•عزيزالرحمان ٻگهيو
تبصرا
”تذڪره
مشاهير سنڌ“
”پکڙا
۽ پهنوار“
”مهراڻ“
رسالو
هلندڙ مهيني ۾، اسان جي سامهون مکيه طرح تي سنڌي
ڪتاب تبصري لاءِ آيل اهن. هڪ آهي ”تذڪره مشاهيرِ
سنڌ“ ٻيو ”پکڙا ۽ پنهوار“ ۽ ٽيون سماهي رسالي
مهراڻ جو تازو پرچو.
تذڪره مشاهير سنڌ: تذڪري جو سهيڙيندڙ ۽
سينگاريندڙ سنڌ جو مشهور عالم مرحوم مولانا دين
محمد وفائي اهي جو خود هينئر اسان کان اها تقاضا
ڪري رهيو آهي ته اسان مان ڪو اُٿي سندس زندگيءَ
جي حالات کي سهيڙي ۽ سينگاري.
حقيقت هي آهي ته زنده قومن جو مکيه اُهڃاڻ اِهو
هوندو اهي ته اُهي بي شڪر نه هونديون آاهن اُهي
پنهنجن محسنن کي نه وسارينديون آهن. هاڻي ته
جديد ادب جي حامين به اها ڳالهه مڃي آهي ته جديد
۽ ترقي پسند ادب به ائين اوچتو نٿو اُڀري سگهي.
ان جي اوسر لاءِ ارتقائي طرح ڪنهن نه ڪنهن منزل
۽ مرحلي تي، ماضيءَ جي روايتن سان لاڳاپو رکڻو
پوندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ادبي ڇنڊڇاڻ ضرور
آهي ۽ ادب جي روايتي خوبين ۽ خاصيتن کي، ڪرڙي
ڪسوٽيءَ سان جاچڻو اهي. ادب به قومن جي ڪرتوتن ۽
ڪوششن جي پاڇي ۾، وقت جي واٽ تي، ارتقائي منزلون
طئي ڪندو هلي ٿو. تڪليفن جي تَــوَ مان لنگهي
ٿو، نظرين ۽ اصولن مان آبياري حاصل ڪري ٿو. ادب
وڻ وانگر آهي جنهن جون پاڙون پاتال ۾ پيل
هونديون آهن. مٿي موڙ ۽ سايون ٽاريون سونهن جو
سحر پيدا ڪيو بيٺا هوندا آهن. وڻ جو پهريائين
ٿُڙُ ظاهر ٿيو، پوءِ ڏار نڪتا ۽ ٽاريون اُڀريون،
ان بعد وڃي موڙن ۽ گُلن پنهنجي جاذبيت پکيڙي –
انهن سڀني جو پاڻ ۾ گهَرو تعلق آهي. اهڙيءَ طرح
ادب جون پاڙون به ماضيءَ ۾ کُتل آهن. اُهو مخلتف
دؤرن مان ٿيندو موجود شڪل ۾ اسان وٽ پهتو. اسان
جو فرض آهي ته ان کي پنهنجي پر ۾ وڌڻ ۽ ويجهڻ جو
موقعو ڏيون.
تذڪرهِ مشاهيرِ سنڌ کي سهيڙي مرحوم وفائي صاحب
تاريخ جو هڪ سونهري ۽ ڪارائتو باب بيان ڪيو آهي
۽ اهڙيءَ طرح هن سنڌ جي تاريخ واري ميدان ۾
پنهنجي فرض شناسيءَ جو بهترين مثال قائم ڪيو آهي.
مرحوم وفائي صاحب، ادب جي مختلف ميدانن ۾ خدمت
ڪئي آهي. مذهب ۾، ادب ۾، صحافت ۾ ۽ تاريخ ۾
پنهنجو مَٽَ پاڻ هو. سچ پچ اها هن شخص جي غير
معمولي محنت ۽ ڄاڻ هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايترن
سارن موضوعن کي ڇُهي سگهيو ۽ وڏي ڳالهه ته بخوبي
تباهي سگهيو. عالم ته نه چئجي پر هڪ چُرندڙ
لئبرري ۽ ادارو هو، جيڪو علم ادب جي اُپٽار ڪندو
ٿي هليو.
