سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-10

صفحو : 11

باب ٻارهون

تيرهه مهم

Tirah Expedition

 

سورهين سيپٽمبر تي اسان کي پهتل نقصانن جي نتيجي ۾ جيڪي نئين سر بندوبست ضرور ٿي پيا هئا انهن ۾ مونکي هنگامي قدم طور 31 هين پنجاب انفنٽري ۾ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ۾ ڪرنل کان سواءِ باقي ٽي گورا آفيسر هئا. مون جنگ توڙي امن جي حالت ۾ رجمينٽل آفيسر جي حيثيت ۾ مجموعي طور چوٿين حصارز، 31هين پنجاب انفنٽري، 21 هين لانسرز، سائوٿ آفريقن لائيٽ هارس، آڪسفورڊ شائر آرٽلريءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ايشيا، آفريقا ۽ يورپ جي انهن مختلف يونٽن ۾ حالتون هڪ ٻئي کان مختلف هيون. پر هيءُ پنجاب انفنٽريءَ وارو معاملو ٻين سڀني کان جدا قسم جو هو. آءٌ جيتوڻيڪ ڪيولري آفيسر آهيان پر مون سينڊهرسٽ ۾ انفنٽري جي ڊرل جي سکيا پڻ ورتي هئي ۽ پاڻ کي سڀني ننڍي قسم جي ڪارواين يا کڻي چئجي ته وڏين لاءِ به پيشوراڻي طور قابل سمجهندو هوس. پر هتي ٻوليءَ واري ڏکيائي وڌيڪ ڳنڀير قسم جي هئي. آءٌ مقامي سپاهين سان هڪ لفظ به نه ٿي ڳالهائي سگهيس جن کي آفيسر جي کوٽ جي صورت ۾ لازماً منهنجي حڪمن تي ئي هلڻو هو. تنهنڪري مون کي مڪمل طور اشارن تي هلڻو پوندو هو يا ٻئي ڌريون اوٽ تي مطلب ڪڍنديون هيون. مون انهن اشارن ۾ ’مارو‘، ’چلو‘ ۽ Talli ho! جي ٽن لفظن جو اضافو ڪري ڇڏيو. آخري لفظ جي معنى ته پڌري پٽ پئي آهي.[1] اهڙين حالتن ۾ ڪمپني ڪمانڊر ۽ سندس ماتحتن جي وچ ۾ اهو بي تڪلف رابطو ته مشڪل هوندو جيڪو قانون جي ڪتاب مطابق هئڻ لازمي آهي. بهرحال اسين ٽن يا چئن جهڙپن مان بغير ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي ٽپي پار ٿي وياسين. آءٌ انهن جهڙپن کي معرڪي جو نالو ڏئي انهن جي اهميت ته نه وڌائيندس پر ايترو آهي ته اهي انهن ۾ شريڪ ٿيندڙ ٿورڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه سيکارڻ سان گڏوگڏ دلچسپ پڻ ثابت ٿيون. آءٌ اهو ڪم اخلاقي طاقت ذريعي ئي سرانجام ڏئي سگهيو هوندس.

آءٌ جيتوڻيڪ انهن جي سوچن ۽ احساسن تائين مڪمل رسائي ته حاصل نه ڪري سگهيس ته به مون ۾ پنجابين لاءِ هڪ قسم جو لحاظ پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي جنگ دوران ڪنهن گوري آفيسر جي پاڻ ۾ موجودگيءَ تي خوش هئا ۽ ان جي هلت چلت کي غور سان ڏسندا هئا. آءٌ کلندو هوس ته اهي به کلندا هئا تنهنڪري آءٌ وڏي ڪوشش ڪري کلندو هوس. انهيءَ دوران آءٌ مهم جا احوال خط يا تار ذريعي پئانير ۽ ڊيلي ٽيليگراف اخبارن ڏانهن موڪليندو رهيس.

مون ۾ هاڻي چڱي اميد پيدا ٿي پئي هئي ته مونکي مستقل طور مالاڪنڊ فيلڊ فورس سان اٽيج ڪيو ويندو ۽ آءٌ ڪجهه وقت انهن وادين ۾ خوب گهمندس ڦرندس. پر هاڻي ڪارواين جي نوعيت تبديل ٿي وئي. قبائلين 16- سيپٽمبر واري ڳالهه هر طرف پکيڙي ڇڏي هئي ۽ ماموندن به شايد اهو سمجهي ورتو هو ته انهن ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. انهن اسان جي مئلن جو انگ به وڌائي ٿي ٻڌايو ۽ اهي ڳالهيون به ڪندا رهيا ته انهن جون ڪاروايون رٿا مطابق هلي رهيون آهن. ڳالهيون ته اسان به ساڳيون پئي ڪيون پر اهي اسان جون اخبارون ته نه پڙهندا هئا. بهرحال سموري سرحدي علائقي ۾ وڏو جوش خروش پيدا ٿي ويو هو ۽ سيپٽمبر جي آخر ۾ آفريدين جو اڃان طاقتور قبيلو به بغاوت ۾ ٽپي پيو. آفريدي تيره ۾ رهندا آهن. اهو تمام وڏن جبلن وارو علائقو پشاور جي اتر ۽ خيبر پاس جي اوڀر ۾ واقع آهي. تيره وارا جبل مالاڪنڊ واري پاسي کان وڌيڪ اوچا ۽ وڌيڪ اڀڪپرا آهن ۽ اتان جون واديون به سڌين بجاءِ V شڪل جون آهن. اها ڳالهه قبائلين جي تمام فائدي ۾ آهي ۽ ڪنهن باقاعدي فوج لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿي. تيره جي وچ ۾ ماموند واديءَ جهڙو ئي هڪ سڌو پٽ آهي پر اهو ان کان گهڻو وڏو آهي ۽ اتي پهچڻ جو واحد رستو به V شڪل جهڙا جابلو درا آهن. انهيءَ پٽ کي تيره ميدان سڏيو وڃي ٿو.

گورنمينٽ آف انڊيا هاڻي پنهنجي سوچ مطابق تيره ميدان ڏانهن هڪ مهم موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت جو خيال هو ته آفريدي قبيلن جا مکيه رهائشي علائقا، مال جا ڌڻ ۽ اناج جا ذخيرا به اتي ئي آهن ۽ انهن سڀني کي تباهه ڪري قبائلين کي وچ سياري ۾ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ مٿي جبلن تي لوڌي ڪڍبو ته اهي لازماً وڏي تڪليف ۾ اچي ويندا. اهڙي سيکت ڏيڻ لاءِ ٻه مڪمل ڊويزنون گهربل هونديون. هر ڊويزن ٽن برگيڊن تي ٻڌل هوندي. چئجي ته اهي 35000 ماڻهو ٿيندا جن سان گڏوگڏ مواصلات ۽ مرڪز (Base) لاءِ به وڏي فوج درڪار هوندي. نيٺ ايتري فوج حرڪت ۾ آندي وئي ۽ تيره تي ڪاهه جي تيارين طور انهن کي پشاور ۽ ڪوهاٽ جي آسپاس گڏ ڪيو ويو. هيستائين ڪوبه گورو سپاهي تيره ميدان ٽائيم نه پهتو هو. انهن ڪارواين کي سرحد تي افغان جنگ کان پوءِ تمام وڏي اهميت وارو سمجهيو پئي ويو ۽ انهن جي ڪمان به هڪ تجربيڪار ۽ وڏا اعزاز رکندڙ آفيسر وليم لاڪهارٽ (William Lockhart) کي سونپي وئي هئي. ٻئي طرف وري سر بائينڊن بلڊ کي مالاڪنڊ واري پاسي ڏانهن قبائلين کي روڪي رکڻو هو. اهڙي طرح اسان جون سرگرم ڪاروايون پڄاڻي تي پهچي ويون ۽ لڳ ڀڳ ساڳئي ئي وقت پنجابين جي رزرو (Reserve) وارا گورا آفيسر پنهنجي رجمينٽ ۾ خالي جايون ڀرڻ لاءِ پهچي ويا. تنهنڪري مون پنهنجون اکيون تيره مهم (Terah Expenditionar Force) تي کُپائي ڇڏيون ۽ پاڻ کي انهيءَ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪرڻ لڳس. پر آءٌ انهيءَ طرف ڪنهن به اعلى اختياريءَ واري کان واقف نه هوس. هڪ برگيڊ جي ڪمانڊ سان ڪرنل آئن هيملٽن جي هٿ ۾ هئي ۽ هو لازماً مدد ڪري ها پر بدقسمتي اها ٿي جو هو ڪوهاٽ پاس مان گذرندي گهوڙي تان ڪري نه فقط ٽنگ ڀڃرائي ويٺو پر برگيڊ جي ڪمان به هٿن مان ويس هلي ۽ مهم ۾ شريڪ ٿيڻ کان ئي رهجي ويو. تنهنڪري بلڪل دلشڪستو ٿي پيو هو. هاڻي آءٌ هڪ طرف اهڙي ڪمزور حيثيت ۾ هوس جو هڪ فورس مان ڌار ڪيو ويو هوس ۽ ٻي ڪنهن ۾ اڃان شامل نه ٿيو هوس ٻئي طرف وري پري ڏکڻ انڊيا ۾ ويٺل منهنجو ڪرنل منهنجي واپسيءَ لاءِ زور ڀري رهيو هو. سر بائينڊن بلڊ جي منهنجي لاءِ خيرخواهي جي باوجود مون کان اڌ به ويو ته سڄو به ويو ۽ آءٌ اچي بنگلور پهتس.

آءٌ جڏهن واپس پهتس ته منهنجا برادر آفيسر مون سان تمام خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، پر مونکي مون بابت عام راءِ اها نظر آئي ته آءٌ ڪافي موڪلون ڪري چڪو آهيان. تنهنڪري مونکي هاڻي باقاعدگيءَ سان معمول واري ڊيوٽي ڪرڻ گهرجي. رجمينٽ سرء جي موسم واري ٽريننگ ۾ مصروف هئي ۽ فوجي مشقن لاءِ رواني ٿيڻ واري هئي. اهڙي طرح آءٌ ماموند واديءَ ۾ گولين جا سوساٽ ٻڌڻ جي ٻن هفتن اندر ئي ٻه هزار ميل پري جعلي جنگين ۾ خالي ڪارتوسن سان ڦٽاڪا ڪڍي رهيو هوس. اها ڳالهه ڏاڍي عجيب پئي لڳي ته هر طرف رائيفلون ڇُٽي رهيون هيون پر ڪنهن به تڪڙ ۾ پنهنجو مٿو هيٺ نه ٿي ڪيو يا ڪَوَر نه ٿي ورتو. انهيءَ کان سواءِ زندگيءَ جو ٻيو سمورو انداز بلڪل ساڳيو ئي هو. گرمي به اوتري ئي ٿي لڳي ۽ اسين هر روز مارچ ڪندا ۽ رات جو پڙاءُ ڪندا هئاسين. اهو ميسور به ڏاڍو سهڻو علائقو هو، جتي تمام سهڻا وڻ ۽ بي انداز پاڻي هوندو هو. اسان نندي دروگ (Nundydroog) نالي هڪ وڏي جبل جي آسپاس مشقون ڪندا هئاسين جتي سون جون کاڻيون آهن ۽ چمڪندڙ قرمزي پنن جي وڻن جا جهڳٽا آهن.

