باب ٽيويهون
فوج ۾ واپسي
Back to the Army
مون کي ڏسڻ ۾ آيو ته آءٌ جيڪي هفتا جنگي قيدي ٿي رهيو هوس انهن
دوران ملڪ ۾ منهنجو نالو وڄي ويو هو. بڪتربند ٽرين
۾ منهنجي ڪردار کي ريلوي وارن ۽ انجڻ تي چڙهي
حفاظت سان پهتل زخمين ڏاڍو وڌائي چڙهائي بيان ڪيو
هو. ايسٽ ڪورٽ ۾ گڏ ٿيل اخباري نامانگارن ڪيترن ئي
عجيب و غريب ۽ وڻندڙ اضافن سان اها ڳالهه انگلينڊ
موڪلي ڇڏي هئي. تنهنڪري اخبارون منهنجي ڪردار جي
حد کان وڌيڪ ساراهه ۽ واکاڻ سان ڀريون پيون هيون.
نون ڏينهن جي تجسس ۽ منهنجي وري گرفتاريءَ جي
افواهن کان پوءِ جو منهنجي فرار جي خبر آئي ته
عوام منهنجي ساراهه ۽ واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري
ڇڏيو. نوجوان مهم جوئي جي ڳولها ۾ هوندا آهن،
صحافت کي اشتهارن جي ضرورت هوندي آهي. انهيءَ ۾ ڪو
شڪ نه آهي ته مون کي ٻئي شيون ملي ويون هيون. آءٌ
في الوقت ته ڏاڍو مشهور ٿي ويس. برطانوي قوم فوجي
نوعيت جا ڪيترا ئي ڌچڪا کائڻ کان پوءِ اندروني
صدمي جي اثر هيٺ هئي. پر اهڙا موقعا ڪنهن به قوم
کي پنهنجي قوت کي ڪم آڻڻ تي اڀارڻ لاءِ گهڻو ڪري
ضروري هوندا آهن. اهڙي حالت ۾ مون پاران بوئرن کي
چالاڪي ڏيکارڻ جي خبرن کي تمام وڏي ۽ غير متناسب
اطمينان سان ٻُڌو ويو. انهيءَ سان وري هڪ لازمي
ردعمل پيدا ٿيو. داد و تحسين جي واهڙن سان گڏوگڏ
منهنجي بيعزتي ۽ مذمت جو هڪ اندروني وهڪرو به شامل
ٿي ويو جيڪو به ساڳي طرح بي واجبيءَ تي ٻڌل هو.
مثال طور 23- نومبر جي
(Truth)
ڏسو:
......ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي ۽ مسٽر چرچل بابت چيو وڃي ٿو ته
هن ”جوان ٿيو! جوان ٿيو!“ جا نعرا هڻي فوجين کي
جوش ڏياريو ته پوءِ دستي جي ڪمان ڪندڙ آفيسر ڇا
ڪري رهيا هئا؟ ۽ ڀلا انهن ماڻهن جي هلت چلت جوانن
جهڙي نه هئي ڇا؟ ۽ لڙائي جي ميدان تي ڪمان ڪندڙ
آفيسرن هڪ صحافيءَ کي اها اجازت ڇو ڏني ته هو سندن
حڪم هيٺ هلندڙ ماڻهن کي جوش ڏيارائي؟
23- نومبر جي فنيڪس
(Phoenix)
(هاڻي معدوم).
