سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-12

صفحو : 17

 

باب ٻاويهون

منهنجو بوئرن وٽان ڀڄڻ- II

I Escape from the Boers

 

مون کي خبر نه آهي ته مون ڪيترا ڪلاڪ ننڊ ڪئي پر ٻئي ڏينهن ٻنپهرن کان پوءِ به گهڻو وقت ٿي ويو هوندو جو آءُ پوريءَ طرح سجاڳ ٿيس. مون ميڻ بتي لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيريو پر اها ڪٿي به هٿ نه آئي. آءُ کاڻ جي انهن چوگلين کان واقف نه هوس تنهنڪري پنهنجي گدي تي پيو رهڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بهتر سمجهيم. ڪيترا ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ لالٽين جي هڪ اڻلکي تروري مان خبر پئي ته ڪو ماڻهو اچي رهيو آهي. اهو مسٽر هوورڊ پاڻ هو جيڪو هڪ مرغ ۽ ٻين ڪيترين ئي سٺين شين سان هٿياربند ٿيو آيو هو. هن ڪيترائي ڪتاب پڻ آندا هئا. هن مون کان پڇيو ته مون پنهنجي ميڻ بتي ڇو نه ٻاري هئي؟ مون چيو ته اها مون کي هٿ نه اچي سگهي.

’تو اها گدي هيٺان نه رکي هئي ڇا؟‘

’نه‘

’ته پوءِ اها پڪ ڪوئا کڻي ويا هوندا.‘

هن مون کي ٻڌايو ته کاڻ ۾ ڪوئن جا ولر هئا ۽ ڪيترا سال اڳ هن پاڻ اڇي رنگ جي ڪوئي جو هڪ خاص قسم آندو هو جيڪو ڏاڍو سٺو گندخور هو. هاڻي انهن ۾ تمام واڌ ويجهه اچي وئي هئي. هن ٻڌايو ته هو مرغي وٺڻ لاءِ ويهه ميل پري هڪ انگريز ڊاڪٽر جي گهر ويو هو. هو ٻنهي ڊچ نوڪرياڻين جي رويي بابت ڏاڍو پريشان هو جن گوشت جي ٽنگ ۾ ٿيل لٽ مار بابت به ڏاڍي پُڇ پُڇ پئي ڪئي. انهيءَ جو ذميوار ته آءُ هوس. هو جيڪڏهن سڀاڻي لاءِ ٻي مرغي نه پچرائي سگهيو ته پنهنجي پليٽ فارم ۾ ٻه ٻه دفعا کڻندو ۽ واڌو شيون نوڪرياڻي جي غير موجودگي ۾ منهنجي لاءِ هڪ پارسل ۾ وجهندو ويندو. هن چيو ته بوئرن پاران مون بابت سموري ضلعي ۾ پڇائون ٿي رهيون هيون ۽ پريٽوريائي حڪومت به مون بابت وڏي هاهاڪار مچائي ڇڏي هئي. جيئن ته مڊل برگ جي کاڻين واري علائقي ۾ ڪيترائي انگريز رهيا پيا هئا تنهنڪري سمجهيو پئي ويو ته مون به اوڏانهن رخ ڪيو هوندو. تنهنڪري انگريزي نسل جي سڀني ماڻهن تي ٿورو گهڻو شڪ ڪيو پئي ويو.

مون وري به انهيءَ ڳالهه تي پنهنجي آمادگي ڏيکاري ته آءُ هڪ ڪافر گائيڊ ۽ گهوڙي سان گڏ اڪيلو هليو وڃان پر هن اها ڳالهه ٻڌي ئي نه ٿي. هن چيو ٿي ته مون کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ وڏي رٿابندي جي ضرورت پوندي ۽ مون کي شايد ته چڱو خاصو وقت کاڻ ۾ رهڻو پوندو.

هن چيو ته: ”تون هتي بلڪل محفوظ آهين. ميڪ (انهيءَ مان سندس مطلب اسڪاٽلينڊي کاڻ مزدور هو) کي کاڻ جي ڪم ۾ نه ايندڙ اهڙن سڀني حصن جي خبر آهي جن ڏانهن ٻئي ڪنهن جو وهم گمان به نه ويندو. هتي هڪ اهڙي جاءِ به آهي جتي پاڻي ڇت کان فوٽ ٻه هيٺ هوندو آهي. انهن جيڪڏهن کاڻ جي تلاشي ورتي ته ميڪ توکي انهيءَ جي هيٺان تاري کاڻ جي پاڻي کان اڳتي ٻين حصن ڏانهن وٺي ويندو. ڪير ايڏانهن ڏسڻ جو سوچيندو ئي نه. اسان ڪافرن کي جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي ڊيڄاري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي چُرپُر تي به مسلسل نظر رکيون ويٺا آهيون.

آءُ جيستائين ماني کائيندو رهيس هو مون سان گڏ ويٺو رهيو. پوءِ هليو ويو ۽ ٻين شين سان گڏ اڌ ڊزن ميڻ بتيون به ڇڏي ويو جيڪي مون بروقت چتاء ملڻ تي وهاڻي ۽ گدي جي هيٺان رکي ڇڏيون.

