• ڊاڪٽر گل حسن لغاري
سنڌ جو ماضيءَ ۾ تجارتي عروج
سرزمين سنڌ دؤر قديم کان مُتَمدِن قومن جي تاريخ
۾ شمار ڪئي وڃي ٿي ۽ سنڌين جو تمدن 5000 ق-م
ورهيه پراڻو آهي. هن ملڪ جي هنر ۽ واپار جو اثر
متمدن دنيا، خصوصاً عراق ۽ مصر جو مقابلو ڪندو
رهيو ۽ معربي ايشيا تائين سندس روشني پکڙجي
ويئي. سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جو سبب ”سنڌو“
ندي پئي رهيآهي. قديم دؤر ۾ ته سنڌو نديءَ جي
علاوه سرسوتي ۽ هاڪڙو نديون به سنڌ مان وهنديون
هيون ۽ ٿر کي آباد ڪنديون هيون. سنڌ جي انهيءَ
ويران علائقي جي ڀِٽن مان اها ٿابتي ملي ٿي ته،
ڪنهن زماني ۾ اهو علائقو سمنڊ ۾ شامل هو.
راجپوتا ۽ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي تَري(1) هيٺ هئا.
جڏهن اڪبر اعظم سنڌ فتح ڪئي، تڏهن بدين سمند جي
ڪناري وارو شهر هو.
جهڙيءَ طرح مصرين، عراقين، يمن جي حميرين ۽
سبائين جي تجارت ۽ صنعت جو انحصار نيل، فرات،
دجله ۽ يمن جي سدِ عرم تي هو؛ اهڙيءَ طرح سرزمين
سنڌ جي تجارت وغيره جو درارومدار به سنڌو نديءَ
جي شادابيءَ ۽ سامونڊي ڪناري جي موجودگيءَ تي
هو. انهيءَ قديم دؤر ۾ هند ۽ سنڌ ٻه جدا جدا ملڪ
هئا؛ ۽ سنڌ جون سرحدون اسلام جي اچڻ تائين آهي
ئي هيون؛ جن ۾ موجودفه پاڪستان آهي ۽ ماضيءَ ۾
انهيءَ کي .سنڌو“ يا ”وادي مهراڻ“ چيو ويندو هو.
وطن سنڌ، قديم دؤر کان واپار، صنعت، تمدن ۽
تهذيب جي ڪري مشهور پئي رهيو آهي. پراڻين
تهذيبن؛ عراق، فلسطين ۽ مصر جي قديم آثارن مان
اهو معلوم ٿئي ٿو ته: ”بابل جا قديم رهاڪو سنڌ
جي ململ کي ”سنڌو“ سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ”اهو
ڪپڙو ايندوئي سنڌ مان هو*“ سنڌ جي اها ململ
ايراني نار کان بابل ويندي هئي ۽ ايرانين ۽
بابلين جي ويلي يهودين سان واپاري ناتن ٿيڻ ڪري،
يهودين به سنڌ مان ململ ۽ ٻين جنسن جو واپار
شروع ڪيو. عراق جي قديم شهرن ڪِش (Kish)
۽ آر
(Ur) (حضرت ابراهيم عليہ السلام جي پيدائش جو هنڌ) مان، موئن جي دڙي
جا سِڪا دستياب ٿيا آهن ۽ اوزارن ٺاهڻ لاءِ، ٽين
۽ شهيهو سنڌ ۾ فنيقيا وارا مهيا ڪندا هئا ۽ اُهي
واپاري هئا. انهيءَ مان به سنڌ سان، ٻاهرينءَ
دنيا جي تجارتي تعلقات (2) جو ثبوت ملي ٿيو. سنڌ
سان، سامونڊي ۽ خشڪي رستي، ٻاهرين ملڪن جو واپار
هلندو هو ۽ خشڪيءَ جي رستي قافلا عراق جي
مارڪيٽن جو مال کڻي سنڌ ۾ پهچائيندا هئا. عربي
سمنڊ جي رستي سنڌ جا غوارب (3) بابل تائين
پهچندا هئا. ڪلداني، مصري، فنيقي ۽ عرب جي
واپارين جا جهاز، ايراني نار ۽ مڪران جو ڪنارو
ڏيئي سنڌ جي بندرن؛ پٽالا، ميانگرا ۽ ڀنڀور تي
اچي لنگر انداز (4) ٿيندا هئا. جيئن ته بابل کي
عمارتي ڪاٺ جي سخت ضرورت هوندي هئي، انڪري سنڌ
مان ڪاٺ (5) ۽ نير خريد ڪيو ويندو هو. پنجاب جي
ندين جي وسيلي، سنڌ ۾ چين ۽ ڪشمير مان مال
پهچندو هو ۽ سنڌ مان، چوپايو مال ۽ ٻيو سامان
هندستان جي علائقن ڏانهن موڪليو ويندو هو.
ايران ۽ سنڏ جي سياسي واقعات کي ڏسڻ سان معلوم
ٿيندو ته سائرس اعظم (058-830 ق-م) بابل کي فتح
ڪري، هندي وڏي سمند تائين رهندر قومن تي قابض
ٿيو ۽ ”مهراڻ“ جو سمورو ڊيلٽا سندس ئي حڪومت (6)
هيٺ هو. ايرانين واپار لاءِ جيڪو سِڪو جاري ڪيو؛
تنهن
۾ نج سنڌي سون هو، انڪري انهيءَ سِڪي جو وڏو قدر هو. ايلم،
ميڊيا، ۽ بابل وارا سنڌ ۾ اچي سون خريد ڪندا
هئا. سنڌ جو سون ايڪبتانا،
سوسا ۽ بابل جي خزانن ۾ جمع ٿيندو هو. دارا، جڏهن ميڊيا جي
تختگاهه، ايڪبتانا (همدان) تي قبضو ٿي ڪيو، تڏهن
کيس بادشاهي خزاني مان سترهن (7) لک تولا خالص
سون حاصل ٿيو هو. عربن جي جاهليت واري دؤر ۾ سنڌ
مان قافلن رستي، ريشمي ڪپڙا، گرم مصالحو، عاج،
سون ۽ خوشبودار شيون، مڪـــّي شريف مان، حجاز جي
رستي، بيت المقدس ۽ مصر ڏانهن ويندا هئا. انهيءَ
مان سنڌ کي ساليانو چار ڪروڙ رپيا آمدني ٿيندي
هئ؛ جنهن مان ٻه ڪروڙ رپيا ساليانو فائدو (8)
ٿيندو هو.
