باب اوڻيهون
بڪتربند ٽرين
The Armored Train
اسان ٽيبل بي ۾ لنگر لاٿو ته اڃان اوندهه لڳي پئي هئي. پر ڪناري
تي بيشمار روشنيون ٽمڪي رهيون هيون ۽ اسان جي جهاز
جي چوڌاري لانچن جي وڏي هلچل مچي وئي. اعلى عملدار
۽ نيوي ۽ ملٽري جا آفيسر پنهنجون رپورٽون کڻي پهچي
ويا. هيڊڪوارٽر اسٽاف اهي رپورٽون پڙهڻ لاءِ سڄي
رات ويٺو رهيو. مون اخبارن جو هڪ بنڊل کنيو ۽ انهن
کي وڏي توجه سان ويهي پڙهيو.
بوئرن ناتال تي ڪاهه ڪري ڏني هئي، ڊنڊي
(Dundee)
۾ اسان جي فوجن تي حملو ڪيو هو ۽ انهن کي جيتوڻيڪ
تلانا هل
(Talana Hill)
واري معرڪي ۾ شڪست آئي هئي ته به جنرل پين سائمنز
انهن هٿان مارجي ويو هو ۽ سندس ڪمان وارا جيڪي ٽي
يا چار هزار سپاهي تڙ تڪڙ ۽ خطرناڪ نموني ۾ پٺيان
پير ڪندا ليڊي سمٿ
(Ladysmith)
ڏانهن وڃي رهيا هئا، انهن کي لڳ ڀڳ گهيري ۾ آڻي
ڇڏيو هو. ليڊي سمٿ ۾ سر جارج وهائيٽ جي ڪمان ۾
ٻارنهن يا تيرهن هزار ماڻهو، چاليهه يا پنجاهه
توپون ۽ ڪيولري جي هڪ برگيڊ هئي. هن انهن جي مدد
سان بوئرن جي پيشقدمي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن وقت
مون کي جيتوڻيڪ اها خبر نه هئي پر تڏهن برطانوي
حڪومت جو ارادو اهو هو ته هو پوئتي هٽي ٽوگيلا ندي
(Tugela River)
جي ٻئي پاسي هليو وڃي ۽ بوئرن جي پيشقدمي کي
ايستائين روڪي جيستائين انگلينڊ ۽ انڊيا مان نڪتل
ڪُمڪ هن وٽ پهچي وڃي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو
پنهنجي رسد ڪٽجي وڃڻ ۽ پاڻ کي گهيري ۾ اچي وڃڻ کان
بچائي. برطانيه جي وار پلان
(War Plan)
۾ اتر ناتال تان عارضي طور هٿ کڻڻ واري ڳالهه سان
گڏوگڏ (ڇو ته ان جي ٻاهر نڪتل ٽڪنڊي جو دفاع ممڪن
نه هو) اها ڳالهه به زير غور هئي ته ڪيپ ڪالوني
مان بُلر جي ڪمان هيٺ مکيه فوج آرينج فري اسٽيٽ
(Orange Free State) مان لنگهي پريٽوريا تائين ويندي. انهيءَ رٿا ۾ جلد ئي وڏو خلل
پئجي ويو.
مون کي ياد آهي ته مون ڪيترا سال پوءِ هڪ رات هڪ ڊنر پارٽي ۾
مسٽر بالفور کي چيو هو ته سر جارج وهائيٽ سان ڏاڍو
خراب سلوڪ ٿيو آهي. اوچتو سندس مُرڪندڙ ۽ کِل مَک
منهن تي ڏاڍي سختي اچي وئي ۽ ائين لڳو ڄڻ ڪو بلڪل
مختلف ماڻهو مون سان مخاطب هجي. ”اهو ئي اسان کي
ليڊي سمٿ ۾ ڦاسائڻ جو ذميوار هو جنهن جو اسين هن
کان حساب لهڻون ٿا.“
اسان جي پهچڻ واري ڏينهن (31 آڪٽوبر) ئي ليڊي سمٿ جي آسپاس ڏاڍا
ڳنڀير واقعا پيش اچي چڪا هئا. جنرل وهائيٽ جنهن کي
ايلانڊس لاگٽ (Elands
Legate)
۾ هڪ مقامي ڪاميابي حاصل ٿي هئي. انهيءَ پيشقدمي
ڪندڙ پر لڪندڙ ڇپندڙ بوئر ڪمانڊوز خلاف ڏاڍي
پُرجوش ۽ جارحانه چُرپر شروع ڪري ڏني. انهيءَ
دوران وڏي تباهي ٿي وئي. برطانوي انفنٽري جي
تقريباً ٻارنهن سو ماڻهن کي نڪلسنز نيڪ
(Nicholson’s Nek)
وٽ گهيري ۾ آڻي هٿيار ڦٽا ڪرايا ويا ۽ باقي وڏي
پيماني تي ٽڙيل پکڙيل فوجن اچي ليڊي سمٿ ۾ پناهه
ورتي. انهن جلديءَ ۾ انهيءَ جي چوڌاري خندقون کوٽي
ڇڏيون ته بوئرن به انهيءَ جو چئني طرفن کان گهيرو
ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. هاڻي انهن جي ريلوي لائين به
ڪٽجي وئي ۽ انهن وٽ ويهي امداد جو انتظار ڪرڻ کان
سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه بچيو. بوئرن انهن جو چئني
پاسن کان گهيرو ڪري پنهنجي فوج جي ٽن مان ٻه حصا
انهن جي ناڪابندي تي بيهاري ڇڏيا ۽ بظاهر ائين پئي
لڳو ته اهي هاڻي باقي فوج سان توگيلا ندي ٽپي ڏکڻ
ناتال تي دٻاءُ وڌائڻ وارا هئا. ٻين بوئرن فوجن به
ساڳئي طرح ميفڪنگ ۽ ڪمبرلي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو
۽ هاڻي انهن کي بُکن ۾ مارڻ لاءِ کوپو کوڙي ويهي
رهيون هيون ۽ آخري ڳالهه اها ته خود ڪيپ ڪالونيءَ
جا ڊچ آباديءَ وارا علائقا بغاوت جو علم کڙو ڪرڻ
وارا هئا. هيڏي ساري وسيع ننڍي کنڊ[1]
۾ هر ماڻهو جا هٿ پنهنجي ڀاءُ جي ڳچيءَ ۾ هئا ۽
برطانوي توپ جو گولو وڃي سگهيو ٿي.
مون کي جيتوڻيڪ اسان جي پلان توڙي دشمن جي صورتحال بابت ڪابه
ڄاڻ نه هئي ۽ ناتال ۾ آيل تباهيءَ جون خبرون به
اڃان ظاهر نه ڪيون ويون هيون ته به اسان جي اتي
پهچڻ سان ئي اها ڳالهه واضح ٿي وئي هئي ته پهرئين
شديد لڙائي ناتال ۾ پيش ايندي. بُلر واري آرمي ڪور
کي ڪيپ ٽائون ۽ پورٽ الزبيٿ ۾ گڏ ٿيڻ ۾ هڪ مهينو
يا ڇهه هفتا لڳي ويندا. معنى ته ناتال ۾ ٿيندڙ
ڪاروايون ڏسڻ ۽ وري مکيه پيشقدمي لاءِ ڪيپ ڪالوني
۾ موٽي اچڻ جو وقت ملي ويندو. مون اها ڳالهه سوچي
هئي ۽ ڪجهه ڏينهن پوءِ وڏي افسوس کان پوءِ سر
ريڊورس بُلر کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. فري
اسٽيٽ مان هر قسم جي ٽريفڪ بيهجي وئي ۽ هاڻي ناتال
پهچڻ لاءِ ڊي آر
(De Aar)
جنڪشن ۽ اسٽارمبرگ
(Stormberg)
مان ٿيندو پورٽ الزبيٿ تائين ست سو ميل ريل جو سفر
ڪري، اتان وري ڪنهن ننڍي ٽپال ٻيڙي يا وڏن جهازن
کي ڇڪڻ واري ٻيڙي ذريعي ڊربن پهچجي ها. انهيءَ ۾
ڪل چار ڏينهن لڳي وڃن ها. ڊي آر کان اسٽارمبرگ
تائين ريل جو بند دشمن جي سرحد جي پورو ڇوٽ هليو
ٿي. انهيءَ جو ڪنهن به قسم جو دفاع نه هو ۽ ڪنهن
به وقت بند ٿي سگهيو ٿي بهرحال اختيارين سمجهيو ته
انهيءَ مان لنگهي وڃڻ جو سٺو موقعو آهي. تنهنڪري
آءٌ به وقت وڃائڻ کان سواءِ مانچسٽر گارجين جي
نامه نگار مسٽر جي بي اٽيڪنس
(J.B.Atkins)
سان گڏ نڪري پيس. موصوف ڏاڍو ٺاهوڪو نوجوان هو ۽
اڳتي هلي
Spectator
ايڊيٽر ٿيو. حقيقت اها آهي ته اسان جي ٽرين اتان
نڪرندڙ سڀ کان آخري گاڏي هئي ۽ اسين جڏهن
اسٽارمبرگ پهتاسين ته اسٽيشن جو اسٽاف پنهنجو
سامان ٻڌي رهيو هو.
اسين ايسٽ لنڊن مان تقريباً ڏيڍ سو ٽن واري اسٽيمر تي چڙهياسين.
سمنڊ تي تمام خطرناڪ اينٽارڪٽڪ طوفان هلي رهيو هو.
