باب پهريون
ٻاروتڻ
Childhood
اسانجي حافظي جي شروعات ڪڏهن کان ٿئي ٿي؟ شعور جي ڦٽندڙ باک جا
اولڙا ۽ ترورا ٻار جي ذهن تي ڪڏهن کان پنهنجو
اثر وجهڻ شروع ڪن ٿا؟ منهنجي ذهن ۾ سڀ کان
شروعاتي يادگيريون آئرلينڊ بابت آهن. آئرلينڊ ۾
ٿي گذريل واقعا ۽ اتان جا منظر منهنجي ذهن ۾
بلڪل چٽيءَ طرح ۽ ڪجهه حالتن ۾ ته اتان جي ماڻهن
بابت به منهنجي ذهن ۾ اڻ چٽا عڪس محفوظ آهن.
بهرحال، آءٌ 30 نومبر 1874ع تي پيدا ٿيس ۽ 1879ع
جي اوائل ۾ آئرلينڊ ڇڏيو. منهنجو والد، آئرلينڊ
۾ پنهنجي پيءُ ڊيوڪ آف مارلبرو جو سيڪريٽري ٿي
ويو هو، جنهن کي مسٽر ڊزرائيلي 1876ع ۾ اتان جو
لارڊ ليفٽيننٽ[1]
مقرر ڪيو هو. اسين جنهن گهر ۾ رهندا هئاسين
انهيءَ جو نالو
The Little Lodge
هوندو هو. اهو وائسراءِ جي رهائش گاهه کان سڏ
پنڌ تي هو. هتي مون پنهنجي ٻاروتڻ جا تقريباً ٽي
سال گذاريا. منهنجي ذهن ۾ ڪجهه واقعن جا صاف ۽
چٽا عڪس اڃان تائين محفوظ آهن. منهنجي ڏاڏي
وائسراءِ پاران 1878ع ۾ لارڊ گاف
(Lord Gough)
جي مجسمي جي نقاب ڪشائي ڪرڻ جو واقعو مون کي
چڱي طرح ياد آهي ته ڪيئن ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿيو
هو، قرمزي لباس ۾ گهوڙيسوار سپاهي بيٺا هئا،
ڀوري رنگ جي چمڪدار ڪپڙي جي ٽڪري کي ڏوريون ڇڪي
رهيون هيون ۽ منهنجي ڏاڏي جي رعبدار شخصيت ماڻهن
جي ميڙ سان وڏي آواز ۾ مخاطب هئي. هن پاران ڪم
آندل هڪ جملو به مون کي اڃان تائين ياد آهي. هن
چيو هو: ”هن گولين جا ڌوڙيا لائي دشمن جي صف کي
ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو.“ مون بلڪل چڱي طرح سمجهيو ٿي
ته هو جنگ ۽ لڙائيءَ بابت ڳالهائي رهيو هو. آءٌ
سمجهان ٿو ته منهنجي ذهن ۾ موجود يادگيرين جو
اهو سڀ کان پهريون واضح ۽ چٽو عڪس آهي.
يادگيريءَ جي ڦرهيءَ تي ڪجهه ٻيا واقعا اڃان به وڌيڪ نمايان
بيٺا آهن. اسين هڪ دفعو گونگي ناٽڪ تي وڃڻا
هئاسين. انهيءَ بابت هرڪو ڏاڍو پُرجوش لڳو پيو
هو. آخرڪار اها انتظار واري شام به اچي پهتي.
اسين وائسراءِ جي رهائشگاهه مان نڪري گاڏين ۾
قلعي ڏانهن روانا ٿياسين جتاب ٻين ٻارن کي به
کڻڻو هو. قلعي ۾ هڪ وڏي چورس زمين جي ٽڪري تي
ننڍڙن مستطيل ٽُڪرن جو فرش لڳل هو. اسين اتي ئي
هئاسين ته مينهن وسي پيو. مينهن گهڻو ڪري سدائين
وسندو هو جيئن هاڻي به وسي ٿو. ماڻهو قلعي جي
دروازن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڏاڍي هلچل ڏسڻ ۾ پئي
آئي. پوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته اسين ناٽڪ تي نه
هلي سگهنداسين جو ٿيٽر کي باهه لڳي وئي آهي.
باهه ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ ٿيٽر جو مئنيجر به سڙي
خاڪ ٿي ويو آهي ۽ ان جي کيسي ۾ موجود فقط چاٻيون
ئي صحيح سلامت بچيون آهن. ناٽڪ تي نه وڃڻ سبب
اسانکي ريجهائڻ طور اسان سان واعدو ڪيو ويو ته
سڀاڻي وڃي انهيءَ عمارت جا کنڊر ڏسي اينداسين.
منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ته آءٌ اهي چاٻيون ڏسان
پر اها درخواست لڳي ٿو ته وڏن کي سٺي نه لڳي.
انهن ئي سالن ۾ اسين ايمو پارڪ گهمڻ وياسين جتي لارڊ پورٽر
لنگٽن جو مجسمو بيٺل آهي. انهيءَ بابت مون کي
ٻڌايو ويو ته اهو هڪ قسم جو چاچو آهي. آءٌ
جيتوڻيڪ انهيءَ جاءِ تي چئن يا ساڍن چئن ورهين
جي عمر کان پوءِ نه ويو آهيان ته به انهيءَ جو
احوال بلڪل واضح ٻڌائي سگهان ٿو. منهنجي
يادگيريءَ جو مرڪزي نقطو هڪ ڊگهو سفيد پٿر جو
ٽاور آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ اسين چڱو خاصو
وقت گاڏيءَ ۾ هليا هئاسين. مون کي ٻڌايو ويو ته
انهيءَ کي اوليورڪرامويل تباهه ڪري ڇڏيو هو.
انهيءَ مان مون اهو نتيجو ڪڍيو هو ته هن جيئن ته
هر قسم جي شين کي تباهه ڪري ڇڏيو هو تنهنڪري هو
هڪ تمام وڏو ماڻهو هوندو.
مسز ايوريسٽ، منهنجي نرس فينين[2]
(Fenians)
کان ڏاڍي ڊڄندي هئي. انهيءَ مان مون اهو سمجهيو
ته اهي ڏاڍا خراب ماڻهو هوندا ۽ انهن کي جيڪڏهن
ڇيڪ ڇڏيو ويو ته خبر ناهي اهي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري
ويهندا. هڪ دفعو آءٌ جڏهن گهر کان ٻاهر گڏهه تي
سوار هوس ته اسان جي خيال ۾ اسان فينين جو هڪ
ڊگهو جلوس ايندي ڏٺو هو. هاڻي مون کي پڪ آهي ته
اها عام رواجي ڊرل تي نڪتل رائيفل برگيڊ هوندي.
پر اسين سڀ ۽ خاص طور گڏهه ڏاڍو ڊڄي ويا هئاسين.
گڏهه پُستيون هڻي پنهنجي پريشاني ظاهر ڪئي هئي.
آءٌ گڏهه تان هيٺ ڪري پيو هوس ۽ مون کي مغز ۾ ڌڪ
لڳا هئا. آئرستاني سياست سان اهو منهنجو پهريون
تعارف هو.
فنيڪس پارڪ ۾ وڻن جي هڪ وڏي گول جُهڳٽي جي وچ ۾ هڪ وڏو گهر
هوندو هو. انهيءَ گهر ۾ هڪ شخصيت رهندي هئي.
