شاعري
ادب جا ڪي اهڙا مشترڪ مسئلا به ٿين ٿا، جن کي هر
زبان جي ادب ۾ ساڳيءَ اهميت سان سوچيو وڃي ٿو.
اڄ جو اديب ۽ شاعر جنهن دؤر مان گذاري رهيو آهي.
سو سائنس ۽ صنعت جي انتهائي حيرت انگيز انڪشافن
جو دؤر آهي. هڪ طرف انسان کي چنڊ تي خيمن کوڙڻ
جي ترقي نظر ۾ آهي ته ٻئي طرف ڌرتيءَ تي ائٽم ۽
هيڊروجن بمن جي تباهه ڪن تحريڪ جا خطرا موجود
آهن، جيڪي انساني سماج ۽ فطرت جي سمورن نظارن کي
يڪسر ختم بلڪ ناپيد ڪري ڇڏيندا. اهڙي نازڪ
صورتحال ۾، اڄ جي ادب ۽ شاعريءَ
لاءِ انسان جي روحاني آزادي ۽ فطرت جي محافظت
جا ڪهڙا قدر ٿي سگهن ٿا؟ سڄيءَ دنيا جا دانشور
هن اهم ترين انساني مسئلي تي سوچي رهيا آهن؛ ۽
سڄي دنيا جا باشعور عالم ۽ اديب هن سوال جي
اهميت کي محسوس ڪري رهيا آهن.
-
ورڊ سورٿ
مخدوم طالب الموليٰ صاحب
سنڌ جو ساوڻ
هن
ملڪ ۾ گوشئه ٖ چمني جو ڪاروبار،
باد ٖ سموم آڻي فقط گرد ۽ غبار،
نسرين، ياسمين ۽ نرگس نه بيشمار،
سر و سمن نه آهه نه سنبل ئي غمگسار،
لاله و گل ڪٿي، نه ڪٿي بلبل ٖ هزار،
ساوڻ ئي منهنجي سنڌ جو بس غيرت ٖ بهار.
هت
نازور نگار نه مغبّچا مهه جبين،
حسن ٖ ادا ۽ حسن ٖ خرامي کان دلنشين،
بدمست ڪن، کڻن جو کڻيو چشم ٖ نرگسين،
مي تلخ تن جي هٿ ۾ لبن منجهه انگبين،
مارو اسان جا ڪينڪي ڄاڻن انهن منجهان،
سمجهن هي سادا سودا ٿا کيرن ڏڌن منجهان.
باد ٖ سحر نه، پر هتي پورب ئي خابرو،
هرذي حيات کي ٿي ٿئي تنهنجي جستجو،
ڪک پن ۾ جنهن کان زندگي پيدا ٿئي سوبه سو
ڪٿ مشڪ يا گلاب ۽ ڪٿ هي اُٺي جي بو،
صبح ٖ بهار کان سٺي ساوڻ جي شام آهه،
موسم حيات بخش تي هردم سلام آهه.
ساوڻ جي مينهن وارا مڙئي خوشگوار ڏينهن،
جهڙڦڙ جي جهانءِ ساڻ ٿين غمگسار ڏينهن،
رشڪ ٖ بهار ٿين ٿا سي بي بهار ڏينهن،
وسريو وڃن هو سال جا سڀ بيقرار ڏينهن،
هر
هر صدا بلند ٿئي ٿي جهان مان،
آب ٖ حيات پيو وسي اڄ آسمان مان.
ڪارا ڪڪر ڏين شهون زلف ٖ نگار کي،
خاتم، سياهه بخت جا، گل ڪن ٿا خار کي،
گجگوڙ سان چڙهن ته پو آڻن سڪار کي،
ڍايو ڇڏين هاري ۽ هاريءَ جي ٻار کي،
وقتائتا وسي ٿا وسائن پڪي ڪچي،
ساوا ٿين جو پت ته کٿوري جي ڊوُ اچي.