مون ته سوچيو پئي ته اهو ننڍڙو جهاز وڏن لهرن ۾
اچي تباه نه ٿي وڃي يا اڇلجي وڃي ٽڪرين تي نه ڪري
جيڪي اسان جي کاٻي پاسي کان مشڪل سان هڪ ميل پري
لاڳيتو پنهنجا ڪارا ڏند ڪڍيون بيٺيون هيون. پر اهي
سڀئي شڪ شبها جلد ختم ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ
سامونڊي سفر واري بيماري
(sea sickness)
جي شديد دورن اچي ولاري. هير سامونڊي سفر ۾ انهن
دورن کي منهن ڏيڻ منهنجو مقدر ٿي ويو آهي. جهاز جي
پاڇيل ۾ عرشي هيٺان هڪ ننڍڙي ڪيبن ۾ عملي جا ڇهه
ست ڄڻا رهندا هئا ۽ سمهندا ۽ ماني به اتي کائيندا
هئا. آءٌ اهڙي ئي هڪڙي کُڏي ۾ انتهائي جسماني
تڪليف ۾ ورتو پيو هوس ۽ اسان جو جهاز سموري
منجهند، شام ۽ رات لڏندو لمندو، آسيرو پاسيرو
ٿيندو ۽ وري سڌو ٿيندو رهيو. مون کي ياد آيو ته
ٽيٽوز اوٽيز[2]
(Titus Outes)
چهبڪن جي وڏي مار کائڻ کان پوءِ به ڪيترا سال خوش
چڱو ڀلو رهيو هو. اهي پور پچائيندي ۽ اهو پڪو يقين
رکندي ته قدرت جي طرفان بهتري ئي ٿيندي مون ۾ به
اميدن جو وڏو ذخيرو پيدا ٿي ويو.
هر ڳالهه جي پڄاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ٻي
ڪنهن به ڳالهه کان جسماني تڪليف جي يادگيري جلد
وسري وڃي ٿي. انهيءَ هوندي به ڊربن ڏانهن منهنجي
سامونڊي سفر جي ’ياد‘ تي
`Bab Ballads`
جا هيٺيان ٻول ٺهڪي اچن ٿا ته:
انهيءَ جي ورقن تان سڀاڻو جڏهن ڊهي ويندو
ته پنهنجي ذهن جي ڦرهين تي چِٽي لکيل
زماني جي غفائن ۾ کڻي ويندس.
* * * *
اسين ڊربن ۾ لٿاسين ۽ هڪ رات سفر ڪري پيٽر مارٽز برگ پهتاسين.
اسپتال اڳي ئي زخمين سان ڀري پئي هئي. هتي مون کي
ريگي بارنيس
(Reggie Barnes)
به نظر اچي ويو. جنهن کي سٿر ۾ گولي لڳي هئي. هن
کي ايلانڊس لاگٽ اسٽيشن تي اسان جي شاندار پر
ننڍڙي فتح ۾ بلڪل ويجهي فاصلي تان گولي لڳي هئي.
انهيءَ معرڪي جي ڪمان منهنجي دوست آئن هيملٽن ڪئي
هئي. جيڪو هاڻي جنرل ٿي ويو آهي. هن مون کي لڙائي
جو سمورو تفصيل ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته بوئر
گهوڙي ۽ رائيفل جي استعمال ۾ ڏاڍا ماهر هئا.
انهيءَ دوران هن مون کي پنهنجي ٽنگ به ڏيکاري. ٽنگ
جي هڏي ڪابه ڀڳل ته نه هئي پر اها ڍاڪ کان پير جي
پٻ تائين ڪاري ڪوئلو لڳي پئي هئي. سرجن پوءِ مون
کي خاطري ڏياري ته اهي فقط ٻاهريان زخم هئا ۽ جيئن
ته مون کي ڊپ هو پر گوشت سڙيل نه هو آءٌ انهيءَ
رات ايسٽ ڪورٽ ڏانهن روانو ٿي ويس جيڪو ڪجهه سَون
جي آبادي تي ٻڌل ٽين جي گهرن جو ننڍڙو شهرڙو آهي،
انهيءَ کان اڳتي ريل گاڏيون نه ٿي هليون.
منهنجو ارادو ليڊي سمٿ ۾ داخل ٿيڻ جو هو جتي مون کي خبر هئي ته
آئن هيملٽن منهنجي سار سنڀال لهندو ۽ مون کي چڱيون
شيون ڏيکاريندو پر مون کي گهڻي دير ٿي وئي هئي ۽
دروازو بند ٿي ويو هو. بوئرن ٽوگيلا ندي تي
ڪولينسو اسٽيشن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ لوهي ريلوي
پل به انهن جي قبضي ۾ هئي. جنرل فرينچ ۽ سندس
اسٽاف – جنهن ۾ هيگ
(Haig)
۽ هربرٽ لارينس به شامل هئا- ليڊي سمٿ مان توپ
خاني جي گولا باري هلندي آخري ريل گاڏي تي چڙهي
کسڪي ويا هئا جو انهن کي ڪيپ ڪالوني پهچڻو هو جتي
ڪيولري جا دوست گڏ ٿيا هئا. هاڻي ايسٽ ڪورٽ ۾ ويهي
انتظار ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ئي نه هو جتي ناتال
جي ڏاکڻين پاسي کي بوئرن جي سِر تي پهتل ڪاهه کان
بچائڻ لاءِ ڪجهه دستا تڙ تڪڙ ۾ گڏ ٿي رهيا هئا.
ڪالوني جي دفاع لاءِ فقط ڊبلن فيوزيليئرز جي هڪ
بٽالين، ٻه يا ٽي توپون، ناتال ڪاربائينيئرز جا
چند اسڪواڊرن، ڊربن لائيٽ انفنٽري جون ٻه ڪمپنيون
۽ هڪ بڪتربند ريل گاڏي بيٺل هئي. باقي سموري ناتال
آرمي جي ليڊي سمٿ ۾ ناڪابندي لڳي پئي هئي. برطانوي
سلطنت جي سمورن حصن مان ڪُمڪ وڏي رفتار سان اچي
رهي هئي پر جيڪو هفتو آءٌ ايسٽ ڪورٽ ۾ رهيس انهيءَ
دوران اسين ايترا ته ڪمزور هئاسين جو تقريباً هر
روز ائين سمجهندا هئاسين ته ڪالهه نه ته اڄ ضرور
اسان جو محاصرو ٿي ويندو ۽ اسين پنهنجين چوڪين کي
مضبوط ڪرڻ ۽ ٻاهران پُر اعتماد ڏيکاري ڏيڻ کان
سواءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهياسين.
ايسٽ ڪورٽ ۾ مون کي پراڻا دوست به ملي ويا. ليو آمري
(Leo Amery)
ڪلاس جو مانيٽر، جنهن کي مون ڏهه سال اڳ هيرو ۾
بدقسمتي سان وهنجڻ جي حوض ۾ ڌڪو ڏنو هو، ۽ جنهن
پوءِ پارليامينٽ ۽ حڪومت ۾ گهڻو وقت مون سان گڏجي
ڪم ڪيو انهي هاڻي ٽائيمز جي هڪ جنگي نامه نگار طور
ڪم ٿي ڪيو. اسين پهريون دفعو هڪٻئي سان برابري ۽
ڀائپي جي بنيادن تي ملياسين ۽ مانسچيسٽر گارجين
واري منهنجي دوست سان گڏ ريلوي اسٽيشن جي شنٽگ
واري ٽڪنڊي ۾ بيٺل هڪ خالي تنبوءَ ۾ رهياسين.
انهيءَ شام جو شهر جي واحد گهٽيءَ ۾ گهمندي مون کي
ڪيپٽن هالڊين نظر اچي ويو جنهن تيره مهم دوران مون
کي سر وليم لاڪهارٽ جي اسٽاف ۾ مقرر ڪرائڻ ۾
منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي هئي. هالڊين ايلانڊس لاگٽ ۾
زخمي ٿي پيو هو ۽ ليڊي سمٿ ۾ گورڊون هائلينڊرز
واري پنهنجي بٽالين ۾ شامل ٿيڻ جي آس ڪيون ويٺو هو
پر مون وانگر دشمن جي رستا روڪ ۾ اچي ويو هو
تنهنڪري کيس ڊبلن فيوزيليئرز جي هڪ ڪمپني جي عارضي
ڪمان ڏني وئي هئي. ڏينهن تمام آهستي ۽ تمام اُلڪي
۾ گذري رهيا هئا. اسان جي ننڍڙي فوج جي حالت ڏاڍي
خطري واري هئي. ڏهه يا ٻارهن هزار گهوڙيسوار بوئر
ڪهڙي به وقت اڳتي وڌي اسان تي حملو ڪري يا اسان جي
پسپائي جو رستو بند ڪري سگهيا ٿي. انهيءَ هوندي به
جيترو وڌيڪ وقت ۽ جيترو مضبوطي سان ٿي سگهي ايسٽ
ڪورٽ تي قبضو برقرار رکڻ ضروري هو. هر ورز صبح جو
دشمن جي طرف ڏهن يا پندرهن ميلن تائين ڪيولري جون
جاسوس ٽوليون موڪليون وينديون هيون جيئن اهي انهن
جي متوقع پيشقدميءَ جي بروقت خبر آڻي ڏين. ڪمان
ڪندڙ جنرل جي ذهن ۾ ڪنهن نڀاڳي گهڙيءَ ۾ اها ڳالهه
اچي وئي ۽ هن ڪيولري جي ڪوشش ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ
ريلوي لائين جي سورهن ميلن واري محفوظ ٽڪري تي
پنهنجي بڪتربند ٽرين موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.