جنهن جو نالو مون کي پڪ نه آهي تي چيف سيڪريٽري
هو يا انڊر سيڪريٽري هو. بهرحال انهيءَ گهر مان
مسٽر برڪ
(Burke)
نالي هڪ ماڻهو ٻاهر آيو. انهيءَ مون کي هڪ دهل
ڏنو. مون کي سندس مهانڊا ته ياد نه آهن پر دهل
ياد آهي. ٻه سال پوءِ جڏهن اسين انگلينڊ واپس
اچي ويا هئاسين ته مونکي ٻڌايو ويو ته مسٽر برڪ
کي فينين انهيءَ ساڳي پارڪ ۾ قتل ڪري ڇڏيو. جنهن
۾ اسين روزانو واڪ ڪرڻ ويندا هئاسين. منهنجي
آسپاس موجود سڀ ماڻهو ڏاڍو پريشان لڳي رهيا هئا
۽ آءٌ سوچڻ لڳس ته چڱو ٿيو جو آءٌ جڏهن گڏهه تان
ڪريو هوس ته انهن فينين جي ور نه چڙهي ويو هوس.
انهيءَ لٽل لاج ۾ ئي مون تي پهريون دفعو تعليم جي مصيبت وڌي وئي
هئي. مون کي هڪ نڀاڳي انسان جي اچڻ بابت ٻڌايو
ويو جنهن کي گورنيس ٿي ڪوٺيائون. ڪنهن خاص تاريخ
تي سندس اچڻ جو ڏينهن مقرر هو. انهيءَ ڏينهن
واسطي تياري ڪرڻ لاءِ مسز ايوريسٽ ”بنا روئڻ جي
پڙهائي“
‘Reading without Tears’ نالي هڪ ڪتاب آندو هو. مون تي ته ان جو عنوان ڪنهن به
صورت ۾ ٺهڪي نه ٿي آيو. مونکي ٻڌايو ويو ته آءٌ
گورنيس جي اچڻ کان اڳ لازماً انهيءَ قابل هجان
جو اکين ۾ ڳوڙهن کان سواءِ پڙهي سگهان. اسين هر
روز ڪشالا پيا ڪڍندا هئاسين. منهنجي نرس مختلف
اکرن تي پين رکي ڏيکاريندي هئي. آءٌ انهيءَ
سموري ڪم کي ڏاڍو ٿڪائيندڙ سمجهندو هوس. بهرحال
اسان جون تياريون اڃان ڪنهن به لحاظ کان مڪمل نه
ٿيون هيون جو اهو مقرر ڏينهن اوچتو اچي پهتو ۽
گورنيس جي اچڻ جو وقت ڀرجي آيو. مون اهو ئي ڪيو
جيڪو ڪيترن ئي مصيبت جي ماريلن اهڙين حالتن ۾
ڪيو آهي. يعني آءٌ جهنگ ڏانهن ڀڄي ويس. آءٌ لٽل
لاج جي چوطرف پکڙيل سنهي جهنگ ۾ لڪي ويهي رهيس.
اهو جهنگ ننڍڙا ٻوٽا ۽ ٿڙٿٻ هئا پر مون کي ٻيلو
ٿي ڏسڻ ۾ آيا. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ مونکي اتان
ڪڍي گورنيس جي حوالي ڪيو ويو. اسين هر روز نه
فقط اکرن پر لفظن ۽ انهن کان به ڏکين انگن تي
محنتون ڪندا رهياسين. اکرن جي فقط سڃاڻپ ڪرڻي
هوندي هئي ۽ اهي جڏهن ڪنهن مقرر طريقي ۾ گڏجي
بيٺا ٿي ته ماڻهو انهن جي جوڙجڪ سمجهي ويو ٿي ۽
ان جو مطلب ڪو خاص آواز يا لفظ ٿيو ٿي ۽ ڪافي
مقدار ۾ دٻاءُ پوڻ تي اهو لفظ يا آواز اچارڻ ۾
به اچي ويو ٿي. پر انگ ڪيترن ئي مختلف نمونن ۾
پاڻ ۾ وچڙيا ۽ اٽڪيا پيا هوندا هئا ۽ هڪ ٻئي تي
اهڙا عمل پيا ڪندا هئا جن بابت بلڪل درست نموني
اڳڪٿي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو. اهي جڏهن به هڪ
ٻئي سان ڳنڍجن ته توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته اهي
ڪهڙي ريت عمل ڪندا ۽ گورنيس اهڙن سوالن جو جواب
بلڪل درست هئڻ کي به تمام وڏي اهميت ڏيندي هئي.
جيڪڏهن جواب درست نه هوندو ته لازماً غلط هوندو.
انهيءَ جي تقريباً درست هئڻ ڪابه اهميت نه ٿي
رکي. ڪجهه صورتن ۾ ته اهي انگ هڪ ٻئي جا قرضي ٿي
پوندا هئا، توهان کي ڪڏهن هڪ اڌارو وٺڻو پوندو
يا ٽپائڻو پوندو هو ۽ پوءِ وري اهو اڌارو ورتل
انگ واپس ڪرڻو پوندو هو. انهن مونجهارن منهنجي
زندگيءَ تي بدمزگي جو هڪ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ
پاڇو وجهي ڇڏيو هو. مون باغ يا نرسريءَ ۾ دلچسپ
ڪم ڪرڻ چاهيا ٿي انهن مون کي انهن کان پري ڪري
ڇڏيو هو. انهن منهنجي واندڪائي تي حددخليون قائم
ڪري ڇڏيون هيون. مونکي پنهنجي پسند جا ڪم ڪرڻ
لاءِ مشڪل سان ڪو وقت ملندو هو. اهي مسلسل
پريشاني ۽ فڪرات جو سبب بڻجي پيا هئا. اها ڳالهه
خاص طور تڏهن سچي ثابت ٿي جڏهن اسان حسابن جي
نالي سان سڏي ويندڙ هڪ خوفناڪ ڌٻڻ ۾ لٿاسين.
انهن جي ڪا حد ۽ پروئي ڏسڻ ۾ ئي نه ٿي آيو. جڏهن
هڪ حساب ٿي ويندو هو ته سدائين ٻيو اچي ويندو
هو. ساڳئي طرح جيئن آءٌ انهن مصيبتن جي هڪ ڪلاس
تي حاوي ٿي ويندو هوس ۽ انهن کي سمجهه ۾ ويهاري
ڇڏيندو هوس ته ٻيو اڃان وڌيڪ ڏکيو قسم مون تي
مڙهيو ويندو هو.
منهنجي ماءُ انهن تعليمي سزائن ۾ ڪوبه حصو نه وٺندي هئي. پر هن
پنهنجي ڳالهه ٻولهه مان مون تي اها ڳالهه واضح
ڪري ڇڏي هئي ته هو انهن کي درست سمجهي ٿي ۽ ٻيو
ته هوءَ تقريباً هر موقعي تي گورنيس جي طرفداري
ڪندي هئي. منهنجي ذهن ۾ آئرلينڊ ۾ رهڻ واري دور
جي سندس تصوير اها آهي ته کيس کل وانگر چست
گهوڙي سواريءَ جي پوشاڪ پهريل هوندي هئي جنهن تي
گهڻو ڪري مٽي جا داغ لڳل هوندا هئا ۽ اهي ڏاڍا
سهڻا پيا لڳندا هئا. هوءَ ۽ منهنجو پيءُ گهڻو
ڪري پنهنجن وڏن گهوڙن تي چڙهي شڪار پيا ڪندا هئا
۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن مان ڪير مقرر وقت کان ڪيترا
ڪلاڪ پوءِ به واپس نه پهچندو هو ته گهر ۾ ڏاڍو
خوف ۽ هراس پکڙجي ويندو هو.
