[ڏيک – 4]
(پردي هٽڻ جو آواز)
يوسف:
احمد، او ڀائو احمد! اڃا ستو پيو آهين ڇا؟
احمد:
(جهيڻي آواز ۾) جي… ڪير… يوسف؟
يوسف:
تنهنجي طبيعت ٺيڪ آهي نه؟
احمد:
ٺيڪ آهي…ٿورو سور پيو محسوس ٿئي، پر ڪا خاص
ڳالهه ناهي.
يوسف:
سِسٽر پردو هٽائي ويئي آهي، احمد.
احمد:
پردو؟
يوسف:
ها پردو، دريءَ جو پردو. ٿورو دريءَ مان ٻاهر ته
ڏس ڇا آهي؟
احمد:
ٻاهر ڏسڻ مان ڇا فائدو؟ اوهان ته منهنجي ڳالهه
پوري ٻڌوئي نٿا. ڪلهه به هروڀرو پاڻ ۾ وڙهي پيا.
نياز:
پر ادا احمد، مون ته ڪجهه به نه چيو نثار کي.
احمد:
اسين چارئي ڄڻا هن وقت زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾
هلندڙ جنگ ۾ ساٿي آهيون، جن کي هڪٻئي جي احساسن
جو خيال رکڻ کپي. جيڪڏهين اسين هڪٻئي کي ٿوري به
خوشي ڏئي سگهون، ته اها وڏي نيڪي چئبي. خبر ناهي
ته ٻئي پل ۾ ڇا ٿئي، اسين رهون نه رهون…پوءِ
هيئن ٻئي جي دل ڏکوئڻ ۽ اُن سان گڏ پنهنجي دل کي
ڏکوئڻ مان ڇا حاصل؟
نثار:
مون کي افسوس آهي، احمد. مان سمجهان ٿو مون کي
نياز سان اها ڳالهه نه ڪرڻ کپندي هئي. پر احمد،
الائي ڇو ڪڏن ڪڏهن مون کي ڇا ٿي ويندو آهي!
منهنجو پنهنجو پاڻ تي به وس نٿو هلي. دل چاهيندي
آهي ته مان ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پوان.
احمد:
ائين ڇو آهي؟ تو شايد نهايت ڏُکي زندگي گذاري
آهي.
نثار:
مان رڳو ماڻهن جي واتان ٻڌندو آهيان ته ماءُ جو
پيار ڇا ٿيندو آهي، پر مون ڪڏهن ماءُ جو پيار
ڪونه ڏٺو آهي. مون کي ماءُ جي مامتا جو اڃا
احساس ئي ڪونه ٿيو هو ته منهنجي ماءُ گذاري ويئي.
احمد:
(ڏک وچان) او هو! ۽ تنهنجو پيءُ؟
نثار:
هن ٻي شادي ڪئي، هن کي ٻيا ئي گهڻا ٻار پيدا ٿي
۽ هن مون کي وساري ڇڏيو…گهر ۾ منهنجو وجود نه
هئڻ جي برابر هو. منهنجي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪوبه
فرق نٿي پيو. آءٌ جڏهين سُرت سمجهه وارو ٿيس ته
مون کي محسوس ٿيو ڄڻ آءٌ ڪنهن پرائي گهر ۾ رهيو
پيو آهيان. گهر ۾ ڪنهن کي به منهنجو خيال ڪونه
هو.
يوسف:
تنهنجي ٻيءَ ماءُ جو توسان ڪهڙو رويو هو؟
نثار:
هُوءَ منهنجي ماءُ ڪانه هئي ۽ هن کي پنهنجا ئي
پٽ هئا. پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن بابو به گذاري
ويو…۽ منهنجو گهر سان اڌورو رشتو به بلڪل ٽُٽي
ويو. تڏهين مان پندرهن سالن جو هوس. هاڻي
منهنجو ان گهر ۾ رهيو ئي ڇا هو؟ پر اُن کان اڳ جو آءٌ گهر ڇڏي
وڃان، مون کي چيو ويو ته هاڻ هن گهر ۾ تولاءِ
ڪابه جاءِ ڪانهي.
نياز:
تو سچ پچ ته ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن، نثار…
احمد:
پوءِ ڇا ٿيو؟
نثار:
پوءِ مان ڀٽڪندو رهيس، ڪڏهين ڪٿي ڪڏهن ڪٿي. مون
سمجهيو هو ته منهنجي زندگي بيڪار آهي، بي معنيٰ
آهي… ۽
ان جو ڪوبه مقصد ڪونهي. پر جڏهين ديس تي ڏکيو وقت آيو، تڏهين
مون کي احساس ٿيو ته اهوئي وقت آهي جو ڪنهن عظيم
مقصد جي لاءِ زندگيءَ کي سجايو ڪريان، مان ديس
جي سڏ تي سڀ ڪجهه وساري
محاذ تي هليو آيس. (وٿي) خبر…احمد…تون ٻڌاءِ ته دريءَ مان ٻاهر
اڄوڪو صبح ڪيئن ٿو نظر اچي؟
احمد:
ها ڏسان ٿو…آه تمام سهڻو صبح آهي اڄوڪو… باغ ۾
نوان گل ٽڙيا آهن ڳاڙها پيلا، اڇا، ڪيترن ئي
رنگن جا سهڻا سهڻا گل آهن.
