•
مير محمد پيرزادو
جيون – ٻيڙي
لڏندي لمندي هَلُ، او ٻيڙي!
لڏندي لمندي هَلُ!
سامهون ايندا لهريون لوڏا، تنهنجا لهندا
ڇيتيون ڇوڏا،
طوفان اڳيان ڀي کوڙِ نه گوڏا، منزل
کي ٿينداسين اوڏا،
و
آهي عزم اَٽلَ، او ٻيڙي!
لڏندي لمندي هَلُ!
ڪيڏو دور ڪنارو آهي، پنهنجو ڪوبه
سهارو ناهي،
ڪُنَنِ ۾ جي پيا هيون ڪاهي، آڻيون ڪم ۾ سينو
ساهي،
پنهنجون ٻانهون پنهنجو ٻَلوُ! او ٻيڙي،
لڏندي لمندي هل.
ڪنولن سين ڪي ٻوليون ٻوليون، ڇتيون ڇوليون
پنهنجون لوليون،
هاڻي پنهنجو من نه روليون، تنهن سان
ملي وٺ جنهن کي ڳوليون،
پويون شايد ٿئي هي پَلُ! او ٻيڙي،
لڏندي لمندي هل.
ڪاري ڪڪري ڪاڏنهن آئي، جهُڙُ پُڙُ جهُڙَ ڦُڙُ
بوندن لائي،
هُو ٻُڌُ تاڙي ڌُومَ مچائي، سارنگ جي مون
وائي ڳائي،
روح جنهين سان ٿيو رَلُمَلُ! او ٻيڙي،
لڏندي لمندي هل.
پنهنجي منزل ڪنهن به نه ڄاتي، ساري دنيا
گونگي، ٻاتي،
تِڙِڳي تَڙ ڦي ڇو هي حياتي؟ لُو سُون پُوهُون
جُوهُون جهاتي،
ڪانه ترائي ڪوئي تل! او ٻيڙي،
لڏندي لمندي هل.
ڪنهن سان ڳرهين دل جون ڳالهيون، سهڻيون سندر
ڀوليون ڀاليون،
نينهن نڪرويون نِجُ نراليون، موت ۾ ملندئي
اکيون آليون،
دل
جو ڪنهن سان سور نه سَلُ! او ٻيڙي،
لڏندي لمندي هل.
•
”ساجد“ لعلپوري
حسن ۽ عشق
حسن دينا ۾ سدا مغرور آهي
عشق ويچارو مگر مجبور آهه.
عشق ويجهو حسن جي ايندو آ جيئن، حسن ٿيندو
عشق کان تيئن دور آهه.
عشق کي حاصل نه ٿي آ ڪا خوشي، حسن ليڪن هر
گهڙي مسرور آهه.
حسن کي ڪهڙي خبر ان جي ڀلا، عشق کي جيڪو ڏنو
هن سور آهه.
عشق سان شامل هميشه عاجزي، بي نيازي حسن جو
دستور آهه.
ڪير جاني ها جهان ۾ حسن کي، عشق ئي هن کي ڪيو
مشهور آهه.
ڏسُ شڪايت ۽ گلا جو بار عشق، حسن خاطر ئي ڪيو
منظور آهه.
حسن کي ناهي بقا ”ساجد“ ڪڏهن، عشق جو رهڻو
سدا مذڪور آهه.
•
احمد خان ”آصف“ مصراڻي
ديس جي صنعت
اجرڪ لونگي گربي کيس،
سهڻا سهڻا وڻندڙ ويس.
”جوڙيءَ“ سان دل پنهنجي جوڙ، ”کاڌي“ چوٽون
ڏيئي چوڙ.
رنگارنگي جٽادار، ڪين ڦِٽائي جن کي کارُ.
”ڪاشي“ قيمت واري ڪار، ”جنڊيءَ“ جا پڻ ڏس
جنسار.
ميٽاوان ۽ ٿڌڙا ٿانوَ، پاڻي جن جو ٺاري هانوَ.
مايون گهر ”ڀرت“ ڀَرين، موتي ڪاوا ڪوڏَ جڙين.
”ڪَپ ٽُڪ“ جون رليون ٺاهين، غاليچن جي سڪ
لاهين.
کٿا، خرزينون ڪَنِ راس، ڪم ۾ آڻن اُنَ ۽
ڏاس.
ڇٻيون دٻڪيون وِڃڻا واڻ، پِيشِ ۽ مُڃَ مان
ٺاهِن پاڻ.
ڳوٺاڻن جا هنر عجيب، جن تي ڪن گذارن غريب.
ديس جي صنعت وڌندي شال، ”آصف“ ديس ٿئي
خوشحال.
