•
محبوب علي جوکيو
(ڪهاڻي)
”آءٌ راشي¼¼“
انهيءَ زماني ۾ نوڪريون سولائيءَ سان
ملي وينديون هيون. مون ٻن آفيسن ۾ درخواستون
ڪيون ته ٻنهي طرفن کان نوڪريءَ جا آرڊر ملي ويا.
هڪ ماستريءَ لاءِ ۽ ٻيو ڪلارڪيءَ لاءِ. (آءٌ
کاتي جو نالو ٻڌائڻ پسند نٿو ڪريان.) سوچ ۾ پئجي
ويس ته ڪهڙي نوڪري قبول ڪريان. ماستريءَ لاءِ
ڏهه رپيا پگهار وڌيڪ هئي، پر ٻيءَ نوڪريءَ ۾
ڪمائيءَ جي ججهي اميد هئي. هونءَ به ڏسندو هوس
ته ويچارا استاد هميشہ برن حالن ۾ هوندا هئا.
سدائين اها شڪايت هوندي هين، ته ٿوري پگهار مان
پوري ڪانه ٿي پوي. سادا ڪپڙا، سادو کاڌو، سادي
رهائش، تنهن هوندي به سدائين قرض هيٺ. ٻئي طرف
ڏسندو هوس ته ڪلارڪ هميشہ خوش ۽ آسودا هوندا
هئا. عمدا کاڌا، صاف سٿرا اُچا ڪپڙا، گهر ۾ سٺو
فرنيچر، پڪيون جايون، اٿڻ ويهڻ شهاڻو. مطلب ته
سڀ سهوليتون موجود.
سو، مون به کڻي ڪلارڪي قبول ڪئي. جيئن
ته هن نوڪري اختيار ڪرڻ وقت منهنجو ارادو نهايت
نيڪ هو، يعني رشوت ڪمائڻ ۽ ٺٺ سان رهڻ، سو اچڻ
شطر واجهه وجهڻ لڳس ته ڪڏهن ٿا عرضدار نوٽن جون
ٿهيون کڻي اچن. ايتري چاهه ۽ تياريءَ هوندي به،
جڏهن پهرئين دفعي، ڪنهن عرضدار ڏهين جو نوٽ
سرڪائي، هٿ تي رکيو، ته سڄي جسم مان درهڙي نڪري
ويئي. هيڏانهن هوڏانهن جو نهاريم ته ڪنهن ڏسي ته
ڪونه ورتو آهي. شرم ايترو ٿيو، جو عرضدار ڏانهن
اک کڻي نهارڻ جي همت ئي ڪانه ٿي. شروعات ۾ ته
اها اڻتڻ اچي پيدا ٿي ته پئسا وٺڻ گهرجن يا نه،
ضمير جا وڍ پوڻ لڳا. پر پوءِ جلدي پير سنڀالي
ورتم ۽ سوچيم ته انهيءَ رشوت وٺڻ خاطر ته هت آيو
آهيان، پوءِ هي اجايا خيال ڇاجا. ائين سوچيندي،
نوٽ کڻي کيسي ۾ وڌم ۽ عرضدار کي ڪاغذ ٺاهي ڏنم.
اڳتي هلي اها حالت وڃي ٿي، جو ماڻهو کان
زوريءَ رقمون ڇڏائڻ لڳس ۽ انهن کان ائين رشوت جي
رقم ٻولي وٺندو هوس، ڄڻڪ پنهنجو حق يا قرض وٺي
رهيو آهيان. شرم ۽ حياءَ جو ته نشان ئي ڪونه
رهيو. ايتريقدر، جو وقتي ته مائٽن ۽ دوستن جون
چٺيون به موٽائي ڇڏيندو هوس يا نٽائي ڇڏيندو
هوس. ضمير اهڙو ته بيحس ۽ بيجان ٿي ويو، جو
ايماندار ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن تي افسوس
کائيندو هوس ته هنن کي ڇا ٿيو آهي، جو ايڏانهن
وڃي ڦاٿا آهن، يا رشوت کان منهن موڙيو بيٺا آهن.
دوستن سان ۽ ڪچهرين ۾ ويهي، آءٌ فخر سان پنهنجي
رشوت وٺڻ جي طريقن ۽ نوعيت تي فخر ڪندو هوس، ۽
ايماندار آفيسرن کي بيوقوف سمجهندو هوس.
