سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :17

عام اصطلاح ۽ گفتا:

 

        اصطلاح يا محاورا هر هڪ عام ٻوليءَ جو فطري انگ آهن، جو هر ٻوليءَ جو پنهنجو نجو سرمايو ٿئي ٿو. نثر ۽ نظم ۾ روزمره جي ٻولي توڙي ان جي ترڪيبن ۽ عام اصطلاحن جو استعمال عام جام نظر ايندو. ليڪن هتي خصوصي طور ’گفتن‘ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي به بنيادي طور اصطلاح آهن، ۽ ’عام ٻولي‘ بنان ڪنهن تڪلف ۽ ججهڪ جي بلڪل فطري انداز ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. تاهم انهن جو وجود ۽ اجراءُ محص ادب جي طفيل محفوظ رهيو آهي.

       اچو ته ڪجهه مثال ڏسون:

        هڪڙي عزيز حال حقيقت ٻڌائيندي چيو ته .ادا! وڏڙا ويچارا وڃي ڪيچ قراريا، اسين پيا دنيا جا سور سهون.“ هاڻي غور ڪريو ته هن سموري جملي ۾ ڳالهه کي با معنيٰ ۽ اثر انگين صرف هڪڙي ئي لفظي جوڙ بنايو آهي، جنهن ٻڌندر واسطي لطافت ۽ ڪشش پيدا ڪئي. اهو ’ڪيچ قرارجڻ‘ شعر مان ئي عام ٻوليءَ ۾ رائج ٿيو ٿو ڏسجي ۽ ان پنهنجي سموري معنيٰ خيزي ادب مان حاصل ڪئي آهي. ڏسو ته اهو ساڳيو گفتو سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواري واري جي ڪلام ۾ ڪيئن نه عارفانه رمز سان جڙيو پيو آهي!

ڇڏيو جن ڀنڀور، ڇڀر تن کا ڇاڙڪي،

حم غم لٿن هور، وڃي ’ڪيچ قراريون‘.

        هڪڙي دوست ڳالهه ڪندي چيو ته ”ادا، مونکي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ چيائون به، وري جڏهن آءُ سهي سنبري پهتس ته ڏسان ’اُٺ نه اوطاقن.‘ هڪ ٻئي ڄڻي ڪنهن موقعي تي چيو ته ”مان ته هاڻي انهن ڀيڻين تي وڃان ٿو ته هينئون پيو هڄيم، باس مڙهيون ٿيون مارين!“ 

اهڙيءَ طرح ڪلاسيڪي ادب جون اڪيچار ورجيسون، گفتا ۽ فقرا پنهنجي اصل معنوي ۽ اصطلاحي حيثيت سان ’عام ٻوليءَ‘ ۾ گهر ڪري ويون آهن. ليڪن عام ماڻهوءَ کي ڳالهه ٻولهه ۾ ان جي لکائي ڪانه ٿي پوي ته آيا اُهي شعر ۽ ادب جو ئي حصو آهن.

        ڀنڀور کي باهه لڳڻ – درد جو دارون – سورن کي شاباش – گهڙيا سي چڙهيا – سورن جا سندرا يا سورن سندرا ٻڌايا – مومل جو مانڊاڻ – سون تي سيڻ مٽائڻ – ڪت به ڪنب به – رتيءَ جي رهاڻ – عاشق زهر پياڪ – لاهوتين لڏيو – انڌا اونڌا ويڄ – نينهن جي نهائين – ابر جو اوصاف پتنگ جو پَهُه – سچ مٿي سڙڻ – رڳون ٿيون رباب – وجود جو ورق ڌوئڻ – مجاز جون ميخون – ملڪ مڙوئي منصور – اُٺ نه اوطاقن – چنيسر سان چاڳ – جهڙو حال حبيبان – ڪيجان تان ڪافر – رنڍا روڙڻ – سنهو ڪتڻ (شائسته عمل ۽ مهذبانه گفتگو جي معنيٰ ۾) ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو – حجت هوت پنهونءَ سان – عشق نه پڇي ذات – وکر وهائڻ – مٽيءَ لڌو مان – پرديسي ڪهڙا پرين – آيو سو اگهيو – آڻيون ۽ چاڙهيون – وغيره وغيره. اهڙا ڪيئن لفظي جور ۽ گفتا آهن، جي عام گفتگوءَ کي بامقصد ۽ شيرين بنائين ٿا، ليڪن اُهي رڳو ڪلاسيڪي دؤر جي شاعرن ۽ اديبن جي تخليقي عمل جو ئي غمر آهي.