جينءَ جينءَ ڪري ٿو گُهٽ ۽ گرمي ٿئي شديد،
آسائتن جي لاءِ جي لاءِ اهو وقت آهي عيد،
سج بيٺي ٿو وسي ته سڪارن جي سا نويد،
انجي پکي ڏري جي به ساعت اها سعيد،
دريا جي جان آهه ۽ ڀاڳين جو ڀاڳ هوُ،
ڦڙڦڙ انهيءَ جي روح ٖ تمنا ۽ آرزو.
سارو مهينو سج به رهي ٿو نقاب ۾،
توڙي سدائين آهه سو پنهنجي شباب ۾،
چوڏهينءَ جو چنڊ پڻ اچي اڪثر حجاب ۾،
پوشيدهه جئن هجي ڪو بيان ڪنهن ڪتاب ۾،
بادل چرهن ته صبح به ڄڻ شام ٿيو وڃي،
جي شام هوندي آهه ته ناڪام ٿيو وڃي،
هر
سال پنهنجا وقت تي وعدا وفا ڪري،
هر آدمي جا حق هميشہ ادا ڪري،
گهر ويٺي آڻيو رحمت ٖ عظميٰ عطا ڪري،
ڪوئي نه آهه جيڪو سندس ڪا گلا ڪري،
ٿي
برق انجي رشڪ ٖ ثرّيا ۽ شڪ ٖ ماهه،
چمڪي ته پو ڏڪار جو نڪري وڃي ٿو ساهه.،
اڪثر اچي ٿو مينهن ڏُهائيءَ جي وقت تي،
نئون ويس ٿو ڍڪائي، پوي جنهن درخت تي،
گل ڦل ٿين ٿا ڀونءِ سندي لخت لخت تي،
ڪشمير کي حسد وٺي سنڌڙيءَ جي بخت تي،
سچ
پچ ته هيچ آهه فلاورس نرسري،
نوروز (1) کي به ناهه ڪا ساوڻ تي برتري.
تقريب شاندار هي هڪ يادگار آهه،
هر شخص باوقار ۽ خوشدل بهار آهه،
هي ارض ٖ پاڪ آهه يا ڳاڙهي ڪنوار آهه،
لائن لهڻ جي واسطي سا بيقرار آهه،
بادل کوڻ ۽ گوڙ ۾ عالم سڄو نچي،
ساوڻ جو مينهن، ڄڃ سان ڄڻ گهوٽ پيو اچي.
مانڊاڻ جي مَنڊي ۽ کڻي مينهن ڪو مچي،
مسڪين ۽ غريب جي لئه رنگ ٿو رچي،
جي وڏ ڦڙو ٿو زور سان ڇم ڇم ڪريو اچي،
سمجهو ته ڇير ساڻ ڪو ناچو پيو نچي،
پاڻيءَ ۾ پو حباب ٿا پيدا کڻيو ٿين،
خوش حالين جون خوب نويديون اٿيو ڏين.
ساوڻ جي مينهن لئه ٿي زمين بيقرار ٿئي،
انجي وسڻ سان ڳڀّ جهلي ڪامگار ٿئي،
وڻ ٽڻ ٿو ڦلجي ڦولجي ۽ باوقار ٿئي،
بيتاب، بيقرار ٿو هر جاندار ٿئي،
جذبات جنس ٿو ڏئي اهل ٖ حيات کي،
هيجان پڻ عطا ٿو ڪري خواهشات کي.
جنس ٖ لطيف ۾ ئي لطافت وڌيو وڃي،
سنگين مزاج ۾ به نفاست وڌيو وڃي،
گفتار ۾ هزار نزاڪت وڌيو وڃي،
رفتار ۾ انهيءَ جي قيامت وڌيو وڃي،
مردانه، خوب حس و وجاهت ڪري ظهور،
خود بيني، خودستائي ۽ طاقت ڪري ظهور.