نياز:
(ڊگهو ساهه کڻي) انهن گلن جي خوشبو اسان تائين ته ڪانه
ٿي پهچي!
نثار:
(کلندي) باغ ڪو دريءَ جي ڀرسان ته ڪونهي جو اسان کي گلن
جي خوشبو اچي.
نياز:
تون ڄڻ ڏسين پيو ته باغ دريءَ کان پري آهي يا
ويجهو…!
يوسف:
ان ۾ جهڳڙي جي ڪهڙي ڳالهه آهي احمد، تون ئي
ٻڌاءِ اسان کي ته ڪجهه به نظر نٿو اچي. تون ئي
سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهين.
احمد: باغ گهڻو پري ته ڪونهي. پر ايترو ويجهو به
ناهي.
نياز:
۽ هوءَ اڇا ڪانه لنگهي آهي؟
احمد:
هوءَ ڪير؟
نياز:
ڪمال آهي، سڀ سمجهندي به اڻ ڄاڻائي پيو ظاهر
ڪرين! مون کي خبر آهي ته تنهنجون اکيون هن جي
راهه تڪي رهيون آهن. يارن کان به ٿو لڪائين.
احمد:
(کلندي) نه اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. توکي ڪيئن خبر پئي ته منهنجون
اکيون هن جي راهه تڪي رهيون آهن؟
نياز: اکيون آرسيون هونديون آهن. احمد! اهي من
جي ڳالهه کي پڌرو ڪيو ڇڏين. تنهنجي من جي آڻ تُڻ
تنهنجي اکين مان ظاهر آهي پوءِ تون ڀلي کڻي نه
مڃ.
نثار:
احمد، جيڪڏهن سچ پچ توکي هن جي اچڻ جو انتظار
آهي ته ان ڪا خراب ڳالهه ڪانهي… اسان کي ته پاڻ
خوشي آهي ته اسان جي دوست جي دِل…
احمد:
(کلندي) اوهان ته سڀ مون کي وڪوڙي ويا اهيو! اڃا ته ڪجهه ڪونه
ٿيو آهي پر جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته آءٌ يارن کان
ڪيئن لڪائيندس. او…اجهو، هوءَ اچي پئي.
نياز ۽ نثار: (گڏيل آواز ۾ اتاوليءَ وچان) اچي
پئي!
احمد:
ها هواءَ اچي پئي… ويجهي ٿيندي پئي وڃي. هاڻ آءٌ
هن کي چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهيان… آه… بلڪل دريءَ
جي اڳيان اچي پهتي آهي. (اوچتو حيرت وچان) اڙي!
ٽئي ڄڻا:
(رڙ ڪري) ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟
احمد: هن جي هٿ مان ڪتاب ڪِري پيو.
نياز:
(کلندي) اوهو، اسان سمجهيو ته الاجي ڇا ٿي ويو.
احمد:
هوءَ هيٺ جهڪي ڪتاب کڻي رهي آهي.
نثار:
مان رستي تي هجان ها ته يڪدم کيس ڪتاب کڻي ڏيان
ها.
يوسف:
(کلندي) واه واه!
احمد:
(هلڪي حيرت وچان) او هو! ڪنڌ مٿي ڪندي هن جي نظر مون تي پئجي
ويئي آهي.
نثار:
توتي؟ سچ پچ؟
احمد:
سچ هوءَ حيرت وچان مون کي ڏسي رهي آهي.
نياز:
توکي ڏسي رهي آهي؟ توکي ڏسڻ سان هن جي منهن تان
ڪهڙا تاثرات اڀريا آهن؟ مون کي ٻڌاءِ…جلدي ٻڌاءِ…
احمد:
هوءَ مرڪي رهي آهي.
ٽئي ڄڻا:
(رڙ ڪري) سچ پچ!
يوسف:
تون هن جي مُرڪ جو جواب مُرڪ سان ڇو نٿو ڏين؟
احمد:
او هو! ڏسو ته آءٌ ڪهڙو بيوقوف آهيان آءٌ…آءٌ…
اصل ۾ ڪجهه وائڙو ٿي ويو آهيان (کلندي) ڪهڙي
عجيب ڳالهه آهي. مون کي ان ڳالهه جي اميد ئي
ڪانه هئي ته اهڙو عجيب اتفاق ٿيندو…هوءَ مون
ڏانهن ڏسندي ۽ پوءِ هن ريت مرڪندي…(ڏاڍيان)
مهرباني…تنهنجي ان مٺڙي ۽ سهڻي مُرڪ لاءِ
مهرباني!
يوسف:
(کلندي) ڄڻ ته هوءَ تنهنجي ڳالهه ٻڌندي هوندي! تنهنجو آواز هن
تائين وڃي ٿو؟
احمد:
ڀلي نه ٻڌي…پر آءٌ ته پنهنجي ليکي هن جو ٿورو
مڃان…هُوءَ هاڻ وڃي پئي. پر ويندي ويندي هن هڪ
ڀيرو مُڙي مون ڏانهن ڏٺو.
نثار:
مبارڪون. منهنجا دوست! تون بيشڪ قسمت وارو آهين.