ڏسڻ ۾ ته بڪتربند ٽرين کان وڌيڪ ڪا به شي اثرائتي ۽ ڀوائتي نه
لڳندي آهي پر حقيقت ۾ ڌڪ کائڻ ۾ انهيءَ کان وڌيڪ
سولي ۽ پنهنجي بچاءَ ۾ بيوس ٻي ڪابه شي نه هوندي
آهي. انهيءَ ڀوت کي رڃ ۾ رولڻ لاءِ ڪنهن پُل يا
موريءَ کي اڏائڻ ئي ڪافي آهي. اها پنهنجن توڙي
ڪنهن به مدد کان سواءِ دشمن جي رحم و ڪرم تي بيهجي
ويندي. اها ڳالهه لڳي ٿو ته اسان جي ڪمانڊر جي ذهن
۾ نه آئي هئي. هن ڊبلن فيوزيليئرز ۽ ڊربن لائيٽ
انفنٽري جي هڪ هڪ ڪمپني، ايڇ.ايم.ايس ٽيريبل
(HMS Terrible)
تان آيل ڪجهه خلاصي ۽ هڪ ننڍي ڇهه پائونڊي نيويءَ
جي توپ ۽ ڪجهه ڪم ڪار وارن ماڻهن سميت پنهنجي فوج
جو اهو چڱو خاصو حصو ڇهن گاڏن واري هڪ بڪتربند
ٽرين ۾ چاڙهي ڪولينسو
(Colenso)
ڏانهن خبر چار لهي اچڻ لاءِ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.
هن انهيءَ ڪاروائي جي ڪمان لاءِ ڪيپٽن هالڊين جي
چونڊ ڪئي. هالڊين 14- نومبر جي رات مون کي ٻڌايو
ته سڀاڻي کيس ڪهڙو ڪم سونپيو ويو آهي ۽ اهو ته هو
پرهه ڦٽيءَ وقت انهيءَ ڪم تي روانو ٿي ويندو. هن
انهيءَ مهم جي ڪوتاه انديشي بابت پنهنجا شڪ شهبا
ته ضرور ظاهر ڪيا پر جيئن جنگ جي شروعات ۾ ٿيندو
آهي هو به ٻين ماڻهن وانگر ڪنهن قسم جي مهم جوئي ۽
دشمن سان آمهون سامهون ٿيڻ بابت ڏاڍو پرجوش لڳو
پيو هو. مون هن کان پڇيو ته ”آءٌ هن سان گڏ هلان؟“
انهيءَ تي هن وراڻيو ته هو منهنجي گڏجي هلڻ کي
پسند ڪندو! هڪ ته سنگت ۾ ٻيو ته مارننگ پوسٽ لاءِ
وس آهر معلومات گڏ ڪرڻ منهنجي ڊيوٽي هئي ۽ آءٌ
ڪنهن به مصيبت ۾ پوڻ لاءِ به آتو لڳو پيو هوس
تنهنڪري مون بغير ڪنهن کٽڪي جي آڇ قبول ڪري ورتي.
انهيءَ کان پوءِ پيش ايندڙ فوجي واقعا عام مشهور آهن ۽ اڪثر بحث
هيٺ ايندا رهيا آهن. بڪتربند ٽرين دشمن جي علائقي
۾ چوڏهن ميلن تائين وئي هلي ۽ شيولي
(Chieveley)
اسٽيشن تائين به اهڙي طرح پهچي وئي جو ناتال جي
زمينن جي وسع هيٺ مٿانهين تي ڪنهن به قسم جي
مخالفت ته ٺهيو پر زندگي يا چرپر جا ڪي به آثار
نظر نه ٿي آيا. اسان شيولي تي ڪجهه گهڙيون ترسي
جنرل کي ٽيليگرام ذريعي انهيءَ هنڌ تي پهچي وڃڻ جو
اطلاع ڏنو. اسان انهيءَ ڪم مان اڃان واندا ئي مس
ٿياسين ته اسان کي پاڻ کان تقريباً ڇهه سو وال پري
هڪ ٽڪري تي ڪيتريون ئي ننڍڙيون شڪليون حرڪت ڪندي ۽
اڳتي ڊوڙندي نظر آيون. اهي لازماً بوئر ئي هئا ۽
اسان جو تعاقب ڪري رهيا هئا نه ته ريلوي لائين تي
انهن جو ڪهڙو ڪم هو؟ گهڙي گهڙي قيمتي هئي. اسان
فوراً پنهنجو واپسي جو سفر شروع ڪيو. اسين جڏهن
ٽڪريءَ جي ويجهو پهتاسين ته آءٌ هڪ پيتي تي چڙهيو
بيٺـو هوس ۽ منهنجو مٿو ۽ ڪلها آخري بڪتربند
گاڏيءَ جي اسٽيل پليٽن کان مٿي هئا. مون کي ٽڪريءَ
جي چوٽيءَ تي بوئرن جو هڪ ميڙ نظر آيو. اوچتو انهن
جي وچ ۾ ٽن ڦيٿن واريون شيون ظاهر ٿيون ۽ ڏهه يا
ٻارهن دفعا روشنين جا تيز چمڪا ٿي وري بند ٿي ويا
۽ دونهين جو هڪ وڏو اڇو گولو ٺهي مخروطي شڪل ۾ اچي
ڦاٽي پيو. اهو ايترو ته ويجهو هو جو منهنجي مٿي
کان فقط ٻه ٽي فٽ مٿي پئي نظر آيو. اهو شراپنيل
(Shrapnel)
هو جيڪو مون جنگ ۾ پهريون دفعو گهڻي قدر ته آخري
دفعو ڏٺو. گاڏي جي اسٽيل جا پاسا گولين جي ڇڻڪاٽ
سان وڄي ويا. ٽرين جي منڍ ۾ هڪ ڌڌڪو ۽ هڪٻئي پٺيان
زوردار ڌماڪا ٿيا. ٽڪريءَ جي سڌي پٽ کان اڳتي
ريلوي لائين ۾ اوچتو وڏو لاهه اچي ٿي ويو ۽ دشمن
جي فائر جي دٻاءَ توڙي لاهي جي سبب اسان جي رفتار
تمام وڌي وئي. بوئرن جي توپخاني (ٻه توپون ۽ هڪ
پوم-پوم) کي هڪ دفعو ئي گولا ڇوڙڻ جو موقعو ملي
سگهيو جو پوءِ اسان ڦيرو کائي انهن جي نظرن کان
اوجهل ٿي وياسين. اوچتو منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه
آئي ته اڳتي ضرور ڪا ڄار وڇايل هوندي. آءٌ اڃان
ڦرڻ وارو ئي هوس جيئن هالڊين کي ٻڌايان ته ڪو
ماڻهو ٽرين سان گڏ ڊوڙندو وڃي ڊرائيور کان اسپيڊ
گهٽ ڪرائي ته اوچتو تمام وڏو لوڏو اچي ويو ۽
هالڊين، مون ۽ گاڏيءَ ۾ موجود سڀني سپاهين وڃي
گاڏيءَ جي فرش تي ڦهڪو ڪيو. چاليهه ميل في ڪلاڪ
کان وڌيڪ رفتار سان هلندڙ بڪتربند ٽرين ڪنهن رڪاوٽ
يا پٽڙي کي ڪنهن نقصان سبب پٽڙيءَ تان لهي وئي.
اسان جي گاڏي ۾ ڪوبه ماڻهو شديد زخمي نه ٿيو ۽ آءٌ ڪجهه سيڪنڊن
۾ رڙهي سڙهي اٿي بيٺس ۽ بڪتربند ٽرين جي چوٽي مٿان
نظر وڌي. ٽرين هڪ واديءَ ۾ دشمن جي ٽڪري تي اسان
جي واپسيءَ واري طرف ٻارنهن سو وال کن اڳتي بيٺل
هئي. انهيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪيتريون ئي
شڪليون اڳتي ڊوڙنديون ۽ پاڻ کي هيٺ گاهه ۾
اڇلينديون ٿي ويون جتان ڏاڍو شديد ۽ توريل تڪيل
فائر ٿي رهيو هو. گوليون مٿن کان سيٽيون
وڄائينديون، اسٽيل جي پليٽن تي ڳڙي وانگر سٽڪا ڪري
رهيون هيون. آءٌ پنهنجي کُڏڻي تان لهي آيس ۽
هالڊين ۽ مون صلاح مشورو ڪيو ته هاڻي ڇا ڪرڻ
گهرجي. صلاح کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته هو پنهنجي
ڊبلن فيوزيليئرز ۽ ننڍي نيويءَ جي توپ سان آخري
گاڏي مان دشمن جي فائر جي شدت کي گهٽائڻ جي ڪوشش
ڪري ۽ آءٌ وڃي ڏسان ته ٽرين کي ڇا ٿيو آهي، پٽڙي
کي ڪهڙو نقصان پهتو آهي ۽ ڇا انهيءَ جي مرمت ڪرڻ
يا نقصان پهتل گاڏن کي رستي تان هٽائڻ جو ڪو امڪان
آهي.
آءٌ ٽپ ڏئي گاڏي مان لهي پيس ۽ پٽڙيءَ سان گڏ ڊوڙندو گاڏي جي
منڍ وٽ پهچي ويس. انجڻ اڃان پٽڙي تي بيٺي هئي،
پهريون گاڏو جيڪا عام رواجي بوگي هئي، اهو بلڪل
اونڌو ٿي ويو هو پر لائين تان بلڪل پري بيٺو هو.