آءُ وري ڪافي وقت سمهي رهيس منهنجي اک اوچتو تڏهن کُلي جڏهن مون کي پنهنجي آسپاس ڪنهن چُرپر جو احساس ٿيو. لڳو پئي ته ڪا شي منهنجي وهاڻي کي ڇڪي رهي هئي. مون جلدي پنهنجو هٿ ڊگهيريو ته پيرن جي ٽپ ٽپ ٿي. ڪوئا ميڻ بتين تي آيا هئا. مون وقت سر ميڻ بتيون بچائي ورتيون ۽ هڪ کڻي ٻاري. اها به منهنجي ڀلائي ٿي جو آءُ ڪوئن کان ڊڄندو نه آهيان ۽ هاڻي ته انهن جي ڀاڙيائپ اکين سان ڏسڻ کان پوءِ مون کي ڪا خاص پريشاني نه ٿي. بهرحال مون کاڻ ۾ جيڪي ٽي ڏينهن گذاريا اهي منهنجي يادگيري ۾ محفوظ ڪي تمام وڻندڙ ڏينهن نه آهن. ننڍڙن پيرن ٽپ ٽپ، چُرپر جو احساس ۽ تيز ڀڄڻ جو سلسلو به هر وقت جاري رهيو. هڪ دفعو ته مون کي گهيرٽن مان جاڳ ٿي وئي جو هڪ ڪوئو منهنجي مٿان ڊوڙندو پئي ويو. ميڻ بتي ٻرڻ تي اهي شيون غائب ٿي وينديون هيون.

ٻيون ڏينهن – توهان جيڪڏهن انهيءَ کي ٻيون ڏينهن چئي سگهو ٿا ته – پنهنجي وقت تي آيو. اهو 14- ڊسمبر ۽ مون پاران اسٽيٽ ماڊل اسڪولز مان ڀڄڻ کان پوءِ ٽيون ڏينهن هو. ڏينهن جي يڪسانيت ختم ڪرڻ لاءِ اسڪاٽلينڊي کاڻ مزدور آيا جن سان مون ڊگهي ڪچهري ڪئي. تڏهن مون کي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو تعجب ٿيو ته کاڻ تقريباً ٻه سو فوٽ اونهي هئي.

ميڪ چيو ٿي ته کاڻ جا ڪجهه حصا اهڙا به آهن جتي ڏينهن جي روشني ڏسڻ لاءِ ڪنهن ٻاهرئين رستي تي چڙهي مٿي اچڻو پوندو آهي. هن مون کي چيو ته آءُ جيڪڏهن کاڻ جي ڪجهه پراڻن حصن جو چڪر ڏيڻ ۽ روشني جو ترورو ڏسڻ چاهيان ته ساڻس گڏجي هلان. اسين ڪلاڪ ٻه انهن زير زمين چور گلين ۾ ڀٽڪندا رهياسين ۽ پندرهن منٽ کن ٻاهرئين رستي جي تري وٽ گذرياسين جتان سج ۽ ٻاهرئين دنيا جي ڪجهه جهيڻي ۽ سفيد روشني جو احساس ٿيو ٿي. انهيءَ گشت ۾ ڪيترائي ڪوئا به ڏٺا. اهي بلڪل سفيد رنگ ۽ گهرين اکين سان ڏاڍا سٺا پئي لڳا. ڏينهن جي روشني ۾ مون ڏسي پڪ ڪئي ته انهن جون اکيون تيز گلابي هيون. انهيءَ ضلعي ۾ ڊيوٽي تي موجود هڪ برطانوي آفيسر ٽي سال پوءِ مون ڏانهن خط لکيو ته هن هڪ ليڪچر ۾ سفيد رنگ ۽ گلابي اکين وارن ڪوئن بابت منهنجي ڳالهه ٻڌي انهيءَ کي ڪوڙ جي انتها سمجهيو هو. پر هاڻي هن پاڻ وڃي کاڻ گهمي ڏٺي هئي ۽ منهنجي صداقت تي شڪ ڪرڻ تي مون کان معافي ورتي هئائين.

مسٽر هوورڊ پندرهين تاريخ تي ٻڌايو هو ته هاڻي چوپڇو ختم پئي ٿيندي وڃي. سموري کاڻين واري ضلعي مان ڀاڳيلي جو ڪو کر پير نه لڌو هو. هاڻي بوئر عملدارن ۾ اها ڳالهه ٻولهه پئي ٿيندي هئي ته آءُ پريٽوريا ۾ ڪنهن برطانوي همدرد وٽ لڪو پيو هوندس. انهن کي اهو يقين هو ته منهنجو شهر مان نڪري وڃڻ ممڪن ئي نه هو. هن جو خيال هو ته اهڙين حالتن ۾ آءُ ڀلي رات جو ٻاهر نڪري وادي جو چڪر ڏيان ۽ جيڪڏهن وڌيڪ ڪا چوپڇو نه ٿي ته آءُ ٻي صبح جو لڏو کڻي آفيس جي پٺئين ڪمري ۾ هلي رهان. هڪ طرف هن جو اعتماد بحال ٿيندي پئي نظر آيو ۽ ٻئي طرف مهم جوئي جي احساس سان سندس جوش به وڌندو پئي ويو. اهڙي طرح مون تازي هوا ۽ چاونڊوڪي ۾ سٺي چهل قدمي ڪئي ۽ پنهنجي پروگرام تي ڪجهه اڳواٽ عملدرآمد ڪندي آفيس جي پٺئين ڪمري ۾ خالي کوکن جي پٺيان اچي رهيس. آءُ وڌيڪ ٽي ڏينهن اتي رهيس ۽ هر روز رات جو مسٽر هوورڊ يا سندس اسٽنٽ سان وسيع ميدان تي واڪ ڪرڻ ويندو هوس.