احمد:
نه نه. اوهان غلط سمجهيو آهي. هُوءَ هڪ رحمدل
ڇوڪري آهي. هن کي ضرور خبر هوندي ته اسپتال ۾
زخمي فوجي داخل آهن. انڪري هُوءَ دريءَ ڏانهن
نهاري مُرڪي هئي…هن جي اها مُرڪ رڳو
منهنجي لاءِ ڪانه هئي، پر اسان سڀني جي لاءِ
هئي. مون کي پاڻ بابت ڪابه خوشفهمي ڪانه آهي.
نثار:
تون کڻي ڇا به چئين، پر اسين نه مڃنداسين. هن جي
مُرڪ رڳو تو لاءِ هئي. جيڪڏهين تنهنجي جاءِ تي
آءٌ هجان ها، پوءِ ته هُوءَ مُرڪي ڏيکاري ها!
احمد:
نه ڀائو، تون ڀليو آهين. هُوءَ هڪ سٺي ڇوڪري نظر
اچي ٿي. آخر هن کي ڪهڙي ضرورت هئي جو مون کي ڏسي
مُرڪي؟ نه نه… جيڪڏهين تون منهنجي جاءِ تي هجين
ها ته هُوءَ توکي به ڏسي مُرڪي ها.
يوسف:
هينئر ئي هن جي تعريف شروع ٿي ويئي! ترس
دوست…اڃا ڳالهه ڪٿي پهتي آهي.
يوسف:
شايد ڊاڪٽر اچي رهيو آهي.
ڊاڪٽر:
هلو جوانو! ڇا حال آهي؟ (نثار کي) هاڻ ته تنگ ۾
سُور ناهي؟
نثار:
(ٽوڪ وچان کلندي) نه ڊاڪٽر صاحب، جڏهن ٽنگ ئي ڪانه رهي
آهي ته پوءِ سور ڪٿان آيو؟
ڊاڪٽر:
ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ته ڪونه هو. (نياز
کي) مسٽر نياز، هاڻي تنهنجا زخم ڪافي حد تائين
ڇُٽي ويا آهن.
نياز: ها. ڪجهه زخم ڇُٽي ويا آهن ڊاڪٽر صاحب! پر
ڪهڙي خبر وري ڪي ٻيا تازا زخم رسن…
ڊاڪٽر:
مسٽر احمد! (حيرت وچان) او هو! اوهان کي ته سخت
بخار آهي. (نرس کي) نرس! هن جو ٽمپريچر ته ڏس!
نرس:
اوڪي ڊاڪٽر! (وٿي).
ڊاڪٽر:
(ٿرماميٽر ڏسي) او هو! مون کي چارٽ ڏي. هون…بخار لڳاتار بيٺو
آهي. (احمد کي) اوهان کي رات جو ننڊ اچي ٿي؟
احمد:
نه ڊاڪٽر صاحب، اهڙي خاص نه. اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ
واري حالت هوندي آهي.
ڊاڪٽر:
اوهان کي آرام جي سخت ضرورت آهي. (نرس کي) نرس
هن کي رات جو آرام جون گوريون ڏجانءِ، هي ڪيس
اڃا سيريس آهي.
يوسف:
ڊاڪٽر صاحب احمد کي ڪو خطرو ته ناهي؟
ڊاڪٽر:
نه ڊپ جي ڪا ڳالهه ڪانهي…هُو جلدي ٺيڪ ٿي ويندو. چڱو، خدا حافظ.
نياز:
احمد، تو اسان کي ٻڌايو به ڪونه ته توکي ايترو
بخار آهي؟
يوسف:
مون کي معاف ڪجانءِ، احمد، مون توکي صبح جو
جاڳائي پريشان ڪيو…تو جنهن وقت جواب ڏنو هو ان
وقت مون کي محسوس ڪرڻ کپندو هو ته تنهنجو آواز
ايترو جهيڻو ڇو آهي!
احمد:
نه يوسف، آءٌ ٺيڪ آهيان. ائين ئي معمولي بخار
آهي. تو جنهن وقت مون کي سڏ ڪيو هو. آءٌ ان وقت
ننڊ ۾ ته ڪونه هوس. آءٌ اوهان جي لاءِ ڪوڏر ڪونه
ٿو هڻان. جيڪڏهين آءٌ اوهان دوستن جي ڪنهن ڪم
اچي سگهان ته اها منهنجي خوش نصيبي آهي.
نثار:
اسان جون دعائون توسان آهن، احمد. شال تون جلد
ٺيڪ ٿي وڃين.
احمد:
(جذباتي لهجي ۾) مهرباني، دوست مهرباني!
[ ڏيک – 5
]
(پردي هٽڻ جو آواز)
احمد: ڀائرو، جاڳو پيا نه؟ اسان جو دريءَ وارو
ناٽڪ شروع ٿيڻ وارو آهي.
نياز:
(کلندي) ها، عجيب ناٽڪ آهي، بنا خرچ جي. هيءَ دري اسان
جي لاءِ وڏي وندر ٿي پئي آهي.