انهيءَ تي سوار پٽڙيءَ جي مرمت ڪندڙن مان ڪجهه مري
ويا هئا ۽ ڪجهه شديد زخمي ٿي پيا هئا. انهيءَ جي
پٺيان ٻه بڪتربند گاڏا جن تي ڊربن انفنٽري واري
ڪمپني سوار هئي. اهي ٻئي پٽڙي تان لهي ويا هئا. جن
مان هڪ اڃان سڌو بيٺو هو جڏهن ته ٻيو پاسي ڀر ڪريو
پيو هو. اهي بي ترتيبي ۾ هڪٻئي ۾ گهريا پيا هئا
جنهن سان ٻين گاڏين جي واپسيءَ جو رستو ته بند ٿي
ويو هو. ڊربن لائيٽ انفنٽري جي ڪجهه ماڻهن کي
رهڙون آيون هيون ته ڪي شديد زخمي هئا ته ڪي خوف ۾
ورتا پيا هئا. انهن سڀني هاڻي پاسي ڀر ڪريل گاڏن
جي پٺيان عارضي پناه گاه ٺاهي ورتي هئي. دشمن جو
فائر لڳاتار هلي رهيو هو ۽ جلد ئي رائيفلن سان گڏ
توپن جا ڌڌڪا پڻ ٿيڻ لڳا ۽ انهن جا گولا ويجهو اچي
ڦاٽن لڳا. اسين دشمن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪا هئاسون.
آءٌ انجڻ جي ڀرسان گذري رهيو هوس ته وري ٻيو شراپنيل ڦاٽو ۽
انهيءَ ۾ موجود گوليون ۽ لوهه جا ٽڪرا سرڙاٽ ڪندا
هوا ۾ پکڙجي ويا. ڊرائيور بنا دير ڪيبن مان ٽپ ڏئي
لٿو ۽ پاسي ڀر ڪريل گاڏن جي پناهه گاهه ڏانهن وٺي
لوهه پاتائين. شراپنيل جي هڪ ٽڪر سندس منهن چچري
ڇڏيو هو جنهن مان رت ٺينڍيون ڪري وهي رهيو هو ۽ هو
ڏاڍي ڪاوڙ ۾ واويلا ڪري رهيو هو ته ”آءُ سويلين
آهيان، مون کي پگهار انهي لاءِ ٿا ڏين ته بمن ۾
مري وڃان؟ نه نه آءُ وڌيڪ هڪ منٽ به نه ترسندس!“
مٿي تي لڳل ڌڪ سبب سندس هوش حواس خطا ٿي ويا هئا ۽
لڳو پئي ته هو شديد هيجاني ڪيفيت سبب انجڻ نه
هلائي سگهندو ۽ جيئن ته مشينريءَ جي فقط هن کي ئي
ڄاڻ هئي تنهنڪري ڀڄي نڪرڻ جي اميد به ختم ٿي
ويندي. تنهنڪري مون کيس چيو ته ڪنهن به ماڻهو کي
هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڌڪ نه لڳندو آهي ۽ جيڪو
ماڻهو زخمي هئڻ جي باوجود به پنهنجي ڊيوٽي سرانجام
ڏيندو آهي انهيءَ کي
(Distinguished Gallantry) جو انعام ملندو آهي. مون کيس اهو به چيو ته اهڙو موقعو کيس
شايد وري نه ملندو. اهي ڳالهيون ٻڌي هن پنهنجا
حواس يڪجاءِ ڪيا، پنهنجي منهن تان رت اگهي، ٽپ ڏئي
پنهنجي ڪيبن ۾ چڙهي ويـٺو ۽ پوءِ مون کيس جيڪو به
حڪم ڏنو انهيءَ جي بجا آوري ڪيائين (مون کي پنهنجو
واعدو پورو ڪرڻ ۾ ڏهن ورهين کان به وڌيڪ عرصو لڳي
ويو. فوجي اختيارين هن ماڻهو لاءِ ڪجهه به نه ڪيو
هو. پر سن 1910ع ۾ جڏهن آءُ هوم سيڪريٽري هوس ته
البرٽ ميڊل
(Albert Medal) لاءِ بادشاهه کي مشورو ڏيڻ منهنجي ڊيوٽي ۾ شامل هو. تنهنڪري
مون پراڻا رڪارڊ اٿلايا. ناتال جي گورنر ۽ ريلوي
ڪمپني سان لکپڙهه ڪئي ۽ آخرڪار ڊرائيور ۽ سندس
فائرمين ٻنهي کي سويلين ماڻهن کي ملي سگهندڙ
بهادري جو سڀ کان اعليٰ انعام مليو). مون اها راءِ
قائم ڪئي ته انجڻ کي داسي طور ڪم آڻيندي ڪريل گاڏن
کي اڳتي پوئتي ڌڪي لائين تان هٽائي سگهجي ٿو ۽
اهڙي طرح سموري فوجي پارٽي جي ڀڄي نڪرڻ کي ممڪن
بڻائي سگهجي ٿو. لڳو پئي ته لائين کي ڪو به نقصان
پهتل نه هو ۽ ڪا به پٽڙي نڪتل نه هئي. آءُ پٽڙي
وٺي ڪيپٽن هالڊين جي گاڏي ڏانهن موٽيس ۽ هڪ سوراخ
مان کيس صورت حال ٻڌائڻ سان گڏوگڏ کيس اهو به
ٻڌايم ته مون ڇا ڪرڻ چاهيو ٿي. هن منهنجي هر ڳالهه
سان اتفاق ڪيو ۽ انهيءَ دوران دشمن کي مصروف رکڻ
جو ڪم پنهنجي ذمي کنيائين.
آءُ ڏاڍو خوشقسمت هوس جو ايندڙ ڪلاڪ ۾ مون کي ڪو به ڌڪ نه لڳو.
منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڏاڍي ضروري هئي ته آءُ
لاڳيتو ٽرين جي پاسي ۾ ڊوڙندڙ يا کليل جاءِ تي
بيهي ڊرائيور کي هدايتون ڏيندو رهان. پهريون ڪم
پٽڙي تان اڌ لٿل گاڏي کي مڪمل طور پٽڙي کان لٿل
گاڏي کان ڌار ڪرڻو هو. انهيءَ ڪم لاءِ انجڻ کي
اهڙي نموني حرڪت ڪرائڻي هئي جيئن اڌ لٿل گاڏي کي
لائين تي ايستائين ڇڪي پٺتي آڻيندو وڃجي جيستائين
اهو ٻئي گاڏي کان مڪمل طور ڌار ٿي وڃي ۽ پوءِ
انهيءَ گاڏي کي پٽڙي تان لاهي ڇڏجي. پٽڙي تان اڌ
لٿل گاڏو بي انتها وزني هو ۽ انجڻ جي ڦيٿن ۾ ڇڪڻ
جي ڪا سگهه پيدا ٿيڻ کان اڳ ته اهي ڪيترا دفعا
پٽڙي تي کِسڪندا ٿي رهيا. آخرڪار گاڏو چڱو پري
ڇڪجي آيو ۽ مون رضاڪارن جي گُهر ڪئي جيئن ان کي
پـٺيان انجڻ ڌڪي ته اهي رضاڪار ان کي پاسي کان ڌڪي
اونڌو ڪن. صاف ّظاهر هو ته اهي ماڻهو ڪافي خطري جي
منهن ۾ هوندا. ويهه رضاڪار گهريا ويا هئا ۽ جواب ۾
دير ئي نه ٿي پر گاڏي مان فقط نَوَ ماڻهو ئي ٻاهر
نڪتا جن ۾ ڊربن لائيٽ انفنٽري جي ميجر سميت ڊبلن
فيوزيليئرز جا چار يا پنج ماڻهو شامل هئا. ڪوشش
بهرحال ڪامياب ٿي وئي. گاڏو انهن جي زور تي اڃان
مٿي کڄي ويو ۽ انجڻ به صحيح وقت تي ڌڪو ڏنس ته
پٽڙي تان پري وڃي ڪريو ۽ رستو صاف ٿي ويو. بچاءُ ۽
ڪاميابي ٻئي گڏ نظر اچي رهيا هئا. پر منهنجي زندگي
جي هڪ تلخ ترين نااميدي انهن تي غالب پئجي وئي.
انجڻ جي فوٽ پليٽ[3]
ٽينڊر کان ڇهه انچ ويڪري هئا ۽ هاڻي ڦيرايل گاڏي
جي ڪنڊ ۾ ڦاسي پئي. هاڻي گهڻو زور ڏيڻ به صحيح نه
پيو لڳي ته متان خود انجڻ ئي پٽڙي تان نه لهي وڃي.
اسان انجڻ کي پٺين گاڏي کان ڌار ڪيو ۽ هڪ ٻه وال
پوئتي ڌڪي وري اڳتي رڪاوٽ ۾ هڻندا رهياسين. انهيءَ
هر دفعي ٿورڙي حرڪت ڪئي ٿي پر جلد ئي اها ڳالهه
واضح ٿي وئي ته ٻيون پيچيدگيون به پيدا ٿي ويون
آهن. پٽڙي تان نئون لٿل گاڏو اڳ ۾ لٿل گاڏي سان
انگريزيءَ جي اکر
T
جي شڪل ۾ اٽڪي پيو ۽ انجڻ جيترو وڌيڪ ڌڪو پئي ڏنو
اهو ايترو وڌيڪ بند پئي ٿيندو ويو.
منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته گاڏا جيڪڏهن اڳتي ڌڪڻ سان هڪٻئي
۾ مضبوطيءَ سان ڦاسي پون ٿا ته ممڪن آهي ته اهي
وري پوئتي ڇڪڻ سان ڍرا به ٿي وڃن. پر هاڻي وري هڪ
نئين ڏکيائي پيدا ٿي پئي. انجڻ جي ڪپلنگ
(Coupling)
جون ڪڙيون اونڌي ٿيل گاڏي کان پنج يا ڇهه انچ
ننڍيون ٿي پيون. هاڻي وري ڪنهن فالتو ڪپلنگ جي
ڳولها ڪئي وئي. خوشقسمتي سان هڪ ڪڙي هٿ اچي وئي.
انجڻ ناڪارا گاڏي کي ڇڪيو ۽ ڪڙي جي ڌار ٿي وڃڻ
کان اڳ انهيءَ کي وال کن جيترو پوئتي ڇڪي لائين
تان هٽائي ڇڏيائين. هاڻي وڃي لائين بلڪل صاف ٿي.
پر وري انجڻ جي فوٽ پليٽ جي ڪنڊ گاڏي ۾ ڦاسي پئي ۽
اسين وري هڪ جاءِ تي بيهجي وياسين ڪم جي جوش ۽
سرگرمي سبب منهنجي ذهن ۾ ٻي ڪا به ڳالهه نه هئي.
مون کي ياد آهي ته انهيءَ وقت جي صورتحال بابت مون
ائين پئي محسوس ڪيو اسين ڄڻ ڪنهن رائيفل رينج جي
’آئرن ٽارگيٽ‘ جي سامهون بيٺا هجون جنهن تي ماڻهو
مسلسل فائرنگ ڪري رهيا هجن. اسين انهن کڙڪندڙ ۽
وڄندڙ لوهي پيتين جي سامهون ستر منٽن تائين اهڙي
حالت ۾ بيٺا جُهد پٽيندا رهياسين جو هڪٻئي جي
پٺيان گولن جا ڌماڪا ٿي رهيا هئا ۽ گولين جي
وسڪاري ۾ ڪو وقفو ئي نه ٿي آيو ۽ هڪ طرف خطري، قيد
۽ شرمساري ۽ ٻئي طرف تحفظ، آزادي ۽ فتح جي وچ ۾
پنجن يا ڇهن انچن جيتري لوهي پٽي جو سنڌو هو.
ٻين سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اسان کي انهيءَ ڳالهه جو به ڌيان رکڻو
هو ته متان انجڻ ئي لائين تان نه لهي وڃي. پر پوءِ
جڏهن توپخاني جي فائرنگ ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو ويو
۽ مخالف طرف کان ٻي توپ به گولاباري شروع ڪري ڏني
ته مون هڪ وڏو خطرو کڻڻ جو فيصلو ڪيو. انجڻ کي
بلڪل پوئتي هٽائي پوري رفتار سان هلائي رڪاوٽ تي
هنيو ويو. انهيءَ سان ڏاڍو تيز چيڪاٽ ٿيو. انجڻ
پٽڙي تي لڏي وئي ۽ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ گاڏو مٿي کڄي
ويو ته اها آزاد ٿي واپسي واري طرف اچي وئي. پر
اسان جا ٽي گاڏا پنجاه وال پري ۽ اڃان رڪاوٽ جي
پرئين طرف بيٺا هئا جو انجڻ جي ٽپي وڃڻ کان پوءِ
اهو گاڏو پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي ويو هو. هاڻي ڇا
ڪجي؟ اسين انجڻ ته واپس نه ٿي آڻي سگهياسين. ڀلا
گاڏا انجڻ تائين هٿن سان ڏڪجي سگهيا ٿي؟ اهي انجڻ
کان سوڙها هئا ۽ انهن جي اڳتي کِسڪي وڃڻ جي جاءِ
ٿي ويندي.
آءُ وري پٺتي ڪيپٽن هالڊين وٽ ويس. هن اها رٿا منظور ڪئي. هن
پنهنجن ماڻهن کي پنهنجي اسٽيل جي بنديخاني مان هيٺ
لهڻ ۽ انهي کي انجڻ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو حڪم
ڏنو. اها رٿا ته بلڪل درست هئي پر حالتن جي دٻاء
هيٺ ناڪام ٿي وئي. گاڏو ڏاڍو ڳرو هو ۽ انهيءَ کي
حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ سڀئي ماڻهو گهربل هئا. پر فائر به
ڏاڍو شديد هو ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ايترو ته
مونجهارو پيدا ٿي رهيو هو جو سڀئي ماڻهو غير محفوظ
پاسي کان کِسڪي ويا. دشمن تي جيئن ته اسان جي
جوابي فائرنگ جو دٻاءُ به نه رهيو هو تنهنڪري اهي
هاڻي ٽڪريءَ تان تمام وڏي انگ ۾ وڏي جوش سان
فائرنگ ڪندي صاف نظر اچي رهيا هئا. پوءِ اسين
انهيءَ تي يڪراءِ ٿياسين ته انجڻ سڀئي زخمي کڻي
آهستي آهستي هلي ۽ ڊبلن ۽ ڊربن ڪمپنين جا ماڻهو
انجڻ جي آڏ وٺندا پنڌ هلندا هلن. انجڻ به ماڻهو جي
پنڌ جي رفتار تي هلندي. چاليهن کان مٿي ماڻهو جن
جي اڪثريت رتورت لڳي پئي هئي انهن کي انجڻ ۽ ان جي
ٽينڊر تي سوڙهه سنگهوڙ ۾ چاڙهيو ويو ۽ اسان آهستي
آهستي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. آءُ ڊرائيور جي ڪيبن ۾
ويٺو کيس هدايتون ڏئي رهيو هوس. انجڻ زخمي ماڻهن
سان ايتري ته ڀري پئي هئي جو چُرڻ پرڻ جي جاءِ به
نه ٿي ملي. هر طرف گولا ڦاٽي رهيا هئا جن مان ڪجهه
انجڻ کي پئي لڳا ته ڪجهه رستي تان ڌوڙ اٿاري گاڏي
۽ ان جي ڏکويل انساني کيپ تي اڇلائي رهيا هئا.
انجڻ جي رفتار وڌندي وئي ۽ ٻاهران هلندڙ انفنٽري ۽
انجڻ ۾ پهريان وٿي پيدا ٿي ۽ پوءِ اها پٺتي رهجي
وئي. نيٺ مون ڊرائيور تي انجڻ کي بلڪل بيهارڻ لاءِ
زور ڀريو. پر آءُ جيستائين انجڻ بيهاريان تيستائين
اسين پنهنجي انفنٽري کان ٽي سو وال پري ٿي وياسين.
ڀرسان ئي بلو ڪرانٽز
(Blue Krantz)
ندي جي چڱي ڊگهي پل هئي. مون انجڻ ڊرائيور کي چيو
ته هو پُل ٽپي ٻئي پاسي ٿي بيهي ۽ آءُ جيئن تيئن
ڪري ڪيبن مان هيٺ لٿس ۽ پٽڙي تي پوئتي هلڻ شروع
ڪيم جيئن ڪيپٽن هالڊين ۽ سندس ڊبلن فيوزيليئرز
ڪمپني کي ڳولهي پاڻ سان وٺي اچان.
پر جڏهن اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ٻي هر شي حرڪت ۾ هئي. آءُ
اڃان ٻه سو وال پٺتي ئي نه موٽيو هوس ته ڪيپٽن
هالڊين ۽ سندس ڪمپني بجاءِ سادن ڪپڙن ۾ ٻه ماڻهو
لائين تي ظاهر ٿيا. مون دل ۾ سوچيو ته اهي پٽڙي جي
مرمت ڪندڙ هوندا پر پوءِ مون تي اها حقيقت ظاهر ٿي
ته اهي بوئر هئا. منهنجي ذهن ۾ انهن ڊگهن، توانائي
سان ڀريل ماڻهن جو نقش اڃان محفوظ آهي جن کي ڳوڙهي
رنگ جا ڍِلا ڪپڙا ۽ اُس مينهن ۾ خراب ٿيل لڙڪندڙ
ٽوپلا پهريل هئا ۽ مشڪل هڪ سو وال پري پنهنجون
رائيفلون تاڻيون بيٺا هئا. آءُ وري پوئتي موٽيس ۽
انجڻ ڏانهن ڊوڙ پاتي. آءُ پٽڙين ۾ ڊوڙندو پئي ويس
ته بوئرن فائرنگ شروع ڪري ڏني. انهن جون گوليون
ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان سوساٽ ڪنديون فقط ڪجهه انچن
تان گُسنديون پئي ويون. اسين هڪ ننڍڙي واديءَ ۾
هئاسون جنهن جا ڪنارا ٻنهي پاسن کان ڇهه فوٽ کن
اوچا هئا. مون پاڻ کي هڪ ڪناري تي کڻي اڇلايو پر
انهيءَ مان ڪا به آڏ نه ملي. مون ٻنهي ماڻهن تي هڪ
دفعو ٻيهر نظر وڌي. هاڻي هڪ ماڻهو گوڏو ڀڃي نشانو
وٺي رهيو هو. چُرپر ذريعي ئي ڪو موقعو ملي سگهيو
ٿي. مون وري اڳتي لُوهه پاتي. وري ٻن هلڪڙين چمين
هوا ۾ سُوساٽ ڪيو پر مون کي ڪا به شي نه لڳي. اهو
ڪم گهڻو وقت نه هلي سگهي ها. مون کي انهي واديءَ
مان نڪرڻ گهرجي. مون کاٻي طرف لهرو کاڌو ۽ مٿي
ڪناري تي چڙهي ويس. منهنجي ڀرسان زمين ۾ ڌوڙيو ٿي
ويو. آءُ تارن جي جهنگلي مان صحيح سلامت ٽپي ويس.