منهنجي فرار جي پنجين ڏينهن؛ سورهين تاريخ تي مسٽر هوورڊ مون کي ٻڌايو ته هن مون کي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جو پلان ٺاهي ڇڏيو هو. کاڻ برانچ لائين جي ذريعي مين ريلوي لائين سان ڳنڍيل هئي. کاڻ جي ويجهو برجينر (Burgener) نالي هڪ ڊچ رهندو هو جيڪو 19- تاريخ تي اُن جي هڪ کيپ ڊيلا گوابي ڏانهن اُماڻي رهيو هو. اهو مانائتو شخص برطانوين بابت سٺي راءِ رکندو هو. مسٽر هوورڊ هن سان رابطو ڪيو ۽ کيس پنهنجي رٿا ۾ شريڪ ڪيو. اهڙي طرح هو مدد لاءِ راضي ٿي ويو. مسٽر برجينر جي اُن وڏين ڳٺڙين ۾ پيڪ ٿيل هئي. انهي سان ٻه يا ٽي وڏا گاڏا ڀرجي وڃن ها. اهي گاڏا کاڻ واري لائين تي لوڊ ٿيڻا هئا. پلان مطابق ڳٺڙيون اهڙي طرح رکيون وينديون جيئن گاڏي جي وچ ۾ ايتري ٿوري جاءِ خالي هجي جنهن ۾ آءُ لڪي وڃان. گاڏا لوڊ ٿيڻ کان پوءِ انهن تي پال ٻڌو ويندو ۽ سرحد تي به جيڪڏهن پال ساڳئي طرح ٻڌل هوندو ته انهي جي چڪاس لاءِ کُلڻ جو امڪان بلڪل گهٽ هوندو. ڇا آءُ اهو خطرو کڻڻ تي راضي هوس؟

آءُ پنهنجي مهم ۾ پاڻ کي هيستائين پيش آيل ڪنهن به ڳالهه مان ايترو پريشان نه ٿيو هوس جيترو هن بابت پريشان ٿي رهيو هوس. ڪو ماڻهو جڏهن ڪنهن غير معمولي واقعي سبب ڪو وڏو فاعدو يا انعام حاصل ڪري وٺندو آهي ۽ اهو سندس ملڪيت ۾ اچي ويندو آهي ۽ هو ڪيترا ڏينهن انهيءَ مان لطف اندوز ٿيندو آهي ته پوءِ انهيءَ کي وڃائڻ جو تصور ئي ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو آهي. آءُ آزادي کي يقيني سمجهڻ لڳو هوس ۽ هاڻي پاڻ کي ڪنهن اهڙي صورتحال ۾ وجهڻ جو تصور ئي ڏاڍو پريشان پيو ڪري ڇڏي جنهن ۾ آءُ ڪجهه به نه ڪري سگهان ۽ بلڪل بي يارو مددگار هجان ۽ سرحد تي تفتيشي پارٽيءَ کي ايندڙ ڪنهن ريچڪ جي رحم و ڪرم تي هجان. انهيءَ ڀوڳنا مان گذرڻ بجاءِ ته آءُ هڪ گهوڙو ۽ گائيڊ کڻي واديءَ ۾ نڪري پوڻ کي ترجيح ڏيان ها ۽ انسان جي اچ وڃ جي جاين کان گهڻو پري منزلون ماريندو بوئر ريپبلڪ جي وسيع علائقن کان ٻاهر نڪري وڃان ها. بهرحال مون پنهنجي وڏي دل واري نجات دهندي جي تجويز قبول ڪري ورتي ۽ انهي لاءِ سڀ اتنظام ڪيا ويا.

آءُ جيڪڏهن انگريزي اخبارن وٽ پهچندڙ ٽيليگرام پڙهان ها ته اڃان وڌيڪ پريشان ٿيا ها. جن مان ڪجهه هي آهن:

پريٽوريا، 13- ڊسمبر:- مسٽر چرچل جو فرار جيتوڻيڪ ڏاڍي هوشياري سان عمل ۾ آيو آهي ته به سندس پاران سرحد ٽپي سگهڻ جو امڪان بلڪل گهٽ آهي.

