•
نثار بزمي
توهان هرجائي، توسان منهنجو ڪهڙو ٿيندو سنگ.
نرالو تنهنجو آهي ڍنگ.
قدر نه تو وٽ ڪن ڪنهنجو ڪوئي،
سڀڪو ويهي هٿڙا ڌوئي،
رب
ٿو ڄاڻي، تنهنجي عادت لائيندي ڇا رنگ،
نرالو تنهنجو آهي ڍنگ.
پيار کي ٿو واپار بنائين،
چاهيندڙ ٿو روز مٽائين،
صبح جو ڪنهن سان، سانجيءَ جو ڪنهن ٻئي کي آهي
ونگ.
نرالو تنهنجو آهي ڍنگ.
ماسُ پٽي تو منهنجو کاڌو،
ڏوهه ڏئين ٿو ته به هٿراڌو،
ڊاهڻ چاهيئه منهنجي دل تان الفت وارو انگ،
نرالو تنهنجو آهي ڍنگ.
”بزميءَ“ کي تو بَــرَ ۾ روليو،
تڏهن به هن ڪو راز نه کوليو،
ساعت ساعت ڪير سهي ٿو ڪاريهر جو ڏنگ،
نرالو تنهنجو آهي ڍنگ.
*
راشد مورائي
ياد پيو ڪو وڇڙيل يارُ،
لڙڪ وسن ٿا لارون لارون!
هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو، مستقبل تي سوچيان
ويٺو،
دور ويا، ڪَڏِ موٽي ايندا، دل جا ڪڏهن درد
ڪٽيندا،
تو مون جيڪي گڏ گذاريون، سي گهڙيون خط ياد
ڏياريون،
ڪوسا ڳوڙها چار ڳڙي پيا، دل ڀڄي پئي، لُڙڪ لڙي
پيا،
هائي! پرديسين جو پيارُ، هائي! سڄڻن جون هي
سارون.
لڙڪ وهن ٿا لارون لارون!
ياد پيو ڪو وڃڙيل يار.
• مهيسر ”خادم“ رفيقي
• ”بشير“ سيتائي
• ساگر سومرو
•
مير محمد پيرزادو
وڻ
ٽن واسيان، باسون باسيان،
ڪانگ، اُڏايان،
ڦارون پايان!
تنهنجي ياد اچي ٿي ڄڻ ڪا بين وڄي ٿي بن ۾،
ڪڏهن جوالا ڦاٽي نڪري، باهه ڀڀڙ ٿي کن ۾،
باهه وسائڻ جي سا ناهي يار لڳائي وئين جا تن ۾،
تو بن سائين، آءٌ اڄ تائين
هاءِ اجهايان،
ڦارون پايان!
روئي سارو ڏيهه رئاڙي، رئاڙي هنجون هاريان،
توريءَ هر هڪ گهاءَ مثل ٿي گهڙي گهڙي هت
گهاريان،
پورهيت بنجي پاڙي اوڙي پريت پرين پئي توسان
پاريان،
آءٌ ته اهڙي، جهڙي تهڙي،
تنهنجي آهيان،
ڦارون پايان!
جوڀن
۾ ئي جيڏا سرتا پريت ڪيئي ڇو ڪانگهاري،
توسان دلڙي لائي مون هيءَ پيار جي پونجي هاري،
آءٌ جواري، پريم ڏوهاري، آهَه ڪيان يا زاري!
چئو ته ڀلا مان، ڪهڙو توسان،
سينو ساهيان،
ڦارون پايان!
وڻ ٽن واسيان، پاسون باسيان،
ڪانگ اُڏايان،
ڦارون پايان!
|