جلدئي منهنجي حالت اها وڃي ٿي، جو
منهنجو مذهب، منهنجو ايمان، منهنجو دين، منهنجو
اصول، مطلب ته سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ پئسو هو. ڏهن
۽ ويهن رپين لاءِ مون ڪيترائي دفعا دوستن ۽
عزيزن جون چٺيون موٽائي ڇڏيون. مون کي ياد آهي
ته هڪ دفعي هڪ ماڻهو منهنجي ڇنڙن جي يار وٽان،
ڪنهن خسيس ڪم خاطر چٺي کڻي آيو، صرف ٽيهن رپين
جو سوال هو. اهو دوست ۽ آءٌ ننڍي هوندي گڏ
گهمندا هئاسين ۽ گڏ کائيندا هئاسين. جڏهن انهيءَ
دوست وٽان چٺي آڻي ڏنائين، تڏهن ائين سمجهيم ته
ڄڻڪ ڪو منهنجي کيسي مان ٽيهه رپيا زوريءَ ڪڍي
رهيو آهي. چٺي پڙهي منهن کڻي گهنجايم. چٺي کڻي
کيسي ۾ وڌم، ۽ منهن کڻي فائلن ۾ وڌم، عرضدار سان
اکين ملائڻ يا منهن ڏيئي ڳالهائڻ جي همت ساري نه
سگهيس. هو مون ڏانهن نهاريندو رهيو ته اجهو ٿو
ڪم ٿئي. شايد، مون واري دوست هن سان اهڙي هام
هنئي هوندي، پر مون واري دوست کي ڪهڙي خبر ته هو
منهنجا ٽيهه رپيا وڃائي رهيو آهي ۽ اهي ٽيهه
رپيا مون کي سندس دوستيءَ کان وڌيڪ مٺا آهن. آءٌ
دل ئي دل ۾ اچي دوست تي ڪاوڙيس. جيڪڏهن هو اهڙي
نموني سان چٺيون لکندو رهندو ته منهنجو ڇا حشر
ٿيندو. نبث دل من سوچي، اهو فيصلو ڪيم ته همراهه
کي ٺُپ جواب ٿو ڏيان. ۽ انهيءَ ڳالهه تي، منهنجي
دوست کي ناراض ٿيڻ جو ڪوبه سبب نه آهي. ناراض ته
اٽلو مون کي ٿيڻ گهرجي، جو منهنجي رقم وڃائي
رهيو آهي. وري به هڪ دفعو دوست جي شڪل تصور ۾
تري آئي ۽ اهي ڏينهن به ياد پوڻ لڳا، جڏهن گڏ
گهمندا هئاسون ۽ رانديون کيڏندا هئاسون. پر جڏهن
ڏهين رپين جا ٽي نوٽ تصور ۾ تري آيا، ته دوست
وارا سڀ نقش ميٽجي ويا. همراهه کي مخاطب ٿي چيم
”يار، تو وارو ڪم ڪونه ٿيندو، چڱو پڄئي ته مٺائي
ڏئي وڃ. توکي ڪهڙي خبر ته اها مٺائي ڪيڏانهن
ويندي ۽ ڪيترن واتن ۾ پوندي. اڄ ته اُءٌ واندو
ڪونه آهيان، پوءِ ڪنهن ٻئي ڀيري ڏسنداسون.“ ڏٺم
ته يار جي منهن جو پنوئي لهي ويو.
ٻئي دفعي جو ذڪر اهي ته بابي سائبنءَ هڪ
همراهه موڪليو ۽ تاڪيد واري چٺي به ڏنائينس. هت
معاملو صرف ڏهن روپين جو هو. همراهه کي ته مٿيان
پنڌ ڏئي اُماڻي ڇڏيم پر گهر ويس ته بابي سائينءَ
تي اتامرو ٿي ويس. چيومانس، ”بابا سائين، اوهان
جيڪڏهن ائين چٺيون
لکندا رهندا ته پوءِ هيڏوسارو گهر ڪيئن هلي
سگهندو. ههڙا فرنيچر ڪٿان ايندا ۽ ههڙيون جايون
ڪٿان ٺهنديون. هروڀرو منهنجي روزگار تي لت ته نه
ڏيو.“ ويچارو بابو منهنجي منهن ڏانهن تڪڻ لڳو،
پر وات مان اکر به ڪڇيو.
انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته رشوت واري پيسي
جو قدر ڪونه ٿو ٿئي. سولائيءَ سان اچي ٿو ۽
سولائيءَ سان وڃي ٿو. آءٌ جڏهين شام جو شهر ۾
گهمڻ ويندو هوس، تڏهن هوٽلن جا بل ئي ايترا ته
ڳرا هوندا هئا، جو اڌ ڪمائيءَ جو ته انهن ڏانهن
هليو ويندو هو. دوستن سان اُٿڻ ويهن، پيئڻ کائڻ،
۽ ٻيا اڍنگا خرچ ورائي ويا. مطلب ته پيسو پاڻيءَ
وانگر وهائيندو هوس. گهڻي خرچ ڪرڻ، سنگت ساٿ کي
کارائڻ پيارڻ، يا مائٽن کي سوکڙين پاکڙين ڏيڻ يا
روڪ رقم ڏيڻ سبب، پاڻ کي انهن سڀني کان وڌيڪ
سمجهندو هوس ۽ انهن کي گهٽ نظر سان ڏسندو هوس.
وقتي، انهن سان ائين ملندو هوس، جيئن ڪنهن اڇوت
سان ملجي. غريبن ۽ پورهيتن تي ٺٺوليون ڪرڻ،
مائٽن کي گهٽ ڄاڻن، غريب مائٽن تي مذاقون ڪرڻ،
اهي منهنجيون پڪيون عادتون ٿي ويون هيون.
