سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :19

سرفراز احمد ڀٽي ايم. اي.

 

قديم سنڌ جو مختصر تاريخي جائزو

 

        سر زمين سنڌ دنيا جي قديم مهذب ۽ متمدن ملڪن مان هڪ آهي، وطن مالوف زماني جي عام دستور موجب تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا آهن. هن جي قديم عظمت جا نشان اڄ به آمريءَ ۽ موهن جي دڙي جي يادگارن ۾ موجود آهن. اڄ کان ڪجهه ورهيه اڳ دنيا صرف اهو ڄاڻندي هئي ته سنڌ ۾ آرين جي آمد کان پهريائين وحشت ۽ جهالت جو دؤر هو. هتان جا رهاڪو تهذيب ۽ تمدن جي نالي کان به واقف نه هئا، ۽ سنڌ ۾ تهذيب جي ارتقا آرين جي آمد سان ٿي. آرين جي پنهنجي اصلي وطن مان نقل ۽ حرڪت، سندن ايران ۽ هندستان ۾ آمد جو زمانو جيڪو مؤرخن مقرر ڪيو آهي، تنهن کان گهڻو عرصو اڳ واديءَ سنڌ جي تهذيب عروج تي هئي. سندن صنعت ۽ حرفت ملڪان ملڪ مشهور هئي، هتان جا باشندا تاجر هئا ۽ هنن جا تجارتي قافلا ڀرپاسي وارين رياستن ۽ شهرن ۾ ويندا هئا، يقين سان چئي نٿو سگهجي ته سنڌي تهذيب ڪٿان کان ڪٿي پهتي ۽ ڪنهن تي ڪيترو اثر انداز ٿي. عرب جاگرافي نويس لکن ٿا ته ”سنڌ ملڪ هندستان، ڪرمان ۽ سجستان وغيره جي سرحدن سان گهيريل هو.“ قديم ترين عرب جاگرافيدان ابن خرداز به هيٺين شهرن کي سنڌ ۾ شمار ڪيو آهي: قيقان (گيگان يا قلات)، بنه (غالباً بنون)، مڪران، ميد، قنڌهار (گندهار)، قصدار (خضدار)، لوقان، قندابيل، فزبور، ارمابيل، دبيل، قبلي، کنبايا (کنڀات)، سڀان، سدون، سان راسڪ، الرور (الور)، ساوندري، مولتان، سندان (سجان يا بمبئي)، مندل، بيلمان (ڀيلمان يا گجرات)، بروص (بڙوچ) (1).

        ابن خرداز به سنڌ جي مکيه شهرن جا نالا ڏنا آهن، مگر هن انهن شهرن کي ترتيبوار ڪونه لکيو آهي. عام طور انهن حدن جي باسندن کي عرب ”سنڌي“ چوندا هئا. اطهر مبارڪپوري لکي ٿو ته ”سنڌي شاهانِ فارس جي اثر ۽ اقتدار هيٺ هن طرح هئا جو هتان جا راجا ۽ مهاراجا سندن ڏَنُ ڀريندڙ فرمانبردار هوندا هئا ۽ ضرورت جي وقت ايراني، سنڌي سرويچن جي مدد پڻ وٺندا هئا (2). ابن اثير لکي ٿو ته انوشيروان جنهن يمن جي باڊساهه سيف ابن ذي يزن حوميري، ڪسريٰ جي فوجي مدد ڪئي هئي، تنهن ۾ هڪ هزار سنڌي سورمن جو هو، جن وڃي يعمن تي قبضو ڪيو هو (3). ايران جي بادشاهه اردشير، سنڌي مهاراجائن کي القابن سان پڻ نوازيو هو. جهڙوڪ قفص شاه، قيقان شاه، قشميران شاه وغيره. انهن لقبن کان سواءِ هتان جا راجا پنهنجن ذاتي نالن سان پڻ مشهور هئا. عربن جي تقسيم جي مدنظر، سنڌ کان پوءِ هندستان جو ملڪ شروع ٿئي ٿو، جهڙيءَ طرح اڄ آهي. سنڌ ۽ هند جي وچ تي ساحل جي قريب ”قامهل“ نالي شهر هو، هيءُ شهر غالباً بيڪانير، جيسلمير يا جهونا ڳڙهه جي طرف ڪٿي هو، جتي سنڌ ۽ هند جون سرحدون ملنديون هيون. ياقوت حموي لکي ٿو ته ”قامهل کان پوءِ هندستان جي سرحد شروع ٿئي ٿي. سنڌ جي مشهور شهر ”منصوره“ ۽ قامهل جي وچ ۾ اٺن مرحلن يعني منزلن جو فاصلو آهي ۽ قامهل کان کنڀات تائين تقريباً چار مرحلا آهن. قامهل کان مڪران، ٻڌ ۽ ملتان جي حد هيٺان تائين وارو پورو علائقو سنڌ ۾ شامل آهي (1).