’اها ڳالهه ته بلڪل ممڪن آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل بڪتربند ٽرين ۾
هڪ زخمي ماڻهو جي جان بچائي هوندي. ممڪن آهي ته هن
ڪا رائيفل کڻي ڪنهن بوئر تي فائر ڪيو هجي. پر سوال
اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن بڪتربند ٽرين ۾ ڇا پئي ڪيو؟
هن کي اتي هئڻ جو ڪوبه حق نه هو هن کي جيتوڻيڪ
ڪنهن وقت ۾ چوٿين حصارز ۾ ڪميشن هئي پر هاڻي هو
سپاهي نه رهيو آهي. اسان ته اها ڳالهه ٻڌي آهي ته
هو هاڻي مارننگ پوسٽ جو نمائندو به نه آهي. هاڻي
يا ته اها ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته انهي بدنصيب
بڪتربند جي ڪمان جنهن وٽ به هئي انهيءَ مسٽر چرچل
کي ٽرين تي مسافر ڪري پنهنجي ڊيوٽي جي حد اورانگهي
آهي يا ته مسٽر چرچل ناواجب طور بنا موڪل جي ويو
هليو آهي ۽ اهڙي طرح ڪمان ڪندڙ آفيسر جي اڳي ئي
ڳرين ذميوارين ۾ اضافو ڪيائين.‘ فنيڪس وارا مون کي
اڃان تائين دشمن جي هٿن ۾ سمجهي رهيا هئا جنهن
بابت صورتحال اڃان واضح نه ٿي هئي تنهنڪري هو
ساڳئي بيرحماڻي انداز ۾ لکن ٿا ته، ’دل جي گهراين
سان اميد ڪجي ٿي ته مسٽر چرچل کي گولي نه هنئي
ويندي. ساڳئي وقت جيڪڏهن بوئر جنرل کيس موت جي سزا
جو حڪم ڏئي ٿو ته مٿس ڪوبه الزام نه ايندو. ڪنهن
غير ويڙهاڪ کي هٿيار کڻڻ جو ڪوبه حق نه هوندو آهي.
فرانسي پروشيائي جنگ ۾ جن به غير ويڙهاڪن هٿيار
کنيا هئا انهن کي گرفتار ٿيڻ تي بنا دير قتل ڪيو
ويو هو ۽ اسين اها توقع به نه ٿا ڪري سگهون ته
بوئر وڏن تهذيب يافته فرانسين ۽ جرمنن کان وڌيڪ
رحمدل ٿيندا.‘
16- ڊسمبر جي
(Daily Nation)
(اها به معدوم)
مسٽر چرچل جي فرار کي فوجي حلقن ۾ ڪو شاندار يا عزت ڀريو
ڪارنامو نه ٿو ليکيو وڃي. هن کي هڪ ويڙهاڪ جي
حيثيت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس ٻين قيدي آفيسرن
جهڙي ئي پيرول
(Parole)
تحت رکيو ويو هو. هن هڪ عزت ڀرئي معاهدي کان ڪنڌ
ڪڍايو آهي تنهنڪري پريٽوريائي اختياريون جيڪڏهن
اهڙي هلت کي روڪڻ لاءِ اڃان به سخت اپاءَ وٺن ٿيون
ته انهيءَ ۾ ڪابه حيرت جهڙي ڳالهه نه هوندي.‘
آخر ۾ 26-ڊسمبر جي ويسٽ منسٽر گزيٽ:
مسٽر چرچل هڪ دفعو وري آزاد آهي. هو پنهنجي طبيعت تي پيل حرفت
ڪم آڻيندي پريٽوريا مان ڀڄي نڪتو آهي ۽ اتان جي
حڪومت سندس فرار جو رستو ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف
آهي. جيستائين پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جي ڳالهه آهي
انهيءَ تي ته ڪو اعتراض نه ٿو ڪري سگهجي. پر مسٽر
چرچل پاران جنرل جوبرٽ کي جيڪا درخواست ڏيڻ واري
خبر آئي آهي جنهن ۾ هن پاڻ کي انهي بنياد تي آزاد
ڪيو وڃڻ جو چيو آهي ته هو اخباري نامانگار آهي ۽
هن لڙائي ۾ ڪو حصو نه ورتو هو اها ڳالهه اسان کي