 

پهاڪا ۽ گفتارون:

         هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ پهاڪا يا ضرب المثال (Proverb or Popular Saying) جو هڪ ڀنڊار هوندو آهي. اهي پهاڪا ۽ عام چوڻيون، هر دؤر ۾ ٺهنديون ۽ مقبول عام ٿينديون رهنديون آهن. انهن کي بنيادي

طور تي عام ٻوليءَ جي موجودات ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اهي پنهنجي دؤر ۾ زندگيءَ جي مشاهدن، واقعن ۽ آزمودن مان جوڙيا ويا آهن

جيتوڻيڪ انهن مان ڪيترا پهاڪا، سگهڙن ۽ سخنورن ٺاهيا هوندا، ليڪن اُهي گمنام رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن کي جوڙڻ ۾ علم ۽ ادب جو باقاعده تخليقي عمل ڪارفرما ڪونه رهيو آهي. اهي پهاڪا عام ٻوليءَ جو سينگار آهن، جي گفتگوءَ کي مزيدار ۽ ڪچهريءَ کي رَسُ وٺائين ٿا. اديب ۽ عالم پهاڪن کي پنهنجين هلڪين ڦلڪين تحريرن، دقيق ۽ فلسفيانه مضمونن، توڙي مڪالمن ۽ ڪهاڻين ۾ عام جام استعمال ڪندا رهن ٿا.

        پهاڪا مختصر پر مڪمل جملا ٿين ٿا. جيئن ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، جهڙي نيت تهڙي مراد، چورن مٿان مور، تِر جي گُٿي سؤ چوٽون کائي، رب رُسي مَت کَسي، جهڙي سَٺ تهڙيون ٽي ويهون، جيڪا نهن سان ڇچي تنهن تي ڪاتي ڇو وهائجي. اهڙا پهاڪا سراسر علم و دانش جا نڪتا آهن. جن کي انسانن پنهنجي آزمودي مان پرايو آهي. سنڌيءَ جا اڪيچار پهاڪا اوائلي تمدني زندگيءَ جا عڪاس آهن. مثال طور تي صدين کان سنڌين جو اُٺ سان واهپو رهندو اچي ٿو. چنانچ ڏانهن ۽ اڪابرن، جدا جدا ماڻهن جي عادتن ۽ مزاج کي بيان ڪرڻ لاءِ، اُٺ جي خصلتن کي مثال بنايو آهي: اُٺ ڀريو ته به رڙي، جي ٺلهو ته به رڙي؛ اُٺ پوي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ؛ اُٺَ جي چاڙهيءَ تي به لعنت ۽ لاهيءَ تي به لعنت؛ ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن؛ اُٺُ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو؛ آهڙي مار جهڙي اُٺ پتڻ تي کائي؛ پوڙهو اُٺ به-ٻه ڪنواٽ لهي؛ اُٺن تڏهن ٿي رُنو جڏهن ٻورا ٿي سبيا؛ اُٺ پنهنجي مُٽ ۾ پاڻ ترڪي؛ بيوس اُٺن بار ڇڏيا. اسان وٽ ڪيتريون اهڙيون چوڻيون به اهن، جي علم ادب جي لازوال حصي هوندي به، ساڳئي وقت عوام ۾ به مقبول آهن. ڳالهه  ٻولهه دوران اها خبر نه پوندي آهي ته اُهي دراصل ڪنهن شاعر يا اديب جون گفتارون آهن يا اهي سِٽون جو نچور 

(Expressions) ٿين ٿيون، جن کي انگريزيءَ ۾ Clich’e چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ ان کي ’گفتار‘ جو نالو ڏيڻ سهڻو ۽ موزون ٿيندو.

“One major difference between a clich’e and a proverb or

Popular Saving is that the former can usually be traced to definite

Another, while the lator is just as often anonymous being as CERVANTES call it a short sentence exased on long experience.” (MARIO PEI: The Story of English) Page 129.