اتي اهڙي ته ڪابه ڳالهه نه هئي جنهن بابت ڪا شڪايت ڪجي پر، جيئن جيئن هفتا ۽ مهينا پيا گذرندا هئا ته آءٌ تيره مهم بابت اخباري بيانن کي حسرت ڀريل نگاهن سان پيو ڏسندو هوس. ٻه ڊويزنون جبل تي چڙهي ويون هيون ۽ آخرڪار گهڻي ويڙهه ۽ انهن ڏينهن جي لحاظ کان ڪيتري ئي جاني نقصان کان پوءِ تيره جي مرڪزي ميدان تي پهچي ويون هيون. انهن کي ٻيون قدم اهو کڻڻو هو جو شديد سيارو شروع ٿيڻ کان اڳ واپس موٽڻو هو. انهن اهو ڪم بروقت ئي ڪيو پر ايتري تڪڙ نه ڪري سگهيا. آفريدي ڪاوڙيل ته اڳي ئي هئا پر هاڻي ته اهي سوڀارا به ٿي ويا هئا تنهنڪري اهي ٽڪرين جي قطارن تي ڊوڙندا فوجين جي ڊگهي ڪالم تي موتمار مهارت سان فائر ڪندا ٿي ويا. فوجين کي انهن جي فائرنگ کان مجبور ٿي هر مارچ ۾ ڏهه ٻارنهن دفعا نديءَ جي يخ ٿڌي پاڻيءَ ۾ لهڻو پوندو هو. سوين سپاهين ۽ هزارين جانورن کي گوليون لڳيون ۽ ٻين ڊويزنن جي باڙا واديءَ مان پسپائي ته انتهائي خراب حالت ۾ ٿي. اسان کي خانگي طور ٻڌڻ ۾ آيو ته اها پسپائي ڪڏهن ڪڏهن ته تاديبي فوج جي فاتحانه واپسيءَ بجاءِ شڪست کاڌل فوج جي ڀاڄ جو روپ اختيار ڪري ويندي هئي. اها ڳالهه ته پڌري پٽ پئي آهي ته سزا ڪنهن کي آئي ۽ بل ڪير ڀريندو. پنجٽيهه هزار انهن درن ۾ ٻن  مهينن تائين آفريدين کي شڪار ڪندا ۽ انهن جي هٿان شڪار ٿيندا رهيا ۽ وڌيڪ ويهه هزار سپاهي انهن جي مواصلات جي حفاظت لاءِ مقرر رهيا. انهيءَ خرچ جو حساب رپين ۾ ڪجي ٿو ته تمام خراب ٽوٽل سامهون ٿو اچي. ڪلڪتي ۾ ويٺل عقل جي اڪابرن جون پيشانيون ڪاراٽجي ويون ۽ برطانيه ۾ لبرل مخالف ڌر به ڏاڍي زوردار واويلا مچائي.

مونکي تيره مهم جي ناڪامين تي ڪو به افسوس نه ٿيو. انهن به نه خود غرضي ڏيکاريندي مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ نه ڏنو هو. مون سوچيو ته انهن کي بهار جي موسم ۾ وري وڃڻو پوندو تنهنڪري مون انهن سان شريڪ ٿيڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. منهنجي ماءُ پنهنجي طرفان پُرزور تعاون ڪيو. هن منهنجي فائدي ۾ هر ڏور کي ڇڪيو، هر پٿر کي لوڏيو ۽ گوشت جي هر ٻوٽيءَ کي رڌي پچايو. هن منهنجي هدايت هيٺ لارڊ وولسلي ۽ لارڊ رابرٽس جو شديد محاصرو ڪيو. پر انهن قلعن به سخت مزاحمت ڏيکاري. لارڊ رابرٽس لکيو:

”آءُ وڏي خوشي سان توهان جي پٽ جي مدد ڪريان ها پر جنرل لاڪهارٽ سان منهنجي خط و ڪتابت ڪنهن به ڪم جي نه ٿيندي جو جنرل جارج وهائيٽ هال تمام طاقتور آهي ۽ جيئن ته هو ونسٽن کي مالاڪنڊ فيلڊ فورس ۾ جنرل بلڊ سان اڳ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ کان پوءِ وري انهيءَ آفيسر جي اسٽاف ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي تنهنڪري مون کي پڪ آهي ته هو سندس تيره فيلڊ فورس ڏانهن موڪلڻ تي راضي نه ٿيندو.

آءُ کڻي سر جارج وهائيٽ ڏانهن تار ڪيان پر مونکي پڪ آهي ته هن صورتحال ۾ منهنجو ائين ڪرڻ کيس سٺو نه لڳندو.“

انهيءَ دوران آءُ بنگلور ۾ پنهنجي ڇانوڻي سان واڳيل رهيس. بهرحال ڪرسمس جي موقعي تي ڏهن ڏينهن جي موڪل وٺڻ سولو ڪم هو. ڏهه ڏينهن ايترو ڊگهو عرصو ته نه آهي پر اهو بهرحال ايترو ڊگهو هو جو ماڻهو سرحد تي پهچي ۽ موٽي سگهيو ٿي. مون کي چڱي طرح خبر هئي ته اڳ ۾ ماحول تيار ڪرڻ کانسواءِ فيلڊ فورس جي هيڊ ڪوارٽر پهچڻ ۾ ڪو به فائدو نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته فوجي ٻلي ايستائين ته تمام ڀلو جانور آهي جيستائين توهان انهيءَ جي چنبن کان پري رهو ٿا پر اها جوش يا ڪاوڙ ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي تمام ناپسنديده روپ ۾ به آڻي سگهي ٿي ۽ اها جيڪڏهن موڊ ۾ اچي وڃي ته کيس انهيءَ مان ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي. تنهنڪري مون سرحد بجاءِ ڪلڪتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هندستاني حڪومت جي مرڪز تان محاذ تي ڪنهن خالي جاءِ لاءِ ڪوشش ڪريان. انهن ڏينهن ۾ بنگلور کان ڪلڪتي وڃڻ لاءِ ساڍا ٽي ڏينهن لڳاتار ريل جو سفر هوندو هو ۽ واپسي لاءِ ايترو ئي وقت ڪڍڻ کان پوءِ اهم ترين ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ باقي ٽيهه ڪلاڪ ٿي بچيا. وائسراءِ لارڊ ايلچن[2] جنهن جي هيٺ مون اڳتي هلي ڪالونيل آفيس ۾ انڊر – سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو؛ مناسب تعارف رکندڙ نوجوان آفيسرن جي وڏي خاطر تواضح ڪندو هو. منهنجي به شاهاڻي انداز ۾ مهماني ٿي ۽ چڙهي لاءِ ايترو ته ڀلو گهوڙو ڏنو ويو جو مون اتي هر پندرهين ڏينهن ٿيندڙ ايس پوائنٽ به پوائنٽ (Point- to- point) به کٽي ورتي. تڏهن ڪلڪتي واري ڇانوڻي انهيءَ جي ڏاڍي شوقين هوندي هئي. اهي سڀ ڳالهيون ته ڀليون ٿيون پر منهنجو جيڪو اهو ڪم هو انهيءَ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. آءُ موقعي تي پهچڻ کان اڳ پنهنجي وس ۾ موجود هر ذريعو ڪم آڻي چڪو هوس ۽ جن به اعليٰ اختيارين تائين منهنجي پهچ هئي انهن کان بهترين صلاحون ۽ مشورا پڻ وٺي چڪو هوس. انهن سڀني جي راءِ اها هئي ته سڀ کان ڀلي ڳالهه اها ٿيندي ته آءُ ايڊجوٽنٽ – جنرل کي قابو ڪيان. هو تمام اڻ وڻندڙ شخصيت جو مالڪ هو ۽ مونکي خوشي آهي ته مون کان انهيءَ جو نالو وسري ويو آهي. هو جيڪڏهن چاهي ته اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن هو اعتراض ڪري ته ڪير به اهو ڪم نه ڪري سگهندو. اهڙي صورتحال ۾ آءُ وڃي سندس ملاقاتين جي ڪمري ۾ پهتس ۽ ملاقات لاءِ نالو لکرايم. هن مون سان ملڻ کان پٽيء انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهن مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته منهنجين ڪوششن مان ڪجهه به ورڻو نه آهي. انهن ٻن ڏينهن دوران آءُ جن به اعليٰ فوجي اختيارين سان لنچ يا ڊنر تي مليس انهن جي هلت چلت مان طنزيه کِل جو احساس پئي ٿيو. انهن سڀني کي خبر هئي ته آءُ ڪهڙي ڪم لاءِ آيو هوس ۽ منهنجي درخواست جو ڪهڙو حشر ٿيڻو هو. ڪمانڊر انچيف سر جارچ وهائيٽ کان وٺي آءُ هيٺين کان هيٺين جنهن به عملدار سان مليس اهي سڀئي تمام شائستگي سان مليا ٿي پر انهن سڀني جي دوستاڻي انداز مان ڪنهن نه ڪنهن نموني اها ڳالهه ظاهر پئي ٿي ته ڪجهه موضوعن جو ذڪر نه ڇيڙجي ته چڱو آهي. اهڙيءَ طرح منهنجن سٺ ڪلاڪن جي پڄاڻي تي مون کي وري بي دلي سان ريل گاڏي ۾ چڙهي بي سوڀو ٿي بنگلور پهچڻو پيو.