منهنجي ماءُ سدائين پرين جي ديس جي شهزادي لڳندي هئي يا کڻي
چئجي ته هو بي انداز دولت ۽ طاقت جي مالڪ هڪ
روشن ۽ چمڪدار وجود لڳندي هئي. لارڊ ڊي ايبرنان
سندس آئرلينڊ وارن ڏينهن جي تصوير ڪشي هنن لفظن
۾ ڪئي آهي جن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.
”مونکي بلڪل چٽي يادگيري آهي ته مون کيس پهريون دفعو ڊبلن ۾
وائسراءِ جي رهائشگاهه ۾ ڏٺو هو. هوءَ اندر
ايندڙ رستي جي کاٻي پاسي کان هڪ طرف ٿي بيٺي
هئي. وائسراءِ ڪمري جي پرئين ڀر تي ڊائس تي ويٺو
هو. سندس چوڌاري ڀڀڪيدار لباس ۾ سندس اسٽاف جا
ماڻهو بيٺا هئا. پر حاضرين جون اکيون ان يا سندس
راڻيءَ مٿان نه پر ٻين کان ڪجهه قدر پاسيري بيٺل
هڪ مليح ۽ ملايم انسان مٿان هيون. انهيءَ صاف
شفاف ۽ پُرجذبات انسان جي ساخت ئي پنهنجي آسپاس
موجود انسانن کان مختلف لڳي رهي هئي. سندس
پسنديده زيور، هيري جو ستارو، سندس وارن ۾ لڳل
هو. انهيءَ جي چمڪ دمڪ سندس اکين مان لاٽون ڪري
نڪرندڙ جوت جي سامهون جهڪي ٿي رهي هئي. سندس
اکين مان ڪنهن عورت کان وڌيڪ چيتي جهڙي ذهانت
بکي رهي هئي. پر اهڙي ڪيڙيل ذهانت جهنگ ۾ نه ٿي
ڏسي سگهجي. سندس ڏيا ۽ حشمت ڪنهن به لحاظ کان
پنهنجي مڙس کان گهٽ نه هئي ۽ هوءَ اهڙي عظيم
ڊيوڪ جي پونيرن جي ماءُ ٿيڻ جي هر وجهه لائق ڏسڻ
۾ ٿي آئي. ذهانت، عمدگي ۽ آب تاب جي انهن سڀني
خوبين، اهڙي مهرباني ۽ شفقت ۽ اهڙن اعلى جذبن جي
سبب هوءَ هر هنڌ مقبول هوندي هئي. ٻين کي خوش
ڪرڻ جي چاهت، زندگيءَ بابت سندس جهڙو ئي خوشين
ڀريو يقين رکڻ کيس سندس مٿان گهور ٿيندڙ حلقي جو
مرڪز بڻائي ڇڏيو هو.“
منهنجي ماءُ منهنجي ٻاروتڻ جي اکين تي به اهڙو ئي شاندار اثر
وڌو هو. منهنجي لاءِ شام جي تاري وانگر چمڪندي
رهي. آءٌ هن سان ڏاڍي محبت ڪندو هوس پر انهيءَ
محبت ۾ هڪ فاصلو هوندو هو. منهنجي نرس منهنجي
حال محرم هوندي هئي هوءَ ئي منهنجي سار سنڀال
لهندي هئي ۽ منهنجي سڀني ضرورتن جو پورائو ڪندي
هئي. ننڍپڻ توڙي پوءِ اسڪول جي ڏينهن ۾ به آءٌ
انهيءَ آڏو ئي پنهنجي دل کولي پنهنجا ڏک سور
بيان ڪندو هوس. اسان وٽ اچڻ کان اڳ هن ٻارنهن
سال ايلا نالي هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ جي پرورش ۽
پالنا ڪئي هئي. ايلا هڪ پادريءَ جي ڌيءُ هئي
جيڪو ڪمبرلينڊ ۾ رهندو هو. ننڍڙي ايلا کي مون
جيتوڻيڪ ڪڏهن به نه ڏٺو هو پر هوءَ منهنجي
شروعاتي زندگيءَ ۾ هڪ اهم شيءَ جي حيثيت اختيار
ڪري وئي. مونکي هن بابت سڀڪا خبر هوندي هئي ته
هن کي کاڌي ۾ ڪهڙيون شيون پسند آهن، هوءَ دعائون
ڪيئن گهرندي آهي ۽ ڪهڙين ڳالهين ۾ شرارتي آهي ۽
ڪهڙيون ڳالهيون چڱيون اٿس. برطانيه جي اترئين
حصي ۾ سندس گهر جي منهنجي ذهن ۾ چٽي تصوير هوندي
هئي. مونکي اهو به سيکاريو ويو ته مونکي ڪينٽ
سان ڏاڍي چاهت هئڻ گهرجي. مسز ايوريسٽ چوندي هئي
ته اهو انگلينڊ جو باغ آهي. هوءَ چيٿام
(Chatham)
۾ ڄائي هئي ۽ کيس ڪينٽ
(Kent)
تي تمام گهڻو ناز هو. جهڙيءَ طرح ڪوبه ملڪ
انگلينڊ جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي تهڙي طرح
انگلينڊ جي ڪائونٽي ڪينٽ سان مقابلو نه ٿي ڪري
سگهي. مثلاً آئرلينڊ به ڪڏهن به اهڙو سٺو نه هو.
جيستائين فرانس جو تعلق آهي ته مسز ايوريسٽ
انهيءَ بابت به ڪو چڱو رايو نه رکندي هئي. هن
مون کي ننڍڙي هوندي هڪ دفعو پيرس جي مشهور
شاهراه ”چيمس ايليز“
(Chams Elysees)
تي گاڏيڙي ۾ گهمايو هو. هن جي نظر ۾ ڪينٽ ئي سڀ
ڪجهه هو. ميڊاسٽون ان جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ ان
جي چوڌاري اسٽرابيرين، چيرين، رسڀرين ۽ آلوبخارن
جا وڻ هئا. ڪيترو نه مزيدار! آءٌ سدائين ڪينٽ ۾
رهڻ جي تمنا ڪندو رهيس.
آءٌ لٽل لاج ٻيو دفعو سن 1900ع جي سياري جي موسم ۾ ويس، تڏهن
آءٌ بوئر وار
(Boer War)
بابت ڊبلن ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو هوس. مونکي چڱي طرح
ياد هو ته اها ڊگهي، هيٺاهين ڇت سان ويرانڊن تي
ٺهيل عمارت هئي. عمارت جو رنگ سفيد هو ۽ سائي
رنگ جون جهرمريون لڳل هئس. مون کي اهو به ياد هو
ته انهيءَ جي چوڌاري ٽريفلگر اسڪوائر جيترو وڏو
لان هوندو هو ۽ اها چئني طرفن کان گهاٽي جهنگ ۾
گهريل هوندي هئي. آءٌ سوچيندو هوس ته اها
وائسراءِ جي رهائشگاه کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميل پري
هوندي پر مون جڏهن اها ٻيو دفعو ڏٺي ته اهو ڏسي
حيران رهجي ويس ته لان جي هڪ پاسي کان ٻي پاسي
تائين ڊيگهه فقط 60 وال هئي ۽ جنهن کي آءٌ گهاٽو
جهنگ سمجهندو هوس اهي فقط ٿڙٿٻ هئا ۽ وائسراءِ
جي رهائشگاه جتي آءٌ ترسيل هوس اتان کان لٽل لاج
گاڏيءَ ۾ پهچڻ ۾ فقط هڪ منٽ لڳو.