پيدا ٿين حواس ۾ ٿا ڪيئي ولولا،
ذهنن ۾ ڪشمڪش جا بپا ٿين ٿرٿلا،
ٽڪريو نگاهون پاڻ ۾ آڻن ٿيون زلزلا،
سودا ٿيڻ لڳن ٿا محبت جا برملا،
هٿ
جي گهڙيل نه ڳالهه هي فطرت جو راز آهي،
قدرت بنايو اينهين ئي صورت جو ساز آهه.
مستن ۾ زوردار ٿي مستي پا ٿئي،
ديوانگيءَ ۾ جوش ٖ الستي بپا ٿئي،
عاجز ۾ هڪڙي نوع جي هستي بپا ٿئي،
بيڪار ۾ به ڪانه ٿي پستي بپا ٿئي،
هر
دم پکي پکڻ به هجي ٿو ورونهن ۾،
سڀڪو ڏسو ته گم آهه ساوڻ جي سونهن ۾.
ويرانا، جن مان خون جي هردم اچي ٿي بوُ،
تن تي وسايو مينهن ڪري سبزه هوُ،
هر ٻج ۾ ٿو پيدا ڪري قوّت ٖ نمو،
سانگي اتي پڄن، ٿئي جهرمر ٿي سوبه سو،
ٻانهاريون ۽ سهاڳڻيون سينگار اتي جو ٿين،
هر وقت هو سڪار جو سهڻيون ثبوت ڏين.
دريا مچي ته ٻيلا ٻڏي ٿين ڀرجهلا،
چوڦير ڏين چور ڪنڍيون کير جا دلا،
سائي زمين ٿي ٿئي سڀرا ڏئي سلا،
هٿ ڪن تي ڏئي ڌنار پيا ڪن الا الا!
ساوڻ ۾ ڀاڳيا، هاري ۽ ناري ٽپا ڏين،
سڀريون ته سايون ٿين ۽ اڀريون به ٿيون لڳن.
موسم جو مينهن رحمت ٖ يزدان جو هڪ نشان،
هڪ هڪ ڦڙي ٿي غيرت، لولوئي داستان،
تڏهين زمين ٿي ٿي وڃي رشڪ ٖ آسمان،
انجو ڀلا ڇا ”طالب ٖ مولا“ ڪري بيان،
محبوب گڏ نه آهه ته ساوڻ سڄوئي سُڃ،
ڪوڇن، ڪڙين، تلاءَ تراين جا ريج رُڃ.
(1) اسلام کان اڳ ايران ۾ ’جشن ٖ بهار‘ جي تقريب
کي ’نوروز‘ چيو ويو آهي. دؤر بنو عباس ۾ برمڪي
خاندان جي وزيرن، جعفر برمڪيءَ ۽ يحيٰ برمڪيءَ،
اسلامي دؤر ۾ به ’نوروز‘ جي تقريب ملهائي. هن
شعر ۾، حضرت طالب الموليٰ، سنڌ جي ساوڻ جي
مينهن، ان جي دلڪش نظارن، گلن ڦلن جي سرهاڻ ۽
سڳند کي، نوروز تي ترجيح ڏئي، سنڌي ادب ۾ هڪ حسن
آفرين روايت جو اضافو ڪيو آهي.
بيت
• الياس عشقي
نوري
تون سمو آءٌ گندري، تون شاه آءٌ غريب،
تنهنجي جن تي آ نظر، تنجو وڏو نصيب،
مون نماڻي نارِسين، رکج قرب قريب،
تات طلب جي درد جو تون ئي آهين نيازسين.
تون سمو آءٌ گندري، تون چنڊ آءٌ اُماس،
ڄام تماچي تڙ ڌڻي مون کي تنهنجي آس،
من
۾ نوريءَ جي سدا تنهنجو نينهن نواز،
لهرن لک لباس، ته به چنڊ نه ڪينجهر ۾ لِڪي.
تون سمو آءٌ گندري، مان نوري تون نور،
تون ئي دل جو آن ڌڻي، تو بن آءٌ نه مور،
تنهنجي مرضي اي مٺا، مونکي آ منظور،
تون بخشش آءٌ قصور، نظر رکج مهر جي.