سڪندر اعظم کي به سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ اهو مقصد
سامهون هو ته هتي هي اڻکٽ دولت، هٿ ڪجي ۽ يوناني
تهذيب، زبان ۽ هنر جو اثر مشرق(9) ۾ قائم رکجي.
انڪري سڪندر اعطم اُچ (اسڪلنده) پٽالا، ڀنڀور ۽
سون ميانيءَ جي بندرگاهن تي گوديون
(Docks)
تعمير ڪرايون. هن کي اها به خبر هئي ته ”مهراڻ“
هڪ وڏو تجارتي رستو آهي؛ جتان دنيا جو مال
ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وسيلي يونان ملڪ
تائين پهچائي سگهجي ٿو. هن ايرانين وانگر، واپار
جي لاءِ سِڪا به جاري ڪيا، جيڪي بلخ، بخارا ۽
راولپنڊيءَ مان، آثار قديمہ جي ماهرن هٿ ڪيا آهن.
اسلامي دؤر حڪومت کان اڳ، عربن جو سنڌ سان تمام
گهڻو واپاري تعلق هو، ڇو ته عرب، واپار به ڪندا
هئا خشڪيءَ جي رستي. اهي يمن ۽ شام، عراق ۽ مصر
تائين واپار ڪندا هئا. سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت هنن
جو عربي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ، ڀونوچ سمنڊ ۽ ايراني
نار تي قبضو هو. مطلب ته ايشيا ۽ يورپ کان علاوه
آفريقا کنڊ سان به سندن واپار هلندر هو. سنڌ فتح
ڪرڻ کان پوءِ سمورا واپاري رستا سندن قبضي هيٺ
رهيا. ڪيترا عرب سيّاح، مؤرخ ۽ جاگرافيدان هتي
پهتا. انهن سنڌ جي واپار ۽ ترقيءَ تي ڪافي روشني
وڌي آهي.
ابن جاحظ (11)، المتوفي 255هه/864ع پنهنجي
رسالي، ”فخر السوادان علي البيضان“ (ص 81) ۾ لکي
ٿو ته: ”سنڌ وارن لاءِ اهو باعثِ فخر آهي ته
صراف ۽ رپين جو ڪاروبار ڪندڙ پنهنجي پئسن جون
ٿيلهيون ۽ خزانو صرف سنڌين ۽ انهن جي اولاد کي
سپرد ڪندا هئا؛ ڇو ته آهي سنڌين کي صراف جي ڪم ۾
سڀني کان ماهر، قابل اطمينان ۽ ايماندار سمجهن
ٿا. روم ۽ خُراسان وارن کي ڪير به پنهنجي خزاني
جون ڪنجيون نٿو ڏئي. ماڻهو، برڪت جي لحاظ کان به
سنڌين کي خزانچي مقرر ڪن ٿا.“
بلاذُري، المتوفيٰ-279هه/892ع ”فتوح البُلدان“
(12) ۾ سنڌ مان حاصل ڪيل ڌن دولت لاءِ لکي ٿو
ته: ”وقايع نگارن جو بيان آهي ته جڏهن حجاج، سنڌ
جي جنگ جا آمدني ۽ خرچ جو جائزو ورتو، تڏهن کيس
معلوم ٿيو ته محمد بن قاسم جي لشڪر تي هن ڇهه
ڪروڙ درهم خرچ ڪيو هو ۽ ان جي عيوض هن کي ٻارهن
ڪروڙ مالِ غنيمت حاصل ٿيو هو. اُنهيءَ تي چوڻ
لڳو ته اسان جو غصو ٿڌو ٿي ويو، جو اسان پنهنجي
خون جو بدلو حاصل ڪري ورتو ۽ ان جي علاوه ڇهه
ڪروڙ درهم ۽ راجا ڏاهر جو سِرُ به حاصل ڪيو.“
ابن فقيہ همداني، ”ڪتاب البُلدان (13)“ (2 25) ۾
سنڌ جي پيدائش ۽ دولت متعلق لکي ٿو: ”ملڪِ سنڌ ۽
هند کي الله تعاليٰ، هيءَ خصوصيت بخشي آهي جو
اُتي هر طرح جون خوشيون ۽ جواهرات، جيئن ته
ياقوت، الماس وغيره قيمتي پٿر پيدا ٿين ٿا.
هاٿي، مور، عُود، عنبر، لونگ، سنبل، پان، دال
چيني، ناريل، هريڙ، توتيو، بيد، صندل، ساڳوان جو
ڪاٺ، ڪارا مرچ ۽ ٻيرن ڪيتريون شيون پيدا ٿين
ٿيون*.“
بَشاري مَقدسي: ”اَحَسَنُ التّقاسِيم في معرفت
الاقاليم“ (14) (تصنيف 375هه/985ع) ۾ سنڌ جي
زرعي پيداوار ۽ تجارتي اوج وغيره متعلق لکيو آهي
ته: ”دنيا ۾ سڀ کان زيادهه مصري، چانور ۽ مُشڪ
جي پيدوارسنڌ
۾ آهي. سنڌ، هڪ تجارتي ملڪ آهي؛ هتي سون، جڙي
ٻوٽيون، مصري، چانور، ڪيلو، کجور، ڇوهارا، عمده
۽ عجيب شين جي ڪثرت ۽ ارزاني آهي. هتي عدل و
انصاف به آهي ۽ سياست ۽ دانائي به آهي. غرض ته
هن ملڪ جون ڪيتريون ئي خصوصيتون آهن. صنعتي ۽
تجارتي اعتبار کان وڏو نفعي بخش ۽ قابلِ فخر ملڪ
آهي.“
ديبل ۽ منصوره متعلق ساڳيو مصنف لکي ٿو: ”ديبل
(15) هڪ سامونڊي شهر آهي. هتي تقريباً هڪ سؤ ڳوٺ
آهن. سمند جو پاڻي ٻوڏن جي وقت، شهر جي ديوارن
سان ٽڪرائجي ٿو. ديبل جا ماڻهو تجارت پيشه آهن.
سنڌي ۽ عربي زبان ڳالهائين ٿا. پوري صوبي جو
بندرگاهه آهي ۽ ڪثير آمدني وارو شهر آهي. هتي ئي
سنڌ درياءُ سمند سان ملي ٿو. هتي جا ماڻهو خوش
پوشاڪ ۽ عالي ظرف آهن.“
”منصوره
(16) (برهمڻ آباد) مان عمده جوتا، هاٿي، هاٿيءَ
جا ڏند ۽ ٻيون اعليٰ قسم جون شيون، جڙي ٻوٽيون،
ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون.“
شريف الادريسي؛ ڇهين صديءَ هجري جو جاگرافيدان
آهي. منصوره جي تجارتي پيداوار ۽ دولت متعلق
پنهنجي ڪتاب ”نزهہ المشتاق في احتراق الافاق“ ۾
لکي: ٿو: ”منصوره (17) جي آب و هوا گرم آهي.