 

        سنڌ جي نالي بابت، مسلمان مؤرخن جو رايو آهي ته ”هند“ ۽ ”سنڌ“ حام بن نوح عليہ السلام جا پٽ هئا، جن جي هن سرزمين تي، سندن اولاد سميت گهڻو عرصو حڪومت رهي آهي ۽ انهن جي نالي پٺيان ئي هن ملڪ تي سند (سنڌ) نالو پيو آهي (2). ليڪن انگريز مؤرخن رگ ويد (جيڪو هندن جو قديم مذهبي ڪتاب آهي) جي حوالي سان لکن ٿا ته سنڌو جو نالو ”سپت سنڌو“ يعني ستن ندين واري ملڪ تان پيو آهي. آرين سنڌ تي ”سنڌو“ درياهه ڪري اهو نالو ڏنو، درياهه جي معنيٰ آهي، ”سمنڊ“، ايرانين ”س“ کي ”هه“ سان بدلايو، تنهنڪري ”سپت“ بدلجي ”هپت“ ٿيو ۽ انهيءَ نقطهء نظر کان سپت سنڌوءَ کي پارسي جي مذهبي ڪتاب ”زند اوستا“ ۾ هپت هندو لکيو ويو آهي ۽ هپت هندو ديس جي رهاڪن کي هندو لقب سان سڏيو ويو. يونانين اهل هنود کي انڊوئي لقب ڏنو. انگريزن، يوناني لفظ انڊوئي جي ڪري هندن جي رهڻ واري ملڪ کي انڊيا سڏيو. مسلمان تاريخ نويس هندن واري ملڪ کي هندستان نالو ڏنو. (3). انهن لفطن جي مٽا سٽا، يا نالي جي لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هندستان جو اصل نالو سنڌ آهي.