پريٽوريا، 14- ڊسمبر:- خبر آئي آهي ته مسٽر ونسٽن چرچل ڪوماٽي پورٽ جي سرحدي ريلوي اسٽيشن تي گرفتار ٿي ويو آهي.

لورينڪو مارڪئيس 16 ڊسمبر:- خبر آئي آهي ته مسٽر چرچل واٽر وال بووين تي گرفتار ٿي ويو آهي.

لنڊن، 16- ڊسمبر:- مسٽر ونسٽن چرچل جي پريٽوريا مان فرار جي سلسلي ۾ اهڙن خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته هو شايد جلد ئي پڪڙجي پوندو ۽ جيڪڏهن پڪڙجي پيو ته کيس شايد گولي هنئي ويندي.

يا آءُ جيڪڏهن پنهنجي تحريري خاڪي ۽ گرفتاري تي رکيل انعام وارو اشتهار پڙهان ته به ڏاڍو پريشان ٿيان ها. اهي اشتهار وڏي پيماني تي ورهائجي رهيا هئا ۽ ريلوي لائين سان گڏوگڏ ڀتين تي لڳي رهيا هئا. مون کي خوشي آهي ته مون کي انهن سڀني معاملن بابت ڪا به خبر نه هئي.

18- تاريخ جي شام آهستي آهستي گذرندي وئي. مون کي ياد آهي ته مون انهيءَ جو وڏو حصو اسٽيونن جو ڪڊنيپڊ (Kidnapped) پڙهندي گذاريو هو. ڪتاب جا اهي جوش ڏياريندڙ صفحا جن ۾ ڊيوڊ بالفور ۽ الين بريڪ جي فرار جو ذڪر آهي اهي بلڪل ساڳيا جذبا جاڳائي رهيا هئا جن کان آءُ چڱي طرح واقف هوس. ڀاڳيلو ۽ گهربل هئڻ ۽ اهڙو ماڻهو هئڻ جنهن جي ڳولها ٿي رهي هجي اهو پنهنجي قسم هڪ ذهني تجربو آهي. لڙائي جي ميدان جا خطرا ۽ گولي يا بم جا نقصان هڪ ڳالهه آهي ۽ پوليس توهان جي پٺيان هئڻ بلڪل ٻي ڳالهه آهي جيڪو حوصلي کي بلڪل ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. اهو احساس خود اعتماديءَ جي بنيادن کي ڪُتريندو رهندو آهي ته ڪنهن به وقت قانون جا عملدار سامهون اچي سگهن ٿا يا ڪو به اجنبي ماڻهو اهو سوال پڇي سگهي ٿو ته: ”ڪير آهين؟ منهنجي جسم جي هر هڪ تند انهيءَ ڀوڳنا جي احساس کان ڪنبي رهي هئي جيڪو ڪوماٽي پورٽ تي منهنجو منتظر هو ۽ مون کي جيڪڏهن دشمن وٽان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻو هو ته انهي کي جيئن تيئن ڪري برداشت ڪرڻو هو.

آءُ انهن سوچن ۾ ئي هوس ته رائيفل جي هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ ٺڪائن جي آواز مون کي ڇرڪائي وڌو. منهنجي ذهن ۾ انهن جو هڪ منحوس سبب ٺهي آيو ته بوئر اچي ويا هئا! هوورڊ ۽ سندس چند انگريزن دشمن جي ملڪ جي دل ۾ کليل بغاوت ڪري ڇڏي هئي! مون کي ڏاڍو سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو هو ته آءُ ڪهڙي به حالت ۾ ڇا به ٿي پوي کوکن جي پٺيان پنهنجي لڪ واري جاءِ نه ڇڏيان. تنهنڪري آءُ وڏي پريشانيءَ ۾ اتي ئي پيو رهيس. پر جلد ئي اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي هئي. آفيس مان کِلڻ ۽ ڳالهائڻ جو آواز اچڻ لڳو جن مان ظاهر پئي ٿيو ته ڪا دوستاڻي قسم جي گفتگو هلي رهي هئي. مون وري الين بريڪ سان پنهنجي سنگت جو سلسلو جوڙيو. آخر آواز ختم ٿي ويا ۽ پوءِ ٿوري وقفي کان پوءِ دروازو کليو ۽ مسٽر هوورڊ جو هيڊو ۽ ڳنڀير منهن ظاهر ٿيو جنهن تي هڪ وڏي مُرڪ سجايل هئي. هن دروازي کي قلف ڏنو ۽ وڏي خوشي ۾ آهستي قدم کڻندو مون ڏانهن وڌيو.

’فيلڊ ڪورونيٽ هتي آيل آهي‘، هن چيو ’نه نه هو تنهنجي ڳولها ۾ نه هو. پر مون نه ٿي چاهيو ته هو ڪا ڳڙٻر ڪري وجهي تنهنڪري مون هن سان شيشن کي رائيفل سان ڌڪ هڻڻ جي شرط رکي. هن مون کان ٻه پائونڊ کٽيا ۽ ڏاڍو خوش ٿي ويو آهي.‘

’اڄ رات لاءِ سڀ بندوبست ٿي ويا آهن‘

’مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟‘ مون پڇيو.