رشوت جو پيسو ته حرام آهي، پر انهيءَ
رقم ڪري، جيڪي ماڻهوءَ ۾ خراب عادتون پيدا ٿين
ٿيون، سي به نهايت نفرت جهڙيون آهن، جن جو احساس
ان وقت ته ڪونه ٿو ٿئي. مائٽن مٽن، دوستن ۽
ساٿين جي شناس اصل ڪانه ٿي رهي. سدائين ڪوڙڪپت
تي سندرو، صبح ڪوڙ ته شام ڪوڙ، راشي ماڻهوءَ جي
زندگيءَ جو نانءُ ئي ڪوڙ. غريب غربي يا مسڪين
محتاج جو احساس بلڪل ڪونه. هر وقت پيسي جو جنون.
گهر ۾ ايندو هوس ته پاڻ کي ئي گهر جو وڏو
سمجهندو هوس. والدين جو ڪوبه احترام ڪونه. هو ته
ويچارا مون تان اولڻ گهولڻ پيا ويندا
هئا، پر مون کي انهنجو به احساس ڪونه. دوست ملن
۽ ڪچهريون ڪن، ته مون ۾ وڏائيءَ جا نشان پسي،
پاسو ڪري وڃن. سچا ۽ مخلص دوست ته جلدي پاسو ڪري
ويا، باقي خوشامدڙيا ۽ خود غرض ته چوگرد موجود
هوندا هئا.
هن وقت ته آءٌ نوڪريءَ تان لٿل آهيان ۽
مونکي حڪومت رشوت وٺڻ ۽ بدعنوانين جي الزام ۾
نوڪريءَ تان هٽائي ڇڏيو. منهنجي اڍنگي هلت،
پگهار کان وڌيڪ خرچ، ملڪيت ٺاهڻ، سٺو پهرڻ ۽
عمدو کائڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون، جن مان
اهو ثابت پئي ٿيو ته راشي آهيان. نوڪريءَ تان
لهڻ سبب، ڏاڍو صدمو رسيو. حڪومت تي نڪته چيني
ڪرڻ لڳس. جڪ کائڻ لڳس. مون حڪومت جي ڪارڪردگيءَ
مان وڏون ڪڍيون پر، جڏهين اندر ۾ جهاتي پائي
ڏسندو آهيان ته مون کي پنهنجو ڪردار نهايت غليظ
نظر ايندو اهي. برابر رشوت وٺندو هوس، ماڻهن کي
تنگ ڪندو هوس، رلائيندو هوس، لکپڙهون لڪائي
ڇڏيندو هوس، ۽ وڏيون رقمون وٺي، پوءِ کين ڪم ڪري
ڏيندو هوس. آءٌ سوچيان ٿو ته انهيءَ رشوت جي رقم
مان مون عيش ڪيو، ملڪيت ٺاهي، جڳهون سينگاريون ۽
ٺٺ ڪيو.
آءٌ جو هن وقت نوڪريءَ تان لاٿو ويو
آهيان ۽ هيترو ذليل ٿيو آهيان، ان لاءِ آءٌ خود
به جوابدار آهيان، پر تنهن سان گڏ، عام طور
منهنجا دوست ۽ خاص طور منهنجا عزيز به ذميدار
آهن. جڏهين رشوت جا پئسا دوستن کي کارائيندو
هوس، تڏهن هو خوش ٿيندا هئا، جڏهين رشوت جي رقم
يا ڪو سامان، ڪپڙو-لٽو گهر آڻيندو هوس، تڏهن سڀ
عزيز، والدين توڙي ٻيا پيا ٻهڪندا هئا. ڪڏهين به
مون کي ائين ڪونه چيائون ته هي رشوت واري رقم
حرام آهي ۽ نه وٺ. رهندو به خوش ٿي، همتائيندا
رهيا
۽
ويتر اڳتي ڪري ڇڏيائون. نتيجو اهو نڪتو، جو هن
وقت ذليل ۽ خوار آهيان. ذهني ذلالت ۽ پريشانيءَ
۾ مبتلا آهيان، جتان ڪوبه جند ڇڏاڻي نٿو سگهي.
هو هن وقت، منهنجي تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه
آهن. سچ چوندا آهن ته ”کائي گلو، ڪٽجي هيڪلو.“
•
محمد. جي. ابڙو
ڀينر آءٌ ڀلياس
اوهو! رضيه آخر تون سمجهين ڇو نٿي. جڏهن
سهيل توکي وساري ڇڏيو آهي ته هاڻ تنهنجو ان سان
ڇا؟ ڪهڙو واسطو؟ توکي سهيل کي وسارڻو پوندو،
توکي تنهائيءَ کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. مان
توکي اهڙي حالت ۾ نٿي ڏسي سگهان. سهيل پريم جو
پوڄاري نه بلڪ دولت جو پوڄاري آهي ان جو پيار
تون ڪڏهن به نٿي حاصل ڪري سگهين. رشيده چيو، ”نه
نه! ائين نه ٿيندو! بس ڪر، رشيده بس ڪر!“ منهنجي
دماغ تي ايڏو بار وجهي منهنجي دل کي پنهنجي
زهريلي لفظن سان پاش پاس نه ڪر. توکي ڪهڙي خبر
ته پيار، پريم ۽ پريت ڪيڏي نه اونهي معنيٰ رکن
ٿا. پيار ۾ ڇا سمايل آهي. تون، ان کان اڻڄاڻ
آهين رشيده. زندگيءَ جو هيڏو طويل عرصو، مون
سهيل سان عارضي پيار ڪندي گذاريو. ليڪن سهيل
پيار جي روپ ۾ مون سان ظلم ۽ ستم ڪندو رهيو.