        هن خطي جي تاريخ صدين کان غائب آهي. سنڌ جي مشهور تاريخ ”تحفة الڪرام“ جو مصنف هن ڳالهه ڏانهن خاص طرح ڌيان ڇڪائيندي لکي ٿو ته ”سنه 1216ع تائين سنڌ جي تاريخ تي ڪنهن به توجهه ڪونه ڏنو آهي.“ رچرڊ برٽن لکي ٿو ته ”سڀ کان پهريائين هن علائقي جي لکيل تاريخ علي بن احمد ڪوفيءَ جي تصنيف آهي. پوين سڀني ليکڪن، صوبي جي اسلامي فتح کان اڳ خواه پوءِ جو احوال سندس لکيل تاريخ تان لفظ بلفظ نقل ڪيو آهي (4). علي ڪوفي سنڌ جي حدن متعلق هن طرح لکي ٿو ته .سندس حدون اڀرندي کان ڪشمير تائين، الهندي کان مڪران تائين، ڏکڻ کان سمند جي ڪناري ۽ ديبل تائين، اُتر کان ڪُردَن جي جبل ۽ ڪيڪانان تائين هيون ۽ ملڪي انتظام چئن حاڪمن جي هٿ ۾ هو.“ 1- ”سيوسنان“ هن ۾ ”ٻُڌِيَہ،   جنگان، رُونجهان، ڪوه پايه ۽ مڪران“ اچي ٿي ويا. 2- اِسڪَلَنده ۽ ڀاٽيه وارا علائقا. 3- ملتان هن ۾ سِڪِہ، برهمپور، ڪرور، اشهار ۽ تاڪِيہ، ويندي ڪشمير جي حد تائين. 4- ”برهمڻ آباد“، هن ۾ نيرون ڪوٽ جي قلعي کان ديبل، لوهاڻو يعني لاکا ۽ سما ايراضين وارو ڀاڱو ويندي سمنڊ تائين اچي ٿي ويا. اهي چارئي صوبا اروڙ (الور) جي راجا جي ماتحت هئا، اروڙ انهيءَ زماني ۾ سُيحون نديءَ جنهنکي مهراڻ چيو وڃي ٿو، تي هڪ خوبصورت شهر هو، جو شاندار عمارتن، چراگاهن ۽ گلن، باغن ۽ باغيچن، حوضن، نهرن ۽ گلڪارين سان سينگاريل هڪ غنچو هو (1).

        موجوده ٿرپارڪر پڻ برهمڻ آباد واري ڀاڱي ۾ اچي ٿي ويو، نسياني لکي ٿو ته ”هي سنڌ جو حصو سرسبز ۽ شاداب هو“. هتان سنڌو درياهه جون ٽي شاخون جهڙوڪ 1- واهند، 2- واهن 3- هاڪڙو وهنديون هيون. واهند کي البيرونيءَ ڪتاب الهند ۾ ويهند جي نالي سان لکيو آهي. تاريخ طاهري ۾ هن کي پنجاب وارو درياهه لکيو ويو آهي (2). هن  وقت هن درياهه جي جاگرافي ايتريقدر گم ٿيل آهي جو هن جو نالو نشان سنڌ جي تاريخن مان تقريباً نڪري چڪو آهي. ريگستان جي وجود ۾ اچڻ ڪري هن جا آثار مٽجي چڪا آهن، باقي جيسلمير جي حدن اندر هن درياهه جي وهڻ جو پتو راجپوتانا گزيٽئر ۽ ٽاڊ جي ’راجستان‘ ۾ ملي ٿو. ٽاڊ، لکي ٿو ته ”لوڍاڻو، جنهن کي لوڌرو به سڏيو وڃي ٿو، سو موجوده  جيسلمير کان اُتر-اولهه طرف ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ويران ۽ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. هي شهر ڏهين يا ٻارهين عيسوي صديءَ تائين اتي جي ڀٽي راجپوت راجائن جي گاديءَ جو هنڌ هو. اتان سنڌو درياهه وهندو هو، هي شهر ڪافي ڪشادو هو، هن کي ٻارهن دروازا هئا ۽ منجهس وڏا مندر هئا، جنهن مان هڪ جو پتو ته اڄ به ملي ٿو ته ”ترپارڪر واري ڀاڱي ۾ هڪ قديم سلطنت هئي، جنهن جو مکيه شهر پاري ننگر هو، جيڪو عيسوي پهرين صديءَ جو ٻڌل، سامونڊي بندر ”ڪوري نار“ جي ڪپ تي هو. اهو پاري ننگر هاڻوڪي ننگرپارڪر تعلقي ۾ موجوده ويرا واهه کنڊر جي اڀرندي طرف هو ۽ ان وقت اتان سنڌو درياهه وهي وڃي ڪوري نار ۾ ڇور ڪندو هو. هن وقت اهو درياهه ڪونهي، جنهنڪري ڪوري نار سُڪي رڻ ٿي پيو آهي، جيڪو ڪڇ واري رڻ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ پاري ننگر جو شهر هن وقت کنڊر جي صورت ۾ پٿرن جو ڍير آهي (1). جڏهن جيسلمير وٽان وهندڙ درياءُ، موجوده ڪڇ واري رڻ ۾ ڇور ڪندو هو، تڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو، ڪوري نار جي نالي سان، وڏي اهميت وارو بندر سڏيو ويندو هو.