يوسف:
سچي به هن دريءَ جي ڪري اسان کان پنهنجا ڏک سور
۽ تڪليفون وسري وييون آهن. رڳو اهو انتظار
هونديو آهي ته ڪيڏيءَ مهل پردو هٽي ٿو ۽ دري ٿي
کلي…ڪيئن نثار؟
نثار:
ها، وقت ڪاٽڻ جو مشغلو اهي…پر اسين ته رڳو احمد
جي واتان ٻاهرين دنيا جون ڳالهيون ٿا ٻُڌون…احمد
جيڪو ٻاهرين دنيا پنهنجين اکين سان ڏسي رهيو
آهي، تنهن کي ته اسان کان وڌيڪ انتظار هوندو.
نياز:
اسان کي ٻڌاءِ ته باهر دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري؟
احمد:
(زور ڏيئي اُٿندي) ٻاهر دنيا جو وهڪرو جاري آهي. ماڻهو اچن وڃن
پيا ۽ ڪي تڪڙا تڪڙا ۽ ڪي ڍرا ڍرا. هر ڪو پنهنجي
پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي.
يوسف:
باغ ۾ ننڍڙا ٻار کيڏن پيا نه؟
احمد:
ها…جيڪر تون ڏسي سگهين! رنگين ڪپڙا پاتل ٻارَ
ائين لڳي رهيا آهن ڄڻ اهي به باغ جا رنگارنگي
گُل آهن. ڪيڏو نه من موهيندڙ نظارو آهي…بار راند
ڪندي ڪندي هڪٻئي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن. اڙي! هڪڙي
ننڍڙي ڇوڪري جو بال بينچ تي ويٺل هڪ ماڻهوءَ جي
گنجي مٿي تي وڃي لڳو آهي.
نياز:
سچ!
احمد:
سڀ ٻار کلي رهيا آهن.
(چارئي ڄڻا کلن ٿا)
احمد:
او هو…گنجو ته ڪاوڙجي پيو آهي! شايد ٻارن کي
دڙڪا ڏئي رهيو آهي.
يوسف:
(ڪاوڙ مان) بيوقوف! ٻارن سان وڙهبو آهي ڇا؟ آءٌ باغ ۾ ويٺل هجان
ها ته ٻارن کان بال وٺي وري سندس گنج تي هڻان.
(سڀ کلن ٿا)
احمد:
پر ٻارن کي ته هن جي پرواهه ئي ڪانهي. هو ويتر
مٿس وڌيڪ کلي رهيا آهن.
يوسف:
ٻار تمام پيارا هوندا اهن. هنن کي نه ڪو غم ۽ نه
وري ڪو فڪر.
احمد:
ڀائرو، هوشيار خبردار، هُوءَ اچي رهي آهي!
نثار:
مان ته هن لاءِ پڇڻ وارو هوس ته اڄ ايتري دير ڇو
ٿي اٿس؟
يوسف:
هن جي حياتي وڏي آهي.
نياز:
ڀلا اڄ ڪيئن ٿي لڳي؟
احمد:
اڄ هن کي گلابي رنگ جا ڪپڙا پاتل آهن. پاڻ به ته
جيئرو جاڳندو گُل آهي. خدا هن کي غضب جي سونهن
ڏني آهي. آه! هن ڀيري هُن پري کان ئي دريءَ
ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو آهي. اڄ ته هُوءَ وارن ۾
گلاب جو گُل هڻي آئي آهي! گلابي ڪپڙا، گلابي
صورت ۽ مٿان وارن ۾ گلاب جو گُل.
نثار:
واه واه…
احمد:
هوءَ دريءَ جي اڳيان اچي بيهي رهي آهي، هوءَ مون
ڏانهن نهاري هٿ لوڏي رهي آهي. (ٿورو زور سان)
هلو، ڇا حال آهي؟ مهرباني! هوءَ پنهنجن وارن مان
گل ڪڍي رهي آهي. اڙي (کلندي) هن اهو گُل ته
پنهنجي دريءَ طرف اڇلايو… ڄڻ گل دريءَ تائين
پهچي وينديو… او هو!
يوسف:
(تڪڙ مان) ڇا ٿيو؟ ڪِري پيو نه؟
احمد:
ها ڪِري پيو (کلندي) هُوءَ کلي رهي آهي. شايد
ٽهڪ ڏيئي رهي آهي. جيڪر اسين هن جي کل ٻڌي سگهون
ها!
نياز:
آءٌ سمجهان ٿو ته هن جي کل ڪهڙي هوندي! محبت
ڪندڙن جي چپن مان نڪرندڙ کل ۾ موسيقيءَ جا سڀئي
سُر سمايل هوندا آهن. هنن جي چپن مان نڪرندڙ کل
هڪ اهڙي موسيقي آهي. جيڪا اڄ تائين ڪو موسيقار
تخليق نه ڪري سگهيو آهي.
نثار:
(چڙ مان) اون… وڏو شاعر ٿي پيو آهين؟ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته
هن کي احمد سان نه پر توسان محبت آهي.
احمد:
ٻڌو ته سهي، هُوءَ هاڻي وڃي پئي، آه! هن آخري
ڀيرو هٿ لوڏيو ۽ پوءِ ٻئي پاسي مُڙي هلي وئي.
نثار:
(کلندي) وري سڀاڻي به ته ايندي… ايترو بيقرار نه ٿي.