کجور ۽ ڪمند جي پيداوار تمام گهڻي آهي. هتي
ليمون يا نارنگي ٿئي ٿيئ هتي جا عام دولت جانور،
پوک، ۽ باغات آهي. هيءُ شهر ڪشادو آهي. هتي تاجر
گهڻا آهن. بازار آباد آهي ۽ زندگيءَ لاءِ ضروري
شيون جام ملن ٿيون. هتي مڇي تمام گهڻي اچي ٿي ۽ گوشت به سستو
آهي. ڪجهه ميوات هتي جي آهي ۽ زياده تر ٻاهران
اچي ٿي.
قاضي رشيد بن زبير پنجين صديءَ هجري جو ممتاز
عالِم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو آهي.
هو پنهنجي ڪتاب ”ڪتابُ الذّخائِر والتّحف“
ص-185-186 (تصنيف ۾ 462هه) ۾، سنڌ مان خليفي
واثق بالله (227-232/841-844ع) کي، جيڪو تحفطي
طور سون ۽ دولت حاصل ٿيل هئا، ان متعلق لکيو آهي
ته:
”خليفي
واثق بالله (18) جي زماني ۾ يعني ذولاحج 227هه ۾
عمران بن موسيٰ بن يحيٰ بن خالد بن برمڪ واليءَ
سنڌ کي، سنڌ ۾ قتل ڪيو ويو، جڏهن واثق کي اها
خبر پهتي، ته هن عمران جي دولت تي قبضي ڪرڻ لاءِ
بغداد، بصره، ۽ سيراف ڏانهن ماڻهو روانا ڪيا.
انهن عمران جي پٽ محمد ۽ هن جي ڀيڻ کي گرفتار
ڪيو ۽ ٻن سالن جي گرفتاريءَ کان پوءِ، انهن کي
آزاد ڪري ڇڏيو، عمران جي ڪارپردرازن کي گرفتار
ڪيو ويو ۽ انهن عمران جي سموري دولت جا هنن وٽ
هئي، واثق جي حوالي ڪئي؛ جنهن جي مجموعي قيمت
پنج ڪروڙ هئي. ان کان سواءِ ٻه هزار عُود-هندي
جون ٽوڪريون هيون. لاپته ٿيل سامان ته بيشمار
هو. تنهن هوندي به واثق کي جيڪو خالص سون مليو،
ان مان هن دسترخوان ٺهرايو ۽ اُنهيءَ دسترخوان
جو سمورو سامان ۽ پليٽون سون جون هيون.“
عمران، پنهنجي زندگيءَ ۾ واثق بالله کي سنڌ جي
مصنوعات ۽ اُتي جي پيداوار جون جيڪي نادر شيون ۽
قيمتي تحفا موڪليا هئا، ان ۾ سنڌ جي مصنوعات ۾
مشڪ، عنبر، عُود-هندي، سون ۽ چانديءَ جا برتن،
هندي تلوارون، عود-هندي جا تخت ۽ ڪرسيون،
جواهرات، سون جا هيل بادشاهي تاج ۽ خالص چاندي،
ايتري ته مقدار ۾ موڪليا هئا، جو ان جي مجموعي
قميت ٻن ڪروڙن کان زياده هئي. ان جي علاوه هن،
ننڍا ننڍا پکي، شيرببر ۽ ٻيا وحشي جانور ۽ دلچسپ
پکي موڪليا هئا؛ جي عرب ملڪن ۾ نه ٿيندا هئا.“
اٺين صديءَ هجريءَ جو مشهور سيّاح ابن بطوطه
(المتوفيٰ 779هه/1377ع)، لاهري بندر ۽ ان شهر جي
تجارت ۽ آمدنيءَ جو احوال ڏيندي لکي ٿو:
”پنجين
(19) ڏينهن، اسان لاهوري بندر پهتاسون. هيءُ شهر
سمنڊ جي ڪناري تي نهايت خوبصورت شهر آهي. هتي
سنڌو درياءَ، سمنڊ ۾ ڪِري ٿو، هيءُ شهر، وڏو
بندرگاهه آهي. هتي يمن ۽ فارس (عربستان ۽ ايران)
جا جهاز ۽ تاجر تمام گهڻا اچن ٿا. انڪري، هيءُ
شهر نهايت مالدار آهي. هن بندرگاهه جي آمدني سٺ
لک دينار آهي.“
سنڌ ۾ عرب، جيتوڻيڪ نووارد هئا، تنهن هوندي به
سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ۽
سنڌ جي شين سان انهن کي بي پناهه محبت هئي.
مثلاً، سنڌ جي ”ائٽ“ کي هنن اندلس تائين پهچايو
۽ انهيءَ تي عربي نالو (20) ”ناعوره“ رلکيو.
مڪران ۽ سنڌ ۾ کجور جام ٿيندي هئي؛ پر سنڌي
انهيءَ مان ايترو فائدو حاصل ڪري نه سگهندا هئا.
عربن، سنڌين کي کجور مان کنڊ ۽ حلوو ٺاهڻ
سيکاريو؛ جو باهرين ملڪن ۾ وڏي اگهه تي وڪامندو
هو. عباسين جي دؤر حڪومت ۾، مڪران مان اسلامي
ملڪن جي اڌ حصي کي ڳڙ ۽ کنڊ پهچائي ويندي هئي.
عربن، سنڌ جي زراعت ۽ وڻن جي علم ۾ به دلچسپي
ورتي ۽ زراعت جي سمورن شعبن ۾ سنڌ کي ترقي ڏني.
خصوصاً باغات کي وڌايو ويو ۽ عربن جو تختگاهه
”منصوره“، ميوي جي گهڻائيءَ ۽ سستائيءَ جي ڪري
اسلامي ملڪن ۾ مشهور هو. عربن، نيلوفر جا گل
خراسان کان سنڌ ۾ آندو هئا. جيئن ته سنڌ جي ترقي
۽ خوشحاليءَ، وڻج واپار جو دارومدار زراعت تي
هو، انڪري حجاج بن يوسف، ڍڳن جي ڪوس تي بندش وڌي
هئي.
عربن، سنڌ جي شين کي ٻين ملڪن تائين به پهچايو.