سمجهه ۾ نه ٿي اچي. اهي ڳالهيون پڙهڻ وقت ته اسين
اکيون مهٽڻ لڳاسين. اسين ته بڪتربند ٽرين واري
واقعي ۾ مسٽر چرچل جي بهادريءَ وارن ڪارنامن جو
شاندار لفظن ۾ بيان پڙهي چڪا آهيون. اتي ته جنرل
جوبرٽ به پنهنجون اکيون مهٽيون هونديون. هن اهو
جواب ڏنو ته مسٽر چرچل- جنهن کان هو ذاتي طور واقف
نه آهي- کي انهيءَ ڪري قيد ۾ رکيو ويو آهي جو
ناتال جي سڀني اخبارن بڪتربند گاڏي جي نڪري وڃڻ کي
سندس ڪوششن ۽ بهادريءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. پر
جيئن ته اها ڳالهه غلط ڏسڻ ۾ پئي آئي تنهنڪري جنرل
نامانگار جي انهيءَ ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو ته هو
غير ويڙهاڪ هو انهيءَ ڪري سندس آزاديءَ جو حڪم
جاري ڪري ڇڏيائين جيڪو مسٽر چرچل پاران فرار ٿيڻ
کان اڌ ڏينهن پوءِ پهتو. مسٽر چرچل جي غير ويڙهاڪ
هئڻ واري ڳالهه ته هڪ اسرار آهي پر اها ڳالهه واضح
آهي ته هو ٻئي فائدا نه ٿو وٺي سگهي. جنرل جوبرٽ
ڏانهن سندس خط سان انهيءَ امڪاني وڪٽوريا ڪراس جو
به ڪو جواز باقي نه ٿو رهي جنهن سان ڪيترن ئي
نامانگارن کيس نوازڻ شروع ڪيو آهي.‘
جڏهن اهي ڳالهيون مون تائين پهتيون ته مون انهن کي ڪم ظرفي تي
ٻڌل ئي سمجهيو. ريلوي وارن ۽ بڪتربند ٽرين جي
زخمين جيڪي ڳالهيون بيان ڪيون هيون يا اهي جنهن
انداز ۾ انگلينڊ پهچايون ويون هيون انهن بابت آءٌ
ڪنهن به ريت ذميوار نه هوس ۽ انهن کي اتي جيڪا
تشهير ڏني وئي ان بابت منهنجو ذميوار هئڻ بعيد از
امڪان هو. آءٌ قيدي هوس ۽ انهيءَ ڪري لازماً خوش
هوس. هنن صفحن جي پڙهندڙن کي خبر هوندي ته آءٌ
ڪيپٽن هالڊين سان سندس جاسوسي واري نڀاڳي مهم تي
ڇو ويو هوس ۽ مون لڙائي ۾ واقعي جيڪو ڪردار ادا
ڪيو هو انهيءَ کان به هو واقف هوندا. تنهنڪري هو
پاڻ فيصلو ڪري سگهن ٿا ته منهنجي غير ويڙهاڪ هئڻ
واري دعوى ڪيتري قدر درست هئي. جنرل جوبرٽ مون کي
جنگي قيدي ڪري رکڻ وارو پنهنجو اڳيون فيصلو واقعي
تبديل ڪيو هو يا نه انهيءَ ڳالهه جي مون کي خبر نه
آهي باقي اهو واقعي به هڪ عجيب اتفاق آهي ته
انهيءَ حڪم کي منهنجي فرار ٿيڻ کان پوءِ ئي مشهور
ڪيو ويو. اها ڳالهه به حقيقت تي ٻڌل نه آهي ته مون
فرار ٿي پنهنجي پيرول يا ڪنهن عزت ڀرئي معاهدي جي
خلاف ورزي ڪئي هئي. ڪنهن به جنگي قيدي کي ڪوبه
پيرول ڏنو ئي نه ويو هو ۽ مون جيئن بيان ڪيو آهي
اسان سڀني کي هٿياربند گارڊ هيٺ سخت پهري ۾ رکيو
ويو هو. ڪوڙ هڪ دفعو پکڙجڻ کان پوءِ سياسي تڪرار
جي بازارين ۾ وجود برقرار رکندو آيو ۽ مون مجبور
ٿي گهٽ ۾ گهٽ چئن جدا موقعن تي بدناموسي جا ڪيس
داخل ڪري ماڻهن کان معافيون وٺرايون آهن ۽ هرجاڻا
اوڳاڙيا آهن. تڏهن آءٌ بوئرن جي همدردن کي بدخواهن
جو ٽولو سمجهندو هوس.