زندگيءَ جي ان روشن ڏيئي کي آهسته آهسته
اُجهائيندو رهيو، جنهن جي روسني هن وقت جهڪي ٿي
چڪي آهي. رضيه جواب ڏيندي چيو.
رضيه، جڏهن تون سڀڪجهه سمجهين ٿي، ته
پوءِ ان کي وساري ڇو نٿي ڇڏين. جڏهن توکي ڪجهه
حاصل نه ٿيو، ته پوءِ تو ڇو اهو رستو اختيار ڪيو
آهي. رشيده مايوس ٿي چيو.
ها، رشيده ليڪن¼¼¼
ليڪن ڇا؟ رضيه هن جي جملي کي ڪاٽيندي
چيو:
رشيده، ڪهڙي ريت کيس وساريان. اهي لمحا،
اهي راتيون جيڪي بار بار مون کي نانگڻ بنجي
ڏنگين ٿيون. اهي راهون جن تان سندس قدمن جا نشان
اڃا مٽجي نه سگهيا آهن. اهي موسمون، اهي فضائون
اهي هوائون جيڪي بار بار مون کي سندس ياد ڏيارين
ٿيون، اهي ڪوڙا ۽ مڪاريءَ وارا وعدا، اهو فريبي
پيار، اها سهڻي گفتار، آخر اهو سڀ ڪجهه مان ڪيئن
وساريان. رشيده مون کي مجبور نه ڪر، مون پيار
ڪيو آهي، صرف پيار. هڪ عارضي پيار ۽ ان ۾ مون سڀ
ڪجهه وڃائي ڪجهه به حاصل نه ڪيو آهي. هلي وڃ،
رشيده هلي وڃ. مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي. مون
کي تنهائي گهرجي، وڃ رشيده وڃ!
ڪمرو هڪ دفعو وري دردن ڀرين سڏڪن سان
ڀرجي ويو. رشيده به ڳوڙها ڳاڙيندي هلي وئي. هڪ
دفعو وري رضيه تنهائيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. ان
جي ذهن تي ڪيتريون ڳالهيون آيون، ڪيتريون ويون،
ليڪن ان کي ڪجهه نٿي سمجهه ۾ آيو ته ڇا ڪريان.
سهيل سان پيار جي وعدي کي نڀائي، سهيل جي پيار
جو ڀرم رکي يا پيءُ جي عزت جو خيال ۽ پيءُ جي
وقار کي برقرار رکي هن اهڙيءَ طرح سوچ ويچار
ڪندي گذاري¼صبح
جو هن جي زندگيءَ جو فيصلو ٿيڻ وارو هو. هڪ نئون
صبح ٿيو. اڄ رضيه جا قدم يوينيورسٽيءَ جي بدران
سڌا سهيل جي ڪوٺيءَ ڏانهن وڌڻ لڳا. هو اڄ آخري
ڀيرو سهيل کان جواب طلب ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي.
جيئن جيئن سهيل جي ڪوٺي ويجهو ايندي وئي، تيئن
تيئن سندس دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيندي وئي ۽ آخر در تي
پهچي، پندرهن منٽ ڪشمڪس ۾ مبتلا رهي. هن اُتي
بيهي دل ئي دل ۾ سهيل سان خوب مقابلو ڪيو. اچانڪ
ڪوٺيءَ جو در کيو.
اوه! رضيه تون ۽ هتي! عجب قدرت جو شان
آهي. اڄ هن دَرَ تي ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ اچو. اچو؛
اندر اچو، سهيل ان کي روماني انداز ۾ چيو¼
جي، جي¼مان¼مان!¼ملڻ
آئي آهيان، آخري جواب طلب ڪرڻ آئي آهيان
¼
ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟ سهيل هن جو جملو اڌ مان پورو
ڪيو.
رضيه پنهنجي جذبات تي قبضو ڪري جواب
ڏنو. جي ها ائين هوندو اڄ توکي صاف صاف فيصلو
ڪرڻو پوندو.
صاف فيصلو، ليڪن ڇا جو فيصلو، ڪهڙو
فيصلو؟ سهيل مسڪرائيندي چيو!
سهيل، ڪنهنجي زندگيءَ سان کيڏي ۽ ان کي
تباهه ڪرڻ، ان جو آشيانو جلائڻ، ان جي دل کي هر
طرف کان مايوس ڪرڻ ۽ هر قسم جو ظلم ڪرڻ، آخر
ڪٿان جي شرافت آهي، مون تنهنجي ڪهڙي خطا ڪئي
هئي. جنهنجي تون هيڏي وڏي سزا ڏيئي رهيو آهين.
رضيه يڪساهي سڀ ڪجهه چئي ويئي.