احمد:
ايندي ته سهي، پر يارو، مون جنهن وقت هت لوڏي هن
کي جواب ڏنو، ان وقت چڱو خاصو بيوقوف لڳي رهيو
هوس… ها نه؟
نياز:
ائين ناهي. محبت جي شروعات ۾ هرڪو ائين ڀائيندو
آهي ته هن جون حرڪتون بيوقوفيءَ واريون آهن. پر
اهو فطري آهي.
احمد:
تو به ڪڏهن ائين محسوس ڪيو آهي نه؟
نياز:
(کلندي) ها. مون به ائين محسوس ڪيو آهي. خاص طور جڏهن هن
سان اڪيلو ملندو هوس ان وقت دل ۾ عجيب احساس
پيدا
ٿيندا هئا، ۽ دل چاهيندي هئي ته ماڻهو رڳو کلندو رهي. (کلندي
کلندي هن جو آواز سڏڪن جهڙو ٿي وڃي ٿو) ختم ٿي
ويو…سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو… موڪلائڻ وقت هن روئندي
چيو هو، آءٌ زندگي جي آخري سرحد تائين تنهنجو
انتظار ڪنديس… (ٽوڪ وچان کلندي) پر اهي سڀ چوڻ
جون ڳالهيون آهن. وقت گذرڻ سان گڏ سڀ ڪجهه
بدلجيو وڃي.
احمد:
تون ايترو مايوس ڇو آهين نياز!
نياز:
آءٌ اهو سڀ سهي نه سگهندس… جيڪڏهن… جيڪڏهن هن
مون کي بدصورت سمجهي ڌڪاري ڇڏيو، ته پوءِ آءٌ
جيئرو رهي نه سگهندس.
احمد:
توکي هن جي پيار تي شڪ آهي؟
نياز:
شڪ؟ نه، پر سچي ڳالهه اها آهي ته آءٌ…آءٌ پاڻ کي
هن جي پيار جي قابل نٿو سمجهان. آخر آءٌ هن کي
ڪهڙيون خوشيون ڏئي سگهندس! بم جي ٽڪرڻ سبب
منهنجو سڄو منهن بدلجي ڀوائتو ٿي ويو آهي.
احمد:
نياز، تو هن کي غلط سمجهيو آهي. جيڪا عورت
پنهنجي زندگيءَ جي آخري سرحد تائين تنهنجو
انتظار ڪري سگهي ٿي، تنهن جي پيار ڪندڙ دل
تنهنجي اندر جي سونهن کي ضرور ڏسي ويندي. مون کي
پڪ آهي نياز، ته اوهان ٻنهي جي زندگيءَ ۾ رڳو
خوشين جا ٽهڪ هوندا. تون دل نه لاهه.
نياز:
(مُنجهندي) آءٌ…آءٌ… ائين نٿو سمجهان. آءٌ پنهنجي زخمي ۽
بدصورت شڪل سان جيڪي ٽهڪ ڏيندس، اهي ٽهڪ به زخمي
۽ بدصورت هوندا. نه نه، آءٌ هن تي ايترو ظلم نٿو
ڪري سگهان.
نثار:
تون ٺيڪ ٿو چئين. هوءَ شايد اهو سڀ سهي نه سگهي.
ممڪن آهي ته هن تنهنجي جدائي جو غم سهي ورتو
هجي. ۽ هينئر هوءَ
خوش گذاري رهي هجي. پنهنجين خوشين لاءِ توکي هن
جون خوشيون نه کسڻ کپن.
يوسف: (ڪاوڙ مان) نثار! توکي اهڙيون ڳالهيون نه
ڪرڻ گهرجن.
نثار:
ڇو؟ مان اوهان وانگر هن کي ڪوڙا آسرا ڏئي
ڀنڀلائڻ نٿو چاهيان. هن کي جنهن حقيقت جي منهن
سامهون ٿيڻو آهي. بهتر آهي ته ان کي هينئر ئي
قبول ڪري ڇڏي.
احمد:
پر منهنجا دوست، اهو ضروري آهي ڇا ته جيڪا ڳالهه تون سوچيندو
هجين سا ٻيو به سوچي؟ انساني جذبا ۽ احساس ايترا
گهَرا هوندا آهن جو انهن بابت ڪوبه فيصلو، ڪابه
اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي. محبت ٻن دلين جي وچ ۾ هڪ
اهڙو لڪل ڳانڍايو آهي، جنهن جو ظاهري شڪل صورت
سان ڪوبه واسطو ناهي.
نثار:
لڪل ڳانڍايو! (ٽهڪ ڏئي ٿو) توکي اڃا ٻه ڏينهن مس
گذريا آهن ته تون محبت جو فلسفو بيان ڪرڻ لڳو
آهين! دريءَ مان جيڪا ڇوڪري تو ڏانهن ڏسي ٿي
تنهن جوبه تو مان لڪل ڳانڍايو ٿي ويو آهي… ها ها
ها…
يوسف:
نثار! توکي ڇا ٿي ويو آهي ۽ تون احمد جهڙي
ماڻهوءَ تي کلي رهيو آهين؟
نثار:
(ٽهڪ ڏيندي) احمد جهڙو ماڻهو…ڄن احمد ڪو فرشتو آهي.