مون ڊربن مان مارننگ پوسٽ ڏانهن جيڪو ٽيليگرام موڪليو انهيءَ به
فوجي ۽ سماجي حلقن ۾ تنقيد کي جنم ڏنو:
مون لکيو ته: ”سموري صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اها ڳالهه
تسليم نه ڪرڻ ڏاڍي بيوقوفي ٿيندي ته اسين هڪ
سگهاري ۽ خطرناڪ دشمن سان وڙهي رهيا آهيون. اتان
جي شهرين جون صلاحيتون انهن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو
ڪري ڇڏين ٿيون. اتان جي حڪومت جيتوڻيڪ ڏاڍي ڪرپٽ
آهي ته به پنهنجون سموريون توانائيون فوجي ڪارواين
لاءِ وقف ڪري ڇڏيون اٿائين.“
”اسان کي حقيقتن کي منهن ڏيڻو پوندو. موافق علائقي ۾ گهوڙي تي
سوار اڪيلو بوئر ٽن يا چئن باقاعدي سپاهين جي
برابر آهي. جديد رائيفلون ايتريون ته طاقتور آهن
جو سامهون وارو حملو اڪثر پسپا ٿي وڃي ٿو. دشمن جي
چرپر جي غير معمولي صلاحيت سندس پاسن کي محفوظ رکي
ٿي. انهيءَ مسئلي کي منهن ڏيڻ جو واحد حل اهو آهي
ته يا ته اهڙا ماڻهو آندا وڃن جيڪي دشمن جي رائيفل
بردار ماڻهن جهڙيون جسماني ۽ ذهني صلاحيتون رکندا
هجن يا جيڪڏهن انفرادي طور ائين نه ٿو ٿي سگهي ته
پوءِ تمام وڏي تعداد ۾ سپاهي آندا وڃن. اسي هزار
ماڻهن جي پيشقدمي جنهن جي دفاع لاءِ 150 ٽينڪون به
هونديون ته اهڙي فوج کي منهن ڏيڻ بوئرن جي وس کان
ٻاهر هوندو جڏهن ته 15000 فوجين تي مشتمل ڪالم وڏي
نقصان جي ور چڙهي ويندا. ٿوري ٿوري ڪري ڪمڪ موڪلڻ
۽ فوجن کي ضايع ڪري ڇڏڻ خطرناڪ پاليسي آهي.“
”ريپبلڪن کي به ڪانفيدريٽ رياستن وانگر آهستي آهستي ڌڪ هڻي
ٿڪائي ڪمزور ڪري ڇڏڻ گهرجي. اسان کي ڪابه تڪڙ نه
ڪرڻ گهرجي پر تمام وڏي تعداد ۾ فوجي گڏ ڪرڻ گهرجن.
آخر ۾ حساب ڪبو ته ضرورت کان وڌيڪ فوجي موڪلڻ گهڻو
سستو پوندو. هتي اڍائي لک ماڻهن جي لاءِ به ڪيترو
ئي ڪم آهي ۽ سائوٿ آفريقا خون ۽ پئسي جي لحاظ کان
ايتري قيمت لهي ٿو. بي قاعدي فوج جا اڃان وڌيڪ ڪور
(Crops)
گهربل آهن. انگلينڊ جا مانائتا شخص لومڙين جي شڪار
تي هليا ويا آهن ڇا؟ انگلش لائيٽ هارس ڇو نه ٿي
تشڪيل ڏئي سگهجي؟ اسان کي پنهنجي جوانمردي،
نوآبادين ۾ رهندڙ پنهنجن گهڻگهرن ۽ پنهنجي مئل
سپاهين جي صدقي ثابت قدمي سان جنگ جاري رکڻ
گهرجي.‘
انهن اُگرن سچن تي ماڻهن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. ”موافق علائقي ۾
گهوڙي تي سوار اڪيلو بوئر ٽن يا چئن باقاعدي
سپاهين جي برابر آهي.“ واري ڳالهه ۾ فوج جي توهين
سمجهي وئي. اڍائي لک ماڻهن جي ضرورت هئڻ واري
تخميني کي به واهيات سمجهي ننديو ويو. مارننگ ليڊر