        سنڌوءَ جي ٻي شاخ جيڪا ٿر مان لنگهندي هئي، تنهن کي نسيانيءَ درياءُ واهن لکيو آهي (2). ريورٽيءَ ”مهران آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌو درياءُ مان هڪڙي شاخ نڪرندي هئي (3)، جا ونجر وٽ يا وجناٽ جي قديم شهر وٽان لنگهندي هئي. هيءُ شهر اڄڪلهه کنڊر جي حالت ۾، سکر ضلعي جي اُٻاوڙي تعلقي ۾ ”ريتي“ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آهي. اها ونجر وت يا وجناٽ واري شاخ واهند درياءَ سان ملي مرڪوٽ جي الهندي طرف کان وهي وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.

        ٿر مان لنگهندڙ ٽئين درياءَ جو نالو هاڪڙو آهي. هي اهو درياءُ آهي، جيڪو هن وقت اُڀرندو نارو، ڍورونارو، جمڙائو واهه ۽ ڍوروپُران جي نالي سان مشهور آهي. هن وقت زمين جو جيڪو حصو، ڍوري ناري ۽ جمڙائو واهه جي وچ ۾ اچي ٿو، سو هاڪڙي درياءُ جو هڪ ٻيٽ هو، جنهن کي هينئر ڍورو پُران سڏجي ٿو، تنهن کي طاهري، پائين درياءَ جي نالي سان لکيو آهي. (4). ريورٽيءَ ڏيکاريو آهي ته هاڪڙي جو اهو وهڪرو جنهن کي ڍورونارو سڏجي ٿو، تنهن مان هڪڙي شاخ ڦُٽي اچي واهند ۽ دامن (واهن) واري گڏيل وهڪري سان عمرڪوٽ وٽ ملي ٿي. انهيءَ شاخ کي موجوده نقشن ۾ ”ڪول شاخ“ جي نالي سان ڏيکاريو ويو آهي.

        مهراڻ مان واهند، دامن (واهن) ۽ هاڪڙي درياءَ جي ڦُٽي نڪرندڙ شاخن جي ڪري موجوده سنڌ جي ٿر وارو ڀاڱو، ننڍن ’ٻيٽن‘ جي حالت ۾ ورهايل هو. انهن ٻيٽن جي تقسيم هن ريت هئي. ”هڪ ٻيٽ اهو جيڪو مهراڻ، واهند ۽ دامن (واهن) جي وچ ۾ هو، ٻيو ٻيٽ وري مهراڻ، واهند، هاڪڙو ۽ ڪول شاخ جي وچ ۾ پيدا ٿيل هو. ٽيون ٻيٽ، فقط هاڪڙي درياءَ جي وچ وارو حصو هو، چوٿون ٻيٽ صرف واهند درياءَ جو ڊيلٽا هو، پنجون ٻيٽ ڪول شاخ، واهند هاڪڙي ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هو، ڇهون سنڌءَ ۽ هاڪڙي جو دو آبه هو، ستون ٻيٽ وري سنڌوءَ جي وهڪري ۾ ڀنڀور وٽ هڪ ننڍڙو ٽاڪُرو ٻيٽ هو.“ انهي سڀني ٻيٽن کي عرب تاريخ نويسن ”بيت (5)“ سڏيندي سنڌ جي خوشحاليءَ جا داستان بيان ڪيا 

