سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: منهنجي شروعاتي زندگي

باب-3

صفحو :4

باب ٽيون

امتحان

Examinations

 

سينڊهرسٽ جو داخلا جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ مونکي ٽي دفعا ڪوشش ڪرڻي پئي. امتحان ۾ جملي پنج سبجيڪٽ هئا جن مان رياضي، لاطيني ۽ انگريزي لازمي هئا. فرانسيسي ۽ ڪيمسٽريءَ جي مون پاڻ چونڊ ڪئي هئي. مضمونن جي انهيءَ مجموعي ۾ انگريزي ۽ ڪيمسٽري مون لاءِ ڪوبه مسئلو پيدا نه ڪن ها. لاطيني آءٌ نه ٿي سکي سگهيس. آءٌ انهيءَ جي بلڪل خلاف هوس تنهنڪري منهنجي ذهن جا دروازا انهيءَ لاءِ بند ٿي ويا هئا. لاطينيءَ تي ٻه هزار مارڪون رکيل هيون. آءٌ شايد چار سو کن کڻي سگهيس ٿي! فرانسيسي دلچسپ ته هئي پر ڪجهه پيچيدي هئي ۽ اها انگريزي جي ذريعي سکڻ به مشڪل هئي. اهڙي طرح باقي رياضي وڃي ٿي بچي. پهريون امتحان ٿي وڃڻ کان پوءِ جنگ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ خبر پئي ته محاذ تي ٻي فوج آڻڻ کان سواءِ جنگ کٽي نه سگهبي ۽ دستياب وسيلن ۾ فقط رياضي موجود هئي تنهنڪري ٻي ڪا واٽ نه ڏسي مون انهيءَ ڏانهن توجه ڪيو. مون کي پنهنجي سموري زندگي ۾ مختلف وقتن تي مختصر نوٽيس تي اڻ وڻندڙ سبجيڪٽ کڻڻا پيا آهن. پر آءٌ پنهنجي اخلاقي ۽ فني فتح جو اهو وقت سمجهان ٿو جڏهن مون ڇهن مهينن ۾ رياضي سکي ورتي هئي. آءٌ انهن ٽنهي مصيبتن مان پهرئين ۾ رياضي ۾ 2500 مان 500 کان وڌيڪ مارڪون کڻي نه سگهيو هوس. ٻين ڪوششن ۾ آءٌ لڳ ڀڳ ٻه هزار مارڪون کڻي ويس. منهنجي انهيءَ حاصلات جو هڪ سبب ته منهنجو پنهنجو مرڻ مارائڻ وارو عهد هو جنهن تي ڪيتري به پُٺي ٺپرجي ۽ شاباس ڏجي اها گهٽ هوندي. پر انهيءَ جو ٻيو سبب هيرو جو نهايت ئي مانوارو استاد مسٽر سي- ايڇ- پي- ميو به هو جنهن مون ۾ ڏاڍي شفقت ڀري دلچسپي ورتي. هو مونکي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته رياضي ڪا بي معنى شين جي اهڙي ڌُٻڻ نه آهي جنهن کي پار نه ڪري سگهجي ۽ ٻيو ته رياضي جي کِل جهڙين نشانين پٺيان ڪا معنى ۽ تال ميل به موجود آهي. هن مونکي اهو به يقين ڏياريو ته آءٌ انهن شين جا ڪجهه جهلڪا ۽ ترورا پسي سگهان ٿو.

اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته رياضيءَ مان منهنجو مطلب توهان وٽ ايتري ڄاڻ هئڻ آهي جيتري سول سروس ڪمشنر ڪو بلڪل ابتدائي قسم جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ توهان وٽ هئڻ جي توقع ڪن ٿا. آءٌ سمجهان ٿو ته جن پاڻين ۾ آءٌ ترسيس ٿي اهي سينئر رينگلر (Senior Wrangler) يا انهيءَ علم جي قدرتي ڏات رکندڙ ماڻهن لاءِ ته ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ڀيٽ ۾ بدڪ جي ترڻ لاءِ کڏن مثل هوندا. بهرحال آءٌ جڏهن ٽپو ڏئي پاڻيءَ ۾ لهي پيس ته پنهنجي مقرر اونهائيءَ کان اڳتي نڪري ويس. هاڻي جڏهن آءٌ انهن ڳڻتيءَ سان ڀريل مهينن تي نظر وجهان ٿو ته انهن جون اهم ڳالهيون يادگيريءَ جي تري مان اڀري ٿي بيهن ٿيون. اسين ڏهائي سرشتي ۽ وهنواري اڻپور (Vulgar Fraction) کان اڳتي ٽپي ويا هئاسين ۽ هڪ اهڙي حيرت ڪدي تي اچي پهتاسين جنهن جي دروازي وٽ Quadratic Equation بيٺل هئي. انهيءَ مساوات وري عجيب نموني منهن ٺاهيندي Theory of Indices ڏانهن اشارو ڪيو. انهيءَ وري دخل درمعقولات ڪندڙ بائنوميل ٿيوريم (Binomial Theorem) جي مصيبتن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اڃان اڳتي زرد رنگ جي باهين سان روشن ڪي اونداهان ڪمرا هئا جن جي باري ۾ مشهور هو ته انهن ۾ Differential Calculus نالي ازدها ويٺل آهي. پر اهو راڪاس سول سروس ڪمشنرن پاران مقرر ٿيل حدن کان ٻاهر هو. اسين انهن کان پاسو ڪري وياسين ۽ خوشگوار آبهوا وارن جابلو علائقن ۾ ته نه وياسين پر هڪ عجيب پٽيءَ ۾ وڃي پياسين. جنهن ۾ معمائون ۽ حرفي کيڏن تي ٻڌل ڪي سلسلا هئا جن کي سائين (Sine) ڪوسائين (Cosine) ۽ ٽينجينٽ (Tangent) چيو ٿي ويو. ڏسڻ ۾ انهن کي به وڏي اهميت هئي. خاص طور اهي جڏهن هڪٻئي سان ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ضرب پيا ٿين. انهن ۾ هڪ اها به خاصيت هئي ته انهن جا ڪيترائي مختلف قسم زباني ياد ٿي سگهيا ٿي. منهنجي ٽئين ۽ آخري امتحان ۾ ٽئين مول جي صورت ۾ سائين ۽ ٽينجينٽ بابت هڪ سوال هو جيڪو منهنجي ايندڙ زندگيءَ تي به لازماً فيصلائتو اثر وجهي ها. هاڻي اها ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي پر آءٌ خوش قسمتي سان انهيءَ سوال جو بدصورت منهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڏسي چڪو هوس ۽ پهرئين ئي نظر ۾ ان کي سڃاڻي ويس.

آءٌ انهيءَ مخلوق سان انهيءَ کان پوءِ وري ڪڏهن به نه مليو آهيان. منهنجي ٽئين ۽ ڪامياب امتحان کان پوءِ اهي بخار واري خواب جي وهمي شڪلين وانگر غائب ٿي ويون. مونکي پڪ آهي ته اهي انجنيئرنگ، فلڪيات ۽ اهڙي قسم جي ٻين شين ۾ تمام گهڻي مدد ڏين ٿيون. پليون ۽ ڪينال ٺاهڻ ۽ مادي تي پوندڙ دٻائن ۽ انهن جي امڪاني صلاحيتن کي سمجهڻ جي به ڏاڍي اهميت آهي. ستارن ۽ ڪائناتن جو ڳاڻيٽو ۽ انهن جي فاصلي جي پيمائش، سج ۽ چنڊ گرهڻن جي اڳڪٿي ڪرڻ، پڇڙتاري جي ظاهر ٿيڻ ۽ اهڙين ٻين شين بابت ته ڳالهه ئي نه ڪريو. مون کي ڏاڍي خوشي آهي ته اهڙا به ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي انهن سڀني شين کي پيدائشي طور پسند ڪن ٿا ۽ انهن بابت قدرتي ڏات مليل اٿن. انهن جو مثال شطرنج جي انهن عظيم رانديگرن وانگر آهي جيڪي هڪ ئي وقت اکيون بند ڪري سورنهن سورنهن رانديون کيڏي وڃن ٿا پر جلد ئي پوءِ مرگهيءَ وگهي مري ويندا آهن. انهن سان سهڻو سلوڪ ڪريو! مونکي اميد آهي ته رياضيدانن کي پنهنجي ڪم جو چڱو صلو ملندو هوندو. آءٌ واعدو ٿو ڪريان ته انهن جي ڌنڌي سان غداري نه ڪندس ۽ نه ئي انهن جي وات مان گرهه کسيندس.

مونکي رياضيءَ بابت هڪ دفعو اهو احساس پيدا ٿيو هو ته آءٌ ان کان مڪمل طور واقف ٿي ويو آهيان. انهيءَ جو اونهي کان اونهو تهه منهنجي اڳيان کُلي ظاهر ٿي پيو آهي. مونکي ائين نظر آيو هو جيئن نه ڪير ڏسي ته هڪ مقدار (Quantity) لامحدود (Infinity) مان گذرندو پئي ويو ۽ واڌو مان بدلجي ڪاٽو ٿي رهيو هو. مون بلڪل صحيح نموني ڏٺو ته اهو عمل ڪيئن واقع ٿيو ۽ ڪيئن نه هڪ قدم سان ٻيا سڀ قدم مربوط هئا. اهو سمورو عمل سياست وانگر هو. پر اهي ڳالهيون رات جي ماني کان پوءِ ٿيون هيون تنهنڪري آءٌ انهن بابت وڌيڪ بحث نه ٿو ڪريان.

