سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: منهنجي شروعاتي زندگي

باب-6

صفحو :7

باب ڇهون

ڪيوبا

Cuba

وڪٽوريائي دور جي آخري ڏهاڪي ۾ سلطنت ۾ ايترو ته لاڳيتو عرصو امن رهيو هو جو برطانوي فوج ۾ تمغن ۽ انهن جي پٺيان موجود تجربي ۽ مهم جوئي جي ڏاڍي کوٽ پيدا ٿي رهي هئي. ڪريميا جي جنگ ۽ هندستاني بغاوت ۾ حصو وٺندڙ جهونا سپاهي گهڻو وقت اڳ فوج جي Active List تان لهي چڪا هئا. افغانستان ۽ مصر جي جنگين ۾ حصو وٺندڙ 1880ع واري دور جا فوجي سينئر ٿي چڪا هئا. تڏهن کان وٺي مشڪل سان ڪو گولو يا گولي ڪاوڙ ۾ ڇُٽي هوندي ۽ آءُ جڏهن جنوري 1895ع ۾ چوٿين حصارز رجمينٽ ۾ شامل ٿيس تڏهن ملڪ جي فوجن ۾ ورلي ڪو ڪيپٽن ۽ مشڪل سان ڪو سبالٽرن هوندو جنهن ننڍي کان ننڍو ڪو جنگي معرڪو اکين سان ڏٺو هوندو. ڪا به پسنديده شي گهٽ ملندي آهي ته ان جو مُلهه وڌي ويندو آهي. انهيءَ کان اڳ ۾ ڪڏهن به اهڙو وقت نه آيو هو جڏهن ملٽري اختياريون War service کي ايتري عزت جي نگاه سان ڏسنديون هجن ۽ هر عهدي جا آفيسر ان جي شدت سان تمنا ڪندا هجن. فوج جي هر شعبي ۾ ان کي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جو تيز روڊ سمجهيو ويندو هو ۽ جنگ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ کي اعزاز ۽ اڪرام جو چمڪندڙ دروازو سمجهيو ويندو هو. وڏي عمر وارا معزز شخص توڙي نوجوان عورتون جنگ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيندڙ شخص جي موهه ۾ منڊجي وينديون هيون. اسين نوجوان آفيسر ابوقلي (Abuklea) ۾ مهمن ۾ حصو وٺڻ تي انهيءَ سينئر ميجر تي ڏاڍيون ريسون کائيندا هئاسين. ڪرنل جي سيني تي سجايل تمغن جي ڊگهي قطار به اسان کي ڏاڍي سٺي لڳندي هئي. هو اسان کي پنهنجين ڪارگذارين ۽ واقعن جو تفصيل وقت بوقت ٻڌائيندا رهندا هئا پر انهن ۾ اسان جي دلچسپي ڄڻ ته ختم ئي نه ٿيندي هئي. اسان جي ڏاڍي خواهش هوندي هئي ته اسان کي به اهڙو يادگيرين جو ذخيرو هجي جنهن جي اسين به همدرد حاضرين جي آڏو نمائش ڪندا رهون. اسين سوچيندا هئاسين ته اسان کي اهڙو موقعو ملندو به يا نه! الاءِ اسان جو وارو ايندو يا نه جو اسين ميس ٽيبل تي ڊنر کان پوءِ واري خوشگوار ماحول ۾ ويهي وڙهيل جنگيون ورائي ورائي وڙهنداسين. پولو جي راند ۾ يا شڪار جي ميدان تي مهارت ممڪن آهي ته ٿوري گهڻي اهميت رکندي هجي پر جنهن نوجوان سپاهي جنگ جي ميدان ۾ يا هلندڙ فائر ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏني هجي ان کي هڪ اهڙي حيثيت ملي ويندي هئي جو هو جن جرنلن جي ماتحتي ۾ ڪم ڪندو هو، جن سپاهين جي اڳواڻي ڪندو هو يا جن ڇوڪرين جي محبت حاصل ڪرڻ گهرندو هو اهي کيس پُر خلوص، سچي ۽ فوري مڃتا ڏيندا هئا.

هاڻي مونکي جن حلقن ۾ پنهنجي زندگي گذارڻي هئي انهن ۾ اٿندڙ ويهندڙ منهنجا همعصر انهيءَ ڳالهه جي ڏاڍي سخت ضرورت محسوس ڪري رهيا هئا ته جنگي خدمت جا جوڳا موقعا پيدا ٿيڻ گهرجن. انهيءَ شڪايت جو ازالو ٿيڻو هو ۽ اسانجين سڀني گهرجن جو مڪمل پورائو ٿيڻو هو. انهن ڏينهن ۾ جيڪو اهو خطرو محسوس ٿيڻ لڳو هو ته لبرل ۽ جمهوري حڪومتون جنگ کي ناممڪن بڻائينديون پيون وڃن اهو خطرو جلد ئي ختم ٿي وڃڻو هو. امن جو دور پڄاڻي تي پهچي چڪو هو. ايندڙ دور ۾ جنگ جي کوٽ ختم ٿي وڃڻي هئي ۽ سڀني کي ان مان ڪافي حصو ملڻو هو. هائو! گهرج آهر به ۽ اڃان وڌيڪ به. سينڊهرسٽ جي ڪيڊٽن جون جيڪي پُرشوق ۽ پُراميد کيپون ۽ جيڪي نوجوان آفيسر انهن ۽ پوءِ وارن سالن ۾ ڏاڍي بي فڪري سان رائل سروس ۾ شامل ٿيا هئا انهن مان تمام ٿورڙا قدرت جي پڪڙ کان بچي سگهيا. جلد ئي پوءِ هندستاني سرحد ۽ سوڊان ۾ جيڪي هلڪا ڦلڪا معرڪا لڳا انهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سموري برطانوي فوج ۾ ڊوڙون لڳي ويون. پوءِ ڪنهن کي ڀاڳ ته ڪنهن کي ڪنهن جي نوازش سان اهو حصو ملي ويو. پر ڏکڻ آفريقا واري جنگ اهڙين حدن کي پهچڻي هئي جنهن سان اسان جي ننڍڙي آرمي جون گهرجون مڪمل طور پوريون ٿي وڃڻيون هيون ۽ ٻوڏ ته اڃان پوءِ اچڻي هئي.