يوسف:
(ڪاوڙ وچان) تون احمد کان سڙين ٿو… تون سڙين ٿو ته دريءَ جي
ڀرسان تنهنجو بسترو ڇو نه آهي! تون ان لاءِ سڙين
ٿو ته دري کان ٻاهر ڇوڪري احمد ڏانهن گل اڇلائي
پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو!
نثار:
(ڪاوڙ مان) مان سڙان ٿو! مان سڙان ٿو! (ٽهڪ ڏيندي) مان
احمد کان سڙندس… احمد جهڙي بيوقوف کان سڙندس،
جنهن
ڏانهن هڪ نامعلوم ڇوڪريءَ رڳو مرڪي ڏٺو ته هو ان کي محبت سمجهي
ويهي رهيو! اوهان سڀ بيوقوف آهيو، مون کي خبر
آهي ته هن ڇوڪريءَ احمد ڏانهن مرڪي ڇو ڏٺو ۽ هن
ڏانهن گل ڇو اڇلايو. هن اهو سڀ همدرديءَ ۽ رحم
جي جذبي وچان ائين ڪيو. باقي ٻي ڪابه ڳالهه ناهي.
احمد:
(کلندي) ٿي سگهي ٿو… ٿي سگهي ٿو… مون ڪڏهن چيو ته هوءَ مون سان
محبت ڪري ٿي. مان پهرين چيو هو ته هن جي مرڪ
اسان سڀني جي لاءِ آهي، رڳو مون لاءِ ناهي. ڇو
ته هن کي خبر هوندي ته اسپتال ۾ زخمي جوان داخل
آهن.
يوسف:
نه احمد، ائين ناهي. تون وڏي دل وارو ماڻهو
آهين، انڪري نثار جي ڳالهه مڃي رهيو آهين، نه ته
آءٌ سمجهان ٿو ته هو توکان سڙي ٿو. هو چاهي ٿو
ته دريءَ جي ڀرسان سندس بسترو هجي ۽ ڇوڪري هن
ڏانهن نهاري مرڪي!
نثار:
(رڙ ڪري) او هو، بڪواس بند ڪر! اوهان سڀ منهنجا دشمن
آهيو! اوهان سڀ منهنجي خلاف آهيو… (اوچتو ڪاوڙ
وچان) ٺيڪ آهي… مان احمد کان سڙان ٿو… سڙان ٿو…
سڙان ٿو…
نياز:
تون ڏاڍو ظالم آهين، نثار! تون اها ڳالهه ڪيئن
ٿو چئي سگهين؟
نثار:
(ٽهڪ ڏيندي) مان ظالم آهيان…مان سڙان ٿو… مان ظالم
آهيان… ها ها ها…
احمد:
(پريشانيءَ وچان) او هو نثار! هي سڀ ڇا آهي! تون ڇا پيو ڪرين،
منهنجا دوست!
[
ڏيک – 6 ]
(احمد جي ڪنجهڻ جو آواز)
نياز:
احمد! طبعيت ته ٺيڪ اٿئي؟
احمد:
اڄ ڪجهه تڪليف وڌيڪ آهي. الائي ڇو هانءُ نپوڙجي
رهيو آهي؟
يوسف:
ڊاڪٽر کي سڏايون؟
احمد:
نه نه، اهڙي خاص تڪليف ته ڪانهي. بس، ائين ئي من
منهنجي رهيو آهي. اوهان، هروبرو پريشان نه ٿيو.
نياز:
اڄ تون دريءَ مان ٻاهر نه ڏسندين سسٽر ڪڏهوڪو
پردو هٽائي وئي آهي.
احمد:
(ڪنجهندي) اڙي! ڪيڏي عجيب ڳالهه! مون کان ته وسري ويو هو.
يوسف:
هوءَ هلي نه وئي هجي.
احمد:
نه نه، هن جي اچڻ جو اڃا وقت ڪونه ٿيو آهي.
(ڪنجهندي) مان اٿي نٿو سگهان. ڪنڌ مٿي ٿو ڪريان
ته سور جون سوتون پيون اُڀرن.
يوسف:
ڀلا اڄ رهڻ ڏي سڀاڻي ئي سهي.
نياز:
ها ها، جيڪڏهن تو اڄ دريءَ مان ٻاهر نه ڏٺو ته
مڙئي خير آهي. پر هوءَ ضرور مايوس ٿيندي.
احمد:
مان ڪوشش ڪريان ٿو. او هو! (ٿڌو ساهه ڀريندي) اڄ
باغ ٻارن ۽ ماڻهن سان ڀريو پيو اهي. اڄ شايد ڪو
خاص ڏينهن آهي. ڪيئن نثار، اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي،
تون اڄ چپ چپ ڇو آهين؟
نثار:
مان ائين ئي چپ آهيان. اڄ…اڄ شايد آچر جو ڏينهن
آهي.
احمد:
اڙي ها! آچر جو ڏينهن آهي تڏهن ته ايترا ٻار باغ
۾ ڊوڙي ۽ کيڏي رهيا آهن! ڪيڏو نه چهچٽو لڳو پيو
اهي. هوءَ شايد اڄ ڪانه ايندي. اڄ ته هن کي به
موڪل هوندي. (ڪنجهندي) او هو! مان ٿڪجي پيو
آهيان، وڌيڪ وقت ڪنڌ مٿي کڻي ڏسي نٿو سگهان.