منهنجي يادگيريءَ ۾ ٻي پختي ڳالهه وينٽنر
(Ventnor)
آهي. مونکي وينٽنر سان ڏاڍو چاهه هوندو هو. مسز
ايوريسٽ کي هڪ ڀيڻ هوندي هئي جيڪا وينٽنر ۾
رهندي هئي. سندس مڙس لڳ ڀڳ ٽيهن ورهين جيترو
عرصو جيل وارڊن رهيو هو. تڏهن به ۽ پوءِ جي سالن
۾ هو مونکي ڊائونز
(Downs)
۽ لينڊسلپ
(Landslip)
تي واڪ لاءِ وٺي ويندو هو. هو مونکي جيلن ۾
ٿيندڙ بغاوتن ۽ ڏوهارين پاران مٿس حملا ٿيڻ ۽
زخمي ٿيڻ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو.
آءٌ جڏهن پهريون دفعو وينٽنر ۾ رهيو هوس ته اسان
جي زولن
(Zulus)
سان جنگ پئي هلي ۽ اخبارن ۾ انهن زولن جون
تصويرون اينديون رهنديون هيون. اهي زولو ڪاري
رنگ جا هوندا هئا ۽ جسم تي ورلي ڪو ڪپڙو هوندو
هون. اهي
Assegai
سڏيو ويندڙ پنهنجو ڀالو ڏاڍي هوشياري سان اڇلائي
هڻندا هئا. انهن اسان جا ڪيترائي سپاهي ماري
ڇڏيا هئا پر تصويرن مان اندازو ٿيندو هو ته انهن
اسان جا ايترا سپاهي نه ماريا هئا جيترا انهن جا
مئا هئا. مونکي زولن تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي ۽ آءٌ ۽
منهنجو ڪراڙو جيل وارڊن دوست انهن جي مرڻ جون
خبرون ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسين. ڪجهه وقت
کانپوءِ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته اهي سڀ مري
ويا هجن ڇاڪاڻ ته اها جنگ پڄاڻي تي پهچي وئي ۽
اخبارن ۾ زولن جون تصويرون اچڻ بند ٿي ويون ۽
عوام مان به انهن جي پريشاني ختم ٿي وئي.
هڪ ڏينهن جڏهن اسين وينٽنر ويجهو ٽرين تي هئاسين ته ڪناري کان
هڪ يا ٻه ميل پري هڪ شاندار جهاز گذرندي نظر آيو
جنهن جا سڀ سڙهه کليل هئا. ماڻهن چيو پئي ته اهو
سپاهين جو جهاز آهي جيڪو جنگ تان سپاهي واپس آڻي
رهيو آهي. ممڪن آهي ته اهو انڊيا مان آيو هجي.
مون کي صحيح ياد نه آهي. پوءِ اوچتو آسمان تي
ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، هوا گهلڻ لڳي ۽ تيز مينهن
جون پهريون ڦڙيون پوڻ لڳيون. اسين به تڙتڪڙ ۾
اچي گهر پهتاسين ۽ پُسي ڀت ٿيڻ کان بچي وياسين.
آءٌ جڏهن ٻيو دفعو انهن ٽڪرين تي ويس ته اتي
ڪنهن سڙهه کليل شاندار جهاز بجاءِ ٽي ڪاري رنگ
جا کوها پاڻيءَ مان ٻوٿ ڪڍيو بيٺا هئا. اهو يوري
ڊائيس
(Eurydice)
جهاز هو جيڪو انهيءَ طوفان ۾ اونڌو ٿي ٽي سؤ
سپاهين سميت غرق ٿي ويو هو. مونکي وڏن ٻڌايو ۽
انهي ڳالهه منهنجي ذهن تي ڏاڍو اثر وجهي ڇڏيو ته
ٻڏي ويل سپاهين جا لاش ڪڍڻ لاءِ ويل ڪجهه ٽوٻا
لاشن کي مڇين پاران پٽيندو ڏسي دهشت ۾ بيهوش ٿي
ويا هئا. اهي سپاهي وحشين سان جنگ دوران خطرن کي
منهن ڏئي ۽ وڏا ڪشالا ڪاٽڻ کانپوءِ گهر واپس
موٽي رهيا هئا ته انهيءَ حادثي جو شڪار ٿي ويا.
مونکي لڳي ٿو ته مون ڪنهن روشن ۽ چمڪدار ڏينهن
تي انهن مان ڪجهه لاش ڏٺا هئا جيڪي ٻيڙين سان
آهستي آهستي ڇڪبا پئي ويا. ٽڪرين تي بيٺل ڪيترا
ماڻهو اهو منظر ڏسي رهيا هئا ۽ اسان سڀني افسوس
۾ پنهنجا ٽوپلا لاٿا هئا.
تقريباً انهن ڏينهن ۾ ئي ”ٽاڻي پل وارو سانحو“
(Tay Bridge Disaster)
جو واقعو ٿيو هو. انهيءَ پل مٿان ريل گذري رهي
هئي ته انهي هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو هو ۽ سڀئي مسافر
ٻڏي ويا هئا. مون سوچيو هو ته اهي گاڏن جي درين
مان وقت سر نه نڪري سگهيا هوندا ڇاڪاڻ ته گاڏن
جي درين کي کولڻ لاءِ اڳ ۾ هڪ ڊگهي پٽي کي ڇڪڻو
پوندو هو ۽ اهڙي صورتحال ۾ اهو ڏکيو ٿي پيو
هوندو. تنهنڪري انهن سڀني جو ٻڏي وڃڻ ڪنهن اچرج
جهڙي ڳالهه نه هئي. منهنجو وجود ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو
هو ته حڪومت جي هوندي اهڙي پل ائين ڦهڪو ڪري
ڪِري پئي. مون کي لڳو پئي ته اها ڏاڍي بيپرواهه
ٿي وئي هئي ۽ ماڻهن جڏهن چيو پئي ته حڪومت ڏاڍي
غافل ۽ ڪاهل ٿي وئي آهي جو ايترو افسوسناڪ واقعو
ٿي گذريو آهي تنهنڪري اهي انهيءَ حڪومت خلاف ووٽ
ڏيندا ته مونکي انهيءَ ڳالهه تي حيرت نه ٿي هئي.