تون سمو آءٌ گندري، مان مهاڻي تون ڄام،
تون بادشاهه ڪينجهر ڌڻي، مان آهيان تنهنجي غلام،
مان ڏوهاري خام، آهيان تنهنجي آسري.
آهيان تنهنجي آسر ٖي، تماچي تڙ راءِ،
داسيءَ کي مرضي سدا صاحب جي سُهاءِ،
جڳ
۾ ڪانهين جاءِ، مالڪ جــٖي من کان سواءِ.
تون سمو آءٌ گندري، مون ۾ عيب هزار،
مان ڏوهاري آهيان، مونکي ڏج نه ڏئار،
متان ڏين ڏاهيون، مهاڻيءَ ميار،
تون صاحب ٿيجِ ستار، ڍڪج منهنجي عيب کي.
نوريءَ کي نوازيو، ڄام تماچيءَ اڄ،
مهاڻيءَ کي لڄ، نوڙت منجهه نمائيو.
نوريءَ کي نوازيو هڪڙي نظر نيهن،
مهاڻن جا ويا ڦري، ڌڪ، ڏکيا ڏينهن،
جيئن مندائتو مينهن، ڌرتيءَ کي سهاڳ ڏئي.
راجا ريجهائي ويو، نوريءَ جو نياز،
نوڙت کي نوازيو، ڄام غريب نواز،
ڪيئن ڪو سمجهي راز، مهاڻن جي پريت جو.
ڌرتي ملي آڪاس سان، هُئي اهڙيءَ ويل،
هونءَ ته ڪونهي ميل، مهاڻن سان شاه جو.
•
غلام علي ’عاقل‘
مارڻ ريءَ مڇيءَ جي، ٻي نه جن ٻولي،
بنان کائڻ ککيءَ جي، انهن رهي اولي،
تن
ٽوٽِــنِ جي ٽولي، آهي تماچيءَ آسري.
لِيَ لڳل ڪپڙا، هٿ مڇيءَ هاڻان،
آهن جن ”عاقل“ چئي، ڀر ڍنڍن ڀاڻان.
سي
ميرا مهاڻا، آهن تماچيءَ آسري.
ماري منڍا موريون، گندڻ ڪن جي گڏ،
سمو تن جو سڏ، ٻُڌي اڳ ٻين کان.
بدشڪل بيوڙا، چڱا ڪنهن نه چال،
اٺئي پهر ”عاقل“ چئي، بيٺا هڻن بم،
سمي تن جي سم، پاڻهين کنئين پاڻ تي.
بدشڪل بيوڙا چڱا ڪنهن نه چال،
اُهي لاتا ”عاقل“ چئي، نامِئي پنهنجي نال،
تن
ملاحن مجال، اڄ ڪو اڱر سنئين ڪري.
بدشڪل بيوَڙا، ڪنو جن ڪلام،
سمو تن سلام، اڄ پڻ واري اڳ ۾.
انگ اگهاڙا پيٽ بکيا، ويلا ايئن وِهَن،
ٻار جن جا ٻانڌن تي، ڪيهون بيٺا ڪن،
ميرن مهاڻن، ماڻڪ هيرا ميڙيا.
انگ اگهاڙا پيٽ بکيا، چولا چيهاڙيون،
سي
ڏهه ڏهه ڏيهاڙيون، مٽن ويس ملاح ٿا.
انگ اگهاڙا پيٽ بکيا، مور نه جن مڪان،
نڪو آهه انهن کي، سمهڻ جو سامان،
تن
ملاحن مهمان، راجا راڄ ڌڻي ٿيو.
ملاحن جِي ماڻهن ۾، عزت هئي اڳ،
اڇلي مُلههُ مڇيءَ جو، جن کي ڏئي جڳ،
هئا سڏيندا هنن کي، ٺوهيا ٻيو ٺڳ،
وَٺِي نه هلن واٽ سي، ڌپ ٿيندو دڳ،
وِيَلُ اهڙو وڳ، اڄ سمي سان سير ڪري.