ليڪن مون ته ڪنهن تي ظلم نه ڪيو آهي
رضيه. سهيل بيرخي سان چيو: سهيل، تو ظلم نه ڪيو
آهي ته ڇا مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو آهي؟ تو
منهنجي زندگي تباهه نه ڪئي آهي ته ڇا مون پاڻ
ڪئي؟ رضيه هڪ ڀيرو وري سوال ڪيو: ”رضيه، اهو نه
ڀلج ته ڪو ڪنهن کي تباهه ٿو ڪري، هر انسان
پنهنجي تباهيءَ جو ذميوار پاڻ آهي. پيار تو
پنهنجو پاڻ مون سان ڪيو هو، مون نه ڪيو هو“.
سهيل، تون ڇا چئي رهيو آهين! رضيه ڳوڙهن
ڀرين اکين سان کيس تعجب مان ڏسڻ لڳي.
ها رضيه، ڇا پيار جو مطلب اهو آهي ته
مان دنيا جي هن رنگين فضائن کي ڇڏي صرف تنهنجو
پوڄاري بنجي رهان. مان تولاءِ ديوانو بنجي وڃان،
مجنون چَوارايان، ۽ صرف توسان پيار ڪريان. دنيا
حسن سان ڀريل آهي، هڪ اچي ٿي ٻي وڃي ٿي. اها اڄ
ڪلهه جي زندگي آهي. ٻڌي ڇڏ، ته توسان شادي نه
ڪندس. جنهن سان دل چاهيندي، ان سان ڪندس. منهنجو
آخري فيصلو آهي، سهيل اهو سڀ ڪجهه سختيءَ سان
چئي هليو ويو.
آه! سهيل بس ڪر، بس¼اڄ
منهنجون اکيون تو کولي ڇڏيون. ذليل، مڪار انهيءَ
زماني کي ياد ڪر. جڏهن تو مون کي خود پيار جو
محل ڏيکاريو، خوشين جا سهانا خواب ڏيکاريا ۽
پيار نڀائڻ جا ڪوڙا وعدا ڪيا ۽ مون تنهنجي خاطر
دنيا وارن جا، گهر وارن جا ۽ تنهنجا طرح طرح جا
ستم سٺا، ليڪن سهيل مان تنهنجي پيار کي ڀلايو.
پنهنجي وعدن کان نه ڦريس، تنهنجي هم قدم هلندي
رهيس. ياد ڪر اهو ڏينهن جڏهن مان، موت جي ڪشمڪش
۾ هئيس، ليڪن تنهنجي ئي قدمن ۾ پئجي رهيس. ياد
ڪر انهيءَ رات کي جڏهن تون منهنجي سامهون ”سيما“
کي وٺي فلم تي وئين ۽ ان سان گڏ لاهور گهمڻ لاءِ
هليو وئين ۽ منهنجي دل درد کان چُور ٿي چڪي هئي.
اکين سان سڀ ڪجهه ڏسندي به سهيل مون توکان نفرت
نه ڪئي، جڏهن به تون مون سان ملئين ته مون توکي
پيار جو جواب پيار ۾ ڏنو. ليڪن توکي نه وساريم.
رضيه سڏڪن ڀري آواز ۾ چوندي رهي.
پر مون ته توکي نه چيو هو ته مونکي نه
وسار! اڄ به وقت اٿئي، وساري ڇڏ، نفرت ڪر، ۽
زندگيءَ کي زندهه دليءَ جو نالو ڏئي هل. حسين
آهين، جوان آهين، همسفر وري به توکي ڪونه ڪو ملي
ويندو. سهيل کلندي چيو.
خاموش ذليل، خبردار جو وڌيڪ لفط واتان
ڪڍيو اٿئي. رضيه غصي ۾ ڏڪڻ لڳي.
هون ته محترمه جي شرافت جاڳي اُٿي آهي.
جڏهن مون سان ٿي پيار ڪيئه، جڏهن منهنجي گلي ۾
ٻانهون ٿي وڌءِ، تڏهن تنهنجي شرافت ڪيڏانهن ويئي
هئي. تون انهن ٻانهن کي سليم جي گلي جو هار به
بنائي سگهينءَ. سهيل ٽهڪ ڏيندي هڪ دفعو وري ان
تي طنز ڪندي چيو.
چپ ٿي وڃ سهيل ورنه¼
ورنه ڇا، تون مون کي گوليءَ جو
نشانو بنائيندينءَ، ها، ها، ها،¼
سهيل ٽهڪ ڏيندو چيو. کڻي جيئندي رهندي آهي، ۽ ان
درد کي کڻي مرندي آهي. مان به هڪ عورت آهيان ۽
تنهنجي پيار کي سيني سان لائي مرندس، ۽ ياد رک
تون جن رنگين فضائن۾ گم آهين، تون جن حسينن جو
طلبگار آهين، توکي جن جي دولت تي ناز آهي، اهي
ڪڏهن به حاصل نه ٿيندءِ. منهنجي پيار کي ٺڪرائي
خود به ٺوڪريون کائي مرندين. ان وقت توکي مان نه
ملي سگهان. ها سهيل اهو سچ آهي ته گل جي بوءِ
ختم ٿيڻ کان پوءِ گل مرجهائجي ويندو آهي ۽ ان کي
حاصل ڪرڻ جي ڪنهن کي تمنا به نه ٿيندي آهي، پيار
جي وسيع معنيٰ مان تو نه ڄاتو. تون انهن عظيم
گناهن جو پوڄاري آهين، جيڪي جسمي جي صورت ۾
توسان ملن ٿيون ۽ هوا جو روپ اختيار ڪري هلي وڃن
ٿيون. مان ان ڏينهن جو انتظار ڪنديس جڏهن توکي
دنيا ٺوڪرون هڻندي، رضيه ائين چئي جلدي ۾ مُڙي.