اخبار لکيو: ”اسان کي انهيءَ ڳالهه جي ڪٿان تصديق
نه ملي سگهي آهي ته لارڊ لينسڊائون، لارڊ رابرٽس
جي اچڻ تائين، سائوٿ آفريقا ۾ فوجين جي ڪمان مسٽر
ونسٽن چرچل کي سونپي آهي جنهن ۾ سر ريڊورس بلر
سندس چيف آف اسٽاف هوندو.“ بهرحال اها هڪ ٺٺول
هئي. بڪ اينڊ ڊاڊر ڪلب
(Buck and Dodder Club) وارا ڪراڙا ڪرنل ۽ جنرل انهي تي غضبناڪ ٿي ويا. انهن
مان ڪجهه ماڻهن ته مون ڏانهن تار
(Cable)
موڪلي ته: ”هتي تنهنجي سٺن
دوستن کي اميد آهي ته تون هاڻي وڌيڪ پنهنجي چريائپ
نه ڏيکاريندين.“ بهرحال منهنجن ٻاراڻن خيالن کي
واقعن جلد ئي درست ثابت ڪري ڏيکاريو. پيشيور فوج
جي پٺڀرائي لاءِ ڏهه هزار ماڻهن تي مشتمل امپيريئل
يومينري
(Imperial Yoemanry)
۽ هر قسم جا رضاڪار موڪليا ويا ۽ اڍائي لک برطانوي
فوجي يا ته بوئرن جي جملي فوج کان پنجوڻ تي ماڻهو
سائوٿ آفريقا جي سرزمين تي بيٺا تڏهن وڃي فتح حاصل
ٿي. تنهنڪري آءٌ پاڻ کي بائيبل جي هنن لفظن سان
تسلي ڏئي سگهان ٿو ته: ”پوڙهو ۽ بيوقوف بادشاهه
ٿيڻ کان غريب ۽ عقلمند ٻار ٿيڻ بهتر آهي.“
انهيءَ دوران ڪاري هفتي جي تباهين برطانوي قوم کي سجاڳ ڪري ڇڏيو
۽ حڪومت به انهن جي موڊ مطابق قدم کنيو. مسٽر
بالفور جنهن کي سندس نقاد، عورتاڻا انداز رکندڙ ۽
ڪچو جدلياتي سمجهندا هئا، انهيءَ بحران واري دور ۾
پاڻ کي امپيريئل حڪومت جو قوت جو سرچشمو ثابت ڪري
ڏيکاريو. سر ريڊورس- اسان کي انهيءَ ڳالهه جي گهڻو
پوءِ خبر پئي. 15- ڊسمبر تي ڪولنيسو ۾ پنهنجي
پسپائي ۽ يارهن سو ماڻهن جي زخمي ٿيڻ يا مرڻ واري
انگ- تڏهن اهو تمام وڏو نقصان سمجهيو ويندو هو-
مان ايترو ته پريشان ٿي ويو جو هن وار آفيس ڏانهن
ڏاڍو خطري وارو خط ۽ سر جارج وهائيٽ ڏانهن ڏاڍو
بزدليءَ وارا حڪم موڪلي ڇڏيا. هن ليڊي سمٿ جو دفاع
ڪندڙ کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجو سمورو بارود ڇوڙي
ڇڏي ۽ جيترو ٿي سگهيس بهتر شرطن تي هٿيار ڦٽا ڪري
ڇڏي.
هن 15- ڊسمبر تي وار آفيس ڏانهن تار
(Cable)
موڪلي ته: ”منهنجي خيال ۾ مون وٽ هاڻي ايتري طاقت
نه آهي جو وهائيٽ کي مدد ڏئي سگهان.“ اها تار آچر
ڏينهن پهتي جڏهن وزيرن مان فقط مسٽر بالفور لنڊن ۾
هو. هن بلڪل ٿور اکرو جواب موڪليو ته ”تون جيڪڏهن
ليڊي سمٿ کي مدد ڏئي نه ٿو سگهين ته پنهنجي ڪمان
سر فرانسس ڪليري
(Francis Clery) جي حوالي ڪري ملڪ موٽي اچ.“ وهائيٽ پڻ ڏاڍو رکو جواب موڪليو ته
هو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه ٿو رکي.