انهيءَ سياري جي موسم دوران مون پنهنجو پهريون ڪتاب لکيو. مون کي انگلينڊ مان خبر پئي ته ڊيلي ٽيليگراف ۾ منهنجن خطن کي سٺي موٽ ملي آهي. انهن تي جيتوڻيڪ منهنجي نالي بجاءِ ”هڪ نوجوان آفيسر“ طرفان لکيل هو ته به انهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ورتو. پئانيئر اخبار پاران به خوشي جو اظهار ڪيو ويو هو. انهن خطن کي بنياد بنائيندي مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته آءُ هڪ ننڍڙو ادبي ادارو قائم ڪندس. منهنجن دوستن مون کي ٻڌايو ته لارڊ فنڪيسل به مهم جو احوال لکي رهيو هو. هاڻي اهو مقابلو هو ته ڪنهن جو ڪتاب اڳ ۾ ٿو پورو ٿئي ٿي. مون جلد ئي محسوس ڪري ورتو ته مون کي لکڻ جي ڪم مان حقيقي خوشي ملي ٿي ۽ ڏينهن جي وچ وارا ٽي يا چار ڪلاڪ جيڪي اڳ ۾ ننڊ يا پتي راند جي حوالي هوندا هئا هاڻي آءُ انهن ۾ ڏاڍي محنت سان ڪم ڪرڻ لڳس. ڪرسمس کان فوراً پوءِ مسودو تيار ٿي گهر منهنجي ماءُ ڏانهن روانو ٿي ويو جيئن اها ڪنهن پبلشر کي وڪرو ڪري سگهي. هن لانگ مينز پاران انهيءَ جي اشاعت جو بندوبست ڪري ورتو.

پاڻ ۾ لکڻ جي عادت پيدا ڪري وٺڻ کانپوءِ مون فڪشن ڏانهن رخ ڪيو. مون  سوچيو ته آءُ پاڻ کي ناول ۾ آزمائي ڏسان. حقيقتن جي تزبيان کان اهو ڪم مونکي وڌيڪ تڪڙو لڳو. قصو هڪ دفعو شروع ٿي وڃڻ کان پوءِ خود بخود اڳتي وڌندو ٿي ويو. مون بنيادي خيال طور بالقان جي ڪنهن تصوراتي يا ڏکڻ آمريڪا جي هڪ رياست جي چونڊ ڪئي جنهن ۾  هڪ لبرل اڳواڻ جي زندگي ۾ درپيش آيل واقعن جو احوال ڏيندي ٻڌايو هو ته هن هڪ آپيشاهه حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته مٿان سوشلسٽ انقلاب اچي سندس محنتن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. منهنجا برادر آفيسر ڪهاڻي جي پيش رفت مان ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ ۾ محبت جو عنصر شامل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون ڏنائون، پر آءُ انهن کي قبول نه ڪري سگهيس. پر اسان وٽ سياست ۽ جنگ جي به ڪا کوٽ نه هئي جنهن جي وچ ۾ آءُ پنهنجي صلاحيت مطابق فيلسوفاڻا نقطا به وجهندو ويس. انهن سڀني ڳالهين جي مدد سان ناول جي پڄاڻي ائين ٿي جو ٻاهران هڪ مضبوط سامونڊي ٻيڙي اچي گاديءَ واري شهر جي بغاوت کي ختم ڪيو. ناول تقريباً ٻن مهينن ۾ پورو ٿي ويو. اهو ميڪملنز ميگزين ۾ (Savrola) جي عنوان سان شايع ٿيو. انهيءَ جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا نڪتا جن مان مون کي ڪيترن سالن ۾ مجموعي طور ست سو پائونڊ آمدني ٿي. آءُ مسلسل پنهنجن دوستن کي تاڪيد ڪندو رهيو آهيان ته اهو پڙهڻ کان پاسو ڪن.

انهيءَ دوران سرحد جي جنگ بابت منهنجو ڪتاب به ڇپجي پڌرو ٿي ويو. پروف انڊيا موڪلڻ ۾ ٻن مهينن جو وقت بچائڻ لاءِ مون انهن جي درستگيءَ جو ڪم پنهنجي چاچي جي حوالي ڪيو جيڪو ڏاڍو هوشيار ماڻهو ۽ پاڻ به هڪ ليکڪ هو. ڪو سبب ٿيو جو هن کان ڪيتريون ئي غلطيون چڪاسڻ کان رهجي ويون ۽ هن بيهڪ جي نشانين کي درست ڪرڻ جي به ڪا ڪوشش نه ڪئي. انهيءَ هوندي به ”مالاڪنڊ فورس“ فوري ۽ وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي. تبصري نگارن جيتوڻيڪ ڇپائي جي غلطين وغيره بابت ڏاڍيون تنقيدون ڪيون پر تعريفن ۾ به هڪ ٻئي کان وڌڻ جي ڪوشش ڪيائون. جڏهن ڪتاب جي ڇپيل ڪاپي ۽ تبصرن جو پهريون بنڊل مون وٽ پهتو ته آءُ مبارڪن ۽ واڌاين تي خوشي ۽ ناز ۾ ڀرجي ويس پر ڪتاب ۾ ڇپائي جون وڏيون وڏيون غلطيون ڏسي پريشان به ٿيس. پڙهندڙن کي لازماً ياد هوندو ته منهنجي اڳ ۾ ڪڏهن به تعريف نه ٿي هئي. اسڪول ۾ مونکي پنهنجي ڪم تي بس اهي ئي رمارڪ ملندا هئا: ’گندو‘، ’خراب‘، ’تمام خراب‘، ’لاپرواهي سان ڪيل‘ وغيره. هاڻي هيڏي ساري وڏي دنيا ۾ مکيه ادبي اخبارون ۽ چوڪس ۽ داناء نقاد منهنجي تعريفن ۾ سڄا ڪالم لکي رهيا هئا! حقيقت ۾ ته منهنجي ’اسلوب‘ جي جن شاندار لفظن ۾ تعريف ڪئي وئي هئي اهي ته لکندي مون کي هاڻي به شرم ۾ ڳاڙهو ٿي وڃڻ گهرجي. اٿينيئم (Athenaeum) لکيو هو: ”نيپيئر بابت لکيل صفحن تي پبلشر جي ڪنهن بيوقوف پروف ريڊر بيهڪ جون نشانيون ڏنيون آهن.“ ٻين ماڻهن ته اهڙي کوٽ سوٽ نه ڪئي پر تعريفون تمام گهڻيون ڪيائون. پئانيئر اخبار: ’سندس عمر کان تمام وڌيڪ ڏاهپ ۽ دانائي‘ بابت ڪجهه لکيو. آءُ خوشي ۾ ڀرجي ويو هوس. مون کي خبر هئي ته جيڪڏهن اهو ڪتاب اگهامجي ويو ته اهو جتان آيو آهي اتي اڃان گهڻو مواد موجود آهي ۽ آءُ محسوس ڪرڻ لڳس ته منهنجي آڏو روزگار ۽ پنهنجي اهميت مڃرائڻ جو هڪ نئون رستو کلي رهيو آهي. مون ڏٺو ته هن ننڍڙي ڪتاب به مون کي ڪجهه مهينن ۾ سبالٽرن جي ٻن سالن جي پگهار جيترو پئسو ڪمائي ڏنو آهي. مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو ته جيئن ئي دنيا جي مختلف حصن ۾ شروع ٿي ويل جنگيون پُڄاڻي تي پهچنديون ۽ اسين پولو ڪپ کٽي وينداسين ته آءُ پاڻ کي هر قسم جي نظم ضبط ۽ بالا اختيارين کان آزاد ڪري ڇڏيندس ۽ مڪمل آزاديءَ سان انگلينڊ ۾ سيٽ ٿي ويندس جتي مونکي ڪو به آرڊر نه ڏيندو ۽ نه ئي ڪير گهنٽي يا بگل وڄائي مون کي ننڊ مان سجاڳ ڪندو.

انهيءَ دوران مونکي جيڪو هڪ خط مليو انهيءَ مون کي تمام گهڻي خوشي ڏني. آءُ اهو خط هتي ڏيان ٿو ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته پرنس آف ويلز (اڳتي هلي ڪنگ ايڊ ورڊ ستون) نوجوانن سان ڪيتري نه غير معمولي مهرباني وارو ورتاء ڪندو هو ۽ انهن کي ڪيتري نه اهميت ڏيندو هو.

 

مارلبورو هائوس،

22- اپريل 1898ع

منهنجا پيارا ونسٽن

آءُ تنهنجي ڪتاب جي ڪاميابيءَ تي ڏاڍي شوق مان هي ٻه ٽي سٽون مبارڪ طور لکي رهيو آهيان! مون اهو وڌ ۾ وڌ دلچسپيءَ سان پڙهيو آهي ۽ منهنجي راءِ آهي ته واقعن جو بيان ۽ ٻولي مجموعي طور تمام شاندار آهن. هرڪو ماڻهو اهو پڙهي رهيو آهي ته آءُ سڀني جي واتان انهيءَ جي تعريف ٻڌي رهيو آهيان. هاڻي تون جيئن ته پنهنجي اکين سان جنگ ڏسي چڪو آهين تنهنڪري توکي اڃان وڌيڪ جنگي واقعا ڏسڻ جي خواهش هوندي ۽ مونکي پڪ آهي ته توکي به وڪٽوريا ڪراس حاصل ڪرڻ جو ايترو ئي موقعو آهي جيترو فنڪسيل کي مليو هو. پر مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هو آرمي ڇڏڻ جو ارادو رکي ٿو جيئن پارليامينٽ ۾ وڃي سگهي.

تنهنجي سامهون ڪافي وقت پيو آهي تنهنڪري پنهنجي نالي ۾ M.P. جو اضافو ڪرڻ کان اڳ ۾ توکي آرمي سان چنبڙيو رهڻ گهرجي.

مون کي اميد آهي ته تون خوش ۽ آباد هوندين.