ها، ها، ها¼
ڏاڍي معزز خاندان جي شريف عورت ٿي ڏسجين. سهيل
ٽهڪ ڏيندي سندس پويان چيو.
رضيه رستي تي دنيا کان بي خبر تڪڙي تڪڙي
هلندي رهي، سندس ڪنن ۾ سهيل جا لفظ گونجي رهيا
هئا. هن جو دماغ چڪرائجي رهيو هو. هن جا قدم
يڪدم گهر ۽ يونيورسٽيءَ کان مڙي، درياءَ جي طرف
وڌيا. ليڪن سهيل جي زهريلي لفظن وري ان کي واپس
ڪيو، هن واپس مڙي وري گهر جي راهه ورتي. رستي تي
هن جي نظر وري ساڳيءَ ڪار ٿي پئي، جنهن ۾ سيما ۽
سهيل ويٺا هئا. هن جو دماغ سور کان ٽڪرا ٽڪرا ٿي
رهيو هو. هوءَ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهي، ۽ يڪدم
سندس اکين مان باهه جا الا نڪرڻ لڳا. غصي کان
سڄو بدن هڪ عجيب حرڪت ۾ اچي ويس. هن جي زبان مان
نڪتو ”خون“. ان پيار جو خون جنهن کي مون جبلن جي
بلنديءَ کان به بلند تر ٿي سمجهيو. جنهن کي سج
جيان روشن تي سمجهيو. جنهنکي سمنڊ جي اونهائيءَ
کان به اونهو ٿي سمجهيو. ها! ها¼
منهنجي پيار جو خون! هن يڪدم گهر جي طرف رخ ڪيو
۽ تڙاڪ سان اچي پلنگ تي پئي. درد ڀريل سڏڪن سان
سڄو ڪمرو گونجي اٿيو. ديوارن تي کيس اهي مجسما
نظر اچڻ لڳا، جيڪي سندس هر حرڪت جو نقل ڪري رهيا
هئا. هن جو بند ڪمري ۾ دم گهٽجڻ لڳو هوءَ ڪهڙين
اميدن سان سهيل وٽ وئي هئي، هن اهو نه سوچيو هو
ته سهيل اڄ به مون کي اهڙو مايوس ڪندو. هن کي
ڪهڙي خبر ته هڪ چمڪندڙ پردي پٺيان اونداهي به
ڇانيل آهي. اڄ سندس پيار
بي
نقاب ٿي چڪو هو. اڄ هن جي سامهون اها موسم ۽ اهي
راتيون ڦري رهيون هيون، جڏهن هو سهيل سان گهمڻ
ويندي هئي، ۽ سهيل کيس بي انتها چاهيندو هو. اڄ
هن کيس ائين ڌڪاري ڇڏيو هو، ڄڻ ته اهو سڀ
ڪجهه هڪ خواب هو. درکلڻ جي آواز تي هن ڳوڙها
جلدي جلدي ڪري اگهيا. هوءَ پنهنجي سامهون والد
کي بيٺل ڏسي حيران ۽ ششدر ٿي وئي.
بابا سائين! اوهان، رضيه گهٻرائيندي
چيو:
ها پٽ، ڪيترن ڏينهن کان مان توکي مايوس
۽ اداس ڏسي رهيو آهيان. شايد توکي پيءُ جي پسند
چڱي نه لڳي آهي. شايد تون اهو ٿي سمجهين ته اسان
تنهنجيءَ شاديءَ لاءِ انتخاب خراب کان خراب تر
ڪيو آهي، ۽ تنهنجي پسند ان ۾ نه آهي ڇا اهو سڀ
ڪجهه سچ آهي. سيٺ صاحب مٺاس سان پڇيو. جي-جي¼¼
ها – ها پٽ چئو، اسان توکي غمگين نٿا
ڏسي سگهون. سيٺ صاحب چيو: نه بابا سائين، ائين
نه آهي. رضيه گهٻرائيندي جواب ڏنو: ته پوءِ ڪهڙي
ڳالهه توکي ايترو غمگين ڪيو آهي وري هڪ دفعو سيٺ
چيو.
نه نه! اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي بابا¼رضيه
چيو:
پٽ ڪا ته ڳالهه ضرور اهي. چئو پٽ تنهنجي
ماءُ جي اها وصيت هئي ته مان توکي سکيو رکان.
چئو پٽ تون ڇا ٿي چاهين؟ سيٺ صاحب وري چيو:
بابا مون کي ڪجهه نه گهرجي، توهان جي
پسند منهنجي پسند آهي. مون کي ڪابه شڪايت ناهي.
رضيه هوش سنڀالي جواب ڏنو.
چڱو پٽ مان هلان ٿو، تون رشيده سان وڃي
ڪجهه پنهنجي
پسند جو سامان خريد ڪري اچ. ائين چئي سيٺ صاحب
هليو ويو.