”انهيءَ دوران ڪجهه ڏينهن اڳ جرمني جي شهنشاهه
عجيب دوستاڻي انداز ۾ برلن ۾ برطانيه جي ملٽري
اتاشي کي ملڪه وڪٽوريا لاءِ اهو شخصي پيغام ڏئي
انگلينڊ موڪليو ته آءٌ دائمي طور سيفٽي والو
(Safety Valve)
تي ويهي نه ٿو سگهان. منهنجو عوام دخل اندازي جو
مطالبو ڪري رهيو آهي. توهان کي لازماً فتح حاصل
ڪرڻي آهي. آءٌ توهان کي اها صلح ڏيندس ته لارڊ
رابرٽس کي ڪمانڊر انچيف ۽ لارڊ ڪچنر کي موڪليو.“
اها خبر نه آهي ته انهيءَ تجويز تي يا ڪنهن ٻئي
سبب جي ڪري بهرحال 16- ڊسمبر تي لارڊ رابرٽس کي
ڪمانڊر انچيف ۽ لارڊ ڪچنر کي چيف آف اسٽاف مقرر
ڪيو ويو. انڊيا کان ٻاهر سموري برطانوي فوج ۽ ملڪ
۽ نوآبادين
(Colonies)
مان مضبوط رضاڪارن تي ٻڌل ڪمڪ سائوٿ آفريقا ڏانهن
حرڪت ۾ آندي وئي. بُلر- جنهن وٽ هاڻي وڏي ڪمڪ پهچي
وئي هئي- کي انهن حڪمن سان ناتال جي ڪمان سونپي
وئي ته هو ليڊي سمٿ جي امداد ۾ ڄمي بيٺو رهي. جڏهن
ته شروعاتي پلان کان تمام وڏي پيماني تي ترتيب ڏنل
مکيه فوج کي ڪيپ ڪالوني کان اتر طرف پيشقدمي ڪري
ڪمبرلي کي امداد ڏيڻي هئي ۽ بلوم فائونٽين تي قبضو
ڪرڻو هو.
بُلر پنهنجي ذميواريءَ مان ڪنهن به لحاظ کان گهڻو خوش نه هو. هن
کي ٽوگيلا
(Tugela)
کان اڳتي جبلن تي دشمنن جي ٺڪاڻن جي طاقت جي خبر
هئي ۽ ڪولنيسو ۾ آيل صدمي کان پوءِ ته هو بوئرن جي
اعلى صلاحيتن بابت مبالغي کان ڪم وٺڻ لڳو هو.
ٽوگيلا پار ڪرڻ جي ڪيترين ئي ناڪام ڪوششن کان پوءِ
هن هڪ دفعو مون کي ڏاڍي بي تڪلفي سان پنهنجي دل جو
حال ٻڌايو هو ته: ”مون کي هتي ناتال ۾ اهڙي جنگ
وڙهڻ لاءِ ڦٽو ڪيو ويو آهي جنهن کان منهنجي سوچ
مون کي بچڻ جو چئي رهي آهي ۽ هڪ اهڙي لائين ڏانهن
پيشقدمي ڪرڻ جو چيو پيو وڃي جيڪا اسان جي سپاهين
جي قطعي موافق نه آهي.“
هن هاڻي پاڻ کي پنهنجي خراب قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. مون کي
انهيءَ بابت ڪو به شڪ شبهو نه آهي ته هن عمر ۾ هن
وٽ نه ئي فوجي صلاحيت ۽ ذهني ۽ جسماني قوت هئي نه
ئي حالتن کي منهن ڏيڻ جو فن ۽ سخت دلي هئي جيڪي
سندس ڊيوٽي لاءِ گهربل هيون. بهرحال سندس سپاهين
جو هن مٿان اعتماد رهندو آيو ۽ هو برطانوي عوام جو
نور نظر بڻيو رهيو.
آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ شڪ جو شڪار آهيان ته جنهن ماڻهو نوجوانيءَ ۾
بهادريءَ تي وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪيو هجي اهو انهيءَ
بنياد تي ويهه يا ٽيهه سال پوءِ ڪنهن فوج جي ڪمان
ڪرڻ جي اهل ٿي وڃي ٿو ڇا؟ منهنجي مشاهدي ۾ ته اها
ڳالهه آئي آهي ته اهڙن مفروضن جي نتيجي ۾ هڪ کان
وڌيڪ ڳنڀير بدنصيبين جنم ورتو آهي. عمر، سولي
زندگي، جسم جو وزن، امن جي دور ۾ ڪاميابي ۽ ترقي
جا ڪيترائي سال؛ اهي سڀ ڳالهيون زندگيءَ سان ڀرپور
انهن طاقتن کي زائل ڪري ڇڏين ٿيون جيڪي پرزور عمل
لاءِ انتهائي ضروري هونديون آهن. رياست کي امن جي
ڊگهي وقت ۾ ملٽري ۽ نيوي جا ڪجهه اهڙا آفيسر هر
وقت تيار رکڻ گهرجن جيڪي وچولي رينڪ جا هجن ۽ جن
جون عمريون چاليهن ورهين کان گهٽ هجن. انهن آفيسرن
کي خاص تربيت ڏني وڃي ۽ آزمائش مان گذاريو وڃي.