•
غلام حسين مغل
شيندب
منهنجو وطن مارن جو وطن
جت
مينهن وسن ۽ نِينهن ٿين،
جت مال چَرن، جت ڪال ٽرن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
اڙنگ ٿين ڪاڙنگ ٿين،
جت مينهن وسن، جت رنگ ٿين،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
مينهن وسن، ڪاڙنگ ٿين،
جت جهنگ جهُلن، جت زنگ ڌلن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
بادل برسن سارنگ ٿين،
جت جُنگ اُٿن، جت ونگ هڻن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
کنوڻيون کِنون، بادل برسن،
جت گاهه ٿين، جت چاهه ٿين،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
مرٽ پچن ۽ مُگريون پچن،
جت ڇانهه ٿين، جت سانهه ٿين،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
سندرا ٻڏجن ۽ ساز وڄن،
جت ٻک هڻن، جت ملهه وڙهن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
للر ٿين ۽ لائا ٿين،
جت سَرهيون ٿين، جت ڄانڀا ٿين،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
سڱر ٿين ۽ ڏٿ ٿين،
جت تهريون رجهن، جت بسريون پچن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
کرڙ کٿا ڪن کاهيون ڪن،
جت ڏاس آڻن، جت لويون لڱن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
ڀُرٽ ٿين ڪاسا ڀرجن،
جت ڏونئرا پچن، جت پيرون پچن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
ليڙا لڱن گوڏيون گرڙن،
جت چال وڇن، جت ڇال هڻن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
ڦرڙا چرن ۽ برڙا چرن،
جت ڦل چرن، جت گل چرن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
چڀڙ ٿين چوڙيليون گهمن،
جت کاريون کڻن، جت ميڙيو اچن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
گوڙيون ٿين گجگاهه ٿين،
جت مال نچن، جت مارو نچن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
نار وهن، گلزار ٿين،
جت کيت پچڻ، جت چيٽ پچن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
جت
گونئرا گهمن، ۽ ڪنواٽ ڪُڏن،
جت لاڏو هجن، جت مهري هجن،
سو
منهنجو وطن مارن جو وطن.
•
اُميد خيرپوري
قلب مان ڪلفت ڪڍي اُلفت وڌائيندا هلو،
سيني منجهه ساڻيهه جي سڪڙي سمائيندا هلو.
ديس جي خاطر ختم ٿئي سر ته سانگو ڇو ڪجي،
ديس تان صدقي ٿيڻ جا گيت ڳائيندا هلو.
ين قبضي آهيون تنهنجي ۽ نه ٿيندا سي ڪڏهن،
پنهنجي دشمن کي اها ٻولي ٻڌائيندا هلو.
سُست ٿي ويهڻ مرڻ، اڳتي هلڻ آ زندگي،
ساٿيو سُستي ڇڏي وک کي وڌائيندا هلو.
غير جو هر وار آهي هيچ همت جي اڳيان،
هي چوڻ ”اميد“ جو پڻ آزمائيندا هلو.
آزاد نظم
• سرپچندر ”شاد“
جيون: سوناري جي بٺي
جَيون ڇا آ؟
سوناري جي ڄڻ بَٺي آ،
جنهن ۾ هردم،
آک
ٻَري ٿي، مَچ مچي ٿو:
اُن ٻرندر بَٺيءَ ۾ ماڻهو سوني وانگي،
ايستائين،
خُوب جلي ٿو، خُوب پَچي ٿو،
جيستائين مٺ، ملاوٽ ٻَري وڃن ٿا،
سَڙي وڃي ٿو ڪَچ سمورو؛
باقي جيڪو سون بچي ٿو،
سوئي آهي سچ سمورو:
ڪوڙ، ڪدورت، ڪينو، نفرت،
مَر، ملاوٽ وانگي جڏهين سڙي وڃن ٿا،
قڏهين ماڻهو ماڻهو ٿئي عو،
ڪُندَن وانگي اُجرو اُجرو:
پوءِ هميشہ سون سَچي جان،
انسانيت جي پيشانيءَ تي،
جُهومَر بڻجي،
جَڳَ مِڳَ جَڳف مَڳَ هو جَرڪي ٿو.
جيوَن ڇا آ؟
سوناري جي ڄڻ بَٺي آ.
•
جوهر بروهي فريدآباد
مون بنا دنيا کي گهري ننڊ هئي،
سوچ جي لهرن ۾ مان لڙهندو رهيس.
سوچيم انسان جي عظمت به ڇا؟
جو
پڳو آ چند جي چانڊاڻ کي،
جنهن چهڪايو نور کي تخليق وقت،
اڄ
ٻئي هڪ نور تي ان جا قدم،
جنهن ڀريا قدرت ۾ ڪي رنگين رنک،
عظمتڻ جا ڳائبا ڳڻ،
روز ٿو اڳتي وڌي،
پرها:
مون کان وڌ فاتح نه ڪو،
هن
رکيا هن چنڊ تي پنهنجا قدم
پر
سائنس جي زور تي،
منهنجي عظمت ڀي ڏسو،
جو
ڪو جهڙو گدلو يتيم،
ڪارڙو سڻڪي پيو سڏڪي پيو،
تنهن کي مون پنهنجو ڪيو
۽
دل به ٿي منهنجي سندس؛
پر
قرب الفت پيار سان،
اڄ
مون کي پنهنجي فتح جو احساس آ
ان
کان وڌيڪ جنهن چنڊ کي پنهنجو ڪيو،
(منهنجي هڪ بروهي غزل جو ترجمو)
•
نعيم دريشاڻي
آءٌ پنهنجا،
هت
ڊگهيري،
هر
ڪنهن جو دماغ،
هر
ڪنهن جو،
روح ڇُهان ڇُهان ڇُهان،
هر
ڪنهن جا،
دک
سک ڪريان،
اندر جي،
انت بک ڪريان،
منهنجو اکيون بند،
منهنجا پرانَ منهنجا هَٿَ
پنهنجا پرانَ،
هر
جان منجهه اوتيان،
ڇُهان ڇُهان ڇُهان،
جوت سان،
روح
سان دماغ سان،
ڇُهان ڇُهان آءٌ ڇُهان،
هرڪو
جيءُ،
(هيءُ سيءُ!)،
ڇُهي
ڇُهي،
تپت
ڪريان هرڪو جيءُ،
هڪ
ڏينهن،
ماڻهو ذات ڪائنات،
ڳري
ملي،
ڳري
هِڪَ
مشعال.
***** |