واديءَ کان ٻاهر زمين ۾ ٿوري هيٺاهين هئي. آءُ
انهيءَ ۾ ڪرونڊڙو ٿي پاڻ کي سامت ۾ آڻڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳس.
پنجاه وال پري پٽڙين جي مرمت ڪندڙن جي سرن جي ٺهيل هڪ ڪيبن هئي.
اتي بچاء ٿي سگهيو ٿي. تقريباً ٻه سو وال پري بلو
ڪرانٽز نديءَ جي پٿريلي گهاٽي هئي. انهيءَ ۾ آڏ
ملي سگهي ها. مون ندي ڏانهن ڊوڙ پائڻ جو فيصلو ڪيو
۽ اُٿي کڙو ٿيس. اوچتو ريل جي بند جي ٻئي پاسي مون
کي هڪ ڊگهو، پڪي رنگ جو ماڻهو، ساڄي هٿ ۾ رائيفل
کنيو گهوڙو چوتال ڊوڙائيندو نظر آيو. انهيءَ جي ۽
منهنجي وچ ۾ فقط ريل جون پٽڙيون ۽ تارن جا اڻ ڪٽيل
ٻه جهنگلا هئا. هن پنهنجي گهوڙي جون واڳون ڇڪيون ۽
مون تي رائيفل تاڻيندي رڙڪندي ڪو حڪم ڏنو. اسين هڪ
ٻئي کان چاليهه وال پري هئاسين. انهيءَ صبح جو مون
پنهنجي نامه نگار واري دستاويز سان گڏوگڏ پنهنجو
مائوزر پستول به پاڻ سان گڏ کنيو هو. منهنجي ذهن ۾
آيو ته آءُ انهيءَ ماڻهو کي ماري سگهان ٿو ۽ مون
سان جيڪو سلوڪ ٿيو هو انهيءَ کان پوءِ مون ۾ اهو
ڪم ڪرڻ جي ڏاڍي شديد خواهش پيدا ٿي هئي. مون
پنهنجو هٿ پنهنجي بيلٽ تي هنيو پر اتي پستول نه
هو. لائين صاف ڪرڻ ۽ انجڻ تي چڙهڻ لهڻ ۾ مون اهو
لاهي رکيو هو. اهو هاڻي مون وٽ نه هو پر حفاظت سان
انجڻ تي رکيو هو ۽ هن وقت آءُ بلڪل هٿين خالي هوس.
انهيءَ دوران منهنجي خيال ۾ ته جيترو وقت هيءَ
ڳالهه ڪرڻ ۾ لڳي ٿو بوئر ايتري وقت ۾ گهوڙي تي
ويٺي ئي مون کي پنهنجي رائيفل جي نشاني تي آڻي
ڇڏيو. هو ساهدار ۽ آءُ بلڪل ٿنب لڳا هڪ جاءِ تي
بيٺا هئاسين. مون هڪ نظر نديءَ ڏانهن ۽ هڪ نظر
پٽڙي جي مرمت ڪندڙن جي ڪيبن تي وڌي. بوئر پنهنجي
شست ٻڌيون بيٺو رهيو. مون سوچيو ته فرار جو ڪو به
رستو نه هو. هو جيڪڏهن فائر ڪندو ته لازماً مون کي
ڌڪ لڳي ويندو. تنهنڪري مون پنهنجا هٿ مٿي ڪري پاڻ
کي جنگي قيدي
(Prisoner of War)
جي حيثيت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
انهيءَ کان پوءِ وارين چُڀندڙ گهڙين ۾ عظيم نيپولين جا هي لفظ
منهنجي ذهن تي تري آيا ته: ”ماڻهو جڏهن اڪيلو ۽
هٿين خالي هجي ته پيش پوڻ کي درگذر ڪري سگهجي ٿو.“
(When one is alone and unarmed, a surrender may be pardoned.)
اڃان به امڪان آهي ته هو متان گُسي وڃي ۽ بلو
ڪرانٽز ندي به تمام ويجهي هئي. بهرحال جيڪو ٿيڻو
هو سو ٿي چڪو. مون کي باندي بڻائيندڙ پنهنجي
رائيفل هيٺ ڪئي ۽ مون کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو
ڪيائين. مون ايئن ئي ڪيو. آءُ تارن جي جهنگلن ۽
پٽڙيءَ تان هلندو هن جي پاسي ۾ وڃي بيٺس. هو ٽپ
ڏئي پنهنجي گهوڙي تان لهي بيٺو ۽ پل ڏانهن منهن
ڪري واپس ويندڙ انجڻ ۽ چند پٺتي رهجي ويل برطانوين
تي فائرنگ شروع ڪري ڏنائين. پوءِ جڏهن آخري ماڻهو
به غائب ٿي ويو ته هو وري پنهنجي گهوڙي تي چڙهيو ۽
آءُ سندس پاسي ۾ ڳرا قدم کڻندو انهي جاءِ ڏانهن
هلڻ لڳس جتي مون ڪيپٽن هالڊين ۽ سندس ڪمپني کي
ڇڏيو هو. اتي مون کي انهن مان ڪو به نظر نه آيو.
اهي اڳ ۾ ئي باندي بڻجي چڪا هئا. مون هاڻي محسوس
ڪيو ته ڏاڍو تيز مينهن وسي رهيو هو. آءُ جڏهن مون
کي باندي بڻائيندڙ جي پاسي ۾ وڏي گاهه مان ڪرندو
ڊهندو وڃي رهيو هوس ته هڪ ڏاڍي پريشان ڪندڙ پر
بروقتي سوچ منهنجي ذهن ۾ اچي وئي. منهنجي خاڪي ڪوٽ
جي سامهون وارن ٻنهي کيسن ۾ مائوزر پستول جي هڪ هڪ
ڪلپ پئي هئي. جن مان هر هڪ ۾ ڏهه ڏهه گوليون هيون.
اهي ساڳيون ئي گوليون هيون جهڙيون مون اومدرمان ۾
ڪم آنديون هيون ۽ مائوزر پستول لاءِ فقط اهو هڪ
قسم ئي ملندو هو. انهن کي
‘Soft nosed bullets’
چيو ويندو هو. منهنجو هيستائين انهن ڏانهن ڪو خيال
ئي نه ويو هو ۽ هاڻي مون سوچيو ته اهي تمام خطرناڪ
شيون ٿي سگهن ٿيون. مون ساڄي هٿ واري ڪلپ پٽ تي
ڪيرائي ڇڏي ۽ مون کي ڪنهن به نه ڏٺو. هاڻي مون
کاٻي پاسي واري هٿ ۾ ڪئي ۽ اها اڃان اڇلائڻ وارو
ئي هوس ته مون کي باندي بڻائيندڙ هيٺ گُهوري ڏٺو ۽
انگريزيءَ ۾ چيائين ”اهو ڇا اٿئي؟“
”الاء ڇا آهي؟“ مون پنهنجي هٿ جي تري کوليندي چيو ”مون هيٺان
کنيو آهي.“
هن اها وٺي انهيءَ تي نظر وڌي ۽ ان کي پري اڇلائي ڇڏيو. اسان
هلندي هلندي قيدين جي هڪ وڏي ميڙ وٽ اچي پهتاسين ۽
پاڻ کي سوين بوئرن جي وچ ۾ ڏٺوسين جيڪي ٻن ٻن ۽ ٽن
ٽن جي ڊگهين صفن ۾ بيٺا هئا ۽ تيز مينهن کان بچڻ
لاءِ گهڻا مٿن تي ڇٽيون رکيون بيٺا هئا.
* * * * *
بڪتربند ٽرين جو واقعو ۽ 15- نومبر 1899ع ۾ منهنجي گرفتاريءَ جي
ڪهاڻي اها آهي.
انهيءَ واقعي کي ٽي سال گذري ويا جو بوئر جنرل پنهنجي تباهه ٿيل
ملڪ لاءِ ڪجهه قرض ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ
آيا ۽ مانيءَ جي هڪ خانگي دعوت ۾ آءُ انهن جي
سربراه جنرل بوٿا
(Botha)
سان متعارف ٿيس. اسين جنگ بابت ڳالهائي رهيا
هئاسين ۽ مون کيس مختصر طور پنهنجي گرفتاري جي
ڳالهه ٻڌائي. بوٿا ماٺ ۾ ٻڌندو رهيو پوءِ چيائين
”مون کي نه ٿو سڃاڻين؟ اهو ماڻهو آءُ هوس. توکي
قيد ۾ آڻيندڙ آءُ هوس. آءُ خود.“ ۽ سندس اکيون
خوشي وچان ٽمڪڻ لڳيون. بوٿا کي مون ناتال ۾ انهيءَ
خراب ڏينهن تي جنگ جي دور ۾ ڏٺو هو ۽ هاڻي هو سفيد
شرٽ ۽ فراڪ ڪوٽ ۾ فقط قد ڪاٺ ۽ ڪاري چمڙيءَ کان
سواءِ ٻي هر ڳالهه ۾ ڏاڍو مختلف لڳي رهيو هو. پر
انهيءَ غير معمولي حقيقت بابت ڪو به شڪ شبهو نه ٿو
ڪري سگهجي. هو ناتال جي ڪاهه ۾ هڪ عام بوئر شهري
جي حيثيت ۾ شامل ٿيو هو. هن پاڻ جيئن ته جنگ کي
ناپسند ٿي ڪيو تنهنڪري کيس انهيءَ جي شروعات ۾ ڪو
اعليٰ ڪمان وارو عهدو نه مليو هو. اهو سندس پهريون
معرڪو هو. پر هو معمولي خانگي شهريءَ جي حيثيت ۾
هيٺين درجي وارن سپاهين سان گڏ ڪم ڪندي تعاقب جي
جوش ۾ سموري بوئر فوج جي مهڙ ۾ هليو آيو هو. اهڙي
طرح اسان جي ملاقات ٿي وئي.
