اسان کان جيڪي ڪجهه ٿي
سگهندو ضرور ڪنداسين. (نرس کي) نرس، هن جو
ٽيمپريچر نارمل ٿيو آهي يا نه؟
نرس:
نه ڊاڪٽر.
ڊاڪٽر:
مون کي چارٽ ڏي-اوهو! سوسيريس! مسٽر احمد، سور
ڪجهه گهٽ آهي؟
احمد: (ڪنجهندي) مون کي ڪا خبر نٿي پئ، ڊاڪٽر صاحب سور
لائي وڌيل آهي يا گهٽيل آهي. بس، سور آهي…بيٺو
ئي بيٺو آهي. مٿان وري مسلسل بخار سو ڪيڏي ڪيڏي
مهل ته مون کي پورو هوش ئي ڪونه هوندو آهي.
ڊاڪٽر: سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. اوهان خطري مان نڪري چڪا آهيو.
اسپتال ۾ پهريان ٻه ڏينهن ته اوهان بلڪل بيهوش
هئا، تڏهن حالت وڌيڪ خطرناڪ هئي. اوهان جو پير
ڪٽجي ويو هو ۽ گهڻي رت وهڻ سبب اوهان بيحد ڪمزور
ٿي ويا آهيو. پر هاڻي خدا چڱي ڪندو.
احمد:
اوهان جي مهرباني، ڊاڪٽر صاحب جنگ جي ڪا تازي
خبر آهي؟
ڊاڪٽر:
اوهان کي شايد خبر ڪانهي ته جنهن چونڪيءَ تي
اوهان زخمي ٿيا هئا، ان تي دشمن جو حملو ناڪام
ويو هو.
احمد:
اها ته اوهان وڏي خوشخبري ٻڌائي آهي، ڊاڪٽر صاحب!
[ڏيک – 3]
نثار:
(سڏڪندي) مسٽر، او مسٽر! (بيزاريءَ وچان) رڙيون ڪري ڪري
ٿڪجي پيو آهيان، پر ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي!
يوسف:
ڳالهه ڇا آهي نثار؟
نثار:
اُڃ ۾ مري رهيو آهيان. الائجي هي سڀ ڪيڏانهن گم
ٿي ويا آهن! خبر ناهي ته هيءَ اسپتال ماڻهن جي
آهي يا جانورن جي؟
يوسف:
هيءَ اسپتال جانورن جي ڪانهي، پر اسين جانور
آهيون. ڪو سڏ ڪوڪ اونائڻ وارو به ڪونهي، اسين
مرون يا بچون، تنهن جي ڪنهن کي به ڳڻتي ڪانهي.
نثار:
وڏي مصيبت اها آهي ته هڪڙي ئي هنڌ ٻڌا پيا
آهيون، رڳو پاڻي پيئڻ لاءِ به ٻين جا محتاج
آهيون. خبر ناهي ته اڃا گهڻا ڏينهن هن بند ۽
گهٽيل ڪمري ۾ رهنداسين. آءٌ ته ائين گهُٽجي
گهُٽجي مري ويندس.
يوسف:
يار، آءٌ ته ٻهراڙيءَ جو ماڻهو آهيان، تنهن جو
حال ته توکان ئي ابتر آهي. تازي هوا کائڻ لاءِ
پيا سڪون. آخر ڪيستائين هيئن نڌڻڪا پيا
هونداسين. ان کان ته جنگ جي ميدان تي سر ڏيون ها
ته ڪا ڳالهه به ٺهي ها.
نثار:
(ڏاڍيان سڏ ڪندي) مسٽر…مسٽر… (آهستي) خدايا آءٌ ته اُڃ ۾
مري ويندس.
نياز:
ڪمال آهي يار، يارن وانگر کڻي گوڙر ڪيو اٿو!
اوهان کان صبر بنهه نٿو ٿئي.
نثار:
هون-هي وري وڏيو آيو آهي اسان کي سمجهائڻ.
نياز:
ان ۾ سمجهائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ انهن رڙين ۽
واڪن ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو!