يعني ته گفتار ۽ پهاڪي يا عام چوڻيءَ ۾ وڏو فرق اهو آهي، جو پهرين مان عموماً ڪنهن خاص اديب جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي. پر جيستائين ٻئي جو تعلقي آهي ته اهو اڪثر ڪنهن گمنام سان وابسته رهي ٿو. جيئن سر وانٽز چيو آهي ته اهو هڪ مختصر جملو ٿئي ٿو، جنهن جو بنياد طويل آزمودي تي ٻڌل هوندو آهي.“

        اسان جي علم ۽ ادب ۾ اهڙيون بيشمار سِٽون آهن، جي ’گفتار‘ جي زمري ۾ اچي وڃن ٿيون. ڪيترن شاعرن ۽ سگهڙن جون ڪلامي سٽون ضرب المثال طور استعمال ٿين ٿيون. شاهه ڪريم جي ڪلام مان گفتار آهي ته:

                پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مَرن.

ڪا شئي ويجهڙائي ۾ چڱي مقدار ۾ ميسر هجي، ليڪن ڪو پنهنجي اياڻپ يا ڪاهليءَ کان ان مان فائدي پرائڻ کان محروم رهي ته عموماً اهو مثال دهرائبو آهي. قاضي قاضن جون هي سٽون به ’گفتار‘ جو مثال پيش ڪن ٿيون:

منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پيئي ڪڏهن ڪڇي اُڀ،


 

---

 

اکر اڳيان اُڀري واڳو ٿي وريام.

 

ڪڏهن انساني نفسيات جي زاوين تي روشني وجهندي يا ڪائنات جي لامحدود وسعت ۾ انسان جي معمولي ادراڪ کي خيال ۾ آڻيندي، اهڙيون چوڻيون ورجائبيون آهن. ’جهان آرا‘ ناول ۾ هڪ ڏکويل انسان جي جذباتي ڪيفيت کي ظاهر ڪندي، هڪ سهڻي گفتار ڏنل آهي. ”اي موت! شل توتي موت اچي.‘ لطيف جي گفتار (’ٻاهر زيب زبان سين، اندر هچارو‘) به گهڻي معروف آهي. درحقيقت ڪلاسيڪي ادب توڙي انگريزي دؤر ۽ آزاديءَ کان وٺي اڄ تائين قديم ۽ جديد ادب مان ان جا ڪيترا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. ليڪن لطيف جي گفتارن کي خصوصي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو آهي عام ٻوليءَ سان رِلي مِلي ان ۾ جذب ٿي ويون آهن. جيئن ته:

جي هو قيام مڙن ته ڪَرَ اوڏا سپرين

----

آندر جنين جا آڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.

----

پيرين پنڏ وسار، هل هنئين سين هوت ڏي.

----

ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.

----

جني لاءِ مياس، سي ڪانڌي ڪيچ نه هليا.

----

 

ڦورو نه ڦولهي شل سنئين پوي صراف کي.

----

اڇي پڳ مَ پَسُ، اندر مڙيئي اڳڙيون.

----

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو.

----

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.

----

ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.

----

ڪن اديبن ۽ شاعرن جون گفتارون محض خاص حلقن يا محدود دائري ۾ استعمال ٿينديون رهن ٿيون، ليڪن لطيف جي گفتارن جو عام ماڻهن ۾ ايتريقدر واهپو آهي، جو اُهي ادب جو لازمي حصو هوندي به ’عام ٻوليءَ‘ جو جز بنجي ويون آهن.

 

چست فقره (اڪِي جملا)