پر ڪم جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اهو پوڙهو ۽ ٿڪيل روح وارو سول سروس ڪمشنر ٻئين ۽ ٽئين مول ۾ سائين ۽ ٽينجينٽ بابت اهو خاص سوال نه پڇي ها جيڪو مون بمشڪل هڪ هفتو اڳ ذهن ۾ ويهاريو هو ته هن ڪتاب جا ايندڙ باب ڪڏهن به لکجڻ ۾ نه اچن ها ممڪن آهي ته آءٌ وڃي پادري ٿيان ها ۽ پنهنجي دور سان وڏي ٽڪراءَ ۾ ايندڙ سخت گير روايت پسند خطبا پيو ڏيان ها. اهو به ٿي سگهي پيو ته آءٌ لنڊن جي ڪاروباري دنيا ۾ هليو وڃان ها ۽ وڏي دولت ڪمايان ها. هڪ صورت اها به هئي ته آءُ برطانيه جي نو آبادين يا جيئن هاڻي انهن کي Dominions سڏيو وڃي ٿو. انهن کي مطمئن رکڻ يا انهن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ جون اميدون کڻي اوڏانهن هليو وڃان ها ۽ لنڊسي گورڊن يا سيسل رهوڊز[1] (Cecil Rhodes) وانگر ڪو سنسني خيز ڪيريئر اختيار ڪريان ها. مون پاران وڪالت ڏانهن ڇڪجي وڃڻ جو به امڪان هو ۽ هاڻي جيڪي ماڻهو پنهنجا ڏوهاري لاڙا لڪايون آرام سان ويٺا آهن اهي ممڪن آهي ته مونکي وڪيل ڪري ڦاسيءَ جي تختي تي پهچي وڃن ها. بهرحال جيڪا به صورتحال هجي ها منهنجي سموري زندگيءَ جو رُخ تبديل ٿيل هجي ها ۽ اها آءٌ سمجهان ٿو ته ٻين ڪيترين حياتين جا رُخ تبديل ڪري ڇڏي ها ۽ ائين تبديلين جو سلسلو هلندو رهي ها!

پر هاڻي لڳي ٿو ته اسين رياضيءَ ڏانهن واپس موٽي رهيا آهيون. جنهن کي مون سن 1894ع ۾ هميشه لاءِ ڇڏي ڏنو هو. بهرحال ايترو چوڻ ڪافي آهي ته انهيءَ سول سروس ڪمشنر اهو خاص سوال امتحان ۾ ڏئي گهٽ ۾ گهٽ منهنجي صورت ۾ ته سڀني واقعن کي هڪ ترتيب ۾ آڻي ڇڏيو. مون کي انهيءَ کان پوءِ به سول سروس ڪمشنرن کي ڏسڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي. مون اهي جيئرا جاڳندا ڏٺا آهن. ويندي مون انهن جي سربراهه کي به نوڪريءَ تي مقرر ڪيو آهي. آءٌ انهن کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو ۽ انهن جي عزت ڪريان ٿو ۽ اسين سڀ انهن جي عزت ڪندا آهيون پر ڪير به (اهي پاڻ ته ڪڏهن به نه) اهو اندازو نه ڪري سگهندو ته اهي انساني معاملن ۾ ايترو فيصلائتو ۽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. انهن ڳالهين مان آءٌ انسان پاران پنهنجي معاملن ۾ آزاد هئڻ (freewill) يا تقدير آڏو بيوس هئڻ (Predestination) بابت پنهنجي سوچ جي نتيجي تي پهتو آهيان. ڀلي ته پڙهندڙ به اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ته اهي ٻئي ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن.

مونکي پوپٽن سان سدائين محبت رهي آهي. يوگنڊا ۾ مون ڏاڍا سهڻا پوپٽ ڏٺا هئا جن جي پرن جا رنگ نظر جي زاويي مطابق ڳاڙهاڻ مائل ڀوري کان تيز نيرا ٿيندا رهندا هئا. برازيل ۾ جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته اهڙي قسم جا اڃان وڏا ۽ وڌيڪ رنگن وارا پوپٽ ٿيندا آهن انهن ۾ رنگن جو تضاد انتها درجي جو ٿيندو آهي. توهان جي ذهن ۾ هڪٻئي کان ايترا مختلف رنگ اچي ئي نه ٿا سگهن. پر اهو هوندو ساڳيو ئي پوپٽ. پوپٽ اصل حقيقت آهي جيڪو ڪڏهن ته چمڪندو، تجلا ڏيندو، پرڙا ڦڙڪائيندو ۽ هڪ لمحي لاءِ پنهنجا پر مڪمل طور کولي سج جي آڏو ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ وري جهنگ جي پاڇن ۾ گم ٿي ويندو. توهان آزاد ارادي ۾ يقين رکو ٿا يا تقدير پرست آهيو سمورو دارومدار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته توهان سندس پرن جي ڪهڙي رنگ تي ترڇي نظر وڌي جيڪي حقيقت ۾ هڪ ئي وقت گهٽ ۾ گهٽ ٻه رنگ آهن. پر آءٌ مابعد الطبعيات جي کڏ ۾ ڪرڻ لاءِ رياضيءَ تان دستبردار نه ٿيو آهيان. اچو ته پنهنجي بيان ڏانهن واپس ٿيون.

آءٌ جڏهن سينڊهرسٽ جي امتحان ۾ ٻيو دفعو ناڪام ٿيس ته مون هيرو کي الوداع چئي ڇڏيو ۽ هڪ رٽائي (Crammer) اداري کي اميد جو آخري ڪرڻو سمجهندي ان جي حوالي ڪيو ويس. ڪيپٽن جيمس ۽ سندس باصلاحيت ساٿي ڪرامويل روڊ تي اهو ادارو هلائيندا هئا. انهيءَ بابت چيو ويندو هو ته ڪير پيدائشي بيوقوف نه هجي نه ته انهيءَ اداري مان آرميءَ جو امتحان پاس ڪرڻ ۾ گُسي نه ويندو. انهيءَ اداري سول سروس ڪمشنرن جي ذهنيت جو سائنسي مطالعو ڪيو هو. انهن کي ڄڻ ته ڪنهن ديني حڪم جهڙي حتميت وانگر پڪ هوندي هئي ته اهڙي قسم جا ماڻهو ڪنهن خاص سبجيڪٽ مان سراسري طور ڪهڙا ڪهڙا سوال پڇندو. انهيءَ اداري وارا انهن سوالن ۽ انهن جي جوابن جي تياريءَ ۾ خصوصي مهارت رکندا هئا. اهي تترن جي ولر جي بلڪل وچ تي بندوق جا ڪيترائي ڪارگر فائر ڪندا ويندا هئا ۽ سندن شڪار جو انگ سراسري طور گهڻو ۽ يڪسان بيهندو هو. ڪيپٽن جيمس – جيڪر هو پاڻ انهيءَ حقيقت کان واقف هجي ها- حقيقت ۾ ايجادي ذهن جو مالڪ هو ۽ اها سوچ سڀ کان اڳ سندس ئي ذهن ۾ آئي جنهن کي پوءِ جي موجدن Artillery Barrage جي شڪل ڏني ۽ اهو طريقو جنگ عظيم ۾ ڪم آيو. هو ڏسندو هو ته ڪهڙن علائقن ۾ دشمن جا وڌ کان وڌ سپاهي موجود آهن پوءِ هو ڏاڍي خبرداريءَ سان چونڊيل جاين تان انهن علائقن تي فائر ڪندو ويندو هو. اهڙي صورت ۾ کيس پنهنجو شڪار حاصل ڪرڻ لاءِ في ايڪڙ في ڪلاڪ تي فقط ڪجهه مقرر انگ ۾ گولا فائر ڪرڻا پوندا هئا. هن کي دشمن جا سپاهي اکين سان ڏسڻ جي به ضرورت نه هوندي هئي. کيس پنهنجن گولا اندازن کي فقط مشق ڪرائڻي پوندي هئي. اهڙيءَ طرح هو سال بسال گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڏهاڪن تائين اهڙن رٽي باز (Crammer) ادارن جو اڳواڻ بڻيو رهيو. هو تمام ڏکيا ڪيس به وٺندو هو ۽ سو سيڪڙو گارنٽي سا نه ڏيندو هو باقي هر صورت ۾ ڪاميابي جو چڱو خاصو امڪان هوندو هو.

بهرحال مون اڃان جڏهن انهيءَ زياده پيداواري پولٽري فارمنگ جي مشهور سرشتي مان ملندڙ فائدي مان بهرو وٺڻ شروع ئي مس ڪيو ته آءٌ هڪ انتهائي شديد حادثي جو شڪار ٿي ويس.