منصوره جون نارنگيون، يورپ ۾ پوکجڻ لڳيون. عراق
۾ سنڌي ”ليما“ پهچايا ويا. ان بعد مصر جي شهر
”قفط“ ۾ ”ليما“ پوکجڻ (22) لڳا. گدامڙي جو وڻ،
سنڌ مان بصره پهتو، خوشبودار زيتون، سنڌ ۾
خراسان کان پهتا، سنڌ مان سُنڍ (زنجبيل) عربن جي
وسيلي عمان ۾ ٿيڻ لڳي، پان جا پن عربن وٽ، يمن
تائين پهتا، پر جڏهن کين اهو معلوم ٿيو ته پان
جي چٻاڙڻ سان اعصاب ڪمزور ٿين ٿا، انهيءَ ڪري،
پان چٻاڙڻ جي عادت (23) عربن ۾ پئجي نه سگهي.
سنڌ جي عرب سوداگرن جو واپار، چين سان به هلندو
هو. خصوصاً گينڊن جي سڱن جو واپار چين سان ٿيندو
هو. چيني انهن تي تصويرون ڪڍندا هئا ۽ انهن مان
صندوقون ٺاهيندا هئا ۽ هرهڪ صندوق جي قيمت ٽي
هزار اشرفيون هئي. سنڌ جو مشڪ موراڪو ۾ وڏيءَ
قيمت تي وڪامندو هو. سنڌ مان ڪارو لوڻ به ٻاهر
ويندو هو. شيراز ۽ اصفهان جي گلاب جو عطر ۽
بيدمشڪ جو عرق، (24) ۾ وڪامندو هو.
چمڙيسازيءَ جي هنر به، سنڌ کي واپار ۾ وڏي ترقي
ڏني. عربن جو انهيءَ ۾ وڏو هٿ هو؛ ڇو ته سنڌي
پهرئين چن سان چمڙو صاف ڪندا هئا ۽ اهو جٽادار
نه هوندو هو، ليڪن عربن، سنڌين کي کجور سان،
چمڙو رڱڻ سيکاريو ۽ اُنهيءَ چمڙي جا جوتا، بغداد
۽ مغرب الاقصيٰ ۾ صرف امير طبقو ۽ شهزادا خريد
ڪري سگهندا (25) هئا؛ اڌ حصي کي ڳڙ
۽ ڳاڙهي کنڊ پهچائي ويندي هئي. اُهي ڀڀڪيدار جوتا منصوره ۽
پنڀات ۾ لهندا هئا، نه صرف ايترو، پر سنڌي چمڙي
مان صندوقون ۽ پيتيون به
ٺاهيندا هئا. انڪري برآمدي واپار ۾ چمڙي جي واپار جي وڏي اهميت
هئي ۽ سنڌ جو چمڙو نهايت عمده قسم جو ليکجڻ ۾
ايندو هو. عرب ۽ ايران جي ملڪن ڏانهن برآمد (26)
ڪيو ويندو هو. فان آرلش
(Von orlich)
لکي ٿو ته: ”سنڌ جو چمڙو، نرمائي ۽ پائيداريءَ
۾، يورپ جي چمڙي کان ڪنهن به طرح گهٽ (27) نه
آهي.“ سنڌ جي عاليشان قسم جي چمڙي تي سڀني رنگن
جي ريشم سان ڀرت ڀريو ويندو هو. سنڌ جي عاليشان
قسم جي چمڙي تي سڀني رنگن جي ريشم سان ڀرت ڀريو
ويندو هو. سنڌ ۽ هندستان ۾ بسترن ۽ ميزن جي مٿان
چادر جي طور وڇائڻ پسند ڪيو (28) ويندو هو.
هيملٽن چئي ٿو ته: ”چمڙي جا مرتبان
(Jars)
اهڙا ته ٺاهيا ويندا هئا، جن ۾ 320 پائونڊ مکڻ، سڄي سال لاءِ
(29) تازو رکي سگهبو هو. چمڙو، تمام گهڻن ڪمن ۾
استعمال ٿيندو (30) هو؛ جيئن ته گهوڙن ـ اُٺن
لاءِ زينون، سنج، زبانه، دستانه ۽ بوٽ، پخالون ۽
گيهه مکڻ لاءِ مرتبان وغيره ٺاهيا ويندا (31)
هئا.“
ڪپڙيسازيءَ ۾ به وطن سنڌ واپار جي ڪري مشهور هو
۽ سوٽي باريڪ ململون، شالون، ريشمي ڪپڙا ۽ رنگين
ڇيٽون بمبئيءَ کان اينديون (32) هيون ۽ جتان ٻين
ملڪن سان واپار هلندو هو. سنڌ جون لونگيون به
تمام مشهور هيون ۽ ٻاهر موڪليون وينديون (33)
هيون. اُهي لونگيون ويهن ورهين تائين جٽادار
هونديون هيون. سنڌ مان جيڪي به شيون ٻاهرئين
واپار ۾ اهم هيون، انهيءَ ۾ ڪپڙو تمام قديم وقتن
کان مکيه برآمد ٿيندڙ شين مان هو.
سترهين صديءَ عيسويءَ ۾، ٻاهرين ملڪن مان يورپي
واپارين، پورچوگيزن، ڊچن ۽ انگريزن، سنڌ ۾ ڪپڙي
جي واپار لاءِ ڪوٺيون قائم ڪيون. ان متعلق
انهيءَ دؤر جي لکندڙن جا حوالا موجود آهن.
پوسٽنس چئي ٿو: ”سنڌ سوٽي ڪپڙي جو گهر (34)
آهي.“ سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ عيسوي ۾ سنڌ
۾ ڪپڙي تيار ٿيڻ جا خاص ۽ اهم مرڪز ٺٽو، نصرپور
۽ سيوهڻ هئا. انهن ۾ ننڍا مرڪز ڪنڊيارو، درٻيلو،
بکر، سکر، روهڙي، گمبٽ، بوبڪ ۽ سن هئا. هتي به
سٺي تعداد ۾ ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو ۽ هندستاني
۽ پرڏيهي واپاري، خريداريءَ لاءِ ايند هئا.