آهن. سندن چوڻ آهي ته ”الله تعاليٰ سنڌ کي هيءَ خصوصيت عطا ڪئي آهي، جو هن ۾ هر قسم جون شيون نهايت عمديون پيدا ٿين ٿيون. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته ”سن 14هه ۾ حضرت عمر فاروق رضه کي هڪ عرب سياح ٻڌايو ته ”هند جا درياءَ موتي، ان جا جبل ياقوت ۽ وڻ عطر آهن (1)“ حضرت عثمان غني رضه کي حڪم شعر ۾ سنڌين جي  بهادريءَ کان متاثر ڪيو (2). هن سرزمين قديم زماني کان وٺي وڏن وڏن مفڪرن ۽ اهلِ علم، دور انديش ۽ درويشن کي جنم ڏنو آهي. قصه خواني ۽ داستان گوئيءَ ۾ سنڌي، عرب ۽ عجم کي شهه ڏيئي ويا، تنهن کان سواءِٻين لطيف فنن ۾ هنن ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر وڏو نالو پيدا ڪيو. سندن حڪمت عملي ۽ هوشياريءَ عرب حڪمن کي ”مبارڪ المشير“ جهڙن لقبن ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو، ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جي ڪري عربن کي سندن خزانن جون چاٻيون سنڌين جي حوالي ڪرڻيون پيون (3). طب ۽ جراحي ۾ مهارت ۽ يدِ طوليٰ رکڻ ڪري بغداد جا ”دارالشفاء“ جهڙا اهم کاتا سندن هٿ ۾ ڏنا ويا. شمشير زنيءَ ۽ بهادريءَ ۾ ته پنهنجو مَٽُ پاڻ هئا. سيد اطهر مبارڪپوري لکي ٿو ته ”شاهانِ فارس قديم زماني ۾ پنهنجي ملڪ جي بچاءَ ۽ حڪومت جي بقاءَ ۽ قيام جي لاءِ سنڌ جي جاٽ (جت) ۽ ميد قومن جي ماڻهن کي پنهنجن فوجن ۾ رکيو هو ۽ عربن بحري حملن کان بچڻ لاءِ، سنڌي قبيلن مان سيابجه ۽ بياسره قومن جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. سنڌي، عربن جي جهازن جي نگرانيءَ تي مقرر ٿيل هئا، جي سامونڊي قزاقن جو مقابلو ڪري عرب جي جهازن کي محفوظ ساحلن تائين سلامتيءَ سان پهچائيندا هئا. انهيءَ کان سواءِ بصره، يمن ۽ بحرين وغيره ۾ خزانن ۽ جيل خانن جي حفاظت به سنڌ جي سورهين جي حوالي هئي. بلاذري لکي ٿو ته ”جڏهن حضرت علي عليہ السلام بصره فتح ڪيو تڏهن سندن خدمت ۾ ستر سنڌي جاٽ حاضر ٿيا ۽ مشرف به اسلام ٿي، حضرت علي عليہ السلام جي خلافت جو اقرار ڪيائون. تنهن کان پوءِ پهريائين جنگِ جمل ۾ ۽ جنگِ صفين ۾ حضرت عليءَ جا ٻانهه ٻيلي ٿي اموي فوجن جي مدِ مقابل ٿي تلوار جا جوهر ڏيکاريندا رهيا، بعد ۾ يوم مسعود ۽ يوم زبده ۾ سنڌين حصو ورتو ۽ بهادريءَ ۾ روايتي مثال پيش ڪيو. عبدالرحمان بن محمد بن اشعت جڏهن بنو اميه ۽ حجاج بن يوسف جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف هڪ جماعت ٺاهي ميدان ۾آيو، تڏهن بصره ۾ آباد سنڌي به هن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا؛ جنهن ڪري حجاج بن يوسگ جي عتاب هيٺ اچي ويا جنهن سندن گهر ڊهرائي، کين جلاوطن ڪري ڇڏيو (4).