منهنجي پڦي ليڊي ومبورن اسان کي سندن بورن مائوٿ واري پُر آسائش جاگير سيارو گذارڻ لاءِ ڏني هئي. انهيءَ تي چاليهه يا پنجاهه ايڪڙن تي ديال جا وڻ هوندا هئا جن جي لڳو لڳ واريءَ جا دڙا هوندا هئا جيڪي انگلش چينل جي هموار ڪناري تي ٽڪرين تي وڃي دنگ ڪندا هئا. اهو سمورو علائقو هڪ ننڍڙي جهنگ جو ڏيک ڏيندو هو ۽ انهيءَ جي وچ تي سمنڊ جي سطح برابر هڪ ڦاٽ هوندو هو. انهيءَ ڦاٽ تي تقريباً پنجاهه وال ڊگهي هڪ سادي پل وڌل هوندي هئي. منهنجي عمر تڏهن لڳ ڀڳ ارڙهن ورهيه هئي ۽ آءٌ گهر موڪلن تي آيل هوس. منهنجي ٻارنهن سال عمر واري ڀاءُ ۽ چوڏنهن سال عمر واري هڪ سوٽ رايو ڏيکاريو ته آءٌ ڀڄان ته هو مونکي پڪڙين. هاڻي انهن کي منهنجي پويان لڳندي ويهه منٽ ٿي ويا هئا ۽ آءٌ سهڪي به پيو هوس جو اچي پل تان لنگهيس. وچ پل تي اچي جو ڏسان ته منهنجون وايون بتال ٿي ويون. جو مون مونکي پڪڙيندڙ ٻئي ڄڻا پُل جا ٻئي پاسا جهليو بيٺا هئا. هاڻي پڪڙجڻ يقيني هو. پر هڪ لمحي ۾ منهنجي ذهن ۾ هڪ وڏو منصوبو اچي ويو. جنهن ڦاٽ مٿان پل رکيل هئي اهو صنوبر جي ننڍڙن ننڍڙن وڻن سان ڀريو پيو هو. انهن جون سنهڙيون چوٽيون پل جي رستي جي سطح تي پهچي رهيون هيون. مون دل ۾ سوچيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته آءٌ ٽپ ڏئي انهن مان هڪ ٽاريءَ تي پهچان ۽ ٿنڀي جهڙي ٿڙ تان ترڪندو ٽاريون ڀڃندو وڃي هيٺ پهچان. اهي پور پچائيندو، هيٺ ڏسندو، حساب ڪندو ۽ سوچ ويچار ڪندو رهيس. انهيءَ دوران آءٌ پل جي ڀتڙيءَ تي چڙهي چڪو هوس. منهنجا ننڍڙا تعاقب ڪندڙ اچرج ۾ وٺجي پل جي ٻنهي پاسن کان بيٺا رهيا. هاڻي گُهت هڻان يا نه هڻان اهو ئي سوال منهنجي آڏو هو. هڪ سيڪنڊ ۾ مون هيٺ لمڪو ڏنو ۽ صنوبر جي وڻ جي چوٽيءَ کي پڪڙڻ لاءِ ٻانهون کولي ڇڏيون. منهنجي سوچ ته درست هئي پر انگ اکر غلط هئا. مون کي ٽن ڏينهن کان پوءِ هوش آيو ۽ بستري تان گهلجي سهلجي اٿڻ ۾ ٽي مهينا لڳي ويا. آءٌ اوڻٽيهه فوٽ مٿان اچي هيٺ سخت پٽ تي ڪريو هوس. وڻ جي ٽارين بلاشڪ ته ڪجهه نه ڪجهه مدد ڪئي. منهنجي ماءُ کي جو ٻارن خطري جهڙو پيغام ڏنو ته ”هو پل تان هيٺ ڪري پيو آهي اسان سان ڳالهائي به ڪو نه ٿو“. ته هوءَ ڊوڙندي آئي ۽ پاڻ سان برانڊي به آندائين جنهن جو اهڙي موقعي تي ڪو ڪارج ئي نه هو. منهنجي مائٽن جو اهو اصول هو ته شديد حادثي يا بيماريءَ جي صورت ۾ پئسن کي خاطر ۾ نه آڻيندي سڀ کان سٺي طبي امداد حاصل ڪئي وڃي. سو ناميارا اسپيشلسٽ ڊاڪٽر اچي منهنجي بستري تي بيٺا. آءٌ پوءِ جڏهن هوش ۾ آيس ته انهن ڊاڪٽرن کي مليل ڳرين فين بابت ٻڌي افسوس به ٿيو ته خوش به ٿيس. منهنجو پيءُ تڏهن ڊبلن ۾ لارڊ فٽزگبن جي ڪنهن وقت ۾ مشهور پارٽين ۾ ڪرسمس جون موڪلون گذاري رهيو هو. هو به اها خبر ٻڌي تڪڙو موٽيو ۽ گهر ۾ لنڊن جو سڀ کان وڏو سرجن به گڏ وٺيو آيو. مونکي ٻيا زخم اچڻ سان گڏ منهنجو گردو به ڦاٽي پيو هو. هاڻوڪي پڙهندڙ کي هن ڪهاڻي لاءِ هڪ ته سرجن جي مهارت ۽ ٻيو ته منهنجي پنهنجي زنده رهڻ جي پڪي ارادي جو ٿورائتو هئڻ گهرجي. پر آءٌ هڪ سال تائين زندگيءَ کي ڪجهه قدر ڪنڊائتو ٿي ڏسندو رهيس. انهن ڏينهن ۾ ڪارلٽن ڪلب ۾ هڪ چرچو به مشهور ٿي ويو هو ته ”ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته رنڊولف جو پٽ شديد حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي؟ هائو! Follow my leader   واري راند پئي کيڏيائين. پوءِ ته ڏاڍو چڱو. انهيءَ طريقي ۾ رنڊولف کي ڪوبه ڏک نه پهچندو.“

*      *      *      *

سن 1892ع جي اونهاري ۾ ٿيل چونڊن ۾ يونينسٽ (Unionist)  حڪومت کي چاليهن ووٽن تي شڪست اچي وئي ۽ مسٽر گليڊ اسٽون آئرش قومپرستن جي مدد سان حڪومت ۾ اچي ويو هو. نئين پارليامينٽ حڪومت جي تبديليءَ لاءِ اجلاس هلائڻ کانپوءِ انهن ڏينهن جي ڏاهپ ۽ موزونيت تي ٻڌل طريقي مطابق ڇهن مهينن لاءِ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. عوام کي 1893ع جو سيشن ۽ هوم رول جدوجهد جو باب نئين سر کُلڻ جو ڏاڍي شدت سان انتظار هو. اسان جي گهراڻي کي اهڙي حڪومت جي شڪست تي فطري طور ايترو گهڻو افسوس نه ٿيو هو جنهن بابت منهنجي پيءُ هڪ دفعو هي لفظ چيا هئا ته ”اها حڪومت ۽ پارٽي پنجن سالن تائين منهنجي خلاف بهتان بازي ۽ افواهه سازي ڪندي رهي ۽ منهنجو بائيڪاٽ ڪيو.“ حقيقت اها آهي ته اسانجو سمورو ڪٽنب پنهنجين ڪيترين ئي سگهارين شاخن ۽ سڀني دوستن سميت ڀرپور اميد سان نئين صورتحال ٺهڻ جي انتظار ۾ هو. ماڻهن جو خيال هو ته هو مخالف ڌر ۾ رهندي پارليامينٽ ۽ پنهنجي پارٽيءَ ۾ اهو عروج حاصل ڪري وٺندو جيڪو هن ڇهه سال اڳ استعفا ڏئي وڃائي ڇڏيو هو.

پر آءٌ ئي سڀ کان وڌيڪ شوق سان اهي اميدون دل سان لايون ويٺو هوس. آءٌ ماضيءَ ۾ جيتوڻيڪ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي نه سگهندو هوس پر اهو ناممڪن هو ته اهڙين حالتن ۾ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ پرورش پائيندي- سندس ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏ رهڻ جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. ڪير اها ڳالهه نه سمجهي سگهي ته هڪ وڏي سياسي مصيبت اچي چڪي آهي. انهيءَ موضوع بابت ٻاهرين ماڻهن، ٻارن ۽ نوڪرن جي موجودگي ۾ لازمي طور رازداري ۽ عزت ۽ وقار جو خيال رکيو ويندو هو. مونکي فقط هڪ دفعو ياد آهي ته منهنجي پيءُ پنهنجي حالت بابت شڪايت جو هڪ لفظ منهنجي سامهون ڳالهايو هو ۽ اهو به فقط هڪ گهڙيءَ پلڪ لاءِ. هن منهنجي سامهون پنهنجو پردو فقط هڪ دفعو هٽايو هو. اهو سن 1892ع جي سرءُ جي مند ۾ اسانجي نيو مارڪيٽ واري گهر جو واقعو آهي. ٿيو ائين هو جو گهر جي لان ۾ سندس ڪمري جي درين هيٺان هڪ سهو اچي ويٺو هو ۽ مون ان تي دونالي بندوق سان فائر ڪري سندس ڇرڪ ڪڍي وڌو هو. انهيءَ تي هو ڪاوڙ ۾ اچي ويو هو ۽ پريشان ٿي ويو هو. انهيءَ تي هن مون تي وَٺُ ڪئي هئي. پر هن فوراً محسوس ڪري ورتو ته مونکي ڏک پهتو آهي. تنهنڪري هن موقعي مان فائدو وٺندي مون سان ڳالهائي ٻولهائي منهنجو اعتماد بحال ڪيو. هن مون سان زندگيءَ ۾ ٽي يا چار دفعا بي تڪلف نموني ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. انهن مان هڪ موقعو اهو ٿيو هو. هن مونکي تفصيل سان سمجهايو ته ڪيئن وڏي عمر جا ماڻهو هر وقت ننڍن جو لحاظ نه رکي سگهندا آهن. انهن جو ذهن پنهنجن پنهنجن ئي معاملن ۾ رُڌل رهندو آهي ۽ ممڪن آهي ته اهي ڪنهن اوچتي چڙ يا خفگي تي کهرو به ڳالهائي وجهن. هن چيو ته هو اهو ڏسي خوش ٿيو آهي ته مونکي شڪار سان رغبت آهي ۽ اهو ته هن اهو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي ته اسانجي ننڍڙي ملڪيتي ايراضيءَ تي جيڪي تتر هجن آءٌ پهرئين سيپٽمبر تي انهن جو شڪار ڪريان. پوءِ هو اسڪول ۽ فوج ۾ وڃڻ ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڏي عمر واري زندگيءَ بابت تمام وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو. هو ٿور ڳالهائڪ ۽ الڳ ٿلڳ رهندڙ هو ۽ سندس انداز ۾ آيل اوچتي تبديليءَ تي حيران ٿي آءٌ کيس ٻڌندو رهيس. آءٌ وائڙو ٿي ويو هوس ته هن منهنجن سڀني معاملن بابت گهرائي سان ڄاڻ رکي ٿي. آخر ۾ اهو به چيائين ته اها ڳالهه ياد رکج ته منهنجا معاملا هميشه درست رخ ۾ نه ٿا هلن. منهنجي کنيل هر قدم مان غلط مطلب ڪڍيو وڃي ٿو ۽ منهنجي هر لفظ کي غلط معنى پهرائي وڃي ٿي.... تنهنڪري اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکندي مونکي ڪجهه رعايت ڏجانءِ.