’ڪجهه به نه، آءُ جڏهن اچان ته تون فقط منهنجي پٺيان هلج.‘

اوڻيهين تاريخ صبح جو ٻين وڳي آءُ ڪپڙا پائي تيار ٿي سنگل جو انتظار ڪرڻ لڳس. دروازو کليو، منهنجو ميزبان ظاهر ٿيو ۽ اشارو ڏنائين ڪنهن به هڪ لفظ به نه ڳالهايو. هو آفيس مان ٿيندو ريلوي لائين ڏانهن هليو جتي ٽي وڏا گاڏا بيٺا هئا. ڊيوزنيپ ۽ اسڪاٽلينڊي کاڻ مزدور چانڊوڪيءَ ۾ مختلف طرفن ۾ چهل قدمي ڪري رهيا هئا. ڪافرن جو هڪ ٽولو هڪ تمام وڏي ڳٺڙي سڀ کان آخري گاڏي تي چاڙهڻ ۾ رڌل هو. هوورڊ آهستي وکون کڻندو پهرئين گاڏي تائين ويو ۽ لائين ٽپي اُن جي ڇيڙي تائين ويو. انهيءَ دوران هن پنهنجي کاٻي هٿ سان اشارو ڪيو. آءُ گاڏن جي بفرن (Buffers) ڏانهن ويس هليو ته پنهنجي سامهون گاڏي جي پڇاڙي ۽ اُن جي ڳٺڙين جي وچ ۾ هڪ سوراخ نظر آيو جيڪو فقط ايترو ويڪرو هو جو ان ۾ ماڻهو سوڙهو ٿي لنگهي وڃي. انهيءَ مان اُن جي ڳٺڙين جي ٺهيل هڪ سوڙهي سُرنگهه گاڏي جي وچ تائين وئي ٿي. هتي جاءِ ڪجهه ايتري ويڪري هئي جنهن ۾ سُمهي سگهجي ۽ ايتري مٿي هئي جنهن ۾ ويهي سگهجي. مون انهيءَ ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيو.

ٽي يا چار ڪلاڪ پوءِ جڏهن منهنجي پناهه گاهه جي سوراخن ۾ گاڏي جي فرش جي تختن جي وٿين مان ڏينهن جي روشني جا ترورا مون تائين پهچڻ لڳا ته ويجهو ايندڙ انجڻ جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. وري گاڏن جا هڪٻئي کي اچي لڳڻ جا آواز شروع ٿيا. وري هڪ وقفي کان پوءِ اسان نامعلوم طرف ۾ پنهنجي سفر تي گهرڪڻ شروع ڪيو.

هاڻي مون پنهنجي نئين ٺڪاڻي ۽ اهو جنهن رصدي سامان ۽ بارود سان ليس هو انهيءَ جو جائزو ورتو. سڀ کان پهريون ته هڪ ريوالور هو. اها جيتوڻيڪ اخلاقي مدد هئي پر اها ڳالهه سولائي سان سمجهه ۾ نه پئي آئي ته مون کي جيڪڏهن ڪو مسئلو حل ڪرڻو پيو ته انهيءَ کي پنهنجي مدد ۾ ڪيئن ڪم آڻي سگهبو. ٻئي نمبر تي ٻه پڪل مرغ، گوشت جا ڪجهه ٽڪرا، ماني جو هڪ ٽڪر، هڪ گدرو ۽ ٿڌي چانهه جون ٽي بوتلون هيون. سمنڊ تائين پهچڻ ۾ سفر سورهن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت نه وٺي ها پر ڪا به خبر نه ٿي پئي ته جنگ جي دور ۾ عام رواجي تجارتي ٽريفڪ کي ڪيتري دير ٿي سگهي ٿي.

آءُ جنهن جاءِ ۾ بند هوس انهيءَ ۾ هاڻي چڱي روشني ٿي وئي هئي. گاڏي جي پاسن ۽ فرش وارن تختن ۾ ڪيتريون ئي وٿيون هيون. روشني انهن مان ٿيندي اُن جي ڳٺڙين جي وچ ۾ پهچي ٿي ويئي. مون سُرنگهه مان گاڏي جي پڇڙي تائين هلي هڪ سوراخ ڳولهي ورتو جيڪو هڪ انچ جي تقريباً اٺين حصي جيترو ويڪرو هوندو. انهيءَ مان ٻاهرئين دُنيا جو جزوي منظر ڏسڻ ۾ آيو ٿي. سفر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي لاءِ مون رستي تي ايندڙ سڀني اسٽيشنن جا نال اڳواٽ ئي ياد ڪري ڇڏيا هئا. انهن مان ڪيترائي مون کي اڄ به ياد آهن: وٽ بينڪ، مڊل برگ، برجينڊال، بيلفاسٽ، ڊالمينوٿا، ميڪاڊو ڊورپ، واٽروال اونڊر، ايلانڊس، نوجي ڊاٽ، اهڙي طرح ويندي ڪوماٽي پورٽ تائين. اسين هاڻي انهن مان پهرئين تي پهتاسين. اتي کاڻ کان ايندڙ برانچ لائين مين لائين سان اچي ملي ٿي. اتي ٻه ٽي ڪلاڪ دير ۽ شنٽنگ کان پوءِ اسين باقاعدي هلندڙ ٽرين سان ڳنڍجي وياسين ۽ جلد ئي ڏاڍي سٺي ۽ اطمينان بخش رفتار سان هلڻ لڳاسين.