انهن جي هڪ ڪمان کان ٻيءَ ڏانهن ڦير گهير ٿيندي
رهي ۽ انهن کي اهم فيصلا ڪرڻ جا موقعا ڏنا وڃن.
انهن کي ڪائونسل آف ڊفينس ۾ طلب ڪري انهن جي راين
تي جرح ڪئي وڃي. انهن جي عمر وڏي ٿي وڃي ته انهن
جي جاءِ تي ساڳئي عمر وارا ٻيا ماڻهو آندا وڃن.
* * * * *
سر ريڊورس بُلر پاران ٽرانسول جي حالتن بابت مون کان تفصيلي طور
پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۽ آءٌ به ريل گاڏي جي تختن جي وٿي
مان جيڪا مختصر معلومات گڏ ڪري سگهيو هوس اها کيس
ڏيڻ کان پوءِ هن مون کي چيو:
”تون تمام چڱو ڪم ڪيو آهي. ڀلا ڪو ڪم ڪار هجئي ته ٻڌاءِ؟“
مون بنا دير جي جواب ڏنو ته هر طرف جيڪي بي قاعدي فوجي ڪورون
(Crops)
ٺهي رهيون هيون مون کي انهن مان ڪنهن ۾ ڪميشن ڏني
وڃي. مون جنرل کي ڪيپ ڏانهن ايندي اسان جي سامونڊي
سفر جي پڄاڻي کان پوءِ وري ڪٿي به نه ڏٺو هو پر
منهنجي چئن سالن جي فوجي نوڪريءَ دوران منهنجو هن
سان گاهي ماهي واسطو پوندو رهندو هو. سو هن ڳالهه
تي هو ٻُڏتر ۾ پئجي ويو ۽ چڱي وقفي کان پوءِ
چيائين: ”ويچاري پوڙهي بورٿ وڪ جو ڇا ٿيندو؟
انهيءَ مان مطلب سر الگرنان بورٿ وڪ مارننگ پوسٽ
اخبار جو مالڪ هو جيڪو پوءِ لارڊ گلينسڪ
(Glenesk)
ٿيو. مون وراڻيو ته منهنجو هن سان جنگي نامانگار
طور خاص معاهدو هو ۽ آءٌ انهيءَ ذميواريءَ کان
شايد آجو ٿي نه سگهندس. تنهنڪري انهيءَ صورتحال
چڱا خاصا مسئلا پيدا ڪيا. گذريل ڪجهه سالن جي
مختلف ننڍڙين جنگين ۾ اها عام رواجي ڳالهه ٿي وئي
ته موڪلون گذاريندڙ ملٽري آفيسر جنگي نامانگارن
طور ڪم ڪندا هئا. پوءِ ته خود ڊيوٽي تي موجود
آفيسر به اهو ڪم ڪرڻ لڳا. انهيءَ کي قاعدي جي هڪ
وڏي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي
ته انهيءَ عمل تي ڪيترائي اعتراض ٿي سگهيا ٿي.
انهيءَ سلسلي ۾ مون کان وڌيڪ ڪنهن تي به ايتري
تنقيد نه ٿي هئي جو مون هندستاني سرحد تي توڙي نيل
مهمن ۾ ٻٽو ڪردار ادا ڪيو هو. وار آفيس وارن نيل
مهم کان پوءِ اهو پڪو پهه ۽ آخري فيصلو ڪري ڇڏيو
ته ڪوبه فوجي هاڻي نامانگار نه ٿيندو ۽ ڪوبه
نامانگار فوجي نه ٿيندو. هاڻي انهيءَ نئين قاعدي
جو تقدس ته برقرار رکڻو هو ۽ انهيءَ مان وري
منهنجي لاءِ ئي ڪا ڳڙکي کولڻ- جيڪو انهي قاعدي ٺهڻ
جو مکيه سبب هو- ڏاڍي ڏکي ڳالهه ٿئي ها. سر ريڊورس
بُلر جيڪو گهڻو وقت وار آفيس ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل رهيو
هو ۽ دنيا جي هلي چلي کان واقف ماڻهو هو پر تمام
اصول پرست فوجي مڪتبه فڪر جو نمائندو پڻ هو،
تنهنڪري اها ڳالهه ڏاڍي خراب پئي لڳي. هن مون
ڏانهن ڏاڍو عجيب نموني نهاريندي ڪمري جا ٻه ٽي چڪر
ڏنا ۽ آخرڪار چيائين:
”ٺيڪ آهي. توکي ’بنگوجي رجمينٽ ۾ ڪميشن ملي سگهي ٿي. توکي ٻنهي
نوڪرين لاءِ پنهنجي صلاحيت مطابق ڪم ڪرڻو پوندو.