آءُ جن ماڻهن سان مليو آهيان انهن مان مون کي ڪي چند ماڻهو ئي
لوئس بوٿا کان وڌيڪ دلچسپ لڳا آهن. تقريباً باقابل
يقين تعارف جي نتيجي ۾ ۽ تمام عجيب حالتن ۾ پيدا
ٿيل واقفيت رچي راس ٿي هڪ اهڙي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي
وئي جنهن کي آءُ ڏاڍي قدر جي نگاهه سان ڏسندو هوس.
مون کي انهيءَ وڏي ۽ ڪنهن نفاست کان خالي شخص ۾
پنهنجي ملڪ جو اهو، ڏاهو ۽ عميق مُدبر، آبادگار –
جنگجو، جهنگ جو ماهر شڪاري ۽ اڪيلائي جو اونهو ۽
پختو ماڻهو نظر ايندو هو.
سن 1906ع ۾ هو جڏهن ٽرانسوال جي نئين چونڊيل پهرئين وزيراعظم جي
حيثيت ۾ امپيريئل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لنڊن
آيو ته ويسٽ منسٽر هال ۾ ڊومينين رياستن جي
وزيراعظمن جي مان ۾ هڪ وڏي دعوت جو اهتمام ڪيو ويو
هو. آءُ ڪالونين جو انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ هوس ۽
ويجهڙائي تائين اسان جو دشمن رهندڙ بوئر ليڊر هال
مان لنگهيو پنهنجي جاءِ تي پئي ويو ته رستي ۾ بيهي
منهنجي ڀر ۾ بيٺل منهنجي ماءُ کي چيائين ته: ”هيءُ
۽ آءُ هر موسم ۾ گڏ رهيا آهيون.“ اها ڳالهه بلڪل
صحيح هئي.
جڳهه جي قلت سبب آءُ انهن ڪيترن ئي اهم معاملن جو بيان نه ٿو
ڏئي سگهان جيڪي هن عظيم انسان سان منهنجي ڪيترن
ورهين دوران سرڪاري فرضن جي بجا آوري ۾ واسطي ۾
رهندي پيش آيا. دنيا ۾ موجود ٻئي ڪنهن به هيري کان
گهٽ ۾ گهٽ ويهوڻي وڏي خالص ترين
(Cullinan Diamond) بادشاه کي پيش ڪرڻ جي پنهنجي رومانوي رٿا جو به سڀ کان پهرئين
مون سان ئي اظهار ڪيو هئائين. ٽرانسوال ۽ آرينج
فري اسٽيٽ
(Orange Free State)
کي خود حڪومت ڏيڻ جي پاليسي جي تشريح ۽ هائوس آف
ڪامنز ۾ قانوني بل
(Constitution Bills)
پيش ڪرڻ به منهنجي ئي نصيب ۾ آيو. اڳتي هلي آءُ
جڏهن بورڊ آف ٽريڊ ۽ وري ائڊمرلٽي
(Admiralty)
۾ هوس ته جنرل بوٿا ۽ سندس رفيق سمٽز
(Smuts)
سان گهڻي رابطي ۾ هوندو هوس. انهن 1906ع کان جنگ
عظيم جي پڇاڙيءَ تائين وارن سورنهن سالن ۾ پنهنجي
ملڪ تي ڏاڍي مهارت سان حڪومت ڪئي هئي.
بوٿا سدائين اهو سمجهندو هو ته هن کي منهنجي توجه تي خاص حق
آهي. هو جڏهن به يورپ ايندو هو ته اسين ڪائونسل ۾،
ڊنر تي، گهر يا سرڪاري آفيسن ۾ ڪيترائي دفعا هڪٻئي
سان ملندا هئاسين. هن جي مضبوط اندروني ٻوجهي کيس
خبردار ڪري ڇڏيو هو ته هڪ وڏي ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ واري
آهي. سن 1913ع ۾ هو جڏهن جرمني مان آبي علاج ڪرائي
موٽيو هو ته مون کي اتان جي خطرناڪ موڊ بابت ڏاڍي
خلوص سان چتاءَ ڏنو هئائين. هن مون کي چيو هو ته:
”پنهنجي تياريءَ کان غافل نه رهج ۽ انهن ماڻهن تي
ڀروسو نه ڪج. مون کي خبر آهي ته اهي ڏاڍا ماڻهو
آهن. اهي توهان کي نقصان پهچائڻ گهرن ٿا. آءُ
اهڙيون ڳالهيون ٻڌي رهيو آهيان جيڪي تون نه ٻڌي
سگهندين. پنهنجا سڀ سامونڊي جهاز تيار رک. مون کي
ماحول ۾ خطرو محسوس ٿي رهيو آهي ۽ وڏي ڳالهه اها
ته جڏهن اهو ڏينهن ايندو ته آءُ به تيار هوندس.
اهي جڏهن توهان تي حملو ڪندا ته آءُ جرمن ساوٿ
ويسٽ آفريقا تي حملو ڪري ڏيندس ۽ انهن کي هميشه
لاءِ ڪڍي ڇڏيندس. جڏهن وقت ايندو ته آءُ به پنهنجو
فرض پورو ڪرڻ لاءِ موجود هوندس. پر تون پنهنجي
نيويءَ سان گڏ اها ڳالهه ذهن ۾ رکجانءِ ته ڪٿي
اوچتو حملو نه ٿي وڃنئي.“
اتفاق ۽ رومانس اسان جي قسمتن کي عجيب نموني هڪٻئي جي ويجهو
آڻيندا رهيا. سن 1914ع ۾ 28 يا 29 جولاءِ تي
عالمگير ڌماڪي کان اڳ واري بحراني هفتي جي وچ
ڌاران آءُ هائوس آف ڪامنز ۾ سوالن جي وقفي
(Question Time) کان پوءِ پنڌ پئي ويس ته پيليس يارڊ ۾ مسٽر ڊي گراف
(De Graaf)
نالي هڪ سائوٿ آفريقي وزير سان ملاقات ٿي وئي. هو
ڏاڍو قابل ماڻهو هو ۽ منهنجي ڪافي وقت کان انهيءَ
سان واقفيت هئي. ”هنن ڳالهين جو ڇا مطلب آهي؟
تنهنجي خيال ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟“ هن پڇيو. ”منهنجو
خيال آهي ته جنگ لڳندي.“ مون وراڻيو ۽ ”منهنجي
خيال ۾ ته برطانيه شريڪ ٿي ويندي. ڇا بوٿا هن
معاملي جي اهميت کان واقف آهي؟“ ڊي گراف تمام
ڳنڀير شڪل ٺاهي روانو ٿي ويو ۽ مون به انهيءَ
واقعي بابت وڌيڪ ڪجهه نه سوچيو. پر انهيءَ پنهنجا
ڪي نتيجا ضرور ظاهر ڪيا.
ڊي گراف انهيءَ رات بوٿا ڏانهن هنن لفظن جي تار موڪلي ته: ”چرچل
جي خيال ۾ جنگ اڻٽر آهي ۽ برطانيه شامل ٿيندي.“
بوٿا گادي جي هنڌ کان ٻاهر اتر ٽرانسوال ۾ هو ۽
پريٽوريا ۾ جنرل سمٽز سندس جاءِ تي ڪم ڪري رهيو
هو. تار سمٽز جي سامهون رکي وئي. هن انهي تي هڪ
نظر وجهي اهو هڪ پاسي تي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪاغذن
جي دفتر تي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. پوءِ هن جڏهن ڪم
پورو ڪيو ته انهيءَ تي وري نظر وڌائين. ”انهيءَ ۾
ضرور ڪا ڳالهه هوندي.“ هن سوچيو ”نه ته ڊي گراف
تار نه موڪلي ها.“ هن اها تار وري وزيراعظم ڏانهن
اتر ٽرانسوال موڪلي ڇڏي. اها جنرل بوٿا وٽ ڪيترائي
ڪلاڪ پوءِ پر وقت اندر پهچي وئي. هو انهيءَ ئي رات
ريل گاڏي ذريعي ڊيلا گوا بي
(Delagoa Bay)
روانو ٿي وڃڻو هو ۽ ايندڙ صبح جو ڪيپ ٽائون ڏانهن
واپسي جي سفر لاءِ جرمني جي هڪ جهاز تي چڙهي ها.