قدرتي طور آءٌ سندس شديد حامي هوس ۽ مسز ايوريسٽ به پنهنجي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ سندس طرفداري ڪندي هئي. هوءَ هاڻي منهنجي ڏاڏي جي گهر 50- گروس وينر اسڪائر جي هائوس ڪيپر ٿي وئي هئي ۽ اسين سڀ به خرچ بچائڻ لاءِ اتي وڃي رهيا هئاسين. هو ويهه ورهيه ديانت سان نوڪري ڪرڻ کان پوءِ پينشن تي لٿي ته پنهنجي سموري ميڙي چونڊي منهنجي پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيائين. منهنجو پيءُ خاص گهوڙي گاڏي ۾ چڙهي نيو ڪورٽ ۾ لارڊ روٿس چائيلڊ وٽ مانجهاندي تي ويو ۽ اهي پئسا اتي تمام حفاظت ۽ فائدي واري کاتي ۾ سيڙائي آيو. مونکي چڱي طرح خبر هئي ته ڪنزرويٽو پارٽي جو پوڙهن جو ٽولو ڊگهو عرصو انهيءَ ڪري حڪومت ۾ رهيو هو جو هو ذاتي طور وڙهيو هو ۽ ٽوري جمهوريت کي نئين سر جياريو هو. پر هن کان پهرئين لغزش ٿيندي ئي هو ڪنهن به مروت ۽ مڃوتيءَ جي احساس کان وانجهجي ويا. اسين ته ظاهر آهي ته انتظار ۾ هئاسين ته هو طاقت ۽ اختيار جي قلعي کي نئين سر فتح ڪري. اسين ننڍپڻ ۾ ڏسندا هئاسين ته گهٽين ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو هن کي ڏسي احترام ۾ پنهنجا ٽوپلا لاهي هٿن ۾ ڪندا هئا ۽ مزدور مڙا سندس وڏن شهپرن تي نظر پوندي ئي مسڪرائڻ لڳندا هئا. آءٌ سالن جا سال هن پاران چيل ۽ اخبارن ۾ هن بابت ڇپيل هڪ هڪ لفظ پڙهندو رهيس. هو جيتوڻيڪ پرائيويٽ ميمبر هوندو هو ۽ بلڪل الڳ ٿلڳ رهندو هو ته به سندس گفتگو توڙي جو اها ننڍي کان ننڍي بازار ۾ ٿي هجي اها اخبارن ۾ لفظ بلفظ ڏني ويندي هئي ۽ سندس وات مان نڪتل هر هڪ گفتي جي تڪ تور ڪئي ويندي هئي ۽ ان ۾ لڪل معنائون ڳولهيون وينديون هيون. هاڻي لڳو ٿي ته وري سندس وارو اچي ويو هو.

مون کي بيماري ۾ لنڊن کڻائي ويا هئا ۽ آءٌ 1873ع جي سياسي واقعن کي بستري تان ڳُوڙهي دلچسپي سان ڏسندو رهيس. انهيءَ لاءِ مونکي حالتون سازگار مليون هيون جو منهنجي ماءُ جيڪو ڪجهه ٻڌندي هئي اهو تفصيل سان مونکي ٻڌائيندي هئي. ۽ ٻيو ته مسٽر ايڊورڊ مارجوري بينڪس جيڪو پوءِ لارڊ ٽئيڊ مائوٿ (TWEED MOUTH) ٿيو ۽ مسٽر گليڊ اسٽون جو چيف وهپ هو اهو منهنجي پڦي فيني (FANNY) جو مڙس هو. اقتدار مان ڊگهو عرصو نيڪاليءَ کان پوءِ لبرل پارٽي اقتدار ۾ واپس اچي جيڪو اطمينان محسوس ڪري رهي هئي انهيءُ ۾ اسين به پري کان شريڪ هئاسين. اسين گهٽ ۾ گهٽ انهن جي ڪجهه خدشن ۽ اميدن کان واقف هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سياست مونکي ڏاڍي اهميت واري ۽ ڏاڍي صاف ۽ چٽي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. سياست کي رُخ ڏيندڙ مدبر به وڏي ذهانت ۽ اعلى شخصيتن جا مالڪ هوندا هئا. مختلف حيثيتون رکندڙ اعلى طبقي جا ماڻهو انهيءَ ۾ هڪ عادت ۽ ذميواريءَ طور بهرو وٺندا هئا ۽ نوڪريون ڪندڙ طبقو ڀلي انهن کي ووٽ جو حق هجي يا نه انهيءَ ۾ هڪ مشغلي طور حصو وٺندو هو. اهي قومي مسئلن ۾ ايتري ئي دلچسپي وٺندا هئا ۽ عوامي نمائندن جي هلت چلت بابت به اهڙي ئي تُز راءِ رکندا هئا جهڙي اڄ ڪلهه جا ماڻهو ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال بابت رکن ٿا. اخبارون به ڏاڍي نيازمنديءَ سان انهيءَ ئي ڳالهه بابت خبرون ڏينديون هيون جنهن هڪ ئي وقت ڏاڍي سلجهيل ۽ عوامي ذوق جو درجو رکيو ٿي.

آءٌ جيئن ته بيمار ٿيو بستري تي پيو هوندو هوس ۽ منهنجي هر ڳالهه پوري ڪئي ويندي هئي. انهيءَ مان مونکي اهو موقعو مليو ته مون ٻيا سڀ ڪم ڇڏي مسٽر گليڊ اسٽون جي آخري پارليامينٽري جنگ جو غور سان جائزو وٺڻ شروع ڪيو. حقيقت اها آهي ته اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ انهيءَ ڀوائتي امتحان کان به وڌيڪ جاءِ والاريو بيٺي هئي. امتحان جو اهو منهنجو آخري موقعو هو ۽ آگسٽ مهيني ۾ سر تي اچي پهتو هو. وقت گذرڻ سان گڏ مونکي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته منهنجي پيءُ جون تقريرون هاڻي اهڙيون معياري نه رهيون آهن جهڙيون اڳ هونديون هيون. کيس جيتوڻيڪ ڪجهه شاندار ڪاميابيون مليون پر مجموعي طور ڏسڻ ۾ پئي آيو ته هو بمشڪل پنهنجي حيثيت برقرار رکيون بيٺو آهي. منهنجي دل ۾ اها تمنا پيدا ٿيڻ لڳندي هئي ته آءٌ جيڪر وقت سر وڏو ٿي سندس مدد ڪري سگهان. مونکي خبر هئي ته هو اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو لطف اندوز ٿئي ها. پر منهنجي ذهن ۾ آسٽن چيمبرلين هوندو هو جنهن کي پنهنجي پيءُ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي لڙڻ جي اجازت ملي هئي ۽ آءٌ هربرٽ گليڊ اسٽون بابت سوچيندو هوس جيڪو گرانڊ اولڊ مئن جو شاه بلوط جا وڻ ڪٽڻ ۾ مددگار ٿيو هو ۽ هر جاءِ تي هن سان گڏ هوندو هو. آءٌ اهي ڏينهن اچڻ جا خواب پيو ڏسندو هوس جڏهن ٽوري جمهوريت هڪ هٿ سان ”پوڙهن جي ٽولي“ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندي ۽ ٻئي هٿ سان (Radicals) کي شڪست ڏيندي.