        سنڌين جي شجاعت، بهادريءَ ۽ حب الوطنيءَ جا واقعات هر دؤر ۾ ڪيترائي آهن، جيئن ته سلطان محمود عزنويءَ ۽ سلطان فيروز شاهه تغلق کي سنڌي سونهن رڻ ۾ ڪٽڪن سوڏو غرق ڪري ملڪ کي سندن حملن کان نجات ڏيارڻ جي ڪوششن ۾ سِر ڏنو. تنهن کان سواءِ سومرن ۽ سمن سلطانن جي دؤر حڪومت ۾ سندن ڪافي مثال موجود آهين. مگر سلاطين دهليءَ جي درباري مؤرخن انهن کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سومرن سردارن دهلي سلطنت جي تسلط ۽ غلاميءَ کان آزاديءَ جي موت کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجي ملڪي آزادي، ننگ ۽ ناموس خاطر سر تريءَ تي رکي مري موچار ٿيا. رياض اسلام ”ملفوظات مخدوم جهانيان“ جي حوالي سان لکي ٿو ته ”سنڌ جي والين ’ڄام جوڻي ۽ ڄام ڀنڀي‘ سلطان فيروز شاهه تغلق جي ماتحتي ۽ فرمانبرداري، حضرت مخدوم جهانيان جي حڪم تي ڪئي هئي (1). جيئن ته فاتح سلطان کي سنڌ مان ڏيڍ لک رپيا (ٽنڪا) ڏن مليو ٿي ۽ سلطان وري انهيءَڏن جي عيوض مفتوح سنڌي ڄامن کي دهليءَ ۾ ٻه لک رپيا (ٽنڪا) گذرمعاش لاءِ ڏيندو هو (2). سمن جي آخري دؤر ۾، ڄام نظام الدين نندي جي پٽيلي دولهه درياء خان سان گڏجي سنڌين ملڪ کي ارغونن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ جيڪو شجاعت، بهادريءَ ۽ حب الوطنيءَ جو ثبوت پيش ڪيو هو، تنهن جو مثال اڄ تائين دنيا جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. سنڌين پاران آزاديءَ جي لڙائيءَ جو ڍنگ ۽ طريقو مير معصوم هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، ”ڪڇ ۽ ٿر جي سوڍن ۽ راجپوتن جي پنجاهه هزار سوارن ۽ پيادن جي جماعت، جڏهن دشمن جي لشڪر کي سامهون ڏٺو تڏهن گهوڙن تان لهي مٿا اگهاڙا ڪري پٽڪا، چادرون ۽ ڪمربند هڪٻئي سان ٻڌي، دشمنن جي فوج ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنائون“، هي وڌيڪ لکي ٿو ته ”سندي جڏهن ڪُسڻ جو پَههُ ڪندا آهن تڏهن ائين ورهندا آهن (3).

        سنڌين ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر تلوار جي جوهر ڏيکارڻ کان سواءِ علم ۽ ادب جي جيڪا شمع روشن ڪئي، تنهن لاءِ اهلِ عرب به ٿورائتا آهن. انهن علماء مان سرفهرست نالو ابو معشر سنڌيءَ جو اچي ٿو. هن جو نالو نجيح بن عبدالرحمان هو، ٻيءَ صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي جنگي قيدين سان گڏجي حجاز ۾ آندو ويو هو ۽ ڪيترن خاندانن وٽ بطور غلام رهيو، ليڪن هر هنڌ علمي سرچشمہ مان سيراب ٿيندو رهيو ۽ آخر علم حديث، مغازي ۽ فقہ ۾ باڪمال بنجي دنيا جي سامهون مثلِ آفتاب ظاهر ٿيو ۽ سندس استادن ۾ محمد بن ڪعب، قزطي، هشام بن عروه ۽ نافع وغيره اچي وڃن ٿا. شاگردن ۾ محمد بن ابي معشر سنڌي، ابو نعيم، وڪيع، محمد بن عمر واقدي ۽ امام سفيان ثوريءَ جهڙن وڏي پايي جي شخصن جو شمار ٿئي ٿو. سندس روايتن کي جامع ترمزيءَ ۾ جڳهه ڏني ويئي آهي (4). ان کان پوءِ سندس شاگرد ۽ نيڪ فرزند ابو عبدالملڪ محمد بن ابي معشر، علم حديث ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ پنهنجي والد ماجد جي ڪتاب المغازي جي راوي ٿيڻ جي سعادت حاصل ڪيائين. امام اوزاعي ۽ امام ابو حنيفه نعمان بن ثابت، جن جي ولادت ته شام ۽ عراق ۾ ٿي، ليڪن سندن بزرگ اصل سنڌي هئا. حافظ ابو محمد خلف 