مسٽر گليڊ اسٽون 1880ع ۾ اسان سڀني کي حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو. هو
ڏاڍو خطرناڪ ماڻهو هو ۽ ماڻهن کي اڀاريندو،
تقريرون ڪندو ۽ ڪاوڙ ڏياريندو وتندو هو جيئن اهي
قدامت پرستن
(Conservatives)
کي ووٽ نه ڏين. هن منهنجي ڏاڏي کي آئرلينڊ جي
لارڊ ليفٽيننٽ جي عهدي تان پڻ هٽائي ڇڏيو. هن کي
انهيءَ کان ته لارڊ بيڪنس فيلڊ جي اڳوڻي حڪومت ۾
مليل پنهنجو لارڊ پريزيڊنٽ آف دي ڪائونسل وارو
عهدو وڌيڪ پسند هو. هو جڏهن لارڊ ليفٽيننٽ هو ته
کيس پنهنجو سمورو پئسو ڊبلن ۾ آئرستانين جي خاطر
تواضع تي خرچ ڪرڻو پوندو هو ۽ منهنجي ڏاڏيءَ به
ڏڪار فنڊ
(The Famine Fund) جي نالي سان هڪ وڏي رقم گڏ ڪئي هئي. بهرحال بهرحال منهنجي ذهن
۾ اها ڳالهه ويهي وئي ته آئرستاني ڏاڍا احسان
فراموش ماڻهو آهن. انهن ايترين خاطرمداراتن ۽
فيمائين فنڊ لاءِ مهرباني جو هڪ لفظ به نه چيو.
ڊيوڪ کي ته اها ڳالهه پسند هئي ته هو انگلينڊ ۾
بلينهائيم
(Blenheim)
۾ پنهنجي گهر ۾ رهندي ڪابينا جي گڏجاڻين ۾
باقاعدگي سان شرڪت ڪري. پر هو سدائين اهو ئي ڪم
ڪندو هو جيڪو لارڊ بيڪنس فيلڊ کيس چوندو هو.
لارڊ بيڪنس فيلڊ مسٽر گليڊ اسٽون جو وڏو دشمن هو
۽ سڀ ماڻهو کيس ڊزي
(Dizzy)
جي نالي سان سڏيندا هئا. پر هن دفعي ڊزي کي مسٽر
گليڊ اسٽون مڪمل شڪست ڏئي ڇڏي ۽ اسان سڀني کي
کڻي مخالف ڌر ۾ اڇلايو ويو ۽ ملڪ تمام جلد تباهه
ٿيڻ لڳو. هر ماڻهو جي زبان تي اها ڳالهه هئي ته
ملڪ تباهه پيو ٿئي. انهن سڀني مٿان اها ڳالهه ٿي
جو لارڊ بيڪنس فيلڊ بيمار ٿي پيو. هن جي بيماري
ڊگهي ٿيندي وئي ۽ هو جيئن ته تمام پوڙهو به ٿي
ويو هو تنهنڪري انهيءَ بيماري کيس نهوڙي نِيو ۽
هو مري ويو. آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ سندس بيماريءَ
جو احوال روزانو پيو وٺندو هوس ڇاڪاڻ ته سڀ
ماڻهو چئي رهيا هئا ته سندس موت ملڪ لاءِ ڏاڍو
نقصانڪار ٿيندو ۽ پوءِ مسٽر گليڊ اسٽون کي اسان
بابت پنهنجن بڇڙن ارادن کي عملي جامو پهرائڻ کان
ڪير به روڪي نه سگهندو. مونکي هميشه اها پڪ
هوندي هئي ته لارڊ بيڪنس فيلڊ سڀاڻي ضرور مرندو
۽ آخرڪار اهو ڏينهن اچي ويو. ماڻهو غمگين منهن
کنيو هيڏانهن هوڏانهن اچي وڃي رهيا هئا ۽ چيو ٿي
ويو ته پنهنجي ملڪ سان محبت ڪندڙ، روسين کي شڪست
ڏيندڙ ۽ هڪ عظيم ۽ اعلى درجي جو مدبر انتهاپسندن
(Radicals)
هٿان ٿيندڙ سلوڪ تي دلشڪستو ٿي مري ويو.
منهنجي دنيا ۾ گورنيس کي جيڪا هڪ خوفناڪ ڀوت واري حيثيت حاصل
هئي انهيءَ جو آءٌ اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان.
پر هاڻي انهيءَ کان به وڏي مصيبت منهنجو ساهه
سڪائڻ لڳي. مونکي هاڻي اسڪول وڃڻو هو. هاڻي آءٌ
ستن ورهين جو ٿي ويو هوس ۽ وڏڙا جنهن کي ڪنهن
لائي لپٽي کانسواءِ چوندا آهن آءٌ اهڙو ”ڏنگو
ٻار“ ٿي پيو هوس. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته مونکي
استادن جي نگراني هيٺ سبق پڙهڻ لاءِ لاڳيتو
ڪيترن ڪيترن هفتن لاءِ گهر کان ٻاهر وڃڻو هو.
اسڪول جو ٽرم شروع ٿي ويو هو ۽ مونکي ڪرسمس جي
موڪل تي گهر اچڻ لاءِ ست هفتا اسڪول ۾ رهڻو هو.
مون اسڪول بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌيون هيون انهن
مان گهڻين جيتوڻيڪ منهنجي ذهن تي اڻ وڻندڙ اثر
وڌو هو (انهيءَ اثر بابت آءٌ اها ڳالهه ٻڌائي
ڇڏيان ته اهو تجربي مان درست ثابت ٿيو هو) ته به
آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ وڏي تبديليءَ بابت
ڏاڍو پرجوش ۽ گڏوگڏ فڪرمند به هوس. آءٌ سوچيندو
هوس ته ڀلي کڻي سبق به پڙهبا پر ايترن سارن ٻين
ڇوڪرن سان گڏ رهڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ۽ اسين هڪٻئي
سان دوستيون رکنداسين ۽ وڏا وڏا ڪم ڪنداسين.
مونکي اهو ٻڌايو ويو ته ”اسڪول وارا ڏينهن
ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ وارو
زمانو هوندا آهن.“ ڪيترن وڏي عمر جي ماڻهن
انهيءَ ڳالهه جو به اضافو ڪيو ته انهن جي ڏينهن
۾ جڏهن اهي ننڍا هوندا هئا ته اسڪولن ۾ ايتريون
سهوليتون نه هونديون هيون. وڏا ڇوڪرا ننڍن کي
تنگ ڪندا هئا، کاڌو اڻپورو ملندو هو ۽ ٿڌ جي سبب
ٿانون ۾ پاڻي ڄمي ويندو هو ۽ ڇوڪرن کي هر روز
صبح جو برف کي ڌڪ هڻي ڪُٽي پاڻي ڪڍڻو پوندو هو
(اهو ڪم مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪٿي به ٿيندي نه
ڏٺو). پر هاڻي هر ڳالهه تبديل ٿي وئي آهي.
اسڪولي زندگي هاڻي ته ڄڻ هڪ ڊگهو مهمانيءَ جو
دور ٿي پئي آهي، سڀئي ڇوڪرا ان مان مزو وٺن ٿا.
مونکي ٻڌايو ويو هو ته مون کان ڪي ٿورا وڏا
منهنجا سؤٽ ماسات موڪلن ۾ گهر اچي ڏاڍو پريشان
ٿي پوندا هئا. انهن سوٽن ماساتن کان جڏهن آڏي
پڇا ڪئي وئي ته انهن انهيءَ حقيقت جي تصديق ته
نه ڪئي پر ڏندڙا ڪڍي کِلندا رهيا. بهرحال انهيءَ
معاملي ۾ منهنجو ڪو به وس نه ٿي هليو. مونکي
ڏاڍيون طاقتور لهرون تيزيءَ سان اڳتي ڌڪينديون
رهيون. جهڙيءَ طرح منهنجي دنيا ۾ اچڻ بابت مون
کان ڪو صلاح مشورو نه ورتو ويو هو اهڙي طرح گهر
ڇڏڻ بابت به مون سان ڪا مشاورت نه ڪئي ويئي.