انهيءَ سال آءٌ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ پارليامينٽري جنگ جي ڪيترين ئي سرگرم شخصيتن سان مليس. سندس ٽيبل تي ڪڏهن گهڻو ڪري ڪڏهن رات ته ڪڏهن منجهند جي مانيءَ تي نه فقط دوست ۽ شريڪ ڪار پر مخالف به ايندا هئا ۽ پنهنجي دور جي ٻرندڙ مسئلن تي دوستاڻي نموني خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. مسٽر بالفور، مسٽر چيمبرلين، مسٽر ايڊورڊ ڪارسن، لارڊ روزبيري، مسٽر ايسڪئيٿ، مسٽر جان مورلي ۽ ٻين ناميارن وزيرن سان آءٌ پهريون ڀيرو تڏهن مليس. هي ماڻهو جتي رهندا هئا اها هڪ تمام وڏي دنيا لڳندي هئي. اهڙي دنيا جتي اعلى اصولن جي حڪمراني هئي يا کڻي چئجي ته اها وڏي دنيا اهڙو آکاڙو هئي جتي جيتوڻيڪ مرڻ مارڻ تائين ڳالهه پهچندي هجي يا هٿيارن ۾ بارود به ڀريل هجي پر اهڙي حالت ۾ به مُروت ۽ خوش اخلاقي کي هٿان نه ڇڏيو ويندو هو ۽ ٻئي ڌريون هڪٻئي جي عزت ڪنديون هيون. پر آءٌ سماجي هلت چلت جو اهو رُخ تڏهن ڏسي سگهندو هوس جڏهن منهنجي پيءُ وٽ يا ته تمام گهرا دوست ويٺا هوندا هئا يا تمام وڏي سياسي اهميت رکندڙ شخصيتون مهمان ٿي اينديون هيون. مون اها ڳالهه به ٻڌي آهي ته منهنجو پيءُ غيرجانبداريءَ وارن مسئلن تي ناقابل يقين حد تائين سخت گير ٿي ويندو هو ۽ تمام کهرو يا بي مُروتي سان ڳالهائي ماڻهن جي بيعزتي ڪري وجهندو هو. تنهنڪري هن کي چڱيءَ طرح نه سڃاڻيندڙ ماڻهو هن جي ويجهو ويندي وڏو احتياط ڪندا هئا يا چڱيءَ طرح هٿياربند ٿي ايندا هئا.

جيئن ئي منهنجي صحت ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي ته مون هائوس آف ڪامنز وڃي اتي ٿيندڙ وڏا بحث مباحثا ٻڌڻ شروع ڪيا. مسٽر گليڊ اسٽون جڏهن هوم رول بل جي ٻين پڙهڻي تي بحث سميٽي رهيو هو ته آءٌ هٿ پير هڻيDistinguished Strangers Gallery  ۾ داخل ٿي ويس. مون کي اهو منظر ۽ ان جا ڪجهه واقعا چڱي طرح ياد آهن. گرانڊ اولڊ مئن ڪنهن وڏي سفيد باز وانگر هڪ ئي وقت خونخوار ۽ شاندار لڳي رهيو هو. سندس جملا شان شوڪت سان ادا ٿي رهيا هئا ۽ سڀ ماڻهو سندس چپن ۽ هٿن جي اشارن تي نظرون ڄمايون ويٺا هئا ۽ موقعي جي مناسبت سان داد ڏيڻ يا ٺٺول ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا هئا. هو پنهنجي تقرير جي هڪ ڏاڍي اهم ٽڪري جي عروج تي هو ۽ ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن نه لبرل پارٽي جيڪو به مقصد هٿ ۾ کنيو آهي ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو آهي. پر انهيءَ دوران هن کان هڪ چڪ ٿي وئي. هن چيو ته: ”اهڙو ڪوبه مقصد مشڪل سان هوندو جنهن لاءِ لبرل پارٽي ايترو ڀوڳيو هوندو يا ايتري هيٺ لهي آئي هوندي.“ انهيءَ تي ٽورين جيڪي ته خوشيءَ مان ٽپا ڏنا ۽ هوڪرا ڪيا! پر مسٽر گليڊ اسٽون پنهنجي ساڄي هٿ کي لوڏيندي ۽ آڱريون باز جي چنبي وانگر پکيڙيندي هل هنگامو ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ”پر اسين وري اٿي کڙا ٿيا آهيون....“

مسٽر چيمبرلين جي پٽ آسٽن پاران پارليامينٽ ۾ پهرئين تقرير ڪرڻ تي هن کيس جيڪو خراج تحسين پيش ڪيو انهيءَ جو به آءٌ اکين ڏٺو شاهد آهيان. هن چيو هو، ”آءٌ انهيءَ تقرير جي ڪا تفصيلي واکاڻ نه ڪندس. اها تقرير هڪ پيءُ جي دل کي ڏاڍي پياري لڳي هوندي ۽ ان کي ڏاڍي فرحت ڏني هوندائين.“ آءٌ گيلري جي فرش تي جنهن جاءِ تي ڄُڪيو ويٺو هوس اتان جهنگلي جي پاون منجهان منهنجي نظر هئي ۽ انهن لفظن مسٽر چيمبرلين تي بروقت جيڪو اثر پيدا ڪيو هو اهو به مون ڏٺو هو. هن کي ڄڻ ته ڪنهن گولي هڻي ڪڍي هئي. هن جو بي رونق ۽ هيڊو منهن جذبي سان ڀرجي گلابي ٿي ويو هو. انهيءَ جذبي کي هو ضبط هيٺ رکي نه سگهيو هو يا ته پاڻ اهڙي ڪوشش نه ڪئي هئائين. هو پنهنجي نشست تان اڌ اٿي بيٺو ڪنڌ ٿورو جُهڪايائين ۽ پوءِ مٿو هيٺ ڪري ڪٻو ٿي بيهي رهيو. اهي لفظ ڀلي ڪيترا به سٺا ڇو نه هجن پر لکت ۾ اچڻ کان پوءِ انهن ۾ ڪا ايتري وڏي ڳالهه نه ٿي لڳي. اصل اهميت انهن لفظن جي طرز ادا کي هئي جنهن هڪ گهڙي لاءِ ته سالن جي شديد دشمنين کي لوڙهي ڇڏيو.

ٻيو دفعو جڏهن آءٌ گيلري ۾ ويٺو هوس ته مون پنهنجي پيءُ ۽ سر وليم هار ڪورٽ ۾ ڪجهه شديد جملن جي ڏي وٺ ٻُڌي هئي. سر وليم لڳو ٿي ته جواب ڏيڻ وقت تمام ڪاوڙ ۾ ڀريل هو ۽ ڪجهه نا واجبي ڪئي هئائين پر مونکي حيرت تڏهن لڳي جڏهن ڪجهه ئي منٽ پوءِ هو منهنجي ڀرسان اچي بيٺو ۽ چهري تي هڪ وڏي مُرڪ سجائي پنهنجو تعارف ڪرائيندي مون کان پڇيائين ته انهيءَ سموري معاملي بابت مون ڇا ٿي ڀانيو؟