بن سلام، احاديث نبويءَ جو مشهور حافظ هو، هن کي آلِ مهلب غلام ڪري سنڌ کان ڪوفي آندو، جتي هن حديث جي تعليم حاصل ڪئي ۽ وڏو نالو ڪڍيو. جتان بغداد وڃي محله مخرم ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. سندن استادن ۾ يحيٰ بن سعيد قطان ۽ ابونعيم جهڙا عالم اچي وڃن ٿا. حاتم، ابولقاسم بغوي، احمد بن علي آباد ۽ عثمان درامي کي سندن شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيو. امام نسائي هن جي روايتن کي درج ڪيو آهي. علم حديث ۽ فقہ ۾ جنهن ٻئي سنڌيءَ نالو پيدا ڪيو سو هو ابونصر سنڌي. سندس نالو فتح بن عبدالله هو ۽ آلِ حڪم جي غلامن مان هو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ حديث، فقہ ۽ علم ڪلام جي تعليم حاصل ڪيائين، سندس استادن ۾ حسن بن سفيان مشهور شخص هو (1). شعر ۽ شاعريءَ ۾ به سنڌي عربن کان پوئتي نه هئا، جيئن ته ابو العطاء سنڌي جنهن جو نالو افلح بن يسار هو. پيءُ ۽ پُٽ ٻئي سنڌ مان بنو اسد جي غلامن سان ڪوفه پهتا. ابو العطاء کي ادب، شعر ۽ شاعري جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري هن ان ۾ ڪمال حاصل ڪري ورتو ۽ پوري عرب ۾ وڏي شهرت حاصل ڪيائين، جنهن تي سندس آقا عنتره بن سماڪ هن کي آزاد ڪري ڇڏيو. مگر جڏهن ابوالعطاء کي اميرن جي دربان مان وڏا وڏا انعام اڪرام ملڻ لڳا، تڏهن آقا هن کان آزاديءَ جي قيمت چار هزار درهم حاصل ڪئي. سنڌي هجڻ ڪري عربيءَ جي ڪيترن لفظن جا اُچار صحيح نه ڪڍي سگهندو هو، حرف ”ز“ کي جيم ڪري اچاريندو هو. مثلاً (هجرت“ کي ”هزوت“ چوندو هو، تنهنڪري هن سليمان بن سليم کان هڪ غلام عطاء نالي حاصل ڪيو جو هن جو ڪلام ٻين کان پڙهي ٻڍائيندو هو. اهڙيءَ طرح شاعرن ۾ هڪ ابو ضلع سنڌي هو، جيڪو سنڌي غلامن مان هو مگر شعر ۽ شاعريءَ جو ڏاڍو شوق هئس. سندس هڪ تصنيف ٽيهن ورقن جي ابن نديم جي زماني تائين موجود هئي. هن پنهنجي وطن جي مدح ۾ هڪ قصيدو پڻ لکيو هو (2). ابن نديم جنهن ٻئي سنڌي شاعر جو ذڪر ڪيو آهي سو هو منصور هندي، جنهن شعر ۽ علم ادب تي هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو هو (3). ابن حاجب النعمان جنهن عالم و فاضل جو ذڪر ڪيو آهي سو پنهنجي وقت جو وڏو ڪاتب به هو ۽ ادب ۽ شعر ۾ وڏي دسترس حاصل هئس، سو هو سنڌي بن صدقه، جنهنجي هڪ تصنيف پنجاهه ورقن جي هئي (4). مبارڪ سنڌي، امام حضرت جعفر الصادق عليہ السلام جو شاگرد، ۽ حضرت اسماعيل بن حضرت جعفر الصادق جي خدمتگارن مان هو. تنهن کان پوءِ اسماعيلين جي امام وصي محمد بن حضرت اسماعيل جي خدمت ۾ رهيو. علم منطق ۽ فلسفي جو وڏو ڄاڻو هو.