        هن دؤر ۾ اسان جي اديبن ۽ شاعرن تخليقي جوهر وسيلي ڪلاسيڪي ٻوليءَ کي جيارڻ جي عمداً ڪوشش ورتي آهي. هنن مختصر ۽ اڪي جملا پنهنجي زبان ۽ بيان ۾ ٺهڪائي لطافت جو هڪ نئون انداز پيدا ڪيو آهي. شيخ اياز پنهنجي مجموعه ڪلام تي ’ڀونئر ڀري آڪاس‘ جهڙو دلنشين نالو رکي، پنهنجي شاعريءَ جي حسين ۽ رومانوي پس منظر کي اجاگر ڪيو. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي ٻين فنپارن تي ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘، ۽ ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۽ ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ نالا رکيا، جن مان سندس جاندار فڪر ۽ تخيل تي روشني پوي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ نقاد پنهنجي مقالي تي عنوان ڏنو ’جي تند برابر توريان‘. تنقيد، عدل ۽ پرک جي ڪنهن به جملي سان ههڙو سهڻو معنيٰ‘ آفرينيءَ جو تطابق پيدا ٿي نه سگهي ها! الطاف شيخ پنهنجن سامونڊي سفرنامن جي ڪتابن لاءِ ’منهنجو ساگر، منهنجو ساحل‘ ’سمونڊ جي سيوين‘، ’بندر ۽ بازاريون‘، ’وايون وڻجارن جون‘ ۽ ’سموند جن ساڻيهه’، جهڙا دلڪش ۽ موضوع سان ٺهڪندڙ نالا منتخب ڪيا. ڪنهن پنهنجي سياسي مضمون تي ’ڀينر آءٌ ڀلياس‘ جهڙو موزون نالو رکيو. غلام رباني پنهنجي ڪهاڻيءَ تي ’پن ٻوڙين پاتال ۾‘ جو عنوان رکيو. اهڙا انيڪ نالا ڪلاسيڪي ادب مان کنيا ويا آهن، هتي رڳو عنوانن جي سلسلي ۾ مثالن ڏيڻ تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي، ورنه انساني امنگن، جمالياتي ۽ ذوقي جذبن توڙي فڪري نڪتن جي اظهار لاءِ اهڙن چست فقرن جو عام مضمونن، مڪالمن، ڪهاڻين ۽ فلسفيانه مقالن ۾ نهايت حسن ۽ خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو ويو آهي.

        مذڪور مثالن مان سنڌي عام ٻولي ۽ سنڌي ادب جو اختلاط سمجهه ۾ اچي ويو هوندو. عام الفاظ ۽ ساديون ترڪيبون، ذهني ڪاوش باعث نئين انداز سان ادب جو حصو بنجن ٿا ۽ وري ساڳيا موٽي ’عام ٻوليءَ‘ ۾ گفتارن، گفتن ۽ فقرن جي شڪل ۾ رائج ٿي وڃن ٿا.

 

پراڻا لفظ ۽ نئون لباس:

 

        موجوده دؤر ۾ نه رڳو ڪلاسيڪي ٻوليءَ کي جياريو ويو آهي، بلڪ نج ۽ نبار ٻوليءَ جي لفظي ۽ اصطلاحي ذخيري جو به هن دؤر ۾ موزون ۽ سهڻي طريقي سان ججهي انداز ۾ استعمال ٿيو آهي. انڪري عام ۽ رواجي لفط وسيع معنائن سان مزين ٿيا ۽ علمي ۽ ادبي نڪتن جي اظهار ۽ بيان ۾ مددگار بنيا. انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ اسين ڏسون ٿا، ته ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز طور تي زبان ۾ ڪشادگي پيدا ٿي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب توڙي لسانياتي مباحثن ۾ ڪيترن ئي نج ۽ رواجي لفظن کي عمدگيءَ سان علمي اصطلاحن طور استعمال ڪري، انهن کي مايدار بنايو آهي. ساڳيءَ طرح محمد ابراهيم جويي پڻ پنهنجين تحريرن ۾ عام لفظن ۽ ترڪيبن ۾ جان پيدا ڪئي آهي. سراج، گهڻي رياض ۽ مسلسل محنت سان زبان جي صحت ۽ صفائيءَ جو هڪ معيار قائم رکي، سنڌي صحافت ۾ هڪ عمدو مثال قائم ڪيو آهي. هن حالات حاضره جي سياسي ۽ معاشي مسئلن ۽ نئين سوچ هي طور طريقن لاءِ پراڻي شڪل وارن لفظن کي وسيع مفهوم سان هم آهنگ بڻايو آهي. رسول بخس پليجي پنهنجي سياسي، تجزياتي ۽ فڪري خيالن جي تشريح ۽ بيان ۾، عام سطح جي ٻولي، محاورن ۽ پهاڪن کان نهايت موزون ۽ سهڻي طريقي سان ڪم ورتو آهي. گفتن، گفتارن، فقرن ۽ ڪلاسڪي ادب ۽ شعر جي مثالن کي جديد فڪر سان ائين ٺهڪايو ڇڏي ڄڻ ته منڊيءَ تي ٽِڪ! هيٺ چند پراڻا لفظ ڏجن ٿا، جن کي نئون لباس پهرائي، جديد فهم ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. اوسر – ذهني اوسر – ادبي اوسر، پورهيت – پورهيت عوام – پورهيت دشمن، پرمار – پرماريت – پرمار شاهي – پرماري نظام – پرماري قوتون، سرت – سياسي سرت، اتساهه – اتساهه ڏياريندر جذبا، وڳور – وڳوڙي، اسرڻ – اسريل ملڪ – اسرندر ملڪ، لاڙا – ادبي لاڙا – تنقيدي لاڙا – نفسياتي لاڙا، اساٽ – ادبي اُساٽ – تخليقي اُساٽ – ڇڙواڳ – ڇرواڳ – ڇڙواڳ انارڪي – ڇڙواڳ سياست – ذميوار سياست، پاڻ ڀرو – پاڻ ويڻو، پرک پرور، سرواڻ، ڏات ۽ ڌانءُ، اسهپ – مذهبي اسهپ، ادبي سرچاءُ، گهڻ رخا، بيٺڪي راڄ، عوامي راڄ، سهڪار – سهڪاري ملڪ – سهڪاري لاڳاپا – اڻ سهڪاري، فني رچاءِ ۽ سٽاء، سرت ۽ ساڃاهه.