اسڪول وڃڻ لاءِ گهربل شين جي خريداري به ڏاڍو دلچسپ مرحلو هئي.
ٻين شين سان گڏ جورابن جا به پورا چوڏهن جوڙا
لسٽ ۾ شامل هئا. مسز ايوريسٽ جي خيال ۾ اها تمام
فضول خرچي هئي. هن چيو ٿي ته سنڀال ڪرڻ سان ڏهه
جوڙا به سٺو ڪم ڏئي ويندا. ته به ضرورت کان ڪجهه
وڌيڪ شيون موجود هئڻ چڱي ڳالهه هئي ۽ جيئن ماڻهو
پير آلا ڪري ويهڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ وڏن
خطرن کان بچي سگهي.
آخرڪار مقرر ڏينهن اچي پهتو. منهنجي ماءُ مونکي هڪ گهوڙي گاڏيءَ
۾ چاڙهي اسٽيشن وٺي هلي. هن مونکي ٽي هاف ڪرائون[3]
ڏنا جيڪي مون گاڏيءَ جي فرش تي ڪيرائي وڌا. اهي
ڳولهڻ لاءِ اسان کي فرش تي موجود ڪکن ڪانن ۾
ڏاڍا ٿاڦوڙا هڻڻا پيا. اسين اسٽيشن تي به نِد
وقت تي اچي پهتاسين نه ته ريل گاڏي نڪري وڃي ها.
اها جيڪڏهن نڪري وڃي ها ته ڄڻ ته دنيا پڄاڻيءَ
تي پهچي وڃي ها. بهرحال گاڏي اسان کان نڪري نه
وئي ۽ دنيا جو سلسلو به جاري رهيو.
منهنجي ماءُ پيءُ منهنجي تعليم لاءِ ملڪ جو سڀ کان مهانگو ۽ سڀ
کان فيشني اسڪول چونڊيو هو. اتان جو بندوبست (هڪ
ٻئي ناليواري اسڪول) ايٽن جي خرز تي هو ۽ انهيءَ
جو مقصد به اهو ئي هو ته جيئن ٻارن کي ايٽن لاءِ
تيار ڪيو وڃي. اسڪولن ۾ انهيءَ کي حرف آخر
سمجهيو ويندو هو. هر ڪلاس ۾ فقط ڏهه ڇوڪرا. بجلي
(تڏهن اها هڪ عجوبو سمجهي ويندي هئي). سئمنگ
پول، فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جا وسيع ميدان، هر ٽرم ۾
اسڪول طرفان ٻه تفريحي دورا، سڀئي استاد پنهنجن
پنهنجن مضمونن ۾ ايم اي ۽ گائون ۽ ٽوپلن سان،
اسڪول کي پنهنجو گرجا گهر ۽ اختيارين طرفان هر
شي جي دستيابي تنهنڪري گهران کائڻ پيئڻ جي شين
جا ٽوڪرا اچڻ جي اجازت نه هوندي. اسين نومبر
مهيني جي هڪ اونداهي شام جو انهيءَ اداري ۾
پهتاسين. هيڊ ماسٽر سان گڏجي چانهه پيتي جنهن
سان منهنجي ماءُ تمام سهوليت سان گفتگو ڪندي
رهي. منهنجو ذهن وري انهيءَ ڊپ ۾ ورتو پيو هو ته
ڪٿي ڪوپ مان چانهه هاري شروعات ئي خراب نه ڪري
وجهان. مونکي اهو خيال به پريشان ڪري رهيو هو ته
آءٌ ايتري وڏي ۽ ڀوائتي جاءِ ۾ ايترن اجنبي
ماڻهن ۾ اڪيلو رهجي ويندس. اڃان ته منهنجي عمر
ست ورهيه ئي هئي ۽ آءٌ پنهنجي نرسريءَ ۾ پنهنجن
رانديڪن سان ڏاڍو خوش گذاريندو هوس. منهنجا
رانديڪا به ڏاڍا وڻندڙ هوندا هئا: ٻاڦ تي هلندڙ
سچي پچي انجڻ، جادوئي لالٽين ۽ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ
فوجي سپاهي. هاڻي منهنجو واسطو فقط سبقن سان
هوندو اڌ موڪل وارن ڏينهن کان سواءِ هر روز ست
يا اٺ ڪلاڪ سبق ۽ باقي ڪرڪيٽ يا فوٽ بال.
جڏهن منهنجي ماءُ جي واپس ويندڙ گاڏي جي ڦيٿن جو آخري آواز به
ختم ٿي ويو ته هيڊماسٽر مونکي پنهنجا پئسا پاڻ
وٽ جمع ڪرائڻ جو چيو. مون پنهنجا ٽي هاف ڪرائون
ڪڍيا جن جي هن هڪ رجسٽر ۾ داخلا رکي ۽ مونکي
ٻڌايو ته اسڪول ۾ وقت بوقت هڪ دڪان لڳندو جنهن ۾
هر قسم جون وڻندڙ شيون موجود هونديون اتان آءٌ
مقرر پئسن ۾ پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪري
سگهندس. پوءِ اسين هيڊماستر جي ڪمري ۽ عمارت جي
آرامده حصي مان نڪري شاگردن جي تعليم ۽ رهائش
لاءِ مخصوص عمارت جي اڻ وڻندڙ حصن ۾ آياسين.
مونکي هڪ ڪلاس ۾ وٺي وڃي هڪ ڊيسڪ تي ويهڻ جو چيو
ويو. انهيءَ وقت ٻيا سڀ ڇوڪرا ٻاهر ويل هئا ۽
آءٌ استاد سان اڪيلو ويٺو هوس. هو هڪ سنهو سائي
ميرانجهڙي پوش وارو ڪتاب کڻي آيو جيڪو مختلف
ننڍي ۽ وڏي ٽائيپ جي لفظن سان ڀريل هو.
”تون اڳ ۾ لاطيني ته نه پڙهيو آهين ڪِي پڙهيو آهين؟“ هن پڇيو:
”نه سائين.“
”هي لاطيني گرامر آهي.“ هن ڪتاب جا ورق اٿلايا ۽ جتان گهڻو
کلندو هو اهو صفحو کولي رکيائين. ”توکي هي شيون
ياد ڪرڻيون پونديون.“ هن سٽن جي هڪ فريم ۾ ڪيترن
ئي لفظن ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”آءٌ اڌ ڪلاڪ ۾
واپس اچي ڏسندس ته تون ڇا ياد ڪيو آهي!“
منهنجي حالت جو ٿورو اندازو ڪريو ته هڪ اداس شام جو ڏکندڙ دل
سان لاطيني جو پهريون گردان پنهنجي سامهون کوليو
ويٺو هوس:
A table |
Mensa |
O table |
Mensa |
A table |
Mensam |
Of a table |
Mensae |
To or for a table |
Mensae |
By, with or from a table |
Mensa |
انهن لفظن جي آخر معنى ڇا آهي؟ انهن جو ڪهڙو مطلب آهي؟ مونکي
اهي سڀ شيون ڏاڍيون بي معنى لڳي رهيون هيون.
بهرحال هڪ ڳالهه هئي جيڪا آءٌ ڪهڙي به حالت ۾
ڪري سگهيس ٿي. اها هئي ياد ڪرڻ. تنهنڪري آءٌ
شروع ٿي ويس ۽ پنهنجن نجي ڏکن ۽ غمن جي بار
هوندي جيترو مون کان ٿي سگهيو پنهنجي حوالي ڪيل
اهو معما ڏسڻ ۾ ايندڙ ڪم ياد ڪرڻ لڳي ويس.