        سنڌي بن علي جيڪو عباسي خليفن جي مشهور ڳائڻي اسحاق (متوفيٰ سن 235هه) جي مشهور شاگردن مان هو، تنهن ڳائڻن جي حالات تي هڪ ضخيم ڪتاب لکيو، ان جو نالو انهيءَ زماني ۾ ”ڪتاب الشرکتہ“ هو. هي ڪتاب ڏهن بابن ۾ ورهايل هو (5). ٽينءَ صديءَ کان پوءِ هڪ صاحب علم و فضل ڪشاجم سنڌي بن شاهڪ هو. جنهن جو هڪ ڪتاب هڪ سؤ ورقن جي نظم ۾ هو تنهن کان سواءِ ادب ۾ ٻيون به تصنيفا هئس. ابو نصر فتح بن عبدالله سنڌي به مشهور مصنف ٿي گذريو آهي، جنهن جو والد صفا سنڌي هو (6).

        علوم ۽ فنون جي ترقيءَ ۾ جيڪو سنڌين عربستان ۾ حصو ورتو، انهيءَ جي باري ۾ ڪو تفصيلي بيان، ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ ڪونهي. مگر تاريخن ۽ سفرنامن ۾ ڪٿي ڪٿي ٿورا واقعا بيان ڪيا ويا آهن، جنهن مان ان وقت جي سنڌ جي عظمت جو پتو پوي ٿو. پهريون سنڌي مؤرخ مير معصوم هو، جنهن پنهنجي دؤر جي مشاهير سنڌ جو 

ڪجهه بيان قلمبند ڪيو آهي ۽ هن وچين زماني جي تاريڪيءَ کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مگر جيئن ته صاحب موصوف به وظيفه خوار هو، تنهنڪري حقيقتن کان ڪنٽار ڪري، پنهنجي آقائن کي راضي رکڻ لاءِ سنڌين جر علم پروريءَ، شجاعت، حب الوطنيءَ ۽ بلند اخلاق، جنهن کي هوند سونهري اکرن سان لکيو وڃي ها، تن کي هن غلط حرڪتن سان تعبير ڪيو آهي. هن کان پوءِ مير علي شير قانع، چڱي محنت ۽ ڪوشش ڪري مٽلين بابن کي سميٽي گڏ ڪيو آهي. هن وقت سنڌ جو بيش بها ادبي سرمايو، جيڪو بزرگانِ دين، اسان لاءِ ڇڏي ويا اهن يعني ”ملفوظات“، جنهن مان هر دؤر ۽ وقت جي سياست، تمدن، معاشرت، مذهبي حالات ۽ ادبي ماحول جو پتو پئجي سگهي ٿو، سو گهڻي ڀاڱي زماني جي بي توجهيءَ، بي رخيءَ ۽ بي قدريءَ جي نذر ٿي چڪو آهي، باقي انهيءَ خزاني جي ڪجهه موتين کي ڪنهن حد تائين ’سنڌي ادبي 

بورڊ‘ علمي سطح تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر وقت جي تقاضا موجب اها اڃا اڻپوري آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com