        نواڻ جي ان وهڪ ۾، سادا سودا ۽ محدود مطلب لاءِ ڪتب ايندڙ  لفظ، خاص مفهوم جا حامل ٿي، جاندار ۽ متحرڪ بنجي ويا آهن. انهن ۽ ٻين لاتعداد لفطن ۾ ضرورت مطابق اضافي اسم ڳنڍي، متناسب ۽ موزون معنائن وارا انيڪ گهربل الفاظ جوڙيا ويا آهن، جن کي سماجي علمن کان سواءِ نفسيات، جماليات ۽ فلسفيانه موشگافين ۾ روانيءَ سان استعمال ڪيو ويو آهي.

 

نوان لفظي پيڪر ۽ علامتون:

        اسان جي فنڪارن هن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻي کان گهڻن مهاورن ۽ لفظي ۽ لساني ترڪيبن کي پڻ استعمال ۾ آندو آهي. نه رڳو ايترو بلڪ زبان جي بيهڪ ۽ استعمال کان واقف ٿي، لفطن ۾ رکيل قوت ۽ رنگ روپ سڃاڻي، منجهائن ڪيترا سهڻا سهڻا لفظي پيڪر تخليق ڪيان آهن ۽ ڪيترين ئي سهڻين تشبيهن ۽ علامتن کي وجود ڏنو اٿن. ڪئين دلڪش قافيه ۽ حسين ۽ جديد فقرا جوڙيا اٿن، جن سان ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي چار چنڊ لڳا آهن. ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن مان ان جا ڪيترا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا:

        نيڻ نهار – پل پکيئڙا – من پکيئڙو – گهوٽ اڻموٽ – دل جو راڻو – رات جا نيڻ – مرڪن جا ٽيڙو – ڌرتيءَ ڌڪاڻا – سونهن پکي – ڏک جي ڏائڻ – چنگ جو ڏنگ – جندڙي ٻاٻري ڪنڊ – ڏيئڙو ڏيئڙو ڏاهه – جر جو جرڪي جوت – چنگ جي چڻنگ – ساز ڀري سرهان – گلابي گهڙيون – سپني ول – ڪونپل پل – جيءَ جا جهولڻا، سنڌ جي سين-، اکين جون آوميريون – چنڊ جا ناکئا – پَٽَ جهڙا پرين – نيڻ صدين جا سيڻ – گيت گلابي – انڌو انڀ – اداس واديون – پل جو پانڌيئڙو – تارونءَ ۾ تلوارون – گلن جو ڇهاءُ – خوشبوئن جو ڪڪر.

        سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان هڪٻئي کان ڪهڙي انداز ۾ اثر ورتو اٿن ۽ ڪيئن هڪٻئي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، تنهن جون ڪجهه جهلڪون ڏيکاريون ويون، جنهن ۾ ’عام ٻوليءَ‘ کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ’ادبي رول‘ جو خصوصيت سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ائين هرگز ڪونهي ته ڪو ’عام ٻولي‘ يا ’ادبي ٻولي‘ ٻه مختلف شيون ٿين ٿيون. ادب جو سرچشمو هر طرح سان وري به ’عام ٻولي‘ آهي. نه رڳو ايترو بلڪ سماجي علمن ۽ ٺوس علمن (سائنس) کي به ڪاميابيءَ سان پڙهائي ۽ اڳتي وڌائي تڏهن سگهبو، جڏهن ان جو بنياد عام ٻوليءَ تي استوار ڪبو ٻولي هڪڙي ٿيڻ گهرجي، پوءِ چاهي اُها ڳالهائڻ واري (Spoken) هجي يا لکڻ واري (Written) ٻولي هجي. ٻنهي درميان واضح نشان يا سيرهو سنڌو ظاهر ڪرڻ تقريباً ناممڪن آهي. اوهان ڏٺو ته بعضي هڪ لفط مقبول عام ٿيندو، ٻوليءَ جو جز بنجي وڃي ٿو ۽ بعد ۾ وري ساڳيو لفظ ’ادب‘ ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪي لفظ ۽ گفتا ’ادبي سڪا‘ ٿي ضربجن ٿا ۽ پوءِ ڦهلجي پکڙجي وري به ’عام ٻوليءَ‘ ۾ گڏجي مسجي وڃن ٿا. تعليم ۽ تدريس جي ابتدائي مرحلن ۾، بلڪل عام ۽ آسان اظهار اختيار ڪرڻو پوي ٿو، ليڪن ٻوليءَ جي يڪجهتي ۽ عموميت کي بهرحال قائم رکڻو آهي. البت جتي محض لسانياتي مطالعو درڪار هجي ته اتي ’عام ٻوليءَ‘ کان مدد وٺڻ ڪارائتو ڪم ٿيندو.

        عام ٻولي هر دؤر ۾ ٿوري ٿوري ۽ غير محسوس انداز ۾ بدلجندي رهي ٿي. زماني جي ترقيءَ جو اثر لازمي طور تي عام ٻوليءَ تي پوي ٿو. ان ۾ نين نين ايجادن، نون فيشنن، نون طريقن ۽ نين ضرورتن جا انيڪ نالا جنم وٺندا رهن ٿا، ليڪن اها حقيقت به روز روشن وانگر ظاهر آهي ته ڪيترائي لفظ غير مسعمل بنجي رواج مان نڪرندا به وڃن ٿا

ڪيتريون ترڪيبون سهل مزاجيءَ تي ڪاربند رهڻ سان رفتي رفتي عام ٻوليءَ مان نڪرنديون وڃن ٿيون. رڳو اسان جي اوستا ۾ ئي ڏسندي ڏسندي ڪيترا لفظ ۽ اصطلاح يڪي بعد ديگري روزمره جي ٻوليءَ مان غائب ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن علم ۽ ادب جو سرچشمو جاري ۽ ساري نه رهي، ته هوند ٻوليءَ جو وَڏووڙف روپ يا هڪَڪري صورت قائم رهي نه سگهن. فطري طور دنيا جي هر ’عام ٻوليءَ‘ سان ساڳي حالت قائم آهي. رڳو اديبن ۽ شاعرن جون تخليقي ڪوششون عام ٻوليءَ ۾ استحڪام پيدا ڪن ٿيون ۽ ان جي باقي مانده ترڪيبن ۽ اصطلاحن کي قائم رکي سگهن ٿيون. ازان سواءِ سندن تجربا پراڻن ۽ رواجي لفظن کي نوان مفهوم عطا ڪن ٿا، جنهنڪري ٻوليءَ جي دامن به وسيع ٿيندي وڃي ٿي.

        جيئين ته ادب ۽ ٻوليءَ جي نسبت پاڻ ۾ گهڻي ۽ گهاٽي آهي، انڪري ٻوليءَ جو علمي ۽ فني ڀياس محض رواجي زباندانيءَ تائين محدود ڪونهي، بلڪ ان ۾ تخليقي عمل جو مسلسل جائزو به لازمي طور تي اچي وڇي ٿو.

        ماضيءَ ۾ ٻوليءَ ۽ ادب جي باهمي عمل جي مطالعي نه هئڻ ڪري ئي پنهنجي ٻوليءَ جون ادبي خوبيون اسان جي نظر کان اوجهل رهنديون آيون آهن. اسين اڄ تائين پنهنجي ٻوليءَ جي ’شعري نظام‘ کان واقف ٿي نه سگهيا آهيون، نه وري ان جي گهاڙيٽن ۽ جڙت جا اصول وضع ڪيا اٿئون. اسان جي عالمن کي سنڌي شاعريءَ ۾ فطري ڪشش