هاڻي هڪ طرف منهنجي حادثي کانپوءِ پيدا ٿيل ڪمزوري هئي ٻئي طرف اهي سياسي جوش خروش هئا. انهن جي موجودگيءَ ۾ ڪيپٽن جيمس کي مونکي امتحان لاءِ تيار ڪرڻ جو ڪو چڱو موقعو نه ملي سگهيو. ته به منهنجي ٽئين ڪوشش ڪجهه قدر بهتر ڪاميابي آندي. آءٌ سينڊهرسٽ ۾ ڪيولري (گهوڙيسوار دستي) ڪيڊٽ لاءِ پاس ٿي ويس. جيئن ته ڪيولري ۾ رهندي خرچ تمام گهڻو ايندو هو انهيءَ ڪري انفنٽري لاءِ مقابلو تمام سخت هو. لسٽ جي آخر وارن کي ڪيولري ۾ سولي داخلا جي آڇ ڪئي وئي. آءٌ امتحان پاس ڪرڻ تي ڏاڍو خوش هوس. گهوڙي تي چڙهي فوجي ڪم ڪار ڪرڻ جو سوچي آءٌ ته اڃان وڌيڪ خوش پئي ٿيس! آءٌ گهوڙيسواري ۽ پنڌ گهمڻ جي نسبتي فائدن بابت اڳي ئي هڪ خاص رايو ٺاهي چڪو هوس. پنهنجو جدا گهوڙو هئڻ سان ڪيڏو نه مزو ايندو ۽ ڪيولري وارن جون ورديون به پيدل وارن کان تمام گهڻيون شاندار هونديون هيون. اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکندي مون پنهنجي پيءُ ڏانهن بي تڪلف نموني هڪ خط لکيو. مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هن جو رايو مختلف هو . آءٌ جو انفنٽري لاءِ پاس نه ٿيو هوس انهيءَ کي هن بيعزتيءَ جي ڳالهه سمجهيو هو. هن سوچي ڇڏيو هو ته آءٌ 60th Rifles  رجمينٽ ۾ ويندس. اها چئن بٽالينن تي مشتمل هڪ مشهور رجمينٽ هئي ۽ انهن جي وردي جيتوڻيڪ ڪاري رنگ جي هوندي هئي پر ڪالرن ۽ ڪفن تي ڳاڙهي رنگ جي پٽي هوندي هئن. هن چيو هو ته ”انهي رجمينٽ ۾ وڃڻ سان توکي ڀُونوچ سمنڊ جي ڇانوڻيءَ ۾ ٻه يا ٽي سال نوڪري ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو ۽ اهڙي طرح انديا ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ تو ۾ ذهني پختگي به اچي ويندي. لڳي ٿو ته هن انهيءَ رجمينٽ جي ڪرنل انچيف ڊيوڪ آف ڪوناٽ ڏانهن خط لکي ڇڏيو هو جنهن ۾ اهو رايو ڏيکاريو هئائين ته آءٌ دير سوير سندس رجمينٽ ۾ شامل ٿيا. انهيءَ خط جي کيس هاڪار ۾ موٽ ملي هئي. هاڻي اهي سڀ رٿائون درهم برهم ٿي رهيون هيون ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ وڏي خرچ ۽ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو جو هاڻي ڊيوڪ جي رجمينٽ ۾ وڃڻ جو سوال ئي نه رهيو  ۽ ڀُونوچ سمنڊ واري ڇانوڻي ۾ ڪيولري جي ضرورت ئي نه هوندي آهي. منهنجي پيءُ هڪ دفعو چيو هو ته ”انفنٽريءَ ۾ فقط هڪ ماڻهو رکڻو پوي ٿو جڏهن ته ڪيولريءَ ۾ ماڻهو سان گڏ گهوڙو به رکڻو پوي ٿو.“ اها ڳالهه نه فقط صحيح هئي پر انهيءَ ۾ اڃان حقيقت پوريءَ طرح بيان ٿيل نه هئي. هن کي اندازو ئي نه هو ته نه فقط هڪ گهوڙو پر ٻه سرڪاري گهوڙا ۽ ٻه شڪار جا گهوڙا به رکڻا پوندا- پولو راند ۾ ڪم ايندڙ گهوڙن جي ته ڳالهه ئي ڇڏيو. بهرحال هو بلڪل غير مطمئن هو ۽ ڪجهه وقت اندر مون وٽ هن جو هڪ ڊگهو ۽ سخت لفظن ۾ لکيل خط به اچي پهتو جنهن ۾ هن منهنجي تعليمي سفر بابت تمام مايوسيءَ جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ امتحان ۾ منهنجي ڪاميابي کي قدر جي نگاه سان نه ڏسندي چيو هئائين ته آءٌ مڙئي مٿامونا هڻي پاس ٿيو هوس ۽ مون کي خبردار به ڪيائين ته مون پاران سماجي طور نڪمو ۽ بيڪار ماڻهو ٿي وڃڻ جو خطرو موجود هو. انهيءَ خط مون کي ڏاڍو ڏک پهچايو، آءٌ ڇرڪجي به ويس تنهنڪري فوراً پنهنجي پيءُ ڏانهن خط لکي آئيندي بهتر نتيجن جو واعدو ڪيم. بهرحال آءٌ سينڊهرسٽ وڃڻ ۽ ارڙهن مهينن جي اندر جيئرو جاڳندو ڪيولري آفيسر ٿيڻ جو سوچي ڏاڍو خوش هوس ۽ جينٽل مين ڪيڊٽ کي گهربل سامان لاءِ آرڊر ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويس.

******

 انهيءَ اونهاري ۾ اسان جي مائٽن مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ کي هڪ اتاليق سان گڏ سئٽزرلينڊ جي نام نهاد پيرين پنڌ ٽوئر تي موڪليو. مونکي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ته انهيءَ ٽوئر ۾ اسان وٽ جيستائين پئسا هئا اسان ٽرينن تي سفر ڪيو. اتاليق ۽ آءٌ جبلن تي چڙهياسين جن ۾ ويٽر هارن (Wetter Horn) ۽ مونٽ روزا (Monte Rosa) جا نالا ذڪر جوڳا آهن. برنيس اوبر لينڊ جي چوٽين تي اڀرندڙ سج جي ڪرڻن جو منظر رنگ ۽ نور جو هڪ اهڙو عجوبو هو جيڪو اڳ ۾ منهنجي تجربي مان نه گذريو هو. مون کي ميٽر هارن جبل تي چڙهڻ جي ڏاڍي سڌ هئي پر انهيءَ تي هڪ ته خرچ گهڻو اچي ها ٻيو ته اتاليق جي نظر ۾ اهو ڪم ڏاڍو خطرناڪ هو. پر اهي سڀئي دورانديشيءَ وارا قدم لائوسين ڍنڍ ۾ مونکي پيش آيل هڪ واقعي جي نتيجي ۾ شايد درهم برهم ٿي وڃن ها. آءٌ انهيءَ واقعي جو تفصيل هت لکان ٿو. جيئن اهو ٻين لاءِ چتاءَ جو ڪم ڏئي. ٿيو ائين جو آءٌ انهيءَ ڍنڍ تي ٻيڙي هلائڻ ويس. مون سان گڏ مون کان ٿورو ننڍو هڪ ٻيو ڇوڪرو به هو. اسان جي ٻيڙي ڪناري کان هڪ ميل پري هئي. اوچتو اسان سوچيو ته ٻه ٽي ٽٻيون هڻي وٺون سو ڪپڙا لاهي پاڻيءَ ۾ کڻي ٽپا ڏنا ۽ وڏي موج مستيءَ ۾ ترڻ لڳاسين. اسان جڏهن تڙڳي بس ڪئي ته ٻيڙي اسان کان سو وال کن پري هئي. انهيءَ دوران هوا به گهلڻ لڳي جنهن پاڻيءَ ۾ ننڍيون لهرون پيدا ڪرڻ شروع ڪيون. ٻيڙيءَ جي پاڇيل ۾ رکيل ڪرسين تي ڳاڙهي رنگ جو پال ٽنگيل هو. انهيءَ پال تي هوا لڳڻ سان اهو سڙهه جو ڪم ڪرڻ لڳو. هاڻي اسين ٻيڙيءَ ڏانهن ترندا پيا وڃون ۽ ٻيڙي اڳتي ڌڪبي پئي وئي. ائين ڪيترائي دفعا ٿيڻ کان پوءِ نيٺ اسان ۽ ٻيڙيءَ جي وچ وارو فاصلو اڌ ٿي ويو. پر وري هوا به زور گهلڻ شروع ڪيو ۽ اسين ٻئي خاص طور منهنجو دوست ٿڪجڻ به لڳاسين. هيستائين منهنجي ذهن ۾ خطري جو ڪوبه خيال پيدا نه ٿيو هو. چمڪدار نيري پاڻيءَ تي سج چمڪي رهيو هو. جبلن ۽ ماٿرين جو وڻندڙ منظر اکين جي سامهون هو. آرامده هوٽل ۽ رهائشي جايون به دل کي وڻندڙ منظر پيش ڪري رهيون هيون. پر هاڻي موت مونکي ايترو ويجهو نظر اچڻ لڳو جيترو مون پنهنجي حياتيءَ ۾ وري ڪڏهن نه ڏٺو آهي. اهو هاڻي پاڻي ۾ اسان جي پاسن ۾ تري رهيو هو ۽ تيز ٿيندڙ هوا سان وقت بوقت اسان جي ڪنن ۾ سرٻاٽ به ڪري رهيو هو. هاڻي ائين پئي ٿيو ته اسين جيتري رفتار سان تري ٿي سگهياسين هوا به لڳ ڀڳ انهيءَ ئي رفتار سان ٻيڙيءَ کي اسان کان پري ڌڪيندي پئي وئي. ٻي ڪنهن مدد کان سواءِ اسين ڪناري تي نه ٿي پهچي سگهياسين. مونکي ته ترڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه پئي ٿي جو آءٌ تڪڙو تارو هوس ۽ هيرو ۾ پنهنجي هاسٽل جي نمائندگي ڪري چڪو هوس جتي اسان جي ٽيم سڀني کي ماري ويندي هئي. هاڻي مون زندگي بچائڻ لاءِ ترڻ شروع ڪيو. آءٌ ٻه دفعا ٻيڙيءَ جي هڪ وال ويجهو وڃي پهتس ۽ هر دفعي هوا جو تيز جهوٽو ان کي منهنجي پهچ کان پري ڌڪي ٿي ويو. هاڻي مون وڌيڪ ڪوشش ڪري عين وقت تي ان جو ڪنارو پڪڙي ورتو نه ته اڃان وڌيڪ تيز هوا ان جي ڳاڙهي سڙهه کي ڦوڪي سيٽائي ڇڏي ها. مان ڦٿڪي سٿڪي مٿي چڙهي ويس ۽ ونجهه هڻي ٻيڙي پنهنجي ساٿيءَ وٽ هاڪاري ويس. هو جيتوڻيڪ ٿڪجي ته پيو هو پر اسان جي آسپاس موت جي لامارن کان ايترو باخبر نه ٿي لڳو. مون انهيءَ ڳنڀير تجربي بابت پنهنجي اتاليق کي ته ڪجهه به نه ٻڌايو پر اهو آءٌ ڪڏهن وساري نه سگهيو آهيان ۽ اميد ته منهنجا ڪجهه پڙهندڙ به انهيءَ واقعي کي ذهن ۾ رکندا.