فوج جو سال ٽريننگ جي ستن مهينن جي اونهاري جي موسم ۽ پنجن مهينن جي موڪلن واري موسم ۾ ورهايل هوندو هو. هر آفيسر کي اڍائي مهينا لاڳيتا آرام جا ملندا هئا. منهنجا سڀ پئسا پولو تي خرچ ٿي ويا هئا ۽ جيئن ته شڪار تي وڃڻ لاءِ مون وٽ وسيلا نه هئا تنهنڪري مون ڪنهن مهم جوئي يا جوش جذبي واري منظر جي ڳولها ۾ سموري دنيا جو جائزو ورتو. انسانذات ڪيترن ورهين کان جنهن امن امان واري حالت ۾ ماندي لڳي پئي هئي انهيءَ ۾ فقط ڌرتي جي هڪ ٽڪري تي رخنو پيل هو. ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته اسپينين ۽ ڪيوبائي باغين جي وچ ۾ گهڻي وقت کان هلندڙ گوريلا جنگ پنهنجي سڀ کان شديد مرحلي ۾ داخل ٿي رهي هئي.

اسپين انهيءَ باغي ٻيٽ تي پنهنجو مشهور معروف ڪيپٽن – جنرل مارشل مارٽينيز (Marshal Martinez) موڪليو هو جنهن موئرن (Moors) تي ڪاميابين ۽ اسپينين لاءِ جاري ڪيل اعلانن (Pronunciamentos) سبب مشهوري ماڻي هئي. هاڻي انهيءَ بغاوت کي ڪُچلڻ جي اعليٰ ترين ڪوشش ڪندي اسي هزار اسپيني سپاهي ڏاڍي تيز رفتاري سان سمنڊ پار موڪلجي رهيا هئا. معنيٰ ته اتي سچي پچي جنگ جاري هئي. نوجواني جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي سپاهين ۽ جنگ جا خيال منهنجي ذهن تي حاوي هوندا هئا ۽ منهنجن خوابن جو موضوع به پهريون دفعو فائر جي منهن ۾ هئڻ وقت پيدا ٿيندڙ جذبا ۽ احساس هوندا هئا. آءُ سوچيندو هئس ته هر وقت گولين جا زوزاٽ ٻڌڻ ۽ زخمي ٿيڻ ۽ مرڻ جي خطري ۾ موجود رهڻ ڏاڍو پرجذبات ۽ زبردست تجربو هوندو. ٻيو ته هاڻي جڏهن مونکي انهيءَ معاملي ۾ پيشيوراڻيون ذميواريون به ملي ويون هيون ته مون سوچيو ته خانگي طور ريهرسل ۽ آزمائش ڏاڍي مناسب رهندي جيئن پڪ به ٿي وڃي ته اهو ڪٺن ڪم منهنجي مزاج ۽ طبيعت جي موافق به آهي. تنهنڪري ڪيوبا منهنجي نظرن جو مرڪز ٿي ويو.

مون پنهنجي منصوبي کان هڪ برادر سبالٽرن – ريجينالڊ بارنيس کي آگاه ڪيو. هو به مون کي انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍو پُرشوق نظر آيو. هن اڳتي هلي گهڻو وقت فرانس ۾ ڊويزنن جي اڳواڻي ڪئي. ڪرنل ۽ ميس ۾ ٻين ماڻهن به هلندڙ جنگ ۾ پيشيوراڻو تجربو حاصل ڪرڻ جي انهيءَ منصوبي کي پسنديدگيءَ جي نظر سان ڏٺو ۽ انهيءَ ڪم کي به شڪار جي موسم گذارڻ جهڙو ئي فائديمند سمجهيو ويو جنهن کان سواءِ ڪنهن به ڪيپٽن يا سبالٽرن کي عزت آبرو جي زندگي گذارڻ جي قابل ئي نه سجهيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح پاڻ کي سڀني حوالن کان مضبوط ٿيندو ڏسي مون پنهنجي پيءُ جي پراڻي دوست ۽ اسپين ۾ اسان جي سفير سر هينري وولف کي خط لکي ان کان پڇا ڪئي ته ڇا هو اسان کي اسپيني فوجي اختيارين کان ضروري اجازت نامو وٺرائي ڏئي سگهي ٿو. انهيءَ معزز ۽ مهربان شخص کي اسپيني درٻار ۾ جهڙو اثر رسوخ حاصل هو اهڙو سفارتي حلقن مان ٻئي ڪنهن به سفير کي حاصل نه هو. هن منهنجي سبب ڏاڍي تڪليف ورتي ۽ بهترين قسم جا رسمي ۽ شخصي تعارف ناما اچي پهتا جن سان گڏ سفير صاحب اها به خاطري ڪرائي هئي ته اسان کي فقط هوانا پهچڻو هو جتي ڪيپٽن – جنرل اسان جو گرمجوشي سان آڌرڀاءُ ڪندو ۽ ٻيا سڀ معاملا سندس نگراني ۾ طي ٿيندا. ائين اسين سن 1895ع جي نومبر مهيني جي شروعات ۾ سامونڊي جهاز ۾ نيو يارڪ روانا ٿياسين ۽ اتان پوءِ هوانا اُسهياسين.

جنگ موجوده نسل جي ذهنن کي ٿڪائي ساڻو ۽ بيزار ڪري وڌو آهي، ۽ ان تي ڏاڍا وحشياڻا اثر وڌا آهن. تنهنڪري اهو اُنهيءَ خوشي ۽ اُلڪي گاڏڙ احساس کي سمجهي ئي نه ٿو سگهي جيڪي کڻي امن جي وڏي عرصي ۾ پليل نوجوان برطانوي آفيسر پهريون دفعو حقيقي جنگ جي ميدان ڏانهن وڌي رهيو هو. مون جڏهن ڪيوبا جي ڪنارن کي پهريون دفعو صبح سوير جي اڻ چٽي روشنيءَ ۾ ڳوڙهي افق مان اڀرندي ۽ واضح ٿيندي ڏٺو ته مون ائين پئي محسوس ڪيو ته ڄڻ آءُ لانگ جان سلور سان گڏ جهاز تي هجان ۽ منهنجي نظر پهريون دفعو Treasure Island تي پئجي رهي هجي. انهيءَ جاءِ تي شيون پنهنجي اصلي صورت ۾ واقع ٿي رهيون هيون. اهميت وارو سين به اتي ئي هو ۽ ڪا اهم شيءِ به اتي ئي ٿيڻي هئي. اهو به ممڪن آهي ته منهنجا هڏا هتي ئي رهجي وڃن.

بهرحال آءٌ اهي جيڪي پور پچائي رهيو هوس ناشتو اچڻ سان اهي ٽڙي پکڙي ويا ۽ پوءِ جهاز تان لهڻ جي هڙ تڪڙ ۾ غائب ٿي ويا.