کنيون مڇيءَ کاريون، هنڌ هنڌ هوڪا ڏينِ،
لڙئي
سج لوڻيل کي، گهر گهر گهمائين،
اهي
اڄ آهين، رَليون راڄ ڌڻيءَ سان.
ڇڇيءَ بوءِ، ڇتن ۾، لِيَ لڱين لايون،
ڌڪبيون هيون درن تي، مهاڻيون مايون،
اُهي
ڏس آيون، صَحَنِ سمي ڄام جي.
ڄام
هن ڄَٻيرِ ۾، اَٿِي ڪونه افعال،
هيڻو
ڏسي حال، منهن نه تماچي مٽجان.
ڄام
هن ڄٻير ۾، ڪوڙين عيب اٿِي،
پَسِي سُڻِي سَٿِي، منهن نه تماچي مٽجان.
ڄام
هن ڄٻير ۾، ڪونهي لڇڻ لِکَ،
وِيَل پَسي وک، منهن نه تماچي مٽجان.
ڄام
هن ڄڄير ۾، مڙئي مدايون،
گهُوري گندايون، منهن نه تماچي مٽجان.
ڄام
هن ڄٻير ۾، گهڻيون گهٽتايون،
مون
۾ بوءِ مڇيءَ جِي، لِيءَ وتان لايون،
ڪٿي
ڪچايون، منهن نه تماچي مٽجان.
ڄام
هن ڄٻير ۾، ڪچاين جا ڪوڙَ،
آهيان مون ”عاقل“ چئي، سڳداسن ۾ ٽوڙ،
مون
لئه ٻَڌي موڙ، منهن نه تماچي مٽجان.
ڄام
هن ڄٻير ۾، آهن جڏايون جي،
آهن
توکي ”عاقل“ چئي، سڀئي معلوم سي،
ڏسي
تنين ڏي، منهن نه تماچي مٽجان.
ٻيڙو
ٻڌءِ ٻانهن ۾، پنهنجو قرب ڪري،
ڀُنگي پير ڀري، منهن نه تماچي مٽجان..
توسان تماچي ڄام ٿا، سٻر ڪَرِن سنڱ،
هيءَ
مهاڻِي منڱ، متان تڙين محل مان.
مالڪ
تون مڃر جو، مون تان مهاڻيءَ ڌيءُ،
توکي
معلوم تڙ ڌڻي، حال منهنجو هيءُ،
لڱين
لڳل لِيءَ، آهي تنهنجي آسري.
مالڪ
تون مڃر جو، مون تان مهاڻي،
سما
سونهان ڪانه ٿي، رنگ محل راڻي،
مون
اصل اياڻي، تون پاڻ ڏسجان پانجهجو.
مالڪ
تون مڃر جو، تنهنجو سما تڙ،
بتان
نه ويندي بوءِ مون، ڌئان کٿوريءَ ڌڙ،
وِلِهيءَ مٿي وڙ، سما سدائي پيو ڪجان.
سما
سُڻيءَ مارِ جهي، مَنَهِن ڪل موريون،
اڱڻ
مون ”عاقل“ چئي، ٻٽي جون ٻوريون،
گندڻ
جون گهوريون، توکي تماچي پرتيون.
والي
شل وڏي ڪري؛ سندي ڄام ڄمار،
گندرا گنهگار، آهن جنهن جي آسري.
والي
شل وڏي ڪري، تنهنجي ڄام ڄمار،
تنهنجي تماچي ڏڍ تي، ڪريون شونق شڪار،
آهن
تو اُڌار، مياڻيون ملاحن سنديون.
والي
شل وڏي ڪري، انهي ڄام ڄمار،
سر
تي جنهن سمي کنيان، بُرَنِ سندا بار،
جن
اوڻايون اپار، تڳن تماچيءَ آسري. |