رائيل ملٽري ڪاليج ۾ منهنجو رهڻ منهنجي زندگيءَ جو وچ وارو دور هو. اتي رهڻ سان منهنجي تعليم جا لڳ ڀڳ ٻارنهن سال پورا ٿيا. اهو سمورو دور ڇٽيهه ٽرم هليو. هر ٽرم ڪيترن هفتن تي ٻڌل هوندو هو. انهيءَ جي وچ ۾ تمام ٿورا موڪلن جا ڏينهن به ايندا رهيا. انهيءَ عرصي ۾ ڪاميابين جا چند ترورا ئي منهنجي نصيب ۾ آيا. اتي مونکي جن به شين بابت سکيا وٺڻي پئي انهن ۾ مونکي ڪابه دلچسپي ۽ ڪارج نظر نه آيو ۽ نه ئي مونکي اتي ڪا اهڙي راند کيڏڻ جي اجازت ملي جنهن مان مونکي ڪا وندر ۽ ورنهه ملي. آءٌ ذهن ۾ انهن سالن جو تصور ڪريان ٿو ته اهو مونکي پنهنجي زندگيءَ جو بي لطف ۽ اڻ وڻندڙ دور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آءٌ ٻاروتڻ ۾ پنهنجي نرسريءَ ۾ پنهنجن رانديڪن سان خوش هوندو هوس. انهيءَ کان پوءِ جواني جي چائنٺ تي قدم رکڻ کان پوءِ منهنجو هر سال اڳئين سال کان خوش گذريو آهي. پر اهو اسڪول جو وچ وارو دور ئي منهنجي سفر جي نقشي ۾ اداس ۽ بي رنگ چتيءَ وانگر نظر اچي ٿو. اهو هڪ ختم نه ٿيندڙ ڳڻتين وارو دور هو جنهن ۾ مونکي اهڙا جهد پٽڻا پيا جن جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو. مطلب ته اهو تڪليفن، پابندين ۽ بي مقصد يڪ رنگيءَ وارو دور هو.

سوچ جي اهڙي وهڪري ۾ وهي آءٌ پنهنجي اسڪول جي ڏينهن جي مجموعي تاثر بابت ڪنهن به وڌاءَ کان ڪم نه وٺندس. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته نوجواني جي جوش جذبي ۽ کِل خوشيءَ ۾ اهي به گذري ويا. هيرو هڪ تمام سٺو اسڪول هو ۽ اتان جي استادن ڪم جو نهايت اعلى معيار قائم رکيو هو. شاگردن جي اڪثريت خوش گذاريندي هئي ۽ اتان جي ڪلاسن ۽ راند جي ميدانن تي وقت گذارڻ انهن جي نظر ۾ زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو اعزاز هو. آءٌ اها ڳالهه سا رڪارڊ تي رکندس ته آءٌ پنهنجي ڪوتاهين جي سبب ٻين وانگر محسوس نه ڪري سگهيس. مونکي ته اهو وڌيڪ پسند هجي ها ته ڪنهن سرون وجهندڙ سان گڏجي ڪم ڪريان ها، قاصد طور ڊوڙندو ننڍا ننڍا ڪم ڪندو وتان ها يا ڪرياني جي دڪان ۾ پنهنجي پيءُ کي ڪٻٽ ۾ شيون سجائي رکڻ ۾ مدد ڪريان ها. اهي ڪم عملي زندگيءَ کي وڌيڪ ويجها هجن ها، وڌيڪ فطري لڳن ها ۽ انهن ڪمن مان آءٌ وڌيڪ سکان ۽ پرايان ها ۽ اهي ڪم وڌيڪ بهتر نموني ڪريان ها. انهن جي ذريعي مونکي پنهنجي پيءُ کي سمجهڻ جو وڌيڪ موقعو ملي ها ۽ اها ڳالهه مونکي وڌيڪ خوشي ڏئي ها.

سچ پچ ته تعليم جي جنهن ڊگهي دور کي سماج جي ترقيءَ لاءِ اڻٽر سمجهيو وڃي ٿو اهو انسان ذات جي فطرت سان ٺهڪي نه ٿو اچي. اهو فطري صلاحيتن جي بلڪل خلاف آهي. ڇوڪرو غذا يا شڪار جي ڳولها ۾ پنهنجي پيءُ جي پٺيان هلڻ پسند ڪندو آهي. هو پنهنجي وِتَ آهر ڪارائتا ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي. هن جي مرضي هوندي آهي ته ڀلي ٿورو ئي پر ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي گهر هلائڻ ۾ مدد ڏئي. هو اهو به چاهيندو آهي ته کيس ڪو ٿورو فرصت جو وقت هجي جنهن کي هو پنهنجي پسند جي مطابق صحيح يا غلط نموني ڪم آڻي. پوءِ شايد جيڪي انهيءَ ڪم جي اهل هوندا آهن انهن جي دل ۾ شام جو تعليم پرائڻ جي سچي چاهت پيدا ٿيندي. اهڙي صورت ۾ اهليت نه رکندڙ ٻارن ۾ اهي شيون زوريءَ ڀرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ۽ علم ۽ فڪر ذهن جون جادوئي ڳڙکيون کولڻ جو ڪم ڪندو.

اسڪول جي ڏينهن مجموعي طور مونکي ڪافي حد تائين دلشڪستو ڪري ڇڏيو. اسڪول ۾ مون تلوار بازيءَ ۾ پبلڪ اسڪول چيمپئن شپ حاصل ڪئي. انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ آءٌ ڪوبه اعزاز ماڻي نه سگهيس. منهنجا سڀئي هم عمر ويندي مون کان ننڍا ڇوڪرا لڳندو هو ته انهن پاڻ کي اسان جي ننڍڙي دنيا جي حالتن مطابق ڪري ڇڏيو هو. اهي راندين توڙي سبقن ۾ گهڻو بهتر لڳندا هئا. گوءِ جي شروعات ۾ ئي پاڻ کي پٺتي رهجندو ۽ ٻين کي گهڻو اڳتي ويندو ڏسي ماڻهو خوش ته نه ٿيندو! مون جڏهن مسٽر ويلڊن کان موڪلايو پئي ته هن وڏي اعتماد سان اڳڪٿي ڪئي هئي جنهن جو مون کي ڪو سبب به نظر نه ٿي آيو ۽ آءٌ ڏاڍو حيران به ٿيو هوس جو هن چيو هو ته آءٌ بلڪل صحيح نموني اڳتي وڌي ويندس. آءٌ انهيءَ ڪري هميشه سندس ڏاڍو احسانمند رهيو آهيان.

آءٌ پبلڪ اسڪولن جو وڏو حامي آهيان پر وري اوڏانهن وڃڻ نه چاهيندس. هيرو ۾ منهنجو سڀ کان ڀلو دوست جئڪ ملبينڪ (Jack Milbank) هوندو هو. هو مون کان لڳ ڀڳ ٻه سال سينئر هو. هو هڪ پيرسن بيرن[2] جو پٽ هو جنهن جو ڪٽنب ڪيترين پيڙهين کان چيچيسٽر ۾ آباد هو. هو راندين توڙي سبقن ڪنهن به ميدان ۾ نمايان نه هوندو هو. انهن ۾ هو پاڻ جيڏن جي سراسري سطح کان ٿورو مٿي هو. پر سندس انداز ۽ اٿي ويٺيءَ ۾ فضيلت جو مثال نه هوندو هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ذهني سطح جي پختگيءَ ۾ به مونکي هيرو جو ٻيو ڪوبه ڇوڪرو هن جهڙو نظر نه آيو. هو هميشه ڪنهن جينٽلمين جو ڏيک ڏيندو هو. هميشه سنجيدو ۽ باوقار، صاف سٿرو ۽ اڇي اجري پوشاڪ پهريل ۽ بااعتماد. جڏهن به منهنجو پيءُ مون سان ملڻ ايندو هو ته هو اسان ٻنهي کي ڪنگز هيڊ هوٽل ۾ مانجهاندو ڪرائڻ وٺي هلندو هو. آءٌ انهن ٻنهي کي ڳالهائيندو ڏسي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندو هوس. هو ائين پيا ڳالهائيندا هئا جيئن جيڏا جيترا هجن ۽ جيئن ڪو دنيا جي اٿي ويٺيءَ کان واقف ماڻهو ڪنهن پاڻ جهڙي سان ڳالهائيندو هجي. مونکي انهن تي ڏاڍي ريس ايندي هئي. منهنجي اها سَڌ هوندي هئي ته جيڪر منهنجو به پنهنجي پيءُ سان اهڙو تعلق هجي. پر افسوس جو آءٌ اسڪول ۾ پٺتي پيل ڇوڪرو هوندو هئس ۽ انهن جي گفتگو ۾ جڏهن به شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هوس ته لڳ ڀڳ سدائين ڪا خراب يا کل جهڙي ڳالهه ڪري ويهندو هوس.