ائنٽونيو بوڪارو (1631ع) جي بيان موجب؛ ”ٺٽي شهر
۾ ٽيهه هزار (35) آڏاڻا هئا.“ پورچوگيزن لکيو
آهي ته: ”سنڌ (ٺٽي) ۾ ايترو ته ڪپڙو تيار ٿئي ٿو
جو هتي ٽي هزار ڪاريگر اهن ۽ هتي ايندڙ سڀ جهاز
ڀرجي (36) وڃن ٿا.“ انگريزن جا واپاري ايجنٽ لکن
ٿا ته: ”هتي ڪورين جا ڇٽيهه هزار خاندان آباد
آهن ۽ اهي چونڪڙي تي ”کيس“ ۽ ”بافتو“ تيار ڪن
ٿا، جنهن جي ايران ۽ ترڪي (37) ۾ کپت آهي.“
پورچوگيزن جي رڪارڊ جي تصديق مطابق پتو پوي ٿو
ته: ”ٺٽي ۾ تمام گهڻي ڪپهه اچيو گڏ ٿئي، جنهن کي
ٻن هزارين آڌاڻن تي آڻيو وڃي ٿو ۽ ان مان
عاليشان ڪپڙو تيار ٿئي ٿو؛ جيڪو ايشيا جي تمام
گهڻن ڏورانهن ملڪ ۽ پورچوگال ڏانهن موڪليو (38)
وڃي ٿو.“
سنڌ ۾، ريشمي ڪپڙي جون لونگيون (39) ٺٽي ۾ نهايت
دلڪش تيار ٿينديون هيون. اوني ڪپڙي ۾ غاليچا،
ڪمبل، کٿا ۽ اوني کرسڻ تيار ڪيا ويندا هئا.
ٿرپارڪر جا اچا ڪمبل ۽ ”کٽيون“ سنڌ جي هڪ مکيه
شئي پئي رهي آهي. سنڌ ۾ برساتي علائقن، ٿر ۽
ڪوهستان ۾ اُنَ تمام عمدي قسم جي ٿئي ٿي، ڇو ته
اُتي رڍون تمام گهڻيون آهن.
سنڌ مان نير به باهرين ملڪن ۾ ويندو هو ۽
اُنهيءَ واپار ۾ سنڌ جو وڏو حصو هوندو هو. سنڌ ۾
نير جي پيدائش جو اهم مرڪز سيوهڻ هو، جتي
ساليانو ٻه سؤ مڻ (40) نير پيدا ٿيندو هو.
انگريزن کي سنڌ جي نير جي خاصيت تي پورو اعتماد
هو ۽ هڪڙي انگريز ايجنٽ، پنهنجي
مٿئين آفيسر ڏانهن لکيو ته: ”مون سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ نير اهڙو ئي
ڏٺو آهي، جهڙو بيانا ۾ تيار ٿيندو (41) هو.“
سنڌ اصل کان چوپائي مال، مينهن، ڍڳين، اُٺن ۽
گهوڙن جي واپار کان به مشهور پئي رهي آهي. خاص
ڪري ريگستاني علائقي ٿر ۾ کيرٿر جي جابلو علائقي
۾ سنڌي ماڻهو رڍون ۽ ڍڳيون وغيره پاليندا هئا.
سنڌ ۾ عزت ۽ دولت وارو ماڻهو، ان کي سمجهيو
ويندو هو، جيڪو گهڻي ۾ گهڻو چوپايو مال رکندو
هجي ۽ سٺي ويءُ جو مالڪ هجي. انڪري سنڌ ۾ مکڻ ۽
گيهه جام ٿيندو هو؛ جيڪو مسقط (42) ۽ ٻين پرڏيهي
ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. جانورن ۾ اُٺ به
”سحرا جو جهاز“ ڪري ليکيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت ٻين
جانورن کان نهايت مضبوط هاٺيءَ وارو آهي. ماضيءَ
۾ اُٺن جا قافلا واپار آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ ڪم ايندا
هئا. اڄ به وارياسي ٿر جي ڏورانهن علائقن جي بار
برداريءَ ۽ سواريءَ لاءِ واحد ذريعو اُٺ آهي.
اُٺن کان سواءِ گهوڙا به ماضيءَ ۾ ٽپال پهچائڻ ۽
مواصلات جو بهترين ذريعو هئا. سنڌ جو هندستان ۽
ٻين ملڪن ڏانهن گهوڙن ۽ اُٺن جو واپار به جام
هلندو هو. سنڌ ۾ خراسان کان به گهوڙا گهرايا
(43) ويندا هئا. مطلب ته سنڌ ۾ چوپايو مال يا
ٻيا جانور واپار ۽ روزگار جو ذريعو هوندا هئا؛
خصوصاً ريگستاني علائقي ٿر ۾ ته مينهون، ڍڳيون ۽
رڍون خاص روزگار جو وسيلو هونديون هيون. سنڌ جي
چوپائي مال جِي، ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر
تمام گهڻي طلب (44) هوندي هئي ۽ کير، مکڻ ۽ گيهه
۾ وطنِ سنڌ نه صرف پنهنجي پيرن تي بيٺل هو، بلڪ
ان جي واپار مان به بچت ٿيندي هئي. سنڌ جو گيهه،
هندستان جي شهرن
۾ ”ڪراچي گيهه“ جي نالي سان مشهور هو. سنڌي گيهه جو واپار اڪثر
’ميمڻ‘ ڪندا هئا.
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ ۾ مڇي ۽ پَلي جو
واپار به عروج تي هوندو هو؛ ڇو ته سنڌ ملڪ کي
تمام ڪشادو سامونڊي ڪنارو آهي، ان کان سواءِ
سنڌو ندي به آهي. هيملٽن سن 1699ع ۾ سنڌ ۾ اچي
ڏٺو ته ”سنڌو درياءَ ۾ مٺي پاڻيءَ واري مڇيءَ جا
ڪيترائي قسم پيدا ٿين ٿا ۽ انهن سڀني ۾ ”پلي“
جهڙي مڇي، هن پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ چکي (45)
يا ڏٺي به نه آهي.“ پلي ۽ مڇيءَ جو واپار سنڌ
مان ٻاهر گهڻو ٿيندو هو ۽ لوڻيل ۽ سڪايل پلا ٻين
ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. پوسٽنس (56) لکي
ٿو: ”ڪراچيءَ کان ڪڇ، گجرات ۽ مسقط ڏانهن برآمد
ٿيندر شين ۾ سڪل مڇي به هڪ مکيه شئي آهي ۽ ڄرڪن
(Shask)
جا هڏا ۽ ڪنهڙ بمبئيءَ ڏانهن موڪليا ويندا آهن.“
ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڪراچي، سنڌ ملڪ جي واپار جو
مرڪز بنجي چڪو هو جتي مسقط، بندر عباس، کنڀات،
بمبئي ۽ ملبار جي سوداگرن جا ايجنٽ رهندا هئا.
مير صاحبن کي ڪسٽم مان گهڻي آمدني ٿيندي هئي.