ڪيوبا هڪ ڏاڍو وڻندڙ ٻيٽ آهي. اسپيني انهي کي حق تي The Pearl of Antilles ڪوٺين ٿا،[1] هتان جي معتدل پر دل کي امنگن سان ڀريندڙ آبهوا، گهڻي وسندڙ مينهن، گهاٽي وڻڪاري ۽ زمين جي بيمثال زرخيزي ڏسي آءٌ انهي وقت کي پٽڻ لڳس جڏهن اسان جي وڏڙن اهڙي فرحت بخش ملڪيت مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هئا. بهرحال اسان جي جديد جمهوريت کي ڪافي شيون ورثي ۾ مليون آهن ۽ اهو هاڻي انهيءَ تي دارومدار ٿو رکي ته اها انهن تي پنهنجو قبضو برقرار رکي ٿي يا اڇلائي ڇڏي ٿي.

هوانا جو بندر ۽ شهر پنجٽيهه سال اڳ اهڙو منظر پيش ڪندا هئا جيڪو هر لحاظ کان شاندار هو. اسين هڪ چڱي سٺي هوٽل ۾ وڃي رهياسين، تمام گهڻيون نارنگيون کاڌيوسين ۽ تمام گهڻا سگار پيتاسين ۽ پنهنجا ڪاغذ اختياري وارن کي پيش ڪيا. هر ڳالهه صحيح نموني هلي رهي هئي. اسان جا ڪاغذ پڙهجي پورا ٿيندي ئي اسان سان ڏاڍي اهميت واري سفارت وارو برتاءُ ٿيڻ لڳو جيڪا ڏاڍي دٻاءَ واري دور ۾ هڪ طاقتور ۽ پراڻي اتحادي ملڪ طرفان موڪلي وئي هئي. هاڻي حالت اها هئي ته اسان وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري پنهنجي دوري جي اهميت کي گهٽائي رهيا هئاسين ۽ ٻئي طرف وري ان جي بظاهر دٻيل اهميت کي وڌ کان وڌ محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. ڪيپٽن-جنرل مختلف پوسٽن ۽ ڇانوڻين جي معائني لاءِ گشت تي ويل هو پر سڀ بندوبست سندس خواهش مطابق ٿي رهيو هو. هاڻي اهو طئه ٿيو ته اسين به سندس پٺيان وڃي سانتاڪلارا ۾ هن سان ملون. سفر بلڪل سولو هو ريل گاڏيون سڀ بڪتربند هيون. ٽرينن جي اڳيان ۽ پويان خاص گاڏين ۾ محافظ دستا هلندا هئا ۽ ريل گاڏين جي پاسن کان لوهه جون مضبوط پليٽون لڳل هيون ۽ جڏهن معمول مطابق فائرنگ شروع ٿي وڃي ته اسان کي فقط گاڏن جي فرش تي ليٽي پوڻو هو. اهڙي طرح اسين حفاظت سان پنهنجي منزل تي پهچي وينداسين. اسان ٻئي ڏينهن صبح جو سفر شروع ڪيو.

مارشل مارٽينيز ڪيمپوزا اسان جي ڏاڍي سهڻي نموني ڀليڪار ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي هڪ اسٽاف آفيسر جي حوالي ڪيو. جئان او ڊونيل (Juan O’Donnell) نالي انهيءَ ليفٽيننٽ انگريزي تمام سٺي ڳالهائي ٿي ۽ ڊيوڪ آف ٽيٽان جو پٽ هو. آءٌ نالي تي ڪجهه حيران ٿيس پر خبر پئي ته اهو آئرش برگيڊ جي ڏينهن کان اسپيني ٿي ويو آهي. او ڊو نيل اسان کي صورتحال سمجهائي ته اسين جيڪڏهن لڙائي ڏسڻ چاهيون ٿا ته اسان کي سفر ۾ رهندڙ ڪالم سان گڏ هلڻ گهرجي. اهڙو هڪ ڪالم اڃان انهيءَ ڏينهن ئي جنرل والڊيز (Valdez) جي اڳواڻي ۾ سانتاڪلاز مان نڪتو هو ۽ چاليهه ميل پري باغين جي گهيري ۾ آيل سهر سينڪٽي اسپرٽس (Sancti Spiritus) وڃي رهيو هو. هن اهو اسان کان نڪري وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. اسان راءِ ڏيکاري ته پنڌ ئي ڪرڻو آهي ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي اسين سولائي سان انهيءَ وٽ پهچي سگهون ٿا. اسان جي نوجوان اسپينيءَ ڪنڌ لوڏيندي چيو ته ”توهان پنج ميل به اڳتي نه وڃي سگهندوء“. ”ڀلا دشمن آهي ڪٿي؟“ اسان پڇيو: ”اهي هر جاءِ تي آهن ۽ ڪٿي به نه آهن.“ هن وراڻيو ”پنجاهه گهوڙيسوار جيڏانهن چاهين وڃي سگهن ٿا پر ٻه ڪيڏانهن به نه ٿا وڃي سگهن. بهرحال جنرل والڊيز وٽ پهچي سگهجي ٿو. اسان کي ريل گاڏيءَ ۾ سينفيگوس وڃي پوءِ سمنڊ ذريعي ٽيونا وڃڻو پوندو. هن چيو ته ٽيونا کان سينڪٽي اسپرٽس تائين ريلوي لائين جي حفاظت لاءِ بلاڪ هائوسز ٺهيل آهن ۽ انهيءَ تي فوجي گاڏيون باقاعدگي سان هلنديون رهن ٿيون. اهڙي طرح اسين 150 ميلن جو سفر ڪري ٽن ڏينهن ۾ سينڪٽي اسپرٽس پهچي وينداسين ۽ جنرل والڊيز پنهنجن سپاهين سان گڏ چوٿين ڏينهن شام جو پهچندو. اتي اسين سندس ڪالم ۾ شامل ٿي سندس وڌيڪ ڪارواين تي اک رکي سگهون ٿا. اتي اسان کي گهوڙا ۽ اردلي به مهيا ڪري ڏنا ويندا ۽ جنرل اسان کي پنهنجي اسٽاف ۾ معاون طور شامل ڪندو.

اسان ڪجهه خطرو هوندي پر ڪنهن به حادثي کان سواءِ سفر پورو ڪيو. سينڪٽي اسپرٽس جو نالو کڻي ڪهڙو به هجي پر تمام گندي ۽ غير صحتمند جاءِ هئي. اتي ماتا ۽ زرد بخار[2] (Yellow Fever) جو راڄ لڳو پيو هو. اسان رات هڪ گندي، پرشور ۽ ماڻهن سان ڀريل سراءِ ۾ گذاري. ٻئي ڏينهن شام جو جنرل والڊيز ۽ سندس ڪالم مارچ ڪندو پهچي ويو. اها چڱي خاصي فوج پئي نطر آئي جنهن ۾ ٽي هزار پيادن تي مشتمل چار بٽاليون، ڪيولري جا ٻه اسڪواڊرن ۽ هڪ خچرن جي بيٽري هئي. سپاهي پيادل سفر جي باوجود ڏاڍا فِٽ ۽ ٺيڪ ٺاڪ لڳي رهيا هئا. انهن کي سوٽي ورديون پهريل هيون جيڪي اصل ۾ ته شايد سفيد هجن پر هاڻي مٽي ۽ ڌوڙ ۾ انهن جو رنگ ڦِٽي ڪي قدر خاڪي ٿي ويو هو. انهن کي پٺن تي ڳرا ٿيلها هئا. گولين جا ٻه ٻه پٽا هرهڪ کي هئا ۽ مٿن تي تيلين جا وڏا پناما ٽوپلا هئن. شهر ۾ موجود انهن جي دوستن ۽ لڳي ٿو ته دشمنن به انهن جو آڌرڀاءُ گرمجوشيءَ سان ڪيو هو.