پر اسان جي نوڪري لاءِ توکي پگهار نه ملندو.“
انهيءَ بي قاعدي بندوبست تي آءٌ فوراً راضي ٿي ويس.
* * * * *
هاڻي آءٌ آرميءَ ۾ بحال ٿي ويس ۽ مونکي سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس
۾ ليفٽيننٽ جي ڪميشن ملي وئي. ڇهن اسڪواڊرنن، ست
سو گهوڙيسوارن ۽ هڪ مشين گن بيٽري تي ٻڌل اها
رجمينٽ ڪرنل جولين بينگ
(Julian Byng) ڪيپ ڪالوني ۾ تشڪيل ڏني هئي. جولين بينگ ڏهين حصارز جو ڪيپٽن
هو جنهن کان بجا طور تمام وڏين ڳالهين جي توقع ڪئي
پئي ويئي. هن مون کي پنهنجو اسٽنٽ ايڊجوٽنٽ مقرر
ڪيو ۽ اها اجازت ڏئي ڇڏيائين ته رجمينٽ جڏهن جنگ ۾
مصروف نه هجي ته آءُ ڀلي پنهنجي مرضي مطابق گهمندو
ڦرندو رهان. منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ مناسب ٻي
ڪا ڳالهه ٿي ئي نه ٿي سگهي. مون پنهنجي رينڪ جا
بيج پنهنجي خاڪي ڪوٽ تي ٽوپيا ۽ سڪابلو
(Sakabulu)
پکي جي پڇ جي کنڀن جو ڊگهو طرو پنهنجي ٽوپي ۾
ٽُنبيو ۽ ڏاڍو خوش ٿي زندگي گذارڻ لڳس.
سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس، لارڊ ڊنڊونلڊ
(Dundonald)
جي ڪيولري برگيڊ جو حصو هئي ۽ انهيءَ جي روح روان
آفيسرن ۽ دوستن جي گروپ مان تقريباً سڀئي عظيم
يورپي جنگ ۾ ناموري حاصل ڪري چڪا هئا. بينگ، برڊ
ووڊ ۽ هوبارٽ گاف سڀئي عظيم آرمي ڪمانڊر ٿيا.
بارنيس، سولي فلڊ، ٽام برجز ۽ ٻين ڪيترن ڊويزنن جي
ڪمان ڪئي. اسين ساڳئي ئي ويگنن جي هيٺان سمهندا
هئاسين ۽ اسان جي پاڻ ۾ تمام سٺي دوستي رهي. سپاهي
ڀانت ڀانت جي نسلن جا هئا پر سڀئي بهترين ويڙهاڪ
هئا. سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس ۾ اڪثريت سائوٿ
آفريقين جي هئي پر دنيا جي سمورن حصن مان آيل اڻ
گهڙين مهم بازن جو به وڏو حصو شامل هو. وري آمريڪن
سول وار مان هڪ ڪانفيڊريٽ گهوڙيسوار به موجود هو.
بارنيس جي امپيريئل لائيٽ هارس جي اسڪواڊرن رانڊ
(Rand)
جي سون جي کاڻين وارن آئوٽ لينڊرز
(Outlanders)
تي مشتمل هئي. ناتال ڪاربائينيز جا ٻه اسڪواڊرن ۽
ٿارنيڪروفٽ جي
(Mounted Infantry)
وارا ڪاهه هيٺ آيل صوبي جا بهترين آبادگار ۽
نوآبادڪار هئا. نوآبادڪار ۽ خاص طور آئوٽ لينڊرز ۽
ناتال مان آيل ماڻهن ۾ دشمن جي خلاف اهڙو شديد
جذبو ڀريل هو جنهن کي انهن ڏينهن جا باقاعدي سپاهي
غير پيشيوراڻو سمجهندا هئا. پر سڀني گڏجي دل سان
ڪم ڪيو. |