                        تنهنجو تمام گهڻو مخلص

                                        اي. اِي

هاڻي مون وٽ رجمينٽل پولو ٽيم پاران مارچ جي وچ ۾ سالياني ڪيولري ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ اتر طرف وڃڻ کان اڳ ڪا به موڪل نه هئي. مون کي خوش قسمتيءَ سان انهيءَ ٽيم ۾ جاءِ ملي ۽ آءُ پوري وقت تي ميرٺ پهچي ويس. ميرٺ تمام وڏي ڇانوڻي آهي ۽ اهي مقابلا به عام طور اتي ئي ٿيندا آهن. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان جي ٽيم مقابلي ۾ شامل سڀني ٽيمن ۾ ٻئي نمبر تي هئي. اسان ٽورنامينٽ جي فاتح مشهور ٽيم درهام لائيٽ انفنٽري کان هارايو. ڪيولري ڪپ کٽيندڙ انفنٽري جي اها واحد رجمينٽ هئي. انهن ڪنهن کان به نه هارايو. سڀئي بهترين رجمينٽون انهن جي آڏو ڍير ٿي ويون. بهترين مقامي ٽيمن جو به ساڳيو حشر ٿيو. انهن اجيت پيدل سپاهين گولڪنڊا ۽ راجپوتانا جي سموري دولت انهن جي مهاراجائن جو سمورو تڪبر ۽ انهن جي بهترين رانديگرن جي مهارت کي پنهنجي سامهون پير کوڙڻ ئي نه ڏنا. هندستاني پولو جي تاريخ ۾ ڪير به انهن جهڙو رڪارڊ نه ٺاهي سگهيو. انهن جي حاصلات جو واحد سبب فقط هڪ شخص ڪيپٽن ڊي لسلي (Delisle) جي ذهانت ۽ قوت ارادي هئي. هن اڳتي هلي گيلي پولي ۽ مغربي محاذ تي ڪور ڪمانڊر طور نالو ڪڍيو. اهو ئي پنهنجي ٽيم کي منظم رکندو ۽ مشق ڪرائيندو هو ۽ چئن سالن تائين پنهنجي ٽيم جي اڳواڻي ڪري انهن کي هندستان جي سڀني حصن ۾ مسلسل ۽ يقيني ڪاميابيون ڏياريندو رهيو. هندستاني پولو جي سفر جي سندس انهيءَ آخري سال ۾ اسين سندس مهارت آڏو ڍير ٿي وياسين.

ميرٺ، بنگلور جي 1400 ميل اتر ۾ هو. پر محاذ کان اڃان 600 ميل پري هو. اسان جي موڪل ٽورنامينٽ جي فائينل ميچ کان ٽي ڏينهن پوءِ ٿيڻي هئي ۽ ريل ذريعي بنگلور موٽڻ ۾ پورا ٽي ڏينهن لڳا ٿي. ٻئي طرف وري پشاور ۾ محاذ تائين پهچڻ ۾ ڏيڍ ڏينهن لڳو ٿي. آءُ هاڻي ايترو ته بي صبرو ٿي ويو هوس جو مون سمجهيو ته هاڻي شديد خطرو کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڪرنل آئن هيملٽن به آخرڪار پنهنجي حادثي مان صحتياب ٿي ويو هو ۽ پنهنجي برگيڊ جي تيره کان واپسي تي ڪمان سنڀالي ورتي هئائين. هو آرميءَ ۾ ڏاڍو مشهور هو ۽ سر جارج وهائيٽ سان گڏ ڊيوٽيون سر انجام ڏنيون هئائين ۽ سندس گهاٽو دوست هو ۽ سروليم لاڪهارٽ سان به سندس تمام سٺا لاڳاپا هئا. ڪرنل آئن هيملٽن سان منهنجي گهڻي وقت کان بي تڪلفي واري خط ڪتابت هلندڙ هئي ۽ هن منهنجي پاران گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون هيون. پر هن وٽان ڪي همٿ افزائي واريون خبرون نه ٿي آيون. ايڪسپيڊيشنري فورس ۾ ڪيتريون ئي جايون ڀري وڃڻيون هيون پر اهي سڀئي مقرريون ڪلڪتي مان ايڊجوٽنٽ جنرل جي ڊپارٽمينٽ جي ذريعي ٿي رهيون هيون. اهو اصول فقط سر وليم لاڪهارٽ جي ذاتي اسٽاف ۾ ٿيندڙ مقررين تي لاڳو نه هو. مونکي سروليم لاڪهارٽ سان ڪا به واقفيت نه هئي ۽ نه ئي منهنجي يادگيريءَ مطابق منهنجي پيءُ يا ماءُ جي هن سان ڪا سڃاڻپ هئي. آءُ هن تائين رسائي ڪيئن حاصل ڪريان ۽ سندس اسٽاف جي ٻن يا ٽن جونيئر عهدن مان هڪ پاڻ کي ڏيڻ تي کيس ڪيئن آماده ڪريان، جن عهدن تي اڳيئي تمام لٺ پئي ٿي لڳي. ٻي ڳالهه ته سندس اسٽاف اڳيئي مڪمل ٿي چڪو هو. ٻئي طرف وري ڪرنل آئن هيملٽن انهيءَ جي حمايت ۾ هو ته آءُ خطرو ڪيئن کڻان. هن خط ۾ لکيو هو، مون کان جيترو ٿي سگهيو آءُ ڪندس. ڪمانڊر انچيف جو هالڊين نالي هڪ اي. ڊي. سي آهي. اهو گورڊون هائلينڊرس ۾ مون سان گڏ هو. اهو تمام وڏو اثر رسوخ رکي ٿو. حقيقت ۾ ته ماڻهو چون ٿا ته سموري آرميءَ ۾ سندس تمام هلندي پُڄندي آهي. جيڪڏهن هن جي ذهن ۾ تنهنجي بابت چڱي راءِ قائم ٿي وئي ته هر ڳالهه جو بندوبست ٿي ويندو. مون ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي ذهن ۾ تنهنجي بابت ڪو دوستاڻو تاثر ته نه آهي پر هو تنهنجي خلاف به نه آهي. تون جيڪڏهن هيڏانهن اچين ته ٿي سگهي ٿو ته تون مٿا مونا ڏئي ۽ پنهنجي مڇڏ طبيعت سبب ڪم ڪرائي وڃن.“

هي انهيءَ خط جو خلاصو آهي جيڪو ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ اسان جي شڪست جي ٻئي ڏينهن تي مون وٽ پهتو. مون اتر ۽ ڏکڻ طرف ويندڙ ريل گاڏين بابت پڇا ڪئي. ظاهر آهي ته مون وٽ ايترو وقت ته ڪو نه هو جو آءُ اتر طرف پشاور ڏانهن ڏيڍ ڏينهن جو سفر ڪري وڃان. اتي ٻه ٽي ڪلاڪ رهان ۽ پنهنجي باقي موڪل دوران ئي ڏکڻ طرف ساڍن چئن ڏينهن جو سفر ڪري واپس پهچي وڃان. اها پڪ هئي ته آءُ جيڪڏهن اتر طرف ويندڙ ريل گاڏي تي چڙهيس ۽ محاذ تي مقرري وٺڻ ۾ ناڪام ٿي ويس ته آءُ پنهنجي موڪل کان گهٽ ۾ گهٽ 48 ڪلاڪ دير سان پهچندس. مون کي چڱي طرح خبر هئي ته اهڙي فوجي ڏوهه لاءِ مونکي واجب طور سزا ملندي. عام رواجي حالتن ۾ ته موڪل ۾ ايتري مختصر واڌ لاءِ تار ذريعي درخواست ڪرڻ بلڪل سولو ڪم هجي ها پر مون پاران محاذ تي وڃڻ جي رٿا جي رجمينٽل اختيارين کي کڙڪ پئجي وڃڻ کان پوءِ مون کي موڪل ۾ واڌ نه پر فوري طور واپس پهچڻ جو حڪم ملي وڃي ها. بهرحال ڇا به ٿي پوي مون خطرو کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ فوراً پشاور ڏانهن سفر جي شروعات ڪري ڇڏي.

آءُ صبح سوير جي خوشگوار هوا ۾ ڌڙڪندڙ دل سان سروليم لاڪهارٽ جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيس ۽ سندس اي. ڊي. سي. ڏانهن نالو موڪليم. مضبوط ۽ زبردست هالڊين ٻاهر نڪري آيو. هن گهڻي گرمجوشي ته نه ڏيکاري پر لڳو پئي ته کيس منهنجي ڪم ۾ دلچسپي هئي ۽ ٻهِ دليو به لڳو پئي. مون کي اهو ته ياد نه آهي ته مون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ۽ پنهنجو ڪيس ڪيئن پيش ڪيو پر  ايترو ضرور آهي ته آءُ پنهنجي ڳالهه سندس دماغ ۾ صحيح نموني ويهاري ويو هوندس. ريتي وڇايل رستي تي اڌ ڪلاڪ ڦيرا ڏيڻ کان پوءِ ڪيپٽن هالڊين چيو: ”ٺيڪ آهي آءُ اندر وڃي ڪمانڊر انچيف کان پڇان ٿو ڏسون ته هو ڇا ٿو چئي؟“ هو اندر هليو ويو ۽ آءُ اڪيلو رستي تي اچ وڃ ڪندو رهيس. هو اندر گهڻي دير نه ترسيو ۽ واپس اچي چيائين: ”سر وليم توکي پنهنجي ذاتي اسٽاف ۾ واڌو اردلي آفيسر (Extra Orderly Officer) طور مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تون فوراً پنهنجي ڊيوٽي تي چڙهه. اسين گورنمينٽ آف انڊيا ۽ تنهنجي رجمينٽ سان لکپڙهه ڪريو ٿا.“

اهڙي طرح منهنجي صورتحال هڪ لمحي ۾ تبديل ٿي وئي جيڪا اڳ ۾ بي قاعدگي تي ٻڌل ۽ اڻ وڻندڙ هئي اها هاڻي وڏي فائدي واري ٿي ويئي. منهنجي ڪوٽ جي ڪالرن تي ڳاڙهيون پٽيون لڳي ويون. ايڊجوٽنٽ جنرل منهنجي مقرري جي خبر گزيٽ ۾ ڇپائي ڇڏي. بنگلور مان رجمينٽ گهوڙا ۽ نوڪر موڪلي ڏنا ۽ آءُ ڪاڄ جي گهوٽ جي ويجهو شخصي خدمتگار ٿي ويس. هو سرحد جي چپي چپي کان واقف هو ۽ چاليهن سالن تائين اتي لڳندڙ هر جنگ ۾ حصو ورتو هئائين. هاڻي اهڙي نامور ۽ دلچسپ شخص جي روزاني گفتگو ٻڌڻ جي خوشي سان  گڏوگڏ سندس فوج جو هر هڪ حصو گهمڻ ۽ هر طرف مرڪندڙ منهن ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو هو.