نثار:
(ڪاوڙ وچان) چڱو چڱو، هاڻي گهڻي بڪ نَه ڪر، توکي ڪنهن چيو وچ ۾
ٽپي پوڻ لاءِ؟
نرس:
(پري کان) هي ڇاجو گوڙ آهي؟ ڪجهه ٻين مريضن جو
به ته خيال ڪريو.
نثار:
(ڪاوڙ مان) اُڃ وگهي ڀلي تڙي ترپي تڙپي مري وڃون، پر ٻڙڪ ٻاهر
نه ڪڍون! هي ڪٿي جو دستور آهي، سسٽر؟
نرس:
(کلندي) ادا، اهو ڪير ٿو چئي ته ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍو؟ منهنجو مطلب
هو ته پاسي ۾ ٻين مريضن جو ڪجهه خيال رکو.
نثار:
اسين ڄنڻ ته چڱا ڀلا ويٺا آهيون! رڳو پاڻيءَ جي
لاءِ به
اوهان
جا محتاج آهيون، سسٽر-اٿڻ ويهڻ کان به لاچار.
نرس:
حاضر حاضر، مان اجهو ٿي پاڻي کڻي اچان. (وئي)
اچي هي پاڻي پيئو. جنگ جي ڪري نرسن جي کوٽ آهي.
اسان کي ڏينهن رات ڪم ڪرڻو ٿو پئي. انڪري ڪڏهن
ڪڏهن اوهان کي
ڪجهه تڪليف ٿئي ته معاف ڪجو.
احمد:
سسٽر، تون نٽار جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجانءِ. دراصل
اسين هتي هڪڙي ئي هنڌ پئي پئي بيزار ٿي پيا
آهيون، انڪري طبعيت ۾ ڪجهه چڙ پيدا ٿي پئي آهي.
نرس:
اهو ته مان سمجهان ٿي ادا.
احمد:
تون هن ئي شهر جي آهين، سسٽر؟
نرس:
نه ادا، آءٌ جنگ جي دوران هتي آئي آهيان.
احمد:
هي شهر ڪيئن آهي؟ چڱو آهي يا ائين ئي آهي؟
نرس:
الائي ادا، آءٌ ته جيئن آئي آهيان، تيئن پير به
اسپتال مان ٻاهر ڪونه رکيو اٿم.
يوسف:
ڀانيان ٿو ته اسان مان ڪنهن به اڳ ۾ هي شهر ڪونه
ڏٺو آهي.
نثار:
نه.
نياز:
مون به ڪونه ڏٺو آهي.
احمد:
سسٽر، هي پردو؟ دريءَ تي هي پردو بند ڇو ٿيو پيو
آهي؟ هن کي هٽايو ته ڪا تازي هوا اندر اچي.
نياز:
ها سسٽر، اسان کي الاجي ته ڪيترن ڏينهن کان تازي
هوا نصيب ڪانه ٿي آهي.
نرس:
پردو هٽائي ٿي ڇڏيان. پر دري اولهه طرف آهي،
انڪري اُس جلد اندر اچي ويندي ۽ سج لهڻ تائين
رهندي.
احمد:
پوءِ صبح جي وقت پردو هٽائي ڇڏج ۽ منجهند کان اڳ
بند ڪري ڇڏجانءِ. اها مهرباني ڪندينءَ نه سسٽر؟
نرس:
بلڪل، ان ۾ ڪهڙي تڪليف آهي.
[پردي
کي هٽائڻ جو آواز]
احمد:
او هو، تازي هوا جو جهُوتو! بس، فرحت اچي ويئي.
نرس:
چڱو ادا، آءٌ وڇان ٿي، ڪم ٿئي ته مون کي سڏجو.
احمد:
مهرباني سسٽر، وڏي مهرباني.
يوسف:
مس مس ڪا تازي هوا نصيبت ٿي آهي!
نثار:
دريءَ کان ٻاهر ڇا هوندو؟ تون ڏسي سگهندين احمد!
يوسف:
آه، ٻاهرين دنيا! ٻاهر الائي ڇا ڇا پيو ٿيندو
هوندو؟ پر اسين ته ڪجهه ڏسي نٿا سگهون.