استاد پوري وقت تي موٽي آيو.
”ڪم ياد ڪيو اٿئي؟“ هن پڇيو:
”سائين منهنجي خيال ۾ آءٌ اهو ٻڌائي سگهان ٿو“ مون ورندي ڏني ۽
لَس پڙهي ويس. هو انهي تي ايترو مطمئن نظر آيو
جو منهنجي دل به مضبوط ٿي وئي ۽ هڪ سوال پڇي
ويٺس.
”انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي سائين؟“
انهن لفظن جو مطلب لفظن مان صاف ظاهر آهي. مينسا هڪ ٽيبل، مينسا
پهرين گردان جو اسم آهي. جملي پنج گردان هوندا
آهن. تون پهرئين گردان جو واحد صيغو ياد ڪري
ورتو آهي.
پر مون وري پنهنجو سوال ورجايو ”انهن جو مطلب ڇا آهي؟“
”مينسا معنى هڪ ٽيبل“ هن وراڻيو.
”پوءِ مينسا جي معنى او ٽيبل ڪيئن ٿي؟“ مون پڇيو ”۽ او ٽيبل جو
مطلب ڇا آهي؟“
مينسا، او ٽيبل ندائي صورت آهي.“ هن جواب ڏنو.
”پر، او ٽيبل ڇو؟“ منهنجي هوران کورا حقيقي هئي، تنهنڪري پُڇ
پُڇ جاري رکيو آيس.
”او ٽيبل، اهي لفظ تون ٽيبل کي مخاطب ٿيڻ وقت ڪم آڻيندين“ ۽
جڏهن ڏٺائين ته آءٌ سندس ڳالهه نه ٿو سمجهان ته
چيائين ”تون اهي لفظ ٽيبل سان ڳالهائڻ وقت ڪم
آڻيندين.“
” پر آءٌ ته ٽيبل سان ڳالهائيندو ئي نه آهيان“. حيرت ۾ ٻڏندي
فوراً ڳالهائي ويٺس.
”جيڪڏهن گستاخ ٿيندين ته سزائون کائيندين ۽ آءٌ توکي ٻڌائي
ڇڏيان ته سزائون به ڏاڍيون سخت کائيندين“ اهو
سندس حتمي جواب هو.
ڪلاسيڪي ادب سان اهو منهنجو پهريون تعارف هو. جنهن مان مونکي
ٻڌايو ويو هو ته اسان جن ڪيترن ئي هوشيار ماڻهن
تمام گهڻو سڪون ۽ فائدو حاصل ڪيو آهي.
سينٽ جيمس اسڪول ۾ ڪلاس جي استاد جا سزا بابت رايا ڪنهن به لحاظ
کان بي بنياد نه هئا. ايٽن اسڪول جي طرز تي لڪڻن
سان مار انهيءَ نصاب جو اهم حصو هئي. پر مونکي
پڪ آهي ته منهنجي دور جي ايٽن ۽ هيرو
(Harrow)
جي ڪنهن به ڇوڪري ڪڏهن به ايتري بيرحمي سان لڪڻن
سان مار نه کاڌي هوندي جيترو اسان جو هيڊ ماستر
پنهنجي سنڀال هيٺ رهندڙ ننڍڙن ڇوڪرن کي ڏيڻ جو
عادي هوندو هو. اتي ڏنيون ويندڙ سزائون ايتريون
ته سخت هونديون هيون جو ايتري سختي وزارت داخلا
هيٺ هلندڙ اصلاح گهرن
(Reformatories)
۾ به برداشت نه ٿي سگهي ها. مون پوءِ جي زندگي ۾
جيڪو اڀياس ڪيو آهي انهيءَ جي مدد سان سندس مزاج
جو ڪجهه سبب معلوم ٿي سگهي ٿو. اتي هر مهيني ۾
ٻه يا ٽي دفعا اسڪول جا سڀ شاگرد لائبريريءَ ۾
قطارون ٺاهي ويهاريا ويندا هئا ۽ انهن مان هڪ يا
هڪ کان وڌيڪ ڏوهارين کي هيڊ
(Head)
ڇوڪرا ڀر واري ڪمري ۾ گهلي کڻي ويندا هئا ۽ انهن
جي جسم مان رت وهي هلڻ تائين انهن کي لڪڻن سان
مار ڏني ويندي هئي جڏهن ته باقي سڀ ڇوڪرا انهن
جون دانهون ويٺا ٻڌندا ۽ ڏڪندا هئا. گرجا گهر ۾
ٿوري ٿوري وقفي سان ٿيندڙ عبادتن جي ذريعي اصلاح
جي انهيءَ طريقي ۾ وڌيڪ پختگي پيدا ڪئي ويندي
هئي. اهي عبادتون ڪنهن حد تائين انگلينڊ جي هاءِ
چرچ فرقي مطابق هونديون هيون.[4]
مسز ايوريسٽ پوپ جي بلڪل خلاف هوندي هئي ۽ چوندي
هئي ته پوپ حقيقت ۾ آئرلينڊ جي فينين جو حامي
آهي. هوءَ پاڻ لو چرچ
(Low Church)
جي حامي هئي.[5]
هوءَ جيئن ته ريتن رسمن ۽ آرائشي شين کي ناپسند
ڪندي هئي. ۽ پاپاء روم بابت سندس راءِ ته بلڪل
چڱي نه هوندي هئي تنهنڪري آءٌ به انهيءَ شخصيت ۽
انهيءَ سان لاڳاپيل سمجهيا ويندڙ سڀني مذهبي
عملن جي خلاف ٿي پيو هوس. تنهنڪري مون انهيءَ
موڙ تي پنهنجي تعليم جي روحاني رُخ مان گهڻو
سُڪون حاصل نه ڪيو. ٻئي طرف آءٌ زندگي جي غير
مذهبي رخ جي مڪمل تجربن مان گذريس.
آءٌ انهيءَ اسڪول کي ڏاڍو ناپسند ڪندو هوس ۽ اتي مون پنهنجي
زندگيءَ جو ٻن ورهين کان وڌيڪ عرصو ڏاڍي فڪر ۽
پريشانيءَ ۾ گذاريو. مون پنهنجن سبقن ۾ بنهه
ٿوري اڳڀرائي حاصل ڪئي ۽ راندين ۾ ته ڪنهن به
لحاظ کان اڳتي نه وڌي سگهيس. آءٌ هر ٽرم جي
پُڄاڻيءَ تي پهچڻ جا ڏينهن ۽ ڪلاڪ پيو ڳڻيندو
هوس. ته ڪڏهن آءٌ هن نفرت جهڙي غلاميءَ مان نڪري
گهر موٽندس ۽ پنهنجن سپاهين کي نرسري جي فرش تي
جنگي ترتيب ۾ بيهاريندس. انهن ڏينهن ۾ مونکي سڀ
کان وڌيڪ خوشي ڪتابن پڙهڻ مان ملندي هئي. آءٌ
ساڍن نون سالن جي ڄمار جو هوس ته منهنجي پيءُ
مونکي ”خزاني وارو ٻيٽ“[6]
(Treasure Island)
ڪتاب آڻي ڏنو ۽ جنهن خوشي ۽ سرور ۾ مون اهو پڙهي
چٽ ڪري ورتو هو اها مونکي اڃان تائين ياد آهي.