هن پوءِ مون کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن اهو ٽيليگرام
نه اچي ها ته هو جنگ جو اعلان ٿي وڃڻ وقت سمنڊ ۾
جرمني جي جهاز تي هجي ها. عين انهيءَ لمحي جڏهن
سائوٿ آفريقن يونين جي وڏن علائقن ۾ بغاوت جي باه
ڀڙڪڻ تي هجي ها ته سائوٿ آفريقا جو وزيراعظم ۽
سگهارو قومي ليڊر دشمن جي هٿن ۾ هجي ها. جيڪڏهن
اهڙو واقعو پيش اچي وڃي ها ته اندازو ئي نه ٿو ڪري
سگهجي ته سائوٿ آفريقا کي ڪهڙين مصيبتن کي منهن
ڏيڻو پئجي وڃي ها! جنرل بوٿا پيغام ملندي ئي
پنهنجا سڀ پروگرام ڪينسل ڪري خاص ٽرين ذريعي واپسي
جو سفر ڪيو ۽ جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ وقت سر پريٽوريا
پهچي ويو. هن جون جنگ ۾ ڪيل عظيم تر ڪوششون، هن
پاران سر تي کنيل خطرا، هن جنگ ۾ جنهن ۾ وڏي همٿ
جو مظاهرو ڪيو، کيس پنهنجي قوم تي جيڪو وڏو اختيار
حاصل هو ۽ هن جنهن هوشياريءَ سان جرمن سائوٿ ويسٽ
آفريقا تي ڪاهه ڪري ڏني، سن 1917ع واري امپيريئل
وار ڪيبنيٽ
(War Cabinet)
۾ سندس جاندار صلاحون، پيرس ۾ 1919ع ۾ ٿيل پيس
ڪانفرنس ۾ فتح کان پوءِ سندس تدبر ۽ مانائتو ڪردار
اهي سڀ ڳالهيون هاڻي تاريخ جو حصو آهن.
هو جڏهن انگلينڊ مان آخري دفعو روانو ٿيو هو ته آءُ سيڪريٽري آف
اسٽيٽ فار وار هوس. هو مون سان الوداعي ملاقات
لاءِ وار آفيس آيو هو. اسان زندگي جي لاهن چاڙهن ۽
اسين جن وڏن خطرناڪ واقعن مان گذريا هئاسون انهن
بابت گهڻو وقت ڳالهيون ڪيون هيون. فتح جي انهن
ڏينهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جون اعليٰ شخصيتون مون سان
وار آفيس ۾ ملاقات ڪرڻ اينديون هيون. پر فقط هڪ
شخص کي ئي آءُ پاڻ وڏي ڏاڪڻ تان هيٺ وٺي ويو هوس ۽
پنهنجن هٿن سان سندس ڪار ۾ ويهاريو هو. سندس ملڪ
پهچڻ کان پوءِ جلد ئي سندس موت جو وقت اچي ويو.
اهو ملڪ جنهن جو جنگ توڙي امن، ڏک توڙي ڪاميابي ۽
بغاوت توڙي صلح ۾ هو سچو پچو مسيحا ٿي رهيو هو.
* * * * *
مون کي اميد آهي ته موضوع کان ايترو هٽي وڃڻ کي پڙهندڙ درگذر
ڪري ڇڏيندو. آءُ هاڻي واقعن جي صحيح ترتيب ڏانهن
موٽڻ ۾ دير نه ٿو ڪريان. آءُ جيئن ٻين قيدين ۽
شديد زخمين سان گڏ پاڻي ۾ پُسيو پٽ تي ويٺو هوس ته
نه فقط پنهنجي نصيب پر پنهنجي فيصلي تي به افسوس
ڪري رهيو هوس. آءُ انجڻ تي ڏاڍي بهتر نموني نڪتو
هليو وڃان ها. منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ معاملي
بابت بچي ويلن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن مطابق
ته منهنجي تمام سٺي نموني ڀليڪار ٿئي ها. مون
وڏيون ڪوششون ڪري ۽ بنا ضرورت پاڻ کي هڪ اجائي
مصيبت ۾ ڦاسائي ڇڏيو مون پاران ڪمپني ڏانهن واپس
وڃڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهن جو به فائدو نه ٿيو هو. انهيءَ
سان مون فقط پنهنجو پاڻ کي انهي دلچسپ جنگ مان ڪٽي
ڌار ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ مهم جوئي ۽ اڳتي وڌڻ جا بي
انداز موقعا هئا. آءُ نيڪيءَ جي ملندڙ تلخ بدلي تي
سوچي رهيو هوس. پر آءُ جيڪڏهن مستقبل جي پيش بيني
ڪري سگهان ها ته مون کي سمجهه ۾ اچي وڃي ها ته
انهيءَ بدنصيبيءَ کي منهنجي ايندڙ زندگيءَ جا
بنياد رکڻا هئا. آءُ مهم مان خارج ٿيڻو هوس نه ئي
قيديءَ جي حيثيت ۾ بيڪار پيو رهڻو هوس. مون کي
اڳتي هلي فرار ٿيڻو هو ۽ فرار مان اهڙي مشهوري يا
بدنامي حاصل ڪيان ها جيڪا مون کي پنهنجن هم وطنن ۾
هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت ڪري ڇڏين ها ۽ ڪيترن ئي چونڊ
حلقن ۾ اميدوار طور قبوليت ڏيارائي ڇڏي ها. انهيءَ
سان مون کي اهڙو مقام به ملي وڃي ها جنهن جي ذريعي
آءُ ايترو پئسو ڪمايان ها جو ڪيترا سال خودمختيار
زندگي گذاريان ها ۽ پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاءِ گهربل
وسيلا به ملي وڃن ها. پر آءُ جيڪڏهن انجڻ ڏانهن
موٽي وڃان ها ته بروقت منهنجي شايد تعريف ۽ ڪجهه
لاڏ ڪوڏ ٿئي ها پر اهو امڪان بلڪل موجود هو ته
مهيني کن کان پوءِ سر ريڊورس بُلر جي اسٽاف ۾
موجود منهنجن ڪيترن ئي واسطيدارن وانگر مون کي به
مٿي ۾ ڪو ڌڪ لڳي وڃي ها.
پر اهي واقعا ۽ امڪان منهنجين نظرن کان اوجهل هئا ۽ آءُ ڏاڍي
ڪروڌ سان بوئر هيڊڪوارٽرز جي تڙتڪڙ ۾ کوڙيل تَنبو
جي سامهون ٺهندڙ قطار ۾ اچي بيٺس. منهنجي مايوسيءَ
وارن سوچن تڏهن اڃان شديد ۽ اونداهون رخ اختيار
ڪري ورتو جڏهن مون کي ٻين باندي آفيسرن کان ڌار
ڪري جدا ٿي بيهڻ جو حڪم مليو. ملٽري قانون جي
ايتري ڄاڻ مون کي به هئي ته ڪنهن لڙائي ۾ نمايان ۽
سرگرم حصو وٺندڙ سويلين پاڻ ڀلي جيڪڏهن هڪ گولي به
نه هلائي هجي ته به سمري ڪورٽ مارشل ان کي فوراً
گولي هڻڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. جنگ عظيم ۾ شامل ڪا
به فوج انهيءَ معاملي تي ڏهن منٽن جو وقت به نه
وڃائي ها. تنهنڪري آءُ تيز مينهن ۾ اڪيلو بيٺو
اذيتناڪ پريشاني جو شڪار ٿيندو رهيس. منهنجو ذهن
انهيءَ مسئلي ۾ منجهيل رهيو ته شايد ته ڪجهه دير
کان پوءِ مون کان جيڪي مختصر ۽ ڇپندڙ سوال پڇيا
ويندا آءُ انهن جا ڪهڙا جواب ڏيان ۽ اوچتو جيڪڏهن
مون کي ٻڌايو وڃي ته منهنجي پڄاڻي جو وقت اچي ويو
آهي ته منهنجي منهن تي ڪهڙو تاثر هئڻ گهرجي.
پندرهن منٽ اهڙيءَ طرح گذري وڃڻ کان پوءِ مون سک
جو ساهه کنيو جو تنبو ۾ ٿيندڙ سوچ ويچار کان پوءِ
مون کي دُرشتي سان چيو ويو ته آءُ ٻين سان گڏجي
بيهان. حقيقت اها آهي ته مون کي انهيءَ وقت ڏاڍي
خوشي ٿي جڏهن ڪجهه منٽن کان پوءِ هڪ ننڍي آفيسر
ٻاهر اچي مون کي چيو ته: ”ڇوڪرا، تون جيتوڻيڪ نامه
نگار آهين ته به اسين تو کي نه ڇڏينداسين. اسان کي
لارڊ جو پٽ هر روز ته هٿ نه ايندو.“ حقيقت ۾ ته
مون کي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي نه هئي. بوئر گورن
ماڻهن سان واسطي وقت ڏاڍا مهربان ۽ نرم دل ٿي
پوندا هئا. باقي ڪافرن[4]
جي ته ڳالهه ئي جدا آهي. بوئر جنگ ۾ به گوري ماڻهو
جي زندگيءَ کي نقصان کي افسوسناڪ سمجهندا هئا. مون
دنيا جي چئن کنڊن تي جن به ماڻهن سان جنگيون لڙيون
آهن انهن ۾ اهي تمام مهربان دشمن رهيا آهن.
بهرحال اهو طي ٿيو ته اسين سڀ حفاظتي نگرانيءَ ۾ سٺ ميل پري
بوئرن جي قبضي هيٺ شروعاتي ريلوي اسٽيشن ايلانڊس
لاگٽ وينداسين ۽ اتان اسان کي جنگي قيدين جي حيثيت
۾ پريٽوريا روانو ڪيو ويندو.
|