اسين سمورو ڏينهن ٽرانسوال جي علائقي منجهان اوڀر طرف هلندا رهياسين. اوندهه ٿيڻ تي اسان کي رات لاءِ هڪ اسٽيشن تي بيهاريو ويو جيڪا منهنجي اندازي مطابق واٽروال بووين هئي. اسان پنهنجو لڳ ڀڳ اڌ سفر ڪري ڇڏيو هو. پر اسين هتي ڪيترو وقت انتظار ڪنداسين؟ ممڪن آهي ته ڏينهن لڳي وڃن، بهرحال صبح تائين ته پڪ سان بيٺا هونداسين. ڏينهن جو سمورو ختم ئي نه ٿيندڙ وقت آءُ گاڏي جي فرش تي پيو هوس ۽ جيترو ٿي سگهيو ٿي ذهن کي مصروف رکيو ويٺو هوس ۽ آزادي جي خوشين، فوج ۾ وري شامل ٿيڻ جي سرشاري ۽ ڪاميابي سان فرار ٿيڻ بابت خوبصورت تصويرون ٺاهيندو رهيس پر سرحد تي تلاشي واري پريشاني به مسلسل ذهن کي ستائيندي رهي. اها ڀوڳنا ته اڻٽر هئي ۽ مسلسل ويجهو اچي رهي هئي. هاڻي مون کي هڪ ٻيو فڪر ورائي ويو. مون ننڊ ڪرڻ ٿي گهري. مون نه ٿي سمجهيو ته آءُ سجاڳ رهي سگهندس. پر جيڪڏهن مون کي ننڊ وٺي وئي ته ممڪن آهي ته آءُ کونگهرا نه هڻان ۽ مون جيڪڏهن ٽرين جي انهيءَ خاموش لائين تي بيٺي کونگهرا هڻي ورتا ته ممڪن آهي ته ڪير ٻڌي نه وٺي! ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻڌي ورتو ته؟ مون اصولي طور اهو فيصلو ڪري ورتو ته ننڊ کان پري رهڻ ۾ ئي دانشمندي هوندي پر جلد ئي مون کي مٺي ننڊ وٺي وئي جنهن مان آءُ صبح جو ئي ٽرين جي کڙڪن ۽ لوڏن تي سجاڳ ٿيس جو ان سان انجڻ وري ڳنڍجي رهي هئي.

واٽر وال بووين ۽ واٽر وال اونڊر جي وچ ۾ هڪ تمام اڀڪپري لاهي آهي. گاڏي انهيءَ لاهيءَ تان ڦيٿن تي لڳندڙ اشڪنجن ۽ چڪرن جي مدد سان لهندي آهي. اسين اتان ٽي يا چار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان لٿاسين. انهيءَ لاهيءَ منهنجي اندازي کي پختو ڪيو ته ايندڙ اسٽيشن واٽروال اونڊر هوندي. اسين اهو سڄو ڏينهن به دشمن جي ملڪ مان کڙ کڙ ڪندا هلياسين ۽ شام جو دير سان ڪوماٽي پورٽ پهتاسين جنهن کان مون کي ايترو ڊپ هو. سوراخ تي اک رکڻ سان مون کي ڏسڻ ۾ آيو ته اها چڱي خاصي جاءِ هئي. ريل جون گهڻيون ئي لائينون هيون جن تي ڪيتريون ئي گاڏيون بيٺل هيون ۽ ڪيترائي ماڻهو اچي وڃي رهيا هئا. سيٽيون وڄي رهيون هيون ۽ ماڻهن جا آواز ۽ رڙيون به ٻڌڻ ۾ پئي آيون. منظر جي شروعاتي جائزي کان پوءِ ٽرين به هڪ جاءِ تي بيٺي ته آءُ پٺتي پنهنجي ٺڪاڻي جي وچ ۾ هليو ويس ۽ پاڻ کي هڪ ٻوريءَ جي ٽڪر سان ڍڪي گاڏي جي فرش تي سڌو ٿي پئجي رهيس ۽ ڌڙڪندڙ دل سان ٿيندڙ واقعن جو انتظار ڪرڻ لڳس.