ته ضرور محسوس ٿي ۽ ان لاءِ کين بي انتها محبت به هئي، مگر سندن علمي مطالعو کين ڪنهن صحيح دڳ تي لائي نه سگهيو. هو سنڌي شاعريءَ ۾ خالص گُڻ ۽ اصليت کي جاچڻ بدران ان ۾ ڌارين شاعريءَ جي فني خصوصيتن جي تلاش ڪرڻ لڳا. اهوئي سبب آهي جو هو غلط نتيجن ۽ انديشن ڪڍڻ جا مرتڪب ٿيندا رهيا. انگريزي دؤر جي ڪن  نقادن ’ڪلاسيڪي شاعريءَ‘ ۾ فارسي عروض جي عدم موجودگيءَ جي بناء تي، ان کي ’جهنگلي شعر‘ سڏيو‘ پاڪستان قائم ٿيڻ بعد ان جي تلافي وري ان صورت ۾ ڪئي وئي جو سنڌي شعر جي صنفن تي هندي ڇند وديا جو اطلاق ڪيو ويو، حالانڪ اسان جي سموري شاعريءَ ۾ ’چند وديا‘ جو جيئن جو تيئن عمل دخل نه آهي. ازانسواءِ گل، فاصل، قاسم ۽ خصوصاً سانگي فن عروض کي جيئن جو تئين قول نه ڪيو آهي، بلڪ ترميم ۽ تبديل آڻي، اُن کي سنڌيءَ جي ساخت سان قريب بيهاريو اٿن. اهڙيءَ طرح اسان جي شعروشاعريءَ جا وَرَن ۽ سينگار (صنايع بدايع) به خالص ديسي فن تي مبني آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽ فطري سونهن سان ٺهڪندڙ آهن.

        اها اسان جي بدبختي چئبي، جو سال ٻن ۾ جيڪي به ادبي تاريخون ۽ فن شاعري بابت ڪتابڙا شايع ٿيا اهن، تن کي ساڳئي روايتي انداز ۾ لکيو ويو آهي. انهن ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جي بناوت ۽ ان جي اصل صفتن ۽ خالص صنعتن جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو ويو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جنهن پهلوءَتي لکيو ويو آهي، تنهن کي به سليقي ۽ علمي انداز سان نه نڀايو ويو آهي. سنڌيءَ جي چوڻي ’وهي نه وهي وٺ رينگٽ کي‘ انهن تي پوريءَ طرح صادق اچي ٿي. مثال طور ’غزلن جو غنچو‘ ڏسو، جنهن ۾ شاعريءَ جو انتخاب ته سخن فهميءَ جي حسن ۽ سينگار کي سمجهڻ لاءِ اهيئي پراڻيون گٺل پيٺل صنعتون، پراڻن روايتي تذڪرن مان چونڊي ڳڻايون ويون آهن. صنايع بدايع جون اهي ترڪيبون ايران جي آڳاٽي جاگيردارنه نظام جون پيداوار ۽ خالصتاً اڪتسابي عمل ۽ زيبائش سان تعلق رکن ٿيون، جن مان گهڻيون ادبي روح کان بلڪل عاري آهن. جديد شاعريءَ ۾ جيڪي صوري ۽ معنوي تجربا ٿيا آهن، تن جو اسان جي هن نقاد پوريءَ طرح سان مطالعو به نه ڪيو آهي. ’جديد 

غزل‘ متعلق لکي ٿو ته ”اياز جي غزل تي انگريزي زبان ۽ رومانيت جو اثر آهي.“ عجيب بي تڪي ڳالهه چئبي! سنڌي غزل تي انگريزيءَ جو اثر چه معنيٰ دارد؟ واقعي عجيب خيال آرائي آهي. ڇا سنڌي غزل ۾ انگريزي لفطن جو نزول ٿيو آهي؟ يا انگريزي شاعريءَ جي ڪنهن ٻي صفت، سنڌيءَ ۾ ديرو دمايو آهي؟ اسان تي فرض عائد ٿئي ٿو ته ”نانگ ويو نڪري ۽ ليڪو پيو ڪٽجي“ جهڙي طرز عمل کان پاسو ڪريون ۽ اجايو ظني ۽ ڌڪيبازيءَ واري بحث ۾ پنهنجو قوتون ۽ وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ ٺوس ڪم سرانجام ڏيون. زبان ۾ ’تخليقي عمل‘ جو غور سان مطالعو ڪريون ۽ پنهنجي زبان جي خالص خوءِ ۽ خوبيءَ کان واقف ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com