پهريان پندرهن ڏينهن مون به اهڙي اٿي ويٺي رکي ۽ مون سان به اهڙو ورتاء ڪيو ويندو هو جيڪو منهنجي نوجواني ۽ ماتحت حيثيت سان ٺهڪي ٿي آيو. آءُ ماني دوران ماٺ هوندو هوس يا ورلي ڪو پُرفهم سوال پُڇي وٺندو هوس. پر اوچتو هڪ اهڙو واقعو پيش اچي ويو جنهن مونکي سر وليم لاڪهارٽ جي اسٽاف ۾ بلڪل مختلف حيثيت ڏئي ڇڏي. ڪيپٽن هالڊين مونکي پنهنجي روزاني واري واڪ تي وٺي ويندو هو ۽ جلد ئي اسان ۾ گهرائپ پيدا ٿي وئي. هن مون کي جنرل، اسٽاف، فوج ۽ ڪارواين متعلق اندروني نقطه نظر بابت ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جن مان مون کي خبر پئي ته ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون به آهن جن کان آءُ ۽ عام پبلڪ ناواقف آهيون. هڪ ڏينهن هن مون کي ٻڌايو ته هڪ اخباري نمائندو جنهن کي فوج مان واپس انگلينڊ موڪليو ويو هو انهيءَ ”فورٽ نائيٽلي رويو ’ Fortnightly Review‘ ۾ هڪ ليک لکي تيره مهم ۽ انهيءَ جي سموري انداز تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن انهيءَ تنقيد کي نامناسب ٿي ڪوٺيو. جنرل ۽ هيڊڪوارٽرز اسٽاف کي انهيءَ بيرحماڻي تنقيد مان شديد تڪليف پهتي هئي. چيف آف دي جنرل اسٽاف، جنرل نڪلسن انهيءَ تنقيد جو ڏاڍو ماهراڻو يا گهٽ ۾  گهٽ رکو جواب لکيو هو ۽ اهو ٽپال ۾ انگلينڊ روانو به ٿي چڪو هو.

مون سان جيڪو مهرباني وارو سلوڪ ڪيو ويو هو هاڻي هڪ سٺو ۽ بروقت مشورو ڏئي مون کي انهيءَ جو بدلو ڏيڻ جو موقعو نظر اچي ويو. مون چيو ته جنگ جي ميدان تي آرمي جي جنرل اسٽاف جي هڪ اعليٰ آفيسر طرفان هڪ برطرف ڪيل جنگي نامانگار سان ڪارواين جي رُخ بابت اخباري تڪرار ۾ شامل ٿيڻ کي تمام هلڪڙائپ وارو ۽ نامناسب قدم سمجهيو ويندو ۽ مون کي پڪ آهي ته اهو قدم حڪومت کي حيران ۽ وار آفيس کي غضبناڪ ڪري ڇڏيندو. مون اهو به چيو ته آرمي اسٽاف کان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته اهي پنهنجن عملن جي دفاع جو ڪم پنهنجن بالادست آفيسرن يا سياستدانن لاءِ ڇڏي ڏين ۽ اهو ته دليل ڀلي ڪيترائي سٺا ڇو نه هجن انهن کي پيش ڪرڻ واري ڳالهه کي ئي هر جاءِ تي ڪمزوريءَ جي نشاني سمجهيو ويندو. ڪيپٽن هالڊين ڏاڍو پريشان ٿيو. اسين  فوراً واڪ تان واپس ٿياسين ۽ رهائشگاه تي موٽي آياسين.

اها سموري رات ڪمانڊر انچيف ۽ سندس اسٽاف آفيسرن جي وچ ۾ ڳالهيون ٻولهيون هلنديون رهيون. ٻئي ڏينهن مون کان پڇيو ويو ته پوسٽ ٿيل ليک کي روڪرائڻ جا ڪهڙا طريقا ٿي سگهن ٿا. وار آفيس کي چئجي ته اهي فورٽ نائيٽلي رويو جي ايڊيٽر تي دٻاء وجهن ۽ اهو ليک وصول ٿيڻ تي ڇاپڻ کان منع ڪن؟ ائين ٿي سگهي ٿو ته هو اهڙي درخواست مڃيندو؟ مون چيو ته هو معزز شخص ڀانئجي ٿو ۽ ليکڪ هن کي جيڪڏهن ڪيبل ذريعي ليک نه ڇاپڻ جو چوندو ته هو ڳالهه مڃي ويندو ۽ ليک نه ڇپجڻ تي پنهنجي مايوسي برداشت ڪري ويندو. اهڙي طرح ڪيبل موڪلي وئي ۽ انهيءَ جو خاطر خواه جواب اچي ويو.

انهيءَ کان پوءِ مون کي اسٽاف جي رازداريءَ وارن حلقن ۾ وڌيڪ جاءِ ملڻ لڳي ۽ مون سان هڪ وڏي عمر واري ماڻهو جهڙو ورتاء ٿيڻ لڳو. هاڻي آءُ سمجهڻ لڳس ته بهار واري مهم ۾ مونکي جاءِ ملڻ لاءِ حالتون سازگار ٿي ويون آهن ۽ مون ۾ اهميت وارن ڪمن ۾ مصروف ٿيڻ جي اميد به پيدا ٿي وئي. ڪمانڊر انچيف مون مان تمام خوش لڳي رهيو هو ۽ آءُ هر ڳالهه ۾ مڪمل طور شريڪ ٿي رهيو هوس. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ اهو چڱو نه ٿيو جو منهنجو ڀاڳ دير سان کليو. جن ڪارواين بابت اميد هئي ته اهي ڪنهن ڏينهن وڏي پيماني تي شروع ٿي وينديون اهي اميدون آهستي آهستي ڪمزور ٿينديون پوءِ قبائلين سان طويل مذاڪرات ۾ وجود وڃائي ويٺيون ۽ انهن جي نتيجي ۾ آخرڪار ديرپا امن قائم ٿي ويو. انهيءَ امن جي پٺيان موجود ڏاهپ کي مون مستقل جي سياستدانن جي حيثيت ۾ مجبور ٿي تسليم ڪري ورتو پر انهيءَ جو مونکي پشاور آڻڻ واري معاملي سان ڪو به تعلق نه هو.

معنيٰ ته لڌڙو پنهنجو ڊيم پيو ٺاهيندو آهي ۽ هو جڏهن مڇين جي شڪار جي شروعات ڪرڻ وارو هوندو آهي ته ٻوڏ اچي سندس بندَ، ڀاڳَ ۽ مڇين کي لوڙهي ڇڏيندي آهي ۽ کيس نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي آهي.

 

 

باب تيرهون

ڪچنر کي درپيش مشڪلات

Difficulty With Kitchener

 

هندستاني سرحد تي جنگ اڃان بند ئي نه ٿي هئي جو سوڊان ۾ هڪ نئين مهم بابت افواهه پڪ ۾ تبديل ٿيندا ويا. لارڊ سالسبري جي حڪومت جي انهيءَ عزم جو کليو کلايو اظهار ٿي رهيو هو ته اها خرطوم ڏانهن پيش قدمي ڪري درويشن جي طاقت کي چٿي ڇڏيندي ۽ انهن وسيع علائقن کي درويشن جي آخري پساه کڻندڙ ظلم زبردستي واري راڄ کان آزادي ڏياريندي. اڃان تيره ايڪسپيڊيشنري فورس ۾ شامل يونٽ پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ئي ٿي رهيا هئا ته نين ڪارواين جو پهريون مرحلو شروع ٿي ويو هو ۽ سرهربرٽ ڪچنر تقريباً 20000 برطانوي ۽ مصري فوج سان نيل ۽ عتبره[3] جي سنگم وٽ پهچي چڪو هو ۽ خليفي جي نائب محمود جي اڳواڻيءَ هيٺ هن کي منهن ڏيڻ لاءِ موڪليل فوج کي هڪ شديد معرڪي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو هئائين. هاڻي سوڊان جي ڊگهي ڊرامي جو فقط آخري مرحلو باقي هو. جنهن ۾ 200 ميل ڏکڻ طرف درويشن جي گاديءَ جي هنڌ ڏانهن پيش قدمي ڪري درويش طاقت جي مڪمل طاقت سان فيصلائتي لڙائي ڪرڻي هئي.

آءُ انهيءَ لڙائي ۾ حصو وٺڻ لاءِ تمام فڪرمند هوس.

پر هاڻي آءُ هڪ نئين ۽ شديد نوعيت جي مزاحمتن کي منهن ڏيڻ لڳو هوس. آءُ جڏهن فوج ۾ نئون داخل ٿيو هوس ۽ جنگ تي وڃڻ چاهيندو هوس ته لڳ ڀڳ سڀني ماڻهن جو رويو دوستاڻو ۽ همٿ افزائي وارو هوندو هو.

پر هاڻي اهو مرحلو پڄاڻي تي پهچي چڪو هو. آءُ هاڻي محسوس ڪرڻ لڳس ته ڪيترائي غلط ڄاڻ ۽ غلط رويو رکندڙ ماڻهو آهن جيڪي منهنجي سرگرمين کي چڱيءَ نظر سان نه ٿا ڏسن. انهن ۾ مخالف ۽ اڃان به دشمنيءَ وارو رويو پيدا ٿيڻ لڳو هو. اهي هن قسم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته: ”هي ماڻهو آخرڪار ڪهڙي بلا آهي؟ هو انهن مختلف مهمن ۾ ڪيئن ٿو پهچي وڃي؟ هو آفيسر هوندي ساڳئي وقت اخبارن لاءِ ڪيئن ٿو لکي؟ ڪنهن سبالٽرن کي پنهنجن سينئر آفيسرن جي تعريف ۽ تنقيد جو ڪهڙو حق آهي؟ جنرل آخر هن کي سهوليتون ڇو ٿا ڏين؟ هو پنهنجي رجمينٽ مان ايتري موڪل ڪيئن ٿو وٺي؟ ٻيا به هيترا سارا محنتي ماڻهو آهن جيڪي روزاني ۽ معمول وارن ڪمن کان سواءِ ڪڏهن ٻئي پاسي ويا ئي نه آهن. بس هاڻي ته گهڻو ٿيو. هو تمام ننڍي عمر ۾ آهي ۽ ممڪن آهي ته اڳتي هلي صحيح ٿي وڃي پر موجوده دور ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ چرچل کي نظم ضبط ۽ معمول واري زندگي کان سواءِ ٻي ڪا به شي گهربل نه آهي.“ ڪجهه ماڻهن ته سچ پچ گندي زبان به ڪم آندي ۽ وقت بوقت ڪجهه اعليٰ ۽ ڪجهه ادنيٰ فوجي حلقن ۾ منهنجي لاءِ ”تمغا مار“ (Medal – Hunter)  ۽ ”پاڻ مشهور ڪرائيندڙ“ جهڙا فقرا به ڪم آندا ويا. مون کي يقين آهي ته هي ڳالهيون پڙهندڙن کي انهن مان ڏک ۽ حيرت ضرور ٿي هوندي. انساني فطرت جي انهن ڪجهه اڻ وڻندڙ رخن کي مجبوراً رڪارڊ تي آڻڻ ڏاڍي افسوسناڪ ڳالهه آهي پر اهو ڏاڍو عجيب ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ اتفاق آهي ته مون انهن کي سدائين پنهنجو پيڇو ڪندي ڏٺو آهي ۽ اهي ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجو دڳ جهلي به بيهي رهيا آهن.