اسين مناسب وقفي کان پوءِ جنرل جي هيڊ ڪوارٽر آياسين. اسان کي سندس حوالي ڪرڻ بابت کيس موڪليل ٽيليگرام هو پڙهندو رهيو هو تنهنڪري ڏاڍي محبت سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيائين. ساريز والڊيز (Saurez Valdez) ڊويزن جو جنرل هو ۽ باغي علائقن ۾ پندرنهن ڏينهن جي گشت تي هو. انهيءَ دوران سندس سامهون ٻه مقصد هئا هڪ ته جن شهرن ۽ پوسٽن تي اسپيني ڇانوڻيون قائم آهن انهن جو دورو ۽ ٻيو ته جتي ۽ جڏهن به باغي نظر اچي وڃن ته انهن کي سيکت به ڏئي وٺڻ. هن ترجمان جي مدد سان اسان کي سمجهايو ته هڪ عظيم ۽ دوستاڻي ملڪ جي ٻن معزز نمائندن جي سندس ڪالم ۾ موجودگيءَ کي هو پنهنجي لاءِ ڏاڍي عزت جي ڳالهه سمجهي ٿو ۽ ٻيو ته برطانيه عظمى جي انهيءَ قدم ۾ جنهن اخلاقي مدد جو پيغام سمايل آهي انهيءَ کي به هو ڏاڍي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسان به ترجمان جي مدد سان چيو ته اها سندس مهرباني ۽ نوازش آهي ۽ اسان کي پڪ آهي ته اسان جو وقت ڏاڍو خوشگوار گذرندو. ترجمان انهيءَ ڳالهه کي ڦيرائي سيرائي ڪو ڏاڍو ڀلو بڻائي ڇڏيو ۽ جنرل ڏاڍو خوش پئي ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ هن ٻڌايو ته هو پرهه ڦُٽيءَ وقت روانو ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته شهر بيمارين سان ڀريو پيو هو تنهنڪري هن هڪ ڪلاڪ به اجايو ترسڻ نه ٿي چاهيو ۽ اهو ته اسان جا گهوڙا به باک ڦٽي کان اڳ تيار هوندا. اهي ڳالهيون هلندي هن اسان کي ڊنر جي دعوت به ڏني.

ٻئي ڏينهن صبح جو هڪ نوجوان آفيسر جي دل ۾ جيڪي جذبا پيدا ٿيا هوندا انهن بابت ڪجهه سوچيو: هر طرف اونده لڳي پئي آهي پر آسمان تي اڇاڻ ڇائنجڻ لڳي آهي. اسين جنهن حالت ۾ آهيون انهيءَ کي هڪ ذهين پر گهٽ مشهور ليکڪ باک ڦٽي جو اونداهون پُراسرار مندر ڪوٺيو آهي. (ميڪي پنهنجي ڪتاب ”انڊيا ۾ ويهه ڏينهن“ (Twenty Days in India) ۾: اصل ليکڪ پاران وضاحت) اسان کي ورديون پهريل آهن، گهوڙن تي سوار آهيون ۽ اسان جا ريوالور لوڊ لڳا پيا آهن. جهونجهڪڙي ۽ اڌ اونداهيءَ ۾ هٿياربند ۽ ٻي هر سامان سان ليس سپاهين جون قطارون دُشمن ڏانهن وڌي رهيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته دشمن بلڪل ويجهو ويٺو هجي. هو شايد هڪ ميل اڳتي اسان جي انتظار ۾ ويٺو هجي. اسان ڪجهه به نه ٿا چئي سگهون. اسان کي پنهنجن دوستن يا دشمنن جي صلاحيت بابت به صحيح ڄاڻ نه آهي. پنهنجي دفاع کان سواءِ اسين انهن جي ويڙهه ۾ ڪوبه حصو وٺي نه ٿا سگهون. پر اسين اهو سمجهون ٿا ته هي اسان جي زندگين جو عظيم ترين لمحو آهي. حقيقت اها آهي ته اهو اسان جي تجربي مان گذرندڙ بهترين لمحو آهي. اسين سمجهون ٿا ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. اسان جي شديد تمنا آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿئي. ساڳئي وقت اسان زخمي ٿيڻ يا مارجي وڃڻ به نه ٿا چاهيون. آخر اسين چاهيون ڇا ٿا؟ توهان انهيءَ کي حماقت به چئي سگهو ٿا. هزارين ميل سفر ڪرڻ جنهن جو خرچ به توهان مشڪل سان برداشت ڪيو هجي ۽ صبح جو سوير چئين وڳي بلڪل اجنبي ماڻهن سان گڏ اها اميد کڻي اٿڻ ته ڪنهن کرکسي ۾ وڃي پئجي انهيءَ کي سمجهه ڀريو انداز ته نه ٿو چئي سگهجي. انهن ڳالهين جي باوجود به اسان کي خبر هئي ته برطانوي فوج ۾ ڪيترائي اهڙا سبالٽرن هوندا جيڪي هڪ مهيني جي پگهار ڏئي به وڏي خوشيءَ سان اسان جي جاءِ تي اچڻ چاهين ها!