هڪ دفعو مون ۽ مليبيڪ گڏجي هڪ مهم جوئي ڪئي هئي. اسان معلوم ڪري ورتو ته هيرو جي هڪ پراڻي روايت مطابق امتحانن جي تياريءَ جي هفتي ۾ لازمي فوٽ بال نه ٿيندي آهي. انهيءَ قانون تي ڪجهه سالن کان عمل نه پئي ٿيو. اسان انهيءَ روايت جو حوالو ڏيندي راند کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٺاهه ٺاهيو ته اسان پنهنجي پڙهائي تي توجهه ڏينداسين. انهيءَ تي مانيٽرن اسان کي لڪڻن سان ڏاڍي مار ڏني. بهرحال انهيءَ ڳالهه کان انڪار نه هو ته انهن جو پنهنجو قانون اسان جي پٺڀرائي ڪري رهيو هو. انهيءَ مسئلي تي اعلى ترين حلقن ۾ ڏاڍي ڳنڀيرتا  سان بحث مباحثا ٿيندا رهيا. اسين به ٽي يا چار ڏينهن انتظار ۾ رهياسين ته ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. پر اها ڳالهه اسان جي خلاف پئي وئي ته اسين پڙهي پڙهي بيحال نه ٿي پيا هئاسون. انهيءَ جي ابتڙ اسان جي حالت اها هئي ته اسان کي سُست ۽ ڪاهل چوڻ به بي جاءِ نه هو. بهرحال اهو فيصلو ٿيو ته اسين ڀلي پنهنجي طريقي تي هلندا رهون. مونکي يقين آهي ته اهڙي جرائت سان قائم ٿيل مثال پٺين نسلن به زنده رکيو هوندو.

ملبيڪ جي مقدر ۾ فوج لکيل هئي ۽ هو 10-Hussars رجمينٽ تي اکيون وجهيو ويٺو هو. سندس پيءُ کيس موڪل ڏئي ڇڏي هئي ته هو ڀلي مليشيا ۾ وڃي. اهو ڪورس جيتوڻيڪ ڪجهه ڊگهو هو پر انهيءَ ۾ امتحان گهٽ ٿي ڏيڻا پيا. تنهنڪري هو مون کان هڪ سال اڳ هيرو ڇڏي ويو ۽ جلد ئي مليشيا جو سبالٽرن ٿي اڀريو. اسان باقاعدگيءَ سان خط ڪتابت ڪندا آياسين ۽ موڪل ۾ گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان ملندا هئاسين. اسان جي هن سان هنن ئي صفحن ۾ وري ملاقات ٿيندي. ملٽري جا اعلى ترين اعزاز سندس مقدر ۾ لکيل هئا. هن ڏکڻ آفريقا جي جنگ ۾ Victoria Cross حاصل ڪيو جو پاڻ شديد زخمي هوندي پنهنجي هڪ سپاهيءَ کي موتمار فائرنگ مان بچايو هئائين. هو گيلي پولي اُپٻيٽ تي Suvla Bay جي جنگ ۾ هڪ جانثاريءَ واري معرڪي جي اڳواڻي ڪندي ڪم اچي ويو.

****

مونکي هيرو جا گيت ڏاڍا وڻندا هئا. هيرو وارن کي اسڪولي گيتن جو هڪ بيمثال ڪتاب آهي. ڪلاس جي وقفن ۾ اسين اسپيچ روم يا پنهنجين هاسٽلن ۾ ئي گڏ ٿيندا هئاسين ۽ اهي مشهور ڪورس (Chorus) ڳائيندا هئاسين. مونکي يقين آهي ته اهي گيت هيرو جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهن. ايٽن ۾ انهن جهڙي ڪابه شيءِ ڪانهي. انهن وٽ فقط هڪ گيت آهي ۽ اهو به ٻيڙي هلائڻ بابت آهي جيڪو ورزش جي لحاظ کان ته چڱو آهي پر راند جي لحاظ کان اهڙو چڱو نه آهي ۽ شاعري جي درجي ۾ ته بدتر آهي. اسين ناميارين شخصيتن کان سائنسي ۽ تاريخي موضوعن تي ليڪچر پڻ ٻڌندا هئاسين. اهي ليڪچر مون تي وڏو اثر وجهندا هئا. پنهنجي ميدان ۾ ڪنهن مڃيل ماڻهوءَ کان ڪا دلچسپ ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ خاص طور جڏهن انهيءَ وٽ ڪو جادوئي ڏيو به هجي منهنجي نظر ۾ اهو سکيا جو بهترين طريقو آهي. آءٌ فقط هڪ دفعو ڪو ليڪچر وڏي توجهه سان ٻڌان اهو وري پاڻ ڏيڻ جو ڏاڍو سٺو مظاهرو ڪري ويندو هوس. انهن مان خاص طور پنج ليڪچر مونکي اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. انهن مان پهريون ليڪچر هيرو جي تمام مشهور استاد ۽ اسان جن ڪيترن ئي بهترين گيتن جي خالق مسٽر بوون جو آهي. انهيءَ ليڪچر ۾ هڪ ڏاڍي پُرجوش پيرايي ۾ واٽرلو (Waterloo) جي جنگ جو احوال ٻڌايو هو. هن ٻيون ليڪچر سيڊان جي جنگ بابت ڏنو هو. انهيءَ مونکي ڏاڍو مزو ڏنو هو. ڪجهه سال پوءِ مون ڏٺو ته هن اهو ليڪچر تقريباً هوبهو هُوپر جي سيڊان تان ورتو هو. اهو ڪتاب منهنجي ڪرنل جي پسنديده ڪتابن مان هڪ هو. انهيءَ هوندي به اهو ليڪچر ايترو خراب نه هو. الپس جبلن تي چڙهڻ بابت هڪ ليڪچر مسٽر وهائمپر (Whymper) به ڏنو هو جنهن ۾ سياحن ۽ گائيڊن جون تصويرون ڏيکاريون هئائين جيڪي اکين جي پلڪن سان لڙڪيا بيٺا هئا يا جابلو چوٽين ڏانهن پُٺيون ڪيون بيٺا هئا. اهي منظر اهڙا ته خوفناڪ هئا جو تصويرون ڏسي به ماڻهو ڏڪي ٿي ويو. پوپٽ پنهنجي رنگن ذريعي دفاع ڪيئن ٿا ڪن انهيءَ موضوع تي به هڪ ليڪچر ٿيو هو. هڪ تيز رنگن واري پوپٽ جو کائڻ ۾ ذائقو به ڏاڍو خراب هوندو آهي. جنهن ڪري پکي ان کي نه کائيندا آهن. ٻيو هڪ ذائقيدار ۽ رس ڀريل پوپٽ پنهنجي بچاءَ لاءِ جنهن ٽاريءَ يا پن تي عام طور ويهندو آهي پاڻ کي هوبهو ان جهڙو ڪري ڇڏيندو آهي. پر ائين ڪرڻ ۾ انهن کي لکين سال لڳي ويندا آهن ۽ انهيءَ دوران پٺتي پيل قسم کاڄي مري ويندا آهن. انهيءَ ڪري ئي جيڪي باقي رهجي ويندا آهن انهن تي اهڙا نشان ۽ رنگ هوندا آهن. مسٽر پارڪن وري اسان کي Imperial Federation جي موضوع تي ليڪچر ڏنو هو. هن اسان کي ٻڌايو ته ڪيئن نه ٽريفلگر تي نيلسن جو ”انگلينڊ اميد ٿي ڪري ته هر ماڻهو پنهنجو فرض ادا ڪندو“ وارو آواز جنگ ۾ هر سپاهيءَ وٽ پهچي ويو هو ۽ عجب ناهي ته هاڻي به جيڪڏهن اسين ۽ اسانجون ڪالونيون متحد ٿي بيهن ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن اهو آواز نه فقط سڀني سامونڊي ٻيڙن پر سڀني قومن تائين به پهچي ويندو. اسان کي حياتيءَ ايتري مهلت ڏني جو اها ڳالهه سچي ٿيندي ڏٺي سون ۽ مون ڪُراڙي مسٽر پارڪن کي سندس زندگيءَ جي آخري سال ۾ اها ڳالهه ياد ڏياري. اسان عظيم جنگ ۾ ڪاميابيءَ جي جشن طور هڪ وڏي ضيافت ڪئي هئي. هو تڏهن انهيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو.

آءٌ ڀانيان ٿو ته اهي هاڻي هيرو ۾ ايترا ليڪچر نه ٿا ڪرائين. انهيءَ سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه بهتر ٿي سگهي ٿي ته اهي هر پندرهين ڏينهن هڪ ليڪچر ڪرائين. انهيءَ کان پوءِ سڀني ڇوڪرن کي ويهارجي ته هو پهريان ليڪچر جون جيڪي ڳالهيون ياد اٿن اهي لکن ۽ ٻئين نمبر تي ليڪچر بابت اُنهن جي پنهنجي ذهن ۾ جيڪي ڳالهيون اچن ٿيون اهي لکن. پوءِ استاد جائزو وٺن ته ڪهڙا ڇوڪرا ڳالهيون ذهن ۾ رکي سگهن ٿا ۽ انهن کي ڪنهن شيءِ بابت سوچ ويچار ۾ ڪم آڻي سگهن ٿا ۽ ڪهڙا ڇوڪرا موڳا مٽر آهن. پوءِ اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکي ڇوڪرن کي ڌار ڪري مختلف ڪلاسن ۾ ويهاريو وڃي.

ائين هجي ها ته آءٌ اسڪول ۾ سڀ کان آخر ۾ نه هجان ها ۽ هيرو منهنجي لاءِ اهڙي بي ڪيف جاءِ نه هجي ها ۽ آءٌ اتي وڌيڪ خوش وقت گذاريان ها.


 


[1]  برطانوي منتظم، ماهر ماليات ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ برطانوي سلطنت کي مضبوط بنيادن تي بيهاريندڙ 1902-1853ع (سنڌيڪار)

[2]  خطاب يافته اميرن ۾ سڀ کان هيٺانهون درجو. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org