ڏهه هزار رپيا ساليانو صرف مڇيءَ جي واپار مان
وصول ڪندا هئا. مڇيءَ جو ڪاروبار هندو واپارين
جي هٿ ۾ هوندو هو ۽ مهاڻا، اڪثر سيٺين جا مقروض
هوندا هئا. انهيءَ مڇيءَ جي واپار مان انگريزن
کي سنه 1851ع ۾ هڪ لک چار هزار پنج سَو اَٺ رپين
جي آمدني (47) ٿي هئي. موجوده دؤر ۾ به قدرت، هن
وقت دنيا جي اٽڪل ويهن ملڪن ۾ وڃي ٿي. پاڪستان
سرڪار، سنڌ جي مڇيءَ مان سال 1972ع ۾ ويهه ڪروڙ
رپيا سرمايو ڪمايو ۽ سال 1973ع ڌاري حڪومت مڇيءَ
مان اٽڪل پنجٽيهه ڪروڙ رپيا سرمايو حاصل (48)
ڪيو.
ميرن جي دؤر حڪومت ۾ واپار، قافلن ۽ ٻيڙين جي
ذريعي ٿيندو هو. پنجاب، ڪشمير، چيني ترڪستان، وچ
هندستان ۽ مالوه جون شيون ”مهراڻ“ جي وسيلي سنڌ
۾ پهچنديون هيون. هفتي ۾ پنج سَؤ ٻيڙيون مال سان
ڀريل بکر (49) پهچنديون هيون ۽ ٻيڙين ۾ مسافرن
جي آرام لاءِ ڪمرا به ٺهيل هوندا هئا. مير صاحبن
جا پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار تعلقات
هوندا هئا. ڪابل قنڌار، ايران، مسقط ۽ قلات سان
واپار هوندو هو. خراسان جا قافلا سرديءَ جي موسم
۾ پهچندا هئا. افغان واپاري رات جو مسافري ڪندا
هئا ۽ بلوچي قافلا ڏينهن جو سفر ڪندا هئا.
شڪارپور وڏو تجارتي مرڪز هو ۽ شڪارپور جي
شاهوڪارن جون هنڊيون (چيڪ) دهلي، استرآباد ۽
ڪلڪتي تائين هلنديون هيون. افغاني واپاري، ميوو،
ڪشمير جون شالون، خراسان جو ريشم، ڪرمان جي
قيمتي پشم، ترڪستان جا پشمينا، ايراني ۽ ڪابلي
غاليچا، گهوڙا، هٿيار، دوائون، ۽ جڙي ٻوٽيون سنڌ
جي شهرن ۾ نيڪال ڪندا هئا. مشهد، يزد، ۽ ڪرمان
جي ريشمي صنعت کي سنڌ جي نير جي سخت ضرورت هوندي
هئي. هڪڙي اُٺ تي ستر مڻ نير جو، تبريزي وزن جي
حساب سان ايران ڏانهن (50) موڪليو ويندو هو.
شڪارپور، سکر، روهڙي، لارڪاڻو، ڪنڊيارو، هالا،
عمرڪوٽ، ٽنڊومحمد خان، خيرپور، سيوهڻ، ٺٽو ۽
ڪراچي واپار جا مرڪز هوندا هئا.
واپاري رستا: وطن سنڌ، صدين کان مشرق ۽ مغرب کي
ملائيندڙ واپاري رستن جو لنگهه پئي رهي آهي.
مسلمان تاجر، جيتوڻيڪ يورپ نه ويندا هئا ۽ رومي؛
مصر، شام، عراق، ايران ۽ ٻين مسلمان ملڪن ۾ نه
ايندا هئا؛ تنهن هوندي به مسلمانن ۽ رومين جي
درميان ”يهودين“ جي
قوم ئي هئي؛ جيڪا دريماني رستو اختيار ڪري ٻنهي قومن سان واپاري
ناتا برقرار رکيو پئي آئي، ڇو ته اسلامي ملڪن ۾
يهودي اهل ڪتاب جي حيثيت رکندا هئا ۽ يورپ مان
ته اُهي يونانين جي زماني کان ئي واقف هئا. ابن
خردارزبہ(51) لکي ٿو ته: ”اهي (يهودي) عربي،
فارسي، لاطيني، انگريزي، اسپيني ۽ ملاوي زبانو
ڳلاهائن ٿا. اهي اوڀر کان اولهه، ۽ اولهه کان
اوڀر، خشڪيءَ ۽ سامونڊي رستن ذريعي هلندا رهن
ٿا. انهن جو واپار، هندستان ۽ چين تائين هلي ٿو.
اهي ريشم جي ڪپڙي، غلامن، کلن ۽ تلوارن وڪڻڻ جو
ڌنڌو ڪن ٿا. اهي يورپ کان هلي، بحر روم مان
لنگهي، انطاڪيه (شام) اچن ٿا ۽ پوءِ خشڪيءَ جي
رستي هتان جابيہ (عراق) وڃن ٿا ۽ اُتان نهر فرات
۾ سوار ٿي، بغداد پهچن ٿا. پو# جهاز ۾ سواري ٿي
دجلہ جي رستي کان اُبلہ بندرگاهه (خليج فارس جو
وڏي ۾ وڏو بندرگاهه جيڪو بصره جي ويجهو هو) پهچن
ٿا؛ هتان کان عمان، سنڌ، هندستان ۽ چين هليا وڃن
ٿا.“
مسعودي (51) جيڪو هتي سنه 305هه ڌاري پهتو ۽ بلخ
۽ خراسان مان به لنگهيو هو لکي ٿو ته: ”خراسان
کان چين تائين خشڪيءَ جو رستو پڻ آهي ۽ هي ملڪ
خراسان سان ملي وڃي ٿو؛ ۽ سنڌ سان منصوره تائين
۽ منصوره کان ملتان تائين ملي ٿو. واپاري قافلا،
خراسان کان سنڌ تائين ۽ سنڌ مان هندستان تائين
اچن ٿا، اُتان وري اهو ملڪ زاباستان (افغانستان)
سان ملي وڃي ٿو.“
مٿئين بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته وطن سنڌ جا
تجارتي تعلقات نهايت قديم دؤر کان هئا ۽ تجارتي
لاڳاپا ڪيترن ئي ملڪن سان هوندا هئا، جن ۾
افغانستان، خراسان، عربستان، ايران، ترڪي،
ميسوپوٽيميا، ايشيا مائنس، چين ۽ مغربي يورپ اچي
وڃن ٿا. سنڌ جو سامونڊي واپار: ايراني نار جي
اهم بندرن، ۽ ڊيو، ڪمبي، گوئا، سورت ۽ ملبار
ڪناري جي ڪيترن ئي بندرن سان هلندو هو. خشڪي جي
رستي: سنڌ مان واپاري قافلا، کيرٿر جبل جي
لنگهه، ”مولا لڪ“ کان بلوچستان ٽِپي، ايران
پهچندا هئا. اُتان وري ”ڀونوچ“ سمنڊ وارن ملڪن
ڏانهن ويندا هئا افغانستان ۽ ٻين اتر وارن ملڪن
سان واپار بکر کان شروع ٿيندو هو. ليڪن بعد ۾
شڪارپور واپار ۾ زور ورتو ۽ هيءُ خشڪيءَ جو
رستو هالار جبلن جي لڪن وچان ”بولان لنگهه“ پار
ڪري، قنڌار ۽ مَروَ کان ٿيندو، ترڪستان ۾ وڃي
ختم (53) ٿيندو هو. انهيءَ جي علاوه مغربي ملڪن
کي ڳنڍيندر واپاري بحري رستو پڻ هو، جيڪو دوآبي
جي بندرن؛ لاهري بندر، اورنگ بندر، شاهه بندر،
وستا بندر کان ايراني نارجي بندرن – بصره،
گوسرون (بندر عباس)، آرمز، مسقط، ڪانگو
(ڪَنگون)، ۽ بحرين بندر تائين (54) هوندو هو.