تذڪري ۾ آيل سوانح عمرين تي جڏهن نظر وجهجي ٿي،
ته ائين ٿو معلوم ٿئي، ڄڻ سنڌ هڪ ساڃهه جو سمنڊ
آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ موجون هڻي رهيو آهي. هجي ڪو
ٽوٻو جيڪو اُنهون وڃي، ادب جا بي بها موتي ڪڍي
اچي. شايد ڪجهه اهڙي ئي ڪيفيت محسوس ڪندي، شاهه
ڀٽائي رحمة الله عليہ هي اظهار ڪيو هو ته:
سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيوئو جن“
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، مُلهه مهانگو ان جو.
جيتوڻيڪ مشاهير جون حياتيون مختصر طرح ڏنيون
وييون اهن، ليڪن ان جي افاديت ان حقيقت ۾ آهي ته
هي تذڪرو، هڪ نمائنده
حيثيت وارو ڪتاب ٿي پوي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جا هڪ سؤ چوويهه ديني
عالم، فقيهه، شاعر، اديب، مُحَدِث ۽ ٻيا اهم
ماڻهو اچي وڃن ٿا. سڀ کان وڏو مقصد هِن تذڪري
سان اِهو حاصل ٿئي ٿو ته مرحوم وفائي صاحب تاريخ
جي طالبن ۽ محققن لاءِ هڪ بنيادي مواد مهيا ڪيو
آهي، جن سڳن کي وٺي تاريخ جي تَري تائين پهچي
سگهجي ٿو. ان لحاظ کان هيءَ هڪ وڏي خدمت آهي. هن
ڪم جي اهميت جو اندازو مولانا مرحوم وفائي صاحب
جي اُن اچيل مان لڳائي سگهجي ٿو جا هُن عوام کي
تعاون لاءِ، مواد گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ توحيد رسالي
جي اپريل 1945ع واري پرچي ۾ ڪئي هئي.....مولانا
مرحوم لکيو هو: ”هِن ڪم جي هيءَ بلڪل ابتدائي
آهي ۽ هي ڪم تمام وڏو ۽ اهم آهي. حقيقت ۾ هن ڪم
لاءِ، هڪ پوري جماعت هجڻ گهرجي جا پوري تندهيءَ
سان ڪم کي لڳي رهي. مگر مان الله جي توڪل ڪري،
سنڌ جي تاريخ جي هِن ضروري باب جو ڪم شروع ڪري
ڏنو آهي.“
خوش قسمتي چئجي جو مولانا مرحوم جي هن سهيڙيل
مواد جو مقدمو ۽ حاشيا سنڌ جي مشهور مؤرخ جناب
پير حسان الدين راشديءَ جي پلئه پيا. مولانا
وفائيءَ جي محنت ۽ علميت جو اعتراف پير صاحب هن
طرح ڪيو آهي:
افسوس ۽ ارمان آهي جو مولانا وفائيءَ سان سندس
زندگي بيوفائي ڪئي. جڏهن علمي لحاظ کان، زمانو
مايوس ڪندڙ ۽ اونداهو هو تڏهن مولانا صاحب،
مسلسل علمي جهاد ڪندو رهيو ۽ انهيءَ تاريڪيءَ جي
سمي ۾ تحقيق ۽ تلاش جو ڏيو ٻاريندو آيو ۽ جڏهن
علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾، آسانيون عنقريب پيدا
ٿيڻ واريون هيون ۽ سندس محنتن جي بارآور ٿيڻ جو
زمانو ويجهو اچي رهيو هو، عين ان وقت، اجل جي بي
رحم هٿ، کيس جهٽي، اسان کان جدا ڪري ڇڏيو. جيڪو
حقيقت ۾ سنڌ جي علمي دنيا لاءِ ايڏوئي وڏو سانحو
آهي، جهڙو سياسي ميدان ۾ دولهه درياخان جي شهادت
يا مولوي صاحب جي زماني ۾ الهه بخش شهيد جو سنڌ
کان جدا ٿي وڃڻ“.