ٽي يا چار ڪلاڪ گذري ويا. مون کي خبر نه پئي ته اسان جي تلاشي ٿي يا نه. ڪيترائي دفعا ماڻهو ٽرين جي شروع کان آخر تائين ڊچ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا ويا پر پال نه لاٿو ويو ۽ لڳي ٿو ته گاڏي جي ڪا خاص تلاشي نه ورتي وئي.  انهي دوران اوندهه پکڙجي وئي ۽ مون کي پنهنجي غير يقيني صورتحال جي غير معين وقت تائين جاري رهڻ تي راضي ٿي ويهي رهڻو پيو. سوين ميلن جو سفر ٿي وڃڻ کان پوءِ وري ايترو وقت غير يقيني صورتحال ۾ پيو رهڻ سان دل جي آنڌ مانڌ وڌي پئي ويئي ۽ هاڻي ته آءُ سرحد کان ٻه ٽي سو وال پري هوس. مون وري کونگهرن جي خطرن بابت سوچ ويچار ڪئي پر مون کي آخر ڪار ننڊ اچي وئي ۽ ڪو به حادثو نه ٿيو.

اسين اڃان بيٺا ئي هئاسون جو منهنجي اک کُلي وئي. گاڏيءَ جي شايد تمام وڏي تلاشي پئي ورتي وئي جو ايتري دير پئي ٿي! ٻيو سبب اهو ٿي سگهيو ٿي ته شايد ماڻهن کان ڳالهه ئي وسري وئي هئي ۽ اسين اتي ڪيترا ڏينهن يا هفتا بيٺا هونداسين. مون کي دل ۾ ڏاڍي خواهش پيدا ٿي رهي هئي ته ٻاهر ڏسان پر آءُ انهيءَ کان باز رهيس.آخرڪار يارهين وڳي انجڻ اسان جي گاڏن سان لڳي ۽ اسان فوراً هلڻ شروع ڪيو. منهنجي جيڪڏهن اها سوچ صحيح هئي ته اسان جنهن اسٽيشن تي رات گذاري اها ڪوماٽي پورٽ هئي ته انهي مطابق اسين اڳي ئي پورچوگالي علائقي ۾ اچي ويا هئاسين. پر مون کان شايد غلطي ٿي وئي هئي مون شايد ته ڳڻپ ۾ غلطي ڪئي هئي. شايد ته سرحد کان اڳ اڃان ٻي اسٽيشن هجي. شايد ته تلاشي اڃان اڳتي ٿئي. پر ٽرين جي ٻي اسٽيشن تي پهچڻ سان اهي سڀ شڪ شبها دور ٿي ويا. مون سوراخ تي اک رکي ڏٺو ته پليٽ فارم تي پورچوگالي عملدار جون ورديءَ واريون ٽوپيون ۽ هڪ بورڊ تي Resana Garcia لکيل نظر آيو. آءٌ اڳتي وڌڻ تائين پنهنجي خوشي جي جذبن جي اظهار تي ڪنٽرول ڪندو رهيس پر پوءِ جڏهن اسين اڳتي کسڪياسين ته مون پنهنجو مٿو پال مان ٻاهر ڪڍيو ۽ زور زور سان ڳائڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳس. آءٌ شڪرگذاري ۽ خوشي جي جذبن ۾ ايترو ته وهي ويس جو مون پنهنجي ريوالور سان ٻه ٽي دفعا هوائي فائر به ڪيا پر انهن بيوقوفين مان ڪي به خراب نتيجا نه نڪتا.

اسين شام جو دير سان ”لورينڪو مرڪيوس“ (Lorenco Marques) پهتاسين منهنجي ٽرين هڪ گڊس يارڊ ۾ اچي بيٺي ۽ ڪافرن جو هڪ مٽولو انهي تان مال لاهڻ لاءِ وڌي آيو. مون سوچيو ته هاڻي منهنجي لڪڻ جي جاءِ مان نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. جنهن ۾ مون فڪرمندي ۽ بي آرامديءَ وارا تقريباً ٽي ڏينهن گذاريا هئا. مون کاڌي جي هر ڪا شي اڳ ۾ ئي اڇلائي ڇڏي هئي ۽ گاڏيءَ ۾ پنهنجي رهڻ جا سڀ نشان ختم ڪري ڇڏيا هئا. آءٌ هاڻي گاڏي مان کسڪي ٻاهر نڪري آيس ۽ ڪنهن جي نظر ۾ اچڻ کان سواءِ يارڊ ۾ بيٺل رولو ماڻهن ۽ ڪافرن سان گڏجي سڏجي ٻاهرين دروازن ڏانهن هلندو آيس ۽ لورينڪو مارڪيس جي گهٽين ۾ اچي پهتس.

برجينر دروازن کان ٻاهر منهنجي انتظار ۾ هو. اسان جون اکيون چار ٿيون. هو پٺي ڏئي شهر ۾ هلي پيو ۽ آءٌ به ويهن والن جو فاصلو رکي هن جي پٺيان هلندو رهيس. اسين ڪيترن ئي گهٽين مان هلياسين ۽ ڪيترائي موڙ مڙياسين. هاڻي هو هڪ هنڌ بيهي رهيو ۽ ٿوري دير سامهون واري گهر جي ڇت کي ڏسندو رهيو. مون به ساڳي طرف نهاريو-مقدس منظر!- مون کي يونين جيڪ ڦڙڪندي نظر آيو. اهو برطانوي قونصل خانو هو.