سنڌ ملڪ، هندستان سان به خشڪي رستن جي وسيلي،
تجارتي لاڳاپن سان ڳنڍيل هو. سِباسٽن مانرق
(Sebastion Manrique)
پادري، ٺٽي کان نصرپور، عمرڪوٽ، جيسليمير (55) رستو وٺي
آگره ڏانهن ويو. ٺٽي ۽ احمد آباد جي درميان به
هڪ خشڪيءَ جو رستو هوندو هو.
نِڪولوس وٽنگٽن
(Nicholas Wittington)
کي سنه 1613ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني، احمدآباد کان ٺٽي
موڪليو هو، جتان هو رانڌڻ پورمان لنگهي، ڪڇ جي
رڻ مان ٿيندو، ننگر پارڪر (56) پهتو ۽ اُتان ٺٽي
پهتو. ٺٽي کان واپس احمد آباد اچڻ وقت کيس،
ميرپور بٺوري کان ننگرپارڪر تائين پهچڻ ۾
اٺاويهه ڏينهن لڳي ويا هئا. وٽنگٽن چئي ٿو ته
”ننگرپارڪر موٽندي ڦورو سندس ٽپڙ ڦري ويا؛ اها
سندس خوش نصيبي هئي جو هڪڙو احمدآبادي هندو
واڻيو، کيس ننگرپارڪر ۾ گڏيو، جنهن کان قرض وٺي،
هو خيرت سان احمدآباد پهتو.“
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ڌاري، سنڌ ۾ خشڪيءَ جي
مسافري نهايت خوفائتي ۽ جوکم واري هوندي هئي.
ڪوبه ماڻهو مضبوط هٿيارن کان سواءِ سفر تي روانو
نه ٿي سگهندو هو. اليگزينڊر هيملٽن،
(Alexander Hamilton)
۽ اِسڪاٽ واپاري، 1699ع ۾ لاهري بندر تي پهتا. هن بندر جو
اُلهندي ڪناري تي مڪراني بلوچ ڦرلٽ ڪندا رهيا ۽
اُڀرندي پاسي ڪڪرالي ۾ ڄامن جو زور هو ۽ انهن
باهه ٻاري ڏني هئي. هيملٽن جي قافلي جي بچاءُ
لاءِ هڪ سؤ کان ٻن سون ماڻهن جي ضرورت هوندي
هئي. هيملٽن جي تصديق موجب: سندس قافلي سان گڏ
1500 جانور هئا ۽ ڪيترائي مرد ۽ عورتون به هيون
پهريدارن جو چوڪي ڏيندڙ دستو به ٻن سوَن ماڻهن
تي مشتمل هو ۽ هن کي ڦورن جي ٽوليءَ سان مقابلو
ڪرڻو پئجي ويو؛ ليڪن هنجا پهريدار، ڦورن تي غالب
اچي ويا ۽ هيءُ سلامتيءَ سان پنهنجي منزل تي
پهتو. انهيءَ مان اهو سمجهڻ نه گهرجي ته سنڌ جي
حڪمرانن، اهڙن واقعن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي
هوندي؛ بلڪ هيملٽن چئي ٿو ته: ”ٺٽي جي گورنر،
شهرن کان ڇهه ميل پري ڪيمپ اچي لڳائي ته بلوچن ۽
مڪرانين کي قافلي ڦرڻ ۽ ماڻهن جي مارائڻ جي سزا
ڏئي.“
خشڪي ۽ سامونڊي ڦورن جي باوجود سترهين ۽ شروعاتي
ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ ملڪ جا واپاري لاڳاپا نه صرف
ان وقت جي چئن اهم واپاري مرڪزن لاهور، ملتان،
آگرو ۽ احمدآباد سان هئا؛ ليڪن هندستان کان ٻاهر
اهم مرڪزي واپاري شهرن سان پڻ سنڌ جو تجارتي
تعلق هوندو هو ۽ سنڌ جو واپار: خشڪي، دريائي ۽
سامونڊي رستي ايشيا ۽ يورپ جي واپاري مرڪزن سان
هلندو هو.
ميرن جي صاحبيءَ تائين سنڌ، هنر ۽ واپار ۾، يورپ
تائين شهرت حاصل ڪئي هئي. سنڌ جي هرهڪ شهر ۽ ڳوٺ
۾ ديسي هنرن جا ڪارخانا هوندا هئا، جن مان اڄ به
ڪي موجود آهن. حيدرآباد شهر، ميناڪاري، چانديءَ
تي سون چاڙهڻ، چمڙي رڱڻ ۽ چمڙي جي سامان کان
مشهور هو. پريس نه هئڻ ڪري، خوش نويس ۽ خطاط
هوندا هئا. هالا ۽ سيوهڻ، ٺڪِر جي ٿانئن تي
ڪاشيءَ جي ڪم، ۽ ڪاشيءَ جي سرن کان مشهور هئا.
خانوٺ ۽ هالا، جنڊيءَ جي سامان جي ڪري اڄ تائين
مشهور آهن. ڪنڊيارو، گمبٽ ۽ نصرپور جا کيس ۽
سوسيون مشهور آهن. ٺٽو،
ڪنهن زماني ۾ اوج تي هو، هتي جون لونگيون، غاليچا، ۽ پاکڙا
مشهور هئا. ٽنڊوجان محمد، رڱاوت کان مشهور هو.