تذڪري ۾ استعمال ٿيل سنڌي زبان ٺيٺ، عام فهم ۽
وڻندڙ اهي. عبارت شسته، مختصر ليڪن جامع آهي.
اهو شايد انڪري جو اختصار کان ڪم وٺڻو هو. نموني
طور مولانا وفائي صاحب جون چند سٽون مخدوم
اسماعيل سومري جي بيان مان ڏجي ٿيون.
”پنهنجي
وقت جو عارف ڪامل وٺي، اهل دل، سنڌ جي وڏن عارفن
مان ٿي گذريو آهي: هن وٽان هزارين ماڻهو ظاهري ۽
باطني علومن جو فيض پرائيندا رهيا.
.....مخدوم اسماعيل سومرو پنهنجي ملڪ جي نامور
مشائخن مان آهي. سندس خانقاهه هڪ زاهدستان هو.
ڪيترا هزار مڻ اناج جا پوکائيندو هو، ان مان
جيڪا به پيدائش ٿيندي هئي، اها سموري خانقاهه جي
فقيرن کي کارائي ڇڏيندو هو ۽ هڪ داڻو به پاڻ نه
رکندو هو.
هن تذڪري پڙهڻ سان، اسان جي ماضيءَ جي ڪيترائي
وساريل ورق سامهون اچن ٿا ۽ سنڌي عالمن جو هڪ اڻ
ڪُٽ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو، جو اسان جي ماضيءَ جي
عطمت جو اهڃاڻ آهي. ابومعشر
سنڌي، امام اوزاعي، سيد علي بن محمد، ابو العطا سنڌي ۽ پير محمد
ياسين راشدي جهڙن بزرگ عالمن جي ذڪر پڙهڻ سان،
اسان جا ڳاٽ اوچا ٿي پون ٿا. اسان چئي سگهون ٿا
ته سنڌ جي عالمن پڙهائڻ جهڙو پاڪ ڌنڌو ڪيتروئي
وقت ڪيو ۽ ملڪ جهان جي اُداسي شاگردن ۽ مريدن کي
فيضياب ڪيو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سٺي پني تي
پرڪشش نموني ڇاپيو آهي. 288 صفحن تي مشتمل هي
ڪتاب فقط ويهن رپين ۾ آڇيو ويو آهي.
پکڙا ۽ پهنوار: ”پکڙا ۽ پهنوار“ جو مصنف، جناب
عبدالڪريم گدائي، سنڌ جو ڄاتل سڃاتل هڪ استاد
شاعر جو درجو رکي ٿو. جيئن ڪتاب جي نالي مان
ظاهر آهي. هي شاعر جي خوبي عوامي احساسن جي
عڪاسي عوامي زبان ۾ سڀ کان نمايان آهي. ڪتاب جي
نالي کي، شاهه سائينءَ جي سِٽَ سان شروع ڪري،
گدائي صاحب مٿين خوبين کي ابتدا ۾ ئي جنهن طريقي
سان نباهيو اهي، اُهو ٻڌڻ سان تعلق رکي ٿو، چوي
ٿو.
سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
پَلَرَ جي پالوٽ ٿئي، کِوڻيون ڪن کجڪار،
دفع ڪر تون ديس تان، ڏولاوا ڏهڪار،
لاتِ لطيفيءَ جي هُجي، جهنگن ۾ جهونگار،
سُکيا سَتابا ڏسان، ويڙها ۽ ولهار،
پکڙا ۽ پهنوار، ساوا ڏسان سنڌ جا.
هن ڪتاب ۾، گدائي صاحب، شعر جي مڙني قسمن کي واه
جو نباهيو آهي. ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف، گهڻو ڪري
مڙني شاعرن عَلَمُ بلند ڪيو آهي؛ پر بيت ۾ مظلوم
کي گدائي صاحب جيڪو آٿت ڏنو آهي، اهو دل ۾
ويهارڻ جهڙو آهي، چو ٿو.