اڄ رضيه پنهنجي دل تي ڳرو پٿر رکي پيءُ
کي پنهنجو فيصلو ٻڌايو. ان جون سڀ اميدون ختم ٿي
چڪيون هيون.
اڄ سڄي گهر ۾ روشنيءَ جا رنگين بلب ٻري
رهيا هئا. سڄو بنگلو جرڪي رهيو هوءَ هر طرف کان
خوبصورت نازينن جا ٽهڪ لڳا پيا هئا، ۽ عجيب
هنگامو بپا هو. ليڪن انهن شرنائن ۽ بينڊن جي
آواز ۾ رضيه ڳوڙهن جي درياءَ ۾ ٻڏندي رهي. ان جا
سڏڪا انهن آوازن ۾ گم ٿي ويا. سندس درد ڀري آه ۽
هر صدا پهاڙن سان ٽڪرائجي وري واپس ٿي آئي. اڄ
رضيه هڪ خوبصورت ڪنوار بنجي ويٺي هئي. هن جي حسن
جي جمال جي روشنيءَ سان سندس گهونگهٽ روشن هو.
اڄ هن جي زندگيءَ جو ناتو ڪنهن ٻئي سان جڙي چڪو
هو، آخر اها رات آئي جڏهن اعجاز وٽ هڪ حسين ۽
نازڪ بدن گلاب جو گل ان سيج تي ويٺل هو، تي سندس
زندگيءَ جو آخري فيصلو ٿيڻو هو. آه! اها رات ڇا
ٿئي ۽ ڇا ٿي ويو. رضيه کي اها رات نانگڻ بنجي
ڏنگيندي رهي.
اعجاز سهري کي لاهي رضيه جي منهن ۾ هڻي
ڪڍيو. ذليل، آواره، بدچال اڄ سيٺ صاحب جي عزت بي
نقاب ٿي ويئي، هن زور سان رضيه جو گهونگهٽ ڇڪي
لاهي ڇڏيو. جڏهن تنهنجي عزت بي نقاب ٿي چڪي آهي
ته هاڻ ڇاکي ٿي هن بي حيائيءَ جي گهونگهت ۾
لڪائين. مون کي اها خبر نه هئي ته رضيه حسين
آهي، مگر حيا جي پتل ناهي. مون کي اها به خبر نه
هئي ته ان شرم ۽ حيا ۾ بي حيائي، آوارگي، بدچالي
به لڪل اهي. اعجاز غصي ۾ سڀ ڪجهه چئي ويو.
سرتاج! ليڪن¼¼رضيه
جا بند لب کليا.
خاموش! خبردار جو نانگڻ ان زهريلي زبان
سان مون کي سرتاج ڪري ڪوٺيو اٿئي. سرتاج مان نه
بلڪ اهو هو جنهن جن کان اڳ توکي پنهنجي پهلوءَ ۾
ويهاريو هو، جنهن تنهنجي حسن کي خريد ڪري وري
نيلام ڪيو. جنهن تنهنجي نازڪ بدن ۽ پنکڙين جهڙي
لبن کي چميو
هو، جنهن توکي، پنهنجي سرتاج چوارائڻ جو مستحق
ڪيو هو، ان کي تون سرتاج چئه. اعجاز جون وڏيون
گول گول اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. هو غضي جي عالم
۾ سڀ ڪجهه چوندو ويو.
مسٽر اعجاز، اهو سچ آهي ته مان گناهگار
عورت آهيان، بدڪار آهيان، ليڪن ذليل ۽ آواره
ناهيان. هو به تو جهڙو مرد هو، جنهن عورت جي عزت
کي سرِبازار نيلام ڪيو. خود خريدار بنجي به
خريدي نه سگهيو. اعجاز ڇا توهان مردن وٽ صرف
عورت جي اها قدرشناسي آهي؟ جو ڪنهن عورت جي
مجبوريءَ کي سمجهڻ بجاءِ ان کي تباه ڪري ڇڏيو.
عورت وفا جي پتلي آهي ۽ هوءَ پيار ۾ پنهنجو سڀ
ڪجهه لٽايو ڇڏي. ليڪن مرد کان کيس اهو ٿو لقب
ملي ته ”آواراه“. رضيه جا ڳوڙها برسات جيان وسڻ
لڳا.
ها تو اهو ٿي سمجهين ته خطا صرف اسان
مردن جي آهي، اهو نه ڀلج ته مرد کي به برغلائڻ
واري عورت آهي، هو سڀ ڪجهه پنهجو لٽائي مرد کي
خطاوار ٿي بنائي. اعجاز جواب ڏنو:
مگر اهو¼¼¼¼
ها، ها! چئو، مگر ڇا، اهو سڀ ڪجهه غلط
آهي نه! ليڪن منهنجو فيصلو تولاءِ صرف هڪ آهي.
اعجاز غصي مان ڀريل اکين سان هن ڏانهن نهاريندي
چيو.
ليڪن ڪهڙو فيصلو! رضيه گهبرائجي پڇيو.
فيصلو صرف ”طلاق“. اعجاز ائين چئي ڪمري
کان نڪري ويو.