نبي سر، چم جي دٻن، جُتين ۽ ڪَنجهي جي سامان کان
مشهور پئي رهيو آهي، مٺيءَ جا پاکڙا هَنا ۽ پتل
جو سامان؛ ڇاڇري جا کٿا، لويون ۽ پاکڙا مٽيارين
۽ عمرڪوٽ ۾ اوڄ ۽ ڀرت جو ڪم مشهور پئي رهيو آهي.
سربارتل فريئر، ڪمشنر سنڌ، سن 1851ع ۾ لنڊن جي
هائيڊپارڪ جي صنعتي نمائش ۾ سنڌ جون صنعتي شيون
موڪليون، جتي سنڌي ڪاريگرن کي خراجِ تحسين (61)
مليو.
جيئن ته انگريزن سڄي هندستان تي واپاري حيثيت ۾
اچي، واپاري ڪوٺيون قائم ڪري قبضو ڪري هو؛
اهڙيءَ ريت، سنڌ ۾ به اهو ساڳيو طريقو اختيار
ڪيائون ۽ سنڌ جو واپار ۽ دولت هنن جي نظرن ۾
هئي. 1833ع ۾ سنڌو نديءَ جي آفيم واري واپاري تي
ڪراچي، ٺٽي ۽ مِٺڻ ڪوٽ تائين، انگريزن پنهنجا
ايجنٽ مقرر ڪيا ۽ هندستان جي آفيم تي قبضو ڪيو.
لنڊن جي سرمائيدار طبقي، سنڌو نديءَ جي سموري
واپار تي قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ ڪمپني،
The Indus Steam-Navigation
جي نالي سان کولڻ جي تجويز ڪئي ۽ اُنهيءَ
ڪمپنيءَ جا ايجنٽ بمبئيءَ تائين روانا ڪيائون.
اهڙيءَ طرح انگريزن، سنڌ جي واپار ۽ دولت هٿ ڪرڻ
لاءِ وڏي حرفت ۽ چالاڪيءَ کان ڪم ورتو ۽ اُنهيءَ
۾ هو ڪامياب ٿيا. جڏهن سنڌ، انگريزن جي قبضي ۽
حڪمرانيءَ هيٺ اچي ويئي، تڏهن انهن سنڌ جي هر
قسم جي واپار ۽ هنر کي، پنهنجي صنعتي انقلاب ۾
تبديل ڪري ڇڏيو.
ماخذات
(1)
رحميداد خان مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص 4،
حيدرآباد، 1959.
(2) R. Hughes-Buller: Imperial Gazetteer of
India, Vol: Baluchistan, pp 21-22, Calcutta,
1908.
(3) Garden Childe V: The Most Ancient East,
p 173, London 1929.
(4) William Vincent D.D. “The Voyage of
Nearchus From Indian to Emphrates” p 135,
London.
(5) Commenmoratine Essays “Chaldeas and
Indian Vedas” pp. 28-31, Poona, 1917.
(6) V.A. Smith: Early Hist: of Indian, p
28, Oxford, 1914.
(7) A.J. Grant: Herodotus, Vol: I, p 60,
London, 1897.
(8)
مولائي شيدائي: ايضاً؛ ص 99.
(9)
ايضاً: ص 115.
(10)
ايضاً: ص 117.
(11)
مولانا مسعود علي ندوي: ”هندستان عربون کي نظر مين“؛ ج
1؛ ص 7، معارف پريس اعظم ڳڙهه 1960.
(12)
ايضاً: ص 98.
(13)
ايضاً: ص 163.
(14)
ايضاً: ص 380.
(15)
ايضاً: ص 385-386.
(16)
ايضاً: ص 392.
(17)
ايضاً: ج 2، ص 169-171 ۽ 172.
(18)
ايضاً: ص 117-118 ۽ 119.
(19)
ايضاً: ص 263.
(20)
مولائي شيدائيض ايضاً؛ ص 197.
(21)
ايضاً: ص 198.
(22)
ياقوت حموي: ”معجم البُلدان“ ج 4، ص 152؛ مصر 1332 هه.
(23)
شيدائي: ايضاً؛ ص 200.
(24)
ايضاً: ص 201.
(25)
امام ابن حنبل: ”ڪتاب الورع“؛ باب ليس النعال السنديه، ص
101؛ مصر.
(26) Aithekn, E.H., Gazetteer of the
province of Sind, p 653 Vol: A, Bombay, 1907.
(27) Von Orlich: Travels in India, p 101
(Trans: Lloyd, 1845).
(28) H. T. Sorely: “Shah Abdul Latif of Bhit”
p 98.
(29) Ibid.
(30) Postans: “Personal Observations on Sind”,
p 76.
(31) Hamilton Alexandar: “a New Account of
the East Indies>, p 76.
(32) Pottinger, Henry “Travels in
Baluchistan and Sind, Accompanied by a
Geographical and Historical Account of those
countries, p 345, Longmans, London 1816.
(33) Del Hoste, E.P. “Memoir on Sind” p 86.
(Sindhology Deptt: S.U. Hyderabad). (Typed Copy).
(34) Postans: “Personal Observations on
Sindh, 9 181.
(35) Meersman, Fr. 1- “Antonion Boccari’s
description of Sindh” p 527 (J.S. H.s. Vol:
IV, pt: 4, 1940).
(36) Ibid. 201.
(37) Ibid.
(38)
ڊاڪٽر ايس- پي ڇٻلاڻي: ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“؛ ص 117
(سنڌي ترجمو: سراج) حيدرآباد سنڌ 1958.
(39) Pottingr. Henry: Ibid. p 352.
(40) Burton .F. “Sindh, the unhappy Valley”,
vol: I, p 101, London, 1851.
(41) Pant, “Commercial Policy of the Mughuls”,
p 141.
(42)
ڊاڪٽر ايس- پي ڇيلاني: ايضا؛ ص 127.
(42) “Crow’s Account of Sindh”, p 44. (J.S.H.S,)
Vol: I. pt: 2. 1934.
(44)
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي: ايضاً؛ ص 130.
(45)
ايضاً: ص 132.
(46) Postans: Ibid. p 107.
(47) Aitken, E.H. Ibid 70-71.
(48)
مضمون عبدالله سومرو:ءَ ”سنڌ جون درياهي ۽ سامونڊي
مڇيون“؛ روزانه هلال پاڪستان؛ (ص – 3) 11-ڊسمبر،
1974.
(49)
مولائي شيدائي: ايضاً؛ 594.
(50)
ايضاً:
(51)
ابن خردازبہ: ”ڪتاب المسالڪ و الممالڪ“ ص 153-154 ليدن؛
1889 (بحواله مولانا سيد سليمان ندوي: ”عرب و
هند کي تعلقات“؛ ص 59-60، الہ آباد 1930).