سَڄَڻ صحبت تو سندي، سدا رهندي ياد،
جانب جتي به هجو، هجو شل آباد،
وسندا مينهن ملير تي، ٿربر ٿيندا شادُ،
نيٺ ته ٿيندو داد، مارن ملندي مارئي.
سانگين جي سور کي سموئي، واين ۾ ورجائڻ وارو ڪم،
هن شاعر ڪهڙو نه بهتر طريقي سان ڪيو آهي.
ڀٽائيءَ جي حُضور ۾، نَذرانهء عقيدت ۾ چو ٿو.
سانگيڙن جا سور سموئي، واين ۾ ورجايون ويٺا،
سيڻ مَٽائڻ سون رُپي تي، ريت نه آهي مارن جي،
قول اِهو گيتن ۾ پنهنجي، سانگين کي سمجهايون
ويٺا.
”پکڙا
۽ پهنوار“ سُٺي ڪاغذ تي، 137 صفحن تي مشتمل آهي.
ان جو مهاڳ لکي، مولانا غلام محمد گرامي صاحب،
هڪ ادبي اپٽار ڪئي آهي. ڪتاب جو ڪور پکڙن ۽
پنهوارن جي عڪاسي ڪري ٿو.
هي ڪتاب رزاق اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس مان، ضلعي ترقياتي
ائسوسئيشن جيڪب آباد ڇپايو ۽ عبدالڪريم گدائي
شايع ڪيو. 5 رپيا قيمت بلڪل معمولي اهي.
”مهراڻ“
رسالو: سنڌ ۾ جيڪڏهن وڻندر مواد جي لحاظ کان ڪا
مئگزين ڪتاب جون سِڪون لاهي ٿي، ته اُهي بيشڪ
مهراڻ رسالو آهي.
مهراڻ جو تازو پرچو سامهون اهي، جيڪو ڄاڻ جو
ڀنڊار آهي. روايتي زيب ۽ ڪشش سان ڀرپور موجوده
پرچو به اديبن ۽ عالمن جي تخليقن سان ٽمٽار آهي
۽ هڪ اڃايل اديب جي، ادب جي مڙني پهلوئن جي اساٽ
لاهڻ لاءِ ڪافي آهي. چوٽيءَ جي شاعرن جا خيال،
بيتن، دوهن،
واين، ڪافين، گيتن، غزلن ۽ نظم ۾ ڪيترن صفحن تي پکڙيل آهن. آزاد
نظم، قطعاً ۽ نيون طرزون به آيل آهن، جن مڙني ملي
پرچي جي شعر واري حصي کي نهايت پرڪشش بڻايو آهي.
افسانا به عجب آهن. حقيقت هيءَ آهي ته افسانوي ادب
۾ گهڻي عرصي کان ٻاهرين مشهور افسانه نويسن جي
لکڻين کي پڙهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي وئي، ڇو ته
اهو ضروري آهي ته هن نئين ميدان ۾ مڃيل استادن جا
خيال هنئين سان هنڊايا وڃن، ته جيئن مقابلي مان
خبر پوي ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون. خوشيءَ جي ڳالهه
آهي ته ان ضرورت کي به ”مهراڻ“ پورو ڪري رهي آهي.
مقالن وارو ڀاڱو ته بهترين آهي. انهن جي پڙهڻ سان
خبر پوي ته اسان جا محقق تلاش ۽ محنت واري باب ۾
ٻين معياري محققن کان ڪنهن به حالت ۾ پٺتي نه آهن.
محمد اسماعيل عرساڻي صاحب، شڪار جي شوقين لاءِ
مفصل مواد مهيا ڪيو آهي.
تذڪرِه مشائخ سيوستان جي تصحيح ۽ تعلقيات سرانجام
ڏئي جناب پير حسان الدين راشدي صاحب سنڌ جي تاريخ
۾ هڪ ٻيو قدم وڌايو آهي. هي مقالو تاريخي معلومات
۾ هڪ ٻيو قدم وڌايو آهي. هي
مقالو تاريخي معلومات ۾ وڏو اضافو آهي جيڪو تاريخ جا طالب
يقيناً گهڻو ساراهيندا.
-
(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان) |