برطانوي قونصل جي سيڪريٽري کي منهنجي اچڻ جي ڪا اميد نه هئي. ’هليو وڃ‘ هن چيو. ”قونصل اڄ توسان نه ملي سگهندو. جيڪڏهن ڪجهه گهُرجئي ٿو ته سڀاڻي نوين وڳي سندس آفيس اچ.“

انهيءَ تي مون کي ايتري ته ڪاوڙ وٺي وئي ۽ ڪيترا دفعا اها ڳالهه ايترو ته زور سان چئي ته مون کي قونصل سان فوراَ ذاتي طور تي ملڻو آهي جو انهيءَ شريف شخص پاڻ دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍي ڏٺو ۽ آخرڪار هيٺ در وٽ لهي آيو ۽ مون کان منهنجو نالو پڇيائين. انهيءَ لمحي کان تواضع ۽ ڀليڪار جي هر شي منهنجي لاءِ هڪي تڪي موجود ٿي وئي. گرم پاڻي مان غسل، صاف ڪپڙا، شاندار ڊنر، ٽيليگرام جي سهوليت مطلب ته مون کي جنهن به شي جي گهرج هئي سا ملندي وئي.

مون پنهنجي سامهون رکيل اخبارن جو فائيل ڳڙڪائڻ شروع ڪيو. مون پاران اسٽيٽ ماڊل اسڪولز جي ڀت ٽپڻ کان پوءِ عظيم واقعا رونما ٿي چڪا هئا. برطانوي فوج تي بوئر جنگ جو ڪارو هفتو (Black Week) ڪڙڪي چڪو هو. جنرل گيٽ ايڪر اسٽارمبرگ ۾، لارڊ ميٿيوئين ميگرس فائونٽين ۾ ۽ سر ريڊورس بلر ڪولينسو ۾ وڏيون شڪستون کائي ويٺا هئا ۽ انگلينڊ جو جاني نقصان ايترو ٿيو هو جيترو ڪريميا جي جنگ کان پوءِ ڪنهن به لڙائي ۾ نه ٿيو هو. انهن سڀني ڳالهين مون کي فوج ۾ وري شموليت لاءِ اتاولو ڪري ڇڏيو. قونصل جنرل کي وري مون کي لورينڪو مارڪيس مان ٻاهر ڪڍڻ بابت ڳڻتي هئي جو اهو شهر بوئرن ۽ بوئرن جي همدردن سان ڀريو پيو هو. ڀلو ٿيو جو ڊربن ڏانهن ويندڙ هفتيوار اسٽيمر به انهيءَ ئي شام روانو ٿي رهيو هو. مون انهيءَ تي سوار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

منهنجي پهچڻ جي خبر سموري شهر ۾ جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ اسين اڃان جڏهن ڊنر تي ئي هئاسين ته قونصل جنرل باغ ۾ اوپرن ماڻهن جو هڪ گروپ ڏسي پريشان ٿي ويو. بهرحال خبر پئي ته اهي مڪمل هٿياربند ٿي آيل انگريز هئا جيڪي ڊوڙندا ڊڪندا قونصل خاني اچي پهتا هئا ۽ اهو عزم ڪري آيا هئا ته منهنجي ٻيهر گرفتاريءَ جي ڪنهن به ڪوشش جي مزاحمت ڪندا. آءٌ انهن محب وطن معززين سان گڏ گهٽين مان ٿيندو حفاظت سان بندر تي پهتس ۽ تقريباً ڏهين وڳي Induna جهاز ۾ کاري پاڻيءَ تي هوس.

ڊربن پهچندي پهچندي آءٌ مقبول عام هيرو ٿي ويس. منهنجو اهڙيءَ طرح استقبال ٿيو ڄڻ ته مون ڪا وڏي فتح حاصل ڪئي هجي. بندرگاه جهنڊن سان سينگاريو پيو هو ۽ دڪن تي ماڻهن ۽ بينڊ وارن جا ميڙ لڳا پيا هئا. ايڊمرل، جنرل ۽ ميئر مون سان هٿ ملائڻ لاءِ ڌوڪيندا جهاز تي چڙهي آيا. آءٌ پُرشوق مهرباني جي انهيءَ اظهار تي شڪرگذاري جي احساس هيٺ ڇڄندو پئي ويس. ماڻهن مون کي ڪلهن تي ڦيراٽيون ڏياريندي اچي ٽائون هال جي ڏاڪڻين وٽ لاٿو ۽ تقرير کان سواءِ ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه پئي ٿيا جيڪا مون مناسب ٽال مٽول کان پوءِ ڪئي. مون وٽ دنيا جي سڀني حصن مان ٽيلگرامن جا سٿا اچي رهيا هئا. آءٌ انهيءَ ئي رات فوج ۾ شريڪ ٿيڻ هليو ويس.

هتي به منهنجو استقبال تمام وڏي خيرخواهي سان ٿيو. هتي انهيءَ ساڳئي لائين جي مرمت ڪندڙن جي ڪيبن ۾ رهيس جنهن جي هڪ سو والن جي فاصلي تان مون کي مهيني کان ڪجهه وڌيڪ وقت اڳي باندي بڻايو ويو هو.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org