يوسف:
تون آرام ڪر. احمد، تنهنجي طبعيت اڄ وڌيڪ خراب
آهي.
نثار:
مون کي افسوس آهي دوست، جو اڄ تون هن کي ڏسي نه
سگهئين.
(احمد ڪنجهڻ لڳي ٿو)
نياز:
احمد! تڪليف وڌي وئي آهي ڇا؟
احمد:
منهنجو ساهه پيو ٻڏي، شايد ٽيمپريچر وڌي ويو
آهي. بت ٽانڊن وانگر پيو ٻري، ٺيڪ ٿي ويندو.
پر…پر اڄ الائي ڇو منهنجو من ماندو آهي. دل چاهي
ٿي ته اوهان کي هڪڙي ڳالهه چوان.
يوسف:
چئو چئو…
احمد:
آءٌ…آءٌ ماءُ جو اڪيلو پٽ آهيان، آءٌ ئي هن جون
آسون اميدون ۽ اَئيندي جو سهارو آهيان.
جيڪڏهن…جيڪڏهن آءٌ مري وڃان ته…ته اوهان مان ڪير
اها خبر منهنجي ماءُ کي ٻڌائيندو؟
يوسف:
احمد! تون هي ڇا پيو چئين! اڄ تون اهڙيون
مايوسيءَ جون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين؟
احمد: دوست، موت هڪڙي اٽل حقيقت آهي. ماڻهو ان
کان ڀڄي پاڻ بچائي نٿو سگهي. آءٌ مايوس ڪونه
آهيان، پر سوچيان ٿو ته جيڪڏهن آءٌ مري ويس ته
اها خبر ٻڌي منهنجي ماءٌ جي ڪهڙي حالت
ٿيندي؟ اوچتي خبر ٻڌي ڪٿي هوءَ… انڪري جيڪڏهن هن کي اها خبر
آهستي آهستي ذهن نشين ڪرائي وڃي، ته هوءَ پاڻ
سمجهي ويندي. (ٽٽل لفظن ۾) مون کي خبر آهي ته
منهنجي ماءُ هڪ بهادر ماءُ آهي. جيڪڏهن هوءَ بهادر
نه هجي ها ته مون کي فوج ۾ وڃڻ ڪيئن ڏي ها. منهنجي
ماءُ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. هن انهن
سمورن ڏکن جو همت سان مقابلو ڪيو آهي. پر هي ڏک
هوءَ الائي سهي سگهندي يا…
نثار:
تنهنجو پيءُ حيات آهي؟
احمد:
نه. آءٌ ننڍو هوس تڏهن هو گذاري ويو، ان وقت آءٌ
ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس منهنجو پيءُ هڪ غريب ماڻهو
هو. هن جو گذر سفر پان ٻيڙيءَ جي هڪ مانڊڻيءَ تي
هو. پر مون کي ڪڏهن به اهو احساس ٿيڻ نه ڏنو ويو
ته اسين ڪي غريب آهيون. ماءُ-پيءُ جي سڪيلڌي پٽ
هئڻ سبب ٻيئي ڄڻا مون تي ساهه ڏيندا هئا، آءٌ لاڏ
ڪوڏ ۾ نپنو هوس. پر پوءِ اوچتو حالتون ڦري ويون.
جنهن ڏينهن بابا گذاري ويو پوءِ اهو ڏينهن… اهو
ڏينهن مون کي اڄ به ياد آهي: بابا رات جو مانڊڻي
بند ڪري گهر اچي رهيو هو ته رستي تي هن جو موٽر
سان ائڪسيڊنٽ ٿي پيو. آءٌ ستل هوس، ته اسان جي در
جو ڪڙو زور زور سان کڙڪڻ لڳو. پاڙي جو ڪو ماڻهو
اها خبر کڻي آيو هو ۽ هن ٻڌايو ته منهنجو پيءُ
اسپتال ۾ آهي. امان مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ٿڙڪندڙ
قدمن ۽ ٻڏل هانءُ سان اسپتال پهتي. اتي پهچي خبر
پئي ته هو اسان کي اڪيلو ڇڏي وڃي چڪو هو.
يوسف:
(ڏک وچان) او هو! ڪيڏي ته افسوس جي ڳالهه آهي. اوهان جو ٻيو ڪو
مٽ مائٽ ڪونه هو؟
احمد:
نه. جيڪڏهن ڪي هئا ته به انهن کي لاچار ڪونه هو جو
پرايو بار پنهنجي گلي ۾ وجهن. امان جي مرضي هئي ته
آءٌ لکي پڙهي وڏو ماڻهو ٿيان. هن منهنجي زندگي
سڌارڻ لاءِ ايتري محنت ڪئي، ايتري محنت ڪئي جو آءٌ
ان کي لفطن ۾ بيان ڪري نٿو سگهان. آءٌ وڏو ٿيس ته
پنهنجي ماءُ کي ايترو پورهيو ڪندو سهي نه سگهيس.