بهرحال ڪابه غير معمولي ڳالهه واقع نه ٿي. ڏينهن جي روشني آهستي آهستي وڌندي وئي ۽ ڊگهو اسپيني ڪالم نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندو گهم ۾ پُسيل ۽ سج جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ اڻ کٽ ٻيلن ۾ لهي ويو. اسان تقريبن اٺ ميل پنڌ ڪيو ۽ تقريباً نائين وڳي جو وقت ٿيندي ۽ ڪجهه کليل ميدان تي پهچندي نيرن ۽ آرام لاءِ وقفي جو حڪم ٿي ويو. انفنٽري پنهنجو رڌپچاءُ ڪرڻ لاءِ باهيون ٻاري ڇڏيون. گهوڙن تان زينون لاهي کين چرڻ لاءِ ڇڏيو ويو ۽ اسٽاف کي ٽيبلن تي ڪافي ۽ پڪل گوشت پيش ڪيو ويو. سمورو ماحول پڪنڪ جهڙو پئي لڳو. جنرل جي اي ڊي سي گهڻي دير کان پوءِ هڪ ڊگهي ڌاتوءَ جي شيشي ڪڍي انهيءَ ۾ هڪ مشروب ٺاهيو. انهيءَ کي هو (Rumcotelle) چئي رهيو هو. اهو لفظ مونکي اڃان تائين ياد آهي. پر انهيءَ جي معنى مونکي گهڻو پوءِ سمجهه ۾ آئي. اهو لفظ اصل ۾ رم ڪاڪٽيل[3] (Rum Cocktail) هو. انهيءَ جو نالو کڻي ڪهڙو به هجي پر اها ڏاڍي سٺي شي هئي. انهيءَ دوران هڪ جهڳٽي ۾ بيٺل وڻن جي وچ ۾ ڪپڙي جا پينگها لڳي ويا هئا. هاڻي اسان کي انهن پينگهن ۾ وڃي آرام ڪرڻ جون هدايتون مليون. سپاهي ۽ ريجمينٽل آفيسر زمين تي ئي آهلي پيا. مونکي پڪ آهي ته انهن انهيءَ کان اڳ ضروري فوجي اُپاءَ لازماً ورتا هوندا. اهڙي طرح سڀئي ماڻهو ڇانوري ۾ تقريبن چار ڪلاڪ سمهي پيا.

ٻين وڳي آرام جو وقت پورو ٿيو. پڙاء ۾ هلچل ۽ گوڙ شروع ٿي ويو شام جو ٽين وڳي اسان وري پنڌ پياسين ۽ پوڻا چار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان چار ڪلاڪ پنڌ ڪيو. نما شام مهل اسين پنهنجي رات لاءِ ڪيمپ واري ميدان تي پهتاسين. ڪالم مجموعي طور 18 يا 19 ميل پنڌ ڪيو هو ۽ انفنٽري ڪنهن به لحاظ کان ٿڪيل نه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. اهي سخت جان اسپيني ڪڙمي ۽ وطن ڄاوا پُٺن تي ڳرا بار کڻي نالي ماتر رستن تي ڏاڍي اورچائي سان هلي سگهيا ٿي. اڌ ڏينهن وارو ڊگهو وقفو انهن لاءِ ڄڻ ته ٻيون دفعو رات جو آرام هو.

مونکي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ شهبو نه آهي ته رومي پنهنجي ڏينهن جو ٽائيم ٽيبل اسان کان گهڻو سٺي نموني ٺاهيندا هئا. اهي هر موسم ۾ سج اڀرڻ کان اڳ اٿندا هئا ۽ اسين جنگ جي ڏينهن کان سواءِ باک ڦٽيءَ جو وقت ڪڏهن به نه ٿا ڏسون. سج لٿو اسانکي ڪڏهن ڪڏهن نظر اچي ٿو وڃي. سج لٿي جو پيغام غم ۽ ڏک آهي جڏهن ته باک ڦٽي اميد جو پيغام آهي. ڏينهن جي وچ ۾ آرام ۽ ٿوري ننڊ انساني جسم کي ڊگهي رات کان وڌيڪ تازگي ڏئي ٿي. قدرت اسان جي جسم جي ساخت ئي اهڙي نه رکي آهي جو اسين صبح جو اٺين کان رات جو ٻارهين وڳي تائين ڪم ڪندا رهون. اهڙي طرح اسين پنهنجي نظام تي دٻاءَ وجهي ٿا ڇڏيون. اها غير انصافي ۽ بي احتياطي آهي. ڪاروبار هجي يا وندر ورونهه، ڪم جسماني هجي يا دماغي اسان کي پنهنجن ڏينهن کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ گهرجي. آءُ جڏهن جنگ جي دور ۾ ايڊ مرلٽيءَ ۾ هوس ته مون محسوس ڪيو ته آءُ منجهند جي مانيءَ کان پوءِ هڪ ڪلاڪ بستري تي ليٽي پنهنجي ڪم ڪار جي وقت ۾ تقريباً ٻن ڪلاڪن جو اضافو ڪري سگهان ٿو. لاطيني ماڻهو پنهنجي زندگي گذارڻ جي طريقي ۾ اينگلوسيڪسنن ۽ ٽيوٽنن (Teutons) کان وڌيڪ هوشيار ۽ فطرت جي وڌيڪ ويجها آهن پر اهي بهترين آبهوا وارن علائقن ۾ رهن ٿا.

انهيءَ نيم تي هلندي اسين ڪيترائي ڏينهن وڻندڙ ٻهراڙين مان مارچ ڪندا رهياسين ۽ جنگ جي ڪا به علامت، آواز يا منظر نظر نه آيو. انهيءَ دوران اسان پنهنجن اسپيني ميزبانن سان ڏاڍو دوستاڻو تعلق قائم ڪري ورتو ۽ مشترڪ طور ڏاڍي خراب فرانسي ڳالهائيندي انهن جي سوچ ۽ خيالن کان ڪنهن حد تائين واقف ٿي وياسين. مثال طور چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ ڪرنل بينزو (Benzo) هڪ موقعي تي جنگ بابت ڳالهائيندي چيو: ”جيڪا اسين پنهنجي ملڪ جي سالميت برقرار رکڻ لاءِ وڙهي رهيا آهيون.“ اها ڳالهه منهنجي دل ۾ ويهجي وئي. مون پنهنجي محدود تعليم سبب انهيءَ ڳالهه تي ڪڏهن غور ئي نه ڪيو هو ته اهي ٻيون قومون پڻ پنهنجي قبضي ۾ آيل ملڪن بابت اهڙائي خيال ۽ سوچون رکن ٿيون جهڙا اسان کي پنهنجن ملڪن بابت رکڻ جي سکيا ڏني ويندي رهي آهي. لڳي پيو ته انهن جا ڪيوبا بابت اهڙا ئي احساس ۽ جذبا هئا جهڙا اسان جا آئرلينڊ بابت آهن. انهيءَ ڳالهه مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. مونکي اها ڳالهه ڪجهه بي ادبي واري لڳي ته اهي غير ملڪي به پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجين ڪالونين بابت اهڙيون ئي سوچون رکن ٿا ۽ اهڙي زبان ڪم آڻين ٿا ڄڻ ته اهي برطانوي هجن. بهرحال مون انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪري ورتو ۽ انهيءَ کي پنهنجي دماغي نعمت خاني ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. هيستائين آءُ ڳجهي نموني باغين يا  گهٽ ۾ گهٽ بغاوت سان همدردي رکندو هوس. پر هاڻي مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ته اسپيني پنهنجو سهڻو Pearl of Antilles پاڻ کان ڇڄي ڌار ٿيڻ جي تصور کان ئي ڪيترا ناخوش آهن. مون کي انهن تي ڏاڍو افسوس ٿيڻ لڳو.

اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي ته اهي ڪامياب ڪيئن ٿيندا؟ چار هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي ڪالم تي في ڪلاڪ ايندڙ خرچ جو تصور ته ڪريو جيڪي هن بي انت جهنگ ۾ ڏينهن رات رُلندا ٿا رهن ۽ اهڙا شايد هڪ ڊزن ٻيا به ڪالم هئا ۽ ٻيا ڪيترائي انهن کان ننڍڙا ننڍڙا ڪالم هئا جيڪي هر وقت گهوم ڪندا رهندا هئا. انهن کان سواءِ ٻيا ٻه لک ماڻهو پوسٽن، ڇانوڻين ۽ ريلوي لائينن تي ٺهيل بلاڪ هائوسن ۾ هئا. اسان کي خبر هئي ته انهيءَ وقت جي حالتن جي لحاظ کان اسپين ڪو امير ملڪ نه هو. اسان کي خبر هئي ته کاري پاڻيءَ جا پنج هزار ميل پري اڍائي لک فوج رکڻ لاءِ انهن کي ڪيتريون نه سخت ڪوششون ڪرڻيون ۽ قربانيون ڏيڻيون پئجي رهيون هيون. انهيءَ هوندي به دشمن جي حالت وري ڇا هئي؟ اسان انهن جو هڪ ماڻهو به نه ڏٺو هو ۽ نه ئي ڪا رائيفل جي گولي ڇُٽندي ٻڌي هئي. پر ظاهر آهي ته اهي موجود هئا. اهي سڀ حفاظتي اپاءُ ۽ ايتري طاقتور فوج بار بار جي مصيبتن کان پوءِ ئي آندي وئي هئي. انهن ٻيلن ۽ جبلن ۾ سخت جان ماڻهن جا ٽولا گهمي رهيا هئا جن وٽ رائيفلن ۽ بارود جي ڪا کوٽ نه هئي. ٻين هٿيارن سان گڏ انهن جو سڀ کان خطرناڪ هٿيار هڪ وڏو چاقو هوندو هو جنهن کي machete سڏيو ٿي ويو. انهن ماڻهن کي جنگ تي ڪو به خرچ نه ٿي ڪرڻو پيو باقي غربت، خطري ۽ جسماني تڪليفن جو امڪان سڀني لاءِ موجود هو. اسپيني هن گوريلا جنگ ۾ مات کائي رهيا هئا. اهي اُپٻيٽ ۾ نيپولين جي هٿياربند ٽولن وانگر جٿن جي صورت ۾ هڪ جي پٺيان ٻيون هڪ اهڙي دنيا ۾ گهمندا ٿي رهيا جنهن ۾ دشمن ظاهر ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي شديد وار ڪري غائب ٿي ويندو هو.

اسان 29- نومبر واري رات ”آرو وُو بلانڪو“ (Aroyo Blanco) واري قلعي بند ڳوٺ ۾ سُتاسين. اسان قافلي جي وڏي حصي کي ٻن بٽالينن ۽ هڪ اسڪواڊرن سان گڏ ڇانوڻين کي رسد پهچائڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو هو. باقي تقريباً 1700 ماڻهن تي مشتمل اسان جي فوج کي دشمن ۽ جنگ جي تلاش ڪرڻي هئي. 30- نومبر منهنجي ايڪيهين سالگره جو ڏينهن هو ۽ انهيءَ ڏينهن ۾ پهريون دفعو ڪاوڙ ۾ هلايل گولين جو آواز ٻڌو جيڪي هوا ۾ سوساٽ ڪنديون ويون يا گوشت ۾ لڳيون.

اسين صبح جو سوير روانا ٿياسين ته هر طرف ڪوهيڙو هو ۽ اوچتو ڪالم جي پُٺ فائرنگ ۾ مصروف ٿي وئي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو وڙهڻ جي مقصد لاءِ هڪٻئي جي تمام ويجهو اچي ويندا هئا ۽ وڙهڻ لاءِ وڏي بور واريون رائيفلون ڪم آڻيندا هئا ته ٺڪائن جا وڏا ڌڌڪا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ دونهين جا گولا ۽ چمڪاٽ به ڏسڻ ۾ ايندا هئا. فائرنگ تقريباً هڪ فرلانگ[4] اڳتي ٿي ڏسڻ ۾ آئي ۽ اتان ڪافي گوڙ شور ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو ۽ گوليون جيئن ته منهنجي ويجهو ايندي ڏسڻ ۾ نه ٿي آيون تنهنڪري آءُ انهيءَ شخص وانگر مطمئن ٿي ويهي رهيس جيڪو پنهنجي آسپاس ٿيندڙ واقعن بابت تيستائين فڪرمند نه ٿيندو آهي جيستائين انهن جو مٿس ڪو اثر نه ٿيندو آهي. ڪوهيڙي جي سبب ڪا به شي نظر نه ٿي آئي. ڪجهه دير کان پوءِ اهو صاف ٿيڻ شروع ٿيو ۽ مون ڏٺو ته اسين جهنگ جي هڪ سو کن وال ويڪري صاف ٽڪري مان مارچ ڪري رهيا هئاسين. انهيءَ کي ملٽري روڊ چيو ٿي ويو. اسين انهيءَ تي ڪيترائي ڪلاڪ هلندا رهياسين. جهنگ ڏاڍو حرص ڪندو روڊ تي وڌي آيو هو ۽ آفيسر پنهنجا چاقو ڪڍي وڻن جون ٽاريون ڪَٽيندا ٿي ويا يا انهن تا لڙڪندڙ وڏن کوپن کي کل خوشيءَ ۾ ڪٽي ٻه اڌ ڪندا ٿي ويا. جنهن مان سير کن صاف اڇو پاڻياٺ وهي هيٺان گذرندڙ بي خبر ماڻهو تي اچي ٿي پيو.