بهرحال مون پاران سوڊان مهم ۾ حصو وٺڻ جي انتظام ڪرڻ جي بلڪل شروعات ۾ ئي مون کي خبر پئجي وئي ته مصري فوج جو سردار، سر هربرٽ ڪچنر[4] انهيءَ کي کليو کلايو ناپسند ٿو ڪري ۽ دشمناڻو رويو رکي ٿو. انهيءَ فوج ۾ شرڪت بابت منهنجي درخواست وار آفيس جي حمايت باوجود رد ٿي وئي جڏهن ته مون جيتري ئي سروس ۽ عهدي وارا ٻيا ڪيترا آفيسر قبول ٿي ويا. مون مختلف ذريعن مان جيڪي پڇائون ڳاڇائون ڪرايون انهن مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته انڪار سڀ کان مٿاهين جاءِ تان ٿيو هو. آءُ اميد ئي نه ٿي ڪري سگهيس ته آءُ بنگلور جي ڇانوڻين ۾ ويهي انهن وڏين رڪاوٽن تي حاوي ٿي سگهندس. جيئن ته تيره ايڪسپيڊيشنري فورس جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ آءُ ڪجهه وقت لاءِ موڪل جو حقدار ٿي ويو هوس تنهنڪري مون بنا دير سلطنت جي مرڪز لنڊن وڃي ڪنهن سان ڳالهائي ٻولهائي مسئلو حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

لنڊن پهچي مون پنهنجي پهچ وارا سڀ وسيلا حرڪت ۾ آڻي ڇڏيا. منهنجي ماءُ پنهنجو سمورو اثر رسوخ منهنجي خواهش جي پورائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. انهن ٻن مهينن دوران انهن ڏينهن جون ڏاڍيون سگهاريون شخصيتون پُرتڪلف ماني جي دعوتن تي آيون ۽ ڏاڍا بحث مباحثا ٿيندا رهيا پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو. منهنجي مصر وڃڻ جي راه ۾ رڪاوٽ هڪ ئي وقت تمام طاقتور به هئي ۽ هن جي پهچ کان تمام ڏورانهين به هئي. هو ايتري حد تائين به وئي جو سر هربرٽ ڪچنر کي منهنجي متعلق ذاتي طور خط به لکيائين. منهنجي ماء جي هن سان بلڪل سٺي ڄاڻ سڄاڻ هئي. هن تمام شائستگي سان جواب موڪليو ته هن وٽ مهم لاءِ اڳي ئي ضرورت کان وڌيڪ آفيسر آهن ۽ ٻيو ته هن وٽ اهڙن ماڻهن جون تمام گهڻيون درخواستون پهتل آهن جيڪي حق توڙي اهليت جي لحاظ کان هن کان گهڻا وڌيڪ آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن ڪو موقعو پيدا ٿي پيو ته کيس تمام خوشي ٿيندي. وغيره وغيره.

هاڻي جون مهيني جا آخري ڏينهن هئا. فوج جي پيشقدمي لازماً آگسٽ جي شروع ۾ ٿي ويندي. هاڻي ڳالهه هفتن نه پر ڏينهن تي وڃي بيٺي هئي.

پر انهيءَ وقت هڪ بلڪل غير متوقع واقعو ٿي پيو. وزيراعظم لارڊ سالسبري اتفاقي طور منهنجو ڪتاب (The Malakand Field Force) پڙهي ورتو. هن جي منهنجي پيءُ سان سياسي لاڳاپن ۾ ڪي دکدائڪ پهلو به آيا هئا پر هن کي منهنجو ڪتاب نه فقط دلچسپ لڳو پر هن انهيءَ ۾ ڪافي ڪشش به محسوس ڪئي هئي. هن بروقت ۽ اوچتو انهيءَ ڪتاب جي ليکڪ سان واقفيت پيدا ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو. مون وٽ جولاءِ مهيني جي شروعات ۾ هڪ صبح جو سندس پرائيويٽ سيڪريٽري سر شومبرگ ايم ڊونيل (Sir Schomberg M. Donnell) کان هڪ خط اچي پهتو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته وزيراعظم منهنجو ڪتاب وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيو هو ۽ انهيءَ جي ڪجهه حصن تي مون سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ارادو رکيائين ٿي. ڪنهن ڏينهن فارين آفيس اچي ساڻس ملاقات ڪرڻ ۾ مون کي ڪا دشواري ته نه ٿيندي؟ جيڪڏهن مون لاءِ مناسب هجي ته ايندڙ اڱاري تي چئين بجي جو وقت هن لاءِ بهتر رهندو. پڙهندڙ فوراً سمجهي ويو هوندو ته مون ’بدڪ کي ترڻ ۾ ڪو اَهنج‘ يا اهڙي قسم جي لفظن ۾ جواب موڪلي ڏنو.

برطانوي دنيا جي مالڪ، ڪنزرويٽو پارٽي جي متفق سربراه ۽ پنهنجي ڊگهي سياسي سفر جي عروج تي پهتل ٽيون دفعو وزيراعظم ۽ وزير خارجه ٿيندڙ انهيءَ عظيم شخص مقرر وقت تي منهنجو استقبال ڪيو ۽ آءُ پهريون دفعو انهيءَ وسيع عريض ڪمري ۾ داخل ٿيس جنهن ۾ مونکي اڳتي هلي ڪيترن سالن تائين وقت بوقت جنگ ۽ امن دوران ڪيترن ڳنڀير معاملن کي تڪميل تي پهچندي ڏسڻو هو.

اهو ڏاهو پوڙهو مدبر وڏي رک رکاء وارو ماڻهو هو. هو جديد خيالن جو تمام مخالف هو ۽ شايد ته ڪنهن حد تائين اهو ئي سبب هو جو هو برطانوي سلطنت جي وڌندڙ طاقت کي اهڙي امتحان جي وقت ۾ مجتمع ڪرڻ ۾ ٻي ڪنهن به تاريخي شخصيت کان وڏو ڪردار ادا ڪري ويو جنهن جي اچڻ بابت تمام ٿورن ماڻهن سوچيو هو ۽ ان جي شدت جو ته ڪير ڪاٿو ئي نه ڪري سگهيو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هو ڪيئن نه پراڻي دور واري شائستگيءَ سان در وٽ اچي مون سان مليو هو ۽ استقبال جي هڪ وڻندڙ اشاري ۽ سلام سان مون کي وٺي وڃي پنهنجي ڪمري جي وچ تي هڪ ننڍڙي صوفا تي ويهاريو هئائين.

”مون کي تنهنجي ڪتاب ۾ تمام گهڻي دلچسپي پيدا ٿي پئي آهي. مون اهو تمام خوشيءَ سان پڙهيو آهي ۽ انهي جي نه فقط مواد پر اسلوب کي به تعريف جي نگاهه سان ڏسان ٿو. هائوس آف ڪامنز ۽ هائوس آف لارڊز ۾ هندستاني سرحدي پاليسيءَ بابت ٿيندڙ بحث مباحثا تمام شدت اختيار ڪري وڃن ٿا ۽ ڪيترين ئي غلط فهمين جي ڪري اهي مونجهارن جو شڪار پڻ ٿي وڃن ٿا. آءُ پاڻ انهن سرحدي وادين ۾ ٿيندڙ لڙاين بابت صحيح تصوير سرڪاري دستاويزن بجاءِ تنهنجو ڪتاب پڙهي ئي ٺاهي سگهيو آهيان.“

مون سمجهيو پئي ته مون تي ٿيندڙ عنايت جي حد ويهه منٽ هوندي جنهن کان وڌيڪ ويهڻ جو مون کي ڪو به ارادو نه هو ۽ ايترو وقت گذرڻ کان پوءِ مون اٿڻ جي ڪئي پر هو مون کي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ويهاريون ويٺو رهيو ۽ آخر جڏهن هو مون کي وسيع قالين تان ٿيندو در تائين وٺي هليو ته هنن لفظن سان مون کان موڪلايائين. ”مون کي اميد آهي ته تون مون کي ايترو چوڻ جي اجازت ڏيندين ته توکي ڏسي مون کي تنهنجو پيءُ ٿو ياد اچي جنهن سان مون پنهنجي سياسي زندگي جا ڏاڍا اهم ڏينهن گذاريا هئا. جيڪڏهن ڪنهن به وقت ڪا اهڙي ڳالهه ٿي پوي جنهن ۾ آءُ تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ته مهرباني ڪري مون کي ضرور ٻڌائج.“

گهر پهچي مون انهيءَ موڪلاڻي واري آڇ تي تمام گهڻو ويهي سوچ ويچار ڪئي. مون پوڙهي لارڊ کي پنهنجي سبب ڪنهن تڪليف ۾ وجهڻ نه ٿي گهريو. ٻئي طرف وري مون کي لڳو پئي ته هن جي طرفان فقط اشارو ئي مون کي اها شي ڏيارڻ لاءِ ڪافي هوندو جنهن جي مون کي انهيءَ وقت شديد ترين خواهش هئي. سر هربرٽ ڪچنر وٽ وزيراعظم ۽ پنهنجي سڀ کان وڏي حمايتي طرفان فقط هڪ گُفتو ئي پهچندو ته هو منهنجي معمولي خواهش آڏو پنهنجي بلڪل اڻ ٺهڪندڙ مخالفت ختم ڪري ڇڏيندو. ايندڙ سالن ۾ جڏهن آءُ پاڻ انهن معاملن کي نهايت وڏي پئماني تي اُڪلائيندو هوس ۽ نوجوان جنگ ۾ حصو وٺڻ جي موڪل گهرندا هئا ۽ انتظامي ڳاڙهي پٽيءَ وارا بدمزاج پوڙها پنهنجو ويٽو ڪم آڻيندا هئا ته آءُ اهو چئي انهن اعتراضن کي ريٽي ڇڏيندو هوس ته: ”اهي فقط هڪ گوليءَ کي روڪڻ جي اجازت ئي ته گهرن ٿا. ڇڏيون ته ڀلي پنهنجي خواهش پوري ڪن.“