آءٌ نوڪريءَ لاءِ رُلندو رهيس. پر پٺ نه هئڻ سبب
منهنجي لاءِ سڀ دروازا بند هئا. پوءِ هڪ ڏينهن
اسان جي شهر ۾ فوجي ڀرتيءَ جي ٽيم آئي ۽ آءٌ فوج ۾
ڀرتي ٿي ويس.
نياز:
تنهنجي ماءُ توکي خوشيءَ سان اجازت ڏني؟
احمد:
پهرين ته هن نٿي چاهيو ته مان وڃان، ڇو ته مان هن
جو اڪيلو سهارو هوس. هوءَ ڪيئن ٿي اهو چاهي سگهي
ته کانئس سندس سهارو کسجي وڃي. پر جڏهن مون هن کي
ٻڌايو ته اها ڌرتي، جنهن تي اسين ڄاوا نپنا آهيون،
جيڪا اسان سڀني جي ماءُ آهي، جنهن جي گود ازلي ۽
ابدي آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ سڀ کان وڏو فرض آهي،
تڏهن هوءَ سمجهي ويئي ۽ هن مون کي اجازت ڏئي ڇڏي.
يوسف:
تنهنجي ماءُ بيشڪ عظيم عورت آهي.
نياز:
تون جڏهن چڱو ڀلو ٿي هن سان اوچتو وڃي ملندين تڏهن
هوءَ ڪيتري نه خوش ٿيندي!
احمد:
جيڪر ائين ٿي سگهي. پر مون کي يقين ٿي چڪو آهي ته
منهنجي هن سان موڪلاڻي، آخري موڪلاڻي هئي.
يوسف:
توکي اهڙيون ڳالهون نه ڪرڻ کپن. تون اسان کي اَٿت
ڏيندو آهين، پر پاڻ مايوسيءَ جون ڳالهيون پيو ڪرين.
احمد:
منهنجو پيءُ جڏهن اسپتال ۾ گذاري ويو هو تڏهن مون
روئندي روئندي سوچيو هو ته جيڪڏهن آءُ به بابا سان
گڏ اسپتال ۾ مري وڃان ته ڪهڙو نه سٺو ٿئي. ڪيڏي نه
عجيب ڳالهه آهي ته آءُ به پنهنجي آخري وقت ۾ اڄ هڪ
اسپتال ۾ ئي آهيان.
نثار:
اوهو احمد! توکي اڄ ڇا ٿي ويو آهي؟
احمد: نثار، تون بلڪل اڪليو آهين نه؟
نثار:
ها.
احمد:
اسپتال مان نڪرڻ کان پوءِ تون ڪيڏانهن ويندين؟
نثار:
ڪيڏانهن ويندس! مون کي ڪابه خبر ناهي.
احمد:
تون منهنجي جاءِ تي منهنجي ماءُ وٽ وڃي رهين ته
ڪهڙو نه چڱو ٿئي. ٻڌاءَ نثار، تون احمد بنجي
منهنجي ماءُ وت ويندين؟
نثار:
يار، تون ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين؟ ۽ تنهن کان
سواءِ آءٌ هڪ اپاهج بنجي چڪو آهيان. آءٌ ته اُٽلو
بار بنجي وڃي ويهندس.
احمد:
منهنجي ماءٌ کي پنهنجو پٽ کپي. پت بار ڪونه ٿيندا
آهن، نثار.
نثار:
تون همت ڌار، هروڀرو دل لاهي ويهي رهيو آهين.
نياز:
ها احمد، توکي ائين وياڪل نٿ ٿيڻ کپي.
يوسف:
اسين سڀ چڱا ڀلا ٿي گڏ اسپتال مان نڪرنداسين ۽ سڀ
کان پهرين اُن باغ ۾ هلي ويهنداسين، جيڪو تون روز
دريءَ مان ڏسندو آهين، جنهن ۾ ننڍڙا سهڻا ٻار
کيڏندا رهندا آهن.
نياز:
تون ڳالهائين ڇو نٿو احمد! تون چپ ڇو آهين؟
نثار:
(ڏاڍيان) احمد! احمد! توکي ڇا ٿي ويو آهي؟
يوسف:
(رڙ ڪري) سسٽر! سسٽر!
نرس:
(ٻاهران) ڇا آهي؟
يوسف:
جلدي ڪر سسٽر، احمد کي ڏس ته ڇا ٿي ويو اٿس،
ڳالهائي ئي نٿو.
نرس:
او هو! هي ته بيهوش ٿي ويو آهي. مان اجهو ٿي ڊاڪٽر
کي سڏي اچان.
نياز:
جلدي ڪر، سسٽر، جلدي ڪر
(تيز قدمن جو آواز)
يوسف:
ڊاڪٽر صاحب، ڏسو ته احمد کا ڇا ٿي ويو آهي؟
ڊاڪٽر:
گهٻرايو نه، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. (نرس کي) سسٽر هتان،
ها ٺيڪ آهي. (اوچتو( او هو!
يوسف:
ڇا ٿيو ڊاڪٽر صاحب!
ڊاڪٽر:
(اُداس لهجي ۾) اسان جي ڪوشش ناڪام ٿي ويئي.
يوسف:
نثار ۽ نياز هڪ ئي آواز ۾ رڙ ڪري: احمد!
)داس
موسيقيءَ جو تاثر( |