اسين انهيءَ ڏينهن ناشتي لاءِ ترسياسين ته هر ماڻهو پنهنجي گهوڙي جي ڀرسان ويٺو ۽ فقط پنهنجي کيسي ۾ موجود شي ڪڍي کاڌائين. مون کي پوري ساري مُرغي جو اڌ ڏنو ويو هو. مون انهيءَ جي ٽنگ ويٺي کاڌي جو اوچتو بلڪل ڀرسان ڄڻ اسان جي منهن وٽ جهنگ جي ڪڙ وٽان ايندڙ گولين جو دس اچي ڪريو. منهنجي بلڪل پٺيان بيٺل گهوڙي- منهنجي گهوڙي نه- ٽپ ڏنو. هر طرف ڀڄ ڊڪ ۽ هل هنگامو ٿي ويو. سپاهين جي هڪ ٽولي انهيءَ جاءِ ڏانهن لُوهه ڪئي جتان اهي فائر ٿيا هئا. پر اتي انهن کي گولين جي ڪجهه خولن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه آيو. انهيءَ دوران آءُ زخمي گهوڙي کي ڏسندو رهيس. انهيءَ جو رنگ ڳاڙهاڻ مائر ڀُورو (بُور) هو. گولي انهي جي پاسراٽين ۾ لڳي هئي ۽ اتان رت ٺينڍيون ڪري زمين تي وهي رهي هئي ۽ زخم واري جاءِ جي چوڌاري لڳ ڀڳ هڪ فوٽ ويڪرو گهاٽي ڳاڙهي رنگ جو گول ٺهي ويو هو. هن ڪنڌ هيٺ لڙڪائي ڇڏيو پر پاڻ هيٺ نه ڪريو. ظاهر آهي ته اهو مرڻ ڪنڌيءَ تي هو. جو جلد ئي هن مٿان زين ۽ لغام پڻ لاٿا ويا. آءُ اها ڪاروائي ڏسندي انهيءَ ڳالهه تي به غور ڪندو رهيس ته انهيءَ گهوڙي کي لڳندڙ گولي لازماً منهنجي مٿي جي هڪ فوٽ ڀرسان گذري هوندي. تنهنڪري چئي سگهجي پيو ته آءُ فائر جي زد ۾ هوس. اها ڳالهه اهميت کان خالي نه هئي بهرحال هاڻي مون پنهنجي انهيءَ مهم جوئي بابت وڌيڪ ڳڻتي سان سوچڻ شروع ڪيو.

ٻيو سمورو ڏينهن اسين پيرو کڻندا هلندا رهياسين. اتان جو جهنگ جيڪو اڳ ۾ ٿورو ٿورو انگلينڊ جي شڪارگاهن وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيو ان جي جاءِ تي هاڻ بوتل جي ٿڙن جهڙا هر ممڪن سائيز ۽ عجيب شڪلين جا پام جا وڻ اچي ويا. اهڙي علائقي ۾ ٽي يا چار ڪلاڪ هلڻ کان پوءِ اسين وري وڌيڪ کُليل پٽ تي اچي وياسين. ۽ هڪ واهه منجهان ٽپي ٻئي ڀر ٿيڻ کان پوءِ هڪ سادي سُودي ٺهيل ڪيبن ڀرسان رات رهڻ لاءِ لٿاسين. انهيءَ ايتري ڪيبن جو نالو به نقشي تي موجود هو. اسان جي پڙاء جي ٽن طرفن کان واهه هو. موسم ڏاڍي  گرم هئي سو مون ۽ منهنجي دوست ٻن نوجوان اسٽاف آفيسرن کي انهيءَ واهه تي هلي وهنجڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. انهيءَ هنڌ منظر ڏاڍو سهڻو ۽ پاڻي به ڏاڍو صاف هو. اسين وهنجڻ کان پوءِ ڪناري تي ڪپڙا پائي رهيا هئاسين ته اوچتو بلڪل ويجهو فائر جو آوزا ٻڌڻ ۾ آيو. پوءِ هڪ هڪ فائر ٿيندو آخر ته گولين جو دس ڇٽي ويو. گوليون اسان جي مٿن مٿان زوڪاٽ ڪنديون رهيون. اها ڳالهه يقيني هئي ته هڪ قسم جو حملو  ٿي رهيو هو.

اسان جيئن تيئن ڪري ڪپڙا پائي واهه جي اندرئين ڪڙ ڏيندا جيتري شانائتي طريقي سان ٿي سگهيو هلندا اچي جنرل جي هيڊ ڪوارٽر پهتاسين. اسين جڏهن اتي پهتاسين ته اڌ ميل کن پري باقاعدي جهڙپ هلي رهي هئي ۽ سڄي ڪئمپ جي مٿان هيڏانهن هوڏانهن گوليون ڪِري رهيون هيون. اڪثر باغين وٽ ريمنگٽن[5] هيون ۽ انهن جي  گولن جو گهرو ڌماڪو اسپينين جي ميگزين وارين رائيفلن جي سنهي ڇڻڪاٽ کان بلڪل واضح ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ باغين جي دل ڀرجي وئي ۽ اهي پنهنجا  زخمي ۽ مئل ساٿي کڻي روانا ٿي ويا.

اسان بغير زخني جي ويرانڊي ۾ ويهي ماني کاڌي ۽ ننڍڙي جائڙي ۾ وڃي اتي ٽنگيل پينگهن ۾ سمهي رهياسين. جلد ئي فائرنگ جي آواز تي مونکي جاڳ ٿي وئي. هڪ هڪ گولي نه پر گولين جا دس واڄٽ ڪري رهيا هئا. هڪ گولي اسان جي مَنهه جي ڀت چيري اندر گهڙي آئي ۽ ٻي گولي ٻاهر بيٺل اردلي کي زخمي ڪري وڌو. مونکي پينگهي مان نڪري هيٺ پٽ تي لهي سمهڻ گهربو هو. پر جيئن ته ٻي ڪنهن به چُرپر نه ڪئي تنهنڪري مون به اهو مناسب سمجهيو ته جتي آهيان اتي پيو رهان. آءُ اها ڳالهه ذهن ۾ آڻي پاڻ کي محفوظ سمجهندو رهيس ته منهنجي ۽ دشمن جي  فائر جي وچ ۾ جيڪو پينگهو آهي انهيءَ تي چڱي خاصي جسامت وارو آفيسر سُتل آهي. مون ڪڏهن به ٿلهن ماڻهن خلاف راءِ نه رکي آهي ۽ هن شخص پاران کاڌل مانين تي ته آءُ ڪڏهن به ارهو نه هوس. بهرحال آهستي آهستي مونکي ننڊ اچي وئي.