منهنجا استاد مونکي ساڳئي وقت تعليمي لحاظ کان
پٺتي پيل به ته سمجهه ۾ پنهنجي عمر کان وڏو به
سمهجندا هئا جيڪو پنهنجي عمر جي لحاظ کان وڏا
ڪتاب پڙهي ٿو ته به ڪلاس ۾ سڀ کان آخر ۾ آهي.
انهيءَ تي اهي ڪاوڙجي پوندا هئا. زور ۽ زبردستي
ڪرڻ جا تمام گهڻا وسيلا انهن جي پهچ ۾ هوندا هئا
پر آءٌ به پنهنجي ڳالهه تي پڪو هوندو هئس. جن
ڳالهين ۾ منهنجي سوچ، تخيل يا دلچسپي شامل نه
هوندي هئي اهي سکڻ نه چاهيندو هئس يا سکي نه
سگهندو هوس. آءٌ جيڪي ٻارنهن سال اسڪول ۾ رهيس
انهن دوران ڪير به مون کان لاطيني جو هڪ به شعر
يا يوناني الف ب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به لکرائي
نه سگهيو. آءٌ پاڻ کي ڪنهن به لحاظ کان انهيءَ
الزام کان آجو قرار نه ٿو ڏيان ته منهنجن مائٽن
ايترا خرچ ڪري مون کي جيڪي وسيلا مهيا ڪري ڏنا ۽
جن ڏانهن منهنجي استادن زور زبردستي ڪري منهنجي
توجهه ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي اهي مون بيوقوفي ڪري
وڃائي ڇڏيا. مونکي جيڪڏهن قديم دور جي ماڻهن سان
سندن گرامر ۽ نحو بجاءِ سندن تاريخ ۽ رسم رواج
ذريعي متعارف ڪرايو وڃي ها منهنجو رڪارڊ شايد
بهتر هجي ها!.
سينٽ جيمس اسڪول ۾ منهنجي صحت خراب ٿي وئي. آخرڪار هڪ شديد
بيماريءَ کانپوءِ منهنجا مائٽ مونکي اتان ڪڍي
ويا. اسانجو فيملي ڊاڪٽر رابسن روز
(Robson Rose)
تن ڏينهن ۾ برئيٽن
(Brighton)
۾ پريڪٽس ڪندو هو. جيئن ته مونکي هاڻي تمام
ڪمزور سمجهيو ٿي ويو تنهنڪري منهنجو سندس لاڳيتي
سار سنڀال هيٺ رهڻ بهتر سمجهيو ويو. تنهن کان
پوءِ 1883ع ۾ مونکي برائيٽن جي هڪ اسڪول ۾ بدلي
ڪرايو ويو جيڪو ٻه عورتون هلائينديون هيون. مون
جيڪو اسڪول ڇڏيو هو هيءُ انهيءَ کان ننڍو هو.
اهو سستو به هو ۽ ڏيڪ ويک جي لحاظ کان به هن کان
گهٽ هو. پر اُتي جيڪو همدردي ۽ شفقت وارو عنصر
هو انهيءَ جو مون پنهنجن پهرين تجربن ۾ بلڪل
فقدان ڏٺو هو. هتي آءٌ ٽي سال رهيس ۽ آءٌ جيئن
ته ڊبل نمونيا جي حملي کان مرندي مرندي بچيو هوس
پر اتان جي فرحت بخش آبهوا ۽ آرامده ماحول
بتدريج ڪافي مضبوط ۽ توانو ٿي پيس. انهيءَ اسڪول
۾ مونکي اهي شيون سکڻ جي آزادي هئي جن ۾ منهنجي
تمام گهڻي دلچسپي هئي يعني فرانسي ٻولي، تاريخ،
گهڻي کان گهڻي شاعري ياد ڪرڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته
گهوڙيسواري ۽ سئمنگ. منهنجي ذهن ۾ انهن سالن جي
تاثر جي هڪ خوشگوار تصوير آهي جڏهن ته منهنجون
شروعاتي اسڪول جي ڏينهن واريون يادگيريون انهيءَ
تصوير جي بلڪل برعڪس آهي.
مسز ايوريسٽ کان پرايل لو چرچ جي اصولن ڏانهن منهنجي لاڙي مونکي
اُتي هڪ مشڪل صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو. اسين برائيٽن
۾ گهڻو ڪري چيپل رائيل
(Chapal Royal)
۾ عبادت لاءِ ويندا هئاسين. هتي اسڪول جي شاگردن
کي اتر کان ڏکڻ قطار ۾ رکيل بينچن تي ويهاريو
ويندو هو. نتيجي طور جڏهن
Apostle’s Creed
پڙهي ويندي هئي ته سڀئي ماڻهو اوڀر ڏانهن منهن
ڪري بيهندا هئا. مونکي پڪ هئي ته مسز ايوريسٽ
انهيءَ ڳالهه کي پوپ جي پيروي تصور ڪري ها.
تنهنڪري مون انهيءَ جي ابتڙ عمل ڪرڻ کي پنهنجو
فرض سمجهيو ۽ بت بڻيو سامهون منهن ڪيون بيٺو
رهيس. مونکي خبر هئي ته مون هڪ هلچل مچائي ڇڏي
هئي. تنهنڪري پاڻ کي شهادت لاءِ تيار ڪري ڇڏيو.
بهرحال اسين جڏهن اسڪول پهتاسين ته منهنجي طرز
عمل تي ڪنهن به قسم جي ٽيڪا ٽپڻي نه ڪئي وئي.
آءٌ بلڪل مايوس ٿي ويس ۽ پنهنجي عقيدي جي اڃان
وڌيڪ اظهار جو انتظار ڪرڻ لڳس. پر جڏهن وري اهو
موقعو آيو ۽ اسين ساڳئي گرجا گهر وياسين ته اسان
کي مختلف بينچن تي ويهاريو ويو جن جو منهن اوڀر
طرف هو. تنهنڪري جڏهن
Creed
پڙهڻ جو وقت آيو ته اسان مان ڪنهن کي به ڪجهه
ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي. هاڻي آءٌ منجهي پيس ته
مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي جو هاڻي اوڀر کان ڦري ٻئي
پاسي منهن ڪرڻ اجائي شدت پسندي ڏسڻ ۾ اچي ها.
حقيقت اها آهي ته آءٌ اهڙي قدم کي جائز ۽ واجبي
سمجهي ئي نه ٿي سگهيس. تنهنڪري آءٌ چاهيندي نه
چاهيندي به روايتن جو پيروڪار
(Conformist)
ٿي پيس.
انهن پيرسن عورتن منهنجن احساسن جو اهڙي نزاڪت سان خيال رکي وڏي
سوچ ۽ هوشياريءَ جو مظاهرو ڪيو هو. اهڙيءَ خيال
۽ اوني جا نتيجا به اهڙا ئي نڪتا. انهيءَ کان
پوءِ اهڙي ڪنهن به ڳالهه تي نه مون پاڻ کي ڪا
تڪليف آئي آهي ۽ نه ئي مون ٻئي ڪنهن کي ڏني آهي.
جڏهن ڪير به منهنجي آڏو نه آيو ۽ ڪنهن به برو
سلوڪ نه ڪيو ته مون به وسيع نظر رواداري ۽ مڃيل
مذهبي روايت
(Orthodoxy)
جي آڏو سر جهڪائي ڇڏيو.