اهڙيءَ طرح ڪيترن ڏينهن جي سوچ ويچار کان پوءِ آءُ سر شومبرگ ايم ڊونيل سان مليس. هن سان آءُ ننڍي عمر کان ئي سماجي حلقن ۾ ملندو رهندو هوس. تيستائين جولاءِ جو ٽيون هفتو ٿي ويو هو ۽ خرطوم ڏانهن پيشقدمي شروع ٿي وڃڻ کان اڳ عتبره آرميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو ٻيو ڪو به ذريعو نظر نه ٿي آيو. مون هڪ شام جو دير سان کيس هٿ ڪيو. هو ڪنهن ڊنر ۾ وڃڻ لاءِ ڪپڙا پهري رهيو هو. مون کيس ٻڌايو ته وار آفيس منهنجي سفارش ڪري ڇڏي آهي. منهنجي رجمينٽ مون کي موڪل پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ 21هين لانسرز وارا مون کي وٺڻ لاءِ بلڪل راضي آهن ۽ ٻي ڪنهن به قسم جي ڪابه رڪاوٽ نه آهي. اهڙي صورت ۾ ڇا وزيراعظم سر هربرٽ ڪچنر کي تار ڪندو؟ ۽ ڇا انهيءَ کي ڪا وڏي ڳالهه ته نه ليکيو ويندو؟ ڇا هو ڪنهن نموني اها ڳالهه معلوم ڪري سگهندو ته لارڊ سالسبري جو انهيءَ بابت ڇا رايو آهي؟

’مون کي پڪ آهي ته هو پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو‘، هن چيو، ’هو تو مان ڏاڍو خوش آهي پر هو هڪ حد کان اڳتي نه ويندو. هو اهڙي نموني پڇا ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ اهو اشارو به ڏنل هوندو ته هو ڪهڙي ورندي چاهي ٿو. پر تون هن مان ڪڏهن به اها اميد نه رک ته جيڪڏهن جواب ناڪار ۾ مليو ته هو زور بار وجهندو.‘ مون چيو ته آءُ انهيءَ تي بلڪل راضي رهندس. هن بهادر شخص چيو ته ”آءُ اهو ڪم فوراً ٿو ڪريان“ هو لارڊ سالسبري جي ڊگهي حڪمرانيءَ دوران سندس وڏي اعتماد وارو ساٿي ۽ مددگار ٿي رهيو هو ۽ ايندڙ سالن ۾ ڪافي وڏي عمر ۾ جنگ عظيم جي خندقن ڏانهن وڃڻ تي ڏاڍو زور ڀريو هئائين ۽ اتي پهچڻ سان ئي گولي جو ٽڪرو لڳڻ سبب موت جو شڪار ٿي ويو.

هو پوءِ پنهنجي ڊنر پارٽي ڇڏي پنهنجي چيف جي ڳولها ۾ نڪري پيو ۽ اونده ٿيڻ کان اڳ سردار ڏانهن هنن لفظن جي تار رواني ٿي وئي ته لارڊ سالسبري جيتوڻيڪ ماتحت عهدن تي مقررين ۾ سردار جي خواهش يا اختيار ۾ مداخلت ڪرڻ جو ارادو نه ٿو رکي پر جيڪڏهن منهنجي ايندڙ ڪارواين ۾ حصو وٺڻ جي خواهش سرڪاري ڪمن ڪارين کي ڪنهن به قسم جو جوکو پهچڻ کان سواءِ پوري ڪئي ويندي ته هن کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي. جواب پهچڻ ۾ دير ئي نه ٿي. سر هربرٽ ڪچنر کي گهربل آفيسر اڳ ئي وٽس موجود آهن ۽ جيڪڏهن ڪي جايون ڀرجڻ ۾ آيون ته ٻيا ڪيترائي آفيسر آهن جن کي هو انهيءَ نوجوان آفيسر تي ترجيح ڏيڻ لاءِ پابند هوندو.

اهو  تلخ اطلاع بروقت مون تائين پهچايو ويو. جيڪڏهن مون ۾ انهيءَ وقت اورچائي جي کوٽ هجي ها ته آءُ اومدرمان (Omdurman) جي لڙائي جي جذبا جاڳائيندڙ واقعن ۾ ڪڏهن به حصو نه وٺي سگهان ها. پر انهيءَ دوران آءُ هڪ اهڙي ڳالهه کان واقف ٿي ويس جنهن آخري ڪوشش ڪرڻ جي اميد جو دروازو کولي ڇڏيو.

سر فرانسس جييون (Sir Francis Jeune) نالي اسان جي هڪ نامياري جج جي اسان جي ڪٽنب سان گهڻي وقت کان دوستي هئي. سندس گهر واري، هاڻي ليڊي سينٽ هيليئر (Lady St: Helier) فوجي حلقن ۾ گهڻي اٿندي ويهندي هئي ۽ سر ايولين ووڊ، ايڊجوٽنٽ جنرل سان به اڪثر ملندي رهندي هئي. هن اڳتي هلي لنڊن ڪائونٽي ڪائونسل ۾ جنهن انداز ۾ ڪم ڪيو انهيءَ مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته هوءَ ڪهڙين صلاحيتن جي مالڪ هئي ۽ مردن ۽ معاملن تي کيس ڪيترو نه اثر رسوخ حاصل هو. هن مون کي ٻڌايو ته سر ايولين ووڊ ڪنهن ڊنر ٽيبل تي انهيءَ راءِ جو اظهار ڪيو هو جيڪا هن جي به ڪنن تي پئي هئي ته سر هربرٽ ڪچنر وار آفيس طرفان سفارش ٿيل ڪجهه آفيسر چونڊڻ ۽ انهن مان پنهنجي مرضي جا کڻڻ ۾ تمام گهڻو اڳتي وڃي رهيو هو ۽ اهو ته هن کي اها ڳالهه ڪڏهن به پسند نه آهي ته وار آفيس کي ڪنهن اهڙي فوج جو سپه سالار مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏي جيڪا بهرحال برطانوي آرميءَ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مصري فوج جي دائري ۾ ته هر ڪا ڳالهه سردار جي مرضيءَ مطابق ٿيندي پر (هڪ انفنٽري ڊويزن، آرٽلري جي هڪ برگيڊ ۽ 21هين لانسرز واري برطانوي ڪيولري رجمينٽ تي ٻڌل) برطانوي دستو (Contingent) ته ايڪسپيڊيشنري فورس جو هڪ حصو هو ۽ انهيءَ جي اندروني جوڙجڪ جو اختيار فقط وار آفيس کي ئي حاصل هو. هن مون کي ٻڌايو ته سر ايولين ووڊ انهيءَ موضوع تي پنهنجن جذبن جو چڱو چوکو اظهار ڪيو هو. مون هن کان پڇيو ته ڇا تون کيس اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته وزيراعظم کيس منهنجي پاران ذاتي طور تار موڪلي هئي؟ هن چيو نه. مون کيس چيو ته مهرباني ڪري تون کيس اها ڳالهه ٻڌاءِ ڏسون ته هو پنهنجي انهيءَ خصوصي اختيار جو دفاع ڪري ٿو.

ٻه ڏينهن پوءِ مون وٽ وار آفيس مان هي ٿور – اکريو اطلاع پهچي ويو. ’توکي سوڊان مهم لاءِ واڌو ليفٽيننٽ (Supernumerary Lieutenant) طور 21هين لانسرز سان اٽيچ ڪيو ويو آهي. توکي فوري طور قاهره ۾ عباسيه بيرڪس ۾ رجمينٽل هيڊڪواٽرز ۾ رپورٽ ڪرڻي آهي. واضح هجي ته تون اوڏانهين پنهنجي خرچ تي ويندين ۽ جيڪڏهن ايندڙ ڪارواين ۾ مارجي وئين، زخمي ٿي پئين يا ٻيو ڪو سبب ٿي پيو ته برطانوي آرميءَ جي فنڊ مان ڪو به خرچ نه ڪيو ويندو.‘

مارننگ پوسٽ اخبار جي مالڪ جي پٽ اوليور بورٿ وڪ جي اخبار جي معاملن ۾ ڏاڍي هلندي پڄندي هئي ۽ هو منهنجو سهيوڳي ۽ گهاٽو دوست هو نيپولين[5] جي انهيءَ چوڻي جي اثر کي ذهن ۾ رکندي ته’جنگ کي جنگ مان ئي مدد ملڻ گهرجي‘ (War should support War) مون انهيءَ رات اوليور سان اهو طي ڪري ڇڏيو ته آءُ مارننگ پوسٽ لاءِ موقعي مهل جي مناسبت سان 15 پائونڊ في ڪالم جي حساب سان خطن جو هڪ سلسلو لکندس. رات جي مانيءَ کان پوءِ Physical Research Society جي صدر مون کان ڪجهه نامناسب طور اهو واعدو ڪرائي ورتو ته جيڪڏهن ڪا بدقسمتي جهڙي ڳالهه ٿي پئي ته آءُ کيس خط لکي احوال ڏيندس. آءُ ٻئي ڏينهن مارسائي لاءِ يارهين وڳي واري ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيس. منهنجي ماءُ ڏاڍي دليري سان هٿ لوڏي مون کي الوداع چيو. ڇهه ڏينهن پوءِ آءُ قاهره ۾ هوس.