بي سڪوني ۾ گذريل رات کان پوءِ ڪالم صبح جو سوير مارچ شروع ڪيو. باغين جي نشاني بازي کي ڪوهيڙي آڏ مهيا ڪري ڇڏي هئي ۽ اسين جيئن ئي واهه ٽپي ٻاهر ٿياسين ته انهن فائرن سان اسان کي سلامي ڏيڻ شروع ڪئي. دشمن اسان جي سامهون پٺئين پير ٿيندو هر آڙ جو فائدو وٺندو ٿي ويو. انهن جون گوليون ته جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن کي نه لڳيون پر سموري ڪالم تي اڳتي پٺتي ٿينديون رهيون جنهن سبب مارچ سڀني ماڻهن لاءِ ڏاڍو جاندار ٿي پيو. اسپيني ڪالم جو مهڙ وارو حصو اٺين وڳي کليل ميدان تي نڪري ظاهر ٿيو. اتان ميدان جي شروع کان دشمن جي قطار تائين هڪ ويڪرو رستو هو جنهن جي هڪ طرف تارن جو جهنگلو ۽ ٻئي طرف ننڍڙن سُڪل وڻن جي قطار هئي. انهيءَ رستي جي ٻنهي پاسن کان چيلهه جيتري ڊگهي گهاٽي گاهه جا ميدان هئا. انهيءَ رستي جي اڌ وٽ يعني ميل کن اڳتي ساڄي طرف سو کن پام جي وڻن جو هڪ جهڳٽو بيٺل هو. انهيءَ رستي جي بلڪل پڇاڙيءَ وٽ ۽ انهيءَ سان گونيون ڪنڊون ٺاهيندي هڪ هيٺاهين ڊگهي ٽڪري بيٺل هئي. انهيءَ جي پُٺ تي گهاٽو جهنگ هو. دشمن جو اهو ئي ٺڪاڻو هو ۽ جنرل فوري طور انهيءَ تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

انهيءَ حملي ۾ تمام ساديون تدبيرون ڪم آنديون ويون. جيئن ئي منڍ واري اسپيني بٽالين هيٺ مٿاهين پٽ مان نڪري ٻاهر ٿي ته ان جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ ڪمپني وڃي ٽڙي پکڙي وئي. ڪيولري رستي جي ساڄي طرف هلي وئي ۽ آرٽلري وچ ڏانهن وڌي وئي. جنرل، سندس اسٽاف ۽ ٻه برطانوي مهمان ڏاڍي ڳنڀيرتا سان رستي تي پنجاه وال کن اڳتي وڌي ويا. ٻي بٽالين وري ڪمپنين جي ڪالم جي صورت ۾ توپن جي پٺيان هلڻ لڳي. تقريباً ٽي سو والن تائين ڪا به فائرنگ نه ٿي. پوءِ تمام پراهين چوٽيءَ کان دونهين جا ننڍڙا ننڍڙا ڪيترائي گولا ظاهر ٿيا جن کان فوراً پوءِ رائيفلن جا ٺڪاء شروع ٿي ويا. ائين ٻه دفعا ٿيڻ کان پوءِ دشمن جو فائر لاڳيتو ٿيندو ۽ سندس سموري پوزيشن جي ساڄي ۽ کاٻي طرف پکڙجي ويو. اسپيني انفنٽري هڪ ئي وقت فائر جو جواب ڏيڻ ۽ لاڳيتي اڳتي وڌڻ لڳي. ٻنهي طرفن ڏانهن فائرنگ شديد ٿيندي وئي. اسان جي چوڌاري ڪڏهن شوڪارن جهڙا ته ڪڏهن سيٽيءَ جهڙا آواز اچي رهيا هئا. جنرل ۽ سندس اسٽاف اڳتي وڌندو رهيو ايستائين جو دونهين جي چوٽيءَ وارو جهنگلو فقط چار پنج سو وال پري وڃي بچيو. اسين اتي ويهي رهياسون ۽ ڪا به آڙ وٺڻ يا پاڻ کي لڪائڻ کان سواءِ گهوڙن تي ويٺا انفنٽري جو حملو ڏسندا رهياسين. انهيءَ دوران هوا ۾ سوساٽ لڳا پيا هئا ۽ پام جا وڻ گولين جا ڌڪ کائي وڏا ٽڙڪاٽ ڪري رهيا هئا. اسپيني هاڻي پنهنجيءَ تي اچي ويا هئا ۽ اسين وڏي ڪوشش ڪري ٻاهريون پنو ٺاهيون بيٺا رهياسين. صورتحال ڏاڍي خطرناڪ پئي ڏسڻ ۾ آئي ۽ آءُ اهو ڏسي حيران پئي ٿيس ته ايتري ٺڪا ٺڪ ٿيڻ باوجود به ماڻهو ايترا ٿورا زخمي ڪيئن ٿيا آهن. اسان جي تقريباً ويهن ماڻهن جي گروپ ۾ فقط ٽي يا چار ماڻهو ۽ گهوڙا زخمي ٿيا هئا ۽ ڪو به مئو نه هو. هاڻي آءُ اهو ڏسي سامت ۾ آيس ته مائوزر پستولن[6] جا ٺڪاء ٻين فائرن تي حاوي ٿي ويا هئا ۽ باغين جا فائر گهٽ ٿيندا ٿي ويا. آخرڪار اهي بلڪل ختم ٿي ويا. هڪ وقت ته مون ماڻهن کي ڊوڙندي ڊڪندي وڻن جي آڙ وٺندي به ڏٺو. پوءِ هر طرف ماٺ ٿي وئي. انفنٽري اڳتي وڌي دشمن جي پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو. جيئن ته جهنگ مان گذرڻ جو رستو ئي نه هو تنهنڪري دشمن جي پٺيان لڳڻ ناممڪن هو.

هاڻي جيئن ته اسان جي ڪالم وٽ فقط هڪ ڏينهن جو راشن باقي بچيو هو تنهنڪري اسين ميدان مان نڪرندا La Jicota ڏانهن هليا وياسين. اسپينين جي شان مان جو به ڀرم رهجي ويو ۽ اسان جي هورا کورا به ختم ٿي وئي. ڪالم ڪناري ڏانهن موٽيو ۽ اسين انگلينڊ روانا ٿياسين. اسان نه ٿي سمجهيو ته اسپيني ڪيوبا ۾ پنهنجي جنگ کي جلد پڄاڻي تي پهچائيندا.


 


[1]  اينٽليز: بهاماز کان سواءِ ويسٽ انديز جا ٻيٽ. (سنڌيڪار)

[2]  هڪ قسم جو بخار جيڪو خاص مڇر سبب ٿيندو آهي، ننڍي کنڊ ۾ مختلف دورن ۾ پليگ کان پوءِ هن زرد بخار سبب لکين انسان مئا آهن، هزارين وسنديون ويران پئجي ويون، هڪ انومان اهو آهي ته سنڌو تهذيب جي زوال ۾ ان بخار جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. (ادارو)

[3]  رم ڪاڪٽيل: شراب جو هڪ قسم جيڪو ڪجهه شرابن کي ملائي ٺاهيو ويندو آهي. (سنڌيڪار)

[4]  ميل جو اٺون حصو يا 220 وال- (سنڌيڪار)

[5] ريمنگٽن (1863ع-1793ع) آمريڪي موجد ۽ بندوق ساز. (سنڌيڪار)

[6] پال وون مازر (1914-1838ع) جي نالي پٺيان جنهن 1868ع ۾ پهريون دفعو ڌاتوئي گولي واري بريچ لوڊنگ رائيفل ڊزائين ڪئي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org