رضيه سڄي رات تڙپندي رهي، هوءِ پنهنجو
پاڻ سان جنگ ڪندي رهي، صبح جو کيس هڪ انمول تحفو
ملڻو هو، صبح جو سندس تقدير جو آخري فيصلو ٿيڻو
هو.
اچانڪ هڪ غصي سان ڀريل گرجدار آواز رضيه
کي ڏڪائي ڇڏيو. رضيه! هي منهنجو فيصلو جهولي
پائي جهل ۽ توکي اجازت آهي ته هتان وڃي سگهين
ٿي. اعجاز سندس اڳيان طلاق جو پنو اڇلائي هليو
وي.
شام تائين هوءَ سوچيندي رهي، آخر
اونداهي رات به آئي، هن جي اکين اڳيان سهيل جو
چهرو ڦرڻ لڳو. اڄ رضيه جي دل ۾ وري هڪ دفعو پيار
جي انتقام جي باهه ڀرڪي اٿي، هوءَ يڪدم اُٿي ۽
هڪ هٿ ۾ ڪٻٽ مان پستول کنيائين ۽ ٻئي هٿ ۾ طلاق
جو پنو جهليائين. پوئين در کان آهستي آهستي ڪري
نڪري وئي.
اونداهيءَ رات ۾ هوءَ سهيل جي ڪوٺيءَ ۾
پهتي، سهيل ننڊ جي آغوش ۾ هو. هن آهستگيءَ سان
هٿ وجهي اندران در کوليو، هوءَ سڄي ڏڪي رهي هئي،
هن هڪ ڀيرو، سهيل جي پيشانيءَ کي چميو، ۽ وري
هنکي غور سان ڏسڻ لڳي، سهيل هن جي اڳيان درندي
جيان ڦرڻ لڳو ۽ پاڻ ان جا اڳيان خوني درندو بنجي
بيٺي رهي، هن جا حواس گم ٿي چڪا هئا. هن پستول
سهيل جي سين تي رکي هڪ ڀيرو وري سوچيو، سهيل،
ڇاتيءَ تي ڪجهه بار محسوس ڪري، ڇرڪ ڀري اٿي
ويٺو، ۽ رضيه پستول سڌو ڪري جهليو.
رضيه تون هن حالت ۾! سهيل گهٻرائجي چيو:
ها، مان رضيه، اها رضيه جيڪا توکي
چمڪندو ڏسي پاڻ به
چمڪي اُٿندي هئي. جنهن ٻئي جي عزت سان کيڏڻ جو
بدلو حاصل ڪيو. اڄ تون به منهنجي عزت سان کيڏڻ
جو مزو حاصل ڪر. جنهن رضيه کي خريدي تو نيلام
ڪيو، جنهن رضيه کي تو ڪوڙا خواب ڏيکاريا اڄ ان
جي غيرت ۽ ضمير سجاڳ ٿي چڪا اهن. رضيه جي اکين
مان
ڳوڙهن جو قطرو به نه وهيو. هوءَ خوني باز مثل ان
جي قريب ٿيندي وئي ۽ سهيل خوف ۽ هراس مان پٺتي
هٽندو ويو. ليڪن رضيه تنهنجي ته شادي ٿي چڪي
هئي. مون کي اهوئي غم هو. سهيل چالاڪيءَ سان
چيو:
ها، ها، منهنجي شادي ٿي چڪي هئي، ليڪن
صرف هن ”طلاق“ لاءِ تنهنجي پيار جو بدلو توکي
ڏيڻ لاءِ. اها چاپلوسي ۽ مڪاري هاڻ تون سيما کي
ڏيکار. مان توکي چڱيءَ طرح ڄاڻان ۽ سڃاڻان ٿي.
رضيه چيو:
رضيه ڇا تنهنجو اهو پيار هو، جو تون
منهنجو خون ڪرڻ آئي آهين. سهيل پڇيو: منهنجو
”پيار“ دنيا جي هر شيءِ کان اعليٰ هو ۽ رهندو.
يڪدم گولي هلڻ جو آواز ٿيو. تڙاڪ، تڙاڪ، هڪ ٻه
ٽي¼¼!!
کن اندر رضيه جو لاش ڪِريو. زمين خون
سان تر هئي. پستول سهيل جي پيرن ۾ وڃي ڪِريو ۽
طلاق جو پنو اُڏامي اچي سندس منهن ۾ لڳو.
هو ڪنڌ جهڪايل، هٿڪڙين سان پوليس جي
گهيري ۾ هو، ۽ هڪ دفعو سندس نظرن، رضيه کي وري،
ڏٺو، جيڪا مسڪرائي هميشہ لاءِ ننڊ ۾ سمهي چڪي
هئي.
هن جا چپ کليا اُف! رضيه واقعي مون
توسان زيادتي ڪئي هئي، تنهنجو ڪوبه قدر نه ڪيم.
آه! تنهنجو ”پيار“ ڪيترو وسيع ۽ ڪيترو بلند هو.
ٻئي لمحي سهيل چار ديوارين ۽ لوهي سلاخن ۾
مايوس ۽ اُداس ٿي رضيه جي ياد ۾ گم ٿي چڪو هو، موت
جو تحفو سندس انتظار ۾ هو.
********** |