احمد:
هتان چڱا ڀلا ٿي نڪرنداسين ته پوءِ سبڪجهه ڏسي
سگهنداسين، دل ڇو لاٿي اٿو؟
نثار:
يار، ڳالهين کي ڇڏ، تون ڪوشش ڪري دريءَ مان ڏس
ته ٻاهر ڇا آهي؟
احمد:
ها ڪوشش ته ڪريان ٿو.
[ڪنجهندي زور لڳائي اُٿڻ جو آواز]
اون…(حيرت وچان) او هو!
يوسف:
(هڪدم) ڇا آهي احمد؟
نٿار:
توکي ٻاهر ڇا ٿو نظر اچي؟
احمد:
ٻاهر؟
نياز:
(انتظاريءَ وچان) اسان کي ٻڌاءِ، احمد، ٻاهر ڇا آهي؟
احمد:
نه، آءٌ اوهان کي نه ٻڌائيندس.
نثار:
ڇو؟ تون ايترو خود غرض آهين ڇا؟ توکي خوش
قسمتيءَ سان دريءَ جي ڀرسان بسترو مليو آهي ۽
اسين اٿڻ ويهڻ جهڙا ڪونه آهيون، تڏهن ٿو اهي
ڳالهيون ڪرين؟
احمد:
(آهستي کلندي) ٻڌايان ٿو ڀائو، ٻڌايان ٿو. تون ته مرڳو ڪاوڙجي
پيو آهين. هون! ٻاهر…ٻاهر ڪا خراب ڳالهه ڪانهي.
سٺي جڳهه آهي. آءٌ هڪ باغ پيو ڏسان. باغ سان لڳ
هڪ رستو آهي ۽ رستي جي ڪپ تي گهر آهن.
يوسف:
گهر ڪيئن آهن؟ پڪا آهن يا ڪَچا؟
احمد:
گهر سٺا آهن، سِرن جا ٺهيل آهن.
نثار:
باغ سهڻو هوندو؟
احمد: ها، باغ تمام گهڻو آهي. چڱو وڏو آهي ۽
سائي ڇٻر پري پري تائين پکڙيل آهي. مختلف رنگن
جا گل ٽڙيل آهن.
نثار:
(ڏک وچان) جيڪر اسين به اهو نظارو ڏسي سگهون ها!
احمد:
ڇو نه. اوهان به ضرور ڏسندا. اسين جڏهن به
اسپتال مان نڪرنداسين ته اول هن ٻاغ ۾ هلي
ويهنداسين ۽ شهر به گهمنداسين.
يوسف:
تنهنجي ڳالهين مان لڳي ٿو ته شهر سٺو آهي.
احمد:
هتان ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي جيڪي
ڪجهه نظر پيو اچي، تنهن مان شهر جي سٺي ۽ صاف
هئڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
نياز:
پر توکي ڪو ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ڇا؟
احمد:
ماڻهو؟ (کلند) ڀلا اهڙن هنڌن تي ماڻهو ڪيئن نه
هوندا. باغ ۾ نه ڪجهه ماڻهو ويٺا آهن ۽ ڪي رستي
تان اچي وڃي رهيا آهن. اجهو هو هڪ پوڙهو رستي
تان پيو وڃي. هن جي هٿ ۾ هڪ اخبار آهي ۽ اءٌ پڪ
سان چئي سگهان ٿو ته هو اخبار ۾ جنگ جون خبرون
پڙهندو وڃي رهيو آهي. هن جي سامهون موٽر پئي
اچي، پر همراه صفا بيخبر آهي. هن جون اکيون ته
اخبار ۾ آهن (ٿورو ڏاڍيان) بچ…بچ…او ڇا ڇا!
نياز:
(تڪڙ مان) ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ ڀچي ته يو نه؟
احمد:
(ساهه کڻندي) ها، بچي ويو. ذري گهت موٽر ۾ وڃي لڳو هو. ماڻهو
رستي تي هوشيار ٿي هلي.
يوسف:
مڙس اخبار جو مڙئي ڪو شوقين ٿو لڳي.