*      *      *      *      *

عباسيه بيرڪس ۾ وڏي ڪلهي گس ۽ ڏاڍي جوش خروش وارو ماحول لڳو پيو هو. 21هين لانسرز جا ٻه اسڪواڊرن اڳيئي نيل طرف روانا ٿي چڪا هئا. ٻيا ٻه اسڪواڊرن ٻئي ڏينهن صبح جو روانا ٿيڻا هئا. ايڪيهين لانسرز ۾ جنگ جو تعداد پورو ڪرڻ لاءِ ٻين ڪيولري رجمينٽن مان جملي ست واڌو آفيسر اٽيچ ڪيا ويا هئا. انهن آفيسرن کي مختلف اسڪواڊرنن ۾ رسالن (Troops) جي ڪمان ڏني وئي هئي. هڪ مکيه اسڪواڊرن ۾ منهنجي لاءِ به هڪ رسالو رکيو ويو هو. پر منهنجي اچڻ ۾ دير ٿي وڃڻ ۽ پڪ نه هئڻ سبب اهو ڪنهن ٻي جي حوالي ٿي ويو. سيڪنڊ ليفٽينٽ رابرٽ گرين فيل (Robert Grenfell) اها جاءِ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو تمام وڏا جذبا کڻي روانو ٿيو هو. مرڪز (Base) ۾ هر ڪنهن اهو ٿي سمجهيو ته اسان کي لڙائي تي پهچڻ ۾ دير ٿي ويندي. شايد پهريان ٻه اسڪواڊرن وقت تي پهچي وڃن پر ڪنهن کي به صحيح خبر نه هئي. گرين فيل پنهنجي گهر وارن ڏانهن خط ۾ لکيو هو: ”ٿورو سوچيو ته آءُ ڪيترو نه خوشقسمت آهيان. هتي مون کي انهيءَ رسالي جي ڪمان ملي وئي آهي جيڪو ونسٽن کي ملي ها ۽ اسين سڀني کان اڳ ۾ روانا ٿينداسين.“ اسانجين زندگين جي مسلسل اتفاق جو عمل دخل رهندو آهي پر اسين انهيءَ جي ڪار گذارين کي هر وقت واضح صورت ۾ ڏسي نه سگهندا آهيون. اڳتي هلي ٿيندڙ واقعن ۾ ٻِي سيپٽمبر واري لڙائي ۾ رجمينٽ جيڪو حملو ڪيو انهيءَ ۾ اهو رسالو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ انهيءَ جو دلير نوجوان ليڊر مارجي ويو. هو سلطنت جي جنگين ۾ پنهنجي جان جا نذرانا پيش ڪندڙ گرين فيلز جي انهيءَ شاندار قطار جو پهريون فرد هو. هن جا ٻه ننڍا ڀائر جنگ عظيم ۾ مارجي ويا جن مان هڪ وڪٽوريا ڪراس پڻ ماڻيو. پر سندس جذبو ڪنهن به لحاظ کان هنن کان گهٽ نه هو.

رجمينٽ 1400 ميلن جو فاصلو طي ڪري آفريقا جي دل ۾ وقت جي پابندي، تيزي ۽ آرام سان پهچي وئي. اهي خصوصيتون انهن ڏينهن ۾ ڪچنر جي سڀني انتظامن جي سڃاڻپ هونديون هيون. اسان کي ريل گاڏي ذريعي اسيوط ۽ اتان اسٽيمرن ۾ اسوان پهچايو ويو. اسين چار ڏينهن اڃان وڌيڪ پاڻي جهاڳي وادي الحلفه آياسين ۽ اتان  ريگستان منجهان 400 ميل انهيءَ اچرج جهڙي فوجي ريلوي ذريعي آياسين. انهيءَ ريلوي جي تڪميل ذريعي ڄڻ ته درويش طاقت جي قسمت جو فيصلو ٿي ويو هو. قاهره ڇڏڻ کان پورا پندرهن ڏينهن پوءِ اسين انهيءَ جاءِ تي فوجي ريلوي مرڪز ۽ ڪيمپ اچي پهتاسين جتي عتبره ندي سگهاري نيل ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

سمورو سفر تمام خوشگوار گذريو. ڪيترين ئي ڳالهين گڏجي انهيءَ تجربي کي تمام وڻندڙ بڻائي ڇڏيو جو هڪ ته اسان جي آرام ۽ سهوليت لاءِ عاليشان بندوبست ٿيل هئا، وري زنده دل ماڻهن جي صحبت ۽ درين مان پٺتي ڊوڙندڙ عجيب غريب ۽ شاندار نظارن سان گڏوگڏ هر ڪو ماڻهو جوش ۽ بيفڪريءَ واري کل خوشيءَ ۾ ايندڙ لڙائي ۽ انهيءَ ۾ واحد برطانوي ڪيولري رجمينٽ جي ڪردار بابت فڪرمند هو. پر هڪ شديد ۽ مسلسل خوف منهنجو پيڇو ڪندو رهيو ۽ منهنجي ذهن ۾ واسو ڪيون ويٺو رهيو. مون کي قاهري مان ڪا به خبر نه پئي هئي ته منهنجي مقرري بابت وار آفيس پاران سندس خواهشن کي ريٽڻ تي ڪچنر ڇا محسوس ڪيو هو. آءُ تصور ڪرڻ لڳس ته هن وار آفيس ڏانهن احتجاجي تارون ڪيون هونديون. وري وار آفيس به پنهنجي پختگي ڏيکاري هوندي ۽ جيئن ته پريشاني ۾ ماڻهو جو ذهن وڌاء ڏانهن مائيل ٿي ويندو آهي. منهنجي ذهن ۾ هر وقت اهو خيال هوندو هو ته ڪنهن به وقت واپسي جو حڪم اچي ويندو. ٻيون ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي رهيون پر هاڻي ته آءُ سردار جي ڪمان هيٺ هوس. کيس هي ٻه ٽي لفظ يا اهڙيون ئي ڪي اڻ وڻندڙ ڳالهيون وات مان ڪڍڻ ۾ ڪا تڪليف ئي نه ٿيندي ته: ”هن کي مرڪز (Base) ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو. چئوس ته لڙائي کان پوءِ گهوڙن جي نئين رسد سان گڏ اچي“. جڏهن به ريل گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي بيهندي هئي يا اسٽيمر پتڻ سان لڳندا هئا ته آءُ پريشان اکين سان ماڻهن جي ميڙ کي پيو جاچيندو هوس ۽ جڏهن اسٽاف آفيسر جي لباس جون مخصوص نشانيون نظر اچي وينديون هيون ته آءُ فوراً سمجهي ويندو هوس ته مصيبت سر تي اچي پهتي آهي. آءُ سمجهان ٿو ته قانون کان ڀڄندڙ ڏوهاري به اهڙن احساسن مان گذرندو هوندو. خدا جو شڪر جو انهن ڏينهن ۾ وائرليس جو نظام نه هو نه ته مون کي هڪ پل به قرار نه اچي ها. پر ماڻهو عام رواجي ٽيليگراف کان ته بچي نه ٿي سگهيو ۽ تڏهن به انهيءَ جي ڊگهين ڪئائلن (Coils) ۾ جڪڙيل رهندو هو. پر تڏهن گهٽ ۾ گهٽ چئن يا پنجن ڏينهن جا وقفا ته وچ ۾ ملي ويندا هئا جڏهن اسين انهيءَ شاهي درياء مان ڏاڍي آرام سان پاڻي جا ڇنڊا اڏائيندا اڳتي وڌندا رهندا هئاسين ۽ نامهربان دنيا سان ڪو به رابطو نه هوندو هو.

جيئن جيئن سفر جا مرحلا ڪنهن به مصيبت کان سواءِ ڪاميابي سان پورا ٿيندا ويا ته منهنجي سيني ۾ اميد جو وڻ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو ويو. وادي الحلفه پهچندي پهچندي مون پاڻ کي اڃان پُر اعتماد نموني سمجهائڻ ۽ تسليون ڏيڻ شروع ڪيون ته سردار پنهنجي تمام اهميت واري ۽ فيصلائتي جنگ شروع ڪرڻ وارو آهي. سندس ذهن تي هڪ تمام منجهيل مسئلو حاوي لڳو پيو آهي ۽ اها به سڀني کي خبر آهي ته هو ننڍي کان ننڍي شي جي شخصي طور پاڻ نگراني ڪري ٿو تنهنڪري هن جي ذهن تي ٻيا به ڪيترائي مسئلا هوندا ۽ ڪنهن بدنصيب سبالٽرن جي راه ۾ رڪاوٽ جي ڳالهه ئي هن کان وسري وئي هوندي. شايد هن وٽ ٽيليگرامن ذريعي وار آفيسن سان الجهڻ جو وقت ئي نه هجي. ممڪن آهي هن کان اها ڳالهه ئي وسري وئي هجي. سڀ کان سٺي صورتحال اها ٿي سگهي ٿي ته ممڪن آهي هن کي ڪنهن ٻڌايو ئي نه هجي. بهرحال اسين جڏهن 14-آگسٽ جي شام جو عتبره ڪيمپ مان ٻيڙين ذريعي ٽپي نيل جي کاٻي ڀر ٿياسين، جتان درويشن جي گاديءَ جي هنڌ ڏانهن اسان جو 200 ميل مارچ شروع ٿيڻو هو تڏهن وڃي مون کي لُڪيءَ ۾ ساهه پيو ۽ يقين ٿي ويو ته سڪرات جو دور ختم ٿي ويو.

منهنجين ڪوششن کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو نه هو ۽ جئين اڳتي هلي مون کي خبر پئي ته سر هربرٽ ڪچنر کي جڏهن وار آفيس طرفان منهنجي مقرري جي خبر پئي ته ڏاڍو بي فڪري سان ڪلها لوڏائي ٻين وڌيڪ اهميت وارن مسئلن ڏانهن متوجه ٿي ويو.


 


[1]  شڪاري لومڙي تي پنهنجا ڪتا ڇڏڻ وقت ڪتن کي هشڪارڻ لاءِ اهو لفظ چوندا آهن. (سنڌيڪار)

[2] سن 1894ع کان 1899ع تائين (سنڌيڪار)

[3] 500 ميل ڊگهو اهو درياء اوڀر سوڊان مان وهي نيل درياء ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. (سنڌيڪار)

[4] لارڊ هربرٽ ڪچنر (1915ع-1850ع) برطانيا جو وزير به رهيو هو ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪندو هو. زار روس سان ملاقات لاءِ وڃي رهيو هو ته سندس جهاز بارودي سرنگهه سان ٽڪرائڻ سبب ٻڏي مري ويو.

[5] نيپولين بوناپارٽ (1821-1769): آرٽلري ۾ 1785ع ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ ٿيو. ننڍي عمر ۾ فوجي ذهانت ثابت ڪيائين. اٽلي، فرانس، مصر ۽ روس ۾ فوجي مهمون سرانجام ڏنائين. آخرڪار برطانيا جي ويلنگٽن ۽ پرشيا جي بلوچر بيلجيئم جي ڳوٺ واٽرلو وٽ شڪست ڏنس. مارچ 1815ع ۾ انگريزن سينٽ هيلينا ۾ قيد ڪري ڇڏيس. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org