نثار:
باغ ۾ ٻيو توکي ڇا ٿو نظر اچي؟
احمد:
باغ ۾ رکيل ڪاٺ ۽ سيمنٽ جي بينچن تي ماڻهو ويٺا
آهن ۽ ننڍڙا ننڍڙا پيار گلن جهڙا ٻار ڇٻر تي
ڊوڙون پائي کيڏي رهيا آهن.
يوسف:
ننڍڙا ٻار ڇٻر تي کيڏي رهيا آهن! منهنجا به ٻه
ننڍڙا بار ڇٻر تي کيڏي رهيا آهن! منهنجا به ٻه
ننڍڙا ٻار آهن. اهي هينئر الائجي ته ڪهڙي حال ۾
هوندا!
احمد:
تنهنجا ٻار به خوش هوندا، يوسف! تون ان بابت ڪو
فڪر نه ڪر. توکي خبر ڪانهي ته ٻار خوش رهڻ
ڄاڻندا آهن. تنهنجا گهڻا ٻار آهي.
يوسف:
چار. ٻه وڏا پٽ آهن. سڀني کان وڏو ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو آهي ۽ ٻيو مئٽرڪ ۾
پڙهندو آهي. ننڍڙن ۾ هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ آهي. هنن
جون صورتون هر وقت منهنجي اکين آڏو پيون. ڦِرن.
آءٌ الائي هنن کي وري ڏسي سگهندس يا نه!
احمد:
دل نه لاهه. تون ضرور ٺيڪ ٿي پنهنجن ٻارن سان
جلد وڃي گڏبين. (کلندي) ڀلا ڀاڄائي به ياد ايندي
آهي يا نه؟
يوسف:
هوءِ ڪيئن نه ياد هوندي! سڄي حياتيءَ جو ساٿي
ڪيئن ٿو وسري سگهي. هوءَ ته منهنجن ٻارن جي ماءُ
آهي. جڏهن مون هن کان موڪلايو هو، تڏهن هن جون
ڳوڙهن ڀريل اکيون ۽ دُکي صورت مون کان وسري ئي
نٿي.
نثار:
اوهان ڪهڙين ڳالهين ۾ پئجي ويا، احمد، ڀلا ڪا
صنف نازڪ به نظر اچي ٿي يا هن شهر ۾ عورتن جي
گهر مان ٻاهر نڪرڻ تي بندش آهي؟
احمد:
(کلندي) نه نه. اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي. عورتون به پيون اچن
وڃن. مون گهڻين عورتن کي رستي تان لنگهندي ڏٺو
آهي. ڪن جي هٿن ۾ ٽوڪريون آهن، شايد مارڪيٽ وڃي
رهيون آهن ڀاڄيءَ ڀتي وٺڻ لاءِ. ڪي نوڪرين تي
وڃي رهيون آهن.
نياز:
ان جي معنيٰ ته چڱو خاصو شهر آهي، جنهن ۾ عورتون
به نوڪري ڪن ٿيون.
احمد:
بلڪ، پر پاڻ کي ڪهڙي خبر شهر ڪيڏو وڏو آهي! چڱا
ڀلا ٿي نڪرانداسين ته پوءِ چڱيءَ طرح گهمي
ڏسنداسين.
يوسف:
اهو ڏينهن الائي ڪڏهين ايندو! اڃا ته استپال جي
ڪوٺڙيءَ ۾ بند آهيون.
احمد:
(کلندي) نيٺ ته هتان وينداسين. ڪو سدائين لاءِ ٿورو ئي آيا
آهيون.
يوسف:
ها پر… هتي هاڻي منهنجو هنيانءُ ٿو منجهي. هتان جيترو جلد نڪرون اوترو چڱو.
نثار:
دوائن جي بوءِ اصل مغز ۾ ويهي رهي آهي.
احمد:
پر اڃا ته اسان کي هتي رهڻو آهي. جيستائين
پوريءَ طرح ٺيڪ ڪونه ٿيا آهيون تيستائين ڪٿي ٿا
ٻاهر نڪري سگهون.
نياز:
تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. احمد، ڀلا دريءَ مان
ٻاهر ڪا نئين ڳالهه به ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